سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :22

 

هچڪـِـي (1)

هيءُ گيت سنڌ جي ٿر واري ڀاڱي ۾ عام رائج آهي. اڪثر تازو پرڻيل ڪنوارون، هيءُ گيت  ”سانوڻ ٽيج“  تي ڳائينديون آهن. هيءُ مزاحيه گيت آهي، جنهن ۾ نـُـنهن پنهنجيءَ سس کي چوي ٿي ته: الائجي ڇو تنهنجو پٽ مون کان پري پري پيو هلي، ساڻس روبرو ٿيندي ڊپ کان دل ڌڙڪيم ٿي. وري پنهنجي مڙس کان ٻاهر وڃڻ جي موڪل گهري ٿي، ۽ پوءِ ماءُ ڏانهن نياپو موڪلي ٿي ته: منهنجي ڀاءُ کي موڪل ته مونکي وٺي وڃي. هن گيت جي هڪ روايت ملي، جا هيٺ ڏجي ٿي.

وراڻي:  اوٽي مٿي اِينگـِـڻـِـي ني گـِـريو گـِـريو جائي،

 

(اڱڻ تي اِينگڻي جو ٻـُـوٽو ڪريو پوي)
ساسو ٿانرو ڏِيڪرو ني ٽـَـريو ٽـَـريو جائي،
(اي سس تنهنجو پٽ پاسو ڏيو وڃي)
ري ويرڻ هـِـچڪـِـي، هيرونڙو هـِـچڪـِـي،
(مون کي ڏاڍو ڊپ ٿو ٿئي)
سامـِـريو چـِـتاري هچڪي، مورِيڙو چتاري.
(منهنجو مور جهڙو سهڻو مڙس ياد ڪري ٿو)
اَسـِـي ڪـَـرِي رو گهاگهروني ڦيرا ڏيتـِـي جائي،
(اسي  ”ڪرين“  جو پڙو آهي، ڦيرا ڏيندي وڃي)
اڳيان صاحٻو سامهون آيو، مانري ڇاتي ڌڙڪا کائي ري،
(مڙس سامهون آيو، منهنجي ڇاتي ڊپ کان ڌڙڪي)

 

ويرڻ هچڪي، هيرونڙو هچڪي...

ڏورو ڦڻي هاٿ ۾، سـِـيس گـُـونٿاوڻ جائي،
(ڌاڳو ۽ ڦڻي هٿ ۾ آهن، مٿو ويڙهائڻ وڃي ٿي)
اڳيان صاحٻو سامهون آيو، مانرِي ڇاتي ڌڙڪا کائي ري،
(مڙس سامهون آيو، منهنجي ڇاتي ڊپ کان ڌڙڪي)

 

ويرڻ هچڪي، هيرونڙو هچڪي...

اَلـِـي ٻورلو هاٿ ۾، ٽـِـيلڙِي چـُـهپائـِـڻ جائي،
( ”اَلـِـي“   ”ٻورلو“  کڻي ٽـِـيلڙي چنبڙائڻ وڃي ٿي)
اڳيان صاحٻو سامهون آيو، مانري ڇاتي ڌڙڪا کائي ري.
(اڳ ۾ مڙس سامهون آيو، منهنجي ڇاتي ڌڙڪي ٿي)

 

ويرڻ هچڪي، هيرونڙو هچڪي...

ننڍيو وِيرو، موٽو وِيرو، منان تيڙو ميلهي،
(ننڍو ڀاءُ ۽ وڏو ڀاءُ مونکي ڪوٺڻ لاءِ موڪلج)
ٻاپا ٿانري ڌيوڙي پرديسڻ هوئي ري،
(اي بابا تنهنجي ڌيءَ پرديسڻ آهي)

 

ويرڻ هچڪي، هيرونڙو هچڪي...

ماتا مانري باڀل مانري، پانچ پائلين لـَـڏُو واٽيا،
(اي امڙ! منهنجي ڀاڀي، پنجن پاٽين جا لڏوُن ٺاهيا آهن)
مانري باڀل راضي موڪل ڏيئي ري،
(اي ڀاڀي خوشيءَ سان موڪل ڏج)

 

ويرڻ هچڪي، هيرونڙو هچڪي...

سهيلين اُوڀين ساڏ ڪرين، هـُـون رَمـَـت رمڻ جائون،
(منهنجون سرتيون بيٺيون سڏ ڪن، آءٌ راند ڪرڻ وڃان)
بالم مانرا راضي موڪل ڏيئي ري،
(اي ڀتار خوشيءَ سان موڪل ڏي)

 

ويرڻ هچڪي، هيرونڙو هچڪي...

روُپي ڪيري چڙوسـِـلي، سوني ڪيري ڏور،
(رُپي جي چـَـڙَهي، ۽ سون رسي ٺهيل آهي)
صاحٻا! گاگرو موريو ڏيئي ري،
(کوهه تي پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃان ٿي ته گگر موريو ڏج)

 

ويرڻ هچڪي، هيرونڙو هچڪي...

 

---------

 

 

پڻهاري

هيءُ گيت سنڌ جي ٿرپارڪر واري حـصي جو عام مشهور گيت آهي.  ”پڻهاري“  معنيٰ  ”پاڻي ڀرڻ واري عورت“  برسات جي مند ۾ جڏهن تـَـل تـَـرايون، مينهن جي پاڻيءَ سان ڀرجي تار ٿين، تڏهن پندرهن، ويهه يا اڃان به گهڻيون زالون گڏجي، هار سينگار ڪري، ٽوليون ٽوليون ٿي پاڻي ڀرڻ وڃن ۽ ان وقت  ”پڻهاري“  گيت آلاپين.

مضمون جي لحاظ کان مڙس ۽ زال جي محبت، هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. مثلاً هڪ سهاڳڻ جو وَرُ ڪيترن سالن کان پرديس ويل آهي. برسات جي موسم ۾ هوءَ ستن سهيلين سان گڏجي، پاڻي ڀرڻ لاءِ تلاءَ تي وڃي ٿي. ٻين سهيلين نوان ڪپڙا ۽ هار سينگار ڪيا آهن، پر هيءَ ويچاري ميرن ڪپڙن ۽ اَڻڀن وارن سان آهي. چوطرف گاهه گلزار ڏسي، هوءَ اُداس ٿي، تلاءَ جي ڪپ تي ويهي رهي ٿي. ٻيون سهيليون گهڙا ڀري هليون ويون. ڳچ وقت کان پوءِ هيءَ به گهر ڏانهن موٽڻ لاءِ اُٿي، پر ڀريل گهڙو کڻي نه سگهي. ايتري ۾ پريان ڪو اوٺي ايندو ڏٺائين، جو پڻ اچي تلاءَ تي لٿو ۽ سندس سونهن تي موهت ٿي پيو. اوٺيءَ مَيرنَ ڪپڙن ۽ اُداسائيءَ جو سبب پڇيس. جواب ڏنائين ته: پيارو وَر پرديس ويل اٿم، ان لاءِ اُٻاڻڪي آهيان. تنهن تي هن صلاح ڏنيس ته: گهڙو اتي ئي ڇڏي، مون سان گڏجي هل ته توکي هار سينگار ڪرايان. هن اوپري شخص جي انهيءَ ڳالهاءِ تي، هيءَ ڇوڪري کيس دڙڪا ڏيئي، ڪاوڙ ڪري گهر ڏانهن موٽي. سس جي پڇڻ تي کيس اوٺيءَ جا پار پتا ٻڌايائين، جنهن تي هن چيس ته: اهو تنهنجو ور آهي ۽ گهڻي عرصي گذرڻ ڪري اوهان هڪٻئي کي نه سڃاتو آهي.

هن گيت جون ٿرپارڪر مان ٽي روايتون مليون، جي هيٺ ڏجن ٿيون.

 

(1)

ست سهيليان رو جـُـهولرو، پڻهاري هي لو-
(ست سهيليون گڏجي تلاءَ تي ويون آهن)

 

اي گورل گئي تلاءُ، ساهٻو...

(۽ هيءَ گورل پڻ تلاءَ تي ويئي)

سـَـتان ري ڪجل ٽـِـڪڙين، پڻهاري هي لو-
(ستن ئي کي ڪجل جا ٽـِـڪڙا آهن)

 

اي گورل را ڦـِـڪا پنبڻ، ساهٻو...

(پر گورل جا پنبڻ پڪا آهن)

سـَـتان ري اوڍڻ چونـَـڙي، پڻهاري هي لو-
(ستن ئي کي ريشمي وڳا پهريل آهن)

 

اي گورل رو ميلو ويس، ساهٻو...

(پر گوريءَ جو ويس ميرو آهي)

ستان رو ساهٻو گهـَـري وسي، پڻهاري هي لو-
(ستن ئي جا مڙس گهرن ۾ رهن ٿا)

 

اي گورل رو وسي پرديس، ساهٻو...

(پر گورل جو محبوب پرديس ۾)

ست سهيلي پاڻي ڀرڻ هلي ري، پڻهاري هي لو-
(ست سهيليون پاڻي ڀري هليون)

 

گورل رهيو ڙي تلاءُ، ساهٻو...

(پر گوري تلاءُ تي ئي رهجي ويئي)

پار اُوڀو ايڪ راجـَـوِي، پڻهاري هي لو-
(ڪپ تي هڪ ماڻهو بيٺل ڏسي چيائين)

 

ڀـَـريوڙو مـَـٽَ اُپڙاوَ، ساهٻو...

(ته مون کي هيءُ ڀريل مٽ کڻاءِ)

ڀريل مـَـٽ نه اُپڙي گوري، پڻهاري هي لو-
(اي گوري ڀريل مٽ نه کڄندو)

 

اَڌ ڪري اُپاڙ، ساهٻو...

(تنهنڪري اڌ ڪري کڻ)

اَڌ مٽ جهـِـل جهـِـٻي ري، پڻهاري هي لو-
(اڌ مٽ مان پاڻي ڇلڪي هاربو)

 

ڀيجي سولهه سنگار، ساهٻو...

(۽ منهنجو سينگار پسي ويندو)

مـَـٽَ پـَـٽوڙ تلاءُ ۾، پڻهاري هي لو-
(مٽ کڻي تلاءُ ۾، اُڇلاءِ)

 

گورل هل هماري ساٿ، ساهٻو...

( ۽ گوري! تون مون سان هل)

ڦـِـٽ پاپي، ڦـِـٽ لوڀي، پڻهاري هي لو-
(اي پاپي، اي لوڀي توکي ڦٺ هجي)

 

تارِي ڄڀ ڪـَـپائون، ساهٻو...

(ترس ته تنهنجي ڄڀ وڍايان)

جو سـُـڻي مانرو ويرو، پڻهاري هي لو-
(جيڪڏهن منهنجو ڀاءُ ٻڌي)

 

تـَـني تکا تير مارسي، ساهٻو...

(ته توکي تکا تير هڻي)

جو سـُـڻي مان جو ٻاپ جي، پڻهاري هي لو-
(جي منهنجو پيءُ ٻڌي وٺي)

 

تـِـنان ديس نيڪالي ڏي، ساهٻو...

(ته توکي ڏيهه نيڪالي ڏئي)


جو سـُـڻي مان جي ماتاڙي، پڻهاري هي لو-
(جيڪڏهن منهنجي ماءُ ٻڌي وٺي)

 

تنان ڀوڄن ۾ وِسَ ڏي، ساهٻو...

(ته توکي کاڌي ۾ زهر وجهي ڏئي)

جو سڻي مان جي ڀاڀي جي، پڻهاري هي لو-
(جيڪڏهن منهنجي ڀاڄائي ٻڌي وٺي)

 

تنان پاڻيءَ ۾ وِسَ ڏي، ساهٻو...

(ته توکي پاڻيءَ ۾ زهر ڏئي)

ڪين گهڙي تنان سلاوٽي، پڻهاري هي لو-
(توکي ڪنهن سنگتراش گهڙيو آهي)

 

ڪين گهڙي لهار، ساهٻو...

(يا توکي لهار ٺاهيو آهي)

نه گهڙي منان سلاوٽي، پڻهاري هي لو-
(نه مون کي سنگتراش گهڙيو آهي)

 

نه گهڙيو منان لهار، ساهٻو...

( ۽ نه وري لهار ٺاهيو آهي)

جنم ڏنو مانهنجي ماتاڙي، پڻهاري هي لو-
(مون کي منهنجيءَ ماءُ ڄڻيو آهي)

 

منان روپ ڏنو ڪرتار، ساهٻو...

(۽ هيءُ روپ مون کي خدا ڏنو آهي)

 

(2)

ڪالي ري ڪاراڻ اُوپڙِي، ري پڻهاري، هي لو-
(اتر تي ڪارن ڪڪرن جي قطار چڙهي آئي آهي)
رم جهم وَرسي مـِـيهه، سيڻولو...
(رم جهم مينهن وسي پيو، او سڄڻ!)

ساتان سهيليان رو جهولرو، ري پڻهاري، هي لو-
(ستن سهيلين جو جهرمٽ هليو، اي پڻهاري)
پاڻي نان گئين تلاءُ، سيڻولو....
(تلاءُ تان پاڻي ڀرڻ ويون)

ساتان نان اوڍڻ چونڙي، ري پڻهاري، هي لو-
(ستن ئي سهيلين سهڻا وڳا ڍڪيا آهن، اي پڻهاري!)
تاري گورل رو ميرو ويس، سيڻولو...
(تنهنجي گوري ميرو ويس پهريو بيٺي آهي)

ساتان سهيليان ري ڪاجل ٽيلڙين، ري پڻهاري، هي لو-
(ستن ئي سهيلين ڪجل ۽ جهومڪ پاتا آهن)
تاري گورل ري لسو للاٽ، سيڻولو...
(پر تنهنجي گوريءَ جو نراڙ ٻـُـسو آهي)

ساتان سهيليان را ساهٻا گهروَسي، ري پڻهاري، هي لو-
(ستن ئي سهيلين جا مڙس گهرن ۾ ويهن ٿا)
گورل رو وسي پرديس، سيڻولو...
(پر گوري جو مڙس پرديس ۾ آهي)

ست ري سهيلين ڀري چالين، ري پڻهاري، هي لو-
(ست ئي سهيليون پاڻي ڀري هليون ويون)
گورل رهيو ڙي لار، سيڻولو...
(پر گورل تلاءَ تي بيهي رهي)

 

پار چڙهي نان جـُـووِيو، ري پڻهاري، هي لو-
(هن تلاءَ جي ڪپ تان پريان نگاهه ڪئي)
ايڪ اوٺيڙو جهـَـپٽيو آوَ، سيڻولو...
(هڪ اوٺي سوار تکو ايندو ڏٺائين)

اُگوڻي ڏِس را اوٺيڙا! پڻهاري، هي لو-
(اوڀر کان ايندڙ اوٺي سوار، اي پڻهاري!)
گهڙو مـَـني اُوپڙاوَ، سيڻولو...
(مون کي گهڙو مٿي تي کڻاءِ)

ڪاهـِـين تون آمڻ ڏومڻي؟ پڻهاري، هي لو-
(تون ڇو غمگين ۽ پريشان آهين؟ اي پڻهاري!)
ڪاهين تو ميلو ويس؟ سيڻولو...
(ڇو تنهنجا ڪپڙا ميرا آهن؟)

ٻـِـيجان را صاحٻا گهر وَسـِـين، اوٺيڙا، هي لو،
(ٻين جا ڀتار گهر رهن ٿا، اي اوٺيڙا!)
پڻهاري رو وسي پرديس، سيڻولو...
(پر منهنجو مڙس پرديس رهي ٿو)

هيل هڻ تون پٽ سين پڻهاري، هي لو-
(تون اها ٻيگهڙ پٽ سان هڻ، اي پڻهاري!)
هل هـَـمـِـيڻي ساٿ، سيڻولو...
(۽ مون سان گڏجي هل)

هيل هميڻـِـي سر سين، اوٺيڙا، هي لو-
(اها ٻيگهڙ ته منهنجي سر سان آهي، اڙي اوٺي!)
نـَـهـِـين هـَـلان تـُـمـِـيڻي ساٿ، سيڻولو...
(آءٌ توسان گڏ نه هلنديس)

 

هلين تو اوڍڙان اوڍَڻ چونڙي، ري پڻهاري، هي لو-
(مون سان هلين ته توکي سهڻي چني ڍڪايان)
هلين تو گهڙاوان نـَـوَ سـَـر هار، سيڻولو...
(۽ توکي نـَـوَ سـَـرو هار گهڙائي ڏيان)

اوڍَڻِ لاوَسي مارو ويرو، ري اوٺيڙا، هي لو-
(مون کي چني ڀاءُ وٺي ڏيندو، اي اوٺيڙا!)
هار گهڙاوَسي ڀرتار، سيڻولو...
(۽ هار گهڙائي ڏيندم ڀتار)

گـوُڙيو نـَـڪـِـي گـَـجيو ماري وَهـُـو، هي لو-
(نڪي جـُـهڙ ٿي، نڪا گجگوڙ، اي نـُـنهن!)
ڪـَـنچيو ڀـِـنو ڪانهـِـين، سيڻولو...
(پوءِ ڪنجرو ڪيئن پسيو؟)

تڙ تي آيو اوٺـِـيڙو، ماري ساسـُـو، هي لو-
(اي سـَـس! کوهه تي هڪڙو اوٺي آيو)
ٻولي اَوَلا ويڻ سيڻولو...
(جنهن اولا ويڻ ڏنا، انهيءَ کان رُني آهيان)

ڪـِـڻ سـَـريکو اوٺي ڦـُـوٽرو، ماري وهـُـو، هي لو-
(اي ننهن! اُهو اوٺي ڪهڙيءَ شڪل جو هو؟)
ڪيري آوي آڻـِـهار؟ سيڻولو...
(۽ اهو ڪنهن جي مهانڊي ٿي ڏٺو)

ڏيوَر سـَـريکو اوٺي ڦوٽرو، ماري ساسو، هي لو-
(اهو اوٺيڙو ته ڏير جي شڪل تي ٿي لڳو)
نيڻند ٻائي ري آوي آڻـِـهار، سيڻولو...
(۽ هوبهو نڻان جي مهانڊي ٿي ڏٺو)

اي تو اوٺي مارو ڏِيڪرو، ري ماري وهو، هي لو-
(اهو اوٺيڙو ته منهنجو پٽ هو، اڙي ننهن!)
اي اوٺي ماري گورل رو ڀرتار، سيڻولو...
(اهو اوٺيڙو منهنجيءَ گورل جو ڀتار هو)

ڀـِـيتر ٻارج ڏِيوَلو، ماري وَهـُـو، هي لو-
(اندر وڃي ڏيو ٻار، اي ننهن!)
کوڻيئي ڍار ڍوليڙو، سيڻولو...
(۽ هن جي لاءِ کٽولو ۽ هنڌ وڇاءِ)

 

(3)

ڪاري ري ڪارَهڻ اُوڀڙي، پڻهاري هي لو-

 

جهرمر برسي مـِـيهه، سيڻا ري لو...

ڀريوڙا ري ٽوڀا، ٻيجي ٽوڀلين، پڻهاري هي لو-

 

ڀريوڙو تگو سر تلاءُ، نيڻان ڀرجو...

سات سهيلين پاڻي سانچري، پڻهاري هي لو-

 

مرگهانيڻي رهيو ڙي لارَ، صاحب جو...

ساتان ري اوڍڻ ساڙون ڏِپـَـٽا، پڻهاري هي لو-

 

هنجر گوري راميلا ويس، صاحب جو...

ساتان ري ٽيلا ٽـِـيٻـَـڪين، پڻهاري هي لو-

 

مرگهانيڻي رو لسڙو للاڙ، صاحب جو...

گهڙو ني ٻوڏي گهاگهر، پڻهاري هي لو-

 

هينڍاڻي ترتر جاءِ، نيڻان ڀري جو...

سات سهيلين پاڻي ڀري وَڍين، پڻهاري هي لو-

 

هنجر گوري رهيو ڙي تلاءُ، صاحب جو...

پار چڙهي گوران ڏي جويو، پڻهاري هي لو-

 

اوٺيڙو جهپٽيو آئي، نيڻان ڀري مت رو...

واٽ واٽهڙو اوٺي ڏوئي ڄڻان، پڻهاري هي لو-

 

منان ڀريوڙي هيلَ کڻاءِ، صاحب جو...

هيل پٽيرو آڇي ريل ۾، پڻهاري هي لو-

 

هالو ني هماري ساٿ، صاحب جو...

ڪهين تو گهڙاڙان واڏلو، پڻهاري هي لو-

 

ڪهين تو گهڙاڙان نوسرو هار، صاحب جو...

اهڙا واڏلا اوٺي گهري گهڻا، پڻهاري هي لو-

 

کـِـيلـِـيئي ٽينگيوڙا هار، صاحب جو...

ڪهين تو گورا ڏي پهيراڙا چوڙلو، هي لو-

 

ڪهين تو اوڍڙ ڏکڻي رو چير، صاحب جو...

چـُـوڙلو پهيراڙي گوراڙي رو صاحٻو، هي لو-

 

چيرا اوڍا ڙي مائو جايو وير، صاحب جو...

ساسـُـو جي وهـِـيتي اوٺي منان اِيان ڪهيئو، هي لو-

 

هالو ني هماري ساٿ، صاحب جو...

ڪڻ ساريکو وهوئر اوٺي ڦوٽرو، پڻهاري هي لو-

 

ڪڻ ري ڪري اَڻهار، صاحب جو...

نـَـڻدل ساريکو ساسو جي اوٺي ڦـُـوٽرو، هي لو-

 

ڏيور ري ڪري اَڻهار، نيڻان ڀرجو...

اوهي بـَـهـُـوئر مانرو ڏيڪرو، پڻهاري هي لو-

اوهي ٿانرو ڀرتار، صاحب جو...

---------


(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(3) هيءَ روايت ٿرپارڪر مان جيسارام کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org