(21)
اُڏر وڃ پکيان! رت رونديان اکيان.
ڇلا ساوا ليـِـمان، يار دي بختين جيوان،
جڏان لائق ٿيوان-
اُڏر وڃ پکيان! رت رونديان اکيان...
ڇلا رنگ برنگي اي، سـُـنگـِـي هيٺ ڦـِـلنگي اي،
جنهن دي ٽوپي ڏنگـِـي اي-
ڀلا يار پکيان! رت رونديان اکيان...
ڇلا پورب پـَـتڻي، جيوي جادُل جـَـتڻي،
جنهن دي نٿَ نچڻـِـي-
اُڏر وڃو ڪونجان، لهن من ديان مونجهان...
ڇلا نـَـو نـَـو نديان، لـَـڙهه تيڏي لڳيان،
لوڪ ڏيندا بديان-
اُڏر وڃو ڪونجان! لهن من ديان مونجهان...
ڇلا دَڙي مـُـڪ دا، سڄڻ وتي لـُـڪدا،
ساهه وڃي سـُـڪدا-
اُڏر وڃو ڪٻران! آڻو يار ديان خبران...
ڇلا ڳـُـڙ دِي ڳوڙهي، يار ويندا ڇوڙي،
جنهن دي ڀلي گهوڙي-
اُڏر وڃ تون ملهالـِـي! جيوي ٻچڙي والي...
ڇلا لاڻي لاڻي، الله تيڪون آڻي،
روندي نيڻ نماڻي-
اُڏر وڃ تون ملهالـِـي! جيوي ٻچڙي والي...
ڇلا ٿوٻي ڪالـِـي، رَن تيرهن تالـِـي،
ويندِي باهـِـين ٻالي-
اُڏر وڃ تون لالـِـي! ڏيکان بينسر والي...
ڇلا نوَ نوَ ويهان، چـَـڪـِـي ٻيٺي پيهان،
ڪـَـران ڪـُـوڪان ڪيـِـهان-
اُڏر وڃ تون هلڙي! ڏُکي ميڏي دِلڙي...
ڇلا نـَـو نـَـو نـَـوڪان، سهڻل تيڏيان ٽوڪان،
چاتـُـم مهڻي موڪان-
اُڏر وڃ تون اِلسي! ڪڏان ڍولڻ ملسـِـي...
ڇلا ڪالا نيلا، واهر ٿي وسيلا،
رنگ ٿي ڳيا پـِـيلا-
اُڏر وڃ تون چـِـيڙي! وڌي يار دي پيڙهي...
ڇلا باهـِـين ٻالي، ماريا ٽوپـِـي والي،
پيران پوڳئي ڇالي-
اُڏر وڃ تون ٻوڙي! ڏيکان يار دي گهوڙي...
ڇلا پاڻي پاڻي، سـِـگها ٿيوي ساڻـِـي
مرشد هي سوڀاڻي-
اُڏر وڃ تون شڪرا! ڪـُـهان ڪالا ٻڪرا...
ڇلا چالان چلدا، ڏِيل وڃي ڏلدا،
سـُـک نهين پل دا-
اُڏر وڃ تون طوطا! ماران غم وچ غوطا...
ڇلا ڳل وچ ڳانـِـي، آوي ميڏا جانـِـي،
ٿيوان اُوندي ٻانهي-
اُڏر وڃ تون ڪبوتر! ڏيکان دل دا دلبر...
ڇلا ڏهه ڏهه داڻي، تيڏي در وڪاڻي،
ساجن تئين ساماڻي-
اُڏر وڃ تون ماکي! ميڏا بڻين ساکي...
(22)
الله يار مـِـليسـِـي، ساري درد وڃيسي.
ڇلا مس هـِـي ڪالـِـي، موهيا بينسر والي،
ٿيان هان مست موالـِـي-
الله يار مـِـليسـِـي، ساري درد وڃيسي...
ڇلا ڪڻڪ ڪانهين، پرين پاتي ٻانهين،
ساڏيان اکيان اوڏاهين-
الله اُنهڪـُـون آڻي، ماريا جنهن دي ماڻي...
ڇلا اَلڙِي ولڙِي، ڀريي يار دي ٻنڙي،
کاسون آڀون ڳـِـنڙي-
الله مينهن وسايا، ڳيا ڏک ڏولاوا...
ڇلا چيچ پاوان، ڪنگڻ ٻانهن لڏاوان،
رٺل يار پرچاوان-
الله ڪري ميلا، آوي يار اَربيلا...
ڇلا ڪالي رات اي، ميڪون تيڏي تات اي،
ميڏي منيل ڏات اي-
الله تيڪون آڻي، ماريا تيڏي ماڻي...
ڇلا ميڏي هٿ دا، جادو لڳا جت دا،
ڪـُـنڍا موڙيس نـَـٿ دا-
الله اُنهڪون آڻي، ميڏي دل پئي تاڻي...
ڇلا دل دا ٺار اي، ڏتا ميڪون يار اي،
يار رهندا پار اي-
الله ڪري آوي، گڏ ماني کاوي...
(23)
تيڏي جيوڻ جائي، راڻي جهوڪ وسائي.
ڇلا ساوا تـُـوت هي، ميڏا يار ملوڪ هي،
اُڀي لمي هـُـوڪ هي-
تيڏي جيوڻ جائي، راڻي جهوڪ وسائي...
ڇلڙا پاڻي پيوي، بينسر والي جيوي،
اساڏا سانگا ٿيوي-
تيڏي در تي کوهه اي، اساڏا بيوس روح اي...
ڇلا مين نه ڏيندِي، گهولي ماءُ مريندِي،
سس طعني ڏيندِي-
تيڏي در تي کوهه اي، ميڏا بيوس روح اي...
ڇلا ٻهون ٻولي، ورهه اندر وچولي،
ساجن ساهه سمولي-
تيڏي در تي آئي هان، تيڏي ورهه وڃائي هان...
ڇلا ڌُون ڌون ڌاڻي، يار ڳئي لاڙڪاڻي،
سڄڻ الله آڻي-
تيڏي سر تي چـُـني، ساڏي آسڙي پـُـني...
(24)
جڏان يار ملسي، دل دا غم لهسي.
ڇلا لـُـڙهيا نـَـئين نال، رَلي وتان تـَـئين نال،
جهگا ٻـَـن پيا سئين نال-
ناتا، نا تون ٽوڙين، ڇـَـن، نا تون ڇوڙين...
ڇلا هوڏي هوڏي، سڄڻ ميڏا اوڏي،
کڙا ڪوڏر لوڏي-
جڏان يار مـِـلسي، دل دا غم لهسـِـي...
ڇلا چٽي چاندي، نيڻين ننڊ نه آندي،
توڙي ٻانهن سيراندي-
کڙي رڙان رووان، رووان منهن ڪون ڌووان...
ڇلا هي اُداسي، ميڏا يار سناسي،
جنهن دي ما نه ماسي-
ويڙهي تنهن دي گهاران، موڙي رب مهاران...
ڇلا ٻلدي باهه اي، لولي ڏتي ما اي،
گهتيا ساهه خدا اي-
پلئه تـَـئين نال اَڙيا، ميڏا جيءَ جـَـڙيا...
ڇلا اولي گهولي، پاوان پـَـٽ دي چولي،
جاني جهـُـلاوان جهولي-
ٻيٺـِـي ڏيوان لوڏي، اُهندا سـِـر چا گوڏي...
ڇلا هٿ دي هاج اي، وسدي نئين گاج اي،
جنهن تي پلدا راڄ اي-
ميڏا مور اُٿاهين، گهـِـنا ڏيسي ٻانهـِـين...
ڇلا ساوا گاهه اي، اُهندي نال نڪاح اي،
پڙهيا محمد شاهه اي-
هووي يار راضي، ڪريسـِـين ڪيا قاضي...
ڇلي ڏون گهڙاوان، هڪ چيچ پاوان،
ٻيا رٺل پرچاوان-
ميڏي ڪول ميار اي، رٺا تڏان يار اي...
ڇلا ٽوٽي ٽوٽي، گهـِـنان لؤنگ ڦوٽي،
گهتان يار دي چوٽي،
ڦڻي تنهن ڪون ڏيوان، کڙي ڳيت ڳاوان...
ڇلا ڳيان پار اي، سهڻا ميڏا يار اي،
ڳڌي آندا هار اي-
جاني ميڏا جت اي، جنهن تي ميڏي پت اي...
ڇلا چا ڏي ميڪون، دلڙي ڏيوان تيڪون،
ٻـَـن گهـَـتان ٻئي ڪـُـون-
لهان تئين نال لاوان، گڏ ٻهان کاوان...
ڇلا دل دِي تانگهه اي، سهڻل ڳيا سانگ اي،
ڏِتي مـُـلان ٻانگ اي-
ٻيٺي ٻيلڻ ڳاوان، گهـُـران: روز دعاوان...
ڇلا آوي جاوي، ٻيٺي ڦالان پاوي،
شالا يار آوي-
جنهن دي ميڪون تات اي، روندي گذري رات اي...
(25)
ڇلا کنوڻ کيوي، سهڻا سڄڻ جيوي،
وارث ميڏا ٿيوي-
آوي محب سدائي لوڪان ڪل نه ڪائي...
ڇلا ڌڙڪ ڌَئيان، ڏاڍي بيوس ٿئي هان،
تيڏي پيش پئي هان-
ميڏي حاضر عرضي، اڳـُـون آپ دي مرضي...
ڇلا ڪـِـر پيا ٿالهي، اک هي هميشه آلـِـي،
نازڪ ڏتي نيڪالي-
قياس نه ڪجهه ڪيتا، ميڏا صبر نيتا...
ڇلا آر پار دا، ڪـُـنا چاڙهيم کار دا،
چولا رهه ڳيا يار دا-
يارڻ! رنج نه ٿيوين، ميڏي عيب ڪڄيوين...
ڇلا جوڙ تي پاوان، سـُـرما پا ڏِکاوان،
ڪيوين آوان جاوان-
چـُـغل ميڏي چاري هـِـن، گهمندي روز چوڌاري
هـِـن...
ڇلا ساوا سهڻا، ڏاڍا ڀلا ڳهڻا،
ملن خوب مهڻا-
تان به سر تي چاتم، ڀلي ڀاڳ ڄاتم...
(26)
ڇلا ڏيئو ميڪون، ڇلا ڏيئو ميڪون،
ڪران قابو تنهن ڪون، جهولي وچ انهين ڪون.
ڇلا کلدي، ڏيوين، ڇلا کلدي ڏيوين،
نوان نينهن تون دلبر، ساڏي نال لاوين.
ڇلا تيڏي ڪڙي دا، ڇلا تيڏي ڪڙي دا،
ڀلو يار جاني، پنڌ هي گهڙي دا.
ڇلا ڪر تون اوري، ڇلا ڪر تون اوري،
ڀـَـنـِـي يار نه ڀيري، سڄڻ آوين سويري.
ڇلا چلڪي والا، ڇلا چلڪي والا،
لکيا هي جنهين تي، ميڏي سڄڻ دا نالا.
ڇلا پيلهـُـون ڀاوان، ڇلا پيلهون ڀاوان،
نـِـوا لام کٻڙ دي، روڙ تنهين ڪون کاوان.
ڇلا سر دا سائين، ڇلا سر دا سائين،
ايوين تون ڀي ڀاوين، گهڻا پيار لاوين.
ڇلا ٻهڪي ٽهڪي، ڇلا ٻهڪي ٽهڪي،
رکي آندا سر تي، پري ڪنون پياکڙڪي.
ڇلا گلي دا سونهن هي، ڇلا گلي دا سونهن هي،
ولا آئو گلي ڪون، ڪٿان راهه هي.
ڇلا اِنهين نال، ڇلا اِنهين نال،
اَلاوان مين تنهن نال، هوسي مطلب جنهن نال.
ڇلا ڪاڇي دي وٽ هي، ڇلا ڪاڇي دي وٽ هي،
تنهن نال سـِـردِي سٽ هي، مليا ميڪون جهٽ هئي.
(27)
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا،
پاڻي ڏتو سکڻا، او ڀلو مکڻا.
ڇلا پاتي کڙي هان هڪ،
ميڪون لڳي تيڏي سڪ،
تون ته اِٿان آوين نـِـت-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان ڏُون،
ميڪون ڳـِـڌي ڄـُـلـِـين تون،
ميڏي اڳيتي نهين سونهن-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان ٽـَـئي،
تيڏي نال پيچ پـَـئي،
پڪا نينهن هي رَئي-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان چار،
ميڏا ڍول ڳيا بازار،
ڳڌي آندا چندن هار-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان پنج،
نـِـيلـِـي گهوڙِي سوني سنج،
هرڪوئي چڙهي اَنجون اَنج(1)-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان ڇـِـي،
اُتون پالا پيا سـِـي،
ميڏي روندي پـَـئـِـي هي ڌِي-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان ست،
مين روندي رهي هان رت،
تيڪون ڪـِـيوين ڏيوان پـَـت-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان اٺ،
پاوان بولان بينسر نٿ،
ٻهان سرتين دِي سٿ-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان نؤن،
ميندي آڻ ڏتي هي تؤن،
تيڏي نال ڳلي لؤن-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
ڇلي پاتي کڙي هان ڏهه،
نـِـت تـَـڪان تيڏي رَهه،
تون آ اِٿان نت ٻـَـهه-
ڀلو ڍول مکڻا، جيڪو راضي رکڻا...
(ج) شاعرن جا چيل ڇلا
(28)
مون کي لهي ڏيو جيڏيون! منهنجو ڇلو نيماڪاري،
نه ٿي سَري، تنهنڪري، ڪيان ذري ذري ٿي زاري.
ڇـَـلو جاني، مهرباني، مهرباني، ڪري مـُـڪو هو
نشاني،
هٿ لائي، چيچ پائي، مون نه لاٿي سڪ ساري-
مون کي لهي ڏيو جيڏيون! منهنجو ڇلو نيماڪاري...
ڇـَـلو پـُـڇي، ماءُ ڪـُـڇي، گهڻو لـُـڇي لهي ڏيو،
سهيون سـَـرچو، مون سان پرچو، ڇڏيو چرچو چوڌاري-
مون کي لهي ڏيو جيڏيون! منهنجو ڇلو نيماڪاري...
ڇـَـلو ڏياري، يار پياري، مـُـڪو سينگاري سڄو،
اَديون! اَهڙو، اِنهيءَ جهڙو، ٻيو نه تهڙو تڪراري-
مون کي لهي ڏيو جيڏيون! منهنجو ڇلو نيماڪاري...
ڇـَـلو جاڳـِـي، ٿي بيراڳي، لهان ساڳي، سرتيون!
ڳڻي ڳوليو، ڦري ڦوليو، ٻـَـڙي! ٻوليو نرواري-
مون کي لهي ڏيو جيڏيون! منهنجو ڇلو نيماڪاري...
ڇـَـلو ڇوڙي، اک کوڙي، منهن موڙي، ڪنهن لڪايو؟
”بخش علي“ ڏي تسلي، آءُ هلي هڪواري-
مون کي لهي ڏيو جيڏيون! منهنجو ڇلو نيماڪاري...
(29)
مون ڏي ڇـَـلو، سون ڀلو، مـُـڪو جوڙائي جاني،
ڪئي آه جاني، مهرباني، سـِـرُ ڪيان قرباني.
ڇـَـلو آيو، ڳـُـڻ ڳايو، رکيو رايو پـِـرين،
هٿ لايان، ٿي ٻڌايان، ڪري پايان ڳل ڳاني-
مون ڏي ڇـَـلو، سون ڀلو، مڪو جوڙائي جاني...
ڇـَـلو سوريان سـِـڪ اوريان، چيچ چوريان هر هر،
ٿورا مڃان، گهوري وڃان، ڪندا اڃان احساني-
مون ڏي ڇـَـلو، سون ڀلو، مڪو جوڙائي جاني...
ڇـَـلو ناهي، ڪم لاهي، محب ڏاهي موڪليو،
ٻانهي ٿيان، جان ڪي جيان، ماڻي ميان! جند جواني-
مون ڏي ڇـَـلو، سون ڀلو، مڪو جوڙائي جاني...
ڇـَـلو ڏٺو، لڳو مٺو، ٺهيو سٺو سـَـرتيون!
ڇو ٿيون رُسو، اوهين سـُـسو، نڪيو جـُـثو جولاني-
مون ڏي ڇـَـلو، سون ڀلو، مڪو جوڙائي جاني...
ڇـَـلو ڏِسي، چـِـٽ پـَـسي، دل کـَـسـِـي دلبر،
”بخش علي“ ڳوٺ ڳليءَ، يار هلي ياراني-
مون ڏي ڇـَـلو، سون ڀلو، مڪو جوڙائي جاني...
(30)
ڏنو يار نشاني مون کي ڇلڙو.
ڇلو نازڪ نينهن نشاني، ڏنو عجيب ڪري احساني،
ڄڻ ساڻ اٿم سانولڙو، ڏنو يار نشاني مون کي ڇلڙو.
ڇلو آهي چوکو چاندي، اچي ڏيندم ٻانهن سيراندي-
اهو محب ماکيءَ کان مٺڙو، ڏنو يار نشاني مون کي
ڇلڙو.
ڇلو چيچ چڱيءَ ۾ پايان، هر هر هيئين اکين سان
لايان-
رکان پنبڻن ۾ پيارلڙو، ڏنو يار نشاني مون کي ڇلڙو.
ڇلو جنهن هٿ جو هـِـي آهي، اڳيان اُن جي يوسف ڇا
آهي-
آهي سورج کان سونهلڙو، ڏنو يار نشاني مون کي ڇلڙو.
ڇلو سونهين ”صالح“ کي سدائين، جنهن ملڻ جي مبارڪ
آئي-
ٿيو ڀال ڀليءَ جو ڀلڙو، ڏنو يار نشاني مونکي ڇلڙو.
(31)
ڏنو يار دلدار، منجهان پيار ڇلڙو.
ڇلو چاندي دل ماندي، آهيان باندي بيوس-
رب ڄاڻي، تن تاڻي، ڏنو يار ڇلڙو...
ڇلو سهڻو، من مهڻو، اهڙو گهڻو ڪونهي ڪو-
اٿم سڪ، ڏاڍي ڇڪ، ڏنو يار ڇلڙو...
ڇلو سچو، رنگ رچو، اديون! اچو ته ڏسو-
ڪري ڀال، في الحال، ڏنو يار ڇلڙو...
ڇلو جهـَـرڪي، من مرڪي، اک ڦڙڪي ٿي منهنجي-
آهن ”صالح“ وڏا طالع، ڏنو يار ڇلڙو...
(32)
مون ڏي دوست مڪو آ، ڇلو هي نشاني-
ڏينديس آءٌ نه ڪنهن کي، اٿم هي آماني.
چوائي يار يگاني، مون ڏي هيئن مڪو آهه،
وڃجانءِ نه وائڙي، متان ٿين مستاني...
سوڌي ڪنهن سوناري، عجب گهاڙ گهاڙي-
پـَـسجي ٿـِـي پڌري، اٿس ريهه رحماني...
اهڙو سون سهڻو، ڪٿي ڪونه هوندو-
سڃاڻي صرافن کي، ٿي آهي حيراني...
ناهي بات بشر کي، ٺپي هڻ ٺاهڻ جي-
قادر جي قدرت سان، اٿس اکر ايراني...
”صالح“ هن ڇلي کي، ساهه سنئون ڇپائج،
آيو آ عرب کان، صحيح اٿس سلطاني...
(33)
مون ڏي ميناڪاري ڇلو، مڪو يار نشاني،
سونو پايان، ٿي لڪايان، ويٺي ڳايان گـُـل ثاني.
ڇلو ڇمڪي، هٿ چمڪي، جيءُ جهمڪي جيڏيون!
ٻڌي ٻولي، ڏيان لولي، آهيان گولي، مان ٻانهي...
ڇلو ڇڻڪي، بـُـت ڪڻڪي، ماءُ جهڻڪي جهيڙي!
ڪاڏُهن آيو، هي نياپو، تو پاتو آهي جاني...
ڇلو ڇاهي، ڏيان لاهي، منهنجو ناهي، ڙي اديون!
جيسين جيان، مون نه ڏيان، متان ٿيان مستاني...
ڇلو ڇاکؤن، گهرو ماکؤن، مون لڪايو آ اوهان کؤن-
ڇڏيو جهيڙو، هي بکيڙو، متان ٿيان جدا جاني...
ڪنهن سوناري، سون ڳاري، ”جمعي“ آندو آ ويچاري-
رُپو ريلي، رنگ ميلي، کولي خط سو ايراني...
(34)
ڇلا ميم دي مامي، ”الف“ عالي عامي،
لڳي لا دي لامي، سمجهه ويکين سهرا-
چشمان دا چهرا.
ڇلا ”بي“ دي بازي، کل کيڏن غازي،
ڇوڙ قبل ماضي، وحدت والي ويڙهي-
ٿي نيهي نيڙي.
ڇلا ”تي“ دي تاري، ڪر چيتن چاري،
چا سرسي ساري، هٿ ڪيتا خيالي-
دل جنهن دي نالي.
ڇلا ”ثي“ دي سنگ هي، الف والي انگ هي،
رتا رندي رنگ هي، بيرنگي بازي-
سر والي سازي.
ڇلا ”جيمؤن“ جوڳي، ڀئو ڀڳا ڀوڳي،
رنج لٿا روڳي، هڻ نعري نيهي-
ڳالهه ڪر (ڪـَـلان) ان ڪيهي.
ڇلا ”حي“ هڪ حضرت، ڪلتاري قدرت،
بر حالي برڪت، ميم اولي احمد-
ڇلا ”خي“ دي خصلت، مشهودي مصلحت،
وس والي وحدت، ٿيا سهڻا ساقي-
يڪدلا ياقي.
ڇلا ”دالئون“ درسن، گلزاري گلشن،
اثباتي احسن، دم دولهه دائم-
ڪامراني قائم.
ڇلا ”ذالئون“ ذاتي، ڇمڪارا ڇاتي،
جهوٽي والي جهاتي، چنڊ جهـُـليا جهولـِـي-
ٻول عجب ٻولي.
ڇلا ”زي“ زناري ظهور، حق حياتي حضور،
گر گياني گنجور، در جاتي ديري-
گهور والي گهيري.
ڇلا ”سيني“ سڪ هي، لئون لائي لڪ هي،
وچ ڇاتي ڇڪ هي، ميم معنيٰ ماڻي-
ڄاڻ عجب ڄاڻي.
ڇلا ”شين“ دي شملي، جسماتي جملي،
همذاتي حملي، ميم والي معنيٰ-
سمجهي ڪو داناء.
ڇلا ”صادئون“ صورت، من موهڻي مورت،
پڳداري پورت، چشم والي چالي-
پـُـر پي پيالي.
ڇلا ”ضادئون“ هي ضمير، جنهن دا برهه بينظير،
اک عالي دا امير، اظهاري انور-
سرداري سرور.
ڇلا ”طيءَ“ دي طاقت، صفائي صداقت،
لقائي لياقت، بنرا برابر-
سنرا سراسر.
ڇلا ”ظيء“ ٿيا ظاهر، تـَـر تازا طاهر،
مچ ٿيڪي ماهر، معنيٰ والي ميلي-
کيڏياري ٿي کيلي.
ڇلا ”عين“ اُتي عاشق، حڪم هلا حاذق،
ٿي صوفي صادق، ماڻي مئي دي مستي-
هٽاهوئڻ هستي.
ڇلا ”غين“ دي نقطي، پيچ پاڪي پختي،
رنگ زنگي رخ تي، نقطي ڪيتا دور-
محمدي مذڪور.
ڇلا ”في“ ٿيا فالم، عشق عجب عالم،
بر حالي بالم، موجود منور-
آواز انور.
ڇلا ”ڪافؤن“ ڪامل، عشق عجب عامل،
شوق شاهي شامل، قادر قلندر-
صادر سڪندر.
ڇلا ”قاف“ دي ڪل دا، آخر اول دا،
حاضر هڪل دا، احمر احوالي-
دم دا ڌمالي.
ڇلا ”لامؤن“ لاهوت، همذاتي هاهوت،
برڪاتي باهوت، ڇلي ڪيتي ڇننن-
تان تازي تنن.
ڇلا ”ميم“ دا ول هي، ڪن والي ڪل هي،
همذاتي هل هي، انساني اولي-
چشمان دي چولي.
ڇلا ”نونؤن“ نوبت، صحيح صفا محبت،
مئيگوني محبت، ڇلا ڇمڪ ڇاتي-
دم جپي ذاتي.
ڇلا ”واؤ“ وصالي، نيڪي نرالي،
خوبان خيالي، هر جاءِ حسن دي-
سهڻي سخن دي.
ڇلا ”هي“ شريعت، طاهر طريقت،
حالي حقيقت، ميم معنيٰ محمد
احمد ٿيا احمد.
ڇلا ”الف لا ميم“ ، ڪن فيڪوني قديم،
ڪل ڪلالي ڪليم، ڪيتي هل هل-
ميم والي ول ول.
ڇلا ”يي“ وچ ياقي، بيچوني باقي،
کول ساغر ساقي، ڏتي اڪائي دي اوڙ-
ڪر اناالحق گوڙ.
(35)
ڇلا ٿيا اظهار، عشق والي اسرار،
ڪنز مخفي ڪل، ڪر گنج گلزار.
ڇلا ڪـُـن فيڪون، بازي بن نيچون،
ٿيا گونا گون، سـُـر ريکب گنڌار...
ڇلڙا تين گرام، ست سر سرانجام،
عشق عجب امام، آوازي انوار
سراسر سرگم، کرج، نکاد، مڌم،
ڇلا پرجهه پنچم، دم ڌيوت ديدار...
ڀؤ ڀيري ڀڳي ڀول، مالڪوس دي قول،
ڪيتي هڪل هنڊول، سڏ سري سردار...
ونفخت في الحال، من الروحي دي مقال،
خود خدائي خيال، ميگهه ديپڪ ملار...
ست سـُـر به ڇهه راڳ، سرسا سرس سهاڳ،
ولا وحدت واڳ، سهڻا ڪر سينگار...
صفاتي سامان، سـُـر صورت سبحان،
جڙ جمل جهان، جسماتي جنسار...
الف اَينما کنتم، مـِـيم وَهـُـوَ مـَـعڪـُـم،
حڪم هلا حاڪم، هردم ٿي هسوار...
ڇلا لحمڪ لحمي، جڙ جسمڪ جسمي،
دم دمڪ دمي، روحي ڪر رفتار...
الف ميم چا گڏ، آدم اولا اَڏ،
ڇلي ڪيتا سڏ، اکيان دي آثار...
انا احمد اطهر، بلا ميمي مظهر،
احد اکيا اظهر، ”محمد“ ٿي مهندار...
|