سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :1

لوڪ گيت

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 

ڇپائيندڙ پاران

’لوڪ گيت‘ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي هاڪاري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جي عالمانه صلاحيتن جي پيداوار آهي، جنهن تي ڊاڪٽر صاحب جن ڀرپور تحقيقي صلاحيتون ڪتب آڻي ڪتاب جو مواد تيار ڪيو. اصل ۾ هن ڪتاب جو مواد، لوڪ ادب اسڪيم جي سري هيٺ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي اتان جي سگهڙن، سالڪن ۽ اهلِ ذوق رکندڙن کان حاصل ڪيو ويو. هن ڪتاب جي تياريءَ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن مهاڳ ۾ لکن ٿا:

 ”مجموعي طور سان هيءُ ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو سترهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي نومبر 1960ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو ۽ ڊسمبر 1961ع ۾مسودي جي آخرين تصحيح ڪري، پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني وئي ۽ آڪٽوبر 1965ع ۾ هن جو پهريون ڇاپو ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو. هي ٻيو ڇاپو آهي، جيڪو شايع ٿي لائق پڙهندڙن جي هٿن تائين رسيو آهي.“

هن ڇاپي جي اهائي سونهن ۽ نـُـدرت قائم رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا پهرين ڇاپي ۾ هئي. پڙهندڙ حضرات کي هيءَ سوکڙي پيش ڪندي نهايت خوشي محسوس ڪريون ٿا.

 

ڄام شورو، سنڌ                             اعجاز احمد منگي

جمع، 22- رجب المرجب 1427هه              سيڪريٽري

بمطابق 18- آگسٽ 2006ع               سنڌي ادبي بورڊ

 

 

مهاڳ

سنڌ جي  ”لوڪ ادب“  کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سن 1955ع ۾  ”سنڌي ادبي بورڊ“  جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾،  ”سنڌي لغت آفيس“  سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف ۽ ڇپائيءَ جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ٿيو ۽ جاري آهي.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي  ”لوڪ ادب“  جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ  ”لوڪ ادب“  جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل  ”لوڪ ادب“  کي بعينه  ”فوڪ لور“  (Folklore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو، يا  ”معياري ادب“  جو سرچشمو بنجي، انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهوئي آهي، جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي  ”لوڪ ادب“  ۽  ”معياري ادب“  جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي  ”لوڪ ادب“  جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب، اميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

 ”لوڪ ادب تجويز“  جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته  ”سنڌي ادبي بورڊ“  جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سن 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.

مجموعي طور سان هي  ”لوڪ ادب“  سلسلي جو سترهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، نومبر 1960 ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو، ۽ ڊسمبر 1961ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري، پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني وئي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم شيخ محمد اسماعيل هن ڪتاب جي مواد کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو. محترم محمد عثمان ڏيپلائي، ٿرپارڪر ضلعي جي خصوصاً ٿري محاوري وارن گيتن جي معنيٰ ۽ لفظن جي تصحيح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاءَ، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

 

سنڌ يونيورسٽي،                               خادم العلم

حيدرآباد سنڌ                                  نبي بخش

7- جون 1963ع


 

ام للا نسان ماتمنيٰ فـِـللّہ الاخرة والاوليٰ

مقدمـہ

 ”لوڪ گيت“  هر ملڪ ۽ ان جي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جو اهم ۽ قيمتي سرمايو آهن. سنڌي لوڪ گيت، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌين جي عوامي ادب جو آئينو آهن، جن ۾ سنڌ وارن جي عام زندگيءَ جو عڪس نمايان طور نظر اچي ٿو. عوامي ٻولن ۽ جذبن جو هيءُ عظيم سرچشمو روايتي شاعراڻي تصور کان خالي هئڻ جي باوجود سهڻن ۽ نماڻن خيالن سان ڀرپور آهي. عوام مان ڪن سٻوجهن جي دل تي جيڪي گذري ٿو ۽ زبان تي جيڪي تري اچي ٿو، سو لئي جي آڌار تي ٻولن جي شڪل اختيار ڪري،  ”لوڪ گيت“  بنجي ٿو.

چئي نٿو سگهجي ته لوڪ گيت ڪڏهن جـُـڙيا، ڪنهن جوڙيا ۽ ڪڏهن کان ڳايا ويا، البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته لوڪ گيت عوام جي اجتماعي زندگي جا اُهڃاڻ آهن: جڏهن کان انسانن ۾ پيار جو جذبو پيدا ٿيو ته منجهن محبت جون پچارون پيون، ۽ ورهه وارن وڇوڙي ۾ گيتن ذريعي پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو، جڏهن مندون موٽيون، واهوندا وريا يا سانوڻ جي کنوڻ ٿي ته پرديس ويل سڄڻن جون مـُـندائتيون صحبتون ساري سڪ مان گيت چيائون، جڏهن کان پورهيتن گڏجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪم ڪندي گيت ڳايائون، جڏهن کان شاديون ۽ محفلون شروع ٿيون ته خوشيءَ جا گيت ڳايائون، ۽ ڪي گيت وري ماحول جي ڪن اهم واقعن ۽ حادثن کان متاثر ٿي جوڙيائون.

لوڪ گيتن جي قدامت:

لولي، ڇلو وغيره سڪ ۽ محبت جا گيت آهن، جي شايد ڪافي آڳاٽو اُسريا. هارين ۽ پورهيتن جڏهن کان وٺي گڏجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪم جي اُڪلاءَ لاءِ گيت ڳايائون.  ”همرچو“  (ص 253)، ’ڀئيئو‘ (ص 219) وغيره خاص طرح هارين ۽ پورهيتن جا گيت آهن.  ”جمالو“  (ص 24)،  ”ٻيلڻ“  (ص 225)، ۽  ”گامڻ“  (ص 237) خانه بدوشي ۽ لڏپلاڻ واري ماحول جا يادگار آهن، جڏهن اٺن جي قافلن ۽ جهوڪن سان گڏ جتن جي  ”حدي خواني“  عام هئي. ڪي گيت سنڌ جي قديم عشقيه داستانن کان متاثر ٿي ڳايا ويا: مثلاً  ”ڪرهو“  (ص 280)،  ”راڻو“  (ص 283) ۽  ”مومل“  (ص 285)، اهي ٽيئي گيت سومرن جي دور جي  ”مومل راڻي“  واري داستان سان وابسته آهن.  ”رائڌڻ ور“ (ص 311) گيت غالباً سمي حاڪم رائڌڻ جي نالي پويان مشهور ٿيو.

ڪن گيتن ۾ سمايل اندروني اُهڃاڻن جي بناء تي، انهن گيتن جي ڪن خاص مصراعن جي اُسرڻ جا دور متعين ڪري سگهجن ٿا. مثلاً ڇلي، لولي، ٻيلڻ، موري توڙي جمالي جي ڪن روايتن ۾ هيٺيان اهڃاڻ نمايان آهن.

 ”ڇلي“  گيت جو هڪ بند آهي ته:

ڇـــــلا رنــگ بــــــرنـــگـي اي،     سـُـــنــگي هيٺ  ”ڦـِـلـنـگي“  اي

جنهن دي ٽــوپي ڏنگي اي(1)

سنڌي ٻوليءَ ۾ فرنگي (ڦلنگي) جو لفظ غالباً سورهين صدي ۾، پورچوگيزن جي آمد وقت رائج ٿيو، ۽ بعد ۾ انگريزن کي  ”فرنگي“  ڪوٺيو ويو. ظاهر آهي ته هيءَ مصرع انگريزن جي سنڌ ۾ اوائلي آمد واري دور جي آهي. اهڙيءَ طرح  ”ٻيلڻ“  جي هيٺين بند ۾ فرنگين جي دور ۾ عورتن جي ڇـُـڙواڳي ڏانهن اشارو آهي ته:

تـَـتـِـي نـِـي ٿوٻـِـي مل گهتيم جو پيڙا
 ”ڦلنگي“  دي صاحبي، رَنان ڪرينديانِ جهيڙا (1)

 

ٻيلڻ جي هڪ ٻئي بند ۾ آهي ته:

لڏيئي جو گلا، لڏ لـَـٿـِـي ني  ”شال“  اي
گهول گهتيسان مئن تيڏي پنڌ ڪشالي(2)

هيءُ بند اُتر سنڌ مان جتن ۽ ٻين خانه بدوش قبيلن جي ڪوئيٽه (شال) طرف لڏپلاڻ تي شاهد آهي.  ”ڇلي“  جي هڪ روايت ۾  ”جادل جتڻي“  ڏانهن اشارو آهي:

ڇــــــــلا پـــــورب پـَـتڻـِـي، جيــــــوي  ”جادل جـَـتڻـِـي“

جنهن دي نـَـٿ نچڻي(3)

چون ٿا ته اوڻويهين صدي ۾ جادل جتڻي جي حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور هئي: شاهه شجاع جڏهن سنڌ تي چڙهي آيو تڏهن جادل جتڻي جي سونهن جي ساراهه ٻڌائين، ۽ چيائين ته: ان سان شادي ڪندس. ماڻهن جڏهن اها ڳالهه جادل جتڻي سان ڪئي، تڏهن چيائين ته: جي منهنجي پرڻي سنڌ تان ُڏرت لهي ته پوءِ انهيءَ شاديءَ لاءِ آءٌ تيار آهيان.

 ”لولي“  جو هڪ بند آهي ته:

اُڏريان ني ڪونجان، وڃ لٿڙيان ني کيل اي
 ”جيسلمير دي قيدي“  ڇـُـٽي آوندي ني ريل اي(4)

غالباً انگريزن جي ابتدائي دور ۾ جيسلمير جا قيدي پنهنجي قيد جو زمانو سنڌ ۾ ڪاٽڻ ايندا هئا، يا سنڌ جا قيدي جيسلمير ۾ پنهنجو قيد ڪاٽيندا هئا. هن بند ۾  ”ريل“  ڏانهن پڻ اشارو آهي، جنهن جي معنيٰ ته هيءُ  ”ريل“  نڪرڻ بعد جوڙيو ويو. لولي جي هڪ ٻئي بند ۾ 1914ع واري  ”جرمن جي جنگ“  ڏانهن اشارو آهي:

مـَـهري جو والا تيڏي مـَـهري ڪـُـون تـَـنگ اي
اڳتي نه وڃ، اڳـُـون  ”جرمن دي جنگ“  اي(1)

ظاهر آهي ته هي بند پهرئين وڏي جنگ جي زماني ۾ جوڙيو ويو.  ”موري“  جون ڪي روايتون انگريزن جي دور ۾ اُسريون ۽ عام ٿيون، جڏهن ريل ۽ موٽرن جو چالامان ٿيو:

گاڏي چون  ”لوڪل“ ، سهڻا نياپو موڪل(2)

-----

هل ته هلون لڪي،  ”ٽڪيٽ“  وٺي يڪي(3)

-----

ننگر جي ته  ”ٽيشن“ ، وڻي تنهنجو  ”فيشن“ (4)

ٿرپارڪر جي گيت  ”بادليي“  ۾ عمرڪوٽ جي  ”راڻن جي راڄ“  جي زوال بابت اشارو آهي ته:

تو بنان راڻن راڄ ڇڏيو، ڇڏي گهر جي نار(5)

اهڙي طرح ٿرپارڪر جي ٻئي هڪ گيت  ”ڪجليو“  ۾  ”جيل“ ،  ”ريل“  ۽  ”تار“  جو ذڪر آهي:

جانـِـي مان جو  ”جيل“  ۾، هـُـون  ”ريل“  ڏي ٿـِـي جان

-----

تاريائي مان  ”تار“  موڪلي، عمرڪوٽ ٿي جان(1)

ظاهر آهي ته هيءُ گيت انگريزن جي پوئين دور جو آهي.

ڪي گيت ڪن خاص مشهور شخصن جي ساراهه ۽ يادگيريءَ ۾ اُسريا ۽ عام ٿيا. جيئن ته  ”اَلڪي شودي“  جي مرڻ تي سندس زال  ”ساران“  موري جا ورلاپ ڪيا(2)، ۽ ڪن وري  ”ميراڻ جمالي“  جي بهادري ۽ غريب پروري بابت مورا چيا، جي پڻ عام مقبول ٿيا(3). اهي ٻئي واقعا هن صدي جي پهرين چاليهن سالن جا آهن.

جيئن ته  ”عوامي گيت“  روزمره جي ماحول جو عڪس آهن، انهيءَ ڪري ڪن آڳاٽن گيتن ۾ پڻ نت نيون مصراعون پيون شامل ٿين:  ”جمالي“  جي هڪ روايت جا هيٺيان بند 1932ع ۾ براج وهڻ ۽ ريل، موٽر ۽ لاري جي عام چالامان بعد اُسريا:

ايندو بند  ”بريج“  تي - هو جمالو
لهي ايندو  ”ريل“  مؤن - هو جمالو
ايندو سائي  ”موٽر“  ۾ - هو جمالو
لهندو اچي  ”لاري“  مؤن - هو جمالو
ايندو سکر واري  ”پل“  تي - هو جمالو(4)

نسبتاً هن پوئين دور ۾ ڪن شاعرن پڻ لوڪ گيتن جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي. مولوي بخش علي جتوئي، صالح، جمعي ۽ محمد فقير کٽياڻ ڇلا جوڙيا(1) . ازانسواءِ ٻين شاعرن مثلاً سيد خير شاهه(2) ، رمضان واڍي(3) ، اُميد علي شاهه(4) ، حاجي عبدالله ڊکڻ(5) ، منٺار فقير راڄڙ(6) ٻڍل فقير(7) ، ابوصالح(8) ، سعد خان(9) ، لعل خان(10) ، مهدي شاهه مسڪين(11) ۽ بچل(12)  ”لولي گيت“  جوڙيا. سيد خير شاهه ۽ اُميد علي شاهه ٽالپوري عهد جا شاعر هئا.

گيتن جي عام مقبوليت:

 ”سنڌي لوڪ گيت“  سڄي سنڌ ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن، ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۽ هر ڳوٺ هر وسين ۽ واهڻ ۾، موقعي به موقعي ڳايا وڃن ٿا.

 ”جمالو“  سڄي سنڌ جو عام مقبول لوڪ گيت توڙي لوڪ ناچ آهي.  ”ڇلو“  خاص طرح اُتر جو لوڪ گيت آهي، ۽ ميرپور ماٿيلي کان وٺي هيٺ نوابشاهه ضلعي تائين هلندڙ آهي.  ”مورو“  بنيادي طور ڪوهستان جو گيت آهي، پر اُهو ڪوهستان جي ايراضي سان گڏ، سنڌ جي اُترئين حـصي ۾ پڻ عام رائج ٿيو ۽ اڄ تائين اُتر توڙي ڪوهستان ۾ عام مقبول ۽ رائج آهي.  ”لولي“ ،  ”ٻيلڻ“ ،  ”گامڻ“ ،  ”موڏي“  ۽  ”لئيڪو“  اُتر جا عوامي گيت آهن ۽ اڪثر جتن ۽ ٻين سرائڪي ڳالهائيندڙ قبيلن ۾ عام رائج آهن.

اڪثر لوڪ گيت ڪن خاص موقعن ۽ موسمن يا ڌنڌن ۽ پيشن جا گيت آهن ۽ انهيءَ مناسبت سان ئي ڳائجن ٿا.  ”جمالو“  ۽  ”سروَر“  هر شادي ۽ خوشي جي موقعي تي ڳائجن.  ”مـُـنجرو“  پير مرشد جي اچڻ وقت آجيان طور ڳائجي،  ”جاڳا“  رمضان جي مهيني ۾ اَسـُـر ويل ڳائين،  ”پيراڻو“  پير پٿوري جي ميلي تي عقيدتمند ڳائين. ٿر واري ڀاڱي جي آبادي جو مدار مينهن تي آهي انهيءَ ڪري اتي جي باشندن لاءِ برسات جهڙي ٻي خوشي ڪانهي. انهيءَ ڪري ٿرپارڪر جا اڪثر گيت برسات جي مند بابت آهن. راڻو، بادليئو، رائڌڻ ور، ورسارو، چوماسو، سانوڻ ٽيج، هچڪي، للرياڙي لو، خيالي گومند پهرئين وسڪاري بعد ڳائجن. ڀئيئو وسڪاري جي مند ۾ پهرين گـُـڏ ۽ پوءِ لاباري وقت ڳائجي. همرچو گـُـڏَ يا لاباري وقت گڏجي ڳائين. پڻهاري ۽ هينڍامڻي عورتون پاڻي ڀرڻ وقت ڳائين. لمڪيان ڙي لو ڏُٿ چونڊڻ وقت ڳائين. ولاڙو ۽ ڍاٽيڙو ڌنار مال چارڻ وقت ڳائين. لولي، ٻيلڻ، گامڻ، ڪـَـرهو جـَـت پنهنجي سفر وقت ڳائين. لولي شادي مرادي وقت پڻ ڳائين، ۽ ٻيلڻ اسر جو پيرُن چونڊڻ مهل آلاپين. ڏهوڪو اُٺن تي سفر ڪرڻ وقت توڙي ٻنين ۾ ڪم ڪندي گڏجي ڳائين. ڍولو، رومال، جلالو، ڪانگلڙو يا ڪاڳڙو ۽ اوڏڻ خوشيءَ جي موقعن تي خوشطبعي خاطر ڳائين. مڻهيارو محفلن ۾ مرد ڳائين ۽ اڪيلي سر به جهونگارين.

لوڪ گيتن جي سٽاءَ:

لوڪ گيتن جي نظم جي سٽاءَ سادي مگر دلپذير آهي. لوڪ گيت عوامي ذهن ۽ زبان جا فطري ٻول آهن، جن ۾ موسيقي جي لئي ڀريل آهي. اهي ٻول اڪثر ننڍن فقرن ۾ سموهيل آهن، جن جي آخر ۾ قافيو آندل آهي. اڪثر گيتن ۾ پهريون  ”اصولي ٻول“  آهي، جو ٿلهه (مطلع) جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي پويان ٻيون مصراعون يا بند شامل آهن. ڪن لوڪ گيتن مثلاً موري، ڇلي ۽ ٻيلڻ وغيره ۾ مصرع يا بند جو پهريون فقرو ڀراءَ طور ڏنل آهي جو بعضي بي معنيٰ هوندو آهي. هر مصرع يا بند بعد  ”اصولي ٻول“  وراڻي طور اچي ٿو.

انهن مجموعي خصوصيتن جي باوجود هر گيت جي سٽاءَ توڙي لئي نرالي آهي.  ”هو جمالو“ ،  ”جمالي“  لوڪ گيت جو  ”اصولي ٻول“  يا لئي واري وراڻي آهي.  ”ڇلي“  لوڪ گيت جو هر  ”بند“  ڪنهن شيءِ سان مثال ڏيئي مڪمل ڪجي ٿو، مثلاً:

ڇلو سون وارو آ، مونکي ڏاڍو پيارو آ

 

ڀاء تنهنجو وارو آ

تنهنجي آهه جواني، ڇلو ڏي نشاني(1)

 ”موري“  جي سٽاءَ ۾ هر مصرع يا بند ٻن ننڍڙن فقرن تي شامل آهي، جن جي پويان  ”اصولي ٻول“  وراڻي طور اچي ٿو. مصرع ۾ گهڻو ڪري ڪنهن شيءِ جو نالو ڀراء طور اچي ٿو، مثلاً:

ٽـَـڪـَـرَ مـَـٿي مورو، ڀانيان تنهنجو ٿورو

جانب! موري موڪل ڏي(2)

ڪي مورا انهيءَ سٽاء کان مختلف آهن، جيئن ته:

جانب توکي سارين، رات ڏينهن نارِين
جيءُ پنهنجو ڳارين، کڻيو نيڻ نارِين
جانب توکي سارين، چڙهيو وڻ نارِين
موري جهڙيون ناهين، جانب توکي سارين

                                 راڻل! مورو ويٺي ڏيان(3).

 ”ولاڙو“ (4) ۽  ”لئيڪو“ (5) گيت سٽاء جي لحاظ کان  ”موري“  سان مناسبت رکن ٿا، مثلاً:

ولاڙو:          هڙ ۾ ڦوٽا - ڇورا: اندر جا کوٽا
                                            ولو ڙي ولاڙو

-----

      لئيڪو:          وڃان سنڌ - من تو تؤن گهوري جند
                                   لالڻ! لئيڪو چوندا سي

لکيو، ڏيئل ڏو، وڻجارو، ڏَهوڪو، همرچو، ڪجليو، ليالو، ٽـُـڙڙڙ ٽـُـڙڙڙ، گولاڙو، لمڪيان ڙي لو، منڍوڙو، بادليئو، چؤماسو، للـُـرياڙي لو، خيالي گومند، سيهڙو، منجرو ۽ پيراڻو هڪ مصرع وارا گيت آهن، جن جي وراڻي ساڳي آهي. جدائي ٿي جهوري، مڻهيارو، ڪرهو، رائڌڻ ور، جلال، جوڌيو ۽ پڻهاري پڻ هڪ مصرع وارا گيت آهن، پر اُنهن جي وراڻي تبديل ٿيندي رهي ٿي، جيئن ته:

جوڌيو:         جوڌيا ماروڙي! مين اَمراڻي ري مارگـِـي
                جوڌيا! مين مروئو رُوپيو ڙي

-----

جوڌيا ماروڙي! مين آمراڻي ري سيريئي
جوڌيا! مين ڪجليو روڙيو ڙي.

 ”جـَـلالو“  ۽  ”سروَر“  ٻن ٻن مصراعن وارا گيت آهن. ڍاٽيڙو، مومل، ٻيلڻ، گامڻ، موڏي، هاسل، مڱريو، وندل، اوڏڻ، ورسارو، سانوڻ ٽيج، هچڪي، هينڍامڻي، جوڌاڻو، رومال، منڌيئڙو، سونٺ جيرو، اُڪير، ڪونجل، ڪانگڙو يا ڪاڳڙو پڻ ٻن تـُـڪن وارا گيت آهن. لولي، ٻيلڻ ۽ گامڻ جي آخر ۾  ”اصولي ٻول“  وراڻي طور اچي ٿو، مثلاً:

لولي:           ويندا جو پياهين، ويندا نال ڏَمر دي
                ڪـُـلهان تي لونگي، تلوار نال ڪمر دي-

                                                ڍولڻ لولي...

ٻيلڻ:          ٻيلڻ وي هڻ تيڏي ٻيلڻ ٻيٺي ڳاوي
                رمزان دِي مارِي، ڪهڙي بارڙي چاوي -                                              
         ٻيلڻ وو...

گامڻ:          گـَـلڙا ڀي آيا، ميڏا سانول نه آيا
                ڪنهن ڪـَـنـُـون پڇان سارا ساٿ پرايا -
                                                گامڻ وو...

 ”ورسارو“  گيت جي هڪ روايت ۾ وراڻي جو پهريون اڌ بدلجي ٿو، جيئن:

اي منهنجا وهندڙ بادل! تو بنا چؤماسو لونٻيو جائي.
-----

مرگها نيني را بالم! تنهنجي بنا ورسارو لونٻيو جائي.

 ”ڍولو“  گيت سٽاءَ ۾ ٻين مڙني گيتن کان نرالو آهي، جيئن ته:

بزار و ڪانديان چوڙيان - تيڏي رُسڻ دِيان ڳالهين ڪوڙيان

مين پت نه ڪريسان، جيوين ڍولا

ڍول، هزاري! مل وڃ هڻ، ساڏي پرديس تياري.

لوڪ گيتن جي شاعري

لوڪ گيت عوامي شاعري جا خيابان آهن، جن ۾ ڪيئي ٻهڪندڙ ٻوٽا نظر اچن ٿا، ۽ هر ٻوٽي جي رونق نرالي آهي. يا چئجي ته هرلوڪ گيت ڄڻ هڪ ڪنڍي يا هار آهي، جنهن جي هر مصرع وارو مڻيو هڪ جدا رنگ رونق وارو ۽ آبدار آهي. عوامي فڪر ۽ ويچار تصنع کان خالي آهي مگر ان جي دلپذيري بيمثال آهي. لوڪ گيتن ۾ محبت ۽ مجاز جا مضمون نهايت سادن پر سهڻن لفظن ۾ سموهيل آهن، مثلاً:

ڇلو: ڇـَـلا سـَـوسـَـو واليان، تيڏيان سهڻيان چاليانآون ياد ڳالهيان

ڏس وي ڍول سميجا، ڪٿان راڌئي ٻيجا.

-----

ڇلا ساوا ليمان، يار دي بختين جيوان

جڏان لائق ٿيون.

مورو:   جبل مٿي جنڊ، تون آن منهنجو چنڊ.

-----

        ڪوه سنديون لـَـڪيون، تو لـَـئي روئن اکيون.

-----

        گهونگهٽ جون گهاريون، ساريون راتيون ناريون.

-----

موٽـِـي مينهن آيو، کنوڻ کـُـهنبو پايو
جاني ڇو نه آيو، دردن ديرو لايو.

لولي، ٻيلڻ، گامڻ ۽ موڏي خصوصاً محبت ۽ مجاز جا گيت آهن، جن ۾ اوسيئڙي ۽ انتظار جي ڪيفيت نهايت سهڻي نموني ۾ چٽيل آهي، مثلاً:

لولي:

لـَـڏي ته لـَـڏ ڳـَـئي، ڄـُـل ڏيکـُـون ها جائين
دُکن تان دُونهين، اندر ٻـَـلديان ني باهـِـين.

-----

رووو نه اکيان، ڍُڪ پيوو صبر دا
جنهين ڪاڻ رنوسي، لـَـڏ ڳـَـئي فجر دا.

-----

وڳڙي جو والا، تيڏي ڏاچي بلغار اي
ڇـِـيٽان دا چولا، ڳل لونگان دا هار اي.

-----

وس وس مينهن، وس ڏيندا ڳيا ڇاٽان
گهڙي کڙو، ڏيکان دلبر ديان واٽان.

-----

اُڏريان نـِـي ڪونجان، وڃ لٿيان ني حجري
رات ٻارهان ماهـِـين، ڏينهن ورهيان دا گذري.

-----

سوز پـِـريان دا، وو جندڙي پـِـرائي
يار دا وڇوڙا، گهوڙا! موت نشاني.

-----

ٻيلڻ:         ٻيلڻ وي هـُـڻ تيڏي، ٻيلڻ ٻيٺي ڳاوي
              رمزان دِي مارِي، ڪهڙي بارڙي چاوي.

-----

سڄڻ وڇوڙيي ٿيا ڏُوجها ڏينهن اي
اکيان رت رونديان، جـِـيوين سانوڻ دا مينهن اي.

-----

اُڀي دي ڪڪري، لـَـمي دا مينهن اي
هڪ سڪ، ڏوجها ماريا تيڏي نينهن اي.

-----

لاڻا نـِـماڻا! تيڏي پاڙ هي پراڻي
ڍولڻ ميڏا، جيها موتي دي داڻي.

-----

پار دريائون ڪوئي ميندي دا ٻوٽا
سونـِـيان پنجاليان موتي ٻج ڇـَـٽيندا.

-----

پار دريائون ڪوئي ميندي دا ٻوٽا
عشق ڍولڻ دا جيوين پـِـينگهان دا جهوٽا.

-----

ڇنڊڻ دي ڪپ تي ڪيها جو هـُـل اي
سڄڻ ميڏا ايوين، جيوين پٻڻ دا گل اي.

-----

گامڻ:        گيگم دي چولي، ٻانهين گلبدن دي
              سهڻل دي پارئون بوء اؤندي اي چندن دي.

 

موڏي:  موڏي ميڏي سهڻل دي، موڏي وچ ماکي وي
اَسو ڪـَـتـِـي روندي گذريا، ڏُکين ڀـِـني ويساکي وي.

 

لوڪ گيتن جي ڳائڻ جو نمونو

لوڪ گيت عوامي زندگيءَ جو اهم باب ۽ عوام جي وندر ورونهه جو خاص اسباب آهن. انهن گيتن مان ڪي عورتون ڳائين، ڪي مرد ڳائين، ۽ ڪي وري عورتون توڙي مرد گڏجي ڳائين. ڪي گيت اڪيلي سر ڳائين ته ڪي گيت وري ڪن لوڪ ناچن سان گڏ آلاپين.

 ”جمالو“  نـَـچَ جو گيت آهي ۽ گهڻو ڪري مرد ڳائين. ڳائيندڙ گول دائرو ڪري بيهن ۽ وچ ۾ دُهلاري کي بيهاري پوءِ دُهل جي تار تي هڪڙو ڄڻو مصرع کڻندو ۽ ٻيا مڙيئي دائري ۾ بيٺل ناچ وارو ڦيرو ڏيئي، تاڙيون هڻي، گڏجي  ”هوجمالو“  چوندا. آهستي آهستي جيئن پوءِ تيئن اِها لـَـئي تيز ٿيندي ويندي ۽ اُنهيءَ سان گڏ ناچ به تيز ٿيندو ويندو.

 ”مورو“  اڪيلي سر دنبوري جي لئي تي ڳائجي ۽ گهڻو ڪري مرد ڳائين. هن گيت جي لئي به آهستي آهستي تيز ٿيندي ويندي آهي. ڪاڇي پاسي مورو ربابن تي ڳائين.

 ”ڇلو“ ،  ”لولي“ ،  ”ٻيلڻ“  ۽  ”گامڻ“  محبت ۽ مجاز جا گيت آهن ۽ اڪثر محبت وارا اڪيلي سر آلاپين.

 ”ٻيلڻ“  گهڻو ڪري جت، لاشاري ۽ زرداري قبيلن ۾ رائج آهي ۽ مـُـهراڻي کان وٺي جمڙائو واهه واري ايراضي ۾ عام مقبول آهي. ٻيلڻ جو ٻه- ٺپو آلاپ پهرين جهونگار سان مٿي کڻجي جنهن کي  ”اولاڻي“  چون. پهرين ڇڪ ڏيئي آلاپيندا ته:

آکـِـي اوندائـِـين ويندا تيڪون رب دي رک وي
ايوِين پيا آوِين جيوِين هڪ نا لـَـکي.

 

ٻي وراڻي آواز هيٺ لاهي ڏيندا جنهن کي  ”لاهڻي“  چون:

الو ميڏا سائين ڀـَـلو، ايوين پيا آوين جيوين هڪ نا لکي.

 

لاهڻي ۾  ”الو“  جو  ”واو“  ۽  ”ڀلو“  جو  ”واو“  ڊگهو ڪري چوندا.

 ”همرچو“  پورهيتن جو عام مقبول گيت آهي ۽ اڪثر گـُـڏ، ڪوڏر ۽ لاباري وقت گروهه ۾ گڏجي ڳائين. پهرين سڀ گڏجي چوندا ته:

ههَ مَ رَچو ڙي لا

پوءِ ٽولي جو اڳواڻ چوندو:

آئـِـي موسم ميـِـنهان رِي لا...

ٻيا وراڻي ڏيندا ته:

هـَـمَ رَچو ڙي لا...

 ”جوڌيو“  گيت نوجوان گڏجي ڳائين.  ”سونٺ، جيرو“  گيت ورونهه خاطر پرڻيل توڙي اڻپرڻيل زالون گڏجي ڳائين.  ”ڪونجل“  گيت زالون اڪيلي سر به جهونگارين ۽ گڏجي به ڳائين.

 ”وڻجارو“  گيت اڪثر  ”ڍاڍي“  (مڱڻهار)  ”سورٺ“  يا ٻين سـُـرن ۾ دنبوري ۽ کماچ ساز جي لئي تي ڳائين. هر مصرع کان پوءِ وراڻي چوندا ته:

”هي وڻجارو بالم“

 ”لمڪيان ڙي لو“  عورتون اڪيلي سر به آلاپين ۽ گڏجي به ڳائين.  ”وندل“  عورتن جو گيت آهي، ۽ اڪثر سس جون ستايل ڪنوارون ڳائين.  ”منڍوڙو“  گيت وندر ورونهه خاطر عورتون ڳائين.  ”بادليئو“ ،  ”رائڌڻ ور“ ،  ”ورسارو“ ،  ”چؤماسو“ ،  ”سانوڻ ٽيج“  ۽  ”خيالي گومند“  گيت وسڪاري کان پوءِ عورتون گڏجي ڳائين.

جملي لوڪ گيت عوامي آلاپن جا نرالا نمونا آهن. لوڪ گيتن جي ٻولن ۾ نظم جي وزن کان وڌيڪ عوامي سنگيت جي لئي ڀريل آهي. عوامي موسيقي جي انهن گوناگون قالبن جي پـُـرجهه ۽ پروڙ سان قومي موسيقي جي ذخيري کي مالا مال ڪري سگهجي ٿو.

لوڪ گيتن جو مواد ۽ ترتيب

هن مجموعي ۾ 57 مختلف گيت جملي 301 روايتن يا مـَـتنن تي شامل آهن. انهن مان 5 سڄي سنڌ جا عام گيت، 8 اُتر جا، 2 ڪوهستان جا ۽ 42 ٿرپارڪر جا عام مقبول گيت آهن. ٻولي جي لحاظ سان اهي گيت نج سنڌي توڙي سرائڪي، ٿري، ڍاٽي ۽ ڪوهستاني محاورن ۾ چيل آهن. اُتر، وچولي. لاڙ، ڪوهستان ۽ ٿرپارڪر مان مليل مختلف گيتن جون سنڌي روايتون هڪ سؤ ٻٽيهه (132) آهن. اُتر ۾ سرائڪي زبان جو وڌيڪ اثر آهي، ۽ انهيءَ ڪري اُتي جي لوڪ گيتن جي ٻولي گهڻو ڪري سرائڪي آهي.مختلف محاورن جي لحاظ سان پنجهتر (75) روايتون سرائڪي ۾، اٺيتاليهه (48) روايتون ٿري ۽ ڍاٽڪي ۾، تيرهن سنڌي جي  ”ڪوهستاني“  محاوري ۾، هن مجموعي ۾ شامل آهن.

ڪتاب جي متن ۾ اول عام مشهور لوڪ گيت ڏنا ويا آهن ۽ هر گيت جي شروع ۾ مهاڳ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ اُن گيت جي مقصد ۽ مضمون تي روشني وڌي ويئي آهي. لوڪ گيتن جو اڪثر مواد انوکو ۽ نئون آهي جو ڪافي ڪوششن سان سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سهيڙيو ويو آهي ۽ هن ڪتاب ذريعي پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي.

ن.ب


(1) ص 50

(1) ص 235

(2) ص 227

(3) ص 50

(4) ص 46

(1) ص 133

(2) ص 76

(3) ص 77

(4) ص 96

(5) ص 309

(1) ص 288

(2) ص 121

(3) ص 122

(4) ص 33 - 34

(1) ص ص 59 - 63

(2) ص ص 182 - 183

(3) ص ص 158 - 166

(4) ص 185 - 196

(5) ص 168 - 171

(6) ص 171 - 177

(7) ص 177 - 181

(8) ص 183 - 185

(9) ص 196 - 198

(10) ص  198 - 200

(11) ص  202 - 205

(12) ص  205 - 208

(1) ص 37

(2) ص 72

(3) ص 85

(4) ص 249

(5) ص 299

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org