سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :18

 

مـَـڻهـِـيارو

هيءُ ٿرپارڪر جو هڪ لوڪ گيت آهي، جو مرد ماڻهو عام طرح محفلن ۾ گڏجي، توڙي اڪيلي سر جهونگاريندا آهن.  ”مڻهيارو“  اُنهيءَ واپاريءَ کي چوندا آهن، جو مڃارڪو سامان، جهڙوڪ چوُڙا، سـَـڳيون، اَڳٺ، ڦڻيون، مڻيا، سـُـٽ پـَـٽ ۽ ڪلابات وغيره جو واپار ڪري. هن گيت ۾ اهڙي واپاريءَ لاءِ  ”سونل“  نالي هڪ عورت جي محبت جو بيان سمايل آهي. هڪ روايت موجب هن گيت جي وجود ۾ اچڻ جو واقعو هن ريت آهي: آڳاٽي وقت ۾ هڪڙو مڻهيارو، واپارين جي سٿ سان گڏجي  ”رَهموڪي بازار“  ۾ واپار سانگي وڃي نڪتو. اتي جي پٽيل جي ڌيءَ  ”سونل“  جو پرديسي مڻهياري سان نينهن لڳي ويو. هوُ جيترو وقت انهيءَ شهر ۾ هو، سونل سهيلين سان گڏجي، روزانو خريداريءَ جي بهاني سان واپارين جي سٿ ۾ ايندي هئي. سهيليون ته اتي سامان جي خريداريءَ ۾ لڳي وينديون هيون، پر سونل فقط پنهنجي محبوب مڻهياري وٽ ويهي ساڻس ورونهه ڪندي هئي.

ڪن ڏينهن بعد سوداگرن سامان وڪڻي، ساٿ سنباهيو، ۽  ”مڻهيارو“  به هنن سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. اها خبر جڏهن سونل کي پيئي، تڏهن هن کي اتي رهڻ لاءِ ڏاڍيون آزيون ڪيائين، پر پرديسي وڻجاري وطن وساري ويهڻ جي نه ڪئي ۽ ساٿ سان گڏ ويندو رهيو. سونل سندس جدائيءَ ۾ هي گيت چيو، جو پوءِ عام مشهور ٿي ويو.

 ”مڻهياري“  گيت جي شامل روايت ٿري محاوري ۾ چيل آهي.

---------

 

(1)

وراڻي:  لاگت گوري رو نينهڙو، پرديسي مڻهيار،
(پرديسي مڻهياري سان گورل جو نينهن لڳي ويو)
مڻهيارو گورل رو، جانڪـِـڙيان مـُـوڇان رو مڻهيار،
(گورل جو مڻهيارو وٽيل مـُـڇن وارو آهي)

 

پرديسي مڻهيار...

هالو تان سهيلڙيان رِي جهـُـولرِي، هالي جوئان مڻهيار-
(سهيليون! هلو ته قطار ٺاهي هلي مڻهياري کي ڏسون)

 

پرديسي مڻهيار...

هالو سهيليان جهـُـولـَـرِ جهـُـولر، جوئان مڻهياري رو هاٽ-
(سرتيون هلو ته هلي مڻهياري جو دڪان ڏسون)

 

ڇاگڙيان ڇـَـلان رو مڻهيار...

ٻـِـيجيان ڏيکيان ماڻڪ آن موتي، سونل نـِـر کيو مڻهيار-
(ٻين سرتين ماڻڪ موتي ڏٺا، پر سونل مڻهياري کي ڏٺو)

 

پرديسي مڻهيار...

جنم ڏنو مڻهياري نان ماتاڙِي، رُوپ ڏنو ڪلتار-
(مڻهياري کي ڄڻيو ماءُ ۽ کيس سونهن ڏني ڌڻي تعاليٰ)

 

پرديسي مڻهيار...

ميکان لگين محبتَ رِين آروپار-
(محبت جون ميخون آرپار لڳي ويون)

 

پتلـِـيان پاسان رو مڻهيار...

ڪـِـٿ اُتاران تـَـهان جي پوٽڙي، ڪٿ اُتاران ساٿ-
(ڪٿي تنهنجو سامان رکان ۽ ڪٿي تنهنجو ساٿ ويهاريان)

 

ڀنيان ڀـِـروان مڻهيار...

ڪٿ ٻڌان تـَـهان جو گهوڙلو، ڪـِـٿ تهان جا ساج -
(تنهنجو گهوڙو ڪٿي ٻڌان، ۽ گهوڙي جا سنج ڪٿي رکان)

 

پرديسيڙو مڻهيار...

ڪٿ ڍاڙان تهان جو ڍوليڙو، ڪت جوئان تهان جي واٽ-
(ڪٿي کٽ وڇايان ۽ ڪٿي تنهنجي واٽ نهاريان)

 

پرديسيڙو مڻهيار...

سونل جائي ٿي ساسـِـريئي، ڪاڪل ڪوٺ مڻهيار،

 

پرديسي مڻهيار...

(مومل ساهرن ٿي وڃي، چاچا! مڻهيار کي ڪوٺاءِ)
چـُـوڙلو چوکي ڏَنت رو، ٻاٻل ٻانهين لا-
(بابل! سٺي عاج مان ٺهيل چوڙو وٺي اچ)

 

جانڪـِـڙيان موڇان رو مڻهيار...

سـِـنڌڙِي ري مارگي اُڏتي جائي کيهه-
(سنڌ جي واٽ تان دز اُڏامندي پيئي وڃي)

 

پرديسيڙو مڻهيار...

 

--------

 

 

جوڌيو

 (1)

ٿرپارڪر خطي جو هيءُ لوڪ گيت ٿري ٻوليءَ ۾ آهي. هيءُ محبت ۽ وڇوڙي جو گيت آهي، جو غالباً اصل ۾ ڪنهن عورت  ”جوڌيي“  نالي عاشق جي فراق ۾ چيو، جو پوءِ عام موقعن تي ڳائجڻ ۾ آيو.

 ”جوڌيو“  گيت جيتوڻيڪ عورت جي زباني چيل آهي، پر ان کي مرد ۽ نوجوان ڳائين. ڀانئجي ٿو ته  ”جوڌيو“  نالي اها عورت، جنهن اول هيءُ گيت چيو، سا عمرڪوٽ جي آسپاس جي رهاڪو هئي، ڇاڪاڻ ته گيت ۾ عمرڪوٽ شهر جو نالو گهڻو ڪم آيل آهي.

سٽاءَ جي لحاظ کان هيءُ گيت هڪ هڪ مصرع جي سادي سٽاءَ واري آهي. ڳائڻ وقت هن گيت جي هرهڪ مصراع ٻن ڀاڱن ۾ آلاپيندا آهن. وراڻي عام دستور جي خلاف پهرئين ڀاڱي جي منڍ ۾ چون، مثلاً هن گيت جي، هڪ مصراع آهي:

مين اَمراڻي ري مارگي مين  ”مـَـروُئو“  روپيو ڙي.

پر گيت ڳائڻ وقت اها مصرع هن طرح چوندا:

جوڌيا مارو ڙي! مين امراڻي ري مارگي،
جوڌيا! مين مروئو روپيو ڙي.

 

اهڙيءَ طرح وراڻي  ”جوڌيا مارو ڙي“  هرهڪ مصراع جي منڍ ۾ آلاپيندا آهن.

 

---------

 

جوڌِيا مارُو ڙي!
(اي پيارا جوڌيا!)

 

جوڌيا مارو ڙي! مين اَمراڻي ري مارڳي،
(اي جوڌيا! عمرڪوٽ جي رستي تي)

 

جوڌيا! مين مـَـرُوئو روپيو ڙي...
(مون نازبو پوکيو آهي)

 

جوڌيا مارُو ڙي! اَمراڻي ري سيريئي،
(اي جوڌيا! عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ گهمندي)

 

جوڌيا! مين ڪـَـجليو روڙيو ڙي...
(مون اکين ۾ سرمو وڌو آهي)

 

جوڌيا! مارُو ڙي! اَمراڻي ري واڙيان نان ڍَرتـِـي،
(اي جوڌيا! عمرڪوٽ جي واڙين ۾ ويندي)

 

جوڌيا! مـِـنان ڏاوِيو ٻوليو ڙي...
(تتر دائي پاسي ٻوليو آهي)

 

جوڌيا مارُو ڙي! ٻاڙاتـَـڻ رِي پـِـريـِـتَ،
(اي جوڌيا! ننڍپڻ جي پريت)

 

جوڌيا! مـِـنا پيارِي لاگـِـي ڙي...
(مون کي پياري لڳي ٿي)

 

جوڌيا مارُو ڙي! ڏُونگريئي چڙهتي،
(اي جوڌيا! ڀٽن تي چڙهندي)

 

جوڌيا! مـِـنان اباڻو ياد پـَـڙي ڙي...
(مون کي اباڻا ياد پيا آهن)

 

جوڌيا مارُو ڙي! ڌوڙيو اُٺ ڏِنگيو پوڻـِـيو،
(اي جوڌيا! تنهنجو بگو اُٺ ۽ آڏو پٽڪو)

 

جوڌيا! مـِـنان ياد پڙي ڙي...
(مون کي ڏاڍو ياد پوي ٿو)

 

جوڌيا مارُو ڙي! اَمراڻي ري مارگي،
(اي جوڌيا! عمرڪوٽ جي رستي تي)

 

جوڌيا! جهـِـيڻي اُڏي کيهه ڙي...
(سنهي دز اُڏامي ٿي)

 

جوڌيا مارُو ڙي! تاهـِـجو اُٺـِـڙلو منڊو،
(اي جوڌيا! تنهنجو اُٺ منڊو آهي)

 

جوڌيا! هـُـون ٻيڙي هـَـلان ڙي...
(آءٌ توسان گڏجي هـَـلان ٿي)

 

جوڌيا مارُو ڙي!  ”ڀيلواڙي“  ريـِـن ڀـِـيلڻـِـين،
(اي جوڌيا! ڀيلواڙي جون ڀيلڻيون)

 

جوڌيا! مـِـنان مهڻا مارِين ڙي...
(مون کي مهڻا پيون ڏين)

 

جوڌيا مارُو ڙي! نـَـنڍِڪي هـَـني رو،
(اي جوڌيا! توسان ننڍي هوندي کان)

 

جوڌيا ڇورا! پـَـليئو لگو ڙي...
(منهنجو پلؤ اڙيو آهي)

 

 

ڪرَهو

 (1)

ٿرپارڪر جو هيءُ لوڪ گيت خصوصاً عمرڪوٽ واريءَ ڀاڱي ۾ رائج آهي. هيءُ جتن ۽ اوٺين جو گيت آهي، جي اُٺن تي سفر ڪندي ڳائين. انتظار ۽ فراق جو هيءُ گيت ڄڻڪ  ”مومل“  جي زباني آهي، هن گيت ۾ مشهور عشقيه داستان  ”مومل راڻي“  جو اهو نظارو بيان ٿيل آهي، جڏهن راڻو روز رات جو ڪرهي تي چڙهي، مومل سان ملڻ لاءِ ڪاڪ ۾ ايندو هو ۽ هوءَ راڻي سان ملڻ لاءِ تمام بيتاب هوندي هئي. ڪرهو، جو راڻي کي هن سان ملائڻ جو وسيلو هو، تنهن لاءِ مومل ايلاچون ۽ ناگرول پوکائي، کيس منٿ ٿي ڪري ته: اي ڪرها! منهنجي محبوب مينڌري کي آهستي آهستي کڻي اچج، جيئن هن کي ڪا تڪليف نه ٿئي. ان بعد مومل اُٺ جي گهڻي خوشامد ڪري ٿي. هن گيت ۾ جيئن ته خطاب اُٺ سان آهي، تنهنڪري جتن ۽ اوٺين پنهنجي جذبات جي ترجمانيءَ لاءِ هي گيت ڳايو.

 ”ڪرهو“  ٿري محاوري ۾ چيل آهي. سٽاءَ، معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان هيءُ نهايت سادو گيت آهي. گهڻو ڪري هرهڪ بند ٿوريءَ ڦيرگهير سان وري وري چيو وڃي. جيئن:

هڙڪ هلو هو، مڌورا چلو هو،

صاحب جـِـي را ڪارها، تاري واٽلڙي جوئان، گهر آؤ.

مصراعون لفظن جي ٿوريءَ ڦير گهير سان وراڻيءَ طور ڪم اچن. ساڳيءَ طرح منڍ واري مصراع به ٿوري گهڻيءَ تبديليءَ سان وري وري آلاپين. هن گيت جي فقط هڪ روايت ملي آهي، جا شامل ڪجي ٿي.

 

ڪـِـٿ روپائون ڏوڏا ايلچي، ڪـِـٿ روپائون ناگرويل-
(ڪهڙي هنڌ ڦوٽا پوکايان، ۽ ڪهڙي هنڌ ناگرويل)

 

هـُـڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو،
(آهستي هل، ڍرو هل)

 

مارَي پرديسي را ڪرها! تاري آو لوڙي آئي، گهر آو...
(منهنجي پرديسي جا اٺ! متان ڏکيو نه ٿئين، هاڻي گهر اچ)

 

باگ ۾ ڏوڏا لڳائون ايلچي، آنڱڻ روپائون ناگرويل-
(باغ ۾ ايلاچي ۽ اڱڻ تي ناگرول پوکايان)

 

هڙڪ هلو هو، مڌورا هلو هو،
(آهستي هل، ڍرو هل)

 

صاحب جـِـي را ڪرها! تاري واٽاڙِي جوئان گهر آئو...
(سڄڻ جا اُٺ! تنهنجي واٽ نهاريان ٿي، هاڻي گهر اچ)

 

ڪـِـيڻ سان سينچائون ڏوڏا ايلچي ڪـِـيڻ سان ناگرويل؟
(ڪيئن ايلاچي کي پاڻي ڏيان، ڪيئن ناگرول کي)

 

ڌيما هلو هو، مڌورا هلو هو،
(آهستي هل، ۽ وچٿرو هل)

 

ريساڻبو را ڪرها! تاري واٽ جوئان، گهر آؤ...
(رٺل ڪانڌ جا ڪرها! تنهنجي واٽ پئي ڏسان، گهر اچ)
ڏانتان سين کوٽائون ڏوڏا ايلچي، نـُـکلڙي کوٽائون ناگرويل-
(ڏندن سان ايلاچي کوٽايان، ۽ نهن سان ناگرويل)

 

هڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو،
(آهستي هل، ڌيمي هل)

 

سوڍي راڻي را ڪرها! تاري واٽ جوئان، گهر آءُ...
(سوڍي جا ڪرها! تنهنجي واٽ پيئي ڏسان، گهر اچ)

 

ڏهـِـي سان سينچائون ڏوڏا ايلچي، ڏُڌ سان ناگرويل-
(ايلاچيءَ کي پاڻي بدران ڌؤنرو، ۽ ناگرول کي کير پياريان)

 

هڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو،
(آهستي هل، ڍرو هل)

 

رسيلي را ڪرها! تاري واٽ جوئان، گهر آؤ...
سهڻي جا ڪرها! تنهنجي واٽ نهاريان پئي، گهر اچ)

 

ڪيڻ سان نـِـينداڻان ڏوڏا ايلچي، ڪـِـيڻ سان ناگرويل-
(ڇاسان ايلاچي پٽيان ۽ ڇاسان ناگرول)

 

ڌيمان هلو هو، مڌورا هلو هو،
(ڍرو هل، وچٿڙو هل)

 

صاحب جـِـي را ڪرها! تارَي واٽ جوئان، گهر آؤ...
(راڻي جا اُٺ! تنهنجي واٽ نهاريان ٿي، گهر اچ)
نـُـکَ سان نـِـينداڻان ڏوڏا ايلچي، نيڻان سان ناگرويل-
(نـُـنهن سان ايلاچي روڙيان، ۽ نيڻن سان ناگرول)

 

هڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو،
(آهستي هل، ڍرو هل)

 

ماري پرديسي را ڪرها! تاري اَوَ لوڙي آئي، گهر آؤ...
(پرديسي جا ڪرها! متان ڏکيو ٿين، گهر اچ)
ڪيڻ سان کوٽائون ڏوڏا ايلچي، ڪيڻ سان کوٽائون ناگرويل-
(ڇا سان ايلاچي کوٽايان، ۽ ڇا سان ناگرول)

 

هڙڪ هلو هو، ڌيما هلو هو،
(آهستي هل، ڌيمي هل)

 

پرديسي راڪرها! تنان ڏٺي جهجها ڏينهن ٿيا، گهر آؤ...
(پرديسي جا ڪرها! توکي ڏٺي گهڻا ڏينهن ٿيا، گهر اچ)

 

 

---------

 

 

راڻو

(1)

هيءُ گيت سنڌ جي مشهور رومانوي داستان  ”مومل راڻو“  تي مبني آهي، ۽ ٿرپارڪر واري ڀاڱي ۾ رائج آهي. برسات جي موسم ۾ جڏهن چوطرف ساوا گاهه ڦٽن ۽  چوپايو مال ڀٽن تي چرڻ وڃي، تڏهن مومل، راڻي مينڌري کي ياد ڪري، کيس ڪوٺائڻ لاءِ ڪئين قاصد موڪلي ٿي ته: اي راڻا! برسات جي موسم ۾ هي وڻندڙ راتيون، مون کان جدائيءَ ۾ گذاريون نٿيون ٿين، تنهنڪري قاصد پهچڻ شرط هليو اچ. هن گيت جو مضمون  ”مومل راڻي“  جي انهيءَ واقعي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جڏهن راڻو مومل کان رٺل آهي.

محبت ۽ محبوب سان ملاقات جي جذبن تي مشتمل هيءُ گيت ٿري ٻوليءَ ۾ چيل آهي. عام طرح هيءُ گيت برسات جي موسم ۾ ڳائيندا آهن.

-----

راڻي هـِـيرو هلايو، چونرا تان آهن ويهه،
(راڻي هيرو موڪليو، چونرا ويهه آهن)
راڻل! ڀيڄ ڀنيءَ رات، سوڍل ڀيڄ ڀني رات.

 

(راڻا ڀيڄ ڀنيءَ رات آهي)

مـَـگري تان وُٺا مينهن، ڌوري ڊامڻ ڌُونڌڙيو-
(پـَـٺن تي مينهن وٺو، ڀٽن تي ڊامڻ گاهه اُڀريو)

 

راڻل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

ڀـِـٽَ پـَـٽ گاهه اُڀريو، چـَـرسين گورڙين گائين-
(ڀٽن ۽ پٽن تي گاهه اُڀريو آهي، جو ڍڳيون چرنديون)

 

سوڍل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

ڌوري ڊامڻ ڌونڌڙيو، ڌوري تان ڍرڪيون مينهون-
(ڀـِـٽن تي ڊامڻ گاهه اُڀريو، ۽ مينهون لهي آيون)

 

راڻل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

اڱڻ لاڏي جو ڪانهلو، مٿي تان آهي کوهه-
(راڻي جو اڱڻ سهڻو آهي، ۽ ان ۾ کوهه آهي)

 

سوڍل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

پاڻي تان کوهه جو مٺڙو، پيئي تان جڳ جيئي-
(کوهه جو پاڻي مٺو آهي، دنيا پيئي ته جيئي)

 

راڻل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

چندن ڪاٺ جو هندورو، لـُـڏِين ڪالهوڻا ٻار-
(چندن ڪاٺ جو هندرو، جنهن ۾ ٻار پيا لڏن)

 

سوڍل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

ست تان پرڻيو سـُـومريون، هيڪر تان آهي ڍاٽڻ-
(راڻو ست سومريون پرڻيو، ۽ هڪڙي ڍاٽڻ)

 

راڻل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

مومل ماڻهو موڪليو، ڪاگڙ واچي آءُ ڙي-
(مومل ماڻهو موڪليو، راڻا! خط پڙهي هليو آءُ)

 

سوڍل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

مومل تيڙو هلايو، ڏونگر ڏوري آءُ ڙي-
(مومل ماڻهو موڪليو، راڻل! جبل جهاڳي آءُ)

 

راڻل! ڀيڄ ڀني رات...

راڻي کي ماڻهو موڪليو، ڏندڻ ڏيئي آءُ ڙي-
(راڻي کي ماڻهو موڪليو ته ڏندڻ ڪري، جلدي اچ)

 

سوڍل! ڀيڄ ڀنيءَ رات...

---------


(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام  ”اوجها“  کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org