مورو
”مورو“ اصل ۾ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو لوڪ گيت آهي، پر ان جي مقبوليت جو
دائرو ڪوهستاني علائقي کان ٻاهر سنڌ، لس ٻيلي،
قلات ۽ مڪران تائين آهي. هيٺ شامل ڪيل موري جي
روايتن جو گهڻو انداز اتر مان مليو آهي، ڇاڪاڻ ته
ويندي اتر سنڌ تائين ”مورو“ ڳايو وڃي ٿو. ڪوٽڙي
۽ ٺٽي تعلقن جي ڪوهستاني ڀاڱي ۾ مورو مقبوليت سان
رائج آهي. هڪ روايت موجب هيءُ لوڪ گيت خاص طرح
جوکيا، برفت، بروهي، پالاري ۽ گڊا قومن جو ورثو
آهي. اهي ئي قومون هن گيت کي گهڻو ڳائين. سنڌ ۾ به
جن هنڌن تي اهي قومون آباد ٿيون اُتي ئي مورو رائج
ٿيو. هن وقت مجموعي طور ”مورو“ سڄي سنڌ، لس ٻيلي
۽ بلوچستان جي قلات ۽ مڪران جي حصن جو عام مشهور
لوڪ گيت آهي.
”مورو“ محبت ۽ مجاز جو گيت آهي. هن گيت ۾ وڇوڙي ۽ بيقراري، وصال ۽ ملاقات
لاءِ واجهائڻ، عاشق ڏانهن نياپا ۽ سنيها موڪلڻ جو
مضمون سمايل آهي. نينهن جو نياپو هن گيت جو مرڪزي
مضمون آهي، انهيءَ ڪري هن گيت کي ”سنيهڙو“ يا
”لـِـيهڙو“ به چوندا آهن. موري جي هڪڙي روايت جي
وراڻي خاص انهيءَ مقصد واري آهي ته:
سنيهڙو مان ٿي ڏيان، جاني! مورو مان ٿي ڏيان.
”موري“ جي مضمون تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پهريون مورو غالباً ڪنهن
عورت چيو، جا دور دراز پنڌ تي پرڻجي وئي، مائٽن ۽
وطن کان وڇوڙي سبب التجا طور هيءُ گيت چيائين،
جنهن ۾ پنهنجن پيارن سڄڻن ۽ عزيزن سان ملڻ لاءِ
خاوند کان موڪل گهريائين. موري جي عام مشهور
وراڻي ”مورو ناهي ٿورو، حاڪم! موري موڪل ڏي“
انهيءَ طرف اشارو ڪري ٿي. البت اهو يقين سان چئي
نٿو سگهجي ته لفظ ”موري“ جي ڪهڙي مراد آهي. ٿي
سگهي ٿو ”مورو“ ڪنهن شهر، بستي، ڳوٺ، وانءِ يا
تڙ جو نالو هو، جتي ان سـِـڪ واريءَ جا سڄڻ ۽ سيڻ
رهندا هئا، يا ”مورو“ خود سڪ واري ۽ مڱيندي،
مڙس، يا محب جو نالو هجي، جنهن کي ملڻ لاءِ ماندي
ٿي هـِـن گيت ذريعي هـُـن آهون ۽ التجائون ڪيون.
بهرحال ”مورو“ درد جي دانهن هئي، جا پري پري تائين وڃي پهتي ۽ مورو
ايتريقدر ته مقبول ٿيو جو هنڌين ماڳين ڳائجي ويو.
”مورن“ ۾ چوندڙن جو نالو اڪثر پڌرو ڪونهي پر ڪن
مورن ۾ چوندڙن جا نالا ملن ٿا. اهڙن مورن مان،
مائي ساران جکري ويٺل ڪوهستان، جا مورا ملي سگهيا
آهن، جي هتي شامل ڪيا ويا آهن.
پوءِ جي چيل مورن جي مضمون ۾ البت فرق آيو، پر وراڻي گهڻي ڀاڱي ٿوري ڦير ڦار
سان ساڳي رهي. سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان موري جي
مليل روايتن جون مشهور وراڻيون مثال طور ڏجن ٿيون:
(1) مورو ناهي ٿورو، حاڪم! موري موڪل ڏي، (2) مورو
ناهي ٿورو، راڻل! مورو ويٺي ڳايان، (3) لالڻ! مورو
ڏينديسانءِ، (4) مان توجڪي ٻانهي هان، لاڏڪ! منڪا
مورڪو چونديسانءِ، وغيره.
مجازي مضمون ۽ مٺي لئي سببان، ”مورو“ جهرجهنگ، شهر بحر مشهور ٿي ويو، ۽
محفلن ۽ ڪچهرين جو سينگار بنيو. نه فقط عورتن پر
مردن به ”مورا“ ٺاهيا. ملهه پالاريءَ جا چيل
مورا مشهور آهن، جن مان فقط هڪڙي اڻپوري روايت ملي
سگهي آهي، جا هتي شامل ڪئي ويئي آهي. آهستي آهستي
مجاز کان سواءِ ٻيا مضمون پڻ ”موري“ ۾ داخل ٿيا
۽ ڪن مشهور ماڻهن يا واقعن بابت ”مورا“ چيا ويا.
ٽيهه چاليهه سال اڳ ”ميراڻ جمالي“ ڌاڙا هنيا ۽
سندس نالو مشهور ٿي ويو. جڏهن ميراڻ جهليو ۽ کيس
جنم ٽيپ جي سزا آئي ته سندس ڏک ۾ سندس ڀيڻ جي
زباني ”مورا“ چيا ويا. اهڙيءَ طرح ”ڦل ماڇي“
جي مارجڻ تي ”مورا“ ٻڌا ويا. پٽ ڄمڻ جي اميد يا
خوشيءَ تي ”مورا“ ٻڌا ويا، جن مان هڪ روايت هت
شامل ڪئي وئي آهي.
”موري“ جي بناوت هن طرح آهي جو شروع ۾ ٻن ننڍڙين مصرعن يا هڪڙي مصرع جي
وراڻي يا ٿلهه آهي. ان بعد قافيي سان ٻن ٻن ننڍڙين
مصرعن جا لاڳيتا بند ٿين. ڳائڻ مهل وراڻيءَ کي گهٽ
۾ گهٽ ٻه دفعا ورجايو ويندو آهي. ڪي ”مورا“
انهيءَ سٽاءَ کان مختلف آهن ۽ آزاد نموني ۾ چيا
ويا آهن، مثلاً:
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،
پلپل پـُـور پون، کاڻا پلپل پور پون.
---------
مور ڍولڻ يار! ڪهڙي پار ٽلين تون؟
-----
وڻ جي چون ٽاري، ڳڻتين آهيان ڳاري، چغل توتي چاري،
نماڻا ادل! مورو چوان.
موري نظم جي پهرين مصرع ۾ عموماً ڪنهن شيءِ جو نالو ڀراءُ طور ڪم آندل هوندو
آهي، ٻي مصرع ئي مقصد واري هوندي آهي، جنهن ۾
مجازي مضمون جي لحاظ سان موري چوندڙ جي جذبن ۽
احساسن جو اظهار ڪيل هوندو آهي:
جبل مٿي هاٿي - دلبر سان دل ڦاٿي
-----
جبل مٿي ڪٻر - تو ڪانه لڌي خبر،
جبل مٿي واري - تو لئي ٿيس ڪاري.
-----
اُٺ ته تنهنجو ڳاڙهو - هنيئي دل جو ڌاڙو.
-----
مينهن جي چون پـُـٺي - تنهنجي قرين ڪـُـٺـِـي،
-----
پکي چون ڪانگو - سڄڻ! لاٿئي سانگو.
اهڙيءَ طرح موري جي جملي بندن جي پهرين مصرعن ۾ ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جو نالو
ڪم آندل آهي. هت شامل روايتن ۾ هيٺين شين جا نالا
ڪم آيل آهن: مورو، جبل، ڪوهه، ٽڪر، اُٺ، ڏاند،
گهوڙو، مينهن، ٻڪري، پکي، ٻني، ڪنڊيون، ٻٻر، وڻ،
ڪڻڪ، ٻاجهري، وونئڻ، نار، ڍورو، نکٽ، ملڪ، شهر،
ننگر ٺٽو، نالو، گاڏي، گهر، کٽ، پـُـٽ، جتر، دلو،
قميص، ڪانچ، نٿ، جـُـوجڪو، پـَـتو، درياءُ، وار،
رومال، جـُـتي، دنبورو ۽ حقو. اهڙن نالن مان جن کي
عنوان طور مقرر ڪري مورا چيا ويا آهن تن مان
مورو، جبل، اٺ، وغيره عنوانن تي چيل مورا آڳاٽا
معلوم ٿين ٿا. هن پوئين دور ۾ چيل ”مورن“ ۾ ريل
گاڏي، پـَـتو، لاري وغيره موجوده دور جون شيون پڻ
عنوان طور ڪم آندل آهن.
بعضي ٻن ٻن مصرعن وارا بند ٻه ٻه چار چار يڪا چئي آخر ۾ وراڻي چوندا آهن.
شامل مواد ۾ اهڙي هڪ روايت کي ائين ئي شامل ڪيو
ويو آهي، جيئن موري چوڻ واري کان ٻڌي قلمبند ڪئي
وئي آهي، مثلاً:
ملڪ ته مان جو جاتي - حرف ۾ توجي ڦاٿي(1)
ٻولان توجي ٻڌي - آهين تو هـِـي سندِي،
هنجهون تولاءِ هارين - ڏکيا ڏينهن گهارين،
جيءَ پنهنجو ڳارين - بيٺي توکي سارين،
جانب! مورو ويٺي ڏيان...
”مورو“ زالون توڙي مرد ڳائين: زالون ڪم ڪار يا واندڪائي ۾ وندر طور پنهنجي
منهن جهونگارين ۽ مرد وري ڪنهن خوشيءَ جي موقعي تي
محفل يا مجلس ۾ سـُـرندي ۽ دنبوري تي ڳائين.
’موري‘ جو رس تڏهن لڳي ٿو جڏهن مجلس ۾ ٻه ڄڻا واري
سان مورو ڳائين، هڪڙو بند هڪڙو ڄڻو چوندو ته ٻيو
بند وري ٻيو ڄڻو چوندو.
موري جي آخر ۾ عموماً ڪا وراڻي چئي مورو ختم ڪيو ويندو آهي، اها وراڻي هر هڪ
موري چوندڙ وٽ جدا جدا قسم جي هوندي آهي، مثلاً:
الله توکي آڻيندو، ڪا لولي چوئين،
ور منهنجا مٺو، ڪو مورو چوئين.
-----
لولي لولي، نورل جي آهين گولي،
پانُ جي شيخ جو ڪونهي ثاني،
پانُ جي ملڪ جو ڪونهي ثاني.
مورا اڪثر ڀيروي يا پهاڙي سرن ۾ ڳايا وڃن ٿا، پر موري جا ملوڪ ڳائيندڙ
پنهنجي مٺي آواز، وراڻيءَ جي ٻڌڻي ۽ مصرعن جي
کڻڻي، ۽ آلاپن جي لوڏ ۽ جهٽڪي واري جهانء سان
”موري“ جي لئي ۾ هڪ عجب قسم جو سرور پيدا ڪن ٿا ۽
اهڙو ته رس لڳائين ٿا جو رات وهامي وڃي پر ڪير جو
مجلس مان اُٿي.
موري جي جملي مواد کي ٻن حصن ۾ ترتيب ڏيئي رکيو ويو آهي: اول اصل روايتي
نموني جا مورا، جن کي عام مشهور وراڻين جي لحاظ
سان رکيو ويو آهي. اهي جملي سورهن قسمن جون
وراڻيون آهن، جي ترتيبوار ڏجن ٿيون: (1) مورو ناهي
ٿورو، حاڪم! موري موڪل ڏي. (2) مورو لکن ٿورو،
سڄڻ! موري موڪل ڏي. (3) مورو جيءَ جو جهورو، دلبر!
موري موڪل ڏي. (4) مورو ناهي ٿورو، راڻل! مورو
ويٺي ڳايان. (5) مورو ناهي ٿورو، سڄڻ! مورو ويٺي
ڏيان. (6) مورو ناهي ٿورو، جانب! موري جهلي آهيان.
(7) سنيهڙو مان ٿي ڏيان، جاني مورو مان ٿي ڏيان.
(8) لالڻ! مورو ڏينديسانءِ. (9) مان توجڪي ٻانهي
هان، لاڏڪ! منڪا مورڪو چونديسانءِ . (10) نماڻا
ادل! مورو چوان. (11) مٺو! ڪو مورو چوئين. (12)
من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو. (11) مٺو! ڪو مورو
چوان. (14) موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي. (15) سهڻا
سائين! سمجهو مانجهل جو مورو. (16) توجي آهيان
ٻانهي، تون ته مان جو جاني - پلپل پور پون، کاڻا!
پلپل پور پون. ٻيو باقي متفرقه مورا، جن ۾ محبت جا
مورا، لوليءَ طور ٻڌل مورا ۽ مشهور ماڻهن بابت چيل
مورا شامل ڪيا ويا آهن.
-----
(الف) اصل روايتي نموني جا مورا
(1)
مورو ناهي ٿورو، حاڪم! موري موڪل ڏي.
جبل مٿي هاٿي - دلبر سان دل ڦاٿي،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
جبل مٿي لـَـيون - اڳيون ڳالهيون ويون،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
جبل مٿان هـَـٽي - دلبر دل آ جهٽي،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
جبل مٿان ڳيري - مـَـرَن تنهنجا ويري،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
(2)
مورو ناهي ٿورو، جانب! موري موڪل ڏي.
ٽڪر مٿي مورو - ڀانيان تنهنجو ٿورو،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي کـُـرمو - سهڻل پاتو سرمو،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڄانڀو - لالڻ ٻڌو ڪانڀو،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي پينڊي - ڍولڻ لاٿي ميندي،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڪانا - دلبر ٻڌا ڳانا،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ٽارِي - دلبر مينڍن وارِي،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڪاتي - سهڻل ٻيگهـُـڙ چاتي،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي گهـُـڊي - سڄڻ پاتي منڊي،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي وَڻـِـي(1)
- دلبر ڏني ڦڻي،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڪاتي - پـِـرين ٻانهين پاتي،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي لانڍيون - دلبر مـُـڪيون ڪانڍون،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ٻير - ڍولڻ رتا پير،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڇاڻو - سڄڻ ڪيو ماڻو،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڄانگهو - سڄڻ ڪيو سانگو،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر ويو کاڄي - سهڻل چاڙهي ڀاڄي،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي لـُـهڻـِـي - سڄڻ سدا سـُـهڻي،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڪـَـينسر - دلبر پاتي بـَـينسرَ،
جانب! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڀاڻ - پـِـرين پـَـرتو پاڻ،
جانب! موري موڪل ڏي...
(3)
مورو لکن ٿورو، حاڪم! موري موڪل ڏي.
ٽڪر مٿي ڪانگو - دل کاڌو آ تانگهو،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڳيرو - دل کاڌو آ گهيرو،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي لولو - سهڻل پاتو آ چولو،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي مـِـينهـَـن - سڄڻ لاتا ڏينهن،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ٻانڌي - پرين جا آيا پانڌي،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
ٽڪر مٿي ڀولـِـي - دلبر جهلي آ جهولي،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
(4)
مورو لکن ٿورو، حاڪم! موري موڪل ڏي.
هل ته هلون هاڙهي - ڪيون ڍاٽي اُٺ ڀاڙي،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
هل ته هلون ناري - وٺون ڪاڇـِـي ڀائچاري،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
هل ته هلون ڪوٽي - محب نٿو موٽي،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
هل ته هلون لاڙ - محب ڪندو ماڙ،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
هل ته هلون ٻيلي - موليٰ محب ميلي،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
هل ته هلون ناري - سڄڻ کي سنڀاري،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
هلڻ جهڙي ناهيان - ڪهڙو سينو ساهيان،
حاڪم! موري موڪل ڏي...
(5)
مورو لکن ٿورو، سڄڻ! موري موڪل ڏي.
تارون وڄن رڪ جون - چٺيون آيون ڏک جون،
سڄڻ! موري موڪل ڏي...
نالو ٻڌان ٿو جاڙو - سرهو تنهنجو پاڙو،
سڄڻ! موري موڪل ڏي...
”سـُـورجاڻ“ ڇپر جا سائين - درد دل جا لاهين،
سڄڻ! موري موڪل ڏ ي...
”سورجاڻ“ جبل جا ڀاڳيا - سو آهن جاڳيا،
سڄڻ! موري موڪل ڏي...
”سورجاڻ“ جبل جي جهوري - سور سـُـتل ٿو چورين،
سڄڻ! موري موڪل ڏي...
هيءُ ”حب“ جو وهي پاڻي - الله ٿيند ئي ساڻي،
سڄڻ! موري موڪل ڏي...
لڳن بولاخان جون وائون - توکي محي الدين جون
دعائون،
سڄڻ! موري موڪل ڏي...
سرندو وڄي ٿو چوٽ - پرين ستل هو جوٽ،
سڄڻ! موري موڪل ڏي...
سـُـئـِـي ته سڳو ٿي سيري - قلب ڇا کان ويا ڦيري،
سڄڻ! موري موڪل ڏي...
(6)
مورو لکن ٿورو، جاني! موري موڪل ڏي.
گاڏيءَ گاڏا ست - سڄڻ مـُـڪاٿم خط،
جاني! موري موڪل ڏي...
گاڏيءَ گاڏا ٽي - اچي دلبر جي،
جاني! موري موڪل ڏي...
گاڏي چون ”لوڪل“ - سهڻا! نياپو موڪل،
جاني! موري موڪل ڏي...
گاڏيءَ جو ته ڌڌڪو - ساهه تو تان صدقو،
جاني! موري موڪل ڏي...
(7)
مورو جيءُ جهورو، دلبر! موري موڪل ڏي.
نار جي ته ڪاڃڻ - سهڻل ڪئي آ سانجڻ،
دلبر! موري موڪل ڏي...
نار جي ته نيسر - دلبر پاتي بـَـينسر،
دلبر! موري موڪل ڏي...
نار جي ته ڳاڌِي - سڄڻ جي آ شادي،
دلبر! موري موڪل ڏي...
نار جي ته چڪر - توکي ڳوليان شهر،
دلبر! موري موڪل ڏي...
(8)
مورو ناهي ٿورو، راڻل! مورو ويٺي ڳايان.
ٽڪر مٿي ڄانڀو - سهڻل ٻڌو ڪانڀو،
راڻل! مورو ويٺي ڳايان...
ٽڪر مٿي لاڻو - دلبر ڪيو ماڻو،
راڻل! مورو ويٺي ڳايان...
ٽڪر مٿي ڪانهين - سهڻل پاتي ٻانهـِـين،
راڻل! مورو ويٺي ڳايان...
ٽڪر مٿي ٻير - سهڻي لاتي دير،
راڻل! مورو ويٺي ڳايان...
ٽڪر مٿي سانڊو - دردن لاتم ٽانڊو،
راڻل! مورو ويٺي ڳايان...
ٽڪر سندي چوٽي - دلبر ايندو موٽي،
راڻل! مورو ويٺي ڳايان...
(9)
مورو ناهي ٿورو، جاني! مورو ويٺي ڳايان.
هل ته هلون گهاڙِي - سورن دل آ ساڙي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون ڳاڙهي - ڪانه وڻي ٿي ماڙي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون سکر - سهڻل ڪيم ماڻا ڪـَـر،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون سکر - وٺي اچون وکر،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون ٻانڌي - دلبر ٿيندو ڪانڌي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون لڪي - ٽڪيٽ وٺون پـَـڪي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون سـِـيتان - سهڻيون تنهنجون رِيتان،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون ڪاڇي - جانب هوندو جاٿي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون دادو - جانب لاتم جادو،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون ماڏي - جانب ويو جاڏي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون ڪچي - جانب جو سر بچي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون ڪچي - جتي ناچو نچي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون بـَـري - جانب ايندو وري،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون هاڻي - ڍاٽي اُٺ پلاڻي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون حب - سارين توکي سڀ،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
هل ته هلون هاڙهي - ڪاڇي ڪيو ٿم ڀاڙي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
(10)
مورو ناهي ٿورو، جاني! مورو ويٺي ڳايان.
آيس عشق جي اري - دلبر دل ويو ڦـُـري،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
ڏوهه ڏنـِـگايون ڏسـِـي - راڻل ويو ٿم رسـِـي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
پرين پاڻهي آيو - رب وڌو هـُـس رايو،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
پري اٿم پيڪا - رب رضا ٿي جيڪا،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
ڀيڻ هنجون هت هاري - ڀائر ڀينر ساري،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
روئي ٿڪيون ديدون - ڀائر ڏيندم عيدون،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
سؤٽن سار نه لڌي - ٻول انهن جي ٻڌي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
ماهه ڏَهون ٿم ڏٺو - رب ڏئي پـُـٽ مٺو،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
سس هڻي ٿي طعنا - ٺاهي روز بهانا،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
ٻـُـڌ نـِـڻان جو جهيڙو - هـَـي هـَـي هـُـل
بکيڙو،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
دوست هجي ڏيهي - گڏ گذاري ويهي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
آهي زمانو فاني - ڏينهن ٻه چار جواني،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
(11)
مورو ناهي ٿورو، جاني! مورو ويٺي ڳايان.
پـُـٽ جڏهن مون ٿيندو - ڏيهه مبارڪ ڏيندو،
سڄڻ! مورو ويٺي ڳايان...
پـُـٽ ته اٿم ڄائو - ٿيم ڀاڳ سڻائو،
سڄڻ! مورو ويٺي ڳايان...
پـُـٽ پـُـٽيتي جئي - وڌي وڏو ٿئي،
سڄڻ! مورو ويٺي ڳايان...
پـُـٽ نه ٿيندو جوڌو - ڳـُـڻن سندو ڳوڌو،
سڄڻ! مورو ويٺي ڳايان...
پـُـٽ ته ويو پڙهڻ - ويري لڳا سڙڻ،
سڄڻ! مورو ويٺي ڳايان...
پـُـٽ ته ٿيندم قاضي - رب ٿيو ٿم راضي،
سڄڻ! مورو ويٺي ڳايان...
(12)
مورو جيءَ جو جهورو، جاني! مورو ويٺي ڳايان.
گاڏيءَ گاڏو هڪ - دلبر مون وٽ ٽـِـڪ،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا ٽي - لالڻ مورو چوڻ ڏي،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا چار - ڪانه لڌءِ سڌ سار،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا چار - پنهل ويو ٿم پار،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا پنج - وجهه سـُـرخيءَ سونا سنج،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا نـَـو - لالڻ لاتي لـَـنو،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا ڏهه - تو پاتا آهن ڳهه،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا ويهه - تو ته لاتا ڏينهن،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا ويهه - پنهل لاتم ڏينهن،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا ٽيهه - ڏکن لاتم پيهه،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا ٽيهه - من! تو لاتا ڏينهن،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
گاڏيءَ گاڏا ٻـُـٽا - قيد قيد مان ڇـُـٽا،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
ريل جو اٿم بابو - توکي ڳوليان دادوُ،
جاني! مورو ويٺي ڳايان...
(13)
مورو ناهي ٿورو، سڄڻ! مورو ويٺي ڏيان.
مورا! تنهنجي لات - مونکي تاري آهي تات،
سڄڻ! مورو ويٺي ڏيان...
مورا! تنهنجا نينهن - مونکي لڳا ڏينهن،
سڄڻ! مورو ويٺي ڏيان...
مورا! تنهنجي گهوري - هت ماري آهيان جهوري،
سڄڻ! مورو ويٺي ڏيان...
مورا! تنهنجي گهوري - متان لاهين ڦيري،
سڄڻ! مورو ويٺي ڏيان...
مورا! تنهنجا ٿورا - منهنجي من جا گهورا،
سڄڻ! مورو ويٺي ڏيان...
(14)
مورو ناهي ٿورو، حاڪم! مورو ويٺي ڏيان.
ملڪ ته منهنجو ٿر - ڏنم تولاءِ ور،
حاڪم! مورو ويٺي ڏيان...
ملڪ ته تنهنجو ڀال - چاريان تنهنجا مال،
حاڪم! مورو ويٺي ڏيان...
ملڪ ته آهي هيٺ - ملڻ تنهن سان نيٺ،
حاڪم! مورو ويٺي ڏيان...
ملڪ ته مان جو جهـَـرندو - دشمن توجو مرندو،
حاڪم! مورو ويٺي ڏيان...
(15)
مورو ناهي ٿورو، ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان.
جبل مٿي ڪانگ - توڏي منهنجي تانگهه،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ڪٻر - تو ڪانه لڌي خبر،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ڳيرو - ڀڳئي مون تان ڀيرو،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي لاڻي - آءٌ ته ٿيس نماڻي،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي هڏو - اسان کنيو لڏو،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي طوطو - خط نه تنهنجو پهتو،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي جاٽ - تنهنجي نهاريان واٽ،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي وَل - تون ته مون سان هل،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي واري - تو لئي ٿيس ڪاري،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي اُٺ - آهيان تنهنجيءَ پٺ،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل ۾ جا کاڌ - مون کي هر هر آهين ياد،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل ۾ جا غار - مون کي ڪين تون وسار،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل ۾ جا کڏ - توکي ڪريان سڏ،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ڪانهه - تو نه ٻـُـڌي دانهن،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ساري - آءٌ هيس ڌاري،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ٽـِـڪ - تنهنجي ملڻ جي ٿـَـم سڪ،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ڪـَـس - نهاريان تنهنجو گس،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي مال - اچي ڏس تون حال،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ڦوٽو - تون ٿيو آهين کوٽو،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ڇانهين - ٿيندس توتي دانهين،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي نارا - آءٌ ڳڻيان روز تارا،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي چنڊ - تنهنجو من ۾ لڳم منڊ،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي چوٽي - آءٌ نه ٿينديس توسان کوٽي،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ساڻيهه - الله توکي آڻي،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ليلو - توسان موليٰ ڪري ميلو،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ڇيلا - توسان موليٰ ڪندو ميلا،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي جـَـنڊ - تون آن منهنجو چنڊ،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي وانڍ - تون آن منهنجو ڪانڌ،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي جر - تون ته منهنجو ور،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي گهرڙا - آءُ تون منهنجا ورڙا،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي وَس - تون نه اچي پـَـس،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي ڪار - تون ته منهنجو هار،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
جبل مٿي هس - ناهي منهنجو وس،
ڍولڻ! مورو ويٺي ڏيان...
(16)
مورو ناهي ٿورو، راڻل! مورو ويٺي ڏيان.
ڪوهه جو آ پور - سهتڪو آ سور،
راڻل! مورو ويٺي ڏيان...
ڪوهه جي آ ٽاري - ڪريان پيئي ٿي زاري،
راڻل! مورو ويٺي ڏيان...
ڪوهه سنديون لڪيون - تون لئي روئن اکيون،
راڻل! مورو ويٺي ڏيان...
(17)
راڻا! مورو ويٺي ڏيان.
آنءُ ته توکي ساريان - رات ڏينهان ناريان(1)،
راڻا! مورو ويٺي ڏيان...
دلبر مان جو ورندو - مورو مون لاءِ چوندو،
راڻا! مورو ويٺي ڏيان...
حب جون ته کـُـهيون - دل ته ڇئي(2)
ڏهيون،
راڻا! مورو ويٺي ڏيان...
نيڻ کڻيو ناريان - سڄڻ پانجو ساريان(3)،
راڻا! مورو ويٺي ڏيان...
حب جا ته ڪپ - چمان توجا چپ،
راڻا! مورو ويٺي ڏيان...
اچ ته ڏينهن گهاريون - جاڳان راتيون ساريون،
راڻا! مورو ويٺي ڏيان...
ڪمالاڻيءَ جو کيس - سونهين توکي ويس،
راڻا! مورو ويٺي ڏيان...
|