ڇلو
”ڇلو“ هٿن جي آڱرين ۾ پائڻ جو مشهور ڳـَـهه آهي جو چانديءَ جو پڻ ٿئي، پر
غريب غربا عام طرح لوهه توڙي پتل جا ڇلا پائيندا
آهن. ٿوريءَ قيمت وارو هوندي به هن کي محبت جي
نشانيءَ جو ڳهه ڪري سمجهيو ويندو آهي. محبت وارن
لاءِ ”ڇلي“ کان وڌيڪ ٻي نشاني ٿي نٿي سگهي،
انهيءَ ڪري مجاز جي بيان ۾ ”ڇلي“ جو گهڻي کان
گهڻو ذڪر ٿيو، محبت جون ميارون، قرب جون پچارون،
نشانيون، اهڃاڻ ۽ ڏوراپا دل مان نڪري زبان تي آيا
۽ نظم جي صورت وٺي ظاهر ٿيا. محبت وارن جي گفتگو
به ڇلي جي ئي معرفت ٿي. آهستي آهستي اهي الفاظ
مستقل طرح نظم جي صورت اختيار ڪري عام جي زبان تي
چڙهيا.
”ڇلي“ جو بيان نظم جي صورت ۾ ڪڏهن آيو، ان بابت چئي نٿو سگهجي، باقي سنڌ
جي جدا جدا ڀاڱن مان پهتل روايتن مان معلوم ٿو ٿئي
ته ڇلي جا گيت آڳاٽي وقت کان عام مشهور ۽ رائج
هئا. انهن گيتن جي مقبوليت سببان پوءِ شاعرن به
ارادتاً هن عنوان تي نظم چيا. هن مجموعي ۾ شاعرن
جا چيل ”ڇلا“ پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
”ڇلو“ سنڌي توڙي سرائڪي ٻولين ۾ چيل آهي، پر گڏ ٿيل مواد ۾ گهڻو حصو
سرائڪي ڇلن جو آهي. ڇلي جي جملي مليل روايتن کي
پوريءَ طرح ڀيٽي ڇنڊي ڇاڻي انهن مان زياده مڪمل ۽
مستقل روايتن کي شامل ڪيو ويو آهي.
”ڇلا“ جدا جدا وراڻين سان مشهور آهن. ڇلي جون مشهور وراڻيون، جي ملي
سگهيون آهن، سي هي آهن:
(1) تنهنجي مهرباني، ڇلو ڏي نشاني، (2) الو ڀلو ڙي جاني، ڇلو ڏي نشاني، (3)
ڀلا يارڻ جاني! آهيان تنهنجي ٻانهي، (4) الله آڻئي
خانا، (5) سڄڻ ڏجان ورندي، منهنجي دل ٺرندي، (6)
لڇـم لوڏ ٻانهين، منهنجي دل ايڏانهين، (7) ڀلو يار
جاني، ڇلا ڏي نشاني، (8) جانب يار جاني، ڇلا مـُـج
نشاني، (9) ڀلا يار جاني، ڳڌي آوين نشاني، (10)
ڀلا يار جاني، ڇلي ڏاڍي لائي هي، (11) ڀلا جيوين
جندڙي، وسي ڪاڇا سنڌڙي، (12) ڏس وي ڍول سميجا،
ڪٿان راڌءِ ٻيجا، (13) ول وي ميڏا مکڻا، تيڪون
راضي رکڻا، (14) اُڏر وڃ هيڙها، وسي يار دا ويڙها،
(15) اُڏر وڃ تون ڳيرا، جلي ميڏا جيرا، (16) اُڏر
وڃ تون ڪانوان، لکان يار دا نانوان، (17) اُڏر وڃ
پکيان، رت رونديان اکيان، (18) الله يار مليسي،
ساري درد وڃيسي، (19) تيڏي جيوڻ جائي، راڻي جهوڪ
وسائي، (20) جڏان يار ملسي، دل دا غم لهسي، (21)
ڀلو ڍول مکڻا جيڪو راضي رکڻا. انهن وراڻين تي ٻڌل
ڇلن کان سواءِ متفرقا وراڻين وارا بند پڻ آهن، جي
شامل ڪيا ويا آهن.
---------
(الف) سنڌي ڇلا:
(1)
تنهنجي مهرباني، ڇلو ڏي نشاني
ڇلي ڏاڍي لائـِـي آهه، ڇلي دل ڦسائـِـي آهه،
ڇلي دل وڃائي آهه-
چوان ڇا ٿو جاني، ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو سون وارو آهه، مون کي ڏاڍو پيارو آهه،
پاءِ تنهنجو وارو آهه-
تنهنجي آهه جواني، ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو مون وڃايو آهه، تو وٽ ڇلو آيو آهه،
مون کي يار ٻڌايو آهه-
ڇلو موڪل جاني! ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو ميناڪاري، سهڻو تجليدارِي،
قابو ڪئي آهه آيارِي-
ڇلو سونهن جواني، ڇلو ڏي نشاني...
ڇلي ننڊ ڦـِـٽائـِـي، تنهنجي ياد آئـِـي،
اچ تون سدائي-
تنهنجي مهرباني، ڇلو ڏي نشاني...
ڇلي قرب وڌايو، دلبر مون وٽ آيو،
تنهنجو ڪهڙو رايو آهه-
مون کي ٻڌاءِ جاني، ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو دشمن پاتو، اُهو مون سڃاتو،
توکي مون به ڄاتو آهه-
منهنجي تو وٽ نشاني، ڇلو ڏي نشاني...
ڇلي ڪئي جدائي، مون سان يار سدائي،
تنهنجي ناهه وفائي،
ڇلي ڪئي زياني، ڇلو ڏي نشاني...
(2)
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني.
ڇلو ڪـِـريو ڪانچ تي، ڪڏهن ايندين جانچ تي،
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو ڪـِـريو چـُـلهه تي، جاني! آهين دل تي،
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو ويو گـُـسـِـي، مون کان وئين رُسي،
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو پيو کـَـٽـِـي، مون کان وئين ٽـُـٽـِـي،
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني...
ڇلي ڪيو آ ڪسَ، ناهي منهنجو وس،
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو پيو ٻـَـري، خدا خير ڪري،
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو اَٿم چـِـٽيو، تو آهي مونکي مـَـٽيو،
الو ڀلو ڙي جاني، ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو ورتم ناڻي، الله توکي آڻي،
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني...
ڇلو منهنجو سـُـٺو، تون آهين مونکي مـِـٺو،
الو ڀلو ڙي جاني! ڇلو ڏي نشاني...
(3)
ڀلا يارڻ جاني! آهيان تنهنجي ٻانهي...
ڇلا روڙي روڙي، ڪم قدر جوڙي،
لکيو ڪونه موڙي-
ڀلا يارڻ جاني! آهيان تنهنجي ٻانهي...
ڇلو چاندي چـِـند آهه، ٺاهيو اُبـِـيچـَـند آهه،
ڏنو دلبند آهه-
ڀلا يارڻ جاني! آهيان تنهنجي ٻانهي...
(4)
الله آڻئي خانا!
ڇلا هتان ويندين، ڏاڍو ڏکيو ٿيندين،
وري ڪڏهن نه ايندين-
الله آڻئي خانا!
ڇلا ههڙا تهڙا، ڌُوتي لايا جهيڙا،
قادر ڪندو ميڙا-
الله آڻئي خانا!
ڇلو پيو پـَـتـَـڻ تي، ڪوڙي ناهه ڪـَـتڻ تي،
وري آءٌ وطن تي-
الله آڻئي خانا!
ڇلو ڳاڙهو گدرو، منهنجو دوست ننڍڙو،
ڇڪي ٻڌم سندرو-
الله آڻئي خانا!
ڇلو چيچ پايان، ڪنگڻ ٻانهن لوڏايان،
رٺا دوست پرچايان-
الله آڻئي خانا!
(5)
سڄڻ ڏجانءِ ورندي، منهنجي دل ٺرندي.
ڇلو ڳاڙهي مانڌاڻي، منهنجي يار آ داڻي،
جنهن جي ٽور نماڻي-
سڄڻ ڏجانءِ ورندي، منهنجي دل ٺرندي...
ڇلا وهندڙ واهيون، ڀـُـورل! ڀڃ نه ڪاهيون،
توتي عاشق آهيون-
سڄڻ ڏجانءِ ورندي، منهنجي دل ٺرندي...
ڇلا سڻ عرض منهنجو، دل ۾ درد ٿـَـم تنهنجو،
پنهل کي حال ڏج منهنجو-
سڄڻ ڏجانءِ ورندي، منهنجي دل ٺرندي...
ڇلا واٽ ويهان تنهنجي، من ڪا مهرپوئي منهنجي،
نالي نانءُ ڌڻيءَ جي-
سڄڻ ڏجانءِ ورندي، منهنجي دل ٺرندي...
ڇلا راسوڙو راسو، پـِـرين ورتو پاسو،
ڏنئين ڪوڙو دلاسو-
سڄڻ ڏجانءِ ورندي، منهنجي دل ٺرندي...
ڇلو آيو گهڙجي، اکيون ويون اَڙجي،
قابو دل ڪڙجي-
ويٺي ڏنم ورندي، دل منهنجي ٺرندي...
(6)
لـڇم لوڏ ٻانهين، منهنجي اک ايڏانهين.
ڇلي پيچ پاتو، نئون نينهن لاتو،
دل منهنجيءَ ڄاتو-
لـڇم لوڏ ٻانهين، منهنجي اک ايڏانهين...
ڇلو سائي ٽڪ سان، حال اوريم هڪ سان،
نينهن لاتم سڪ سان-
لـڇم لوڏ پنڙو، تنهنجو نينگر ننڍڙو...
ڇلو لـُـوڻو اَلوڻو، نينگر! چونڊ نه چـُـوڻو،
ڏئين ٿو عشق کي ڌوڻو-
لڇم لوڏ ٻانهين، منهنجي اک ايڏانهين...
(7)
ڇلو ميناڪاري، ڏنو دل پياري،
وڃان وارِي وارِي-
سانڍيان رڳ رڳ ۾، جيئان جيتر جڳ ۾...
ڇلو پاڻي پـِـيهان ڪري روح ريهان،
هي هي ڪوڪان ڪيهان-
جدا ٿيو آ جاني، آهي دل ديواني...
ڇلو موجون ماڻي، وينديس نيٺ اباڻي،
سانجهي يا ته سڀاڻي-
منهنجا مارو موچارا، آهن جيءُ جيارا...
ڇلو ڇاهي ڇاهي، وڃان ڪيچ ڪاهي،
جتي پنهل آهي-
ڏونگر کي ڏوريان، وندر کي ووڙيان...
ڇلو دل جو گوهر، سهڻو سائين دلبر،
مليس ڄاڻ ميهر-
اُها گهڙي ٿيندي، ڏاڍي خوشي ٿيندي...
(ب) سرائڪي ڇلا:
(8)
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني.
ڇلا پاتي کڙيان، يار سڃاتي کڙيان،
پاڙي واليان ڀليان-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
ڇلا ڪر پيا ٿالهي، بينسر بولي والي،
مين سر دا سوالي-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
ڀلو يار پٺاڻا! ٻولي ٻي نه ڄاڻا،
سڄڻ ٿي سياڻا-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
ڇلا آوڻا جاوڻا، ميڏي محب دا مڱڻا،
تنهن تي مور نه وڃڻا-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
ڇلا حيدرآبادي، ميڏي ڍول دي شادي،
ويسان پيرين پيادي-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
ڇلا ٻاهڙمير دا، هولين هولين ٽـُـردا،
مٺيان ڳالهين ڪـَـردا-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
ڇلا اڇا کير اي، ڍولڻ ماريا تـِـير اي،
ساڏا سچ سـِـير اي-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
(9)
ڇلا پٽ دي لوئي، ميڏا سڄڻ سوئي،
جنهن دا مٽ نه ڪوئي-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
ڇلا ڪالا پـَـيسان، سرور پير تي ويسان،
منتا من دي ڏيسان-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
ڇلا ڪالي ڏور اي، شاهه گودڙيا زور اي،
جنهن دي تربت مور اي-
ڀلو يار جاني! ڇلا ڏي نشاني...
(10)
جانب يار جاني! ڇلا مـُـنج نشاني.
ڇلا پـَـٽـِـي پٽي اي، بوڇڻ ڀريا ڄـَـٽـِـي اي،
جيڪو نوسا پٽي اي-
جانب يار جاني! ڇلا مـُـنج نشاني...
ڇلا ڳاڙهيان ڳائين، لڳي نال وَتائين،
جيندي دم تائين-
جانب يار جاني! ڇلا منج نشاني...
ڇلا اڪ دي ڇڙي هي، سڄڻ دل ڪڙي هي،
شيشي نال جڙي هي-
جانب يار جاني! ڇلا منج نشاني...
ڇلا ساوا ڪالا، ميڏا يار متوالا،
ميلي رب تعاليٰ-
جانب يار جاني! ڇلا منج نشاني...
ڇلا لئي دا ٻـُـور اي، اُهندي وَهـِـي داپـُـور
اي،
ڪـِـيتي ويندا ڪلور اي-
جانب يار جاني! ڇلا منج نشاني...
(11)
ڀلا يار جاني! ڳـِـڌِي آوين نشاني...
ڇلا روڙي روڙي، ڪم قدر جوڙي،
لکيا بيٺي لوڙي-
ڀلا يار جاني! ڳـِـڌِي آوين نشاني...
ڇلا آوي جاوي، رُٺي يار پرچاوي،
موليٰ ملڪ وساري-
ڀلا يار جاني! ڳڌي آوين نشاني...
ڇلا اير ڀير اي، مهري وال ڪير اي،
جنهن دا اونچاڀيراي-
ڀلا يار جاني! ڳڌي آوين نشاني...
(12)
ڀلا ڀلا جاني، ڇلي ڏاڍي لائي هئي.
ڇلا حيدرآبادي، ڇلا حيدرآبادي،
وسي گل گادي، اِهين ويلي شادي،
ڀلا ڀلا جاني، ڇلي ڏاڍي لائي هئي...
ڇلا چيچ پاوان، ڇلا چيچ پاوان،
ڪنگڻ ٻانهن لڏاوان، رُٺا يار پرچاوان،
ڀلا ڀلا جاني، ڇلي ڏاڍي لائي هئي...
ڇلا ڪالـِـي ڪـُـني، ڇلا ڪالي ڪـُـني،
سڄڻ ڍول گـُـني، ساڏي آس پـُـني،
ڀلا ڀلا جاني، ڇلي ڏاڍي لائي هئي...
ڇلا ڏتا جاني، ڇلا ڏتا جاني،
ماڻين يار جواني، بني ميئن ديواني،
ڀلا ڀلا جاني، ڇلي ڏاڍي لائي هئي...
ڇلا اڇا چاندي، ڇلا اڇا چاندي،
ميڏي دلڙي ماندي، نهين وان واندي،
ڀلا ڀلا جاني، ڇلي ڏاڍي لائي هئي...
ڇلا سڄڻ مڪا، ڇلا سڄڻ مـُـڪا،
فولين پـُـورا پڪا، دشمن ٿيا ڦـِـڪا،
ڀلا ڀلا جاني، ڇلي ڏاڍي لائي هئي...
(13)
ڀلا جيوين جندڙي، وسي ڪاڇا سنڌڙي.
ڇلا يار دي هٿ دا، جادُو لڳس جت دا،
ڪـُـنڍا موڙيس نـَـڪدا-
ڀلا جيوين جندڙي، وسي ڪاڇا سنڌڙي.
ڇلا لوهيان ڪامان، سڄڻ لڌيان لاوان،
بيٺي سهري ڳاوان-
ڀلا جيوين جندڙي، وسي ڪاڇا سنڌڙي.
ڇلا ڪـِـرپيا روهـِـي، ميڏا يار سوئي،
سنگت جنهن دي ڊوهـِـي-
ڀلا جيوين جندڙي، وسي ڪاڇا سنڌڙي.
(14)
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا ههڙا ت هڙا، توئي لايا جهيڙا،
قادر ڪـَـري ميڙا-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا ڳاڙهي ميندي اي، سانول سـَـندي سينڌِي اي،
ڏاڍا قرب ڏيندي اي-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا ڪـَـر نهَ آهين، ڪـِـيوين مـُـنهن لـُـڪاوين،
ساڏا ساهه سـُـڪاوين-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا ڪـُـنگو رتڙا، ميڏي ڍول ڏتڙا،
هڻ ويندئين رٺڙا-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا سهڻا جاني، مين هان تيڏي ٻانهي،
ماريئي قرب ڪاني-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا ڏاڍي لائي هي، ٻيڙِي پارئون آئي هي،
جنهن چ سانول سائين هي-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا هندستاني، آ مل سانول جاني،
تيڏي مهرباني-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا آوين جاني، سانول دي نشاني،
ٿيوي شادماني-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا پيار ميڏا، دل دا ٺار ميڏا،
هـِـئين دا هار ميڏا-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا هـَـئـِـين ايراني، سڄڻ دي نشاني،
وِسري شل نه جاني!
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا ملڪ مصر دا، ميڏي يار دي سر دا،
ميڏي هـِـين دلبر دا-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا ڳيا شهر وچ، عشق دي اثر وچ،
ڦـِـردي ڦـِـردي گهر وچ-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا هي يوناني، مـِـٺا يار جاني!
تيڏا ڪونهي ثاني-
الله آڻيئـِـي خانا!
ڇلا اڇا ٽڪڙا، ويندا يار تڪڙا،
مولا ميلي وڇڙيا-
الله آڻيئـِـي خانا!
(15)
ڏَس وي ڍول سـَـميجا! ڪٿان راڌءِ ٻيجا.
ڇلا سـَـو سـَـو واليان، تيڏيان سهڻيان چاليان،
آون ياد ڳالهيان-
ڏَس وي ڍول سـَـميجا! ڪٿان راڌءِ ٻيجا...
ڇلا ڪـِـر پيا واهي تي، سانول ڳيا راهي تي،
اسان ويسون ساهي تي-
ڏَس وي ڍول سـَـميجا! ڪٿان راڌءِ ٻيجا...
ڇلا ساوا ڏاند اي، لڳا دل ڪون دانگ اي،
ڪهڙا سـِـردا سانگ اي-
ڏَس وي ڍول سـَـميجا! ڪٿان راڌءِ ٻيجا...
ڇلا ڪڻڪ ڪانهين، سڄڻ پاتي ٻانهين،
ساڏي دل اُٿاهين-
ڏَس وي ڍول سـَـميجا! ڪٿان راڌءِ ٻيجا...
ڇلا پوپٽ پـَـنڙا، ڀريا سـَـڄا ٻـَـنڙا،
کاسان آڀـُـون ڳـَـنڙا-
ڏَس وي ڍول سـَـميجا! ڪٿان راڌءِ ٻيجا...
ڇـَـلا وَلڙي ولڙي، ڀريي مـَـٿ دي ٻنڙي،
کؤسون آڀـُـون ڳنٿري-
ڏَس وي ڍول سميجا! ڪٿان راڌءِ ٻيجا...
(16)
وَل وي ميڏا مکڻا، تيڪون راضي رکڻا.
ڇلي ڏاڍي لائي هي، ميڏا يار سپاهي هي،
الله آس پڄائي هي-
ول وي ميڏا مکڻا، تيڪون راضي رکڻا.
ڇلا چيچي بند اي، گهوڙا هيٺ سمند اي،
اُڀا ڪهڙا پنڌ اي-
ول وي يار سپاهي، نيڻان رمز رَلائي.
ڇلا ايڏي اوڏي، سڄڻ ٻانهن لوڏي،
ٻـَـهسان گڏ گوڏي-
ول وي يار سپاهي، نيڻين ننڊ نه آئي.
(17)
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها.
ڇلا ڇـَـلـَـمل ڇليان، گهمان يار ديان ڳليان،
لڳيان ڪنهن نه جهــَـليان-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا ٽڻ مڻ ٽليان، گهمان يار ديان ڳليان،
ڪالي ڪـُـتي جهليان-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا چوکي چاندي، ميڏي دل هي باندي،
ماهـِـي ڪيـِـتي ماندي
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا ٻولي ٻولـِـي، ويندا سهڻا رولي،
پاوان غم دِي چولي-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا اولان گهولان، تيڏا نانءُ وِند وَلان،
چـُـپ چـَـپان ڪـُـون چولان-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا ڪالا نانگ اي، ساهه تيڏي سانگ اي،
تيڏي ميڪون تانگهه اي-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا ڪالـِـي مس اي، مـِـٺي محبت چـَـس اي،
دل نه ميڏي وس اي-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا بگا ڏاند اي، الله پرين آندي،
متان ٿـِـيئو ماندي-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا وار واري، ڪوڙي ڏيندي لاري،
دشمن رب ماري-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
ڇلا ڪاليان گيسان، سرور پير ويسان،
مـَـنيان مـَـنتان ڏيسان-
اُڏر وڃ تون هيڙها! وسي يار دا ويڙها...
(18)
اُڏر وڃ تون ڳيرا! جلي ميڏا جيرا.
ڇلا ٻڪر ليلا، آوي سهڻا ويلا،
ٿـِـيوي ٻـِـيهر ميلا-
اُڏر وڃ تون ڳيرا! جلي ميڏا جيرا...
ڇلا گهوران گهوري، عشق ڏاڍا زوري،
ٻيٺا دل چِ چوري-
اُڏر وڃ تون ڳيرا! جلي ميڏا جيرا...
ڇلا مٺي تهري، اکيان ڪانَ قهري،
سڄڻ چڙهيا مهرِي-
اُڏر وڃ تون ڳيرا، ڏيکان جاني دا ديرا...
(19)
اُڏر وڃ تون ڳيرِي! مـَـرن يار دي ويرِي.
ڇلا آوي جاوي، ڏورئون پيا ڏساوي،
دل دا غم کاوي-
اُڏر وڃ تون ڳيري! مرن يار دي ويري...
ڇلا ڪالا ڪانوين، گهنان يار نانوين،
ڪڏان آوين جاوين-
اُڏر وڃ تون ڳيري! مرن يار دي ويري...
ڇلا پيا پشور تي، هنا گهتيم بور تي،
گهـُـمان دل دي زور تي-
اُڏر وڃ تون ڳيري! مرن يار دي ويري...
ڇلا پيا پتڻ تي، ساڏا روح ڪتڻ تي،
واڳين وال وطن تي-
اُڏر وڃ تون ڳيري! مرن تيڏي ويري...
(20)
اُڏر وڃ تون ڪانوان، لکان يار دا نانوان.
ڇلا بخشاپور دا، سڄڻ آندا ٽـُـردا،
ساهه ويندا سـُـر دا-
اُڏر وڃ تون ڪانوان، لکان يار دا نانوان...
ڇلا ڳاري ڳل دِي، ڏيوي دلبر وَلدي،
جـِـند پئي اي جـَـلدِي-
اُڏر وڃ تون ڪانوان، لکان يار دا نانوان...
ڇلا ڪالا ڪالا اي، تيل بوءِ والا اي،
تيڏا سهڻا چالا اي-
اُڏر وڃ تون ڪانوان، لکان يار دا نانوان...
|