سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :16

 

موڏِي

هيءُ لوڪ گيت سنڌ جي اتر واري خطي ۾ رائج آهي. هي گيت ڪڏهن وجود ۾ آيو ۽ ڪهڙن موقعن تي چئبو آهي، اُن بابت معلوم نه ٿي سگهيو آهي. مضمون جي لحاظ کان محبت ۽ مجاز جوگيت آهي. هن گيت جو هرهڪ بند ٻن هم - قافيي مصراعن جو آهي، جن مان پهرين مصرع تقريباً ساڳي آهي، جنهن ۾ صرف قافيي وارو لفظ بدلبو رهي ٿو، ۽ جنهن جي پويان ٻي مقصد واري مصرع شامل آهي. هر بند جي پهرين مصرع ۾  ”موڏِي“  جو لفظ اچي ٿو، جيئن ته:

موڏِي ميڏي سڄڻ دي، موڏي وچ واڻ وي -

---

موڏِي ميڏي دلبر دي، موڏِي وچ لوڻ وي -

---

معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته لفظ  ”موڏِي“  ڪهڙيءَ شيءِ لاءِ ڪم آيل آهي. البت پهرينءَ مصرع ۾ لفظ  ”موڏِي“  جي وري وري ڪم اچڻ سان ئي گيت جو نالو موڏِي رائج ٿيو. محبوب جي جدائي هن گيت جو خاص مضمون آهي.

(1)

موڏِي ميڏي سڄڻ دي، موڏِي وچ واڻ وي،
مين ته تيڏا نوڪر، تون ڄاڻين نه ڄاڻ وي.
موڏي ميڏي سهڻل دي، موڏي وچ ماکي وي،
اَسو، ڪـَـتي روندي گذريا، ڏُکي ڀنـِـي ويساکي وي.
موڏي ميڏي جانب دِي، موڏي وچ تيل وي،
تون نه آئيون، بانگي ڏتي بانگ اَسر ويل وي.
موڏي ميڏي دلبر دِي، موڏي وچ لوڻ وي،
تيڏي سڪ وچ هانءُ زيرا ٿي ڳئي ڇڻ پروڻ وي.
موڏي ميڏي سهڻل دِي، موڏي وچ پاڻي وي،
ول ول سهڻا ياد پوي، تيڏي پريت پراڻي وي.
موڏي ميڏي ڍولڻ دي، موڏِي وچ کار وي،
تون نه آئيون نه اَوسين، ڪيهي مـُـنجان ميار وي.
موڏي ميڏي جانب دي، موڏي وچ تـِـل وي،
سينگيان سکيان، مهڻي ڏينديان هـِـن مل مل وي.
موڏي ميڏي سهڻل دي، موڏي وچ تنگ وي،
ڪجليان اکيان ڪٽوري تيڏيان، گورا گورا رنگ وي.
موڏي ميڏا سڄڻ دي، موڏي وچ ڪـُـتان وي،
دل آکيندي اکيان ميڏيان، تيڏيان هوون لتان وي.
موڏي ميڏي دلبر دي، موڏي وچ ٿالهه وي،
تيڏي پـِـڇون رُلدي رُلدي ٿيا مـَـندا حال وي.
موڏي ميڏي وارث دِي، موڏي وچ کٽ وي،
سهڻا نئين اَلـَـيندا، مين پـُـڇيندي اَن هٽ وي.
موڏي ميڏي ڍولڻ دي، موڏي وچ ڳـُـڙ وي،
تون نه وَل پڇڻ آيـُـون، مـَـين مرڳيم چـُـڙ چـُـڙ وي.
موڏي ميڏي جانب دِي، موڏي وچ ڳـُـڙ وي،
تون نه وَل پڇڻ آيـُـون، مـَـين مرڳيم چـُـر چـُـر وي.
موڏي ميڏي جانب دِي موڏي وچ پان وي،
لڳئين دِليئين گهتي وڇوڙا، جڳ بڻيا شيطان وي.
موڏي ميڏي سهڻل دي، موڏي وچ ڪات وي،
سهڻا نهين اَليندا، مين رووان ڏينهن رات وي.
موڏي ميڏي دلبر دِي، موڏي وچ رڪاب وي،
سهڻا نهين اَليندا، مين نه رکان حجاب وي.
موڏي ميڏي وارث دِي، موڏي وچ باهه وي،
جڳ بڻيا هي دشمن، تيڏي سانگي ساهه وي.
موڏي ميڏي سڄڻ دِي، موڏي وچ ساڳ وي،
سهڻا نهين اَليندا، هـُـڻ اَساڏا ڀاڳ وي.
موڏي ميڏي ڍولڻ دي، موڏي وچ کيڏون وي،
دل ته سهڻا کـَـس ڳـِـيون، هـُـڻ ٻـِـي ول آڻان ڪيڏون وي.
موڏي ميڏي جانب دي، موڏي وچ وَٽا وي،
تيڏي رُسدي، جيوڻ تون ول جيءُ ٿيا کٽا وي.
موڏي ميڏي سڄڻ دي، موڏي وچ موتي وي،
جڏان ڪنون رُس ڳيون، مين وَل نه ڌڙي ڌوتي وي،
موڏي ميڏي سهڻل دي، موڏي وچ ڌاڳا وي،
سهڻل آسين ويڙهي اساڏي، ٿـِـيسي ڏينهن سڀاڳا وي.
موڏي ميڏي وارث دي، موڏي وچ ٻـُـور وي،
اکيان ڏتيان رب اساڪون، تون اکئين دا نور وي.
موڏي ميڏي جانب دي، موڏي وچ کير وي،
سهڻا نئين اَليندا، ساڏا حال زهـِـير وي.
موڏي ميڏي سـَـيان دي، موڏي وچ چاندي وي،
ٻانهـِـين والي ٻانهن سڄڻ ڪـُـون ڏيوان نت سيراندي وي.
موڏي ميڏي ڍولڻ دي، موڏي وچ چـُـوڙِي وي،
مين ڏکڙي ساري رات سـُـڻيندي، رهه ڳئي ڳالهه اڌورِي وي.
موڏي ميڏي وراث دي، موڏي وچ گاهه وي،
تابعدار تـُـساڏِي رَهسان، توڙي نڪلي ساهه وي.
موڏي ميڏي جانب دي، موڏي وچ ميندِي وي،
سهڻا نهين اَليندا، مين مـِـنتان روز مـَـنيندِي وي.
موڏي ميڏي سهڻل دي، موڏي وچ حـُـقا وي،
روندي روندي ساهه نڪل ڳـِـيا، هڻ وت جهڳڙا مـُـڪاوي.
موڏي ميڏي ڍولڻ دِي، موڏي وچ مـَـس وي،
سهڻا روز سـَـوايا، لڳي اسان ڪـُـون ڪـَـس وي
موڏي ميڏي جانب دي، موڏي وچ پـَـن وي،
ننڍي لا دي وعدي ڪيتي، هڻ نه سهڻا ڀن وي.
موڏي ميڏي دلبر دي، موڏي وچ دِيد وي،
سهڻا نهين اَليندا، مين هان ملهه خريد وي.

---------


 

وَلاڙو

هيءُ ٿرپارڪر خطي جو لوڪ گيت آهي، جو عام طور ڌنار مال کي پهرائڻ، گڏ ڪرڻ ۽ ڳوٺ طرف ڪاهڻ وقت ڳائيندا آهن. معنوي لحاظ کان هيءُ گيت محبوب جي ملڻ لاءِ ڄڻ عاشق جو آلاپ آهي. هن گيت جي وجود ۾ اچڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. گيت چوڻ وقت هرهڪ مصرع جي پڇاڙيءَ ۾  ”وَلو ڙي ولاڙو“  وراڻيءَ طور چوندا آهن. هي گيت تمام ساديءَ سٽاءَ وارو آهي. ٻن هم- قافيه ننڍڙين مصراعن جو بند ۽ ان جي آخر ۾ وراڻي ٿئي. اهڙا بند گڏجي  ”ولاڙو“  گيت جي صورت اختيار ڪن ٿا. غالباً اصل ۾ هيءُ گيت سنڌي ٻوليءَ جي ٿري محاوري ۾ چيو ويو، پر پوءِ منجهس سنڌيءَ جا بند پڻ ملايا ويا. شامل روايتن مان ٻيءَ روايت ۾ ڪي مصراعون ٿري محاوري جون آهن.

(1)

چاڙهيم دانگـِـي آيا سر جا سانگي،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

هڙ ۾ ڦوٽا - ڇورا اندر جا کوٽا،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

وڃي ٿيا پري - هـِـنيون ڳڻتين ۾ ڳري،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

هل ته هلون  ”ناري“  - ڪريون بـَـگو اُٺ ڀاڙي،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

هل ته هلون  ”اڪڙِي“  - ڪري گاڏي تڪڙي،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

جمعا، جت ڙي! - روئان پئي رت ڙي،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

(2)

چولي ۾ ٽـِـڪان - هـُـون ٿي جاني لاءِ سـِـڪان،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

ساجن آئي - مـِـنان تيڙي تان جائي،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

پـِـيلـُـو آهن پڪا - سڄڻ آهن ٿـَـڪا،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

نـِـنڍِيو تان ڍورو - مانهـَـنجي هـِـنئين ۾ هورو،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

پـَـگان رِي ڪـَـڙِي - مانهـَـنجي جيءَ ۾ جڙي،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

هٿ ۾ مـُـنڊي - مـُـنهن ۾ آهي گهـُـنڊي،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

دَڙي تي چولو - سـِـڪي پيو ڍولو،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

مانهـَـنجو مـِـٺو - اوهان ڪو ڏٺو،

 

وَلو ڙي ولاڙو...

 

ڍاٽيڙو

 ”ڍاٽيڙو“  ٿرپارڪر جو لوڪ گيت آهي، جو عام طرح ڌنار مال چاريندي ڀـِـٽـُـن ۽ ڏَهرن ۾ ڳائيندا وتندا آهن. هن لوڪ گيت جو پس منظر هن ريت آهي: ڪجهه عرصو اڳ ٿرپارڪر جي ڍٽ واري حـصي جو ڪو ڍاٽيڙو، لاباري جي موسم ۾ پورهيي سانگي وڃي ناري جي پـَـٽ ۾ نڪتو. سهڻو جوان هو، اتفاق سان ڪا وڏ گهراڻي ڇوڪري هن تي عاشق ٿي پيئي. چوندا آهن ته  ”خون ۽ کٿوري ڪونه لڪي“ ، سو آخر اها خبر ڇوڪريءَ جي مائٽن کي وڃي پيئي، جن هن غريب کي ڪيس ۾ اڙائي، جيل ۾ هڻائي ڇڏيو. (1) ڇوڪريءَ کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن فراق ۾ آلاپڻ لڳي ته  ”هيلوڪو وري آءُ“  (هڪوار موٽي اچ).

هن لوڪ گيت ۾ ڇوڪري پنهنجي محبوب جي جهلجي وڃڻ تي، جهلائيندڙن کي پٽيو آهي ته  ”شل سندن ڍڳو بيماريءَ وگهي مرندو ڏسان.“  وري چوي ٿي ته  ”ٻيون پاڻياريون خوش ٿي پاڻي پيون ڀرين، پر آءٌ منجهن هڪڙي آهيان، جا ڳوڙها پيئي ڳاڙيان.“

هن گيت جي مستقل وراڻي  ”هيلوڪو وري آءُ“  آهي، پر بعضي  ”مـُـنج ڪو مـُـنجيو“  (ڪو سنيهو موڪل) جي وراڻيءَ سان به هي گيت آلاپيندا آهن. ڍاٽيڙي جي ٻي روايت وري جدا وراڻيءَ سان ملي آهي، مثلاً:

ٿر جا ٿاريلا، اڃان پيئي جـِـيان.

---

اهي ٻئي روايتون شامل ڪيون ويون آهن.

---

(1)

سارو تان سيارو مون گنديءَ ۾ گـُـذاريو،
رليءَ جي رولاڪي، ماريو ڙي ڍاٽيڙا!

 

هيلوڪو وري آءُ...

ٻيون تان پاڻياريون، پاڻي ٿيون ڀرين،
هڪڙي پاڻياري ڳوڙها ڳاڙي، ڙي ڍاٽيڙا!

 

هيلوڪو وري آءُ...

پٽ جي پاڻياري، ڍٽ جو ڍاٽيڙو،
الستي انگڙو وريو، ڙي ڍاٽيڙا!

 

هيلوڪو وري آءُ...

سايون تان ڪانچون آءٌ سنڌين(1) جو کانيان،
مون کي کٿيلو گوڏير وڻيو، ڙي ڍاٽڙا!

 

هيلوڪو وري آءُ...

ڳاڙهيون تان کٽون آءٌ سنڌين جون کانيان،
مون کي واريءَ جو وڇاڻو وڻيو، ڙي ڍاٽيڙا!

 

هيلوڪو وري آءُ...

بـَـگو تان ڍڳو، سو وڏيرن سندو،
موڙي منجهه مرندو ڏسان، ڙي ڍاٽيڙا!

 

هيلوڪو وري آءُ...

 

(2)

وراڻي:  ٿر جا ٿاريلا! اڃا پئي جيان.
        ڪارو جو ڪنواٽ - پتل جو پاکڙو،
        سنهڙا ڪبوتر اڃا پئي جيان -

 

ٿر جا ٿاريلا! اڃان پئي جيان...

ٿانَ جون ٿڙيون - گجن جون گاديليون،
ڍٽ جا ڍاٽي، اڃا پئي جيان -

 

ٿر جا ٿاريلا! اڃا پئي جيان...

ٿر جون بـُـٺيون - مون ڪڏهن ڪونه ڏٺيون،
نماڻا آريسر! اڃا پئي جيان -

 

ٿر جا ٿاريلا! اڃا پئي جيان...

 

 

همرچو

هيءُ گيت اصل ۾ ٿرپارڪر خطي ۾ اُسريو ۽ پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ عام مشهور ٿيو. هيءُ پورهيتن جو عام گيت آهي، اڪثر گـُـڏَ يا لاباري وقت گڏجي ڳائيندا آهن. ٻنيءَ مان گـُـڏَ ڪڍڻ يا لابارو ڪرڻ اڪيلي ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي، هميشه گهڻا ماڻهو گڏجي ۽ ڪم کي جلدي ۾ نبيرڻ لاءِ اهو رس ڀريو گيت گڏجي چوندا آهن. اول هڪ ٻه ڄڻا يا بعضي ٽي ڄڻا اڳ ۾ سـُـر سان گيت جون مصراعون چون ۽ پٺيان باقي ماڻهو جهيلي يا سورِي ٿي وراڻي چون.

لفظ  ”همرچو“  هن گيت جي وراڻيءَ ۾ گهڻو ڪم اچي ٿو، جنهنڪري هي گيت پڻ انهيءَ نالي سان ئي مشهور ٿيو. مختلف روايتن موجب اهو نالو  ”همراهه اچو“  لفظن جي گڏيل صورت آهي، جو جهيلَ سان چوڻ ۽ وري وري چوڻ سبب صورت بدلائي،  ”هـَـمـَـرَچو“  جي تلفظ سان ڪم آيو. مڪاني طور هن گيت جي وراڻي مختلف نمونن سان رائج آهي، جيئن: (1) الا هـَـمـَـرچو هو ڙي لا. (2) هامرچو ڙي لا. (3) همرچي جو ويلو ڙي الله. (4) همرچو ڙي الله. (5) هملي ڙي همرچو، ڙي الله. وراڻي نمبر 2 ۾ آيل لفظ  ”هامرچو“  ساڳيو  ”همرچو“  آهي، جو گيت چوڻ وقت اُتي ئي اُچاريندا آهن. مثلاً، وراڻي نمبر 1 جي صورت، گيت چوڻ وقت هن طرح ٿيندي:  ”اَلاهان“  اَن مارا چوهوڙي لا.“

هڪ روايت موجب هن گيت جي ابتدا هن طرح تي آڳاٽي وقت ۾ هڪڙي ڀيري ٿرپارڪر ۾ وسڪاري نه پوڻ سبب ڏڪار پيو، جنهنڪري ڪيترائي  ”ٿري“  غريب پنهنجا ڪـَـکَ ڇڏي، ٻار ٻچا وٺي ناري ۾ اچي رهيا، جن ۾  ”رڙيارو“  ڳوٺ(1) جا مرد ۽ زالون عمرڪوٽ تعلقي جي ديهه ساريٽيءَ ۾ اچي رهيا. انهن ۾  ”سوڍي“  نالي هڪ عورت به هئي، جنهن جو مڙس  ”ڇـُـٽو“  پوئتي رهجي ويو هو. هن جو مڙس سان ايتريقدر پيار هو، جو ان کان سواءِ هڪ پل به آرام نه ايندو هوس. جڏهن گهڻا ڏينهن گذريا، ۽ ڪنهن سبب ڇٽو به پهچي نه سگهيو، تڏهن هوءَ بيقرار رهڻ لڳي. هن چاهيو ٿي ته جلد ئي واپس وطن وڃي پنهنجي مڙس سان ملي، پر مجبور هئي. ڇو ته مائٽن کي ڇڏي پرانهين پنڌ تي اڪيلي وڃي نه ٿي سگهي، ٻيو ته انهيءَ پاسي اَن هوئي ڪونه. جيستائين لابارو ڪري اَن گڏ نه ڪيو هئائون، تيستائين سندن موٽڻ محال هو، انهيءَ ڪري سوڍيءَ لاباري تي اهڙو کڻي تاڪيد ڪيو، جو زالون ته ٺهيو، مردن کي به  ”همراهه اچو، همراهه اچو!“  چئي، سڏ ڪندي ڪم ۾ گهڙي پوندي هئي، ۽ ڪم هلندي همراهن کي همٿائڻ خاطر مصراعون چوندي رهندي هئي. آهستي آهستي انهن مصراعن مستقل طرح گيت جي صورت اختيار ڪئي. سوڍِي اڳواڻ، ٻول چوندي هئي ۽ مرد گڏجي وراڻي چوندا هئا. اهڙيءَ طرح هٿ به هلائيندا رهندا هئا ۽ ڳائيندا به هئا.(2)

همرچي ڳائڻ جي طرز ۽ لهجو اڄ به اهوئي ساڳيو آهي، جيئن اڳ ۾ ڳائبو هو، مصرع چوڻ وارو هڪ ڄڻو هوندو، بعضي ٻه ۽ ٽي ڄڻا به گڏجي ٻول چون، ۽ هرهڪ مصرع جي آخر ۾  ”ڙي لا“  ضرور چون. جڏهن  ”ڙي لا“  تي پهچن، تڏهن ٻيا جهـِـيلـِـي تمام زور سان يڪي آواز ۾  ”لا“  چئي، مٿان وراڻيءَ وارا لفظ چوندا. جڏهن وراڻيءَ وارا  ”ڙي لا“  تي پهچن، تڏن اڳواڻَ اتان گڏجي مصرع کڻندو. اهڙيءَ طرح  ”همرچي“  جو اڻ کـُـٽ سلسلو هلندو رهندو.

 ”همرچي“  جا اصل ٻول محبت ۽ مجاز جي مضمون وارا هئا، پر پوءِ مڪاني طور مختلف مضمونن وارا ٻول ان ۾ اضافو ٿيندا رهيا. هن وقت ٿرپارڪر ۽ لاڙ جي خطن ۾  ”همرچي“  جا هزارين ٻول چوڻ ۾ پيا اچن.  ”هـَـمـَـرچو“  ٿرپارڪر ۽ لاڙ وارن ڀاڱن ۾ رائج آهي، تنهنڪري ٿري ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين ۾ ڳائجي ٿو.

جدا جدا روايتن جي صورت ۾ مليل مواد کي ڀيٽي، ترتيبوار رکيو ويو آهي. شامل مواد ٽن قسمن جو آهي: (الف) مجازي همرچو، (ب) عام روايتي همرچو، (ج) واقعاتي همرچو. مجازي همرچي واريون روايتون  ”سوڍِي“  ۽  ”ڇـُـٽي“  جي محبت ۽ وڇوڙي واري بيان بابت آهن، جي غالباً آڳاٽيون آهن. عام روايتي همرچي جو مضمون ٿرپارڪر جي پوکن، گاهن، وسڪاري ۽ جغرافيائي حالتن جي نظارن بابت آهي. هن قسم جو مواد گهڻو مليو آهي. باقي واقعاتي همرچي جي فقط هڪڙي روايت موجود آهي، جا  ”لاکي“  جي مارجڻ واري واقعي تي چيل آهي. هن واقعي جو وڌيڪ احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

---------

 

(الف) مجازي همرچو:

(1)

هـَـمـَـرچي رو ڪو ميڙو لا-
(گڏجي اچڻ جو هي ميڙ، الا)

 

اَلا هـَـمـَـرچو هوڙي لا...

وَڙيو ڪو نان ٿـَـرِيو، ڙي لا-
(ڪو ٿريو به ٿر کان نه وريو آهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڇـُـٽو تان آسي ڇيڪو، ڙي لا-
(ڇٽو ته هاڻي جلدي ايندو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

سـَـجڻان نان ساران ساريٽيَ ۾، ڙي لا-
(پنهنجن سڄڻن کي ساريٽيءَ ۾ پئي ساريان)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڏُور رهيو مان جو ڏيسـَـڙلـَـو لا-
(منهنجو ديس پري رهيو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڏيس رو آسي ڏيسـِـيڙو لا-
(ديس کان ڪو ديس ڀائي ايندو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

آسي ڪـَـڏهان اُها اوٺـِـيڙو لا-
(ايندو ڪڏهن اُتان اوٺـِـيڙو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

کاسـِـي کـَـبر لاسـَـي کاهوڙِي لا-
(کاهڙ جي خاصي خبر آڻيندو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

لاسي سانڀـِـيڙان را سـَـنهيڙا هو لا-
(سانگين جا ڪي سنيها آڻيندو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

جاني رِي جهوري ٿي جهورِي، ڙي لا-
(جانيءَ جي جدائي ماري ٿي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

آڌِي اُٺي ٿي اُونان ڪـَـران لا-
(آڌيءُ جو اٿي ورلاپ ٿي ڪريان)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

او ڪـُـل ڀيڙين ڀـِـٽان ۾ ڦـِـرين لا-
(هو سڀ گڏجو ڀٽن ۾گهمن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

هـُـون اِٿِ هيڪلڙِي ٿي ڦـِـران لا-
(آءٌ هت هيڪلي ٿي گهمان)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ساران ٿي مـُـحوَت سـَـجڻان رِي لا-
(ساريان ٿي صحبت سڄڻن جي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

رُهـُـو ٿو رانتين اوٿِ ري لا-
(روح رانديون هتي رهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ايٿ وَدن آهي وَندان ۾ لا-
(هتي بدن آهي بندن ۾)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

آسي مان جو جانـِـيئڙو، ڙي لا-
(شال منهنجو جاني ايندو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

جانـِـي رِي هـُـون آهان ٻانهـِـي، ڙي لا-
(جانيءَ جي آءٌ ٻانهي آهيان)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

موليٰ ڪـَـرسي ميلـَـڙلو لا-
(شال موليٰ ميلو ڪندو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

(2)

بـِـڇـَـڙيءُ بـَـگـَـرَ سـِـين توڏَ ڙلي، ڙي لا-
(جيئن توڏِي پنهنجي وڳ کان وڇڙي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڏوٿيان نان ڏيکي ڏينهن ٿيا لا-
(ڏوٿين کي ڏٺي ڏينهن ٿيا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

مـِـلسـِـين ڪڏَهان مان جا ماروئڙا الا-
(ڪڏهن ملندا منهنجا ماروئڙا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

سانگي سنڀاري لڙڪ لـَـڙين لا-
(سانگين کي ساري لڙڪ ڳڙن ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

آسـِـين ڏيکڻ مـِـنان ڏوٿيڙا لا-
(ڏسڻ ايندا مون کي ڏوٿيڙا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڀيڙِي ٿي ڀايان، جائـِـيس ڀـِـٽان لا-
(ڀائرن سان گڏجي ڀٽن ڏي وينديس)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

جـَـهاج ۾ آسي جانـِـيڙو لا-
(منهنجو جانيڙو جهاز ۾ ايندو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

مارئـِـي بـِـڇڙي ماروئان سين، ڙي لا-
(مارئي پنهنجي مارن کان وڇڙي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

مٿي تان ماڙِي مـُـومل رِي، ڙي لا-
(مٿان مومل جي ماڙي بيٺي آهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

بـَـٽان براهـِـيس جائي بـَـطـَـن لا-
(وَٽون وراهينديس وڃي وطن ۾)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

(ب) عام روايتي همرچو

(3)

آئي موسم مـِـنهان رِي لا-
(مينهن جي موسم آئي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

آڀي ۾ آڙنگـِـيو ٿيو آهي لا-
(آسمان ۾ آڙنگ ٿيو آهي)


(1) هيءَ روايت اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

(1) ”سه ماهي مهراڻ“  سنه 1956ع تان ورتل.

(2) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) روايت محمد عثمان ڏيپلائي.  ”سه ماهي مهراڻ“ ، سنه 1958ع.

(1) يعني ٿر وارن کان سواءِ ٻين جون.

(2) هيءَ روايت محمد عثمان ڏيپلائي (حيدرآباد) ۽ مقبول احمد بلوچ (تعلقو بدين) کان ملي.

(1) تعلقي ڇاڇري ۾ گڊڙي جي آسپاس آهي.

(2) محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ جي روايت موجب.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي ۽ ٿري محاوري ۾ چيل آهي. هرهڪ بند بعد سنڌيءَ ۾ معنيٰ چورس ڏنگين ۾ ڏنل آهي.

(3) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org