سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :15

 

گامڻ

هيءُ لوڪ گيت سنڌ جي سـِـري ۽ اولهه طرف  ”ڪاڇي“  ۾ رائج آهي. هيءُ گيت به مضمون جي لحاظ کان  ”عام روايتي لولين“  ۽  ”ٻيلڻ“  جي سلسلي جو آهي. گامڻ جي ابتداء بابت ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر مضمون مان معلوم ٿئي ٿو ته اصولي طور غالباً هيءُ گيت انهن قبيلن جو آهي، جن جو ڪم آهي اُٺن تي بار لڏڻ. لولي، ٻيلڻ ۽ گامڻ ۾ مکيه فرق آلاپ ۽ آخرين وراڻيءَ جو آهي، نه ته ٽنهي گيتن ۾ ساڳين ئي جذبن جو اظهار ٿيل آهي.

هيءُ گيت محبت ۽ مجاز جو آهي جنهن ۾ لفظ  ”گامڻ“  مان مراد آهي  ”دوست“ . سنڌ ۾ مرد جو نالو به  ”گامڻ“  رکيو ويندو آهي. ڀانئجي ٿو ته گامڻ نالي ڪو شخص اُٺن جو وڳ ڪاهي، لاڙ طرف ويو. سندس جدائيءَ ۾ سندس زال هيءُ گيت چيو. هن گيت جون سرائڪي روايتون اُتر مان مليون، جي ترتيب ڏيئي شامل ڪيون ويون آهن.  ”ٻيلڻ“  وانگر هيءُ گيت پڻ سنڌ جي سرائڪي ٻوليءَ ۾ چيل آهي.

 

---------


 

(1)

گـَـلڙا ڀي آيا، ميڏا سانول نه آيا،
ڪنهن ڪنون پڇان، سارا ساٿ پرايا -

 

گامڻ وو..

اڳيان نه رو وو، ٿيوو ڀي سياڻيان،
جهلو ته پاڻي، پير سانول دا سڃاڻان -

 

گامڻ وو..

مين نه ڀـُـلي هان، تيڏي جامي ڀـُـلايا،
قاسم رباني، لکئي پاند اڙايا -

 

گامڻ وو..

گهر تيڏي دي ڪائي ٿڌڙي ڇانئين،
زور نه زوري، اساڏا الله دا نائين -

 

گامڻ وو..

رات ڪالي، ڪـُـت مڇر کاوي،
پکا مريندي اَن، ننڊ ڍولڻ ڪون آوي -

 

گامڻ وو..

سـُـتي جو پئي آن، سـُـتـِـي نال کجي دي،
اِيوين نه مارين، مارين نال بـَـدِي دي -

 

گامڻ وو..

ڇلي پياري دي، مين ڏيک پئي جيوان،
سـِـڪڙي نهين لهندي، مين ڌو ڌو پـِـيوان -

 

گامڻ وو..

پاڻي جو پـِـيوان، ميڏا بولا للهاوي،
سڪ تيڏي وچ دل ميڏي الاوي -

 

گامڻ وو..

(2)

لاڙ جو ويندئين، وڃ ڪيا ڪريسين،
ماندا جو ٿيسين، ٻيٺا ڏينهن ڳڻيسين...
ويندا جو پياهين، ڳڌي آوين آهينا،
هڪ ڏينهن دا واعدا، گـُـذر ڳيا مهينا...
گلي واليان دي، ٿيوان ڀيڻ ڀڻيجي،
چڙهسان ڪجاوان تي، ويسان شـَـيل مڻيندي...

 

(3)

پٽ دا چولا، ميڏي سيني تي سهاوي،
چوڙ هـَـنڍيسان، ڏِتل پيڪان دا ڏاج اي...
پٽ دي چولي دا، گـُـل ٽوڙ ڳڌوئي،
ڇتڙان دي ياري، مهڻي هاب ڪيتوئي...
گيگم دي چولي، ٻانهين گل بدن دي،
سـُـهڻل دي پاروُن بـُـونءِ ايندي اي چندن دي...
پٽ دي ٽوپـِـي ڪـُـون ڀـَـر ماريم ڪاوي،
دلبر ڪون آکو، ٽوپي چاوڻ آوي...

 

 

(4)

اُڀي دي گاڏي، ويکو لمي دا دونهان،
اُٿان وڃ رولي، جٿان پکـِـي نه سونهان...
اُڏريا جو چيها، وڃ ٻيٺا ني سـَـر تي،
الله ڪريسي، آسين سهڻل در تي...
اُڏريان ني ڪونجان، وڃ لٿيان ني سر تي،
ٿيوان ڪبوتر، چڳان دلبر دي در تي...
اُڏريان ني ڪونجان، وڃ لٿيان ني پوٺي،
سهڻي دي در تي، جـَـت کير پيندي ني اوٺي...

 

(5)

شهر تيڏي دا ڪوئي، مٺڙا هي پاڻي،
اکيان نهين رونديان، روندي دلڙي نماڻي...
شهر تيڏي دي، ڪائي ڏنگي بزار اي،
گهن ڏيوين سودا، ميڏي سنگت تيار اي...
گهـَـڙ ڏي سونارا، ميڪون ڇليان دي جوڙِي،
سنگت سهڻي دي، مين وسئون نه ڇوڙِي...
لعل سونارا، گهڙ ڏيوين سو دي سوٽـِـي،
دلبر ميڏا ٿيا ڪل ڪاڇي دي چوٽـِـي...

 

(6)

در تيڏي تي ڪوئي ڪوٽ سلهين دا،
چڙهه چڙهه ڏيکان، آندا دوست دلين دا...
در تيڏي تي ڪوئي آتڻ پکئين دا،
ڪونهي ترس تيڪون رونديان اکئين دا...
در تيڏي تي ڪوئي مينهين دا ڀاڻان،
هڪ دل ڏتي مين، ڏوجهي ڪيڏُون آڻان...
در تيڏي تي ڪوئي ڄانڀي دا ٻارا،
سلام سڄڻ دا ڪلهه پيشين ڪون آيا...
سهڻل دي ڪـُـلهي، ڪائـِـي پٽ دي شال اي،
جنهن ويڙهي گهمي، اهو ويڙها نهال اي...
ڍولڻ جو ميڏا، سدا رئيس سڏاوي،
ناڙي دا گـَـلڙا، چڙهه ريلان تي آوي...
وارث ميڏي دي ڪائي کلڻ دي ريت اي،
هولين هولين آلاوين، اهو ويڙها پليت اي...
پوکيان ني ڪڻڪان، پن ساڙئي پالي،
الله مـِـليسي مٺي محبت والي...
پڪي ني پيرون، لپ ڪير کـَـويسـِـي
سلام سڄڻ ڪون سڌي ڪير پـُـڄيسـِـي...
اَسر دي ويلي، چـَـڪـِـي مين گهـُـرڪائي،
مکڻ جهڙي جان گهوري پگهر وڃائي...

 

(7)

کوهه تيڏي تي ڪوئي ڪوٽ سلهين دا،
ڏيوو جوڳيڙا، ڌانوي بند دلين دا...
کڙي آن کوهه تي، ميڏي پير ڏڪاندي،
ڍولڻ پرديسي، ديدان ميڏيان دڳان تي...
کوهه تيڏي تي کڙي نـِـڪـِـڙي نماڻي،
تنهان دي سانگي، ڀرينديئان پاڻي...
کڙي هان جو کوهه تي، ميڏا پير پـَـڳان تي،
سڄڻ نه آيا، ميڏيان ديدان دڳان تي...
ناڙي دي پـَـٽان تي، ميڪون کـُـهي چـَـوا ڏي،
هيڪل نه کڙسان، ميڪون نوڪر کڙا ڏي...
چاتي مين دلي، پاڻي ڀريسان مينهن دا،
ڪر گهن ڳالهين، تارا اُڀريا ڏينهن دا...

 

(8)

پار دريائون ڪوئي لئيان دا ٻـُـور اي،
ڇوڙ نه وڃين ميڪون وَهـِـي دا پـُـور اي...
پار دريائون ڪوئي مور جهونگاري،
ٻول پڙيسان، گهوريا موت نه ماري...
وهندي ني واهي، تـُـر مين نه ڄاڻان،
تون مـُـنجين ٻيڙي، لنگهه تئن ڏي آوان...

 

 

---------


 

 

ڍولو

هيءُ گيت خاص طرح سنڌ جي اُترئين ڀاڱي ۾ رائج آهي. شادي مرادي ۽ ٻين خوشينَ جي موقعن تي هيءُ گيت ڳائيندا آهن. غالباً هيءُ گيت مشهور عشقيه داستان  ”ڍول مارو“  جي اثر هيٺ اُسريو.  ”ڍول مارُو“  سنڌ جي ٿر واري ريگستاني علائقي ۽ اوڀر طرف راجستان جي علائقي جو مشهور عشقيه داستان آهي، جنهن ۾  ”ڍولو“  يا  ”ڍولا“  سورمي  ”مارو“  جو محبوب آهي. جيئن ته انهيءَ قصي جو مکيه مرڪز ٿر، راجستاني علائقو، اتر سنڌ، بهاولپور ۽ پنجاب سان لاڳو آهي، انهيءَ ڪري  ”ڍولا“  نالي لوڪ گيت پنجاب، بهاولپور توڙي اتر سنڌ ۾ اُسريو. سنڌيءَ ۾  ”ڍوليو، ڍول ۽ ڍولڻ يار“ ،  ”حـَـسين جوان، سهڻي دوست، پياري گهوٽ يا مڙس“  جي معنائن ۾ رائج آهي. گيت جي وراڻيءَ ۾ به  ”ڍولا“  لفظ اچي ٿو ۽ انهيءَ ڪري هيءُ گيت پڻ انهيءَ نالي سان مشهور آهي.

مضمون جي لحاظ سان هيءُ گيت محبت وارن جي سڪ، ملاقات ۽ جذبات جو آئينو آهي. پياري دوست جي ساراهه هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي.

 ”ڍولي“  جون ٻه روايتون مليون آهن، جي سٽاءَ جي لحاظ سان انوکيون آهن. هرهڪ روايت جو نمونو جدا جدا آهي. پهرين روايت ۾ ڊگها بند آهن، ۽ هرهڪ بند جي شروعات واري مصرع هن طرح آهي:

بزار وِڪانديان ريڙهيان -

---

بزار وڪاندا تيل وي -

---

بزار وڪاندي ڀڳڙي -

هرهڪ بند ۾ شيءِ جو نالو بدلبو رهي ٿو. انهيءَ شروعاتي مصرع سان، هم - قافيي ٻيءَ مصرع وارو مضمون ادا ٿئي ٿو. هن روايت جي هرهڪ بند جي وراڻيءَ جي سٽاءَ مختلف آهي. هن گيت جي ٻيءَ روايت ۾ وراڻي مقرر ٿيل آهي. مثلاً:

 ”او ڍولا! مين تيڏي هان، ياد هوون ڳالهين ڏَسان.“

هن روايت جي هرهڪ بند ۾ ٻه مصراعون آهن، جن مان پهرين مصرع ڊگهي آهي ۽ ٻي ڇوٽي. اها پوئين ڇوٽي مصرع وراڻيءَ طور استعمال ٿئي. ڍولو محبت ۽ مجاز جو لوڪ گيت آهي ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ چيل آهي.


 

(1)

بزار وِڪانديان ريڙهيان - ميڏا ڍول وَهيندا ٻيڙيان،

 

پتڻ مـَـلـَـهيسان، جيوين ڍولا...

ڍولا پاردا، ڍولي ڪون سمجهاوين، ڍولا اکين ماردا.

بزار وڪاندا تيل وي - تون موٽر تي مين ريل تي،

 

ڏوهين چيزان تکيان، جيوين ڍولا...

ڍولا رنگلا، لوڪان ديان ماڙيان، بڻو اڏي بنگلا.

بزار وڪاندِي تيلـِـي - ميڪون سـُـٿڻ گهنا ڏي پـِـيلـِـي،

 

شادي تي تيار هان، جيوين ڍولا...

ڍول ڪچي دا، ٻاجهري دي ماني نال لوٽا لسي دا.

بزار وڪاندي تـِـر وي - ميڏا اوچي ڍِٻي تي گهر وي،

 

پپل نشاني، جيوين ڍولا...

ڍول منشي، نيلي ڪون جـَـهليسي، ساڏي ڳالهه سڻسي.

بزار وڪاندا خرما - ماڏي سانول آڻايا سرما،

 

مين نڪ پئي پاَوان جيوين ڍولا...

ڍول پانڌِي چوڙِي والي ٻانهن، ڏيوائين سيراندي.

بزار وڪانديان کارڪان- سڄڻ کڙا ڏيندا شارتان،

 

اک مستاني، جيوين ڍولا...

ڍول پاردا، چولا ٻيٺـِـي سيندي هان، سانول يار دا.

بزار وڪاندي اِلسي - ڪڏان ڍولڻ ميڏا ملسي،

 

مين ڪانگ اُڏاران، جيوين ڍولا...

ڍولا جاني، مـُـنڊي والا ڏي ميڪون، تئن ڏي مڪم نشاني.

بزار وڪاندي ڀڳڙي - لـَـڏئي ويندي پاڙي والي جهـُـڳڙي،

 

ڏاڍا ارمان هي، جيوين ڍولا...

ڍول سنهڙا، لوڪان ديان واليان، گهڙا ڏي پـَـنڙا.

بزار وڪانديان لـَـيان - هٿ ٻـَـڌ تي پيرين پـَـيان،

 

رُٺا نهين مـنيندا، جيوين ڍولا...

ڍول لمي دا، جاني پرديسي، ڪـُـوڙا لوڪ طمعي دا.

بزار وڪاندا ڇاڻ وو - ميڏي اڳي دي ڄاڻ پـَـڇاڻ وو،

 

اڄ دي نـَـهـِـين ياري، جيوين ڍولا...

ڍول رُسڻا، اسان بيمار ٿئي، تــُـسان آ پـُـڇڻا.

بزار وڪانديان چوڙيان - تيڏي رسڻ ديان ڳالهين ڪوڙيان،

 

مين پت نه ڪريسان، جيوين ڍولا...

ڍول هزارِي، مل وڃين هـُـڻ، ساڏي پرديس تياري.

بزار وڪانديان تـُـريان - سڄڻ ماري ويندا ڇـُـريان،

 

اک دي اِشاري، جيوين ڍولا...

ڍولا لاڙ دا، در کولي ٻيٺي هان مين ست - ماڙ دا.

بزار وڪاندي انب وي - دشمن ڏيک نه ڪنب وي،

 

عملا دا پـُـور هي، جيوين ڍولا...

ڍول پاردا، ڍولي ڪون سمجهاوين، ڍولا ديدان مار دا.

بزار وڪاندي تماڪون - اسان گـِـدُو دي هٽي تي نه ٻهسون،

 

گدُو ٻهڻ نه ڏيندا، جيوين ڍولا...

ڍول ڪڇي دا، ٻاجهري دي ماني نال لوٽا لسي دا.

بزار وڪاندي حقڙي - ميڏا ڍول وهيندا اُٺڙي،

 

مـُـونڍي تي مهاران، جيوين ڍولا...

ڍول منشي، نيلي ڪون جهليسي، ساڏي ڳالهه سـُـڻسي.

(2)

او ڍولا! مين تيڏي هان، ياد هوون ڳالهين ڏسان،
ڍولا ته ميڏا رانول جوڳي، مرلي دِي ڌَمڪ سڻاوين -

 

وو پنهل آ، مين تيڏي هان...

ڍولا ته ميڏا سـُـک سونارا، ڇليان دي جوڙِي بڻاوين

 

وو دلبر آ، مين تيڏي هان...

ڍولا ته ميڏا خاص ڪشموري، اُڀي دا ويس نه پاوين -

 

وو سـُـهڻل آ، مين تيڏي هان...

ڍولا ته ميڏا جڳ تون سـُـهڻا، سچ هي ڄـُـوٺ نه ڀاوين -

 

وي پنهل آ، مين تيڏي هان...

ڍولا ته ميڏا مين ڍولي دي، ٻئي جاءِ دلڙي نه لاوين -

 

وو جانب آ، مين تيڏي هان...

ڍولا ته ميڏا شهرين وسدا، سـُـرخي مساڳ ڳـِـڌي آوين -

 

او وارث آ، مين تيڏي هان...

اکـِـين ڍولي ديان گرد ڪٽوري، ڪجلي دي ڌار نه پاوين -

 

او دلبر آ، مين تيڏي ها ن...

ڍولا ته ميڏا ملڪ دا والي، ميڪون نه ديدؤن لاهين -

 

وو سانول آ، مين تيڏي هان...

ڍولا ته ميڏا صاحب درزي، سـِـي سـِـي چولي پـَـواوين -

 

وو ڍولڻ آ، مين تيڏي هان...

ڍولا ته ميڏا خان ڪـَـڇي دا، ملڪ اساڏي آوين -

 

وو سائين آ، مين تيڏي هان...

ڍولا ته ميڏا بـَـتيلي والا، پتڻون پار پڄاوين -

وو سانول آ، مين تيڏي هان...

---------


(1) کان (8) تائين روايتون اُتر مان فاضل قائمي ڏهرڪائي (تعلقو اٻاوڙو)، ۽ محمد عالم  ”شور“  خانپوري (تعلقو ميرپور ماٿيلو) کان مليون.

(1) ۽ (2) روايتون اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي ڏهرڪائي کان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org