جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
وهلو وطن تي وري، واليءَ واري واڳ،
سـُـتو بخت سنئون ٿيو، جـُـودئون ٿيس جاڳ،
ويا سور سـَـنڌو ڪري، ڀـَـلي ڪيا ڀاڳ،
آگي ڪئي آڳ، ”اميد علي شاهه“ جي،
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
”اميد علي شاهه“ جي، واحد ڪئي واکاڻ،
واري واڳ وطن تي، ڀـِـري آيو ڀاڻ،
ميلو محبوبن سان، هو ڪانهيل جني ڪاڻ،
لولـِـي پـُـنـِـي هاڻ، ڪلمون محمد مير تي -
جند جواني مـــاڻين، جانب! آءُ وري...
منهنجو ساهه سري، سڄڻ! آءٌ وري...
(40)
وراڻي: ڪندو خير خداءِ يار، ورياسي وطن تي -
الو سائين، لولي لو...
ڪانءُ ڪبوتر نه ٿئي، ڪارو ئي ڪارو،
ويهي ويڙهل وچ ۾، دوست سارو ڏهاڙو،
مـَـنڙو ويچارو، چوليءَ واريءَ چوُر ڪيو -
الو سائين، لولي لو...
ڪارا ڪانوَ پـَـٽن تي، ڪارا نينگر وار،
تڙ تي ڌوئي ڪپڙا، گهر سڪائي وار،
چولي وارا يار، ڏسج هن ڏکويل ڏي -
الو سائين، لولي لو...
در حويليءَ هڪڙو، سو سنجهي ڏنائون،
لوڪ سـُـتو ننڊون ڪري، منهنجي دل ڪري دانهون،
عاشق جون آهون، ڪڙڪي پوندءِ ڪنڌ تي -
الو سائين، لولي لو...
لـِـڪڻ ڇـُـپڻ ڪهڙو، در تي دوُنهـِـين دُکاءِ،
سـِـر وڍي سـُـرندو ڪري، تن سان تارون لاءِ،
ويٺو ويـِـر وڄاءِ، ته من سڃاڻي سـُـپرين -
الو سائين، لولي لو...
ڪالهان ڪـُـون ڪانگ لنوي، مـُـنيءَ تي مضبوط،
آڻيو ڏئي آتڻ ۾، سنيها ثابـُـوت،
ڪانگل منهنجا قوت، آهن سنيها يار جا-
الو سائين، لولي لو...
هڪ ٻيڙيءَ ۾ سارنگي، ڪـُـني هيٺ رباب،
يا ته لائج دوستي، يا ته ڇنڊي مـُـنج جواب،
عاشقيءَ سندو داغ، پاڻيءَ ڌوتي نه لهي -
الو سائين، لولي لو...
واسينگن جي ويڙهه ۾، مانڊا مـَـنڊ پڙهن،
سـُـتا نانگ نـِـنڊ مان، جوڳي جاڳائين،
سـِـر ٿا کـَـنيو ڏين، عاشق نانءِ الله جي -
الو سائين، لولي لو...
ڪـَـچو ڪم ڪنڀار جو، ڀيلوئي ڀيلو،
ڏِسي چـِـٽي دلي جا، روح ڏنم ريلو،
ميهر سان ميلو، هوندو شال حضور ۾ -
الو سائين، لولي لو...
مورَ ڳچي محبوب جي، لڱ پرينءَ جا لال،
بولو ٿو باتيون ڪري، قهر ڪري ڪـَـٺمال،
تائيٿ وارا يار، کلندي دل کسي وئين -
الو سائين، لولي لو...
لـَـئي تي ڪانگ لـَـنوي، آءٌ ڪيئن اُڏايان،
سيڻن جي ”سعد“ چوي، پلؤ ٿي پايان،
ڪانگل اُڏايان، من ملان وڃي محبوب کي -
الو سائين، لولي لو...
ساريان توکي سپرين! راتيون ۽ ڏينهان،
نڪرن منهنجي دل مان، ڪـُـوڪان ۽ ڪيـِـهان،
روح منجهان ريهان، ناگـَـهه وڃن نـِـڪتيون -
الو سائين، لولي لو...
جاني هن جهان ۾، وٺڻو آهي واس،
ڪپي ڪوري ڪونه ڪو، ماڻهوءَ سندو ماس،
لوڪ مـِـڙئي لباس، دل جو دلبر هڪڙو -
الو سائين، لولي لو...
اکين ڳاڙها سپرين! ڏينڀوءَ جان ڏنگي،
وڙهين ٿو واسينگ جان، سهڻا ڪين سنگي،
وٺندوسانو ونگي، هڻي منڊ محبت جو -
الو سائين، لولي لو...
ڏُور نه لائيو ڏينهڙا، جاني! جان ڪي دم،
ڪپي ڪوري آءٌ ڏيان، لاهي سڀ لـَـحم،
دل جو غم وهم، تو آئي دک دور ٿيا -
الو سائين، لولي لو...
(41)
وراڻي: وهواهه سڄڻ وهواهه! تنهنجي ناز جي نياز، پرين وهواهه!
وهواهه سڄڻ وهواهه! تنهنجو شوق پر ذوق،
پرين وهواهه!
سج چنڊ کان اڳرو آهي، جاني تنهنجو جمال،
صورت سيرت ۾ ڏنو، قادر قرب ڪمال،
خالق خلقيو ڪونڪو، تنهنجو محب مثال،
جنهن سان ڪيو وصال، اعليٰ تنهن اقبال ٿئي -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
عاشق توتي سپرين، آهن سـَـوَ هزار،
مون کان مڙيئي مٿي، هنرمند هوشيار،
آءٌ ليکي انهن جي، ناهيان ڪنهن قطار،
جاني لڳ جبار، بخشيو بخش برهه جو -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
دلئون درد منديءَ کي، ڏي دلبر دلاسو،
سڄڻ سڪ مندي کؤن، پلڪ نه ڪج پاسو،
هڪ وار هيڻن سان، ڪين خوش دل خلاصو،
هج تون هڪ راسو، دائم درد مندن سان -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
اڱڻ آسروندن جي، پرين پير گهماءِ،
هيڪر اچي هت تون، هيڻيءَ کي به هساءِ،
جيئري هن جڏيءَ کي، پرين پاڻ پساءِ،
دوست ڏيو دلجاءِ، ملڻ جي معذور کي -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
نالي نانءُ الله جي، آءُ ته ڪريون اور،
ڏکن ۽ سکن جي، ويهي ڪريون تـَـڪ تور،
سرس ڪجي سکن کي، ڏکن کي ڪس ڪور،
سدا هينئڙي هور، لاهه پرين ”لعل خان“ چوي -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
بهرو بخش برهه جو، سو کـُـهيل کان نا کس،
رهزن رڪ رقيب کي، دانـَـهه پرين تون دس،
ملڻ جي مسڪين کي، ڏانءُ پـِـرين تون ڏس،
هيءَ بندي بيڪس، ڪر نه فوت فراق سان -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
ساريو توکي سڄڻان! راتو ڏينهان رڙان،
جهڄي جهوريءَ ۾ ٿيو، ڪڻڪي هيانءُ ڪڻان،
ڏکن سورن گاڏوان، ٿي دلبر دم کڻان،
هـَـي هـَـي! هٿ هڻان، وير تنهنجي وصال لئي -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
محبت جو منهنجا پرين! ويو من ۾ مچ مچي،
پرين تنهنجي پرت ۾، ويڙو روح رچي،
هستي هن هيڻيءَ جي، باقي ڪانه بچي،
الله لڳ اچي، ڏس تون يار ڏکيءَ کي -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
محب مٺا منهنجا پرين! تون الله ڪارڻ اچ،
ڳجهو ويهي ڳرهيان، توسان ڳالهين ڳچ،
ڪوڙ ٻڌندين ڪينڪي، سڀ سڻندين سچ،
ڪونه رهيو آ ڪچ، رانول راس رتي آهيان -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
گهر هن گهوريءَ جي، توکي آڻيندو الله،
اچڻ ڏانهن اوهان جي، وڏو ٿئي ويساهه،
سگهو اچ تون سپرين، متان سڪ ۾ ڏيان ساهه،
عشق ٻاريو آڙاهه، لئون لئون ۾ ”لعل خان“ چوي -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
سڄڻ تنهنجيءَ سـِـڪ ۾، ٿيس سوڪ سـُـڪي،
دردي تير طلب جو، لنگهيو پار لـُـڪي،
ورنـَـهن هن ويڄن جي، هيءَ چيٺڻ کان به چـُـڪي،
ڏيئي ٻاجهه ٻـُـڪي، ڇٽايو ڇوريءَ کي -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
اٺئي پهر اوهان جي، وات اٿم وائي،
تنهنجي خيال خوديءَ کان، هڪ رتي نه رهائي،
ڪمينيءَ ڪمزور جي، ڪل لهج ڪائي،
عمر مٿي آئي، ويچاريءَ واڪا ڪندي -
وهواهه سڄڻ وهواهه...
(42)
وراڻي: هوت پنهل تون هيڏي آءُ.
پنهل منهنجو ويو پري - ڏيرن مون سان ڏاڍ ڪري،
ڌوٻڻ ڇڏي ڌار ڪري - ڪيڏي ٿي آ مون سان ڪار،
هوت پنهل تون هيڏي آءُ...
آءٌ ته آهيان کٽياڻي - تون ته آهين آرياڻي،
پاڻ پنهنجو سڃاڻي - ڏونگر ڏورڻ ٿيا لاچار،
هوت پنهل تون هيڏي آءُ...
ڪيچ پنهل تون ڪاهي وئين - ڀنڀور کي ته وساري وئين،
ڏس نه تون ڏيکاري وئين - ڏونگر ڏورڻ ٿيا لاچار،
هوت پنهل تون هيڏي آءُ...
ڏيرن مون سان ڏاڍ ڪيو - ننڊ ندوري مونکي نيو،
ڪٺن ڪرهن ڪين ڪڇيو - صبح ويلي ٿي سنڀار،
هوت پنهل تون هيڏي آءُ...
جبل جهاڳڻ آيا مون کي - ماءُ ڏني هئي لولي مونکي،
ڳوليان ڦوليان ڪاٿي توکي - ڪيڏي دور آن تو کان
ڌار،
هوت پنهل تون هيڏي آءُ...
”رحمان شاهه“ تي ٿيندو راضي - هوت پنهل جي ٿيندي فياضي،
انگ لکيو آهي قضا جي قاضي - ڌوٻڻ کي تون ڪين وسار،
هوت پنهل تون هيڏي آءُ...
(43)
وراڻي: آءٌ آهيان تو آڌار.
منهنجا سونهارا سردار - سڻ ڪا گوليءَ جي گفتار،
ڪر نه مون کي پاڻان ڌار - ڇو ته آءٌ آهيان لاچار،
آءٌ آهيان تو آڌار...
ڪانه وينديس ڪاڪ ڇڏي - ڍولڻ ڍٽ جا آءُ تڏي،
مون کي ڪيو آهه تو ٿڏي - ديس ٿيو منهنجو هاڻي ڌار،
آءٌ آهيان تو آڌار...
راڻل! ڇڏ تون رسامون - ڪهڙي ڪئي خطا مون،
سوڍل ڪر عطا مون - ڏاڍ ڪري نه ڏيکار،
آءٌ آهيان تو آڌار...
پيچ پريت جو توسان پاتم - ناحق تو سان نينهن لاتم،
رات گذاري حج ڄاتم - اچڻ تنهنجي جو آ اختيار،
آءٌ آهيان تو آڌار...
قضا جي آ انگ اڙايو - قسمت مونکي آ لوڙايو،
ڀاڳ مون کي ئي ڪين ڀڙايو - تڏهن ڪيو تو ڀي ڌار،
آءٌ آهيان تو آڌار...
لالڻ اچ تون ليئڙو پاءِ - سوڍا لهه تون سـُـڌ سماءُ،
هيءَ لڳي آهه تنهنجي پاءِ - مون ۾ آهن عيب اپار،
آءٌ آهيان تو آڌار...
قرب پنهنجو تون ڪين وسار - مومل ڪئي آهه تو مردار،
ڍولڻ اچ تون ڍڪڻهار - مڃ صاحب جي وڏي سرڪار،
آءٌ آهيان تو آڌار...
”رحمان شاهه“ چئـِـي آهي لولي - ٻولن جي آ توسان ٻولي،
پيئي آهيان آءٌ تنهنجي جهولي - مون ڏي هر دم آهه
ميار،
آءٌ آهيان تو آڌار...
(44)
وراڻي: روح ڏاڍو آهي رايو، اديون پار عرب،
موليٰ ڪج مطلب...
پڙهان حمد حڪيم جو، قادر رب ڪريم،
خالق مالڪ ملڪ جو، رازق رب رحيم،
هادي جي قديم، مڪو جنهين مصطفيٰ -
موليٰ ڪج مطلب...
قادر جي قدرت آهي، بيچون بي بيان،
پيدا ڪيائين نـُـور مان، مرسل مهربان،
شرف تنهنجو شان، قرب اُڌو قرآن ۾ -
موليٰ ڪج مطلب...
سچي تنهن رسول جا، چوکا چارئي يار،
مدت مان ”مسڪين“ جي، ڪامل قربدار،
پنجتن پاڪ پيار، داڙو ٿيندا دارين ۾ -
موليٰ ڪج مطلب...
روضو پاڪ رسول جو، ڏوري مان ڏسندس،
پڃرو پاڪ رسول جو، چپن سان چمندس،
قربان ساهه ڪندس، جلوو جانب جو پسي -
موليٰ ڪج مطلب...
اکڙين آگم لائيا، بيٺيون جهڙ جهوئي،
راتيان روز فراق ۾، ڏينهڙو سڄوئي،
راهه تڪن روئي، پنڌ پرين جا پيچرا -
موليٰ ڪج مطلب...
آڻي عشق جاڳايو، جڙيو منجهه جگر،
جنهن کي شوق شفيع جو، گهاري نا ٻئي گهر،
پيغمبر جي پچر، راتيان ڏينهان اٿم روح ۾ -
موليٰ ڪج مطلب...
جـُـرمن وڏيون جاڙون، اٿم ڏوهن ڏڪايو،
معافي وٺي ڏيو مصطفيٰ! بـَـديون بخشايو،
رب سندو رايو، آ مٿئون تنهنجي مصطفيٰ -
موليٰ ڪج مطلب...
سختي سير سمونڊ جي، ڪڙڪا ڪـُـن ڪـَـرن،
برڪت محمد مير جي، لنگهي پار پـَـون،
ساٿي ڪين سـُـجهن، سرور! رسج سير ۾ -
موليٰ ڪج مطلب...
دل ۾ دوست پنهل جو، درس پيو اٿم دام،
سرتيون! سمهڻ سان ئي، عشق نيو آرام،
ٻـَـڌان وڃي احرام، لم لم جبل کؤن لنگهي -
موليٰ ڪج مطلب...
باري جي برڪت سان، لنگهي پار پوان،
مڪي واري راهه ۾، هيجئون مان هلان،
جانب ڪاڻ جلان، آهي عشق اندر ۾ -
موليٰ ڪج مطلب...
پسي ڪعبة الله کي، سوين ڏيان سجدا،
ڪري ترت طواف، مان عمرو ڪيان ادا،
جانب کؤن جدا، سري ساعت ڪين ٿي -
موليٰ ڪج مطلب...
ڪيان ترت طواف مان، ڦران سؤ ڀيرا،
حجر اَسود کي چمان، مڙئي ڌوپن ميرا،
دل اندر ديرا، اڪنڊ اوتارا ڪيا -
موليٰ ڪج مطلب...
صفا مروهه صاف مان، ڊوڙي وٺان دڳ،
بحر خدا مان ڀڄي، اُسري وٺان اڳ،
سرور سندو سڳ، داخل ٿيندو در کؤن -
موليٰ ڪج مطلب...
حاجين جي هلڪار سان، پڙهان حج عرفات،
قادر پاڪ! ڪراءِ تون، زور مونکي زيارت،
وائي اها اٿم وات، شل حاصل هدايت ٿئي -
موليٰ ڪج مطلب...
موٽي مينا ۾ ڪيان، اضحيٰ ادائي،
ڏيان ڪعبة الله کي، ڪيئي سجدائي،
اُڪنڊ ايهائي، رڙهان پاڪ رسول ڏي -
موليٰ ڪج مطلب...
ڏکيا پنڌ ڏونگر، باري ٻـُـجهن بـَـرِ،
لنگهائج لطف سان، وير وراڪا ورَ،
ساڻي ٿي سرور، بچائج بـَـدن کان -
موليٰ ڪج مطلب...
عربي! تنهنجي آسري، ڇـُـليس منجهه ڇپر،
مدد ڪجانءِ مصطفيٰ، رسائج رهبر،
عربي! ڏي آڌر، بي ثمري کي ڀر ۾ -
موليٰ ڪج مطلب...
ڏسان هوت حبيب کي، ڪافن مؤن ڪهي،
روضو رهبر جو ڏسي، ويندا وهم وهي،
لحظي منجهه لهي، ڏاکڙا ويندم ڏيل جا -
موليٰ ڪج مطلب...
پسي پاڪ رسول جو، جلوو مان ته جيان،
مديني جي مسجد جي، چپين خاڪ چمان،
مڙئي گهـَـٽ گهمان، سرها سير سيد جا -
موليٰ ڪج مطلب...
چارئي يار رسولي، پنجتن پيارا،
ڏسان شال اکين سان، جيءَ جا جيارا،
سرور سونهارا، ايندم اوکيءَ ۾ هلي -
موليٰ ڪج مطلب...
نماڻي نصيب ٿئي، پرين پيراندي،
هلي هوت حبيب سان، ٿينديس هيڪاندي،
عشق جيڪا آندي، پاڙي واريون پانهنجي -
موليٰ ڪج مطلب...
”مهدي شاهه مسڪين“ تي، قادر ڪرم ڪيو،
مونکي مرڻ وقت ۾، ڪلمي ڏات ڏيو،
پارس پيش پيو، اُلڪا لاهج اڳتي -
موليٰ ڪج مطلب...
(45)
وراڻي: جي ملان، وري جي ملان، جند جان قربان ڪريان،
الله سندي آسري، سڪ ڪبو سعيو،
”ليس الانسان الا ماسعيٰ“ فائق فرمايو،
”المرء مع من احب“ روح پيو رايو،
آگي الايو، تجدني طلب کي -
جي ملان، وري جي ملان...
”بچل“ چوي بـِـره جو، باري چڙهيو بار،
”حـُـبـُـڪ الشي يعمي ويصم“ عشق جو آثار،
ترڪ سڀئي طرف ٿيا، هڪ پـِـر جو رهيو پار،
دلبر جو ديدار، ڏوري ڏونگر ۾ ڏسان -
جي ملان، وري جي ملان...
تهدل اٿم تسلي، محبن کي ملندس،
”من طلب شيئاً وجـَـد وَجـَـد“ چشمن سان چلندس،
”العشق نار يحرق ماسوي المحبوب“ جوشن ۾ جلندس،
پازي ٿي پلندس، پاڙي پاڪ حبيب جي -
جي ملان، وري جي ملان...
ثابت سپرين جي، سنبت ۾ سر سٽ،
لاڳاپا جي لوڪ جا، ڏيهه انهي ۾ ڏٽ،
وکون وجهي وتريون، ماڳ مڙيئي مٽ،
ويهي وڃي تن وٽ، آجي عيبن کان ٿيان -
جي ملان، وري جي ملان...
جودان جاين تان رسان، دم مٿي درياهه،
ٻيڙي چڙهان ٻاجهه جي، سندي آس الله،
مانجهند منجهان ميل تي، راسخ وٺان راهه -
ڪياماڙي ڪيان ڪاهه، ڪاڏي لڙان ڪينڪي،
جي ملان، وري جي ملان...
حب سندي حضرت جي، پيريءَ منجهه پهان،
شـُـڪر ۾ شڪور جي، گوڏا سـِـر گـَـهان،
”لئن شڪر تم لا زيدنڪم“ انهيءَ واٽ وهان،
منجهان قرب ڪـَـهان، صلواتون سرور تي -
جي ملان، وري جي ملان...
خوشيءَ مان خاطر جي، نول ڏيان نادرَ،
سـَـنڌوُن جي ساهه جون، ڪيان هڪدم حاضر،
”دع نفسڪ و تعال“ ڀر جو ڇڏيان ڀر،
پريان سندي پر، لهريون سڀ لنگهي وڃان -
جي ملان، وري جي ملان...
دڙڪا دهشت دل تان، لـِـکَ ۾ ويا لهي،
”رب هـَـب لي اُمتي“ ، اندر روح رهي،
”لاخوف عليهم ولاهـُـم يحزنون“ پرين ايَ پيهي،
ڊنن کي ڊهي، بشارت بخشيش جي -
جي ملان، وري جي ملان...
ذِڪر سندي ذوق جو، ثمر کڻان ساڻ،
”فان خير الزادِ التقويٰ“ آگي جو اهڃاڻ،
”بسم الله مجريهاومرسـٰــها“ چئي، وَهلو ڇوڙيان
واڻ،
پڳهه کڻي پاڻ، دعا دارو کان گهران -
جي ملان، وري جي ملان...
راحم رحمت جا ڌڻي! عالمن اَلله،
”من لم يشڪـُـر الناس لم يشڪـُـر الله“ سونهين
جي صلاح،
بخشين بار بـُـرن جا، شانؤن پنهنجي شاهه!
سمجهاءِ سنئين راهه، انهن جي اولاد کي -
جي ملان، وري جي ملان...
زاري منهنجو زور ٿيو، هيڻائي همت،
هاڪيان هتان هيج مان، موليٰ جي مـَـدت،
واءُ لڳي ”واڍو“ چوي، ساڄو سلامت،
اَچان عدن ۾ البت، بندر لنگهي بحر جا -
جي ملان، وري جي ملان...
ساراهه سين سبحان جي، وهم سڀ وڃن،
قاعدا ڪراٽين جا، برڪت ساڻ ڀڄن،
حاجي حمد حميد جا، مٿي سر مڃن،
صلواتون مڃن، عالم جي آڌار تي -
جي ملان، وري جي ملان...
شڪرانا شڪور جا، ڪروڙين ڪهن،
حاجين تان حڪم جا، لاڳاپا سڀ لهن،
”من ڪان لله ڪان الله لہ“ انهيءَ پـَـر پهن،
وحدت ساڻ وهن، سوکي واهه سمونڊ جي -
جي ملان، وري جي ملان...
(46)
وراڻي: لک ٿورا، سڄڻ لک ٿورا، تنهنجي موٽي ملڻ جا لک ٿورا.
اَلف، اجـَـبتَ جو، جڏهن راول رکيو رايو،
”اَعرف“ جو عاجز لئي، تو سعيو سنڀايو،
”وَنحـَـن اَقرَب“ ناز ۾، منهنجو روحڙو
ريجهايو،
سـُـرت سمجهايو، تو هٿان ”تبصرون“ جي -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
بي، بره جو باب ٿيو، سڪ جي ڪاڻ سبب،
محب معنيٰ جو ڪيو، محبت مـُـنتخب،
”خـَـلق اَلانسان من علق“ سـِـر ڪيائين سبب،
رهبر ٿيو رب، جانـِـي جـُـدائي جو-
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
تي، تير تفاوت جو، ٿيو اَچم تي اثبات،
”لـَـقد خـَـلقناَ الانـَـسان“ تي، شوق ٿيو شات،
”من قتلہ فانا ديتـہ“ قرب ڪڍيو ڪات،
واهب الوصلات، محبت مـُـتسر ڪيو.
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا ...
ثي، ثبات سڪ جو، جڏهن راحم رکيو راز،
اَرني جو عالم ۾، عام ٿيو آواز،
”ان من شيءِ الا يسبح بحمده“ سڀ وڳو ساز،
پـِـرتؤن پڪواز، لڳو ”لـَـن تـَـرانـِـي“ جو -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
جـِـيم جمال جـَـمع فرد جي، جوڙ ڪئي جاري،
”الله نـُـورُ السموات والارض“ لٿي انڌاري،
”وهو بڪل شيءِ مـُـحـِـيط“ ڪئي عشق اِظهاري،
وَالله واپاري، ڪل سان ٿيو ڪل جو -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
حـَـي، حب حبيب جي، معنيٰ ڪئي مـَـبسوط،
”لولاڪ لمااظهرت الر بوبيـہ“ ڪثرة ڪارڻ قوت،
”افديت ملڪي عليڪ يا محمد“ سنيها ثابوت،
جبروت ۽ لاهوت، دائري موهيا دال جي -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
خي، خفيت خليل جي، معنيٰ سندو مور،
”اذرميت ولا ڪـِـن الله رميٰ“ ”نور عليٰ نور“
”فڪان قاب قوسين او اَدنيٰ“ نه ڪو وهم وچور،
محمد جو مامور، اهنج آهي احمدي -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
دال، در دليل دار جو، آگي ڪيو احسان،
”انا مدينة العلم و علي بابها“ فائق سو فرمان،
”الشيخ في قومہ ڪالنبـِـي في امتـہ“ لٿو غير
گمان،
سڀوئي سبحان، حسن ڪاڻ حجاب ٿيو -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
ذال، ذڪر ذوق لئي، اذڪر ڪم آيو،
”العشق حجاب دين العاشق والمعشوق“ سڪ ڪيو سعيو،
”يـُـحبهم ويحـِـبونـہ“ فائق فرمايو،
پرت پسايو، راز سڀوئي رب جو -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
ري، ربوبيت رهبر ٿي، اعراف لئي آئي،
”من عرف نفسہ فقد عرف ربـہ“ واة واڌائي،
”تفڪروافي صفاتِ الله ولا تتفڪـَـروافي ذات الله
“
سونهين سڻائي،
صفت صحائي، ظاهر ڪندا ذات کي -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
زي، زيب ڪاڻ ظهور ٿيو، حـُـسن حقاني،
”انا من نور الله و ڪـُـلهـُـم مـِـن نـُـوري“
پاڪ پيشاني،
”صبغته الله ومن احسن من الله صبغة “ نڪتو
نوراني،
صفتون سبحاني، راسخ ٿيون رنگ ۾ -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
سين، سـِـرُ صورت ۾، پرت ڪيو پيدا،
”اني جاعـِـلءُ في الارض خليفہ “ حق ٿيو هويدا،
ابليس انا جو، باريءَ ڪيو پيدا،
شائـِـق ٿيو شيدا، ڪو ڪنهن جو، ڪو ڪنهن لئي -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
شين، شڪر سڀ شڪور جا، آهن حمد هزار،
ڪي ڪروڙين ناهه ڪا، اَربئون اڪيچار،
”لئن شڪر تم لازيدَ نڪم“ اڙين لئي آڌار،
ڪفر کي ڪلتار، ڏنو ڏَنءُ ڏهاڳ جو -
لک ٿورا سڄڻ، لک ٿورا...
---------
|