سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :10

سڄڻ لولي...

واقعاتي لولي:

(30)

(عارب ماڇي ڳوٺ عارب پئي تعلقي گهوٽڪي ضلعي سکر جو ويٺل هو. ڏاڍو بهادر جوان هو. سندس زال جو نالو  ”نوران“  هو، هنن جي هڪٻئي ۾ ڏاڍي محبت هئي. ڪنهن جهيڙي ۾ عارب مارجي ويو، ان جي غم ۾ نوران سدائين روئيندي رهندي هئي. انهي حادثي کان متاثر ٿي ڪنهن هيءَ لولي چئي آهي.)

 ”عارب“  جي هوندي  ”نوران“  پـَـٽڙو هنڍايو،
عارب مري ويو، نوران ويس مـَـٽايو -

 

جانب لولي...

 ”اُنڙ“  جي ڪـَـڙ تي نوران لـَـٽا ٿـِـي ڌوئي،
اهي جايون ڏسي، نوران رت پئي روئي -

 

سهڻا لولي...

واهه اُنڙ ڏاڍو وهي ٿو پورن ۾،
عارب مري ويو، نوران پئي سورن ۾ -

 

سانول لولي...

گـَـرڙِي گهوڙيءَ مٿان گـُـلڙن جو گاشو،
چڙهي ڏسان ڪوٺي تي، عارب جو لاشو -

 

ڍولڻ لولي...

 ”مـِـيرن“   ”پـِـيرن“  جو لڳو پاڻ ۾ تنازعو،
جنهن عارب ماريو، تنهن جو نه هوندو ڪفن، نه پڙهبو جنازو-

 

دلبر لولي...

 ”ڪنڌ ڪوٽ“  جي شهر ۾، عارب چولو سايو،
عارب ته مري ويو، لاش لارين ڍووايو -

 

جيڏا لولي...

 ”ڪنڌ ڪوٽ“  جي شهر ۾ سهڻيون آهن ماڇاڻيون،
عارب جهڙو نه وري ٻيو ڄڻينديون ماڇاڻيون -

 

سانول لولي...

بورڻ گهوڙي، جنهن تي عارب چڙهيو آ،
عارب جو لاشو، سارو رت ۾ رڱيو آ -

 

محرم لولي...

 ”بيگاري“  ڀٽارِي، جنهن کي ٽي سؤ سٺ گهير،
حيف آهي ڀيڻ کي، جنهن نه ورتو ڀاءُ جو وير -

 

بگا لولي...

(ب) شاعرن جون  چيل لوليون

(31)

وراڻي:  لئه ڪانگا مٺي لات، کنڊ کير تنهنجي وات،
        سچي ڪر مون سان بات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

ويجهو اچي ويهه، ٽلي ڏيئي ٽپڪي،
مکيل گهڻي گيهه سان، لولي وٺ سـُـپڪي،
ڳرهه ڳـُـجهون ڳالهيون، مون سان ويهي مـُـرڪي،
ڪـَـرمَ چـُـپ چـُـپات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

جڏهن اسان پرين کي ميلو ڪرائين،
تڏهن ماکيون مصريون، خوب کارائين،
روپا نورا پيرن ۾، مشڪ مکائين،
خوشبوءِ ڀـَـتان ڀات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

ڪر تون سخن هڪڙو، لافي! هڻ مَ لاف،
جي پرين پرچائين ته، ڏاڍا ڏيئين انصاف،
تنهن ۾ ڪوڙي ناهه ڪا، مونکي آهي مصحاف،
قسم پاڪ جي ذات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

کڻ ڪاغذ چهنب ۾، تون پرين پهچاءِ،
ڇلو نشاني يار ڏي، ٻڌي ڳچي پاءِ،
سورن سکن ڳالهيون، سگهيون آڻـِـي سڻاءِ،
ساري سڀ حرفات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

ويهي ڪر مَ وير ڪا، اُٿي هاڻ اُڏام،
ڌاران ملڻ سپرين، ناهم ڪو آرام،
منهنجا محبوبن کي، وڃي پهچاءِ پيغام،
سان اوچي عبارات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

ڪڏهن ايندا اتهين تون قاصد ڪانگا!
تيسيتائين تن کي لنگهڻ ۽ لانگها،
مون ته لاهي ڇڏيا سڀ سر سندا سانگا،
مريو ٿيان مات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

منهنجي پاران پڇجانءِ، درد جو دارون،
هن جو اندر عشق ۾، ڦـُـٽي ٿيو ڦارون،
تنهن جون لهو ڪي اوهين، سڄڻ! سنڀارون،
شل هـُـونِ سلامات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

مـَـس ته ڪاغذ ڪونه هو، ڪهڙو پيو ڪال،
مڪائون ڪونه سنيهڙو، ۽ ڪو پنهنجو حال،
ياد نه پيس يار کي، لنگهيو سارو سال،
بوند پيئي برسات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

آءٌ توکي ڇا چوان، پرين جا پانڌي!
مون کان پنڌ نه اُڄهي، ماڳ ٿيان ماندي،
ساعت سک نه ڀانيان، وار مَ وجهو وانڌي،
تن کي تاري تات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

ڇا کان ڇنڇر رات تي، آيا نه اسان وٽ،
پرت واري پنڌ مان، ڪي آهي ٿي گهٽ،
مون کان دلبر دادلا! تون ته منهن نه مـَـٽ،
رهج هـِـڪي رات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

آچر ڏينهن اچڻ جو ڪيو هئائون قول،
پکيئڙا! پرين جو، آهي سچو ايءُ ٻول،
هرهر ياد هين کي، ڍاٽي مـُـئيءَ جو ڍول،
اسر ڪي پرڀات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

سخن سومر ڏينهن تي، پنهنجا پاريندا،
جيڪي دشمن دل جا، مڙئي ماريندا،
مون سان قرب واريون، گهڙيون گهاريندا،
ٿيندين هت قسمات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

اڱڻ اڱاري ڏينهڙي، شل ڪو پائن پير،
ڪن نه ريت رسڻ جي، سگها اچن سوير،
منهنجي سڪ سچي آهه، من ۾ ناهم ميرُ،
هو جي ويام ولات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

اربعا ڏينهن عجيب کي، ڳالهرَ! ڳولي آڻ،
پهي پرچون پاڻ ۾، ڪريون ريجهه رهاڻ،
توتان گهورون گهوريان، سونَ سندي کاڻ،
جـَـوهـَـرَ ۽ جواهرات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

هونِ خيال خميس تي، اچڻ ايرادو،
ڏاڍو دلاسو دل کي، هيئين هيڪاندو،
من منهنجا ماٺ ڪر، متان ٿيين ماندو،
اڃان آهين حيات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

ڏينهن جمعي جانب لاءِ، وڏا ڪيڙام وس،
مون ٿي ڳولهيا ڳوٺ جا، گهيڙ، گهٽيون ۽ گس،
جيءَ ۾ جوش پرين جي، ڪيڙا هل هنيس،
مانَ ٿئي ملاقات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

اُٺ جيڏو آسرو، ڏونگر جيڏو ڏڍ،
ڏک ڏوراپا تن تي، ڪاڻيون ڪي نا ڪڍ،
جوڳي تنهنجي جيءُ کي، هڻي ويڙا منڊ،
ڪهيا ڪيچ قلات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

ڪهڙو ڪري دلڙي، اُلڪو اوسيئڙو،
صبر ڪر سرير مان، ويندءِ وڇوڙو،
قاصد اوڏهن ڪانگو، ساٿي سنڀوڙو،
آڻي خط امانات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

روئو ڇو ٿيون اکيون؟ وسو مينهن وانگي،
اُو تان سفر اُسهيا، سڄڻ ڪنهن سانگي،
ايندا اوٺي اِتهون، چڙهي سر چانگي،
ڀري کٿوري ساٿ، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

پرور! سي پڄائين، عاجز جون آهون،
وندر ۾ واڪا ڪري، درد جون دانهون،
پهچي ڄام پنهل کي، عاشق اوڏاهون،
ٿئي هڪ هڪات، ڪڏهن ايندام پرين -

 

لئه ڪانگا مٺي لات...

راز منجهان راضي ٿيا، ڪيائون لائق،
گڏياسون گنهور کي، لاٿيسون اڄ سڪ،
اديون! آءٌ عيديون ڪريان، لائيان په مشڪ،
کڙيا گل باغات، اجهي آيام پرين -

 

چئو لوليءَ جي لات...

 ”واڍي“  ساڻ وسيلو، قادر ڪيو په ڪرم،
ڏورينديون سي ڏسنديون، پنهنجوئي پـِـريـَـم،
رات چڱي  ”رمضان“  کي، مليو يار محرم،
ٿيم ڪم ڪلمات، اجهي آيام پرين -

 

چئو لوليءَ جي لات...

آگا! ڪر اسان سان، اڳ جي عنايت،
مير محمد ڪارڻي، شافع شفاعت،
سچي سڪ اوهان ڏي، هـُـئي شال محبت،
ڪلمي جي برڪات، اِجهي آيام پرين -

 

چئو لوليءَ جي لات...

لا اِلــٰہ اِلا الله محمد رسول الله ()

(32)

وراڻي:  آءٌ ملان وڃي، آءٌ مـِـلان، پنهنجي سيد سچي سردار کي.
        پنجموري کان پري هلي، پسان پير جايون،
        سعدآباد سڄڻن جون، ڳالهڙيون ڳايون،
        نئون نينهن لايون، ونجهيريءَ واٽ تي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

طارهه مان تڪڙو هلي، لنگهان بهشتي باغ،
فراشن مان فراق جو، زور اڏايان زاغ،
ڏياريان درد جو داغ، برابر ڀنڀرن کي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

سڪ منجهان سنداڻ مان، هلي وڃان هالين،
گهمي گهوٽاڻن مان، ڇوهه وڃان ڇالين،
کنڊوءَ مان خيالين، لنگهان کيبر خير سان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

سڙڪ وٺي سيکاٽ کان، وڃان بائوديري،
وٺان واٽ وسينءَ کان، پنڌ ڪريان پيري،
سندرو ٻڌان سيري، مـُـهڙون مٽيارين جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

هيجئون هٽڙي مان هلي، حيدرآباد هجان،
گدوبندر تي لـَـٽا، درياءُ منجهؤن ڌُئان،
پـَـرينءَ ڀر ٿيان، ڪوٽڙيءَ ڪپر تي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

لنگهي ننگر نياز سان، رسان جنگشاهي،
ڪراچي ڪوڏ مان، وڃان هڪ ساهي،
قصد مان ڪاهي، ڪياماڙي ڪپر تي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

منهوڙي وٽ موجون، واهه وهن ويرون،
مڏئيءَ جي ملڪ جون، واهه ٿڌيون هيرون،
خير ملن کـِـيرون، بمبئيءَ جي ڀر تي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

نـُـول ڏيئي ناکئن کي، چڱي جهاز چڙهان،
ننگر ناتاريون اُتان، خير سان کڻان،
وڃي اُت وڻان، لنگهي سير سمنڊ جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

عدن منجهه اڳاڙجي، ڪامران جي ڪل،
باب سڪندر کان لنگهي، ڏسان مڪي جا محل،
ماڻيان موڪ منڊل، حدودي هنڌ تي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

لم لم جي لڪ تان لهي، ٻڌان آءٌ احرام،
ٻڌي گوڏ گذاريان، پڙهان صلواة السلام،
گوءِ ڇڏي اهو گام، هلي حاجين هـُـل سان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

جودان جدي مان، هلان ته حـُـدي وٽ،
مڪي ۾ سو ماڳ ٿئي، پاڪيزي ان پٽ،
زيارت جهٽ پٽ، ڪري ڪعبة الله جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

چمي حجر اسود کي، ڪريان ترت طواف،
پڙهان نفل حطيم ۾، محبت مان مصحاف،
گل ڏسي غلاف، مڙني وٽان مصلن جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

پوءِ وڃي پريت مان، ڪو ذڪر ڪريان ڪم ڪم،
پوڄئون پي پـُـر ٿيان، سندو آب زمزم،
لاهي غم وهم، پاڻي پاڪ پيڻ سان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

صفا مروه ۾ وڃي، پيرن ڊوڙايان،
تنهان پوءِ تلقين ڏيئي، وارن ڪوڙايان،
ڪپڙا جوڙايان، جـُـبا پائي جـُـود مان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

مزدلفہ ۾ منزل ٿي، واهه لڳي اتي وجهه،
اوچي تنهن عرفات تي، شال پڙهان آءٌ حج،
موٽي ميـِـنا منجهه، عيد ڪريان الضحيٰ جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

عمره کان آڏو ڏسان، فاطمة وادي،
چئن يارن کوهه کان، پريان قران وادي،
ڪوڏئون قدياس وادي، منجهان غور غدير جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

راوڪ وادي راهه کان، بير مسطورا،
شيخ البير تان، ڀريان مويا مذڪورا،
ديکان دستورا، شوقئون صفريٰ وادي جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

شوقئون بير شريف کان، هلي ٿيان حاضر،
ڀري ساندارو سيگهه مان، ڪريان ساڻ ثمر،
قافلو ڪنهن ڪر، ڪاهي ڪرهن سان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

جديد وادي واٽ تي، جنگي آهن جوان،
بير عباس جي ڀرسان، سورهن جا سامان،
ايڏي وڏي ايمان، بچي تن بدوُن کان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

باري بر مجنونءَ جي، سجهي اڳيان سڃ،
پـُـٽ نه پياري پيءُ کي، اهڙي لڳي اُڃ،
رڻ جهاڳي رڃ، روانو ٿيان راهه ۾ -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

علي بير کان پسان، بنگلا بازاريون،
مديني جي شهرن جون، ڏسان جي جايون،
خوب کجين ٽاريون، ڏسي ان ڏونگر تان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

پوءِ پرين پنڌ ڪري، پسان مدينو،
ڪوٽ پسان ڪنگرين، سخت سنگينو،
رتل رنگينو، لنگهي در لکيءَ کان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

وچين ڪوٽ وٽان جي، وڃي ڏسان ڪوٽ حرم،
چمان چانئٺ رسول جي، رکي چست چشم،
شعاع ٻري جت شم، ڏسي ماڻڪي مير جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

هندوري حضرت جي، رکي هٿ رسان،
سونا، روپا، زيتون جا، پڃرا سڀ پسان،
آهي آس اڃان، پڙهان لوهي پڃرو -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

پڃري منجهه پيار جي، آهن چوکا چڱا يار،
ابوبڪر، عمر امير، دوست سندس دلدار،
هلي هت هڪوار، ڪريان زيارت تن جي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

ڪعبي منجهه قرارين، آهي حضرت عثمان،
آهي جبل نجف ۾، علي شير جوان،
اي ڏسي ماڳ مڪان، موٽي  ”مديني“  اچي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

جنت البقيع جي ڪريان ذوقئون زيارت،
ڪئين هزارين رسيا، در تـِـن جي شهادت،
اُت عبادت، ورد سان ويهي ڪريان -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

 ”واڍي“  سان وصل ٿئي، روبروءِ  ”رمضان“ ،
پيرانديءَ پرينءَ جي، ٿئي ماڳ مڪان،
ڪلمون پڙهي قرآن، پوءِ پساهه پورو ٿئي -

 

آءٌ ملان وڃي، آءٌ ملان...

لا الــٰہ  اِلا الله محمد رسول الله

(33)

وراڻي:  ويهه نا وساري، ويهه نا وساري،
        وڃ مـُـئي جياري، سـُـوالڻ سنڀاري -

 

ور واڳ واري، ويهه نا وساري...

ساجن لهه سنڀار، ساجن لهه سنڀار،
باقي نه ٿي يار! پڃ نا هير ڀتار!

 

تولئي تنواري، ويهه نا وساري...

سـِـڪ مؤن ساري ساهه، سـِـڪ مؤن ساري ساهه،
روز ڏسان راهه، اَچج ڪاهو ڪاهه -

 

نـِـت ٿي نهاري، ويهه نا وساري...

دور ٿي نا هڪدم، دور ٿي نا هڪدم،
ڳچ ٿا ڳارين غم، اُڄهي نه ڪو ڪم -

 

مونجهارو ٿو ماري، ويهه نا وساري...

رڻ ۾ رسي اچ، رڻ ۾ رسي اَچ،
سڪ مؤن ساريان سچ، من ۾ ٻري  مـَـچ -

 

صحبت ٿي ساري، ويهه نا وساري...

طلب تنهنجي تام، طلب تنهنجي تام،
سيد پيس سام، گولي هيءَ غلام -

 

پورهيت پوڪاري، ويهه نا وساري...

وڃي نه ويجهاڻي، وڃي نه ويجهاڻي،
پرين ڪئي پڄاڻي، سگهڙو ٿي ساڻي -

 

بـَـر ۾ بي چاري، ويهه نا وساري...

ٻڌي مير ٻانهون، ٻڌي مير ٻانهون،
ڪيان عرض آهون، اِيندم اوڏانهون -

 

ڪميني ڪوڪاري، ويهه نا وساري...

جک ۾ ويئي جلي، جک ۾ ويئي جلي،
آءُ تون هوت هلي، اولي ڪر سـَـولي -

 

کلي وڃ کيڪاري، ويهه نا وساري...

هـَـر هـَـر ٿي ساريان، هـَـر هـَـر ٿي ساريان،
نيڻن نهاريان، پل پل پوڪاريان -

 

سڄڻن کي ساري، ويهه نا وساري...

آيس دانهين در، آيس دانهين در،
ڪج ڪا واهر ور! ڏسي حال هيڪر،

 

تـِـک مؤن ني تاري، ويهه نا وساري...

رک ياراني يار! رک ياراني يار!
مون ڏي حرف هزار، معافي ڏي منٺار!

 

بديون بيڪاري، ويهه نه وساري...

ڪر ڪا وَٽ وَراڻ، ڪر ڪا وَٽ وَراڻ،
پڇج مونکي پاڻ، تاٿي روح رهاڻ -

 

پروس پچاري، ويهه نا وساري...

دل وئين هوت هڻي، دل وئين هوت هڻي،
آءُ تون سڏ سڻي، ساهه کي سڪ گهڻي -

 

وري آءُ وکاري، ويهه نا وساري...

نه ٿي پئي ساهه سري، نه ٿي پئي ساهه سري،
ڳڻتي منجهه ڳري، پڇي وڃ پير ڀري -

 

سڌ لهه سڌاري، ويهه نا وساري...

ڪامل! ڪين لڄاءِ، ڪامل! ڪين لڄاءِ،
ريجهي روح رڄاءِ، دل جي آس پڄاءِ -

 

سـُـتت سينگاري، ويهه نا وساري...

سڏ ٻڌي سردار! سڏ ٻڌي سردار!
منهنجو مـَـندو مار، ڪر گـِـلا گـُـو گار،

 

موذيءَ کي ماري، ويهه نا وساري...

اَجهو ٿي ڏي اَڌار، اَجهو ٿي ڏي اَڌار،
 ”بخش علي“  يار، تنهنجا پڇي پار -

 

وڃ منهن ڏيکاري، ويهه نا وساري...

سيد! سگهو موٽ، سيد! سگهو موٽ،
اٿم تنهنجي اوٽ، ڪلمي سندو ڪوٽ -

 

اندر اُجاري، ويهه نا وساري...

(34)

وراڻي:  تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان.
        اول نانءُ الله جو، ساراهيان سبحان،
        جنهن جوڙي راس ڪيو، جملي جڳ جهان،
        نور منجهان نروار ٿيو احمد عاليشان،
        راضي رب رحمان، سر سدا چئني مٿئون -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

مهڙ سچو صديق آ، عزت ۾ اڪبر،
قاتل ڪفارن سندو، ثاني صاف عمر،
علم وڏي عثمان آ، هاڪارو حيدر،
تن سندي ويتر، آ اُڪنڊ اندر ۾ گهڻي -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين، وئين لـَـنءُ لائي،
اکڙين سان عاشق کي، گهورن سان گهائي،
دل ۾ درد فراق جا، دونهان دکائي،
پير اڱڻ پائي، مـَـنـَـهن آءُ مسڪين جي -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! تون وئين رمز رکيون،
ديدون دلبر تنهنجون، تـِـيران آهن تکيون،
ڪل مونکي ڪانه پئي، هڻي وئين ٻاڻ ٻکيون،
ڏيکاري دوست اکيون، جوش ڏئي وئين جان کي -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! تنهنجا تير تفنگ،
ڪڏهن مڙن ڪينڪي، تنهنجا نيڻ ختنگ،
ناگهه نهوڙي وئين، اکڙين سان اڙٻنگ،
ڏئي وڪڙ ونگ، دل کي دام وجهي وئين -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! سڻج هي احوال،
راتيان ڏينهان روح کي، تنهنجو خاص خيال،
سيني سڪ سبيل ٿي، هيڻو ٿيڙم حال،
دم، گهڙي، سن سال، تو کان سواءِ ڀانئيان -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! ڪر نه جدائي،
ڏي دلاسو دلگير کي، نام خدائي،
ڦيريدارن جان ڦران، در در گدائي،
سڪ ۾ سدائي، رويو راهه نهاريان -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! منهن نه مـَـٽيندو ڪر،
نيڻن کي ننڊ ڪانه ڪا، اوجاڳو ويتر،
سگهڙو رسج رهنما! ڪري منهنجي ور،
پير ڀري آءُ در، مهرئون مشتاقن جي -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! توکي ساري ساهه،
جر نيڻن جاري وهي، جيئن وهي درياهه،
دکي دکي دود ٿيو، عشق سندو آڙاهه،
آڻيندءِ الله، اڱڻ آسروند جي -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! تو ريءَ ڪين سري،
وِٿ وجهڻ ناهي چڱي، جالڻ پنڌ پري،
ملڻ سوا تو سپرين، ماندي هت مري،
پرين تون پير ڀري، سڌ لهي وڃ سور جي -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! مـَـٽ تنهنجو ناهيان،
تو جيهو هن جڳ ۾، ڪونه ٿي ڀانيان،
دلبر! تنهنجي در جو، گولو سڏايان،
اصل کان آهيان، نوڪر تنهنجي نانءُ جو -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! اڱڻ منهنجي اچ،
ويهي وندر ڪا ڪريون، ڳالهين سندو ڳچ،
آڙهه عشق اٿاريا، من ۾ متو مچ،
مون سان محب پرچ، ڏک ٻڌايان ڏيل جا -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين سهڻي تنهنجي صورت،
سج چنڊ کؤن سهڻي، حورن کي حيرت،
ڏسڻ سان مخمور ٿيون، عام وٺي عبرت،
رب سندي رحمت! محب مٺا تو ساڻ ٿي -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرينّ! آهيانءِ پناري،
دلبر دردونديءَ کي، ويهه نه وساري،
آسروندي آهيان، تنهنجي ئي لاري،
سڪنديءَ کي ساري، ڪوٺي ڪجو پاڻ سان -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

محب مٺا منهنجا پرين! ڏاڻ ڏياريو ڏات،
حضرت! هٿ وٺيج، سهنجي ڪج سڪرات،
 ”حاجي عبدالله“  چئي، خير گهران خيرات،
ڪلمون وقت وفات، سر زبان جاري ڪري -

 

تون وري آءُ، تنهنجا لکين ڳڻ ڳائيان...

لا اِلہ الا الله محمد رسول الله

(35)

وراڻي:  سائين! آءٌ ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان،
        ڪنهن سان حال اوريان، مل مونکي محبوب منهنجا!

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، سائين! آءٌ ٿي ڏوريان...

 ”بسم الله الرحمـٰـن الرحيم“ ، هي ٻاجهاري ٻولي،
اُڪنڊ مان آءٌ ٿي  چوان، لاءِ پـِـريان لولي،
دل اندر درياءَ چڙهيا، سـِـڪ سندي ڇولي،
ٿيان سـَـڻولي، جي ڪاهي ڏسان ڪيچ کي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

الف، اندر منهنجي سندو، ٿي آءٌ چوان حال،
مونکي ڇڏي ماڳهين، لـِـڪي ويڙم لال،
ٻئي ڪنهن سان ڪرڻ جو، ڪينڪي هيءُ حال،
جي پوي صاب سوال، ته ڏسان هوت حبيب کي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

بي، بنا تنهنجي پرين! هت آهيان اَجوڙي،
درد منهنجي دل تي، آهن لکين ڪروڙي،
سورن سـِـجهائـِـي آهيان، آءٌ وِرهن وڪوڙي،
ڪر ساعت سجوڙي، ته سفر منهنجو صاب پوي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

تي، هتي ڪيئن ترسان، منهنجو قلب نا قرار،
ورهه وڇوڙي منجهه آهيان، برهه ڪيس بيمار،
سگهو لهج سنڀال تون، آهئين منهنجو يار،
غم جو ٿي غمٽار، درد منهنجا کڻي دُور ڪر -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

ٽي، سڄڻ توکي سدا، سڪان ۽ ساريان،
هي هـَـي ڪريو هلان ۽ هنجهون ٿي هاريان،
پسڻ خاطر پرين ٿي، نئين سج نهاريان،
دم نه وساريان، ڪريان جـِـيءُ منجهه ياد ٿي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

جيم، جگر ۽ جان کي، جهڄڻ ۽ جهوري،
سهان تان صبر نه اچي، لڳيم جا لوري،
اٺئي پهر اداس ۾، تولئي گهمان ٿيو گهوري،
منهنجو زور نڪا زوري، ڪج قريب قياس تون -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

حي، حـُـسن تنهنجو پرين! شل ڏاتر ڏيکاري،
اڃان تان اڪير ۾، منهنجو ساهه توکي ساري،
مون کي ورڇ وصال جي شل پرور پياري،
قادر من ڪاري، توسان ملائي  ”منٺار“  چئي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

خي، ڪرين خوشحال، مون کي سٻاجها سائين!
اچي مون اڻ سونهيءَ کي، هت درسن دکائين،
اڱڻ آهيڙن جي، شل پير اچي پائين،
آسرو آهين متان مون کي مـَـٽي ڇڏين -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

دال، ديواني دل ڪري، من ڪيئي مستان،
ڦران فقيرياڻي ٿيو، تنهنجي حـُـسن لاءِ حيران،
اچڻ جي اوري ڪجان، ٿيان قدمن تان قربان،
ٿي مون سان مهربان، ته ڳڻ تنهنجا ڳائيان -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

ذال، ضعيفي جان کي، تنهنجيءَ اُڪنڊ منجهه آئي،
ٻولي ٻوليان تو سندي، ٻي وسريم سڀ وائي،
موليٰ مراد پڄائيندو، منهنجي جيءَ اندر جائي،
اُميد اهائي، ته ڏسان عجيب اکين سان -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

مـِـٺا محبوب! توريءَ روئان ڏينهن راتيون،
مون کي تو محبت سنديون، ڪـُـهن ٿيون ڪاتيون،
ٻئي سان ڪرڻ جون ڪينڪي، آهن تو بگر باتيون،
هـِـينئون ۽ ڇاتيون، ڦاٽن ٿيون فراق ۾ -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

زي، ذڪر دل زبان ۾، اٿم اهوئي،
مـِـل پيارا، مـِـل پيارا! آءٌ سائل سندو ئي،
هيڻو مون حال ٿيو، ان رَمز ۾ روئي،
سڻج سوال سوئي، جو ڪريان ٿي قلوب سان -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

سين، سواءِ تنهنجي پرين! هتي ڪـَـٽيان ڪيئن؟
آءٌ اهان جي آهيان، هوت مَ ڇڏج هينئن!
ان رمز ۾  ”راڄڙ“  چئي، روئان راتيون ڏينهن،
ميڙائي جا مينهن، جي وسن تان وندري هينئون -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

شين، شوق قلوب تي، اهوئي آهي،
ته هيڪر هوت حبيب سان، مون کي موليٰ ملائي،
پرين پيشاني پنهنجي، شل ڪامل پسائي،
ته لـُـڇي ليلائي، کڻي مهندان پرينءَ پساهه ڏيان -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

صاد، صبر ناهي، مون کي اچي نا آرام،
وڻي ڪين وجود کي، توئي بگر طعام،
ڦوڙائي فراق جو، من اندر ماتام،
اهو اٿم ايرام، ته هيڪر هوت ڏسي مران!

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

ضاد، دلاسو دل کي، ڪو ڏڍ وڃج ڏيئي،
تو ڏي حرف نه هيڪڙو، آهن مان ڏي مڙيئي،
معاف رکج  ”منٺار“  چئي، منهنجون سهـُـوون سڀئي،
آءٌ جيهي جا تيهي، ته به وٺي وڃج پاڻ سان -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

طوئي، طلب تنهنجي اندر، ڦران ڦوڙائيدار،
جلي جگر جيءُ جان ٿي، ڪونهي من قرار،
سڄڻ! تنهنجيءَ سڪ کان، واندو ناهيم وار،
تون آهين اکين ٺار، اچ ته اکيون ٺاريان -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

ظوئي، ذرو محبت سندو، مون سان ڪيم مٽيج،
رندن تي رولـُـو ڪري، مون کي ڇپر ڪيم ڇڏيج،
ساجن! پنهنجي ساٿ سين، هن گوليءَ کي گڏيج،
سويرو سڏيج، مجلس ۾  ”منٺار“  کي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

عين، اکين سان يار کي، شل ڏسي سـِـڪ لاهيان،
اها اُميد الله ۾، اڃان ٿي ڀانيان،
ته پسندين پرين کي، پر ڪي آءٌ ڪاهيان،
وڃي اکيون اکين لايان، پوءِ مران ته مـَـر مري وڃان-

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

غين، غم گوندر اهو، مون کي ٿو ماري،
عشق آرانڀن سان، ٻاريو ٿو ٻاري،
مون سان ميلاڻي ڪرين، وسيلا واري،
ته اکيون من ٺاري، اچ ته آرامي ٿيان -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

في، فڪر دک درد جي، پـُـکي منجهه پياس،
عشق آريءَ ڄام جي، کڻي نهوڙي نياس،
سهان تان صبر نه اچي، آءٌ وسِ ڪنان وياس،
قلم هيئن ڪياس، امر ليک الست جي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

قاف، تنهنجي قدمن مٿان، صدقي ڪريان ساهه،
گهوري گهوري تو گهوٽ تان، کڻي اڇليان ارواح،
منهنجي ملڻ جي واسطي، توکي آڻي مانَ الله،
اتي پورو ٿئيم پساهه، ته سهسين شڪرانا چوان -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

ڪاف، ڪشالا ڪيترا، مون ڪارياڻيءَ ڪيا،
ڏوري ڏوري منجهه ڏونگرين، اچي مون پهر ڪيا،
فاقا فقيرياڻيءَ کي، ڪئين ويلا لنگي ويا،
ڏٺي ڏينهن ٿيا، صورت سج ورنيءَ کي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

لام، لـُـنءَ لـُـنءَ اندر، مون کي لڳي جا لوري،
ماري مون مسڪين کي، جهڄڻ ۽ جهوري،
اٺئي پهر اداس ۾، تو لئي گهمان ٿيو گهوري،
منهنجو زور نڪا زوري، ڪج قريب قياس تون -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

ميم، مـِـلو  ”منٺار“  کي، يا مرشد موچارا!
ٻي قبول ڪنديس ڪانه ڪا، دنيا تو ڌارا،
سک سهنج تو کان سواءِ، مون کي کڻ پـِـيڻ کارا،
جيءَ جا جيارا، اچي مـِـل ته مقصد مون ٿين -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

نون، نـُـوراني تو سندي، ڏسان ڏهاڙي شال!
آءٌ ته گهران ٿي ايترو، ٻيا مون نه گهرجن مال،
اُهو بخش عطا ڪريو، ته ڪر ڀانيان ڀال،
سڻي منهنجا سوال، سگهو لهج سنڀال تون -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

واو، وري آءُ وندران، تون پرين وڃ مَ پري،
توکي ساريو سپرين! ٿو منهنجو ڏيل ڏري،
مون کي هت منهنجا پرين! ساعت ڪانه سري،
قادر شل ڪري، توسان ميلاڻـِـي  ”منٺار“  جي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

هي، هلان هـَـي هـَـي ڪريو، ڏيئي سڪ ويڙم ڏُور،
ڪيئن وساري ويهي رهان، من تان لهن نه مـُـور،
اهڙن عجيبن کان، مون کي ڌڻي ڪج مَ دُور،
ڪر موليٰ! عرض منظور، آڻج اوري عجيب کي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

الف، ڏينهن الست جي، مون لـِـکيا سور سندن،
سرجـَـيل اُنهيءَ ساعت جا، اڄ ٿا درد دکن،
آءٌ اُنهن سورن جي، وڃي پيس ڏانهن پـُـکن،
سي مڙيئي وهلور وڃن، جي گڏجڻ ٿئي غمٽار سان-

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

لا لـُـڇان لوچان پيئي، منهنجو وس نه ڪو،
نکٽ نراڙ نصيب ۾، منهنجي حق ائين هو،
لـِـکيو انگ الست جو، سور ڀوڳيان ٿي سو،
ساجن! هلج سگهو، نه ته ڪامل! آهيان ڪانهري -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

يي ئون يا الله، يا محمد مصطفيٰ،
منهنجي من مٿان، کڻي لاهيو خلل خفا،
منهنجي دل مرشد ڏي، سچي ڪريو صفا،
ان نعمت جا نفعا، کڻي ملايو  ”منٺار“  کي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

ملائج  ”منٺار“  کي، يا حضرت نرمل نوح!
آهين تون عالم جـِـي، سچا سردار سونهه،
منهنجي من تان شيطان جـِـي، وڃائي ڇڏج ورونهه،
ڪلمون قلبئون روح، پڙهائج محمد مير تي -

 

سائين! آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون سڀ گهيڙ گهوريان...

(36)

وراڻي:  تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو،
        سيد آءُ سگهو، ڇڏ ماڻو مسڪين سان،

 

مرسل مل سگهو...

اول نام الله جو، آهي ڪـُـل کؤن ڪرارو،
خاصو دوست خدا جو، آهي مرسل موچارو،
چئن يارن جو چت ۾، مونکي لنؤ لنؤ ۾ لارو،
حسن مير حسين تان، مان سر گهوريان سارو،
لهي مونجهارو، دان ڏئين دستگير تون -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

پيش لڳي هان پـِـر جي، سينو نٿي ساهيان،
 ”قالوا بليٰ“  جي قول جو، ڳڻ ويٺي ڳايان،
اصل کان آهيان، ٻڌل ٻاروچل سان -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

جادُو هنيو جانِ ۾، جانب تو جوڙي،
ورتو آهي واسينگ جان، تنهنجي وره وڪوڙي،
نينهن ٿو نهوڙي، محبت ماري آهيان -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

موٽ ته ملئون پاڻ ۾، خوش ڪيون ته خيال،
توسان ناتو نينهن جو، لڙهه لڳي ٿيس لعل،
سائينءَ لڳ سوال، اگهي در الله جي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

تاڪون سڪ سرير ۾، جانڪون ڄايس ڄم،
سوڍا تنهنجي سڪ ۾، ڪار نه وڻي ڪم،
دير نه گهرجي دم، مل ته ماندائي لهي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

تنهنجي سڪ سرير ۾، کوڙيا نغارا نيشان،
هٿ کڻي هڪلان ڪريان، مان ته زاري ساڻ زبان،
الله لڳ امانَ، سيد کڻجو ساٿ سان -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

نينهن تنهنجي ناچوءَ جان، شوق ٻڌي ٿم ڇير،
وڄي روز وجود ۾، برهه تنهنجي جي ڀير،
دلبر! وجهه نه دير، متان مان مري وڃان -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

اٺ ئي پهر عجيب جو، اٿم اوسارو،
سر سڄو صدقو ڪريان، مان سيد تون سارو،
اُڀريو آهه تارو، عربي اوٽ اُمت جو -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

درد ونديءَ جي دل کي، يار دلاسو ڏيندو،
محب مداين جو، ڍڪ اچي ڍڪيندو،
نال وٺي نيندو، آهي ننگ نبيءَ تي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

دل ته توکي دلبرا، منهنجو ساهه گهڻو ساري،
ناقص نماڻيءَ کي، ويهه نه وساري،
من وڌءِ ماري، منڊ هڻي محبت جو -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

ڪنهن کي سليان سور جون، ڳجهيون هي ڳالهيون،
روئان ٿي رت گاڏئون، سائين توکي سنڀاليون،
گڏ پرين جاليون، جهٽ نه جدائي ٿئي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

سڄڻ گڏئين سامهون، عين اکيون چائي،
ديدان ديدن سان گڏيون، تنهنجي گهور وڌو گهائي،
وڌءِ ڦاسائي، دل ته منهنجي دام ۾ -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

جيڏيون اٿم جيءَ ۾، گهور پرينءَ جو گهاءُ،
سوڍل سڪائتيءَ جو، سگهو لهج سماءُ،
تو لئي سڪي ساهه، ڏينم دلاسو دل کي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

جيڏيون! جانب يار جي، اٿم جيءَ اندر جهوري،
ڏيئي ويو ڏاج ڏکن جو، مونکي ڏک ٻڌي ڏوري،
لنؤ لنؤ ۾ لوري، تنهنجي اٿم توڙ کؤن -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

جيڏيون جانب يار ريءَ، ڪم نه وڻي ڪار،
سرڪ ڏيئي سورن جي، جيءُ وجهي ويو جار،
گڏ ٿي ڏينهن گذار، کڻ تون بار کهيل جا -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

جيڏيون جانب يار آهه، منهنجي جيءَ جو جياپو،
ڪونهي ڪوهيارل سان، منهنجو سڱ نه سياپو،
توسان ميلاپو، خاوند ڪندو خير سان -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

چڻڪي روز چـَـڙيءَ جان، تن ۾ تنهنجي تار،
سوڍا تنهنجي سڪ ۾، نيڻين وهايم نار،
دلبر ٿي نه ڌار، ڳل لڳي ڳالهيون ڪريون -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

زور گهڻي اٿم روح ۾، طلب توهان جي تات،
ڏينهن ته سارو ڏک ۾، سڪان ساري رات،
پرهه ڦٽي پرڀات، اچ ته اُميدان پڄن -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

روز گهڻي اٿم روح ۾، تنهنجي وحدت سان وائي،
مون سان هنج منهنجا پرين، سهڻا سدائي،
ٻن پئي جدائي، وَرُ ته وڇوڙو لهي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

ميخان سي محبت جون، اندر جيءَ جڙيون،
ڪڏهن اُکلن ڪينڪي، جيڪي ڪاريگر ڪڙيون،
من ۾ روز مڙهيون، جيڪي هٿ سان هوت هڻي ويو-

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

جانب! جاڳائي وئين، پائي جيءَ اندر جهاتي،
مارڻ آئين مـُـئيءَ کي، کڻي ڪهڻ جي ڪاتي،
دل توسان ڦاٿي، ڪسڻ مان ته قبول ڪيو -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

اچ تون نانءِ الله جي، سوڍل ڪين سڪاءِ،
دل ۾ درد فراق جا، من ۾ مچ مچاءِ،
برهه تنهنجي جي باهه، جيءَ اندر جهڙڪا ڏئي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

اچ تون آسرونديءَ ڏي، ٻه ٽي پير ڀري،
دل ۾ دام وجهي وئين، ملڻ ريءَ مري،
گهوريان گهورَ ڪري، سر تو تؤن صدقي ڪريان -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

ائين آهي سڪ سرير ۾، جيئن برسي ساوڻ مينهن،
وجهي وئين پيچ پريت جا، تنهنجي نازنهوڙيس نينهن،
ڏکن سندا ڏينهن، گڏ ٿي يار گذاريون -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

سوڍا تنهنجي سڪ ۾، لنگهيا مهينا ماهه،
ڪنهن کي سڻايان سور جي، دلبر تو ريءَ دانهن،
ٻانهيءَ سندي ٻانهن، پـِـير! ورتيون وڃ پاڻ سان -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

گوليءَ گهنگار کي، سچا لنگهائج سير،
ڪاهي ڏينهن قبر جي، واهر ڪجانءِ وير،
علي سرور پير، ماڙ ڪجانءِ مسڪين جي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

محب مٺا مانديءَ جي، اچي ڪجانءِ شفاعت شاهه،
نينهن تنهنجي نبتر ڪيو، مان روز تڪيان ٿي راهه،
ٻي ته ڪانهي واه، هيءَ ڪٺل ڪاڏي وڃي -

 

تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...

اصل آهه  ”ٻڍل“  کي، لنؤ تنهنجو لاڙو،
سام ته پرتوَ سيدا، سگ هـِـي ويچارو،
پـِـير گهرجو پيارو، ڪامل ڏينهن قيام جي -


(30) هيءَ روايت اُتر (تعلقي اٻاوڙي) مان محمد عالم  ”شور“  خانپوري کان ملي.

(31) چيل رمضان واڍي جي. هيءَ روايت وچولي مان قاضي نور محمد (تعلقو هالا)، محمد عارب لاکي (تعلقو هالا) ۽ اُتر مان غلام قادر (تعلقو ميرو خان) کان ملي.

(32) چيل رمضان واڍي جي. هي روايت وچولي (تعلقي هالا) مان محمد عارب لاکي کان ملي.

(33) چيل مولوي بخش علي جتوئي جي. هيءَ روايت وشنداس ڀاٽيا جي ڇپايل ڪتابڙي تان ورتل آهي.

(34) چيل حاجي عبدالله ڊکڻ جي. هيءَ روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان  ”آصف“  کان ملي.

(35) چيل منٺار فقير راڄڙ جي. هيءَ روايت  ”رسالو رهنمائي“  مطبوع مهتاڻي پريس حيدرآباد سنڌ سنه 1929ع تان ورتل آهي.

(36) چيل ٻڍل فقير جي. هيءَ روايت  ”ٻڍل جو رستو“ ، مطبوع، ڀارت پريس، جيڪب آباد، سنه 1941ع تان ورتل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org