سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :13

 

لکيو

هيءُ لوڪ گيت عام طرح ٿرپارڪر ضلعي جي  ”ناري“  واري علائقي ۾ رائج آهي. وڇوڙي جا ورلاپ ۽ بيوفائيءَ جو بيان هن گيت جا مرڪزي نُڪتا آهن.

هن گيت جي وجود ۾ اچڻ جو سبب، هيءَ عام مشهور روايت آهي ته: ڍوري ناري اسٽيشن کان ٻه ميل اُتر طرف، هڪڙيءَ ڀـِـٽ تي  ”کـَـنڀري“  جو مشهور ڳوٺ آهي، اُتي ڪنهن زماني ۾   ”سوني“  نالي ڀـِـيلڻ جو هڪڙي ڪنڀار سان نينهن ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن بعد اهو ڪنڀار هميشه لاءِ اتان لڏي، ڳوٺ  ”جانهيرو“  تعلقي عمرڪوٽ ۾ وڃي ويٺو. سونيءَ ڪافي وقت هن جو انتظار ڪيو، پر هو جيئن ويو، تيئن وري نه موٽيو. سونـِـي دوست جي بيوفائيءَ کان رات ڏينهن روئندي، ورلاپ ڪندي رهي. آخر اهي ورلاپ گيت جي صورت ۾ مشهور ٿيا(1).

هن گيت جي هرهڪ مصرع بعد  ”هـَـي ڙي لکيو“  جي وراڻي چوندا آهن، انهيءَ ڪري هيءُ گيت  ”هـَـي ڙي لکيو“  جي عنوان سان پڻ مشهور آهي. هن گيت جون شروعاتي مصراعون الائجي ڪهڙيون هيون، مگر هن وقت ٿرپارڪر ۾ ٿري محاوري ۾، ۽ ناري جي پـَـٽ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪيئي مصراعون چوڻ ۾ اچن ٿيون. هن گيت جون سنڌي مصراعن واريون ٻه روايتون مليون آهن، جي هتي ڏجن ٿيون.

 

---------

 

(1)

لکڻ واري ويهي جو لکيو، منهنجو هـَـي ڙي لکيو.
هڻي قرب جي ڪاني - ويو جانهيري جاني،

 

هي ڙي لکيو...

سونيءَ جو سائين - ڪري ويو لانئـِـين،

 

هي ڙي لکيو...

هاڻي کـَـنڀرو ويچارو - سڃو ٿيو سارو،

 

هي ڙي لکيو...

آءٌ هت هيڪلڙي گهاريان - سڄڻ کي ساريان،

 

هي ڙي لکيو...

اندر ٿو آٽي - منهنجو هينئون ٿو ڦاٽي،

 

هي ڙي لکيو...

ڀـِـٽ جي چوٽـِـي - مونکي ماري ٿي وڇوٽي،

 

هي ڙي لکيو...

ڀٽ جو پاسو - لڳي ٿو بانسو(1)،

 

هي ڙي لکيو...

 (2)

لکڻ واري تان لکي ڇڏيو، هـَـي ڙي لکيو.
هنئين ۾ تس - ناهي مان وَسُ(2)،

 

هي ڙي لکيو...

سـَـمـُـهلو پاڙو - چغلو چاڙو(1)،

 

هي ڙي لکيو...

ڍولئي جا ڏند - هنئين جا بند،

 

هي ڙي لکيو...

سائي ته صدري - سون جا ٻـِـيڙا،

 

هي ڙي لکيو...

 

 

جـُـدائي ٿي جهوري

هيءُ لوڪ گيت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رائج آهي. اصل ۾ هي هڪڙي ڏکويل ڀيڻ جا آلاپ آهن، جي ڀاءُ جي بيگناهه مارجڻ واري حادثي تي سندس دل مان نڪتا، ۽ اهي پوءِ عوامي گيت جي صورت ۾ عام موقعن تي ڳائجڻ ۾ آيا.

هن گيت جي اصل واقعي بابت چون ٿا ته: آڳاٽي وقت ۾، تعلقي ڇاڇري جي هڪ ڳوٺ ۾، درس ذات جا ٻه ڀاءُ رهندا هئا. کين هڪڙي ڀيڻ به هئي، جا کانئن وڏي ۽ رنڙ هئي. کيس هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. انهيءَ بيوهه ڀيڻ ۽ سندس ٻارن جي پالنا ڀائر ڪندا هئا. ڀائرن ۾ وڏي جو نالو  ”منگهن“  عرف  ”منگهو“  هو، ۽ ننڍي جو نالو  ”ساجن“  هو. منگهو ڏاڍو جوان هو. پهلوانيءَ ۾ آسپاس جي ڳوٺن ۾ سندس مـَـٽ ڪونه هو. منگهي جــِـي ان ڳوٺ جي هڪڙي ڇوڪريءَ سان محبت هئي. جڏهن هنن جي پريت جي سڻس ڳوٺ ۾ هـُـلي، تڏهن ڇوڪريءَ کي سندس مائٽن پنهنجن عزيزن ۾ پرڻائي ڇڏيو، ڇوڪريءَ پرڻجڻ کان پوءِ منگهي کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ منگهي به پرائي لـڄ ڄاڻي ڇوڪريءَ کي وساري ڇڏيو. پر ڇوڪريءَ جي مڙس کي دل ۾ شڪ هو ته منگهي جي سندس زال سان محبت آهي. نيٺ هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي عزيزن ۽ دوستن سان گڏجي منگهي کي مارڻ جي سـِـٽ سـِـٽي.

منگهو روزانو اسر مهل پنهنجون ڳئون پهرائي ويندو هو ۽ اڳينءَ مهل موٽندو هو. رٿيل ڏينهن تي هو جيئن گهر ڏانهن پئي آيو، تيئن واٽ تي دشمنن مان هڪڙي کيس بيهاري، اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ٻڌائيندي مٿس حملو ڪيو، ۽ هن کي چوکنڀو ٻڌي، گهـُـٽو ڏيئي ماري، سندس ئي چادر ۾ ٻڌي، کيس گهر جي اڳيان اڇلي ويا.

ڪنهن مهل سندس ڀيڻ ٻاهر نڪري ڏسي ته گهٽيءَ ۾ ٻڌل ڳٺڙي پيئي آهي. هن ننڍي ڀاءُ ساجن کي سڏ ڪيو. پوءِ ڀاءُ ڀيڻ گڏجي ڳٺڙي کولـِـي، ۽ ڀاءُ جو لاش ڏسي، روئڻ پٽڻ لڳا. ان حادثي کان پوءِ، ڀيڻ جي حالت تمام خراب ٿي ويئي. آخر مرڻ گهڙيءَ تائين ڀاءُ جي جدائيءَ ۾ آلاپ ڪندي رهي، جن پوءِ گيت جي صورت اختيار ڪئي(1).

هن گيت جي وراڻي ڪيترن ئي نمونن سان رائج آهي، جيئن ته:

منگها! تنهنجي صحبت ساريو سڙان ڙي.
                         ---

منگها! تنهنجي محبت ٿي ماري ڙي.
                         ---

منگها! تنهنجي جدائي ٿي جهوري ڙي.
                         ---

منگها! تنهنجو وڇوڙو ٿو وانجي ڙي.
                         ---

دُرس! تنهنجي دردن دل دکائي ڙي.
                         ---

انهن جملي وراڻين تي مشتمل هڪ گيت هيٺ ڏجي ٿو:

(2)

ڇوريءَ کي ڇورِي ڪري ڇڏي وئين ڙي -

 

منگها! تنهنجي جدائي ٿي جهوري ڙي...

اسر جو وِيـَـل تون، اڳينءَ جو مارئين ڙي -

 

منگها! تنهنجي محبت ٿي ماري ڙي...

دغا سان دشمن توکي ماريو ڙي -

 

سڄڻ! تنهنجي صحبت ساڙي آهيان ڙي...

اڄ تـَـساريون تڙن تي تڙپن ڙي -

 

جاني! تنهنجي جدائي ٿي جهوري ڙي...

اڄ ڪير تن کي ڪـُـوڪارون ڪندو ڙي -

 

سڄڻ! تنهنجي صحبت ساڙي آهيان ڙي...

اڄ ڀيڻ جـِـي ڀيڻي تان ڀڳي ڙي -

 

جاني! تنهنجي جدائي ٿي جهوري ڙي...

”ساجن“  جو ساٿي اڄ تان وڇڙيو ڙي -

 

منگها! تنهنجي محبت ٿي ماري ڙي...

اڄ بيوهه ٿيو برن ۾ ڀٽڪان ڙي -

 

درس! تنهنجو درد ٿو ماري ڙي...

جاني تون جوڙيءَ کي وئين ٽوڙي ڙي -

 

سڄڻ! تنهنجي صحبت ساريو سڙان ڙي...

دکيءَ کي دلاسو ڪير ڏيندو ڙي -

 

ڀائو! تنهنجو وڇوڙو ٿو ماري ڙي...

ماري تنهنجا مـُـنجهي شل مرن ڙي -

 

منگها! تنهنجي محبت ٿي ماري ڙي...

دشمن تنهنجا دو نالين سان ڌَڄـَـن ڙي -

 

درس! تنهنجو درد ٿو ماري ڙي...

قاتل تنهنجا ڪـُـسي ڪـُـل وڃن ڙي -

 

سڄڻ! تنهنجي صحبت ساريو سڙان ڙي...

 

---------

 

ڏيـِـئـَـل ڏو

(1)

 هيءُ محبت ۽ مجاز جو گيت آهي ۽ ميرپور ماٿيلي طرف رائج آهي. هن گيت جي روايت هن طرح آهي ته  ”مدن مهر“  ٿـَـر جو رهاڪو هو، جنهن کي ڪنهن سبب ڪري قيد ڪري،  ”گابر“  جي جيل ۾ رکيو ويو. پوءِ  ”حمل“  نالي هڪ عورت، جنهن جو ساڻس پيار هو، تنهن  ”مدن“  جي جدائيءَ ۾ هيءُ گيت چيو.

گيت جي سٽاءَ هن طرح آهي ته هڪ ننڍي مصرع چئي، ان جي آخر ۾ وراڻيءَ طور لفظ  ”ڏيـِـئـَـل ڏو“  چوندا آهن. ڀانئجي ٿو ته اهي لفظ فقط ڳائڻ ۾ لئي پيدا ڪرڻ خاطر ڀراءُ طور ڪم آندا ويا، پر پوءِ هيءُ گيت انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. هن گيت جي فقط هڪ روايت ملي آهي.

او مهر  ”مـَـدَن“  کي - ڏيئـَـل ڏو!
او وِڍرَ وُٺي ٿي - ڏيئـَـل ڏو!
او ڪـِـرڙ ڪڪوريا - ڏيئـَـل ڏو!
او پـِـپـُـون پڪيون ٿي - ڏيئـَـل ڏو!
او منڙو ماندو ٿي - ڏيئـَـل ڏو!
او ساهه سڪي ٿو - ڏيئـَـل ڏو!
او الله به آڻيئي - ڏيئـَـل ڏو!
او ور تون وطن تي - ڏيئـَـل ڏو!
او موٽ پرديسي - ڏيئـَـل ڏو!
او مـَـنڙو مـُـونجهو ٿي - ڏيئـَـل ڏو!
او پـُـور پون ٿا - ڏيئـَـل ڏو!
او  ”حمل“  هيڪلي - ڏيئـَـل ڏو!

 

 

وڻجارو

(1)

ٿرپارڪر واري خـِـطي جو هيءُ مشهور لوڪ گيت آهي. مضمون جي لحاظ کان هيءُ گيت، محبوب جي وڇوڙي بابت آهي. ڪابه اهڙي روايت نه ملي آهي، جنهن مان هن گيت جي قدامت ۽ اصليت معلوم ڪري سگهجي. البت گيت جي هڪ مصرع ۾ آيل نالن  ”ڌڻ“  ۽  ”ڍولو“  مان ڀانئجي ٿو ته  ”ڌڻ“  عورت آهي ۽  ”ڍولو“  مرد. اهي ٻيئي زال مڙس هئا، يا ته محبت وارا.  ”ڍولو“  وڻجارو هو. ڪنهن واقعي سبب انهن ۾ وڇوڙو پيو ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ لوڪ گيت وجود ۾ آيو.

هي لوڪ گيت ٿري محاوري ۾ رچيل آهي ۽ اڪثر  ”ڊاڍي“  (مڱڻهار)  ”سورٺ“  يا ٻين سرن ۾ ڳائين. ڳائڻ وقت طنبورو ۽ کماچ ساز ڪم آڻين. هر مصرع جي آخر ۾  ”هي وڻجارو بالم ڙي“  وراڻيءَ طور چوندا آهن.

هن گيت جي فقط هڪ روايت ملي آهي، جا هيٺ ڏجي ٿي.

(1)

ٿـَـلهي مٿي پـِـيپڙِي، جـِـڪـِـي رِي ڇايا ۾ ٻيٺا مور -
(اڱڻ ۾ پپر جو وڻ، جنهن جي ڇانوَ ۾ مور ويٺا آهن)

 

هاءِ! وڻجارو بالم ڙي...

(هـــاءِ! وڻجــارو ســـــڄــڻ)

اُونچي ميڙهي اوجـَـڙي، مـِـهينان لـُـونٻاڙِي کاٽ -
(اُوچي ۽ سفيد ماڙيءَ تي ڇپر کٽ رکيل آهي)

 

هاءِ! وڻجارو بالم ڙي...

هيڪ اَنڌارِي اورڙي، ٻـِـيجي بيرڻ رات -
(هڪ انڌاري ڪوٺڙي ۽ ٻي ويرياڻي رات)

 

هاءِ! وڻجارو بالم ڙي...

 

”ڌڻ“  نه  ”ڍولو“  پوڍيا، سـُـگڻ سـِـياڙي رِي رات -
(عورت ۽ مرد آرامي ٿيا، جو سياري رات جو سوَڻ آهي)

 

هاءِ! وڻجارو بالم ڙي...

کول ري جـُـوسي! ٽيپڻو، مان جو لـِـکيولي گيو ليک -
(جوتشي! ٽپڻو کولي ڏس، ته منهنجو ڀاڳ بدلجي ويو؟)

 

هاءِ! وڻجارو بالم ڙي...

---------

 


 

 

ڀئيئو

(1)

هيءُ ٿرپارڪر جو هڪ مشهور لوڪ گيت آهي، جو وسڪاري جي مند ۾ گـُـڏ ڪرڻ وقت ۽ ان بعد وري لاباري وقت ڳائيندا آهن. هن گيت جي ابتدا ڀائرن کان وڇڙيل هڪڙيءَ ڀيڻ کان ٿي، جا ڀائرن کي ڇڏي وڃي ڏورانهين هنڌ تي رهي، ۽ پوءِ ڀائرن جي سڪ ۾ ورلاپڻ لڳي. انهيءَ ڪري هن گيت جو نالو ’ڀئيئو‘ (ڀاءُ) مشهور ٿيو. هڪ روايت موجب گيت جو پس منظر هن ريت آهي:

ٿرپارڪر جي هڪڙي ڳوٺ ۾، ٻه ڀائر پنهنجيءَ هڪ ڀيڻ سميت رهندا هئا. وڏي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو پاڻ ۾ تمام گهڻو قرب هو. اتفاق سان ڀيڻ جو پرڻو هڪ اهڙي شخص سان ٿي ويو، جو تمام ڏورانهين هنڌ رهندو هو. جيئن ته هن جو پنهنجي مڙس سان گهڻو قرب هو، انهيءَ ڪري هوءَ ڀاءُ کي ڇڏي پنهنجي مڙس سان هلي ويئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کيس ڀاءُ جي سڪ ٿي، پر جيئن ته هوءَ ڀاءُ کي ڇڏي آئي هئي، انهيءَ ڪري پاڻ مرادو پيڪي وڃڻ مناسب نه سمجهي، ڀاءُ جي فراق ۾ آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳي. سندس اهي آلاپ پوءِ گيت جي صورت ۾ عام مشهور ٿي ويا.

هن گيت جي سٽاءَ سادي آهي. ان ۾ هڪ مصرع ڪري چئي ويندي آهي، ۽ ڳائڻ وقت مصرع جي شروع ۾ ڀراءَ طور  ”ڀـَـئـِـيئا“  يا ”ڀـَـئـِـيئا ڙي ڀـَـئـِـيئا“  لفظ چون، ۽ آخر ۾ به ڀراءُ ۽ وراڻي طور ساڳيا لفظ ڍار سان چون.

هن گيت جون ٽي روايتون ٿري محاوري ۾ مليون آهن، جي هتي ڏجن ٿيون.

(1)

ڀئـِـيئا! وٽـَـڪـِـي ۾ ميٽ، ڀئيئا! تيلهوڙِي ۾ تيل، ڀئيئا!

(اي ڀاءُ، وٽيءَ ۾ ميٽ ۽ تيلهوڙي ۾ تيل)
ڀئيئا، تيل ميٽ هـَـلي ڀيڙ، ڀئيئا!
(اي ڀاءُ تيل ۽ ميٽ پاڻ ۾ گڏ)
ڀئيئا، تون ٻيهينل رو مٿو ڌواڙ، ڀئيئا!
(۽ ڀيڻ جو مٿو ڌوئار، ادا!)
ڀئيئا، تون ڏورو ڪانگـَـسـِـي هٿ ۾، ڀئيئا!
(ڌاڳو ۽ ڦڻي تنهنجي هٿ ۾)
ڀئيئا، باڀـَـلڙيءَ! مانرو مٿيئو گـُـونت، ڀئيئا!
(ڀاڀي! منهنجي وارن کي ڳتي تيار ڪر)
ڀئيئا، باڀـَـل مانرو چوٽلڙو ٽاڙ، ڀئيئا!
(ڀاڄائي تون منهنجو چوٽلو ٺاهه)
ڀئيئا، تو آوي سـِـروَڻَ ٽـِـيج، ڀئيئا!
(اي ادا، سانوڻ جي ٽيج آئي آهي)
ڀئيئا تون سائي توڏڙلـِـي پـَـلاڻي، ڀئيئا!
(اي ادا! سائي رنگ جي ڏاچي پـَـلاڻ)
ڀئيئا، سيڻل سيرَک رَو گاسڙومانڏي، ڀئيئا!
(اي ادا! سوڙ جو گاشو تيار ڪج)
ڀئيئا، تون ٻيهينل نان تـِـيڙو جائي، ڀئيئا!
(اي ادل! ڀيڻ کي ڪوٺڻ وڃج)
ڀئيئا، تون ڍِيلي ڇڏ مهار، ڀئيئا!
(اي ڀاءُ اُٺ جي مهار ڍري ڪر)
ڀئيئا، تؤن ڏائي هٿ ۾ سائي مهار، ڀئيئا!
(ڏائي هٿ ۾ سائي مهار جهلج)
ڀئيئا، ساڄي هٿ ۾ ڪـَـرهل ڪانٻَ، ڀئيئا!
(ساڄي هٿ ۾ ڪرهل جي ڪام جهلج)
ڀئيئا، تـِـنا ٻيهـَـنلـِـي اُٺـِـي جويو، ڀئيئا!
(اي ادا! توکي ڀيڻ اُٿي نهاريو)
ڀئيئا، تون آوي مانهنجو مائو جايو ويـِـر، ڀئيئا!
(ته منهنجو ڀاءُ پيو اچي)
ڀئيئا، مين پـِـيپڙ ۾ ٻڌِي هينڏَ، ڀئيئا!
(مون پـِـپر جي وڻ ۾ پينگهه ٻڌي آهي)
ڀئيئا، لوڏسي مانهنجو مائو جايو وير، ڀئيئا!
(مونکي منهنجو ماءُ ڄائو ڀاءُ لوڏيندو)

 

(2)

ڀئيئا، تـُـون مين سين ميٺو ٻول، هو ڀئيئا!
(ادا! تون مون سان مٺو ڳالهاءِ)
ڀئيئا، تون مانرِي جوڙِي هـَـمـَـي جوڙي ڀئيئا!
(ادا! تون اسان جي جوڙي هاڻي ڏس)
ڀئيئا، مـِـنان اڙگـِـي ليگيو ليک، هوڀئيئا!
(ادا! مونکي پرانهين لکيو وٺي ويو)
ڀئيئا، مـِـنا ڪاڪل جايو، هـَـمي ميل، هو ڀئيئا!
(ادا! مونکي هاڻ چاچي جو پٽ موڪل)
ڀئيئا، تون بابل جايو مـِـنان ميل، هو ڀئيئا!
(ادا! تون بابي ڄائو مون ڏانهن موڪل)
ڀئيئا، اج تـِـلسر ٽـُـٻڪيا، مين ساريا، هو ڀئيئا!
(ادا! اڄ تلاءَ ڀريا آهن، ۽ اهي مون ساريا آهن)
ڀئيئا، اج ڊڙڪي سين ڍڙِي هي ڍيل، هو ڀئيئا!
(ادا! اڄ ڀٽ تان ڊيل لوڏ سان لٿي)
ڀئيئا، اج لان چـُـگتـِـي ڍڙِي ڍيل، هو ڀئيئا!
(ادا! اڄ ڊيل لعلون چڳندي دڙي تان لٿي آهي)
ڀئيئا، اج موتي چگتو ڍڙيو مور، هو ڀئيئا!
(ادا! اڄ مور موتي چڳندي ڀٽ تان لٿو)
ڀئيئا، اَج مٽڪـُـو رَمتو ڍَڙيو مور، هو ڀئيئا!
(ادا! اڄ مور راند ڪندو دڙي تان لٿو آهي)
ڀئيئا، تون هـَـمڪو پيهـَـر لي جا، هو ڀئيئا!
(ادا! مونکي پنهنجي وطن وٺي وڃ)
ڀئيئا، مان جو بيرو مـِـنان تيڙڻ ميل، هو ڀئيئا!
(ادا! ننڍو ڀاءُ وٺڻ لاءِ مون ڏانهن موڪل)
ڀئيئا، تون سايو اُٺ اُرهو ميل، هو ڀئيئا!
(ادا! تون سائو اُٺ هيڏانهن موڪل)
ڀئيئا، مٿي پـِـتڙيو پلاڻ، هو ڀئيئا!
(ادا! اُن تي پـِـتل جو پلاڻ پيل هجي)
ڀئيئا، هوئي ريسـَـم جڙِي اوئي ري ڏور، هوڀئيئا!
(ادا! ان جي مهار ريشم سان جڙيل هجي)
ڀئيئا، اج ماٿوري گونٿڻ مان جوميل، هو ڀئيئا!
(ادا! منهنجي مٿي ويڙهڻ لاءِ ڪا چوٽي موڪل)
ڀئيئا، مـِـنان تيلاٽـِـي ۾ ميل تيل، هو ڀئيئا!
(ادا! مون کي تيلاٽيءَ ۾ تيل موڪل)

 

(3)

ڀئيئا، تيلوڙي ۾ تيل و ميٽ - ڀئيئا!
(مون کي تيلاٽيءَ ۾ تيل ۽ ميٽ موڪل)
ڀئيئا، سـَـمـُـلي پاڙي وَڄـِـين ڍول - ڀئيئا!
(سامهين پاڙي ۾ دهل وڄن ٿا)
ڀئيئا، سملي پاڙي گـَـجين گيت - ڀئيئا!
(سامهين پاڙي ۾ گيت گونجن ٿا)
ڀئيئا، سملي پاڙي مانهنجي هينڏ - ڀئيئا!
(سامهين پاڙي ۾ پنهنجي پينگهه آهي)
ڀئيئا، اڄ ننڍيو ڪوتيڙي ميل - ڀئيئا!
(اڄ ڪو ننڍڙو ڀاءُ ئي موڪلي ڏي)
ڀئيئا، اڄ ساوڻ ري پهلي ٽيج - ڀئيئا!
(اڄ سانوڻ جي پهرين ٽيج آهي)
ڀئيئا، پيهرئي رو منان ڪوڏ - ڀئيئا!
(مون کي اباڻن جي ڏاڍي سڪ آهي)
ڀئيئا، منان ننڍڪي ڀاڀل رو ڪوڏ - ڀئيئا!
(مون کي ننڍڙي ڀاڄائيءَ جي ڏاڍي سڪ آهي)
                      ---------

 

ڏَهـُـوڪو

(1)

هيءُ خاص ٿرپارڪر واري حـصي جو گيت آهي، جو اڪثر ٻنين ۾ ڪم ڪندي، يا اُٺن تي سواري ڪندي ڳائيندا آهن. مضمون جي لحاظ کان هيءُ محبت ۽ مجاز جو گيت آهي، جنهن ۾ عورت جي زباني پنهنجي مڙس جي انتظار جو بيان آهي. غالباً هيءُ گيت پهريائين ڪنهن عورت چيو، جو پوءِ لوڪ گيت جي حيثيت سان مشهور ٿيو.

هن گيت ۾ عورت، پنهنجي پرديس ويل مڙس کي ياد ڪري چوي ٿي ته: اتر جو واءُ وريو آهي، هاڻي سگهو اچ. ۽ وري پنهنجي پرديس ويندڙ مڙس کي چئي ٿي ته: عمرڪوٽ وڃين ته منهنجي لاءِ چـُـنـِـي آڻج، روهڙيءَ مان دهرج آڻج، پر جي ولايت وڃين ته اُتان گلاس آڻج.

هيءُ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي. گيت جون اصل مصراعون ننڍيون آهن، جيئن:

نـَـگر جائي، گـَـگر لائي.

 ---

پـِـپان پـَـڪـِـين، لـُـلر پڪو.

پر سـُـر سان چوڻ وقت، مصرعن جي اڳيان ۽ پٺيان وراڻيءَ طور  ”ڏَهـُـوڪي ماري ڏو“  جا لفظ چوندا آهن. ان وقت مصرع هن طرح معلوم ٿيندي:

ڏَهـُـوڪي ماري ڏو، نگر جائي، گـُـگر لائي - ڏهـُـوڪي ماري ڏو.

---

هن گيت جي هڪ روايت ملي آهي، جا هتي ڏني ويئي آهي.

ڏهوڪي ماري ڏو، جي ٿي ڀاجان، ته ڪـُـر ٿي لاجان -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، نگر جائي، گـَـگر لائي -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، ولايت جائي، گلاس لائي -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، پـِـپان پـَـڪـِـين، لـُـلر پڪو -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، سـِـڱر پڪا، پـِـيلـُـو پڪا -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، سکر جائي، وکر لائي -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، روهڙي جائي، دهري لائي -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، ڪانٽئـَـي جائي، ساٽين لائي -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، واهوندو وائي، جاني تو آئي -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، ڇورا تون آئي، پلر پائي -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، آمراڻي جائي، چـُـنـَـڙي لائي -

 

ڏهوڪي ماري ڏو!

ڏهوڪي ماري ڏو، اُتريو وائي، اُرهيڪو(1) آئي -

ڏهوڪي ماري ڏو!

---------


(1) محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻي جي روايت موجب.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻي کان ملي.

(1) بانسو= خراب.

(2) تس = پياس.

(1) سمهلو = سامهون.

(1) محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ جي روايت موجب:

(2) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

(1) هيءَ روايت اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم  ”شور“  خانپوريءَ کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

(1) محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ جي روايت موجب.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(2) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

(3) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان جيسارام کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) اَرهيڪو = ويجهو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org