سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :24

 

جوڌاڻو (1)

هيءُ ٿرپارڪر ضلعي جو عام مشهور گيت آهي. مضمون جي لحاظ سان هيءُ مجاز ۽ محبت جو گيت آهي، جو جمال شاهه نالي شخص جي فراق ۾ چيل آهي. هن گيت جي هڪ روايت ملي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت، جمال شاهه جي سڪ ۾ سندس اچڻ جي واٽ نهاريندي رهي ٿي. ان واٽ تان ڪو اوٺي يا گهوڙي سوار ايندو ڏسي ان کي جمال شاهه سمجهي ٿي. سندس انهيءَ حالت تي ساهيڙيون کيس طعنا ٿيون ڏين، پر هيءَ کين چئي ٿي ته: گاڏي ڄاڻ ته آئي، ان مان جمال شاهه لهندو ۽ آءٌ ساڻس گڏجي ڏٿ چونڊڻ وينديس. هيءُ گيت ڪن هنڌن  ”جميل شاهه جوڌاڻو“  جي نالي سان به رائج آهي.  ”جوڌاڻو“  لفظ جي معنيٰ جي ڪا پڪي خبر ته ڪانهي، پر اَنومان آهي ته سنڌ جي رواج موجب اهو لفظ خاندان سان لڳي ٿو، يعني انهيءَ خاندان جو وڏو  ”جوڌو شاهه“  هوندو، جنهنڪري کين  ”جوڌاڻا سيد“  سڏيندا هوندا.

وراڻي:  جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي.

(جمال شاهه جوڌاڻي جي واٽ نهاريان پئي)

رات تان ساري، هـُـون هيڪلڙي هـَـتي،
(راتوڪي سڄي رات اڪيلي هيس)
بـِـلکي بـِـلکي هون اونچي تان اُٺي ڙي، ڏهوئو-
(سـُـڏڪي سـُـڏڪي ماڙيءَ تان لٿي آهيان)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

کارا ڙي کٻڙيا اُٺان رو چارو،
(آءٌ اُٺن کي کارا کٻڙ پيئي چاريان)
هيڪلڙي پـِـيلـُـوڙا چونڊان ڙي، ڏهوئو-
(۽ اڪيلي پيرون پئي چونڊيان)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...


 

ڇـِـتين تان ڇورين مـِـنا مهڻا مارين،
(ڇتين تان ڇوريون مونکي طعنا ٿيون هڻن)
هون جاني نان ٿي جوئان ڙي، ڏهوئو-
(ڇو ته آءٌ پنهنجي جانيءَ کي پئي نهاريان)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

مينهولو وسيو اڄ پلريو ٿي پيئان،
(اڄ مينهن وٺو آهي ۽ پلر ٿي پيئان)
مريڙو چونڊي هون کـُـنڀين ٿي کان ڙي، ڏهوئو-
(آءٌ مريڙو ۽ کنڀيون چونڊي ٿي کان)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

سـُـرخي تان گهوڙي هي اُتر سـِـين آوي،
(اُتر طرف کان سـُـرخي گهوڙي پئي اچي)
گاڏيءَ سين گڏيو پيئي اچي ڙي، ڏهوئو-
(۽ اها گاڏيءَ سان گڏ پيئي اچي)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

اَرگي پنڌ مين سڏڙلو سنڀريو،
(پرانهين پنڌ تان سڄڻ جو سڏ ٻڌم)
ڌورئي چڙهيو هون مـِـٺي نان جوئان ڙي، ڏهوئو-
(دڙي تي چڙهي، آءٌ مٺي کي ڏسان ٿي)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

ڳاڙهو تان اُٺڙلو، پـِـتڙيو پاکڙو،
(ڳاڙهو اُٺ، جنهن تي پتل جو پاکڙو)
جاني ڀيڙي چڙهي هـُـون جان ڙي، ڏهوئو-
(آءٌ جانيءَ سان گڏ چڙهي وڃان ٿي)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

پـِـرهو ري اُٺي هون، پـِـپان نان ٿي جان،
(پرهه جو اُٿي آءٌ پـِـپون چونڊڻ ٿي وڃان)
جاني ڀيڙا ڪونڍير ڪڍي ٿي کان ڙي، ڏهوئو-
(جانيءَ سان گڏجي ڪونڍير ڪڍي ٿي کان)
جمالو شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

ڏينهڙو تـَـتو ڙي، ميڙئـِـيو مـَـتو ڙي،
(ڏينهن تتو آهي، ميڙو متو آهي)
ميڙيئي رو مانجهيڙو ڪونه ٿي ڏسان ڙي، ڏهوئو-
(پر ميڙي جو مور ڪانه ٿي ڏسان)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

ناري ڙي ڍوري رو بابوڙو ٿو ڏسجي،
(ناري ڍوري اسٽيشن جو بابو پيو ڏسجي)
ميرپور را ٽڪٽيا کليا ڙي، ڏهوئو-
(۽ ميرپور وڃڻ وارن لاءِ ٽڪيٽ کليل آهي)
جمال شاهه جوڌاڻو ڏهوئو جوئان ڙي...

---------

 

رومال (1)

هيءُ گيت ٿرپارڪر واري حـصي ۾ رائج آهي. زالون خوشيءَ جي موقعن تي هيءُ گيت آلاپين. مضمون جي لحاظ کان هيءُ محبت ۽ مجاز جو گيت آهي. محبت وارا هڪ ٻئي کي جيڪي نشانيون ڏين، انهن ۾ رومال به هڪ آهي، هن گيت ۾ هڪ عاشق پنهنجي محبوب لاءِ هڪ خاص ريشمي رومال ٺهرايو آهي. ان جو ذڪر ڪندي، هو محبوب کان جدائي واري حالت ۾ بيقراريءَ جو بيان ڪري ٿو. هن گيت جي هڪ اَڻپوري روايت ملي آهي، جا هيٺ ڏجي ٿي.

وراڻي:  پرديسڻ ري ڪاڻيئي ري رَنگاڙان لي رومال.


رومال منهنجو ريشمي ۽ رنگ را ڇنڊا چار،
هيت ڀري ڪامڻي ري ڪارڻيئي-

 

رَنگاڙان لي رومال...

اوچي ماڙي اوجلي، منجهه لونٻاڙِي کاٽ،
ڍلو جي پوڍِيا پوڍڻا، سـُـگم ساري رات-

 

رَنگاڙان لي رومال...

تو بـِـن بـِـلکي ڦـِـران، ويرڻ لڳي رات،
سيرک پتراڻي سڀ مليا، کاري لڳي کاٽ-

 

رَنگاڙان لي رومال...

---------

 

مـَـنڌِيئـَـڙو (1)

هيءُ گيت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رائج آهي. گيت جي وراڻي  ”منڌيئڙو گڙڪي“  تان هن گيت جو هيءُ نالو رائج ٿيو. کير ۾  ”منڌي“  يا  ”منڌيئڙو“  پوڻ سڪار جي نشاني آهي. ٿر ۾ عام ماڻهن جو گذران اڪثر چوپائي مال تي هوندو آهي، ان ڪري  ”منڌي“  جي يادگيري لازمي آهي. زالون هيءُ گيت پرڀات ويلي کير ولوڙڻ وقت مٺڙي آلاپ سان ڳائين. هن گيت جون ٻه روايتون مليون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون.

(1)

وراڻي:  سائينءَ ڪئڙو سـُـگار، منڌيئڙو گڙڪي،

لٿو ڏيهه تان ڏُڪار، منڌيئڙو گڙڪي.
جنين رکيو ٻج لاءِ، مـَـر وَسـِـي لي ري،
تن جون تون آسيون پڄاءِ، منڌيئڙو گڙڪي...
جنين رکيو لاڀ لاءِ، مـَـر وَسي لي ري،
تن جون تون ڪوٺيون ڊاهه، منڌيئڙو گڙڪي...

 

(2)

پکو کوڙيم پٽ تي، سٻر ساري ڀت،
اسان آسون پنيون، گهر گهر ماٽيءَ ڇاهه،
رزق ڏئينم رحمتي، ماٽيءَ ميهو کير،
پٽ ته ڏئينم جهنڊلو، جهجهي چـُـوڻي سان،
پـُـٽين ڀائرين ڀائٽين، هوئيم جوڙ سجوڙ،
اڻ مڱيا مڱائيين، مر وسي لي ري،
مڱين موڙ ٻڌاءِ، منڌيئڙو گڙڪي.
---------

 

 

سونٺ، جيرو

هيءُ لوڪ گيت ٿرپارڪر واري حـصي ۾ عام رائج آهي. زال ۽ مڙس جي محبت هن گيت جو مکيه مضمون آهي. گهڻو ڪري پرڻيل توڙي ڪنواريون ڇوڪريون گڏجي، وندر خاطر هيءُ گيت ڳائين. هن گيت ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪنهن عورت جو مڙس، سـُـنڍ ۽ جـِـيري جي خريداريءَ لاءِ پرديس ويل آهي. گهڻي وقت گذرڻ بعد کيس مڙس جي اڪير ٿئي ٿي، ۽ هوءَ پنهنجي نڻان سان سوال جواب ڪري دل وندرائي ٿي. نڻان کان پڇي ته: سـُـنڍ ۽ جـِـيرو ڪٿي ٿين. متان اهي ڪنهن پرانهين ملڪ ۾ آهن، جنهن جي ڪري منهنجي مڙس ايتري دير ڪئي آهي! سنڍ ۽ جيرو ڇا تي کڄي ايندو ۽ رکنداسين ڪٿي! ڀلا پنهنجي ڀاءُ کي ڪٿي ترسائينديئن؟ جواب ۾ نڻان پنهنجي ڀاڄائيءَ کي دلداري ڏئي ٿي ته: سنڍ ۽ جيرو عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري ۾ ٿين، اهي اٺن تي کڄي ايندا، ۽ ٻئي هنڌ جاءِ نه هوندي ته رستي تي لهرائينداسين ته ڀلي ٻيا ماڻهو ڏسن.

هيءُ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي. هن گيت جون ٻه روايتون مليون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون.

(1)

ڪـِـٿڪـِـي اپجي سونٺڙي، ني ڪـِـٿڪـِـي اُپجي جـِـيرو-
(سنڍ ڪٿي ٿئي ۽ جيرو ڪٿي پيدا ٿئي)
ڪـِـٿڪي وسي صاحٻو، ني نڻندل ٿانرو وِيرو؟
(۽ ڪٿي منهنجو گهوٽ، اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي)

امراڻي اوپجي سونٺڙي، مارواڙ اوپجي جيرو-
(عمرڪوٽ ۾ سنڍ ٿئي ۽ مارواڙ ۾ جيرو)
پارڪر وسي صاحٻو، ني نڻندل ٿانرو وِيرو؟
(پارڪر ۾ گهوٽ رهي ٿو، اي نڻان! جو تنهنجو ڀاءُ آهي)

گاڏيئي آوي سونٺڙي، ني موٽري آوي جيرو-
(گاڏين ۾ سنڍ ۽ موٽرن ۾ جيرو کڄي ايندو)
گهوڙلي آيو صاحٻو، ني نڻندل ٿانرو وِيرو.
(گهوڙي تي گهوٽ ايندم، جو تنهنجو ڀاءُ آهي)

 

ڍر گئي ٿانري سونٺڙي، ني وِکـِـرِي گـَـيو جيرو-
(سنڍ هارجي ويئي ۽ جيرو به پکڙجي ويو آهي)
رسجي گيو صاحٻو، ني نڻندل ٿانرو وِيرو.
(منهنجو گهوٽ رُسي ويو، جو تنهنجو ڀاءُ آهي)

مانٽي نانکان سونٺڙي، ني واٽي نانکان جيرو-
(هٽن تي سنڍ ۽ واٽن تي جيرو رکايان)
محلي پڌاريو صاحٻو، ني نڻندل ٿانرو وِيرو.
(محلات ۾ گهوٽ آيو، جو اي نڻان! تنهنجو ڀاءُ آهي)

 

(2)

ڪٿ نپجي سونٺ، ڪٿ نپجي جيرو،
(ڪٿي سنڍ نپجي، ته ڪٿي جيرو)
ڪٿ نپجي، ڀوري نڻندل تنهنجو ويرو.
(اي نڻان! ڪٿي وري تنهنجو ڀاءُ رهيو)

امراڻي نپجي سونٺ، ٻاڍاڻي نپجي جيرو،
(عمرڪوٽ ۾ سنڍ، ۽ ٻاڍاڻي ۾ جيرو ٿئي)
جوڌاڻي نپجي ڀوري نڻندل تنهنجو ويرو.
(۽ جوڌپور ۾ وري تنهنجو ڀاءُ رهي ٿو)

ڪنهن تي آئي سونٺ، ڪنهن تي آيو جيرو،
(ڇا تي سنڍ آئي، ۽ ڇا تي جيرو کڄي آيو)
ڪنهن تي آيو ڀوري نڻندل، تنهنجو ويرو.
(۽ ڇا تي وري تنهنجو ڀاءُ چڙهي آيو)

ڪـِـٿ اتاران سونٺ، ڪٿ اتاران جيرو،
(ڪٿي سنڍ لاهيان ۽ ڪٿي جيرو لاهيان)
ڪٿ اتاران ڀوري نڻندل، تنهنجو ويرو.
(۽ ڪٿي وري تنهنجي ڀاءُ کي ترسايان)

اَجارين اتاران سونٺ، بازارين اتاران جيرو،
(گهٽين ۾ سنڍ لاهيان ۽ بازارن ۾ جيرو لاهيان)
محلان تي اتاران ڀوري نڻندل، تنهنجو ويرو.
(پر محلن ۾ اي نڻان! تنهنجي ڀاءُ کي لاهيان)

اِکر گـَـئي سونٺ، وِکر گـَـيو جيرو،
(سنڍ به هارجي ويئي ۽ جيرو به پکڙجي ويو)
رُسيائي گيو ڀوري نڻندل، تنهنجو ويرو.
(پر تنهنجو ڀاءُ رسي مونکي ڇڏي ويو آهي)

چونڊائي ليسان سونٺ، ٻهاري ليسان جيرو،
(سنڍ چونڊائي وٺنديس ۽ جيرو به ٻهاري وٺنديس)
منائي ليسان ڀوري نڻندل، تنهنجو ويرو.
(۽ ڀوري نڻان! تنهنجي ڀاءُ کي به پرچائي وٺنديس)

---------

 

اُڪير (1)

هيءُ لوڪ گيت ٿرپارڪر ضلعي جي خصوصاً ڏيپلي ۽ ان جي آسپاس واري ڀاڱي ۾ عام رائج آهي. جيئن نالي مان ظاهر آهي، مائٽن جي محبت ۽ اباڻي ڳوٺ جي اڪير هن گيت جو مکيه مضمون آهي. ڏورانهين پنڌ تي پرڻيل ڇوڪري مائٽن کي ياد ڪندي پکيءَ هٿان نياپو موڪلي ٿي ته وڏو ڀاءُ اچي کيس وٺي وڃي. وري پريان ڀـِـت تان ڪنهن اوٺيءَ کي ايندو ڏسي خوش ٿئي ٿي، جو ان اوٺيءَ جا مهانڊا سندس وڏي ڀاءُ جهڙا آهن، ۽ ڀانئي ٿي ته هو کيس وٺڻ لاءِ اچي پيو. هن گيت جي هڪ روايت ملي آهي، جا هيٺ ڏجي ٿي.

 

چـَـوڏِس پونم چانڊڻي - چهنا!
(چوڏهينءَ جي چانڊوڪي - ناز ڀريا!
مهانجي رَمڻ جهڙي رات - گـُـمانا!
(منهنجي کيڏڻ جهڙي رات)

آيل مانهجو مٿو گـُـونٿيو - چهنا!
(اَمڙ منهنجو مٿو ڳـُـنڌيو)
مهانجي ڪاڪل ڪانجهـِـيو هار- گمانا!
(منهنجي چاچيءَ هار پوئي وڌو)

هجار هٿان رو گهاگهرو - چهنا!
(هزار هٿن جو گهاگهرو)
مهانجو سوڙهان سريان روهار- گمانا!
(منهنجو هار سورهن سـَـرين جو)

لڪ تان چڙهتي مان جويڙو - چهنا!
(ڀـِـٽ جي لـَـڪ تان چڙهي ڏٺم)
مهانجي موڀي جهڙو ٺيٺاٺيٺ - گمانا!
(ڄڻ ته وڏي ڀاءُ جهڙو ڪو اچي پيو)

---------

 

ڪـُـونجـَـل

هيءُ گيت سڄي ٿر ۾، ۽ خصوصاً ننگرپارڪر ۽ ان جي آسپاس واري ڀاڱي ۾ ڳايو وڃي ٿو. زالون هيءُ گيت بعضي اڪيلي سر ۽ بعضي گڏجي چون. وطن جي سڪ ۽ مائٽن جي اڪير هن گيت جا بنيادي نـُـڪتا آهن. هن گيت ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪڙي عورت پرديس ۾ پرڻيل آهي ۽ کيس مائٽن ڏٺي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن. هوءَ برسات جي موسم ۾ سڀني ساهوارن کي خوشيون ڪندي ڏسي ٿي، ۽ هڪ ڪونج کي مائٽن لاءِ سنيهو ڏئي ٿي. گيت جي هرهڪ مصرع جي آخر توڙي وراڻيءَ ۾  ”ڪونج“  جو نالو وري وري اچي ٿو، تنهنڪري هي گيت انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو آهي.

هن گيت جون ٻه روايتون مليون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون. پهرين روايت ٿري محاوري ۾، ۽ ٻي روايت سنڌيءَ ۾ آهي. ڀانئجي ٿو ته هي گيت اصل ٿري محاوري ۾ چيل آهي، پر پوءِ رفته رفته ان ۾ سنڌي لفظ ۽ مصراعون شامل ٿينديون ويون آهن.

 

(1)

وراڻي:  اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ!

مامو ڀاڻيجو شل پنڌ ۾.

ڪارا تان ڏونگر ڪڇ جا، ڪونجل ماءُ!
ڌورا تان ڌيٻا ڍٽ جا، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...

هڪ تان نياپو وڃي ڏيئي تان واٽهڙو،
ڌيئل ٻائي ڌورو ڍريو، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...
وڳ تان وڇڙيل توڏڙلي، ڪونجل ماءُ!
جيجل وڇڙيل ڌيوڙي، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...
واڳڙ وُٺڙا مينهن تان، ڪونجل ماءُ!
ڍاٽ ڌاروڙي ريل ئـِـي، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...

مگريئي تان موريڙا ٻوليا، ڪونجل ماءُ!
ڍرڪي ڍرين ڍيلڙين، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...
ڌيئل ٻائي جا ڪهڙا حال، ڪونجل ماءُ!
لکيو ڪرم جو ويٺي لوڙيان، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...
پاڙو تان تنهنجو چغلي آرو، ڪونجل ماءُ!
ڇڏ تان پاڙي جا جهونپڙا، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ تان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...
اَرگي آتي نان هون اوڙ کان ٻانڌو، ڪونجل ماءُ!
اوڙ کان بيري ري هون لوڏڙلي، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...
ڌوڙيئي ڍرتي نان ڏاوَ يوٻوليو، ڪونجل ماءُ!
ڏيس ڏاڏاڻو رهيو ڏور، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...
تيلهوڙي تيل ۾، ڪونجل ماءُ!
روتـِـي ميلهي منان ساسرئي، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...
سائي تان توڏڙلي پلاڻي، ڪونجل ماءُ!
سيڻل سـِـيرک رو گاسيڙو، ڪونجل ماءُ!

 

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...

پتل جڙيل پاکڙو پلاڻي، ڪونجل ماءُ!
بيرئيئو تيڙو ميلهي، ڪونجل ماءُ!

اڄ مان پتيان ڏينهڙا، ڪونجل ماءُ...

 

(2)

ڪارا ڏونگر ڪڇڙي جا، ادي ڪونجل!
(ڪڇ جا ڪارا جبل ويٺي ساريان ادي ڪونج!)

 

ڌونئرا ڌورا ڍاٽ جا.
(ڍٽ جون اڇيون ڀٽيون ياد پيون)

 

سرتين جو ڪو ڏس ڏي، ادي ڪونجل!
(سرتين جو ڪو ڏس ڏي، ادي ڪونج!)

 

ڪي ساريان منهنجا سانگيئڙا.
(جو اڄ سانگيئڙن کي ساريو اٿم)

 

مامو ڀاڻيجو پنڌ ۾، ادي ڪونجل!
(مامو ۽ ڀاڻيجو پنڌ پيا وڃن، ادي ڪونج!)

 

پيرون پڪا منهنجي پٽ جا.
(وطن جا پيرون پڪا آهن يا نه؟)

 

ونگا پڪا وٽ جا، ادي ڪونجل!
(وٽ جي پاسي ونگا پڪا آهن، ادي ڪونج!)

 

آءٌ بندياڻي بند ۾، سانگي ساريان.
(پر آءٌ بند ۾ ويٺي سانگي ساريان)

 

ڪٿي اتاريان منهنجو ويرو، ادي ڪونجل!
(پنهنجي ڀاءُ کي ڪٿي رهايان، ادي ڪونج!)

 

ڪٿي اتاريان جهيجهل رو گاشيو.
(۽ اٺ جو گاشيو ڪٿي لاهيان)

 

محلن ۾ راهيان ويري کي، ادي ڪونجل!
(منهنجي ڀاءُ کي محل ۾ رهائينديس، ادي ڪونج!)

 

ڏهينچيءَ تي رکان گاشو.
( ۽ گاشيو منجڻ تي رکنديس)

 

ڏيئي نياپو ڍٽ نان، وهيتـِـي ڪونجل!
(ڍٽ ڏانهن نياپو کڻي وڃ، ويندڙ ڪونج!)

 

راتان رِي نـِـرڻي ٻينڙي ٻيٺي.
(ته ڀيڻ رات کان نيراني ويٺي آهي)
---------


(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام  ”اوجها“  کان ملي.

(1) ”سه ماهي مهراڻ“  نمبر 1، سنه 1956ع تان ورتل.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(2) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام کان ملي.

(1) سه ماهي  ”مهراڻ“  1956ع، نمبر 3 تان ورتل. هن گيت جو عنوان پڻ اتي ڄاڻايل ساڳيو رکيو ويو آهي.

(1) ۽ (2) هي روايتون ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org