سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :23

 

هـِـيـَـنڍامـَـڻـِـي

هيءُ گيت ٿرپارڪر جي ڇاڇري واري اراضيءَ ۾ عام مشهور آهي ۽ ٻه چار زالون گڏجي ڳائينديون آهن. ٿري محاوري ۾  ”سينهون“  کي  ”هينڍامڻي“  چون. زالون پاڻي ڀرڻ وقت هينڍامڻي (سينهون) مٿي تي رکي، ان جي مٿان دِلا رکن. تلاءَ يا تـَـڙ تان پاڻي ڀرڻ، ٿر وارن جي زندگيءَ جو خاص جزو آهي. انهيءَ ڪري، پاڻي ڀرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سينهون کي پڻ زالون محنت ڪري، ڀرت يا مڻين سان سهڻو ڪري ٺاهين. گيت جو مضمون مزاحيه آهي، جنهن ۾ هڪ وڃايل هينڍامڻيءَ جي ڳولا ڪندي، سس ۽ ٻين گهر وارن تي ٽوڪ ٿيل آهي. هيءُ گيت اڪثر کل چرچي طور ڳايو ويندو آهي. هيٺ هن گيت جون ٻه روايتون ڏجن ٿيون، جن مان هڪ البت اڻپوري آهي.

(1)

هاٿ ڪـَـپڙ رِي هـِـينڍامـَـڻي، جي رو سوا لاک رو مـُـول،
(هٿ ڪپڙي مان ٺهيل سينهوڙي، جنهن جي قيمت سوا لک آهي)

 

مانهـِـنجي گم گـَـئـِـي هـِـينڍامـَـڻي...
(اها منهنجي سينهوڙي وڃائجي وئي)

 

ساسو جي ري بگچي ۾، نڻندل ري نيڻان ۾،
(يا ته سس جي بجڪي ۾ يا ته نڻان جي اک ۾ آهي)
مانرو ننڍيو ڏيور چور، پٽيو پرڻيو پالي جائي-
(يا ته ننڍڙي ڏير چورائي آهي، جو ڏاڍو لچو آهي)

 

مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...

چـُـلهي رِي آگڙ چڪ گهڻي، واسنگ ڇٽڙا وار،
(چلهه اڳيان پوسل گهڻي ۽ ڪارا وار ڇڙيا پيا آهن)
اَٽو گوهتـِـي گـُـٽا ماريا، ڏي ڇوران نان مار-
(اٽو ڳوهيندي ڦـَـڪ هڻي، پوءِ ٻارڙن کي ٿي ماري)

 

مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...

سواپائلي روروٽ گهڙايو، هيڪلڙي پيسي مـَـچڪايو،
(پنجن سيرن جون مانيون پچائي اڪيلي ويهي کاڌيون)
سکي گهر ري ڌڻي مانگيو، مـُـسـَـڙِي لي ڌمڪايو-
(مڙس ماني گهري ته مهري کڻي هنيائينس)

 

مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...

ٻارهان برسان سين خاوند آيو، لايو روپيو ڪمائي هيڪ،
(ٻارهن سالن کان پوءِ مڙس آيو، ته به هڪ رپيو ڪمائي آيو)
رپيو لي سوناري چالـِـي سريو ٽانٻو نيڪ-
(رپيو کڻي سوناري وٽ ويئي، ته ٽامي جو ٽڪو ٿي پيو)

 

مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...

مانرو ڇـَـٺي وڌاتا ليک، هون مران ڏُوڌ ۾ ٻـُـوڏ،
(منهنجي نصيب ۾ ائين لکيل آهي ته کير ۾ ٻڏي مران)
مري پتاشا کائون، چـُـلهي رو چوٿو مارنگ-
(مرڻ وقت به پتاشا کان، مڙس چلهه جو چوٿون مارنگ ٿيو)

 

مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...

اِئي خاوند ري جوئان گهڻي، مکيان رو آهي ماڙهو،
(هن مڙس کي جـُـيون گهڻيون آهن، ڄڻ ته مکين جو مانارو آهي)
جوئان رو اهي جاڏو، ناسڪارو سـُـرڙڪارو-
(جونئن جو وٿاڻ آهي، نڪ مان سرڙ سرڙ پيو ڪري)

 

مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...

ٻاپ ري گهري ٻڪريا چارتـِـي پکي ڦرتـِـي پاڙِي،
(پيءُ جي گهر ۾ ڇيلا چاريندي ۽ پنڌ گهمندي هئي)
ناري سڄي رو کسرو کاڌو، ٺمڪي ٿي ٺـَـڪراڙي-
(پر ناري جي اچڻ کان پوءِ ڄڻ ته معتبر ٿي پئي آهي)

 

مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...

مين جاڻيو ڪتو ماريو، ڏار در گئي گهران،
(مون ڀانيو ڪتو ماريو ته نڀاڳ گهران هليو ويو)
کرهو کرهر نـِـسريو، مـُـئو ٻوري واڙ تـَـريا-
(پر هي اوچتو ظاهر ٿيو، ۽ لوڙهي هيٺان نڪتو)

 

مانهنجي گم گئي هينڍامڻي...

(2)

اٺ ڪـَـپڙي ري سينڍاڻي،
(اٺن ڪپڙن سان ويڙهيل منهنجي سينهوڙي)
نوي ري مانجي نوي گهاگهر ري ڪارڻي،
(مون پنهنجي نئين گهاگهر جي کڻڻ لاءِ ٺهرائي آهي)

 

هان جي هـِـرِي ڪسـُـونٻل ري سينڍاڻي...

(هاءِ! منهنجي سائي رنگ جي سينهوڙي)
باگان ۾ ڀـُـولي اوڍڻي، مانجي،
(باغ ۾ پنهنجي ساڙهي وساري آئي آهي)
سيجان ۾ ڀولـِـي هار، مانجي،
( ۽ سيج ۾ هار وساري ڇڏيو آهي)

 

هري ڪسونٻل ري سينڍاڻي...

 

 

---------

 

 

لـُـلـُـرياڙي لو (1)

هيءُ گيت عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن جي اُترين ڀاڱن، گاهڙ ۽ جوڌپور رياست جي  ”ڇهوٽڻ“  وارن ڀاڱن ۾ رائج آهي. هيءُ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي ۽ اڪثر وسڪاري جي مند ۾ ڳايو ويندو آهي. هن گيت جي وراڻي  ”لـُـلرياڙي لو“  ڳائڻ وقت ڀراءُ طور ڪم اچي.  ”لـُـلر“  هڪ ننڍڙو ٻوٽو آهي.

هن لوڪ گيت ۾ ڏيکاريل آهي ته ملڪ ۾ برساتون جام پيون آهن، ٻنيون تيار ٿي ويون آهن. اَن، گدريون ۽ ڇانهان جام ٿيا  آهن، چوپايو مال جـُـوءِ  چوڌاري ڇيڪ پيو چري. ملڪ ۾ گاهه جهجهي انداز ۾ ٿيو آهي. اِها مالڪ جي مهرباني آهي، جو سانگيئڙن سان سهنج ٿي ويا آهن.

 

کيتـَـر پچي کوڙ ٿيا، او لـُـلـُـرياڙي لو...
(کيٽ پچي کوڙ ٿيا)

تينا، ڪـَـچرين، ڪوڪلا، او للرياڙي لو...
(ميها، ڪچريون ۽ ڪوڪلا)

ڪاڙينگان سين قرب مان جو، او للرياڙي لو...
(ڇانهين سان قرب منهنجو)

پاساڙان ۾ پـِـپان نـِـسرين، او للرياڙي لو...
(ڀٽن جي پاسن ۾ پپون ڦٽيون)

ڪـَـڻان سين ڀريا ڪڻسارا، او للرياڙي لو...
(اَن جي داڻن سان ڀريل پـَـليون)

ڇيڪ چري ٿي مال مڙهان ۾، او للرياڙي لو...
(مال جهنگ ۾ ڇيڪ چري ٿو)

کير کٽا آهن کاهڙ ۾، او للرياڙي لو...
(کاهڙ ۾ کير کٽا آهن)

ٻـَـهـِـي ويلا ٻـَـهل ٻڙهي را، او للرياڙي لو...
(ٻئي وقت ٻرهي جا وٽا ملن)

آراڙي ٿي اولا لاهي، او للرياڙي لو...
(آراڙيءَ جو ڀت ڏاڍو وڻي)

مالڪ رِي ٿـِـي مهروانـِـي، او للرياڙي لو...
(مالڪ جي مهرباني ٿي آهي)

سانگيئڙان سـِـين سـُـهنج ٿيا، او للرياڙي لو...
(سانگيئڙن سان سهنج ٿيا)

---------

 

خـِـيالي گومـَـند

هيءُ ٿرپارڪر جو مشهور گيت آهي، جو زالون وسڪاري جي مند ۾ ڳائين. ٿري محاوري ۾  ”شوقين جوان“  کي خيالي گومند چون. هڪ عورت پنهنجي ڏير کي پرڻائڻ لاءِ آتي آهي ۽ کيس ڪجل پائڻ لاءِ آمادهه ڪري ٿي. هن گيت جي وراڻي آهي  ”خيالي گومند ڪاجڙليو“ ، يعني ته: اي شوقين جوان! اکين ۾ ڪجل وجهه ته سهڻو ڏسجڻ ۾ اچين. هوءَ پنهنجي مامي، چاچي ۽ پيءُ کان ڏير جي لاءِ سڱ گهري ٿي، پر هو انڪار ڪن ٿا. آخرڪار مائٽن وڃڻ لاءِ سنڀري ٿي، ۽ پنهنجي ڀاڄائيءَ کان نـَـوَسـَـرو هار گهري ٿي. هن جي انڪار تي مڙس کيس چوي ٿو ته: مائٽن ۾ هلي توکي اهڙو هار گهڙائي ڏيندس. هن گيت جي هڪ روايت ملي آهي، جا هيٺ ڏجي ٿي.

وراڻي:  مـُـگري وُٺا ميهولا، رڙڪي آئي ريل،
        (دڙن تي برسات وٺي، ۽ نيون وهي آيون آهن)
        مگري وائين ٻاجهرين، ڊاگئي وايا مونگ،
        (مٿانهين زمين تي ٻاجهريون ۽ هيٺانهين تي مڱ                                  پوکيل آهن)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

(اي شوقين جوان! اکين ۾ ڪجل وجهه)
ڪاجڙ ڀريوڙا ڪونپلا، وسريا وڙلان هيٺ-
(ڪجل وارا ٽڀا وڻن هيٺ وسري ويا)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

ڌوڙي ڊامڻ ڌونڌريو، گورئي ڀريا اُوس-
(دڙن تي ڊامڻ گاهه اُڀريو، ڍڳين جا اوهه ڀريا)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

 گوري ولوِڻو ولويو، گومند چـَـٽيا گوگ-
(ڳوري کير ولوڙيو ۽ گومند ڦيڻ چٽي)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

ڏيو ڏيو ري ڏيورجي، ڪونپلاباڀل ري هاٿ-
(اي ڏير! ڪجل وارا ٽڀا ڀاڄائي جي هٿ ۾ ڏي)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

مان جي نيڻان رو سڻگار، مان جي ڏيور جي رو سڻگار-
(ڪجل منهنجي ۽ ڏير جي اکين جو سينگار آهي)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

نهين ڏيان باڀل نان، ڪاجڙ ڀريل ڪونپلا-
(ڪجل وارا ٽڀا، ڀاڄائيءَ کي نه ڏينديس)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

ڪاجڙ ڀريا ڪوپرا، ڏيورئي ڏنا گوڏئي هيٺ-
(ڪجل سان ڀريل ڏونگهيون، منهنجي ڏير گوڏن هيٺ رکيون آهن)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

سوارو جاسان پيهريئي، ڪرسان ڪاڪي سين وات-
(سڀاڻي مائٽن ۾ وينديس، ۽ چاچي سان ڳالهه ڪنديس)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

ڏيو ري ڪاڪا جي ڌيوڙي، مان رو ڏيوريو پرڻائون-
(ڪاڪا! پنهنجي ڌيءَ ڏي ته آءٌ ڏير پرڻايان)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

ڏيو ري ماما جي ڌيوڙي، مان رو ڏيوريو پرڻائون-
(ماما! پنهنجي ڌيءَ ڏي ته آءٌ ڏير پرڻايان)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

نهين ڏيوان ڀاتر جي ڌيوڙي، ٿانرو ڏيوريو نادان-
(اي ڀائٽي! آءٌ ڌيءُ ڪونه ڏيندس، ڇو ته تنهنجو  ڏير بيوقوف آهي)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

نهين ڏيان ڀاڻيجي ڌيوڙي، تان رو ڏيوريو مستان-
(اي ڀاڻيجي! آءٌ ڌيءُ ڪونه ڏيندس، ڇو ته تنهنجو  ڏير مستانو آهي)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

سوارو جاسان پـِـيهـَـرِيئي، ڪرسان ٻاپ سين وات-
(سڀاڻي مائٽن ۾ وينديس، ۽ پيءُ سان ڳالهه ڪنديس)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

ڏيور ري ٻاپ جي ڌيوڙي، اُو تان ڏيوريو پرڻائون-
(اي بابا! تون ڌيءُ ڏي ته آءٌ پنهنجو ڏير پرڻايان)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

باڀل هون پيهريئي سنڀري، ڏيجو تمارو نـَـوَسـَـر هار-
(اي ڀاڄائي! آءٌ مائٽن وڃڻ لاءِ سنڀري آهيان، پنهنجو نـَـوسـَـرو هار ڏي)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

مائوڙي ولوڻا ولوسي، مان رو ڀايو چٽسي گوگ-
(منهنجي ماءُ ڏڌ ولوڙيندي، ۽ ڀاءُ ڦيڻ چٽيندو)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

نهين ڏيوان نوسر هار، مان رو ڀتار منان ٻولسي-
(آءٌ نوسرو هار نه ڏينديس، ڇو ته مڙس ڳالهائيندو)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

نهين هلان هون ساسري، مـِـنان گهڙائي ڏيو نوسر هار-
(آءٌ ساهرين ڪونه هلنديس، مون کي نوسرو هار ٺهرائي ڏي)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

هلو آپري گهرين هلان، اُٿ گهڙاسان نوسر هار-
(هل ته پنهنجي گهر هلون، اتي نوسرو هار گهڙائيندس)

 

خيالي گومند ڪاجڙليو...

 

-----

 

جلال

هيءُ گيت ٿرپارڪر واري حـصي ۾ رائج آهي. زالون وندر ورونهه طور هيءُ گيت ڳائين. مضمون جي لحاظ کان هيءُ محبت ۽ مجاز جو گيت آهي. وڇوڙو ۽ محبوب سان ملڻ جي سـِـڪ، هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي.  ”جلال خان“  نالي هڪ شخص ڪنهن سانگي سان پرديس ويو آهي. سندس زال هن جو انتظار ڪندي رهي ٿي. اڀرندي طرف کان ڪوبه اوٺي ايندو ڏسي، يا ڪنهن جي اچڻ جو ٻڌي، ڀانئي ٿي ته  ”جلال خان“  آيو آهي. پوءِ سرتين ساهيڙين کان ان بابت پڇا ڪري ٿي. گيت ۾ بار بار  ”جلال خان“  جي نالي اچڻ ڪري، گيت جو نالو ئي  ”جلال“  مشهور ٿي ويو آهي. هن گيت ۾ جلال خان جو انتظار ڪندي هوءَ عمرڪوٽ، ڀٽي ذات، ۽ ملتان جي ڇيٽ جي ساراهه پڻ ڪري ٿي.

هن بعد ٻيو هڪ گيت  ”جلالو“  جي عنوان سان شامل آهي، ۽ غالباً  ”جلال“  ۽  ”جلالو“  ساڳئي مقصد ۽ معنيٰ وارا گيت آهن ۽ صرف نالي جو ڦير آهي. هن گيت جي هڪ روايت ملي آهي جا هيٺ ڏجي ٿي.

هان ري جلال خان! اُگوڻي ڏس رو ڪرهو ٻوليو-
(او جلال خان! اڀرندي طرف کان اُٺ رڙيو آهي)

 

هيڪي جوڙِي را جلال!
(منهنجي جوڙي وارا جلال!)

 

هان ري جلال خان! مين جاڻيو مانهنجو پرديسي گهر آيو-
(او جلال خان! سمجهيم ته پرديسي گهر آيو آهي)

 

جهلتي جوڙ را جلال!
(لڏندڙ جوڙي وارا جلال!)

 

هان ري جلال خان! ديسان ۾ ديس ڀلو اَمراڻو-
(او جلال خان! ملڪن ۾ سٺو ملڪ عمرڪوٽ آهي)

 

 

مرگها نيڻي را جلال!
(مرگهه نيني جا جلال!)

 

هان ري جلال خان! ذاتان ۾ ذات ڀلي ڀٽياڻي-
(او جلال خان! ذاتين ۾ سٺي ذات ڀٽي آهي)

 

سانوري صورت را جلال!
(سانوري صورت وارا جلال!)

 

هان ري جلال خان! ڇينٽان ۾ ڇينٽ ڀلي ملتان ري-
(او جلال خان! ڇيٽن ۾ سٺي ڇيٽ ملتان جي آهي)

 

سانوري صورت را جلال!
(سانوري صورت وارا جلال!)

 

هان ري جلال خان! رات جو پرديسڻ رو پيٽ ڏکيو-
(او جلال خان! رات جو پرديسڻ جي پيٽ ۾ سور هو)

 

مانهنجي جوڙي را جلال!
(منهنجي جوڙي وارا جلال!)

 

هان ري جلال خان! ڪوٽ منجهه اُنها، ٿڍا پاڻي-
(اي جلال خان! ڪوٽ ۾ ڪوسو ۽ ٿڌو پاڻي موجود آهي)

 

مٺي ٻولي را جلال!
(مٺي ٻوليءَ وارا جلال!)

 

هان ري جلال خان! اُنها سوڪ نان پيارسان-
(اي جلال خان! ڪوسو پاڻي پهاڄ کي پيارج)

 

مرگها نيڻي را جلال!
(مرگهه نيڻيءَ جا جلال!)

 

هان ري جلال خان! ٿڍا مانهنجي پرديسڻ نان-
(اي جلال خان! ٿڌو پاڻي پرديسياڻي کي پيارج)

 

مٺي ٻولي را جلال!
(مٺي ٻوليءَ وارا جلال!)

 

------

 

 

جـَـلالو (1)

هيءُ گيت ٿرپارڪر واري حـصي ۾ عام رائج آهي. زالون خوشيءَ جي ڪن موقعن تي ڳائين. محبت ۽ مجاز جو گيت آهي. هن گيت ۾ ڏيکاريل آهي ته: هڪ عورت، پرديس ويل پنهنجي مڙس جي موٽي اچڻ جي خبر ٻڌي، نهايت خوش ٿئي ٿي، ۽ ڪن ساهيڙين کي سڏي کانئن پڇي ٿي ته اڄ چوڏس ۾ چمڪار پيا ٿين، هوا ۾ هلڪي گلال پئي اڏامي، باغن ۾ انب ۽ ڏاڙهون پڪا آهن ۽ جبلن تي مور پيا نچن... خبر اَٿـَـوَ ڇو؟ ٻڌو اٿم ته اڄ  ”جلالو“  آيو آهي. پوءِ کيس جن پڻهارين اها خوشخبري ٻڌائي، تن کي منٿ ٿي ڪري ته جلال کي وٽس وٺي اچن ته کيس ڏسي اکيون ٺاري، ۽ ساڻس گلي مـِـلـِـي، اندر جي سڪ لاهي.

هن کان اڳ  ”جلال“  جي عنوان سان ڏنل گيت ۽ هي گيت، دراصل ساڳئي مضمون سان تعلق رکن ٿا. آڳاٽي وقت ۾  ”جلال“  يا  ”جلالو“  نالي ڪو شخص پرديس ويو. سندس فراق ۾ سندس زال گيت چيا، جي پوءِ انهن نالن سان عام مشهور ٿيا. جلالو جي هڪ روايت ملي آهي، جا هيٺ ڏجي ٿي.

سيان مانجي! آيو ڙي جلالو ڏيس ۾،
(اي سکي! جلالو هن ديس ۾ آيو آهي)
اَن چمڪيان ڙي چاري ڏيس.
(تنهنڪري چارئي طرف چمڪي رهيا آهن)

سيان موري! آيو ڙي جلالي را ليسا ٻاراڻا،
(اي سکي! جلالي جي اچڻ ڪري اوراڻا وٺنداسون)
آن موتـِـيڙان سان ليسـُـون وَڌاءِ.
( ۽ موتين جو ٿالهه ڀري ورهائينداسون)

سيان مانجي! آيو جلالو تلري،
(اي سکي! جلالو ميدانن تي آيو آهي)
آن جهـِـيڻي ري اُڏي گلال.
(تنهنڪري گلال پئي اُڏامي)

سيان مانجي! آيوڙي جلالو ڏونگري،
(اي سکي! جلالو جبلن تي آيو آهي)
اَني ٻولياڙي جهيڻا مور.
(تنهنڪري مور جهيڻو ٻولين پيا)

سيان مانجي! آيو سڻجي جلالو باغ ۾،
(اي سکي! جلالو باغن ۾ آيل ٻڌجي ٿو)
اَني پڪيا ڏاڙهون ڊاک.
(تنهنڪري ڏاڙهون ۽ ڊاک پڪا آهن)

سيان مانجي! آيو سڻجي جلالو واڙِي ۾،
(اي سکي! جلالو واڙيءَ ۾ آيل ٻڌجي ٿو)
اَني ڏيک رهـِـي پڻهار.
(تنهنڪري پڻهاريون کيس ڏسن پيون)

سيان مانجي! آيو سڻجي جلالو چووَٽي،
(اي سکي! جلالو گهٽين ۾ آيل ٻڌجي ٿو)
اَني ڏوم ڪري سـُـڀراج.
(تنهنڪري مڱڻهار خوشيون پيا ڪن)

سيان مانجي! آيو سڻجي جلالو اَنگڻي،
(اي سکي! جلالو اڱڻ آيل ٿو ٻڌجي)
اَني ڏوڌي وُٺا مينهن.
(تنهنڪري کير جو مينهن پيو وسي)

سيان مانجي! وانڪلڙي مـُـڇان رو جلالوميل،
(اي سکي! ڪنڍين مـُـڇن وارو جلالو موڪل)
تو هينئين سان ڏيان لگاڙ.
(ته کيس هينئين سان لايان)

سيان مانجي! پٽيون پيچون رو جلالو ميل،
(اي سکي! سهڻي پيچ وارو جلالو موڪل)
تو نيڻن سان ڏيان سمجهاءِ.
(ته کيس اکين سان سمجهايان)

---------


(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام  ”اوجها“  کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org