تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو...
(37)
ٿلهه: اچي لهه ڪا سڌ سماءُ.
سوڍل سائين! جيئين سدا – مون کي ڏني آهي تو جدائي،
نيبهه توسان تنهنجي وڏائي - مڪم قاصد توڏي ڪيڏائي،
مون ۾ آهن عيب اَپار.
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
ڪاڪ ڪئي تو منهنجي ڪاري - مومل ٿي وئي ميار واري،
اِها تنهنجي آ زوراوري - محبت منجهه آ رواداري،
اجايو تو ڪيو اعتبار،
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
خان ڇڏي وئين کوٽي ڄاڻي - منهنجي پريت تو ڪين پڇاڻي،
ائين ڪيو تو ڄاڻي واڻي - ڍوليا ڍٽ جا ٿي اچي ساڻي،
مون ڏي ناهي ڪا ميار،
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
سوڍيون تو وٽ سوين آهن - راڻيون تو وٽ ڪيئي آهن،
تنهنجي مٽ سي، مون وٽ ناهن - اُهي تو کي مون وٽ
ڀائن،
دوست مون ڏي آءُ دلدار،
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
توکي ڪهڙيءَ جهـَـل جهليو - مومل لاءِ توکي ڪنهن پليو،
تون آن ڀولي منجهه ڀليو - سچي اچي هٽ سليو،
ته ٿئي صفائي سردار،
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
رات گذاري ڏينهن ڪريان - ڏينهن گذاري رات ڏسان،
سوڍو ايندو من پسان - صبح ٿيندي سج ڏسان،
ڪانه لهين ٿو منهنجي سار،
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
ڪيڏا قاصد توڏي مڪم - حيلا ڏاڍا توسان ڪيم،
فرق فراق گهڻوئي چيم - پر تو کي ڪاڻ ڪانه ڏٺم،
پوءِ اچڻ ايڏي ڪيم اختيار،
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
توڏي آيس تو نه سڃاتو - پر فرق فراق تو نه لاٿو،
مون به جوش جو جامو پاتو - آگ پوڻ مون خاصو ڄاتو،
سـَـتي ٿيس اڙي سردار،
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
سوڍل به ويو کـُـوري ڪاهي - آگ وچ ۾ پاڻ ٺاهي،
چئي هاڻي منهنجو جيئڻ ناهي - تنهنجي منهنجي هڪ
جاءِ آهي،
”خير شاهه“ لولي ڪئي نروار،
اچي لهه ڪو سـُـڌ سماءُ...
(38)
وراڻي: ”لاڙڪاڻو“ لنگهي سائين ”باقراڻي“ ڪيان بيان،
باڊهه، راڌڻ، بالي شاهه لنگهي، سيتا کؤن
ته وڃان-
الله لولي...
”ڦلجي“ دادوءَ کؤن لنگهي، بيشڪ ڀانَ ڏسان،
”بوبڪ“ بلاشڪ لنگهي، ”سيوهڻ“ صاف ڏسان،
پرتئون نئي پسان، چانئٺ سهڻي لعل جي -
الله لولي...
”لڪي“ کؤن لنگهي ڏسان ”آمري“ ”سن“ سـِـگهي،
”مانجهند“ ”گوپانگن“ ادا، ”ٻڍاپور“ ٻـُـجهي،
دل کي صاف سـُـجهي، لنگهان ڪپر ”ڪوٽڙي“ -
الله لولي...
”لانڍي“ کؤن ته لنگهي، ڏسان وڃي ڇانوڻـِـي،
محبت مرسل مير جي، ويـَـڙِي واه وڻـِـي،
ڪندو خير ڌڻـِـي، ڪاهي ”ڪراچيءَ“ وڃان -
الله لولي...
”بندر ڪياماڙيءَ“ کؤن چڙهندس منجهه جهاز،
مڙئي لهندا من تؤن، دل جا دک دراز،
تيزئون تاز تباز، سدا ”مسقط“ ۾ وڃان -
الله لولي...
بلاشڪ چوبارئون لنگهي، لنگابندر ڏسان،
”ابوشهر“ بندر کؤن، ”بندر عباس“ ڏسان،
هيجئون يار هسان، مان بندر ”بحرين“ ڏسي -
الله لولي...
”هامري“ بندر کؤن هلي، ڏسان ”علي مڪان“
پڙهان حمد حڪيم جا، ساريان مان سبحان،
تازو ٿيان توان، بـِـنا ”بصري“ جي ڏسي -
الله لولي...
بصري مؤن ته هلي، ڏسان ”طلحا اصحاب“ ،
زيارت ڪريان زبير جي، پهچي صاف ثواب،
منجهؤن شوق شتاب، رڙهان پاڪ رسول ڏي -
الله لولي...
”گرني بندر“ کؤن هلي، ”بدينا بندر“ وڃان،
سوين ٿورا سـِـر تي، مرسل جا ته مڃان،
آهن اُميدان اڃان، حامي ٿيندو حشر ۾ -
الله لولي...
سنڌو ”شيخ سيوق“ کؤن، ”مرڪس“ گهٽ گهمان،
منجهؤن شوق شفيع جي، رستي منجهه رمان،
عربي ڏيج امان، شافع شرمندن کي -
الله لولي...
سڌو ساماوت کؤن، سناقيه کؤن سنوان،
”شاهه نجف“ شهر ڏي، پيرين پنڌ ڪيان،
ذوقؤن زيارت ڪيان، هلي حيدر شاهه جي -
الله لولي...
پسي تنهن پرينءَ کي، ٿيندو ساهه سڌير،
ڪندس عرض عجيب کي، ڪوڙين آءٌ ڪثير،
رکـِـي عشق اُڪير، ڪاهي ڪربلا وڃان -
الله لولي...
حضرت شاهه حسين جي، ذوقؤن زيارت ڪيان،
اصغر ۽ اڪبر تؤن، صدقي صاف ٿيان،
رکي حب هـِـنيان، مان هلي پسان حـُـر کي -
الله لولي...
ڏسان گنج شهيد کي، جاٿي شاهه قاسم،
آهي شهيدن جو گهڻو هنئڙي غم،
مدام ڪيان ماتم، ڏسي ڪـِـيسُ قاتل جو -
الله لولي...
ڪري پنڌ پيرن سان، محموديه کؤن سنوان،
هلندي حب حبيب جي، رستي منجهه روئان،
مداحي مداح چوان، دستگير جي در تي -
الله لولي...
روضو رهبر جو ڏسي، ڪيان مان شڪرانا،
بيحد بي انداز کؤن، تنهن جا بيانا،
شاهي شهانا، آهن شان عجيب جا -
الله لولي...
ذوقؤن زيارت مون ڪيان، سندي عجيب جبار،
اعليٰ اَجـُـر مون ملن، بيحد بيشمار،
آهي طلب تنوار، ”ابو صالح“ عجيب جي -
الله لولي...
(39)
وراڻي: جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري،
توکي ساهه ساري، سڄڻ! آءُ وري.
لولي لـُـڏڻ يار جي، ڳاٽ ڀري ڳايان،
پورهيت پنهنجي پـِـرَ جي، اصل کؤن آهيان،
سينو سهڻي سانول سان، ڪهڙو آءٌ ساهيان،
ڪاڏي مان ڪاهيان، ايندا اٿم آسرو -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ايندا اٿم آسرو، هوُ جي رهن ڏوُر،
قسمت قيدالماءُ جي، ڏاڍي ذوق ضرور،
ڳالهيون ڳـُـڻن ڳائيان، محبن جا مذڪور،
اُٿي ويل اَسؤر، ڪانگ اُڏايان ڪيترا -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ڪانگ اُڏايان ڪيترا، پانڌي پرينءَ پار،
ويٺي واٽ واجهايان، ايندا ڪهڙي وار!
متان محب مري وڃان، ڏينهن دنيا ۾ چار،
واڳان وهلو وار، ”اميد علي شاهه“ ڏي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جانب جدائيءَ جا، ڏکيا لنگهن ڏينهن،
من وَسائي مرتضيٰ، ميلاپي جا مـِـينهن،
گجن ۽ گوڙيون ڪن، شوق تنهنجي جا شينهن،
نـِـبتر ڪيو نينهن، تنهنجي عشق ”اميد“ کي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جيئڻ جدائيءَ جو، ڏکيو ۽ ڏاڍو،
وجهي ٿو ڪرٽ قلوب ۾، جيئن وڻ وڍي واڍو،
تنهنجي ملڻ جو مٺا! آهي قصد ۽ ڪاڍو،
”اُميد“ کي آڍو، آءِ عشق اوهان جي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جدائيءَ جي جيئڻ کؤن، مرڻ موچارو،
راتيان ريـِـجهه روئڻ سان، ڏينهن سڄو سارو،
اَٺ ئي پهر اُليل ۾، سانوڻ سيارو،
نينهن سندو نعرو، ملڪن ۾ مشهور ٿيو -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جيئري جدائيءَ جو، ڏاڍو ڏنگ ڏُکي،
دونهون دردَ اوهان جي جو، دل ۾ دوددکي،
پرين! پرت تنهنجيءَ مان، پنهل پيس پـُـکي،
جيءَ ۾ جوش جـُـکي، جانب! جدائيءَ جو -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جانب! جدائيءَ جي، چاڪن ڪيس چـُـور،
اوريان ڪنهن سان اندر جو، من سندو مذڪور،
تنهنجي سوز فراق جو، ڪنهن کي سليان سور،
جهوريءَ ڪيو جهور، تنهنجي عشق ”اميد“ کي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
دلبر لائي دوستي، پويان ڪر نه پير،
روح توسان ريجهي ويو، نه ته ٻيا ڀي ماڻهو ڍير،
اسان ڏهون ته اچڻ جي، هينئڙي مٽ نه هير،
ٻيا وجـَـههَ نه وير، ڪر ڳنڍڻ جي ڳالهڙي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ڪر ڳنڍڻ جي ڳالهڙي، ڇنڻ مؤن ڇاهي؟
آءُ پرچون پاڻ ۾، اهو ڏَس ڏنو آهي،
موٽي ملاقات جي سڪ سدا ساهي،
ڪڏهن ايندين ڪاهي، عاشق ”اميد علي شاهه“ ڏي-
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
دلبر لائي دوستي، ويهه نه وساري،
راتيان ڏينهان رُوحڙو، توکي سنڀاري،
”اميد علي شاهه“ جي، آءُ تون اوتاري،
گڏجي گذاري، وڃ ڏاها! ٻه ٽي ڏينهڙا -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ڏاها! ٻه - ٽي ڏينهڙا، گڏجي گذاريج،
دم حياتي دلبرا، مان کي ويهه نه وساريج،
الله لڳ ”اُميد“ سان، گوندر ۾ گهاريج،
نرتئون نهاريج، وڃن سور سـَـنڌو ڪيون -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
دلبر! دنيا دين جي، مان کي ڪانهي ڪاڻ،
سڪ تنهنجيءَ سان سپرين! منهنجي روح رهاڻ،
تنهنجي عشق اُليل جي، مان ڪئي آهيان اڻڄاڻ،
موليٰ ملڻ آڻ، موٽن مندان ويجهڙيون -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ملڻ جو منهنجا پرين! مان کي جـِـيءَ اندر ۾ جارُ،
ٻـَـڌم اَئٽ اکين جا، نيڻئون ڇٽو نار،
تنهنجي عشق ”اميد“ کي، بارِي وڌو بار،
اهڙو ڪر نه آر، اچڻ جو ته اسان ڏهون -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ملڻ ۾ منهنجا پرين، دير نه ڪرڪو دم،
راتيان ڏينهان روح کي، کائي تنهنجو غم،
جيئري جدائيءَ جو، جيءَ کي ڏنم جم،
ڪونه اُڄهي ڪم، تنهنجي طلب تانگهه ۾ -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جانب جدائيءَ جو، اَهنجو آهه عذاب،
راتيان ڏينهان روح ۾، روئڻ ريجهه رباب،
ڳوڙها ڳاڙي ڳلن تئون، ارتو اوتيان آب،
سڄڻ! کـَـٽ ثواب، اچ اڱڻ ”اميد“ جي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
اچ اڱڻ ”اميد“ جي، وارث وِير ورِي،
اٺئي پهر اُٻاڻـِـڪي، چارئي پهر چـَـريِ،
مل مٺا منهنجا پرين، نه ته وينديس محب مريِ،
ڳڻتين منجهه ڳرِي، ويو ساهه ته منهنجا سپرين -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ملڻ جي منهنجا پرين! ڳڻتي ٿي ڳاري،
سڪ اوهان جي سپرين! روز روئاري،
ڪڏهن ايندين اسان جي، اڱڻ اوتاري،
گوندر ۾ گهاري، تو ريءَ جانب جندڙي -
جند جواني ما ڻين، جانب! آءُ وري...
آءُ اڱڻ ”اميد“ جي، ٻه - ٽي پير ڀـَـري،
اچڻ سان اوهان جي، وڃن پـُـور پـَـري،
غم گوندر غلام جا، پون تحت تري،
مـُـحب مهر ڪري، اچ اڱڻ ”اميد“ جي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
اچ اڱڻ ”اميد“ جي، وارث ويـِـر ولي،
مدد تنهنجي مصطفيٰ، آهي اوٽ علي،
دل ته توسان دلربا، رندي رمز رلي،
هيڪر يار هلي، اچي حال هيڻيءَ جو ڏسو -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
آءُ عجيب الله لڳ، ڪر ڪا امدادي،
اچڻ سان اوهان جي، شڪر ڪيان شادي،
تنهنجي طلب تن ۾، تانگهه ڪئي تعدي،
وَسائي وادي، روئان ويٺي روز مان -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
رويـُـون رويـُـون روز ٿي، نيڻين وهايان نار،
راتيان ڏينهان روح ۾، آهي پرين تو پچار،
مندان موٽي آئيون، تون نا آئين يار،
پڪا اَنب انار، آئي مند ميلاپ جي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
آئي مند ميلاپ جي، کليا باغ بهار،
ليمان، صوف، سنگتڙيون، باداميون بسيار،
گل گلابي ڪيوڙا، هـُـوءِ ڪـَـرَن هٻڪار،
هوت حياتيءَ دار، آءُ ته پرچون پاڻ ۾ -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
آءُ ته پرچون پاڻ ۾، گويا ڪيون گفتار،
وڃن وهم وجود مان، گوندر غم غبار،
”سيد“ چوي سيگهه مؤن، سڄڻ لهه سنڀار،
محب مٺا منٺار، مل ته ماندائي لهي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
سڄڻ توکي ساريـون، ويٺي وجهان فالَ،
تو ريءَ ساعت سپرين، سهسين سمجهان سالَ،
ايندين اٿم آسرو، آهي تنهنجي سڪ سنڀال،
منهنجي ڇاهي مجال، اڳتئون يار اوهان جي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
دلبر! دل کسي، وڃي ياڪي ٿئين يار،
ڦـُـري ڪنهن فريب سان، دل وئين دلدار،
ڪانهل ڪم نه اُڄهي، نيڻين وهن نار،
تو ريءَ سار سنڀال، ڪل ڪير لهندو مٺا -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ڦـُـري دل فقير ڪـَـيئي، مان ڦـِـران فراقـِـي،
ساهه سوگهو ڪيو سپرين! بت رهيو باقي،
وساري ويهي رهئين، وڃي يار ٿئين ياڪي،
ڪامل قزاقي، ڪري وئين ڪمزور سان -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
آءٌ ويٺي واجهائيان، اِجهي ايندم شال،
ڪندس اورَ عجيب سان، سڪندي لنگهيا سال،
صدقي سر سڄڻ تؤن، مڏيون ڪندس مال،
هاڻي حال في الحال، ايندا اٿم آسرو -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
سهڻل منهنجي ساهه کي، محبن ماريو مـَـنڊُ،
قربن سان قابو ڪري، سوگهو ٻڌئون سـَـنڊُ،
آيا ڪين ”اميد“ ڏي، چوٿون ڏٺن چنڊ،
جدائيءَ جو جنڊ، جانب سندو جان ۾ -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جانب سندا جان ۾، ويٺي ڏوريان ڏک،
واءُ صبا جو ڀانئيان، توڙي لڳي لـُـک،
ايندو شال ”اميد“ ڏي، ڀورل لهندي بـُـک،
دور ڪندو اچي دک، دلبر منهنجي دل جا -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جانب جدائيءَ جو، ڏکيو آهه ڏهاڳ،
اچي ڏي عجيب تون، سائينءِ لڳ سهاڳ،
وسنئون ويڙهي وري ٿئي، ڀلا لڳي ڀاڳ،
محب: مٺا هي ماڳ، منهنجو وَر وساءِ تون -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
منهنجو ور وَساءِ تون، ويڙهو يار وري،
اڱڻ اسان آباد ڪر، لاهي ڀـُـل ڀـَـري،
جانب! جدائيءَ جي، چاڪن ڪيس چري،
تنهنجي ذوق ذري، ”اميد علي شاهه“ کي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ملڻ ريءَ ماندي آهيان، محب مٺا موٽ،
پـِـيرن تي پـَـڙ چاڙهيان، رب جو ڏيان روٽ،
توکي ساري ٿو سدا، سارو سڄڻ ڪوٽ،
نينهن تنهنجي جو نوٽ، دلبر منهنجي دل ۾ -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
وساري ويهي رهئين، سـُـڌ نه لـَـڌءِ سار،
محب مان مسڪين کؤن، ياڪي ٿئين يار،
ساريو توکي سپرين، روئان زارو زار،
آءُ اچي ڏي آڌار، منهنجي مٺل من کي
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ماڻهو ڏين مهڻا، مان کي لک هزار،
هڪڙا چون ٿا چريو، بدُون بد بيڪار،
سـُـڌ نه اٿن سـُـور جي، سندي عشق آزار،
تنهنجي طلب تار، من منهنجو مستان ڪيو -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
عجيب! نانءِ الله جي، موٽي مان وٽ اچ،
سڪ ته تنهنجي سپرين، من ۾ ٻاريو مچ،
ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، اندر هينئون هچ،
سڄڻ! چئج سچ، ايندين ڪڏهن ”اميد“ ڏي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ايندي شال ”اميد“ ڏي، واري واڳ وري،
سهڻا! سوز فراق جي، ٻـُـڌو سـُـور سرِي،
اچڻ ساڻ اوهان جي، ٻـُـڌو سـُـور سرِي،
اچڻ ساڻ اوهان جي، پوندا ٺپ ٺرِي،
چارئي پهر چرِي، آهيان عجيب اچ تون -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
سڄڻ! تنهنجيءَ سڪ ۾، راتيان ڏينهن رهان،
ملڪ گهمي ميل جو، وڃي ماڻيم محب مهان،
اوڏاهون به اچي ڪري، هاڻي هت ٿو سرو سهان،
ڪهڙي ڳالهه ڪهان، آءُ ته پرچون پاڻ ۾ -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
منهن ڏٺي تنهنجي مٺا! مان کي ڏينهن ٿيا،
ڳڻتين ڪندي ڪيترا، راتيون روز ويا،
سانگا تو لئي سپرين! ڪيئي مون ڪيا،
پل پل پور پيا، سڄڻ! تنهنجيءَ سـِـڪ جا -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
سڪ ته تنهنجيءَ سپرين، جهوري ڪيو جهـُـور،
سانڍيو وتان ساهه ۾، ڪنهن کي سـَـليان سـُـور،
اچي ڪين آرام ٿو، پل پل پون پور،
معلوم ٿي مذڪور، ڪهڙي ڪريان ڳالهڙي؟
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ڪهڙي ڪريان ڳالهڙي، ساري سور سندي،
ٻهڳڻ ٻولن سان ويو، دلڙي دوست ٻـَـنڌِي،
ڪين وڻي ٿي ڪنهن جي، ٻي ڪا ڳالهه گندِي،
برهه دل بندي، تنهنجي عشق ”اميد“ چئي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
منهن ڏسان تنهنجو مٺا! مانکي سڄڻ آهي سـِـڪ،
ڪين لڪي سا ڪڏهن، لالڻ اندر لـِـڪ،
تن ۾ تار اوهان جي، طلب لائي تک،
هاڻي هـِـڪا هڪ، اچي ڪر ”اميد“ سان -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
اچي ڪر ”اميد“ سان، محب ملاقات،
جيئري جدائيءَ جا، وڃن هـِـي اوقات،
آهن يار اوهان جا، اندر ۾ اورات،
محب مٺا مصلات، موٽي ڪر ملڻ جي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ڪيئي ڪيم ڪيترا، تو لئي سڄڻ سانگ،
ڪڏهن ملندين پرين! تن ۾ تنهنجي تانگهه،
تو لئي آءٌ اُڏاريان، ڪوڙين ويٺو ڪانگ،
چاريان ويٺو چانگ، تنهنجيءَ سڄڻ سڪ جا -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
تنهنجيءَ سڄڻ سڪ جا، دل اندر ديرا،
اچڻ ڪاڻ اوهان جي، پايان ٿي ڦيرا،
سڪ تنهنجيءَ ۾ سپرين! جلن ٿا جيرا،
محب منهنجا ميرا، دلبر ڌوئي صاف ڪر -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
دلبر! ڌوئي صاف ڪر، محب مدايـَـون،
ايندين ڏيندس ڏيهه کي، وڻ وڻ واڌايون،
تنهنجي عشق ”اميد“ سان، ڪيون آهن اَدايون،
جانب جدايون، ڪر نه مون مسڪين سان -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
سڄڻ! تنهنجي سڪ ۾، سهسين ڪيم سير،
نڪو مـَـٽ تنهنجي مٺا، پرين برابر پير،
اچڻ جو احساس ڪر، دانـہ دوست دلير!
محب ملڪ دير، ڪؤڙين ڏٺم ڪيترا -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
لـُـڏڻ! لـَـڙي لاڙڪاڻي ۾، آيس وري ويـِـر،
ايڏاهين اچڻ جي، هاڻي اندر منجهه اُڪير،
موٽائي ماڳن تي، پردي سان نـِـج پـِـير!
سڄڻ! سکر سير، لگهي ايندس اوهان ڏي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
لنگهي ايندس اوهان ڏي، روح اهو رايو،
روهڙي رنگ رسول جو، پرينءَ جو پايو،
مونکي محبن سان اڳي وڃي موليٰ ملايو،
”اميد علي شاهه“ آيو، وري وارو وصل جو -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
وري وارو وصل جو، ڪيو قادر رب ڪريم،
موٽائي ماڳن تي، نيو آگي پاڻ عظيم،
مهر ڪئي آ مرتضيٰ، ۽ رازق رب رحيم،
منهنجي مرسل ميم، آگي آساني ڪئي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
آگي آساني ڪئي، ٿيو محبن سان ميلو،
جالڻ جدائيءَ جو، هو ورهه ڪو ويلو،
ڏسي منهن مدعين جو، ٿيو ڀيلوئي ڀيلو،
عجيب اڪيلو، آيو اَڱڻ ”اميد“ جي -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ميلو ڪيو محبن سان، اچي ”اميد علي شاهه“ ،
ڏک سڀئي ڏور ٿيا، اهڙو آهه الله،
وري وسنئون ويڙها ٿيا، ڄاڻي شهنشاهه،
محب مٺو ماهه، جهـُـلي جهوليءَ ۾ پيو -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
جهـُـلي جهوليءَ ۾ پيو، قادر جي قدرت،
ڏسي لوڪ ڦـِـڪو ٿيو، اها ڪن عبرت،
مدد مرسل ڄام ڪئي، هيڻن جي حضرت،
باريءَ جي برڪت، ميلو ٿيو محبن سان -
جند جواني ماڻين، جانب! آءُ وري...
ميلو ٿيو محبن سان، منهنجو وري واه،
ٻڌو عرض ”اميد“ جو، آهي پاڻ الله،
ميلو محبوبن سان ڪيڙو شهنشاهه،
والي ڪئي واهه، وهلو وطن تي وري -
|