سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :6

 

 (18)

راڻل! مورو ويٺي ڏيان.

جانب توکي سارين - رات ڏينهن نارين،
جيءُ پنهنجو ڳارين - کڻيو نيڻ نارين،
جانب توکي سارين - چڙهيو وڻ نارين،
موري جهڙيون ناهين - جانب توکي سارين،

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيا ن...

آنءُ توکي سارين - هنجون پيون هارين،
کڻيو نيڻ نماڻا - توڏي ٿيون نارين،
مورا تولاءِ ڏين - توکي پيون سارين،
مورو جهڙيون ناهين - جانب توکي سارين،

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

ملڪ مان جو  ”ڀال“  - ٿيا توکي سال،
گهيٽا پيا کيٽين - وساري مان کي ويٺين،
جانب توکي سارين - چڙهيو وڻ نارين،
موري جهڙيون ناهين - جانب توکي سارين.

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

ملڪ ته تو جو جاتي - حرف ۾ توجي ڦاٿي،
ٻولان تو جي ٻڌي - آهين تو جي بندي،
هنجون تولاءِ هارين - ڏکيا ڏينهن گهارين،
مورو جهڙيون ناهين - جانب توکي سارين.

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

ملڪ ته چون  ”ڀالاڻو“  - آهيم توسان ڳالهائڻو،
ملڪ ته چون  ”مول“  - دل جون ڳالهيون کول،
ملڪ ته چون  ”مري“  - شل! دشمن وڃي مري،
مورا تولاءِ ڏين - موري جهڙيون ناهين،

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

سگهو ور سهڻا - ماڻهو ڏين ٿا مهڻا،
سگهو ور ساٿي - دردن دل لاٿي،
جيءُ پنهنجو ڳارين - بيٺيون توکي سارين،
موري جهڙيون ناهين - کڻيو نيڻ نارين،

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

مال ته چون جـَـرب - ڪـُـٺي توجي قـُـرب،
پڇان پيئي خبر - اچي واهر ڪر،
سگهو ور ساٿي - تو جا لوري لاتي،
موري جهڙيون ناهين - جانب توکي سارين،

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

پکي جي ته ڏري - آهين تو لاءِ ٻري،
 ”حب“  جو چون تـَـرُ - ڪر ڪو مان تان ور،
جانب جيءَ ۾ جهيڻي - ناهين پاڻ وهيڻي،
موري جهڙيون ناهين - جانب توکي سارين،

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

ناهين آن کوٽي - سگهو اچ موٽي،
هيئين حال اورين - ڪنهن سان ڳچ ڳارين،
جانب توکي سارين - رات ڏينهن نارين،
مور جهڙيون ناهين - مورا تولاءِ نين،

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

(19)

مورو ناهي ٿورو، راڻل! مورو ويٺي ڏيان.
بگو تنهنجو ڏاڻ سان - وٺيو وڃج پاڻ سان،

 

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

بگو چارين جت سان - دلبر هجي پت سان،

راڻل! مورو ويٺي ڏيان...

 

(20)

مورو ناهي ٿورو، جانب! موري جهلي آهيان.
آڏو آڻي واهي - سهڻل پاتم ٻانهين،

 

جانب! موري جهلي آهيان...

آڏو اَٿي گـُـل - دلبر ڏنو بـُـل،

 

جانب! موري جهلي آهيان...

هٿ ۾ تنهنجي مـَـٽ - الله ڏيندءِ پـُـٽ،

 

جانب! موري جهلي آهيان...

(21)

سنيهڙو مان ٿي ڏيان، جاني! مورو مان ٿي ڏيان.
گهونگهٽ جون گهاريون - ساريون راتيون ناريون(1)،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

وار تنهنجا گهنڊي - هٿ ۾ اهڃاڻ منڊي،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

نئن ته چون بارڻ - ڪر ڪو دلبر ڪارڻ،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

ڪهاڙيءَ جو پاهو - اٿم تو لئي آهو،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

گولي تنهنجي آهيان - ٻانهي تنهنجي آهيان،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

سنيهڙو مان ٿي ڏيان - ليهڙي جهڙي ناهيان،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

سنيهڙو مان ٿي ڏيان - جاني! مورو مان ٿي ڏيان.

 

(22)

جاني! مورو مان ٿي ڏيان.

اُٺ تنهنجو سائو - اٿم تو لئي آهو،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

اُٺ جي تان سيلي - آهيان تنهنجو ٻيلي،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

اُٺ جي تان ڳاني - آهين منهنجو جاني،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

اُٺ جي تان ڳاني - توجي آهيان ٻانهي،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

اُٺ جي تان چڙهي - توسان دلڙي اڙي،

 

جاني! مورو مان ٿي ڏيان...

(23)

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ.

نڪ ۾ اَٿـِـي ڦـُـلي - ڳالهه وئي ٿي هـُـلي،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ...

اَن جي ٿي ٻوري - توتان جان گهوري،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ...

بند تي ٿـِـي ڳيرو - ملڪ منهنجو ديرو،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ...

هٿ ته مٿي مٿي - لاڏڪ! سج لٿي،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ...

هٿ ۾ چون ڪنجهو - لالڻ! رات ته سنجهو،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ...

ڪـَـنڍي منجهه مڻيان - ويٺي ڏينهن ڳڻيان،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ...

(24)

دلبر! مورو ڏينديسانءِ.

گهر جو تان لوگهو - ساهه ته ڪيئي سوگهو،

 

دلبر! مورو ڏينديسانءِ...

گهر جو ته مـَـنجو - لالڻ! رات جو سنجهو،

 

دلبر! مورو ڏينديسانءِ...

(25)

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ.

گاڏيءَ جو ٿي گس - منهنجو ناهي وس،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ...

گاڏيءَ جو ٿي ڪـِـلو - منهنجو ڪجانءِ بـِـلو،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ...

گاڏيءَ جو ٿي ناڙو - مون ڏي ڪجانءِ لاڙو،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ ...

گاڏيءَ جو ٿي ڦيرو - ڪري وڃ تون ڀيرو،

 

لالڻ! مورو ڏينديسانءِ ...

(26)

مان توجڪي ٻانهي هان، لاڏڪ! مورڪو چونديسانءِ .
جبل چون ٺوٺ - من جو مـِـٺڪو ڳوٺ،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

جبل چون روهه - منهنجو ملڪ ڊوهه،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

جبل جي ڍوري - ساري تنهنجي جهوري،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

جبل جون واهيون - من ۾ ٻرن باهيون،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ڏاڙهيارو ڏيهه اُٺو -  ”مزاراڻي“  جو پاڻي مـِـٺو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

(27)

توجڪي ٻانهي هان، لاڏڪ! منڪامورڪو چونديسانءِ.
ملڪ ته چون چيهو - گهڙي ڪا ته بيهو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ملڪ ته چون لس - من جو ڏُور ته ڏس،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ملڪ ته چون ڀانا - مر ته هڻن طعنا،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ملڪ ته چون دڙي - دلڙي وئي آ اڙي،

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

 

(28)

لاڏڪ توجڪي ٻانهي ڙي، منڪو مورڪو چونديسانءِ .
اُٺ ته چون ڪارو - لالڻ وطن ورو،

 

منڪو مورڪو چونديسانءِ ...

اُٺ جي تان پٺي - تنهنجي قرب ڪـُـٺي،

 

منڪو مورڪو چونديسانءِ ...

اُٺ جو چون گاشو - لالڻ! چور ڪو پاسو،

منڪو مورڪو چونديسانءِ ...

 

(29)

توجڪي ٻانهي هان - لاڏڪ! منڪامورڪو چونديسانءِ.
اُٺ جو تان ڏند - لالڻ دل جو بند،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

اُٺ جو تان گاشو - لاڏڪ چور ڪو پاسو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

اُٺن جو تان رند - لاڏڪ ڏورج پنڌ،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

اُٺن جو تان گـَـس - ڏُور آهي ڏَس،

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

 

(30)

مان توجڪي ٻنهي هان، منڪا مورڪو چونديسانءِ.
ٻڪر ته ٻـُـٽو - ذات جو ڇـُـٽو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ٻڪر ته ڪـُـرو - مـُـنجو مـِـٺڪو نـُـرو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ٻڪريءَ سندي ڏاسَ - من جي مـِـٺڪي باسَ،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

آئي ته ڪاري - ڄاڻ نه مونکي ڌاري،

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

 

(31)

مان توجڪي ٻانـِـهي هان، منڪامورڪو چونديسانءِ .
پکي چون ڪونج - ڏيئي وئين مونجهه،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

پکي چون ڳيرو - سڄڻ! ڀڃ نه ڀيرو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

پکي چون وهيو - لالڻ رات نه رهيو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

پکي چون هيڙهو - گهڙي ڪا ته بيهو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

پکي چون هيڙهو - لالڻ! وسئي ويڙهو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

پکي چون ڀورو - لالڻ! ڪيئي ڇورو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

پکي چون تـَـلـُـور - لالڻ وڃي وهلور،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

پکي چون ڪانگو - لالڻ! لاتئي سانگو،

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

 

(32)

مان توجڪي ٻانهي هان، لاڏڪ! منڪامورڪو چونديسانءِ .
ڪڻڪ جو تان لاب - لاڏڪ! ڏتئي آب،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ڪڻڪ جو تان ڦـُـلڪو - ڪر نه دلبر اُلڪو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ڪڻڪ جي تان ڪانهين - لاڏڪ پاتي ٻانهين،

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

 

(33)

مان توجڪي ٻانهي هان، لاڏڪ! منڪامورڪو چونديسانءِ .
ڪاڪ جو ته ڪليو - لاڏڪ! رات ته جهليو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ڪـُـنگري جي ته ٽڪ - لالڻ ڏسڻ جي سڪ،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

مٿي تي ٿـِـي دِلو - لالڻ! ڪر ته بلو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

اوئي جو ته پاڻي - لاڏڪ سڏ ۾ ساڻي،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ٻير ڪو ته ٻـُـور - لاڏڪ! سنهڪو سور،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

چيچ ۾ ته ڇلو - لالڻ! لڏ ته گـَـلو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ڳاڙهڪو ته پاهڻ - من جو مـِـٺڪو واهڻ،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

چولو اٿم ناسي - دل پئي آ ڦاسي،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

وار ته چون ٻـَـٽـُـون - ساهه کي ته سٽون،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

وار ته چون مـَـکيا - توجڪا مائٽ شڪيا،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ڪن جي ته والي - سر ڏنو مانءِ سوالي،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

ڪڇ تي اَٿـِـي دلو - ڪرڪو منهنجو بلو،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

چاريان پيو مال - هيڻا ٿيا ٿم حال،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

اوئي جا ته بند - من جا ته مـِـٺڪا ڏند،

 

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

پکي ته چون ڏوريو - من تان جندڙن گهوريو،

منڪا مورڪو چونديسانءِ ...

 

(34)

لاڏڪ تو جڪي ٻانهي ڙي، منڪومورڪو چونديسانءِ.
حـُـقي جي ته چـَـٽَ - لالڻ نه هـُـئين مٽ،

 

منڪو مورڪو چونديسانءِ ...

حـُـقي جو ته پاڻي - لالڻ نه هئين ساڻي،

 

منڪو مورڪو چونديسانءِ ...

حـُـقي جي ته ڳوٽي - سنگت نه ڪر کوٽي،

 

منڪو مورڪو چونديسانءِ ...

مٿي ۾ ته سڳي - لالڻ ملڪ ۾ ٺڳي،

 

منڪو مورڪو چونديسانءِ ...

نڪ ۾ ته ڦـُـلي - لالڻ توجڪا رُلي،

منڪو مورڪو چونديسانءِ ...

 

(35)

مان توجي ٻانهي هان، لاڏڪ! منڪامورڪو چونديسان.
جـُـوجڪو(1) ماريوسي - وطن پنهنجو ساريوسي،

 

لاڏڪ! منڪا مورڪو چونديسان...

جـُـوجڪو ته بلا - من کي لڏڻ جي صلاح،

 

لاڏڪ! منڪا مورڪو چونديسان...

جوجڪو ته ماريوسي - عرش ۾ ناريوسي(2) ،

لاڏڪ! منڪا مورڪو چونديسان...

 

(36)

نماڻا ادل! مورو چوان...

جبل چون ڪارو - ورندو منهنجو وارو،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

جبل چون ڪچو - لالڻ مون سان سچو،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

ملڪ ته چون ٿر - ڏيئي وراڪو ور،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

ملڪ ته چون ڪامون - اچي سڄڻ ٿي سامهون،

نماڻا ادل! مورو چوان...

 

(37)

نماڻا ادل! مورو چوان.

وڻ جي چون تاري - ڳڻتين آهيان ڳاري - چغل توتي چاري،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

وڻ ته چون ڀـُـڪ - ڪونهي مو ن کي سـُـک - جيءُ جنڊيءَ چاڙهيو ڏک،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

وڻ ته چون ڄار - واڳ مون ڏي وار - جيئن نه تو کان ڌار،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

وڻ جو چون ٿـُـڙ - لهي ويندو لڙ - ماڻهو ڏسي نه مـُـڙ،

 

مٺڙا ادل! مورو چوان...

ڍاٽي چون رڙيو - انگڙو تو سان اڙيو - جيئڙو توسان جڙيو،

مٺڙا ادل! مورو چوان...

 

(38)

نماڻا ادل! مورو چوان.

ملڪ ته چون جهمپير - دلبر! تو لاءِ دلگير - تنهنجو لڳم تير،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

ملڪ ته چون دلي - منڙو ويئڙو ملي - محب ويا هلي،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

ملڪ ته چون ’سـَـري‘ + - ماس ويو ٿم ڳري - چاڪن دل ڪئي چري،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

ملڪ ته چون  ”ڪلو“  + - ڇپر تنهنجو جهلو - سڀ هيڪاندا هلو،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

ملڪ ته چون سنڌ - جلي تو لاءِ جند - هلي ڏس رند،

 

نماڻا ادل! مورو چوان...

ملڪ ته چون حـَـب - توکي سارين سڀ - ميلو ڪندو رب،

نماڻا ادل! مورو چوان...

 

(39)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

شهر ته منهنجو ننگر - کامي منهنجو اندر،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ننگر جو ته ٿاڻو - منهنجو من ويڳاڻو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ننگر جا ته لـَـس - ڏسان تنهنجا گس،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ننگر جي ته ٽيشن - وڻي تنهنجي فيشن،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(40)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

اُٺ چون مهري - گڏجي کائون طهري،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

اُٺ چون باري - ڳالهه نه ڪر کاري،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

اُٺ جو چون ٿوهو - ڏٺم تنهنجو جوهو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

اُٺ جو چون پلڻ - وڻي تنهنجو هلڻ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

اُٺ جو چون پاکڙو - دوست اٿم ننڊا کڙو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

اُٺ جي چون جهـُـل - وڌيڪ نه رل،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

اُٺ جي چون مـَـهار - اچي سور ٻهار،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

اُٺ جو چون گاشو - دلبر منهنجو خاشو،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(41)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

مينهـِـن جي چون چال - هيڻا ٿيم حال،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن ته چون ڀوري - ڳالهه ڪر پوري،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن چون ڪاري - توسان منهنجي ياري،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

منهن چون ڪـُـنڍي - نيشاني ڏي مـُـنڊي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جي تان پـُـٺي - تنهنجي قربن ڪـُـٺي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جا چون سڱ - سهڻا تنهنجا لڱ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جو تان گوڏو - اچ دلبر! اوڏو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جو تان کـُـر - گهڻو مون کي گهـُـر،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جو تان پڇ - ڪين مون سان ڪڇ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جو تان اوهه - رستي ۾ اٿم روهه،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جا چون ٿڻ - تو ۾ محبت جا مڻ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جو چون کير - توکي آڻيندو پير،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جو تان گاهه - تو ۾ منهنجو ساهه،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جو تان چـَـرڻ - ڏکي پريت پـَـرڻ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جي تان وَڇ - سور مون کان پـُـڇ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

مينهن جو تان پاڏو - اٿم سورن جو گاڏو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

الله توکي آڻيندو ڪالولي چوئين، ور منهنجا جاني،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(42)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

ڏاند چون ڪاڇي - تنهنجي آهيان ساٿي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڏاند چون وهڙو - ٻئي جو ڪم ڪهڙو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڏاند جي چون ويهڪ - جيءَ ۾ پيم چهڪ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڏاندن جون ته جوڙيون - وڇايان تولاءِ سوڙيون،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(43)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

گهوڙو چون سنجاف - پاڻ گهمون پنجاب،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي مٿي لانگ - اٿم ملڪ جي تانگهه،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي مٿي تل - اُٿي مون سان هل،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي مٿي ٿڙو – مون کي سمجهه نه ڪڙو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ٿڙي مٿي رک - هجي توسان ٻک،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي مٿي هنو – مون کي هڻين ٿو کـَـنو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي مٿي تنگ - سهڻو تنهنجو رنگ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

تنگ ۾ چون ڪشو - نه ڏي تون گشو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪشي منجهه ڪـَـڙِي - توسان دلڙي اڙي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي جو لغام - سڻج منهنجو پيغام،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي جي تان واڳ - مٺو تنهنجو راڳ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي جي مـُـڇـِـي – مون کي مارج پـُـڇي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي جــــو تــــــه ڪـِـلـــو - ڪــــج منهنجو بــــلـــو،
مٺو! ڪو مورو چوئين...

گهوڙي جا ته ڪن - ڪونهي منهنجو سن،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(44)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

ٻنيءَ جو ته ٻارو - پوي پيو پارو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ٻاري ۾ ڪا اَڏ - ڪريان توکي سڏ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

اَڏ جي ڪا ڪـُـنڊ - هڻي وئين جهـُـنڊ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ٻنيءَ جو ته هر - پڇان تنهنجو گهر،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ٻنيءَ جو ته ٻـِـج - لهي وڃي ٿو سج،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ٻنيءَ جو ته ڪانو - هڻ نه مون کي طعنو،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(45)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

جسيري جون ڪنڊيون - نيون دليون ڳنڍيون،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊين جي ته پاڙ - سينو نه تون ساڙ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊين جو ته ٿڙ - دشمن ڪري لـُـڙ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊين جا ته ڏار - دلبر نه ٿي ڌار،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊين جون ته لامون - هڪٻئي کي ڏسي کامون،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊين جا ته پن - ڪج قرب مان ڪـَـن،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊين جو ته ٻـُـور - قرب نه ڇڏيو مور،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊين جا ته سڱر - ڇالاءِ ڪرين ڏمر،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊين جون ته ٽاريون - ويهي رات گذاريون،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪنڊيءَ جو ته ڪنڊو - تاڻ نه مون سان تندو،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(46)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

وڻ ته چون وونئڻ - ڪجان ڪو سوڻ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

وونئڻ جو ته پـَـن - نه ڪو خيال اٿن،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

وونئڻ جون ته لامون - ڏسيو پيا کامون،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ونئڻ جي ته چوٽي - آءُ انجام تي موٽي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

وونئڻ جي ته ڦـُـٽـِـي - تنهنجي گهـُـورن گهـُـٽي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڦٽيءَ ۾ ته ڪـَـڪڙو - دلبر! اچ تڪڙو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

وونئڻ جي ته پاڙ - سينو نه منهنجو ساڙ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

بانٺ جو ته ٿـُـڙ - پاڻي ڀريو لـُـڙ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

بانٺ جو ته چورو - سنگت جو آءٌ گهورو،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(47)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

ڍوري جا ته بند - سورن جهليا سنڌ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڍوري جو ته پيٽ - مليان تولاءِ ميٽ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڍوري جي ته وارِي - پاڻ تي چغل چاري،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڍوري جون ته لـَـيـُـون - رڌيان تو لاءِ سـَـيـُـون،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڍوري چرن ڌڻ - وڻن وطن جا وڻ،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(48)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

چون اُڀريو چنڊ - سهڻل جوٽيو جنڊ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

چون اُڀريو تارو - سڄڻ ورايو وارو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

چون اُڀريو وڇون - ڪنهن کان ڏس پـُـڇون،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

چون اُڀريون ڪـَـتيون - مـُـنجهي ويم متيون،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

چون اُڀريا ٽيڙُو - منهنجو ويسُ گيڙو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

چون اُڀريو سج - اچي ويجهو ٿـِـج،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(49)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

چـِـٽيل چون کـَـٽ - تون ته اکيون پـَـٽ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

کـَـٽ جو تان پائو - سـُـهڻا! هـُـجـِـين سائو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

کـَـٽ جي تان اِيس - ڪر نه ايڏا ڪيـِـس،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

کٽ جي تان اُپرِي - اونَ اندر ۾ اُڀري،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

کـَـٽ جو تان واڻ - وٺيو هل ساڻ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

کـَـٽ جي تان نـَـهورَ - سهڻا! آهين سڌر،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(50)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

چون مٿي تي دِلو - منهنجو ڪج ڪو بلو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

دِلي جو ته ڪـَـنو - مون تو لئي رنو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئي ن...

دلي جو ته ترو - پيو نه تنهنجو پرو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

دلي جو ته چـِـٽُ - ڪونهي منهنجو مـِـٽُ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

دلي جو ته پاڻي - ٿج مرشد ساڻي،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(51)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

هوءَ جا چون ڪانچ - ڪريان تنهنجي جانچ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪانچ جو اُبداڻو - هت لکيل ان داڻو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪانچ جي ته ڊيگهه - ڪر اچڻ ۾ سيگهه،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪانچ جو ته ور - مون سان پير ڀر،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪانچ جو ته ڀڱ - ڇنج نه سڱ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪانچ جو ته کـُـڻ - عرض منهنجو سڻ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

ڪانچ جو ته پانچو - مون وٽ سورن سانچو،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(52)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

نڪ ۾ چون نٿ - کڻان پيئي هٿ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

نٿ جا ته مڻيا - راتيون ڏينهن ڳڻيان،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

نٿ جي ته ڏانوڻي - وسي مينهن سانوڻي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

نٿ جو ته ورُ - پڇان تنهنجو گهر،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

نٿ جو ته سڳو - تو انجام آهي ڀڳو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

نٿ جي ته لعل - ڪر مون تي ڀال،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(53)

مٺو! ڪو مورو چوئين.

گاڏيءَ جي ته ريل - سهڻا اچ سويل،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ جي ته سيٽي - آهيان تو لاءِ بيٺي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ جو ته ڪڙڪو - ماري تنهنجو دڙڪو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏو هڪ - آهي تنهنجي سڪ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا ٻه - ڪجهه نه مونکي چئه،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا ٽي - آهن سور سر تي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا چار - ڀلي آئين يار،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا پنج - تنهنجي گهوڙيءَ سونا سنج،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا ڇهه - اچي مون سان ٻـَـهه،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا ست - لکان تو ڏي خط،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا اَٺ - هيءَ نشاني وٺ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا نـَـوَ - سور آهن سـَـوَ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا ڏَههَ - پيو سور سـَـهه،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

گاڏيءَ گاڏا ويهه - ساريان راتيان ڏينهن،

مٺو! ڪو مورو چوئين...

 

(54)

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پـَـتي جو يڪو - منهنجو انجام پـَـڪو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي ٻـِـڪَ - مونکي تنهنجي سڪ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي ٽـِـڪَ - ڇو ٿو ڪرين لـِـڪ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي چونڪ - دشمن ڪـَـن پيا ڀونڪَ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي پـَـنجي - سورن گهوڙي سـَـنجـِـي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي ڇـَـڪـِـي - پنهنجي ياري پـَـڪـِـي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي سـَـتـِـي - تو ۾ منهنجي پتـِـي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي اَٺي - وڃج نه هتان اُٿي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي نائـِـي - اڄ واڌائي آئي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي ته ڏَهـِـي - سڄڻ ڪيم سهي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جو گولو - لاهي ڇڏ ڀولو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي راڻي - رکان تو لاءِ پاڻي،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جو ٻارهو - اڄ اچڻ جو وارو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جو رنگ - نه ٿيءَ تون تنگ،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جو ڪارو - هاڻي منهنجو وارو،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جو لال - سڪندي ٿيڙم سال،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي هـَـٿ ٻول - نه مونکي راهه ۾ رول،

 

مٺو! ڪو مورو چوئين...

پتي جي هـَـٿ موٽ - لڳل آهي چوٽَ،

مٺو! ڪو مورو چوئين...


(18) هيءَ روايت ڪراچي مان صالح محمد سمي کان ملي.

(19) هيءَ روايت اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

(20) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

(21) هيءَ روايت  ”عام راءِ“  سيپٽمبر 1950ع تان ورتل آهي.

(1) نهاريون

(23) کان (26) تائين روايتون اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان مليون.

(27) هيءَ روايت اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

(28) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

(29) هيءَ روايت اتر مان غلام رسول جتوئي (تعلقو وارهه) ۽ فاضل قائمي (تعلقو اٻاوڙو) کان ملي.

(30) ۽ (31) روايتون اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان مليون.

(32) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

(33) هيءَ روايت اتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

(34) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

(35) هيءَ روايت اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

(1) جوجڪو = بلا.

(2) ناريوسي = نهاريوسي.

(38) هيءَ روايت لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدا[ گندري کان ملي.

+  ”سري“  ۽  ”ڪلو“  محال ڪوهستان جون ٻه بستيون آهن.

(39) کان (54) تائين روايتون وچولي (تعلقي سنجهوري) مان اڪبر علي لغاري کان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org