سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :9

(18) عبدالرحمان بن عمروالسندي، الملقب به الاماه الاوزاعي

امام ذهبي ’تذڪرة الحفاظ‘ ۾ لکيو آهي ته’اوزاعي شيخ السلام لقب هوس. ابو عمرو ڪنيت هيس. 88 هه ۾ پيدا  ٿيو. ان عطاء ابي رباح، قاسم بن مخمير، شداد بن ابي عمار، ربغيته بن يزيد، امام زهري، محمد بن ابراهيم التمي، يحييٰ بن ابي ڪثير کان حديث روايت ڪئي ۽ روايت آهي ته هن محمد بن سيرين کان به روايت ڪئي آهي ۽ ان کان شعبته بن الحاج ابو عاصم محمد بن يوسف الفريابي ۽ گهڻي مخلوق حديث روايت ڪئي  هو اصل ۾ سنڌ جي قيدين جي اولاد مان هو. بعبڪ ۾ ڄائو، هن جو والد سندس ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو هو ۽ هن کي سندس والده گهڻي غربت جي حالت ۾ سانڍيو، اوزاعي ڪتاب ۽ خطوط نويسي ڪندو هو.‘ الحڪم چيو آهي ته اوزاعي پنهنجي زماني جو امام هو. خصوصاً شام ۾ ته ان جي مقابلي جو ڪو به عالم نه هو. شالي ۽ اندلس گهڻي مدت  تائين اوزاعي جي مذهب تي هئا. 2 صفر 157هه ۾ وفات ڪيائين. امام اوزاعي، صحيح احاديث کي مدون ڪيو هو. احڪامه شرعيه ۾ اجتهاد ڪندو هو ان جا ڪتاب السنن ۽ ڪتاب المسائل فقہ ۾ لکيل آهن.

(19) محمد بن احمد البيروني السندي الخوارزمي

’تاريخ آداب اللغة‘ ۾ آهي ته ابو ريحان البيروني(1) بيرون ڏانهن نسبت  اٿس. جو سنڌ جو هڪ  شهر آهي. هو خوارزم (خيوا) ۾ 362 هه ۾ پيدا ٿيو. سلطان محمود غزنويءَ جڏهن 407هه ۾ خوارزم فتح ڪيو، تڏهن هن کي غزنيءَ وٺي  آيو. هتي ان هيئت، سائنس ۽ رياضيءَ  جي گهڻن شعبن تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي. هو هڪ زبردست فيلسوف ۽ سياح هو. جاگرافي ۾ به مهارت رکندو هو. ان گهڻائي ڪتاب  لکيا مثلاً (1) ’آثار الباقية عن القرون الخاليتہ‘ هي ڪتاب تقويم تي آهي. هن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ٿي چڪو آهي. (2) ’ڪتاب الهند‘، هن کي به ”سخاؤ“ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. (3) التفهيم لا وائل صناعہ التنجيم‘ هي هندسه ۽ فلڪيات ۽ نجوم ۾ آهي. هن جا نسخا انگلينڊ، جرمني ۽ مصر ۾ موجود آهن. (4) ’القانون المسعودي في الهئية والنجوم‘، جرمنيءَ ۽ انگلينڊ ۾ موجود آهي، (5)’رسالة في الاسطر لاب‘ فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ موجود آهي. (6) ’متيعاب وجوه الممڪنتہ في صنعتہ الاسطرلاب‘، جرمنيءَ، لنڊن ۽ فرانس ۾ موجود آهي. (7) ’استخراج الاوتار‘ لنڊن ۾ موجود آهي. (8)’رسالتہ في راسيڪات الهند‘ لنڊن ۾ موجود آهي. (9)’مبحث في مبادي العلوم‘ هي فارسيءَ ۾ لکيل آهي، ان جو ترجمو ٿيل عربي نسخو پيرس ۾ موجود آهي. (10) ’رسالة في سير سهمي السعادتہ او الغيب‘ آڪسفورڊ ۾ موجود آهي. (11) ’ڪتاب الجماهر في معرفتہ الجواهر‘ اسڪوريال ۽ مصر ۾ موجود آهي.

(20) محمد بن رجاء السندي النيشاپوري

خطيب ’تاريخ بغداد‘ ۾ لکيو آهي ته ”ان جي ڪنيت ابو عبدالله هئي،  نضر بن شميل ۽ مڪي بن ابراهيم کان روايت ڪري ٿو ته ان کان محمد ابراهيم، محمد بن اسحاق، ابن حزيمه روايت ڪن ٿا ته جڏهن نيشاپور مان حج جي  ارادي سان نڪتو، تڏهن رستي ۾ بغداد شهر ۾ قيام ڪيائين. جتي ابوبڪر بن ابي الدنيا القريشي ۽ احمد بن بشر المرثوي هن وت حديث پڙهڻ  آيا‘ ابو عبدالله محمد بن يعقوب الحافظ چئي ٿو ته رجاء ۽ ان جا ٻئي فرزند نهايت قابل اعتماد ۽ وڏا محدث آهن.

(21) محمد بن زياد ابن الاعرابي السندي الڪوفي

ابن خلڪان، تاريخ ۾ لکي ٿو ته”ابو عبدالله ڪنيت هيس بني هاشم جي آزاد ڪيل غلامن مان هو.ان جو والد زياد هڪ سنڌي غلام هو. ابن الاعرابي لغت ۽ ادب جو وڏو امام هو. ابو معاويہ مفضل الضبي، قاسم بن معن ۽ الڪساني کان پڙهيائين. ان جي شاگردن مان ابراهيم الحربي، ابو العباس الثعلب، ابن السڪيت مشهور آهن‘ ابو العباس الثعلب چوي ٿو ته ’ابن الاعرابيءَ جي مجلس ۾ سوين ماڻهو ايندا هئا ۽ ان کان سوال ڪندا هئا پر پڙهندا به هئا.  ۽ هو هميشه بغير ڪتاب جي جواب ڏيندو هو. مان گهڻائي سال وٽس رهيس  پر ڪڏهن به هن جي هٿ ۾ ڪتاب ڪونه ڏٺو ويو ۽ هن جو ڪجهه ماڻهن کي لکايو هو، اهو علم ڪتابن ۾ لکي جيڪڏهن تورجي ته گهڻن اٺن جو ٻوجهه ٿي پئي‘ ان جي تصانيف مان مشهور ڪتابن جو ذڪر ڪجي ٿو.

ڪتاب النوادر، ڪتاب الانواع، ڪتاب الخيل، ڪتاب تاريخ القبائل، ڪتاب صفته النخل، ڪتاب صفتة الزرع، ڪتاب النبات، ڪتاب معاني الاشعار، ڪتاب ففسير الامثال، ڪتاب الالفاظ، ڪتاب نسب الخيل، ڪتاب نوادر الزبير ين، ڪتاب نوادر فقعس، ڪتاب الذبات وغيره استاذ احمد امين، ’ضحي الاسلام‘ ۾ لکيو  آهي ته ’ان جي ڪتابن مان اسان وٽ صرف ڪتاب ’في اسماء البيرو صفا تها‘ ۽ ’ڪتاب في اسماء الخيل و انسابها‘ بچيا آهن، ابن الاعرابي جي پيدائش 150هه ۾ ۽ وفات 231  هه ۾ ٿي.

(22) محمد بن  محمد الديبلي

سمعاني، ’ڪتاب الانساب‘ ۾ لکي ٿو ته:”ان جي ڪنيت ابو العباس هئي، ۽ وراق چوندا هئس، وڏو عابد زاهد ۽ نيڪ بزرگ هو. ابو خليفه الفضل بن الحباب الجمحي، جعفر بن محمد بن حسن الفريابي، عبدان بن احمد بن موسي السڪري، محمد بن عثمان بن ابي سوير ۽ انهن جي همعصرن کان حديث پڙهيائين ۽ ان کان ابو عبدالله روايت ڪري ٿو. 354هه ۾ رمضان جي مهيني ۾ وفات ڪيائين، سندس جنازي نماز ابو عمرو بن مجيد پڙهائي.

(23) محمد بن محمد بن رجاء السندي الاسفرائيني الجرجاني

امام ذهبي ’تذڪرة الحفاظ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”محمد بن محمد بن رجاء، ان جي ڪنت ابوبڪر الاسفرائيني هئي، ان اسحاق راهويه، احمد بن حنبل، علي بن المديني، ابن نمير، ابوبڪر بن ابي شيبه کان حديث پڙهي ۽ حديث وغيره جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ان گهڻائي سفر ڪيا. ان جي شاگردن مان ابو عوانه، ابو حامد ابن الشرقي، محمد بن صالح بن هاني، بن الاحزم ابو النضر محمد بن محمد، مشهور آهن. حاڪم چئي ٿو ته هو هڪ ديندار، عالم خدا ترس ۽  پنهنجي زماني جي بزرگ هستين مان هو. ان جي تصنيفات مان ’الصحيح لاسفرائيني‘ ۽ ’مستخرج ابي بڪر السندي علي ڪتاب مسلم‘ آهن، سن 286 هه ۾  وفات ڪيائين.

(24) محمد بن نجيح ابي معشر السندي المدني

مديني مان مهدي بغداد وٺي آيس، جتي هن رهائش اختيار ڪئي ان جي ڪنيت ابو عبدالملڪ هئي. حافظ بن حجر ’تهذيب التهذيب‘ ۾ لکي ٿو ته بني هاشم جو آزاد ڪيل غلام هو. ابن ابي ذئب  ابو معشر، نضر بن منصور العنبري ۽ ابو النوح الانصاريءَ کان حديث پڙهيائين ۽ ان جي شاگردن مان امام ترمذي يحيٰ بن موسيٰ البلخي، ابن ابي الدنيا، ابو حاتم الرازي، ابو يعلي الموصلي، ابن جرير الطبري، ابوبڪر ابن المجند، ابو حامد الحضرمي مشهور اهن. ابن حبان ان کي قابل اعتماد ذڪر ڪيو آهي. 247 هه ۾ وفات ڪيائين.

(25) مڪحول بن عبدالله السندي الشامي

ابن خلڪان، تاريخ ۾  چوي ٿو ته:” ابو عبدالله مڪحول بن عبدالله شامي، ڪابل جي قيدين مان هو. ابن اعشيٰ چوي ٿو ته: مڪحول قيس قبيلي جي هڪ زال جو آزاد ڪيل غلام هو ۽ هو سنڌي هو. سندس زبان صاف نه هئي. ذهبي ’تذڪرة الحفاظ‘ ۾ چئي ٿو ته ”مڪحول شامين جو عالم هو زبردست فقيهه ۽ حديث جو حافظ هو. هذيل جي هڪ زال جو آزاد ڪيل غلام ۽ ان جي اصليت ڪابل مان هئي. ان جو گهر دمشق ۾ سوق الاحد جي پاسي ۾ هو. ان ابوامامتہ الباهلي، و اتلتہ بن الاسقع انس ؓ بن مالڪ، محمود ؓ بن البريع ؓ عبدالرحمان بن غنم، ابو ادريس ؓ الخولاني، ابو سلام ممطور ۽ انهن کان سواءِ بيشمار استادن کان حديث روايت ڪئي ۽ ان جي شاگردن مان ايوب بن موسيٰ العلاء بن الحارث، زيد بن ولد، ثور بن يزيد، حجاج بن ارطاتہ، اوزاعي، سعيد بن عبدالعزيز قابل ذڪر آهن. ابو وهب مڪحول کان روايت ڪري ٿو ته:”هن چيو ته آءُ  مصر ۾ آزاد ٿيس، پوءِ اتي مون ڪو به علم سکڻ بنا نه ڇڏيو. پوءِ شام آيس، اتي سڄو علم ڇاڻي ڇڏيم. زهري چيو آهي ته مڪحول کان ويڪ فقيهه شام ۾ منهنجي علم ۾ ڪونهي، سعيد بن العاص  چئي ٿو ته مڪحول، زهري کان وڌيڪ فقيهه هو، سن 113 هه ۾ وفات ڪيائين.

(26) منصور بن محمد السندي الاصبهاني

ابن الجزري ’غاية النهاية‘  ۾ لکي ٿو ته: منصور بن محمد ان جي ڪنيت ابو القاسم الوراق هئي، مشهور قاري ۽ مجود هو. علي بن الحسين الشمشاطي، ابراهيم بن البزواري، محمد بن جعفر الاصبهاني،  زيد بن علي بن ابي بلال، محمد الهيثم بن خالد، ابوبڪر الشذائي، علي بن محمد الانصاري کان قرات جو علم حاصل ڪيائين۽7 ان جي شاگردن ۾ ابو الفضل الخزاعي، احمد بن محمد الملنجي، عبدالله بن محمد الزراع الطبراني، عثمان بن محمد بن ابراهيم المالڪي آهن ۽ احمد بن عبدالله الاسڪاف ان کان حروف روايت ڪيا  آهن. هو چوٿين صدي هجريءَ جي علماء مان هو.

(27) موسيٰ بن السندي الجرجاني

امام سهمي’تاريخ جرجان‘ ۾ لکيو آهي ته موسيٰ بن السندي، سندس ڪنيت ابو محمد الجرجاني هئي. سن 230 هه ۾ وڪيع بن الجراح، ابو معاويتہ الضرير، ابراهيم بن ابي خالد، يعيش السطامي کان روايت ڪئي ته ان وٽ وڪيع جا ڪتاب به هئا ۽ پڻ شبابه ۽ اسماعيل ابن حڪيم کان به روايت حديث ڪيائين. عبدالله بن عدي حافظ چئي ٿو ته هو قابل اعتماد محدث هو. جڏهن محمد بن العلاء الصيرفي اسان کي حديث روايت ڪندو هو ته چوندو هو. حدثنا ابو محمد موسيٰ بن السندي السڪات، الثقہ، المامون، يعني اسان کي حديث بيان ڪئي. ابو محمد موسيٰ بن السندي السڪات، قابل اعتماد ۽ طعني  کان محفوظ هو. ان جي شاگردن مان عمران بن موسيٰ، علي بن محمد، ابي علي الحسن بن جعفر الجرجاني، محمد بن يزداذ بن سالم، الاسترابادي، ابوبڪر بن  جفعر بن محمد الفريابي آهن.

(28) هيبت الله بن سهل السندي الاصبهاني

ان حديث ابو سعيد محمد بن محمد الخشاب النيشاپوري کان روايت ڪئي ابو المعالي بغدادي به سندس استاد هو. هيبت الله کان حافظ ابن عساڪر ۽ سمعاني حديث روايت ڪئي آهي. قاضي چيو آهي ته هو حديث جو امام هو. اصفهان ۾ رهندو هو ۽  پنجين صديءَ جي عالمن مان هو.

(29) ابو جعفر السندي

قاضي چوي ٿو ته  جعفر السندي تمام وڏو محدث هو. جنهن حديث ۾ هڪ اهم ڪتاب به لکيو هو، ٽين صديءَ هجريءَ  جي عالمن مان هو.

ابو العطاء السندي الڪوفي

ابوالفرج اصفهاني ’ڪتاب الاغاني‘ ۾ لکي ٿوته: ابو عطاءِ جو نالو افلح بن يسار هو. بني اسد جو آزاد ڪيل غلام هو. ڪوفي ۾ نپنو. هو اموي ۽ عباسي دور خلافت ۾ هو. ان جو پيءُ يسار سنڌي هو. ۽ زبان صاف نه هيس. ابو جعفر منصور جي آخري دور حڪومت ۾ فوت ٿيو، ان جا شعر ديوان حماسه ۾ به آهن. (سندس ديوان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ايڊٽ ڪيل،”سنڌي ادبي بورڊ“ شايع ڪيو آهي.ـ

مير  حاجي محمد بخش خان ٽالپر

اگهم ڪوٽ

هيءُ  آڪٽوبر 1965ع جي ڳالهه آهي، آءُ  پنهنجن رفيقن سان، حضرت مخدوم محمد اسماعيل سومري (وفات 996 هه) جي زيارت لاءِ اگهم  ڪوٽ ويس. هن قديم ۽ ڦٽل شهر  جي مقبرن ۽ قبن ڏسڻ  ۽ زيارت ڪرڻ ۾ رات گذاريسون. انهن پراڻي دؤر جي کنڊرات کي ڏسڻ کان پوءِ اها ئي تمنا ٿي پيدا ٿئي ته ڪاش ڪو سنڌ جو محقق  فرزند پيدا ٿئي جو هن عظيم  قديم  ويراني ۽ ان جي پيدا ڪيل عظيم  شخصيتن متعلق تحقيق ڪري ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ علمي اضافو ڪري!

سنڌ  جا قديم شهر، گهڻو ڪري اچ  وڃ جي سهولت خاطر شاهراهه تي اڏيل ۽ ٺاهيل هوندا ها. مثال طور سامونڊي ۽ درياهي بندر، اهڙي طرح اگهم ڪوٽ جنهن کي برباد ٿئي ٻه صديون کن گذري چڪيون آهن سو به ان دور ۾ سهولت واري هنڌ تي، عظيم الشان شهر جي صورت ۾ اڏيل هو. اڄ اتي کنڊرات ۽ پراڻا واهه ڏسي قديم دؤر جي ترقيءَ ۽ اوج جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

هن شهر جو بنياد ڪڏهن پيو، ان  متعلق تاريخون خاموش آهن. ان مسئلي لاءِ ڪابه تصديق سان راءِ ڏيڻ مشڪل آهي. البته سندس نالو سو ان دؤر جي راجا ”اگهم لوهاڻي“ جي نسبت سان برقرار آهي. اهو راجا ’چچ‘ جي زماني ۾ هو ۽ ٻڌ ڌرم جو پوئلڳ هو. راجا اگهم، چچ جي ملڪ گيريءَ واري هوس ۽ هٻڇ  اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو هيءُ ئي هڪ ٻلوان ۽ غيور  راجا هو. جنهن چچ سان مڙسان مڙسي مقابلو ڪيو. پر اوچتي موت سبب جهيڙي جي نبرڻ کان اڳ مري ويو. ۽ چچ سندس ملڪ تي قبضو ڪري ورتو. ۽ سندس  بيوهه راڻي سان شادي به ڪيائين. چچ هن همت ڀرئي راجا جون اکيون ڏسي چڪو هو، تنهن ڪري سندس آل ۽ عيال کي پنهنجي ڪوڙي ۾ رکڻ لاءِ هڪ طرف اگهم راجا جي بيوهه سان شادي ڪيائين ۽ ٻئي طرف راجا اگهم جي پٽ سريندار کي پنهنجي ڀائٽي ڌرسيا سان شادي ڪرايائين.

ان قسم جي مٽي مائٽي قائم ڪرڻ کان پوءِ لوهاڻن جي ذاتي وجاهت ۽ رعيت ۾ مقبوليت کي ڏسي، سهي نه سگهيو، لوهاڻن جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انهن لاءِ سخت حڪم جاري ڪيائين، مثلاً لوهاڻن لاءِ گڏهن جي سواري مخصوص ڪيائين، ان تي زين رکڻ کان منع ڪيائين. ايتري قدر جو لوهاڻن کي پٽڪي ٻڌڻ جي به منع ڪئي وئي، ان طرح ٻيون به ڪيئي ذلت آميز عقوبتون جائز قرار ڏئي لوهاڻن کي هميشہ لاءِ ڪمزور ڪري ڇڏيائين.

اگهم ڪوٽ جهڙو شاهوڪار شهر، درياهه جي ڪناري تي هو. (ڏسو”چچنامو“ ص 482، مترجم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ) ان طرح اگهم ڪوٽ جي نالي بابت ”تحفة الڪرام“ ڏسڻ گهرجي.

محمد بن قاسم جي فوج ڪشيءَ وقت پڻ، اسان کي اگهاماڻيءَ جو نالو ”چچنامي“ ۾ ملي ٿو، جتي عطيه تغلبيءَ کي محمد بن قاسم ڇهه سئو سپاهين سان رستن جي نگهبانيءَ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو.

ان طرح اهو ئي اگهم ڪوٽ هو، جنهن جي ڀرسان شاهه بيگ ارغون (928 هه) ۾ وفات ڪئي هئي. جنهن تي ان وقت جي وڏي عالم ۽ امام حافظ محمد يوسف، ياسين شريف تلاوت ڪئي هئي،  جيئن تاريخن ۾ موجود آهي.

هن ”اگهم ڪوٽ“ جي مشهوري،  مسلم دؤر ۾ مخدوم محمد اسماعيل سومري، ﷥ جي ذات سان وابسته آهي چوڻ ۾ اچي ٿو ته هي برگزيده روزگار، عالم ۽ فاضل، اهل دل ۽ صاحب بسيرت بزرگ ”علوي“ خاندان مان هو  ۽اصل گجرات جو رهواسي هو. مخدوم صاحب اتان هون لڏي اول دهليءَ ۾ وڃي رهيو. ۽ پوءِ هميشہ لاءِ اگهم ڪوٽ کي اچي وسايائين. سندس احوال تحفة الڪرام ۾ موجود آهي. پاڻ 996 هجري ۾ وفات ڪيائين.

اگهم ڪوٽ جي جن ٻين بزرگن  ۽ درويشن جو ذڪر موجود آهي. تن ۾ مخدوم صدو ”موهيو“ مخدوم عثمان، درويش دائود، ميان ممون شيخ، نور الدين، دوريش سليمان،  سيد شيخ اسحاق بن بهلول القادري جيلاني، حمزو پڙهاڙ، سيد يونس ۽ سندس فرزند عبدالله متعلوي، سيد ڏتي جي اولاد مان سيد فقير ۽  مجذوب درويش عمر بودلو وغيره مشهور  آهن. جن جو ذڪر تحفة الڪرام ۾ موجود آهي.

ان سلسلي ۾ ”مقالات الشعراء“ ۽ ”تڪمله مقالات الشعراء“ جي نشاندهي موجب، حضرت ابوالقاسم نقشبنديءَ جي فيض يافته بزرگن ميان عبدالولي  بن عبدالباقي واعظ اگهمي به ٿي گذريو.

شاعرن ۾ فارسيءَ جا مشهور شاعر، محمد ارشد ”شرر“ محمد صفا”اشتياقي“ ۽ ملا دلدار جهڙا جڳ مشهور به اگهم ڪوٽ جا باشندا آهن.

اگهم ڪوٽ  جي ان تاريخي پس منظر  مان معلوم ٿئي ٿو ته  ڪنهن زماني ۾ هي شهر علم ۽ ادب جو مرڪز هو. پر افسوس جو اهو علمي مرڪز  جيڪو ٻه سئو ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل آهي. سو رڳو قبرن جو اڏو ۽ مقبرن جو نشان بڻجي چڪو آهي.

اگهم ڪوٽ جي وسيع ويراني ۾ اٺ، ڏهه عاليشان قبا آهن ۽ پنج ست مسجدن جا نشان به موجود آهن. جن بزرگن جو احوال اسان کي تاريخ ۾ ملي رهيو آهي. انهن جي اسان کي يا ته خبر نه پئجي سگهي آهي ته يا انهن جي مٿان قبا ڪين آهن. اهي ڪنهن گنمام گوشي ۾ دفن ٿيل آهن. ۽ اڃا زماني جي اک کان غيب ۾ آهن.

شهر جي تباهيءَ جو ذڪر به ڪنهن تاريخ ۾ ڪين آهي.مقامي روايتن موجب شهر جي برباديءَ جو سبب ميان عبدالنبي ڪلهوڙو هو، جنهن جي لالچ جي سبب کان پوري ملڪ تي مدد خان پٺاڻ عذاب بڻجي اچي ڪڙڪيو جنهن لاءِ ”فتح نامه“ ۾ آهي.

” مدد خان کي نه خدا جو خوف هو ۽ نه رسول جو شرم، پٺاڻن جو لشڪر چرين، وانگر ماڻهن کي ماريندو رهيو. اهو لشڪر جتان به لنگهيو ٿي اتان جون آباديون ويران ڪندو ٿي لنگهيو!“

ان طرح ”فريئر نامه“ ۾ آيل آهي:

”مدد خان وڏو ظالم هو، ايستائين جو اڄ ڪنهن کي ظلم ڪندي ڏسن ٿا ته پوءِ ان جو نالو مدد خان  ئي رکن ٿا!“

مدد خان جهڙي ظالم متعلق مائونٽ اسٽوئرٽ الفنسٽن، پنهنجي ڪتاب ”سلطنت ڪابل“ (1809ع)  ۾ لکي ٿو:

”مدد خان، ساري سنڌ کي نهايت ظالمانه طريقي سان برباد ڪري ڇڏيو. سندس غارتگري اهڙي ته سخت ۽ بي پناهه هئي جو سندس واپسيءَ کان پوءِ، سنڌ ۾ خوفناڪ قسم جي قحط سالي شروع ٿي وئي، سنڌ کي جيڪو ان ظالم نقصان پهچايو، ان جي تلافي اڄ (1809ع) تائين وري ٿي نه سگهي آهي!“

مدد خان جي ڦرلٽ، غارتگريءَ، خونريزيءَ ۽ تباهه حاليءَ تي ميان عبدالملڪ، جيڪو ان دور ۾ هندستان جو وزير هو، ان هي شعر فارسيءَ ۾ لکيو هو، فرمائي ٿو:

”سنڌ ۾ ڪهڙو فتنو پيدا ٿيو، ڪهڙي بلا نازل ٿي، معلوم ٿو ٿئي ته ڪا قيامت آئي آهي!

اها سنڌ ، جا دنيا واسطي امن ۽ امان جي جاءِ هئي، آءُ توکي ڇا ٻڌايان، ان جو ڪهڙو برو حال ڪيو ويو آهي، ان جو هر گهر تباهه، زمين سان برابر ڪيو ويو آهي. هر عزت واري جي آبرو لٽي وئي آهي. مال  ۽ دولت وارا ماڻهو محتاج ۽ فقير ٿي چڪا آهن، ماءُ ڌيءَ کان وڇڙي چڪي آهي ۽ پٽ پيءُ کان جدا  ڪيو ويو آهي. سر بدن کان الڳ ڪيا ويا آهن، ۽ بدن سر کان الڳ! دولتمند اٽي جي لپ لاءِ سرگردان آهن، عصمت جي گوشي جي هر عصمت ماب ۽ پرده نشين خاتون چادر ۽ گندي کان محروم آهي. آهه ڇا چئجي ته پرده نشين خواتين، سادات خاندان جون پارسا عورتن بي پرده ٿي چڪيون آهن انهن جي ڪيتري نه بيقدري ٿي آهي!“


(1)  البيروني 2- رجب سن 440هه ۾ وفات ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com