سرور شاهه جي سَگهه جو، ليکو لکندو ڪير،
آيو جو اولياءُ وٽ، پر تئون ڀري پير،
سو سڀڪو شاهوڪار ٿيو، توڙي ڏڏ ڏڦير،
جن دعا گهري هڪ دمڙي، تن کي سرور بخشيو
سير،
جنهن جي فيض ۾ ڪونهي ڦير، سوڇو نه مڃئين
”منٺار“ چئي!
مولود شريف
سردار آيو، سيڄڙي وڇايو،
پير پلنگ تي،
منهنجي پيارل پايو!
ورونهن جا ويَڙي، مون آهي ڪيَڙي،
۽ اڄ عيد ٿيڙي، آهي ڏينهن سجَايو.
ٿيَڙيون بهاريون، ٿيون گلعزاريون،
اچو راڄ واريون، مون کي ميندي لايو.
وڻن ٿيون هي
وسيون لاهيو لينگهون لسيون،
پائي هار هسيون، اچي ڳيت ڳايو.
هو ”منٺار“ ماندو، هاڻي ٿيو هيڪاندو،
اَلَهه ڄام آندو، جنهن مون کي مرڪايو.
(راڳڻي سارنگ)
لولي
آءٌ ٿي ڏوريان، گهٽيون گهيڙ سڀ گهوريان،
ڪنهن سان حال
اوريان، مِل مون کي محبوب منهنجا!
بسم الله الرحمان الرحيم هيءَ ٻاجهاري ٻولي،
اڪنڊ مان آءٌ ٿي چوان لائي پريان لولي،
دل اندر دريا چڙهيا، سڪ سندي ڇولي،
ٿيان سڻولي، جي ڏوري ڏسان ڪيچ کي-
سائين آءٌ ٿي
ڏوريان، گهٽيون گهيڙ سڀ گهوريان!
(3) رسالو ”خدائي)
هي رسالو به 1929ع ۾ سيٺ جمعيتراءِ،
رائصاحب ديوان نارائڻداس ۽ مسٽر پرتابراءِ ولد
شامنداس زميندارن ٻيرانيءَ جي مدد سان ”مهتاڻي“
پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد ۾ ڇپيو. رسالي جي سرورق تي
لکيل آهي ته ”ڪوشش ڪندڙ چڀر ڀيل ۽ الهڏنو فقير
ماڇي“ هي ٻئي فقير، منٺار فقير جا طالب ۽ سندن خاص
ڳائيندڙ هئا. هنن فقيرن شايد ڪلامن جي روپن ۽
راڳن، سُرن ۽ تارن مقرر ڪرڻ ۾ ۽ ڪلامن جي فهرست
تيار ڪرائڻ ۾ ڪوشش وٺي فقير صاحب منٺار جي مدد ۽
خدمت ڪئي هوندي.
رسالو 391 صفحن تي مشتمل آهي. ستاويهن
سُرن ۽ داستانن ۾ ڪلام ترتيب ڏنو ويو آهي. ڪلام جي
ترتيب راڳن موجب ڪيل آهي ۽ نه مضمونن موجب.اٺاويهن
داستان ۽ 354 کان 373 صفحي تائين اٺٽيهه ڪافيون
رسالي ۾ مٿي ڄاڻايل ستاويهن سُرن جي ڪافين مان
وسري ويل ڪافيون، ضمني طور ڏنيون ويون آهن، جن
لاءِ لکيل آهي ته ”سڀني سُرن جون وسري ويل ڪافيون
جي پوءِ ڏنيونسين“ اوڻٽيهين داستان ۾ ايڪانوي
ڏوهيڙا ڏنل آهن، جي رسالي ۾ آيل هر ڪنهن سُر جي هر
ڪنهن ڪلام سان گڏ ڳائي سگهجن ٿا. ڇو ته رسالي ۾
شامل سڀني سُرن جا ڏوهيڙا موجود آهن. هنن ڏوهيڙن ۾
ڪي ڏوهيڙا اهڙا به آهن، جيڪي اڳ ۾ ڇپيل رسالن ۾ به
آيل آهن. هن ڏوهيڙن واري داستان تي داستان
اٺاويهون لکيل آهي، جو اصل ۾ مٿئين لکڻ موجب
اوڻٽيهون داستان آهي.
رسالي ۾ جملي سنڌي ۽ سرائڪي اَٺ سئو
ڪافيون آهن، جن ۾ ڪجهه اڙدو ڪلام به آهي ۽ ايڪانوي
ڏوهيڙا آهن، هر ڪنهن ڪافيءَ مٿان ان جي ڳائڻ جي
راڳڻي ۽ وڄت لکيل آهي، سڀني ڪافين جي ٿَلهن ۽
جريان نمبرن سان راڳڻين ۽ داستان موجب فهرست مرتب
ڪيل آهي، ۽ راڳڻين جي فهرست وري جدا به ڏني وئي
آهي ته ڪلياڻ جي راڳڻي جا ڪلام هِن صفحي تائين
تلنگ جا هُن صفحي تائين، وغيره.
رسالي جي سٽاءَ، ترتيب ۽ مواد جي ڦيرڦار
متعلق ناشر طرفان نثر ۾ پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ
نوٽ لکڻ ضروري هو. جيئن عام پڙهندڙن کي مونجهه نه
ٿئي، پر افسوس جو اهو ڪونهي. رسالي کي موجوده صورت
۾ سرسري نظر سان مطالع ڪندڙ رسالي جي ترتيب ۽ مواد
متعلق ڪجهه به معلوم ڪري نٿو سگهي، جيسين رسالي کي
شروع کان وٺي آخر تائين مطالع نه ڪري وڃي. سنڌي،
سرائڪي ۽ اڙدو ڪلام رسالي ۾ گڏ وچڙ آيل آهي. پريس
جون غلطيون به تمام گهڻيون آهن، ڀلنامو به ڏنل
آهي. صورتخطيءَ جون چڪون به رسالي ۾ گهڻيون آهن.
مثال لاءِ محري (مهري) محتاب (مهتاب) اسبات
(اثبات) آشورو (عاشورو) محلود (مولود) وغيره وغيره
جهڙيون غلطيون رسالي ۾ جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ اينديون.
هيٺ رسالي ۾ آيل اَٺ سؤ ڪافين ۾ ايڪانوي
ڏوهيڙن مان مختصر انتخاب پيش ڪجي ٿو. هيتري ڪلام
مان انتخاب ڪندي اها تڪليف ضرور ٿي ته ڪهڙو ڪلام
ڇڏجي ۽ ڪهڙو ڪلام انتخاب ۾ ڏجي، ڇو ته فقير صاحب
جو هر ڪو ڪلام هڪ ٻئي کان وڌيڪ پسند پيل مقبول ۽
معياري آهي. ڪلام رسالي ۾ جيئن لکيل آهي، تيئن نقل
ڪيل آهي. سواءِ ڪنهن لفظن جي صورتخطيءَ درست ڪرڻ
جي. ڪوشش اها ڪئي وئي آهي ته جيئن فقير صاحب جي
ڪلام جو اصلي ۽ صحيح نقشو پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو
وڃي. سندن ڪلام جا نمبر ۽ رسالي جي صفحن جا نمبر
پڻ ڏنا ويا آهن.
روپ ڪلياڻ – تين تار
اول الله جي تعريف، آهي ڪُلني ڪتابن ۾!
ٿا چون ارڙهن هزار عالم، پر آهي بي انت بي معالم،
(نامعلوم)
ناهي قدرت، جو لکي قلم، هي سڄو بيان بابن ۾،
جيڪا خلقت خداوند جي، ڪن سڀئي ساراهه خاوند جي،
ته به پوي ڪل ڪانه تِن حدجي، توڙي صالح ثوابن ۾،
آهي قدرت سنديس ڪافي، ڪندو تنهن جي ڪير دريافي،
ڪڏهن مُوڙهن ملي معافي، ڪڏهن انبيا عتابن ۾.
پڙهيا توڙي پير، پيغمبر، توڙي عاقل ۽ اڪابر،
توڙي سلطان ۽ سڪندر، ٿو اچي هر ڪو حسابن ۾.
اڙي ”منٺار“ ڪر زاري، پائي ڳل پاند ڳچيءَ ڳاري،
تنهنجو وس ناهي اختياري، وڃين ٿيندؤن خواب خوابن
۾.
(ڪافي نمبر 1 صفحو 1)
آهيان منجهه غير جي درياهه، اُڪارج يارسول الله!
گناهن ڪيس غرقاني، تون ڪر مشڪل هي آساني،
مون کي پنهنجي پاڪ پيشاني، ڏيکارج يارسول الله.
هٿان منهنجي
ڏوهه ڪيئي ٿيل، چيم ڪلمو توتي ڪامِل،
مون کي مجليس تو مرسل، وهِارج يارسول الله.
سڻج منهنجا
سوال هي ڪارون، لهج سڀ وقت ۾ سارون،
مون تان ملڪن جون ڀُلڪارون، تون ٽارج
يارسول الله.
آهيان سوالي اَنهنجي در جو، منگتو ”منٺار“ سرور
جو،
پيالو حوض ڪوثر جو، پيارج يارسول الله.
(ڪافي نمبر 11 صفحو 6)
سندن مجازي عشق تي چيل ڪلام جو هڪ – اڌ مثال پڻ
پيش ڪجي ٿو.
هيڏيون حسن واريون تکيون تراريون،
محبوب مان تي اچي تو اُلاريون!
ٿيار زلف تنهنجا ڦِري نانگ ڪارا، ابرو اُجهل ٻئي
صف جا سالارا،
اکڙيون اوهان جون نيزا ناز وارا، سي سڃيئي منهنجي
سِر تي ڪجليون ڪٽاريون.
بيني بين تنهنجي بندوق دونالي، لب لعل مرجان ڏيون
ڏيکالي،
ڏند هيرا موتي سي آهن مثالي، ٿيون ڪن قيد مان کي،
تنهنجون گفتاريون.
رمزون اوهان جون اصل کان ئي اهڙيون، ڪريان ڳالهيون
تن جي قهر جون ته ڪهڙيون،
سوين ڪن شڪار ۽ هزارين مون جهڙيون، ڇڏي ترس پنهنجو
تو محبوب ماريون.
تون ”منٺار“ تي يار، ڪر قياس پنهنجو، هلي وس نٿو
ڪو ذرو زور منهنجو،
قلم ڪرم ۾ هو ڪوناهي ڏوهه ڪنهن جو، سڪندي ئي سورن
۾ ويئم ڄم ڄماريون.
(ڪافي نمبر 68)
راڳڻي ڪلياڻ – ڪلواڙو تار
هن مندمون کي هٻير، عمر سائين! هن مندمون کي هٻير،
کائڙ ۾ هُت کُنڀين کِيَڻ جي.
وُٺيون وطن ڏي ڪاريون ڪڪريون، سوُنهنَ نوڻيون،
ڀٽِيون ۽ ٽَڪريون،
هُت ڏُهن رڍون، ڳويون، ٻڪريون، اُهي سانگيئڙا سندم
سوير، عمر سائين!
اهي سانگيئڙا سندم سوير، هيءَ پسِ پهنوارين مهل
پيئڻ جي.
ڀوَن ٿيون ياد وطن جون مون ويڙهيون، ساڻيهه،
سانگيئڙا ۽ ساهيڙيون،
هِت ٻان ڪري ڇو وڌئي ٻيڙيون، نه ته ڪوٽن ۾ ويهي
ڪير عمر سائين!
نه ته ڪوٽن ۾ ويهي ڪير، اٿم اميد وڃي ٿر ٿيڻ جي
سَوَ سندن مون تي حرف، صغيرا، ڪئين لک ڪيڙم ڏوهه
ڪبيرا،
هُو کائڙ رهندڙ آهين کٿيرا، مون تي ڪندا ڀلائي جا
ڀير، عمر سائين!
مون تي ڪندا ڀلائيءَ جا ڀير، منزل اٿن مون کي
معافي ڏيڻ جي.
چئي ”منٺار“ آءٌ عيبن هاڻي، آهي اوکي اِيل اباڻي،
مَن مجلس جُوءِ ڏسان ڏاڏاڻي، جتي پهنوارن پير، عمر
سائين!
جتي پهنوارن پير، ٿيان پاڙيسڻ مرڻ جيڻ جي.
(ڪافي نمبر 57 ص 33)
راڳڻي تلنگ – ڪلواڙو تار
منهنجي جيجل ڙي، جند جان اَمان! منهنجي جيجل ڙي
جند جان اَمان!
هن خان بلوچ آهي ڀڙڪائي!
ڪيچؤن يار ڪوهيارل آيو، پيچ پيارل ساڻ مون پايو،
مون ته برهمڻ ائين نٿي ڀايو، نه ته هوند وٽن ڪوهه
وڃان!
امان ڙي هوند وٽن ڪوهه وڃان، پنهنجي عقل آهيان
اٽڪائي!
دلبر دل ڌاڙي ۾ نئڙي، وس وقوف ڪَنان آءٌ ويڙي،
ڪرم، نصيب آهيان هيئن ڪئڙي، دل ٻاروچل ڪئي ٻان،
امان ڙي دل ٻاروچل ڪئي ٻان، جا لکئي لوح قلم
لڙڪائي!
هيس هندواڻي ٻانڀڻ ٻيٽي، منجهه کَٽين لاءِ ورهن
ويٺي،
ٿيس ڏيرن سان ڏکن لاءِ ڏيٺي، هاڻ ڪهڙو ڏوهه ڏيان!
امان ڙي هاڻ ڪهڙو ڏهه ڏيان، جو قسمت قيد آهيان
ڪڙڪائي!
چئي ”منٺار“ وهڻ وهه ٿيَڙو، ڪرڻ ڪشالو پنڌ مون
پيَڙو،
ڪرم خدا جي مئيءَ سان ڪيَڙو، ته لڪين لوچي لهندي
سان!
امان ڙي ته لڪين لوچي لهندي سان، سندين تار آهيان
تُڙڪائي!
(ڪافي نمبر 38 ص 19)
راڳڻي ڪوهياري – تارَ تين تار
منهنجو دوست ڪٿي دلبر، ووجبلڙا! ڏس ڏيو مون کي!
سسئي کي هن سُڃ ۾ هاڻي، آهن سور ثمر وو جبلڙا...
ڏس ڏيو مون کي!
ڪارڻ ڪوهيارل ڄام جي، ڏوري ٿڪيس ڏونگر ووجبلڙا...
ڏس ڏيو مون کي!
ووءِ هلي جا هوت پنهل ڏي، هيءَ باسي برهمڻ بَرَ وو
جبلڙا...
ڏس ڏيو مون کي!
مانَ ملانِ ”منٺار“ چئي وو، مون سان ساڻي ٿيندو
سرور ووجبلڙا...
ڏس ڏيو مون کي!
راڻو – تار ڏيڍو
اچ ته ڪريون ڪاڪ تي ڪي راڻا رهاڻيون،
مون کي ڏک ۾ ڏينهن لنگهي ويا، ٻيون راتيون
وهاڻيون!
ڪوٽ ڪثر هن ڪاڪ جا، ٻيون محبت جون ماڙيون،
اچي نواز ته ٿين نيون، هي جايون پراڻيون.
تو لئه سوڍا سيج پلنگ تي، رکيم ڪي سرهاڻيون،
تن گادين مٿي گُلن جون ڪليون ڪوماڻيون.
تو لئي روشن ڪريان رات جو، ڏِيا ڏينهاڻيون،
سي بتيون تيل ڦليل جون، اچي اُجهاڻيون.
منهنجي ميڙ اَٿئي ”منٺار“ چئي لڄون نياڻيون؛
معاف ڪجان مون مينڌرا ڪَٿي ڪروڙ ڪهاڻيون!
(ڪافي نمبر 96 ص 54)
سر بلاول
خاڪ جي چولي ۾ جو ٻولي اُهو آواز الائي ٿو ڪير؟
آواز سڻي ٿو، ڏسي پسي ٿو، ههڙا هنر هلائي ٿو ڪير؟
’الانسان سِري انا سِره‘ اهڙا لفظ لِکائي ٿو ڪير؟
’ونحن اقرب‘ ويسہ ڪريو، ته سڀ رڳ منجهه سمائي ٿو
ڪير؟
’والله بڪل شيءِ محيط‘ سڀ ۾ سير ڪمائي ٿو ڪير؟
ڪُل جي ڪايا ۾ قدرت جو، نوبت ناد وڄائي ٿو ڪير؟
’انا احمد بلاميمي‘، ٻولي هيءَ ٻُڌائي ٿو ڪير؟
ميم جو اولو ڪير ڍَڪي ٿو، محمد نام ڌرائي ٿو ڪير؟
عاشق ۽ معشوق بنايو، اکيون اکين سان لائي ٿو ڪير؟
محبت باهه برهه جون باهيون، دل ۾ دود دُڪائي ٿو
ڪير؟
صورت ۾ سبحاني لذيت، پايو رمز رکائي ٿو ڪير؟
رنگ ۾ بيرنگ رلجيو رلمل، پنهنجو پاڻ لڪائي ٿو ڪير؟
هر مظهر، هر جوڙ جنس ۾ بازي هيءَ بنائي ٿو ڪير؟
سالڪ ڪو ٿو سڃاڻي سمجهي، محبت مينهن وسائي ٿو ڪير؟
مُوراصل ”منٺار“ ته ڪونهي، هي قلبئون ڪافيون ڳائي
ٿو ڪير؟
ڳول ڳجهارت ڳالهه انهيءَ جي، سمجهه سلوڪ سڻائي ٿو
ڪير؟
(ڪافي نمبر 109 ص 61)
روپ ڪانرو
ياد ڪري ڏج يار کي ساٿي سلامڙا،
اِهي ڏج نياپا نياز سين پانڌي پيغامڙا!
هن بندي ٿي بندگيون، چيون عجيب اوهانءِ کي،
چي: اسين اوهان جا آهيون، گولا غلامڙا.
اسم اوهان جوئي اٿم، ساڻي ثمر، سفر ۾،
آءٌ ويل وساريان ڪينڪي، تنهنجا نالا نامڙا.
قسم سان ڪَٽڻ
پيڙم، هي ته ڏکن جا ڏينهڙا،
پوءِ ورندو واءُ وصال جو، ايندا انجامڙا.
هي سلوڪ سهڻي
يار ڏي، ”منٺار“ محبت مان مُنجي،
سي ڪن قبول ڪرم سان، ڪافي ڪلامڙا.
(ڪافي نمبر 144 ص 78)
روپ ملهاري
بادل ڪئي برسات، من دوست ملي، آءُ سنڀاليان دم دم!
سَو ٿين جي چيز چوڌارا، دل نه قبولي دلبر ڌارا،
ٻيا ميوا ڀاتون ڀانت، منهنجو مطلب ناهي ڪنهين سان
ڪم ڪم.
بنا دلبر جي آهيان آٻالي، مانَ ملي مون کي وارث
والي،
جيڪو اچي ڪندم آزاد، منهنجا جنهن لئي نيڻ جهمن ٿا
جهم جهم.
آس الله ڌڻيءَ منجهه ڌريان، جيئري مان ته زيارت
ڪريان،
تان منهنجو اڪبر حج عرفات، سِر نائي نياز ڪريان
هوند نم نم.
چئي ”منٺار“ ڪڏهن سي ملندا، ٿي خوشحال اسان سان
کِلندا،
جي ڪن موٽي ملاقات، هوند گوندر وڃي پوءِ سارو غم
غم.
روپ ملهاري
ڪري محبت مينگهه ملهار يار، برهم بادل بڻجي آيو!
جن جا سينا صاف سچا هئا، توڙي تن جا ڪم ڪَچا هئا،
ته به عشق رکي ٿو آر، يار....
عشق آگم ڪيا اپارين، هر هنڌ ڀريا حوض هزارين، چئو
قبلي چوڌار، يار....
ڪڏهن گوڙيون وڄن نغارا، ڪڏهن کنوڻن جا چمڪارا، اهي
عشق جا اسرار، يار...
برهم جي بادل ڪئي بهاري، من تي موج محبت واري، مٿي
مينهن وُٺا ”منٺار“، يار...
(ڪافي نمبر 170 ص 90)
سورٺ
تو وڄائي تار ٻيجل ڏيلَ منهنجو ڏاريو!
تنهنجو ساز سڻي مون پنهنجو ڪڙم ڪل وساريو،
شائق شهادت جو آهيان، مون کي سو پيالو پياريو.
سر توتان صدقي ڪريان، سائين ويهه ڀيرا واريو،
بي به ني
ملڪيت سندي مون، جيڪو ڌن، ڌڻ مون ڌاريو.
تون ڪنهن جو ڄائو آهئين، توکي ڪنهن نپايو
پاريو،
۽ ڪير تنهنجو استاد ٿيو، هي ساز جنهن سيکاريو.
مون کي تو ”منٺار“ چئي، سائين موت کان اڳ ماريو،
ڪاٽين ڀلي هاڻ ڪات سان، سِر تن کان تند اُتاريو.
(ڪافي نمبر 222 ص 109)
راڳڻي پيلو
پيارا نه پوئيواري ڪيئي، ڏک ۾ لنگهي ڏينهڙا ويا!
سڪ ۾ سيارو ويو لنگهي، آءٌ جليس جدائيءَ ۾ ڀُڻي،
منهنجي آس هي اوڻي رهي، ثابت لنگهي سيئڙا ويا.
آئيون نه تون
اونهاري جي ڏينهين، لک لوءِ، جهولا سڀئي سٺم،
رئندي اها رُت وئي لنگهي، چڪتو ٿي چاليهڙا
ويا.
مون ٿي ڀانيو محبوب تون، ملندون ملهاريءَ ۾ مون
کي،
ويو سال گذري ٿي سانوڻي، موسم وسي مينهڙا ويا.
ڌاران ملڻ ”منٺار“ چئي، ساعت صبر اوکو گهڻو،
اُهي ماٺ موهيل ڪيئن ڪندا، جن جا هڄي هينئڙا ويا.
(ڪافي نمبر 228 ص 116)
ڀيروين
تون سمون ڄام سلطان، منهنجي ذات مُهاڻي،
تنهنجي توهَه تماچي، هي عيبدار اگهاڻي!
آهي قوم اسان جي ٿي گهڻي، ڪمذات ڪُرهاڻي،
پر لائق تنهنجي لطف جو نه پَرو پار پڄاڻي.
اڳ کائيندي هيس ککِيون، جي ڏنڀريون ڏينهاڻي،
هاڻي کائڻ خوشبوئيون، جي سگهان ڪين سڃاڻي.
جي گندگي هئي
گهَرن ۾، سو هو منهنجو ڳوٺ مِياڻي،
هتي هنڌ، هندورا، طول تڪيا، عطر گل،
سُرهاڻي.
هاڻي تو سمين جي سهاڳڻي، ٿا سڏينم سُنهاڻي،
رڳو محابي تو ڄام جي، مون کي چون ٿا راڄ راڻي.
جتي وڏ –
گهراڻيون وهڻ لئي، ٿيون سڪن سنجهه سُڀاڻي،
تن محلاتن ۾ مُهاڻي کڻي ڄام ڌوڄ ڌڃاڻي.
چئي ”منٺار“ تو مهندا، ٿي ڪريان نياز نِماڻي،
مون تي ڪر نواز نَئين اها، ٿئي ڪين جا پراڻي.
(ڪافي نمبر 231 ص 164)
روپ ڪلياڻ
فڪر ڪر تون فقيريءَ جو دلق ڌاڳن ۾ ڇا آهي؟
لڳيءَ جا ٺاهه نا ڇڏيئي، خدا سان روح نا گڏيئي،
اُجايا خيال ڇو اڏيئي، پنڻ لاڳن ۾ ڇا آهي؟
دنيا جي لئي ڪيئي، دستور، سِڪڻ وارو نه توکي سور،
ٻڌي مڻڪا ٿيون مغرور، ٽڳن – ٽاڳن ۾ ڇا آهي؟
ماڻهن مهندا مَڪر ڪريئين، خدا جو تون نه فڪر
ڪريئين،
ڪوڙِي دل سان ذڪر ڪريئين، ٺلهن جاڳن ۾ ڇا آهي؟
مَديءَ کان تو نه منهن موڙيو، نڪي پنهنجو نفس
نهوڙيو،
وڃين دعوتن مٿي ڊوڙهيو، چکڻ چاڳن ۾ ڇا آهي؟
سڻج ”منٺار“ تون من سين، طلب رب جي ڪجان تن سين،
نصيحت سُڻ، هئين ڪَنّ سڀن، رُڳن راڳن ۾ ڇا آهي؟
ڪافي نمبر 4 ص 2)
روپ ڪوهياري
لاهي ويهه مَ لڏ، لاهه مَ لڏ، هل ته پهچين هوت کي،
ڪم نه اينديئي ڪيچ ري، ڪا ٻي اڏاوت اڏ، هَل
ته.....
ٻنڀا هن ڀنڀور جا، نيئي رسائيندءِ کڏ، هَل
ته.......
ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو، بيٺو ڪريئي سڏ، هَل ته.....
هل ته ڪيچ قبول ٿئين، هت رُلاءِ مَ هڏ، هَل
ته.....
متان مُنجهي
”منٺار“ تون، ڏينهن وڃنئي ٿا ڏڏ، هَل ته....
(ڪافي نمبر 596 ص 379 رسالو خدائي)
هندي ڪلام جو نمونو
راڳڻي پيلو
همنون ديکو دک درد يه، پياري ڪا ملن مشڪل هُوا.
سک، حرص هم سُون گيا، روتا رهون دن رين مين،
ساجن، صنم ملتا نهين، نيهن ڪا درد نازل هوا.
حرفت، هنم لقمان ڪا، طاقت طبيبون ڪي نهين،
يه مرض ميري پر لوڪو، افلاطون ڀي لاعقل هوا.
تقدير پر تدبير نهين، عاقل عقل عاجز هوا،
ساجن صحي ميري صحت، نهين دوسرا درمل هوا.
عقبيٰ ڪي رکون نا آرزو، دنيا مين دعوا نا ڌرون،
درڪار دلبر ڪي هوئي، يون پڪارتا پل پل هوا.
”منٺار“ ڪي من ۾ يهي، درڪار دلبر ڪي هوئي،
محبوب ڪي ملني هي سون، مقصد ميرا حاصل هوا.
(ڪلام نمبر 251 ص 123)
ڏوهيڙن جو انتخاب
واري ڳول وجود ۾، ته تو ۾ ٻولي ڪير،
منجهئي تيرٿ تڪيو، تون پري پاءِ مَ پير،
”الانسان سري و اناسره“، جنهن منجهه ڦند نه ڦير،
متان منجهين ”منٺار“ تون، ڇڏ ڀولي جو ڀيرُ،
سمجهي لهج سوير، ته الک توهي کي اوڏڙو!
ڪلياڻ راڳ ڪجي ڀلي، جو راڳ ڀلو راڳن،
جنهن ۾ سوز سڻ سين، ٿا جوش گهڻا جاڳن،
مان ملي ”منٺار“ چئي، برهه ذرو ڀاڳن،
موتي جن ماڳن، تون رم انهيءَ راهه ۾!
ليلان ليلاٽيون ڪري، داسڙا تو در،
ته چنيسر ڄام چڱايون، تون ڪامل مون سان ڪر،
معافي ڪج ”منٺار“ چئي، مون منجهه عيب اپر،
آءُ آهيان بي اثر، تون ڍولا ڍيليج ڪيم ڪي!
راڻا ڪيم رُسيج، سوڍا سُرت سُڄاڻ تون،
ڍڪي عيب اسان جا، ترسي تون تسيج،
هن محلي ۾ ”منٺار“ چئي، وارث ٿي وسيج،
ڪا ڏاهپ جي ڏسيج، مت مومل کي مينڌرا!
مارئيءَ کي ميان، عمر عيب مَ لاءِ تون،
سنگهارن جي سٿ ۾، وڃي ٿر ٿيان،
تن مارن سان ”منٺار“ چئي، وڃي پِسُ پيان،
ته جاڪيتان جيان، جي پهنوار ڪن پانهنجي!
هوُ هُو ٻولي حق جي، طالب پڙهج تون،
مُئي ماري ”منٺار“ ميان، من ۾ آڻ مَ مون،
ٿي ڏينهن مڙيئي ڏون، اٿي اور الله سين.
(رسالو خدائي ص 374. 38. 388. 39) |