سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :6

شرفنامه جو هڪ خاص فائدو اهو آهي ته ڪيترن وقتن تي، فارسي لفظن جي ذيل  ۾ انهن لفظن جا هم معنيٰ، ”هندي“ لفظ به ڏنا ويا آهن. شرفنامه ۾، هندي لفظن جو ڏنل ذخيرو، اردو جي تاريخي ارتقاء جي مطلع جي سلسلي ۾ نهايت اهم آهي. چنانچه حافظ محمود شيرانيءَ، ”پنجاب ۾ اردو“، ڪتاب ”شرفنامه“ ۾ آيل ”هندي لفظن، جي هڪ فهرست ڏني آهي. جنهن کي ”شرفنامه“ جي زياده گهري مطلع کان پوءءِ اڃا به وڌيڪ مڪمل ڪري سگهجي ٿو.

(ج) مصنف بحيثيت شاعر

اگرچه، شرفنامه“ هڪ لغت جو ڪتاب آهي، تاهم ان ۾ مصنف، جي اشعار جو به ڪافي ذخيرو محفوظ ٿي چڪو آهي. ان ۾ هڪ منظوم مقدمو، هڪ نعت، هڪ مدح نو قصيدا ۽ ٻن قصيدن جا ڪي حصا، اٺ غزل يا غزلن جا حصا، هڪ رباعي، ٻه قطعا، ۽ تقريباً چار سؤ چاليهه مطلعا، مصرعا يا مثنوي جا ابيات شامل آهن. ان مان صاف ظاهر آهي ته مصنف کي شعر و شاعريءَ سان خاص شغف هو. مصنف”فرهنگ نظام“ جي خيال ۾ اسان جي مصنف جا حالات زندگي نه ٿا ملي سگهن. ڇالاءِ ته شايد هو ”علماء بزرگ، جي زمري مان نه هو.  پر ان ۾ ته ڪو شڪ نه آهي ته هو هڪ ”استاد شاعر“ هو.(46)

”شرفنامه“ جو مصنف، يقيناً پنهنجي وقت ۾ مسلم بنگاله جي مشهور استادن، شاعرن  مان هو ۽ غالباً هيءُ سندس بلند پايه شاعرانه قابليت  ئي هئي، جنهن کيس مسلم بنگاله جي ملڪ الشعراء مير زين الدين هرويءَ جو نديم ۽ هم جليس بنايو هو.

سندس اشعار ۾ صنائع و بدائع، لفظي و معنوي، خصوصاً رعايت لفظي ۽ تلازمه، تشبيهات ۽ استعارات، ڪثرت سان ملن ٿا. اصطلاحات، محاورات ۽ امثال جي به سندس ڪلام ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪئي آهي. جڏهن ته هو شاعر هجڻ کان علاوه لغت جو به عالم هو. لهذا بسا اوقات غريب ۽ انوکا لفظ(ملاحظه ڪريو قصيده پائيه) ۽ نجوم جا اصطلاحات پنهنجي اشعار ۾ استعمال ڪري چڪو آهي. لهذا ان غريب لغات ۽ شاذ قوافي جي استعمال، سندس نظم جي ذخيري کي پر تڪلف بنائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پڙهندڙ کي مجموعي طرح سان اهو ئي گمان ٿو ٿئي، ته سندس اشعار ۾ آمد نه پر آورد آهي.

حقيقت اها آهي ته انهن شعرن کان سواءِ، جي ”شرفنامه“ ۾ ملن ٿا، اسان وٽ مصنف جي اشعار جو ٻيو ڪو به ذخيرو موجود نه آهي. جنهن جي مطالع ڪرڻ کان پوءِ، سندس شاعريءَ متعلق صحيح راءِ قائم ڪري سگهجي. ”شرفنامه“ ۾ اڪثر سندس اهي نظم ۽ بيت اچي چڪا آهن. جي عمداً بطور لغوي شواهد جي پيش ڪيا ويا آهن. لهٰذا ان ۾ تڪلف ئي نظر اچي رهيو آهي. تاهم ڪٿي ڪٿي مصرعا ۽ مطلعا به ملن ٿا جي سندس اصلي غزلن تان ورتا ويا آهن ۽ اشعار سندس حقيقي شاعريءَ تي شاهد آهن.

”شرفنامه“۾ جي سندس اشعار ملن ٿا، اهي سڀ اسان ضميمي ۾ ڏئي چڪا آهيون، جيئن قارئين ڪرام مصنف جي شاعريءَ متعلق پنهنجي راءِ قائم ڪري سگهن.

(نوٽ: حوالن ۾ نمبر 31، 32، 38 ۽ 45 ۾ مصنف جي قصيدن متعلق ضميمه ڏانهن رجوع ڪرڻ جو اشارو  ٿيل آهي پر جڏهن ته ڊاڪٽر صاحب جن جي اسان وٽ موجود مقالي ۾، اهو ضميمو ڪونه آهي. تنهن ڪري ان جي پيش ڪرڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اهل ذوق کي مصنف جي اصل نسخي ڏانهن رجوع ڪرڻ جڳائي)

2. ڊاڪٽر صاحب جي مقالي ۾،”حوالن جا ”اشارا“ انگن وسيلي، اصل متن جي حاشين ۾ ساڳين صفحن تي آندل  هئا پر ان ترتيب ۾ ٿوري تبديلي آڻي سڀ حوالا، ترتيبوار(انگن موجب) مقالي جي آخر ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ان فني تبديليءَ سان متن ۽ حواشي تي ڪو به اثر ڪين پيو آهي، ناظرين ڪرام، اهي حوالا آخر ۾ ڏسي سگهن ٿا.

حوالا:

1. اصل نسخي ۾ لفظ ڪابر (ڪذا) آيل  آهي.

2. ان جو هڪ قلمي نسخو ليڊن جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ان جو فوٽو گراف عڪس (مرحوم) جناب قاضي احمد ميان اختر صاحب جونا ڳڙهي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. جڏهن ته هي ڪتاب، بنگال جي عربي تصنيفات ۾ غالباً پهريون ڪتاب آهي، لهٰذا، ان کي ايڊٽ ڪري شايع ڪرڻ مناسب ٿيندو.

3. ڏهين صديءَ ۾ غالباً اصلي نسخي تان اڪبر جي دور ۾، حضرت غوث گواليار ؒ هن ڪتاب تي فارسيءَ ۾”بحرالحيات“ جي نالي سان هڪ شرح لکي، جنهن جو هڪ قلمي نسخو، حمد آباد جي پير محمد شاهه جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. هڪ نسخو مہ راس مان به شايع ٿي چڪو آهي. (هن معلومات لاءِ راقم، قاضي احمد ميان اختر صاحب جونا ڳڙهي جو رهين منت آهي.)

4. بدايوني:”منتخب التواريخ“ 129X3 ڪلته ايڊيشن

5. نظام الدين احمد: ”طبقات اڪبري“ 261X3 ڪلته ايڊيشن.

6. هي نخسو، راقم کي شيخ محمد اڪرام جي وساطت سان مليو ۽ ان جي اشاري تي ئي هڪ مضمون لکيو ويو آهي،راقم  هن ميدان ۾ پنهنجي علمي بي بضاعتي جو معترف آهي، ۽ جناب شيخ محمد اڪرام صاحب جناب قاضي احمد ميان اختر  صاحب جونا ڳڙهي ۽ مخدوم امير احمد صاحب جو ممنون آهي. جن هن مضمون جي تيار ڪرڻ ۾، پنهنجا قيمتي مشورا ڏنا. خصوصاً مخدوم امير احمد صاحب، هن ناقص قلمي نسخي جي ڪن عبارتن کي پڙهڻ ۾ راقم جي ڪافي رهنمائي ڪئي.

7. ملاحضه ڪريو”چارلس ريو“ فهرست فارسي مخطوطات متحف برطانيا 492-93X2

8. Ivanow, w: Concise Descriptive Catalogue of the Persian Manuscripts in the Coolection of the Asiatic Society of Bengal, Culcutta, 1924, NoL 1414

9. غالباً، ”بچرخ“ صحيح باشد.

10. جزع، باالفتح مهراست يماني منسوب به چشم.

11. ماهار = مهار

12. علامة = نشان

13. غالباً = ربايد

14. شيخ شرف الدين احمد يحيٰ منير(بهار) جو مشهور و معروف صوفي بزرگ هو. سن 782هه (1380/81ع) ۾ وفات فرمايائون، سندس مشهور تصنيفات ۾ ”مڪتوبات“ آهي، جنهن  کي زين بدر عربيءَ جمع ڪيو. اهو ڪتاب  مشهور آهي، ۽ شايع ٿي چڪو آهي.(راجع: ”مڪتوبات حضرت شيخ شرف الدين يحيٰ منيري قدس الله سره“ مطبوعہ نو لڪشور، سن 1885ع مطابق 1303هه) حافظ محمود خان شيرانيءَ،”پنجاب مين اردو“ ص 144 تي  شيخ شرف الدين احمد يحيٰ منيري جي تصنيفات جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ لکيو آهي ته ”شيخ شرف الدين ڀاشا ۾ به شاعري ڪندو هو“ ان مان گمان ٿو ٿئي ته فارسيءَ جا ته شاعر هئا ئي، پر هنديءَ ۾ به شعر چوندا هئا.

15. ڪذا- فهرست ريو: 1156X3، ۽ فهرست ”آئي وناف ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“ نمبر 1414، ص ص 74، 673.

16. ايضناً: ”و مويدالفضلاء“ از محمد لاڏ، مطبوعه نو لشڪور، 1899، جلد1، ص 3-4، ۽ ”فرهنگ نظام“ مطبوعہ حيدرآباد دکن، ديپاچه (ي)

17. ايضناً: ۽ حاجي خليفه ”شرفنامه في اللغة الفارسية المنيري، (ڪذا“ ”ڪشف الظنون“ طبع استنبول 58X2

18. الله داد فيضي:”مدارا الافاضل“ تصنيف 1001 هه

19. عبدالرحيم بن احمد سور:”ڪشف اللغات، مطبوعہ نو لڪشور 1847م، ديپاچه ص3.

20. محمود بن ضيا: ”تحفة السعادة“ (راجع: فهرست ريو 493X2)

21. ”ڪشف اللغات“ (مذڪور ديپاچه ص 4.

22. ”فرهنگ نظام (مذڪور) ۽ ”شرح مخزن الاسرار“ تصنيف مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (قلمي).

23. فهرست بهار لئبريري نمبر 248 جلد 1، ص 194 لکيو آهي ته: نسخه( ڪتابت سن 1049هه) جي خاتمي ۾،ڪتاب جو نالو ”فرهنگ فاروقي“ لکيو آهي.

24. راجع: فهرست ريو: 1156X3

25. رساله ”اردو“ جنوري سن 1943ع، ص 103

26. حافظ محمود شيرانيءَ”بدر ابراهيم فاروقيءَ“ جي بجاءَ ”ملا رشيد“ لکيو آهي، چنانچه هو ”زفان گويا“ کي، ”از مصنفات“ ملا رشيد برادر جد ابراهيم ٿو ظاهر ڪري.

(رساله .اردو“ جنوري 1943ع ص 103) سندس اهو بيان غالباً صحيح نه  آهي، ٻئي طرف ”فرهنگ نظام“ جو مصنف لکي ٿو”زفان وجهان بويا“ بدر الدين جي تاليف آهي. بعد ۾ لکي ٿو:”از فرهنگ ابراهيمي“ در ذيل لفظ ايارده معلوم مي شود، او عموزاده، شرف الدين علي يزيدي معاصر تيمورست  ڪہ ظفر نامہ رادر 820 نوشت“1 هه (فرهنگ نظام حاشيه ح 8، ديپاچه) شايد مصنف ”فرهنگ نظام“ ان عبارت ۾ جامع ”شرفنامه“ کي شرف الدين علي يزدي سان تعبير ڪيو آهي. حالانڪه اهو صحيح نه آهي. ”جامع شرفنامه“ خود اسان جو مصنف ابراهيم آهي، جنهن ڪيترن موقعن تي ”زفان گويا“ تان معنائون نقل ڪيون آهن. (ڏسو ذير الفاظ”اندروا، اوري بهشت“ وغيرها.

27. ”چارلس ريو“ فهرست مخطوطات متحف برطانيا (1881م“ ج 2،  ص 492

28. پنجاب مين اردو“، ص 215

29. ملاحظه ڪريو: فهرست ريو (مذڪور) 492X2

30. ”فرهنگ نظام“ (مذڪور) ديپاچه (ي)

31. برائي مڪمل قصيده راجع (ضميمه)

32. ايضناً(ضميمه)

33. ”الاخبار الخيار في اسرارالابرار“ مطبوعه مجتبائي، دهلي ص 173

34. ”پنجاب مين اردو“ ص 215، حافظ شيرانيءَ، ”المخاطب بہ فتح خان لکيو آهي، اسان جي قلمي نسخي ۾”حسن خان“ لکيل آهي، ۽ عبارت به بلڪل صاف آهي.

35. بقول محمود شيراني صاحب”عهد قبل مغول جي تصنيف(رساله “اردو“ جنوري 1943ع، ص 103)

36. ملاحضه ڪريو: ”پنجاب ۾ اردو“ ص 315.

37. شايد ان قبيلي جو هڪ ٻيو عالم، محمد شيرازيء نامي به هو، جو بقول حافظ شيراني انهن زندهه ماڻهن مان هو، جن کان مصنف هن ڪتاب ۾ استفادو ڪيو آهي.(پنجاب مين اردو“ ص 215)

38. ڏسو قصائد جي ذيل ۾.

39. ”فرهنگ نظام“ مطبوعہ حيدرآباد دکن، ديپاچه حاشيه ص ح 8.

40.  ملاحظه ڪريو ”شرفنامه“ تحت الفاظ اردي بهشت استرنگ، اندرو، ايارده، وغيرها

41. ملاحظه ڪريو”شرفنامه“ تحت لفظ عينا.

42. بقول شيراني صاحب، مويد الفضلاء فوائد الفضلاء، لسان الشعراء اهي سڀ  ڪتاب ”عهد قبل مغل“ جي مسلم مصنفن جا ڪتاب آهن(رساله ”اردو“ جنوري 1943ع، ص 103

43. ”ڪشف اللغاٽ جي مصنف، ان ڪتاب جو نالو ”فرهنگ امير شهاب الدين حڪيم ڪرماني“ لکيو آهي(ملاحظه ڪريو”ڪشف اللغات والاصطلاحات“ طبع نولڪشور 1874م، ديپاچه ص 3)

44. رساله”اردو“ جنوري 1943ع، ص 103

45. ملاحظه ڪريو:”قصيده تائيه“(ضميمه)

46. ”حالات مولف از جائي بدست نيامده جهت اين است ڪہ از ڪتابش، مفهوم مي شور (؟) از علماء بزرگ بنخواه و در تاريخ نيا مده، اما شاعر، استاد بوده“(فرهنگ نظام، مزڪور ديپاچه(ي).

لطف الله بدوي

سر بارٽل فريئر

قسط: 2 – آخري)

(سنڌ ۾ سندس موڪل کان  پوءِ ٻيو دور)

اسان هن کان اڳ ڏيکاري آيا آهيون ته فريئر سن 1856ع جي ابتدا ۾، پنهنجي صحت جي بگڙجڻ  جي باعث انگلينڊ روانو ٿي ويو هو،  سندس جاءِ تي سندس ئي خواهش موجب،خان ڳڙهه جي پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ مير جان جيڪب ، کي سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ٻارنهن مهينن جي مختصر عرصي کان پوءِ، هو به ايراني نار جي معاملي ۾، سر جيمس آئوٽرام جي منشا موجب سوار فوج جو ڪمانڊر مقرر ٿي اوڏانهن روانو ٿي ويو. سندس جاءَ تي مسٽر بئرو ايلس جو ان وقت اسسٽنٽ ڪمشنر هو، سنڌ جو قائم مقام ڪمشنر ٿي رهيو.

فريئر انگلينڊ ۾ گهٽ وڌ هڪ سال رهيو. اتي به سمورو وقت سنڌ ۽ان جا معاملا سندس دل ۽ دماغ تي ڇايا رهيا. هو اتان به پنهنجون رٿون، سنڌ جي هڪ فوجي آفيسر ڪرنل ٽرنر ڏانهن موڪليندو ٿي رهيو. انگلينڊ ۾ هو ايسٽ انديا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن سان به ملاقاتون ڪندو رهيو. ته جيئن سنڌ ريلوي جي ڪم کي جلد کان جلد پورو ڪيو وڃي. هڪ ٻه ڀيرا اهو سنڌ ريلوي جي لاءِ ترتيب ڏنل سب ڪاميٽي جي ميٽنگن ۾ شامل ٿيندو رهيو. فراغت جي وقت هو انگلينڊ جي ڪيترن شهرن جو به سير ڪندو رهيو ۽ پنهنجي دوستن سان به ملندو رهيو.

مارچ سن 1857ع ۾، هو پنهنجي موڪل پوري ڪري پٺتي موٽيو. بيگم فريئر ۽ پنهنجن ٻارن کي پٺتي ڇڏي تنها مئي مهيني  جي ابتدا ۾ ممبئي ۾ پهتو. جتي هو پنهنجي ڀيڻوي جان آرٿر وٽ، جو ان وقت  ممبئي گورنمينٽ جو روينيو آفيسر هو، مقيم ٿيو، اتي ٿوري توقف کان پوءِ، هو 18 مئي تي ڪراچي پهتو. هو بندر کان جيئن گورنمينٽ هائوس  ڏي وڃي رهيو هو ته کيس پنجاب ريلوي جي چيف انجنيئر برنٽن جو خط مليو. جو هن لاهور مان 13 مئي تي لکي موڪليو هو.(1)

”اسان هتي نهايت خطرناڪ انتظار جي حالت ۾ آهيون، دهلي ۾ سڀني ديسي فوجن بغاوت ڪئي آهي. ۽ هنن اتي هر عيسائي کي ماريو آهي. ٻين هنڌن تي به ساڳئي بي آرامي موجود آهي. هت به اهڙي اميد ڪئي وڃي ٿي. هن گهڙي سڀني فوجن کي پريڊ جي لاءِ ميان مير جي ميدان ڏانهن موڪليو ويو آهي. جنهن جو مقصد اهو آهي ته ديسي فوجن کان هٿيار کسيا وڃن. اسان وٽ فقط ست سئو انگريز سپاهي آهن ۽ ٿورا توبخاني جا ماڻهو!“

ڏهه بجا

”ديسين کان سڀئي هٿيار کسيا ويا آهن، جڏهن انهن کي ساڄي طرف موڙيو ويو ته هٿيارن جا انبار لڳي ويا. سپاهين جي سامهون گولن سان ڀريل توبون موجود هيون، سڀني ماڻهن کي، جن وٽ هٿيار موجود آهن، حڪم ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي هٿيارن  سميت سر جان لارينس جي آفيس ۾ حاضر ٿين. اسان کي خوف آهي ته امرتسر مان  ڪجهه ٻڌڻ ۾ اچي. ڇاڪاڻ ته اتي ڪو به انگريز سپاهين جو دستو موجود نه آهي.“

”تاريخ پنجاب“ جو مصنف هن حقيقت کي زياده وضاحت سان لکيو آهي.(1)

”ميرٺ ۽ دهليءَ ۾ فسادن جي  خبر لاهور ۾ پهچي وئي، چيف ڪمشنر سرجان لارينس لاهور کان ٻاهر راولپنڊيءَ ۾ هو. لاهور ۾ جي سول آفيسر موجود  هئا، جهروڪ سر رابرٽ مانٽگو مري جو ان وقت جڊيشنل ڪمشنر هو ۽ سر ڊونالڊ ميڪلوڊ، فنئنلشل ڪمشنر، ڪرنل مئڪفرسن ۽ ڪيپٽن مچنسن، بچاءَ جو ڪم پنهنجي ذمي ۾ ورتو. مانٽگومري، برگيڊيئر ڪاربرٽ کي حڪم ڏنو ته ميان مير جي ڇانوڻي جي سڀني ديسي سپاهين کان هٿيار کسيا وڃن. ديسي سپاهين کان هٿيار کسڻ جو ڪم ڏاڍو خبرداري ۽ عقلمندي جو ڪم هو. انگريزي آفيسرن کي خوف هو ته جيڪڏهن سندن رٿ جي خبر ديسي سپاهين کي پئجي وئي ته ان جو نتيجو نهايت اگرو نڪرندو. 13  مئي تي فوجن کي پريڊ لاءِ ميان مير جي ميدان ۾ آندو ويو. 3500 سپاهي ميدان تي موجود هئا. فقط 300 انگريز هئا ۽ 13 توپن کي قطارن ۾ بيهاريو ويو ۽ سڀني انگريزن پنهنجي بندوقن ۾ ڪارتوسن کي ڀريو ان وقت ديسي سپاهين کي حڪم ڏنو ويو ته هو پنهنجي هٿيارن جو  ڍير بنائين جڏهن سڀ هٿيار جمع ٿي ويا  تڏهن سپاهين کي هٿيار کان سواءِ  پوئتي موٽايو ويو. هيءُ سڀ ڪجهه خاموشيءَ سان ٿي گذريو ۽ لاهور تان خوف خطرو ٽري ويو.

سن 1857ع جي آزادي جو انقلاب

سنه 1857ع جي آزاديءَ جي انقلاب جي تحريڪ،  هندستان جي سرفروشن جو هڪ خوني داستان آهي. سنڌ به هن تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو. انهي داستان کي ٻڌائڻ کان اڳ ۾ هي ضروري آهي ته هن انقلابي تحريڪ جي ابتدائي سرگرمين جو ذڪر ڪيو وڃي. سنڌي زبان ۾ هن تحريڪ تي نهايت مختصر لکيو ويو آهي. فريئر کي پنج مهينا اڳ انگلينڊ ۾ هي خبر  پهچي  چڪي هئي ته بنگال ۾ هندستانين جي طرفان حڪومت جي بابت بي اطميناني جو اظهار ڪيو ٿو وڃي. هن سمجهيو ٿي ته ڪو سياسي طوفان اچڻ وارو آهي. هن ان وقت گورنر جنرل لارڊ ڊلهائوسي جي ملڪي لڳاَؤ واري نيتيءَ کي، هندستاني سياست لاءِ هڪ مڪروهه ۽ نفرت ڀري شئي ٿي سمجهيو. کيس پنهنجو ذاتي تجربو هو ته مرهٽي حڪومت جي آخري پناهگاه، ستارا، کي انگريزي حڪومت ۾ مدغم ڪرڻ سان ڪهڙا برا نتيجا نڪتا هئا. هيءُ ته ملڪ جي هڪ ادنيٰ حصي جو ذڪر هو. پر هاڻي ته ملڪ جي  وڏي حصي سان ناانصافي ٿي چڪي هئي.  ماڻهن جون دليون انگريزي حڪومت جي بدنيتيءَ کان ڏکوئجي چڪيون هيون پنهنجي تاجدارن جي زواليت سبب، ديسي  ماڻهن ائين ٿي سمجهيو ته سندس تهذيب ۽ تمدن خطري ۾ اچي ويا آهن.

نه فقط فريئر، پر سر جان ڪائي، هن حقيقت کي پنهنجي مشهور تصنيف”سيپاءِ وار“ (سپاهين جي جنگ) ۾ نهايت تفصيل سان انهن حقيقتن تي لکيو آهي. جن هن انقلابي تحريڪ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هوا ڏينديون رهيون. مان ان  سموري تفصيل ۾ وڃڻ نه ٿو گهران، ڇو ته ان جي ذڪر سان مضمون طويل ٿي ويندو. بهرحال هن به لارڊ ڊلهائوسيءَ جي تشدد پسند حڪومت جي گهڻي مذمت ڪئي آهي. ماڻهن جي هن اندروني نفرت آخر رنگ لاتو، هندستانين جي دلين ۾ نفرت جو جذبو اڳ به موجود هو. هن تضادم لاءِ ڪو موقعو ٿي ڳوليو، جو کين ملي ويو.

تاريخ جون حقيقتون جيئن ٻڌائن ٿيون، 29 مارچ سن 1857ع جي صبح جو بارڪپور ڇانوڻيءَ ۾ منگل پانڊي نالي هڪ برهمڻ بندوق هٿ ۾ کنيو، واڪا ڪري رهيو هو ته ”اي محافظو ٻاهر نڪري اچو! هنن انگريزن  اسان کي بيوس ڪري ڇڏيو آهي. هنن اسان کي استعمال  لاءِ اهڙا ڪارتوس ڏنا آهن جن کي چڪ پائڻ سان ڌرم ڀرشت ٿيو وڃي!“ هن جو آواز، سندس منهن مان باهه جي شعلي وانگر ٻاهر نڪري رهيو هو.  سپاهي چئني طرفن کان ڀڄندا وٽس پهچندا رهيا ۽ هڪ وڏو گوڙ ٿي ويو. هي مجموعو وڏي جوش ۾ ڀريل هو. ڏسڻ ۾ منگل پانڊيءَ جي انساني زبان هئي. پر بارود کان به زياده خطرناڪ هئي. ليفٽيننٽ باغ نالي هڪ آفيسر، ديسين جي شور ۽ گوڙ  جي خبر ٻڌي موقعي تي آيو، پر  منگل پانڊي جي هٿان مارجي ويو.34 ريجمينٽ جو ميجر به هن جوشيلي سپاهيءَ جي هٿان قتل ٿي ويو. ٻن انگريز آفيسرن جو موت ڪا ٿوري ڳالهه ڪانه هئي. بارڪپور جي ڇانوڻيءَ جا سڀئي آفيسر اچي گڏ ٿيا. برگيڊيئر جنرل ميرسي، منگل پانڊي جي گرفتاري جو حڪم ڏنو مگر  هن پاڻ کي بندوق هڻي خودڪشي ڪئي.(1) ظاهر ۾ هيءُ هڪ ننڍڙو واقعو هو پر اڳتي هلي ان مان هولناڪ نتيجا ظاهر ٿيا.

سڀ انگريز مؤرخ هن حقيقت کي دهرائيندا رهيا آهن ته بغاوت جو وڏو سبب ”چرٻيءَ وارا ڪارتوس“ هئا. جن جي بابت ديسي ماڻهن کي عجيب غلط فهميءَ پيدا ٿي وئي ته انهن ۾ سوئر جي چرٻي ۽ ڳئون جي چرٻي کي لڳايو ويو آهي. ڪرنل ماليسن لکي ٿو ته:(2)

”دليلن جي تفصيل سان، سر جان لارينس لکيو آهي ته بغاوت جو سبب فقط چرٻيءَ وارا ڪارتوس هئا. عوام هنن ڪارتوسن جي حقيقت کان بيحد متاثر ٿيو ۽ غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويو. ٻن لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته هي غلط عقيدو هو. مگر جيڪڏهن ٻين اسبابن کي درميان ۾ آڻبو ته هن سڄي نفرت جو باعث، لڳاءُ واري نيتيءَ جو نتيجو هو. يعني عوام انگريزن کي غاصب سمجهي رهيو هو. خود منگل پانڊي جو ان ريجمينٽ سان تعلق هو، جا تازو لکنو کان بارڪپور پهتي هئي. هن فوج ۾ جي سپاهي هئا انهن وٽ بنا ڪنهن مذهبي تفريق جي پنهنجي جلاوطن بادشاهه، واجد علي شاهه سان وڏي محبت هئي.“

ڪارتوس جي استعمال متعلق، هڪ ٻيو انگريز مصنف لکي ٿو.(3)


(1)  جان مارٽينيو. ”سر بارٽل فريئر“: ج 1: ص 172

(1)  سيد محمد لطيف: ”هسٽري آف دي پنجاب“: ص 578.

(1)  ڊبليو – اي فئشيٽ: ”دي ٽيل آف گيرٽ سيوٽني“: ص 6

(2)  ڪرنل ساليس: ”هسٽير آف دي انڊين سيوٽني“: ج 3: ص 47

(3)  سر ڪئننگهام: ”ارل آف ڪئننگ“: ص 105

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com