”ڪارتوس کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ، مون کي سپاهين
جي اعتراض تي ڪابه حيرت نه لڳي. مون کي هرگز اهو
خيال نه هو ته ڪارتوسن ۾ اهڙي ڪا سڻڀي شئي موجود
آهي؟ هي بلڪل چرٻي آهي! گورنمينٽ جي معتدل پاليسي
تي حرف نٿو رکي سگهجي. پر در حقيقت هن آڳ کي وڌائڻ
واري اها سزا هئي، جا نهات ذليل طريقي سان، ميرٺ
جي ڇاڻونيءَ ۾ ديسي سپاهين کي ڏني وئي.“
ميرٺ ۾
هاڻي ڏسڻو آهي ته ميرٺ ۾ اهي ڪهڙا واقعا ٿي گذريا
هئا، جنهن کي هندستان جا رهواسي، انگريزي حڪومت
کان بيزار ٿي پيا هئا ۽ سندس قتل عام کي هڪ مقدس
عمل سمجهي اٿي کڙا ٿيا هئا. 23 اپريل سن 1857ع،
اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن تي ميرٺ ۾ اعلانيه بغاوت
جو جهنڊو بلند ٿيڻ وارو هو. جيئن ته ميرٺ ۾
انگريزي فوج، گهڻي انداز ۾ موجود هئي. انگريزن
ديسين کي وڏي امتحان ۾ وجهڻ ٿي گهريو. پريڊ ۾
انگريز آفيسرن، ديسين تي زور آندو ته هو، ڪارتوسن
کي استعمال ڪري ڏيکارين. مجبور ٿي هڪ رسالدار ميجر
۽ سندس اردلي، هنن ڪارتوسن کي ڪم ۾ آڻي ڏيکاريو.
سپاهين هن ضد تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو. رات جو
هنن اردليءَ جي تنبوءَ کي جلائي ڇڏيو. صبح ٿيو ته
هنن ڪارتوسن جي وٺڻ کان انڪار ڪيو. مگر عدالت ۾ جج
جي سمجهائڻ سان، هنن اقرار ڪيو ته هو، اهي ڪارتوس
استعمال ڪندا. 5 مئي تي وري پريڊ رکي وئي، مان هتي
ان واقعي کي هڪ انگريز آفيسر ايڊورڊ ٽامسن جي لفظن
۾ بيان ڪريان ٿو.
”بندوقون ۽ سنگينن جي پهري ۾ پنجاسي جوانن کي انهن
فوجي لباسن ۾ فوجي عدالت ۾ سامهو پيش ڪيو ويو. کين
سزا جو حڪم بلند آواز ۾ ٻڌايو ويو جنهن جو مقصد
اهو هو ته هنن سپاهين کي بدڪردار مجرمن ۾ داخل ڪيو
ويو آهي. کانئن فوجي نشان کسيا ويا ۽ سندن وردين
کي پٺيءَ کان ڦاريو ويو. ان کان پوءِ لوهار زنجير
کڻي اڳتي وڌيا. ڏسندي ڏسندي هنن فوجي جوانن کي
نهايت بيعزتي سان هٿڪڙيون ۽ ٻيڙيون پهرايون ويون.
هي نهايت ذلت انگيز ۽ دردناڪ نظارو هو! بيٺل
سپاهي، پنهنجن بدقسمت ڀائرن کي هن ذلت ۾ گرفتار
ٿيل ڏسي ڪڙهندا رهيا. مگر مجبور هئا. هنن ۾ ڪي
اهڙا به جانباز سپاهي هئا جن ڪيئي ڀيرا پنهنجي جان
جوکي ۾ وجهي انگريزي راڄ جي لاج رکي هئي. پنهنجي
وفاداري جي سزا هو هاڻي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا
هئا. قيدين هٿ کڻي فوجي آفيسرن کي رحم جي درخواست
ڪئي. پر کين ٻڌو ئي نه ويو. جڏهن هنن ڏٺو ته سندن
درخواست کي نهايت غرور ۽ بداخلاقي سان ٺڪرايو ويو
آهي ته تڏهن هنن فوجي دوستن کي غيرت ڏياري. ان وقت
ائين معلوم پئي ٿيو ته هر سپاهي انتقام جي جوش ۾
ڀريل هو. هو شايد ان وقت حملو ڪري ڏين ها پر
ميداني توبن، بندوقن ۽ چمڪندڙ تلوارن جي موجودگيءَ
۾ هو ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهيا. قيدين کي قيدخاني ۾
نيو ويو ۽ پهري لاءِ مٿن ديسين کي ئي مقرر ڪيو
ويو!“
حسن نظامي پنهنجي تصنيف”عذر جي روزنامچي“ ۾ لکي
ٿو”جنهن وقت قيدي جيل موڪليا ويا، رستي ۾ جي سپاهي
بيٺا هئا، انهن کي نهايت مايوسيءَ مان، هو غيرت
ڏياريندا رهيا، 10 مئي 1857 تي، آخر وطني غيرت ۽
دين جي حفاظت لاءِ تلوار مياڻ کان ٻاهر آئي ۽ ميرٺ
کي، هن ”آزادي جي جنگ“ جو پهريون ميدان بنجڻ جو
شرف حاصل ٿيو“.
صبح جي وقت، دستور موجب انگريز آچر جي ڏينهن،
دعائن لاءِ ديول ويا، هنن رات عيش ۽ نشاط راڳ ۽
رقص ۾ گذاري هئي، هو هر ڪنهن خطري کان بيپرواهه
هئا. ان وقت آزاديءَ جي پروانن، آگ ۾ ٽپڻ جون
تياريون ڪيون، هو تلوارون کڻي انهن انگريزن جي
مٿان وڃي پيا. جن سندن ساٿين کي نهايت بيدردي سان
جيل ۾ موڪليو هو. سوارن جي هڪ پلٽڻ ۾ پيادن جي ٻن
پلٽڻن بغاوت ڪري قيد خاني تي حملو ڪري سڀني قيدين
کي آزاد ڪيو. جو فرنگي کين هٿ آيو اهو بيدردي سان
ماريو ويو. بنگلن تي چڙهائي ڪري انهن انگريز
آفيسرن کي هلاڪ ڪيو. هن ڪارروائي کان پوءِ هي فوج
دهلي رواني ٿي پئي. ميرٺ جي انگريز آفيسرن دهلي ۾
رهندڙ انگريزي آفيسرن کي بغاوت کان خبردار ڪيو.
مگر انقلاب پسند سپاهي، بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي
دهليءَ جي دروازن تائين پهچي ويا.
دهليءَ ۾ آزاديءَ جي پروانن انگريزي حاڪمن ۽
انگريزي آبادي کي تباهه ڪرڻ شروع ڪيو ذڪاء الله
لکي ٿو ته:
”1857ع جي مئي جي مهيني ۾ ميرٺ جي سپاهين هنگامو
مچايو، سلطنت مغليه جو آخري چشم و چراغ بهادر شاهه
بيوس ٿي، باغين جي سرپرستي قبول ڪئي. هي هنگامو
مئي مهيني کان سيپٽمبر 1857ع تائين هليو، ٻاهتر،
ٽيهتر لڙايون ٿيون، جن سڀني ۾ باغين کي شڪست نصيب
ٿي. آخر انگريزن دهلي فتح ڪئي. بادشاهه، همايون جي
مقبري ۾ پاڻ کي انگريز فوج جي سامهون پيش ڪيو.“
دهليءَ ۾ آزاديءَ جي پروانن ڪهڙيون قربانيون
ڏنيون، هيءُ هڪ طويل داستان آهي. جنهن سان منهنجي
هن مقالي جو گهٽ تعلق آهي. مون کي فقط هتي هيءُ
ڏيکارڻو هو ته آزاديءَ جي جنگ جي ڪيئن ابتدا ٿي ۽
سنڌ ان ۾ ڪيتري قدر حصو ورتو. سنه 1857ع جي هن
آزاديءَ جي جنگ بابت، جي به ڪتاب لکيا ويا آهن
انهن ۾ سنڌ جي قربانين جو گهٽ ذڪر آهي. هتي مان ان
ذڪر کي تفصيل سان لکندس.
عين ان وقت، جڏهن دهلي انگريزن جي اقتدار کان نڪري
چڪي هئي، سربارٽل فريئر سنڌ ۾ قدم رکيو هو. برانٽن
جي خط ملڻ کان پوءِ فريئر هراسجي ڪونه ويو هڪ ته
هن، هن واقعي کي مقامي ٿي تصور ڪيو ۽ وٽس واقعات
جو تفصيل ڪونه هو. ٻيو هن سمجهيو ٿي ته نو سئو
ميلن تي ٿيندڙ واقعي جو سنڌ سان ڪهڙو تعلق! هن
فوري طور تي، هڪ خط بمبئي جي گورنر لارڊ ايلفنسٽن
ڏي موڪلي ڏنو ۽ ان جو نقل آئوٽرام ۽ جيڪب ڏي ساڳي
جهاز ۾ ايراني نار ڏي موڪلي ڏنو ان کان سواءِ هن
ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪيپٽن ريڪس کي به حالات کان
با خبر ڪيو هن جيڪب کي لکيو:
”هتي لهڻ سان منهنجي هڪ عجيب خط سان مرحبا ٿي آهي.
جنهن جو نقل شامل آهي، هي نهايت ضروري اطلاع هو،
جو اوهان تائين پهچايو وڃي ٿو لاهور جي متعلق
مبالغي کان ڪم ورتو ويو آهي. مان تنهنجي آئوٽرام
جي ڏسڻ لاءِ خط موڪلي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ ته اوهان
ٻنهي ڪڏهن اهڙي پيشنگوئي ڪئي هئي. جا هاڻي وقوع ۾
اچي رهي آهي. مان خوش آهيان، مگر پنجن ڏينهن جي
درياهي سفر جو ٿڪ اٿم!“
18 مئي تي فريئر کي لاهور جي فنئنشل ڪمشنر ميڪلوڊ
جو خط پهتو، جنهن جي روشني ۾ هن آئوٽرام کي لکي
موڪليو ته:
”19 مئي 1857ع“
ميڪلوڊ کان آيل خط جو نقل موڪلي رهيو آهيان، جنهن
مان اوهان کي خبر پوندي ته برانٽن جو مون ڏي خط
موڪويو هو، ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هو. مان روزانو
اميد ٿو رکان ته سنڌ مان اجهوڪي اجهو مدد لاءِ سڏ
آيو. اوهان کي خبر آهي ته هتي اسان وٽ ڪيترا نه
محدود ذريعا آهن. اوهان کي منهنجي خط مان خبر
پوندي ته جيترا سپاهي اوهان ايراني نار مان بچائي
سگهو ٿا، ڪراچي موڪلي ڏيو!“
آئوٽرام کي جنهن وقت هي خط مليو، هڪدم قسطنطنيه
رهندڙ انگريزي سفير لارڊ اسٽرئٽفورڊ کي لکي موڪليو
ته سلطان کان اجازت حاصل ڪئي وڃي. ته مالٽا کان
انگريزي فوج کي مصر مان گذرڻ ڏنو وڃي. اهڙي طرح
انگريزي فوج کي مغرب کان مشرق جلدي پهچايو وڃي.
جيئن ته پنجاب ۾ حالتون مختلف هيون ۽ دهليءَ تي
وطن پرستن جو خطرو هو ۽ معلوم پئي ٿيو ته هيءَ لهر
سڄي هندستان ۾ ڇانئجي ويندي. ان ڪري فريئر سنڌ جي
فوجن جي ڪمانڊنگ آفيسر سان مشورو ڪيو ۽ زور آندو
ته سنڌ جي حفاظتي فوج جو ڪجهه حصو ملتان موڪلي، سر
جان لارينس جي مدد ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ملتان جي
سلامتيءَ سان سنڌ ۽ پنجاب جا لاڳاپا مضبوط رهي
سگهندا. فريئر جي هن پيشبنديءَ، پنجاب کي وڌيڪ
تڪليف کان بچائي ورتو. هندستان جي گورنر جنرل لارڊ
ڪئننگ، سرجان لارينس کي لکي موڪليو ته اهو قطعي
ناممڪن ٿيندو ته ڪابه فوج بنگال مان موڪلي پنجاب
کي بچايو وڃي. ايراني نار جي لڙائي سبب سنڌ جي
فوجن جو هڪ حصو اڳ ئي علحده ٿي چڪو هو ۽ سنڌي فوج
قليل انداز م موجود هئي. مگر فريئر هن قلت کي
نظرانداز ڪري پنجاب جي بچاءَ کي مقدم رکيو. فريئر
بلوچي فوج کي پنهنجي اعتماد ۾ ورتو. ڪمانڊنگ جنرل
جي همراهه نه هئڻ هوندي به هن بلوچ ريجمينٽ کي
درياهه جي رستي ملتان ڏانهن ڏياري موڪليو. هن فوج
سان گڏ ڏيڍ سئو يورپين سولجر به هئا هن فوج کي
موڪلڻ کان پوءِ هن بمبئي جي گورنر لارڊ ايلفنسٽن
کي لکي موڪليو ته:
”امدادي فوج جي روانگيءَ وقت مان ان کي ڏسڻ لاءِ
ويس، اڄ صبح ”نمرود“ ۽ ”جهلم“ ٻه جهاز روانا ٿي
ويا. سڀاڻي سئو ٽيهه وڌيڪ سولجرن موڪلڻ جو ارادو
آهي. جن جو سمورو انداز ٽي سئو ٽيهه ٿي ويندو. مون
کي افسوس آهي جو مان واعدي موجب پنج سئو سپاهي نه
موڪلي سگهيس. آخري وقت جنرل پنهنجو ارادو ڦيرائي
ڇڏيو آهي.“
خوش قسمتيءَ سان، هن نازڪ وقت به بمبئيءَ جو گورنر
لارڊ ايلفنسٽن، فريئر جو پورو ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
ايلفنسٽن پاڻ به وڏو عقلمند ۽ داناءُ شخص هو.
انگلينڊ جي هوم گورنمينٽ کيس نامزد گورنر جنرل جو
عهدو ڏئي ڇڏيو هو. ڇو ته هن وقت خوف هو ته متان
هندستان جي گورنر سان ڪو حادثو پيش اچي وڃي. لارڊ
ايلفنسٽن، فريئر جي هر ڪارروائيءَ کي ساراهيندو
رهيو. جنهن ڪري هن ۾ وڌيڪ کان وڌيڪ همت پيدا ٿيندي
رهي. هن ڪشمڪش جي زماني ۾ توبخانو فقط ڪراچيءَ ۾
هو ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۾ ڪٿي به موجود نه هو. ايراني
نار کان جيئن ئي توبخانو واپس آيو، فريئر ان کي
سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ موڪلي ڏنو. توبخاني جي محاظن
جي قلت جي ڪري، هن فوجين مان جن کي توبخاني جي
تربيت ڏني ۽ اهڙي طرح هن ڪمزوري کي طاقتور بنائڻ
جي ڪوشش ڪئي.
ملڪ ۾ بي آراميءَ ۽ بيچينيءَ جي ڪري سرڪاري ٽپال
جا ڪلڪتي کان پنجاب رستي سنڌ ايندي هئي، ان ۾ بي
بندوبستي پيد اٿي وئي هئي. فريئر هن گهٽتائي کي
پوري ڪرڻ لاءِ عمر ڪوٽ، جوڌ پور، نصيرآباد، آگري
کان ڪلڪتي تائين ٽپال پهچائڻ جو انتظام ڪيو.هُن هن
ڪم لاءِ ليفٽيننٽ جارج برٿ ٽرويٽ صاحب جو انتخاب
ڪيو. جو ان وقت ميرپور ۽ عمر ڪوٽ جي حصي جو ڊپٽي
ڪليڪٽر هو. تروٽ نهايت تندهيءَ سان هن ڪم کي رڻ پٽ
کان بالمير تائين پهچايو. ضروري ڊاڪ هاڻي حيدرآباد
کان بالميرآساني سان اچڻ وڃڻ لڳي. هن رستي جي
هموار ٿيڻ سبب نتيجو اهو نڪتو جو ڪلڪتي کان بمبئي
جي ڊاڪ به سنڌ جي رستي وڃڻ لڳي. گويا ڪراچي، اولهه
هندستان جو هڪ اهم مرڪز بڻجي پئي.
ان زماني ۾ سر پارٽل فريئر، ڪيتري قدر مشغول رهندو
هو، ان جو ذڪر سنڌ جو مشهور غدار هندو نائون مل
هيئن ٿو ڪري:
”مان ڪنهن به ريت سربارٽل فريئر جي همت، صبر ۽
فيصلي فڪر جي تعريف ڪري نٿو سگهان هن هر ڪنهن طرح
جون ڪوششون، ان خطري جي خلاف پنهنجي طرفان ٿي ڪيون
جو هندستان ۾ انگريزي اقتدار کي حراس ۾ آڻي رهيو
هو. دستور موجب مان سر بارٽل فريئر کي طرحين طرحين
خبرون پهچائيندو ٿي رهيس. جي مونکي پنهنجي ايجنٽن
کان ملنديون ٿي رهيون. راجپوتانا ۽ جوڌپور، جي
پور، جيسلمير، ۽ پالي ۾ منهنجا ايجنٽ موجود هئا. ۽
پنجاب جي ڪيترن شهرن ۾ منهنجا واپاري دوست موجود
هئا. مون کي اجازت هئي ته مون کي جنهن وقت ڪو
اطلاع ملي ته مان ڪشمنر کي ان کان واقف ڪريان. ان
ڪري مون کي گورنمينٽ هائوس ۾ پهچڻ جا سڀئي حقوق
حاصل هئا. پوءَ ڏينهن هجي خواهه رات، مان هن حقيقت
جو شاهد آهيان ته هو ان زماني ۾ ڪيترو مشغول ٿي
رهيو. هو هميشه پنهنجي آفيس جي ڪوٺيءَ ۾ موجود ٿي
رهيو. ۽ سندس ڪوٺيءَ جي مٿان جهنڊو کليل ٿي رهيو.
سندس هٿ ۾ سدائين قلم ٿي رهيو. ڪڏهن پنهنجي
يادداشت ٿي لکيائين ته ڪڏهن حڪم ناما. مو کي هن
دوران ۾ کيس ورلي ٻاهر سواري ڪندي ڏٺو. ٿوري وقت
لاءِ هو بنگلي جي مٿين ماڙيءَ تي وڃي ويهندو هو.
جتي ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه هئي، منهنجي لاءِ،
هن پنهنجي دربانن کي حڪم ڏئي ڇڏيوهو ته جڏهن به
مان وٽس وڃان ته مون کي وٺي وڃي وٽس پهچائين!“
نائون مل جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت جي
حالتن کان فريئر کي ڪيڏو نه انتظار ٿي رهيو. پنجاب
کي بچائڻ لاءِ پشاور جي سلامتي ضروري هئي. جنهن ۾
انگريز ڪامياب ٿي چڪا هئا. چئن خوفائتن مهينن جي
انتظار کان پوءِ دهلي، تي قبضو ٿي چڪو هو ۽ اهو
انگريز جي وڃڻ وارو هو. هن هڪ دفعو وڌيڪ پنهنجو
وقار قائم ڪري ورتو هو. آخري مغل شهنشاهه بهادر
شاهه انگريزي قيد ۾ هو. لکنئو مان نانا صاحب ۽
تانتيا ٽوپي هڪاليا ويا هئا آزاديءَ جا هي سينا
پتي نااميدي مان انگريزي فوجن جو مقابلو به ڪند
ارهيا ۽ پاڻ کي به بچائيندا ٿي رهيا. سنڌ ۾ اگرچه
چوڌاري خاموشي ٿي نظر آئي مگر ڏورانهن ملڪن جون
خبرون اينديون ٿي رهيون. ان ڪري ملڪ ۾ انتشار هو.
هت به ڪن آزادي جي پروانن ۾ جوش هو. انگريزي تاريخ
نويس لکن ٿا ته:
”سنڌ ۾ باغين جو منصوبو هو ته حيدرآباد جي قلعي تي
قبضو ڪري ان کي تحريڪ جو مرڪز بڻايو وڃي تنهن کان
پوءِ ڪراچي، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ملتان ۾ هڪ ئي
وقت عملي قدم کنيو وڃي، مگر هي منصوبو ظاهر ٿي
پيو ۽ باغين جو سڄو منصوبو پُسي ويو.“
پهريائين حيدرآباد ۾ خطرو جاڳيو، 8 سيپٽمبر 1857ع
جي شام جو توبخاني جي هڪ ديسي صوبيدار ميجر،
پنهنجي ڪماڊنگ آفيسر ليفٽيننٽ بئٽس ڪامڊ کي اطلاع
ڏنو ته فوج ۾ ڳڙٻر نظر اچي رهي آهي. سپاهي مخفي
طرح هڪ ٻئي سان ملي رهيا آهن. بئٽس ڪامڊ هيءَ
حقيقت پنهنجي آفيسر برگيڊيئر مارس کي پهچائي ڏني.
هن نهايت چالاڪيءَ سان توبخاني جو قبضو ديسين
کان کسي فرنگين جي هٿ ۾ ڏنو. ان توبخاني کي، پوليس
۽ هڪ سئو منتخب فرنگي سولجرن جي نگراني ۾ قلعي ۾
پهچايو ويو. تيرنهن ديسي پيادل فوج جي ڪن سپاهين
کي به ساڻن شامل ڪيو ويو.موقعي جي نزاڪت کان،
انگريزي عورتن کي به قلعي ۾ موڪليو ويو، اگرچ
ڇانوڻي ۾ مڪمل سڪوت هو، مگر آفيسرن کي اطمينان
ڪونه هو.
فريئر کي جنهن وقت هي اطلاع مليو، هن خطري کي قريب
ايندو ڏٺو. هن رات جو ٻي بجي فوج جي ڪمانڊر ڪرنل
هٽ کي گهرائي ورتو. فريئر کيس حڪم ڏنو ته توب جي
لاءِ سٺ سپاهي، جن نئين تربيت حاصل ڪئي هئي. هڪدم
حيدرآباد موڪليا وڃن، انهن کان سواءِ 150 يورپي
سولجر به حيدرآباد ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ
موڪليا وڃن. ڪرنل هٽ هڪدم ڇانوڻيءَ ۾ پهچي سپاهين
کي موڪلڻ جي تياري ۾ لڳي ويو ۽ کين لانچن جي رستي
صبح سان حيدرآباد موڪليو ويو. هنن فوجن کي هدايتون
ڏنيون ويون ته فوج ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ وارن
سرڪردن کي هٿ ڪري، فوري سزا ڏني وڃي. جيئن اها
ڪارروائي ٻين جي لاءِ عبرت جو سبب بڻجي. هي سپاهي
حيدرآباد پهچي ويا ۽ تيرنهن نمبر ديسي پيادل فوج
تي ڪڙي نگاهه رکي وئي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو
حيدرآباد سواءِ ڪنهن رتوڇاڻ جي بچايو ويو.
ڪراچي:
فريئر، سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ پنهنجي رهائشگاهه کي
تفريح خاطر، ڪلفٽن جي هڪ بنگلي ۾ منتقل ڪيو. جيئن
کيس سمنڊ جي آبهوا کان آرام ملي. اها جاءِ ڪراچيءَ
جي شهر کان ٻه ميل پر ڀرو هئي. ساڻس گڏ ڪيپٽن گولڊ
سمڊ ۽ جان آرٿر ٿي رهيا 13 سيپٽمبر جي رات جو ان
وقت جڏهن دهليءَ تي انگريزن جو حملو شروع
ٿيو،تقريباً ٻي بجي جي مهل هڪ گهوڙي جي ڊوڙڻ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ٿوري وقت کان پوءِ ڪراچي جي فوج
جو هڪ آفيسر باب جانسٽن، فريئر جي سمهڻ واري ڪوٺي
۾ داخل ٿيو. هو پهريائين زور سان ڳائڻ لڳو ۽ پوءِ
سنجيده ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته 21 سيپٽمبر پلٽڻ بغاوت
ڪئي آهي. آرٿر ۽ گولڊ سمڊ يڪدم سجاڳ ٿي ويا ۽
هنن هن خبر کي راز ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن هتان
جي ملازمن کي اها خبر نه پوي. مگر ديسي ملازمن کي
اهي سڀئي خبرون معلوم هيون ته فرنگي حاڪمن تي
ڪهڙي مصيبت آيل آهي. باب جانسٽن کين ٻڌايو ته
قريباً يارهين بجي رات جو، 21 نمبر پيادي فوج جي
ٻن ديسي آفيسرن، ميجر ميڪ گريگر کي اطلاع ڏنو ته
هڪ حوالدار وٽن آيو ۽ کين چيائين ته ”اوهان
ڪيستائين خاموش رهندا- هيءُ وقت آهي ته اسان ڪجهه
ڪوشش ڪريون، نه ته ٻين هندستاني فوج وانگر اسان کي
به توبن سان اڏايو ويندو!“ هن کين وڌيڪ ٻڌايو ته
سڄي فوج ٻي بجي صبح جو بغاوت ڪندي. باغين کي اميد
هئي ته ڪراچي جي مسلمانن کان کين خاطر خواهه امداد
ملندي باغين جو ارادو آهي ته هتي يورپين جي قتل
عام کان پوءِ هو هٿيارن ۽ خزاني سان دهلي هليا
ويندا. هي گفتگو هلي رهي هئي ته فريئر ننڊ مان
جاڳي پيو، سڀني گڏجي کين سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
ڪمشنر گولڊ سمڊ ۽ آرٿر ان وقت ئي روانا ٿيا ۽
واريءَ جو پنڌ لتاڙي ان جاءِ پهتا جتي سندن گاڏي
موجود هئي. اک ڇنڀ ۾ ان کي تيار ڪيو ويو. هيءُ ٽئي
ان ۾ سوار ٿي ڇانوڻي ڏانهن هليا، راهه ۾ هو ڪمشنر
جي بنگلي وٽ ترسيا، جتي انگريزي عورتون ۽ ٻار
موجود هئا. فريئر مسز مير يويدر کي پاڻ وٽ گهرائي
ورتو. ميجر مير يويدر ان وقت، جان جيڪب جي جاءِ تي
جيڪب آباد ۾ سپرنٽينڊنٽ ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ جي عهدي
تي ڪم ڪري رهيو هو. مسز ويدر غير معمولي جرائت ۽
همت واري عورت هئي. فريئر ان کي سڄي تفصيل کان
واقف ڪري چيو ته هو عورتن ۽ ٻارن کي وٺي ٻي يورپين
ريجمينٽ جي کاڌ واري ڪوٺيءَ ۾ وڃي مقيم ٿئي.
فريئر سندس سنڀال لاءِ ٻه بلوچ گهوڙي سوار ۽ ٻه
چوڪيدار مقرر ڪيا. جي ڪئمپ جي طرف پنهنجي نگاهه
رکن ۽ جيڪڏهن رستي کان ڪنهن کي ايندو ڏسن ته مسز
مير يوريدر کي ان کان آگاهه ڪن. خطري جي حالت ۾
فريئر مسز مير يويدر کي هدايت ڏني ته هو زالن ۽
ٻارن کي وٺي سمنڊ ڏي وڃي جو اتان سڏ پنڌ تي هو
ٻيڙين ۾ چڙهي، جي اتي موجود آهن، ۽ پوءِ وڃي
منهوڙي جي قلعي ۾ پناهه وٺن.
هن انتظام کان فارغ ٿي، فريئر پنهنجي ساٿين سميت
ڇاڻوڻيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو. واٽ تي ماڻهن جو
آواز کيس مکين جي ڀون ڀون وانگر ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.
جڏهن هو پريڊ جي ميدان تي پهتو ، تڏهن کيس خبر پئي
ته خطرو اڳ ۾ ئي ختم ٿي چڪو آهي. ميجر ميڪ گريگر،
جو پنهنجي ماتحت فوج جي روش کان دلشڪستو هو. هن
چاهيو ٿي ته ديسي فوج کي وڃي خبردار ڪري، پر فوج
جي هڪ ديسي صوبيدار کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪئي ڇو
ته ائين ڪرڻ سان خوف هو ته متان فوج هڪدم بگڙجي
پوي. ان ڪري مٿيون ميجر فوج جي برگيڊيئر ۽ ٻي
يورپين توبخاني کي اطلاع ڏيڻ لاءِ روانو ٿي ويو.
پوري سوائين ٻارهين بجي فوجي گهنڊ وڄڻ شروع ٿي
ويو. ۽ هن خطري جو آواز ٻڌي، ستن منٽن ۾ ڇهه، ڇهن
پائونڊن جون توبون ۽ ٻه نون پائونڊن جون توبون
تيار ٿي ويون. ساڳئي وقت ٻي يورپين فوج جون چار
ڪمپنيون تحرڪ ۾ اچڻ لاءِ سنبري بيٺيون. خزاني تي
گارڊ مقرر ڪرڻ کان پوءِ ٻه سئو سولجر ڪلهوڪلهي سان
لائي توبخاني جي پوئتان روانا ٿيا.
چوڏهين ديسي پيادي فوج جي ڪمانڊر ڪئپٽن ليٿ کي، ان
وقت ئي ٻڌايو ويو ته ڇا ٿي رهيو آهي. هو هڪدم فوج
ڏانهن ويو ۽ فوج جا سپاهي جيستائين ڪجهه قدم کڻن،
توبخانو مٿن پهچي ويو. پريڊ جي ميدان تي پهچي
يورپي سولجر ديسين جي قطارن ۾ ڀريل بندوقن سان
اندر گهڙي ويا ۽ سڄي ديسي فوج مونجهاري ۾ پئجي
وئي. انگريزن جي هيءَ واقعي ٰخوشقسمتي هئي جو کين
قبل از وقت سڄي معلومات حاصل ٿي سگهي. ۽ هو پنهنجو
طرف مضبوط ڪري سگهيا. ديسي فوج جي جڏهن حاضري ورتي
وئي ته ايڪيهه ماڻهو گم هئا ۽ تيرنهن ماڻهن جون
بندوقون ڀريل هيون. يورپي سولجرن جي مجبور ڪرڻ تي
ديسي فوج پنهنجي هٿيارن ۽ بارود کي پريڊ جي ميدان
تي ڍير ڪري ڇڏيو. انگريزي فوج هن سڄي سامان تي
قبضو ڪري ورتو. اهڙي ريت هي خطرو ٽري ويو.
فريئر ۽ سندس ساٿي عين ان موقعي تي پهتا جڏهن ديسي
سپاهي پهنجي ڇانوڻيءَ ڏانهن موٽي رهيا هئا . رات
جي تاريڪيءَ ۾ ڪمشنر فوجين کي گڏ ڪري، صلح ۽ سانت
۾ رهڻ لاءِ هدايت ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته کانئن هٿيار،
موقعي جي نزاڪت کان کسيا ويا آهن ته جيئن سچن
ڏوهارين بابت جاچ ڪري، کين سزا ڏني وڃي.
انگريز زالن ۽ ٻارن جي مجموعي ۾ عجيب افراتفري
هئي، هي سڀئي خطري کان خائف هئا ۽ مصيبت ۾ گرفتار،
ان رات گرمي به غير معمولي هئي. جنهن بند جاءِ ۾
هي سڄي آبدي اچي تنگ ٿي هئي. کين خوف هو ته اڳتي
هلي الائجي ڇاٿئي. جيئن ئي خطرو ٽري ويو، هڪ قاصد
جي ذريعي سڄي حالت کان زالن کي آگاهه ڪيو ويو ۽
کين حڪم ڏنو ويو ته هو پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن
موٽي وڃن پرهه ڦٽي رهي هئي جو صبح جو ميرانجهڙي
روشني ۾ ٻار ۽ عورتون وري پنهنجي گهرن ڏانهن روانا
ٿي ويا. هيءُ چئن ڪلاڪن جو قيامت خيز انتظار! اهڙي
ريت ختم ٿي ويو ۽ انگريزي حڪومت جو بنياد اڳي کان
به مضبوط ٿي ويو. بهرحال فريئر سج اڀرڻ سان قريباً
ڇهين بجي گورنمينٽ هائوس ڏانهن موٽي ويو هي ءُ جو
ڪجهه به ٿيو، اهو رات جي اونداهي ۾ ايڏو ته خاموشي
سان ٿي گذريو جو ان جي خبر ڪنهن به ڪراچيءَ واسيءَ
کي نه پئجي سگهي.
رات جي وقت اها خبر پئجي نه سگهي هئي ته، فوج مان
غائب ٿيل سپاهي ڪهڙو طرف وٺي هليا ويا هئا.
درياهه جي پتڻن ۽ گهيڙن تي چوڪسيءَ جا حڪم موڪليا
ويا. ۽ گهوڙي سوارن کي ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن جي جدا جدا
ٽولن ۾ ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ موڪليو ويو ته هو ماڻهن
کي انهن جي ڀڄي وڃڻ کان اگاهه ڪن ۽ جيڪڏهن سندن ڪو
سراغ ملي ته سرڪاري چوڪي تي جو اطلاع ڏنو وڃي. هن
ڳولا جو نتيجو اهو نڪتو جو ٿوري وقت ۾ خبر ملي وئي
ته انهن مان ڪيترن کي ڏٺو ويو آهي. نون ماڻهن جو
هڪ ٽولو لس ٻيلي جي رستي تي نظر آيو هو جن پنهنجي
رات جبلن جي وچ ۾ گذاري هئي. انهن جي پويان ماڻهو
موڪليا ويا هئا پر هو اتان نڪري چڪا هئا. سندن
پيرو کنيو ويو ته هڪ گهاٽي جهنگ ۾ کين سوگهو ڪري،
گهيري ۾ ورتو ويو. آزادي جي هنن پروانن کي آخر ڪار
گرفتار ڪيو ويو. سندن ٻيا 8 ساٿي ڪراچي جي اولهه ۾
ڪن ٽڪرين ۾، ۽ پنجاهه ميلن جي فاصلي تي وڃي پهتا
هئا. کين بچاءَ جي چڱي جاءِ هٿ اچي وئي هئي. هو
وڏيءَ همت سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا هئا.
انگريزي جاسوسن هيءَ حقيقت فوج ۾ پهچائي ڏني ۽
انهن جي گرفتاريءَ لاءِ فوج ۽ پوليس کي موڪليو
ويو. سرڪاري طرف کي يقين هو ته هو پنهنجي اڳين
نون ساٿين وانگر پيش پوندا پر هنن سرويچن ذلت جي
زندگي تي عزت جي موت کي وڌيڪ ترجيح ڏني، سڄي ڏينهن
جي مقابلي ۾ هو آهسته آهسته هڪ ٻئي پٺيان مرندا
رهيا. غروب آفتاب جي وقت، سندن تنها ساٿي سيني تي
زخم کائي ڪريو، آزادي جي امنگ رکڻ وارن جو اهڙي
ريت خاتمه بالخير ٿيو!
بنا ڪردند خوش رسمي، بخاڪ و خون غلطيدن،
خدا رحمت ڪند بر، عاشقان پاڪ طينت را!
بهرحال ايڪٽهين فرار ٿيل ماڻهن مان 8 شهيد ٿي چڪا
هئا. ۽ چئن جو سراغ ملي نه سگهيو. ديسي ماڻهن،
فوج ۽ پوليس وارن سان پورو پورو تعاون ڪيو.
جيڪڏهن هنن جي سرڪاري ماڻهن سان مدد نه هجي ها ته
هي 31 سپاهي ملڪ ۾ وڏو رڻ ٻاري ڏين ها!
فريئر جي نيڪ طبيعت:
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته فريئر هڪ انگريز هو،
هن پنهنجي قومي سلطنت جي بچاءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيو
جو انگريز آفيسر لاءِ لازمي هو. پر باوجود انگريز
هئڻ جي به وٽس اهڙي دل موجود هئي، جنهن ۾ انسانيت
جي لاءِ ڪافي حب ۽ پيار موجود هو. اهي اوڻيهه
ماڻهو، جي بغاوت جي جرم ۾ قيد ۾ قابو هئا انهن تي
ڪورٽ ۾ راجڊوهي جو مقدمو هلي رهيو هو. فوج جي
ڪمانڊر ڪورٽ جي فيصلي ڏيڻ کان اڳ ۾ قيدين کي
ڦاسيءَ تي لڙڪائڻ لاءِ باقاعده ڦاسيءَ جي ڪوٺڙيءَ
جي تعمير ڪرائي فريئر کي ان جي ڪابه خبر ڪانه هئي.
هڪ ڏينهن جيئن کيس ان تعمير جي خبر پئي ته هن هڪدم
فوج جي ڪمانڊر کي ملاقات لاءِ گهرايو ۽ کيس چيو
ته:
”شايد، اسان ڪا غلطي ڪري ويٺا آهيون!“
”نه“ کيس ڪماندر جواب ڏنو.
”باغين تي اڃا ته مقدمو هلي رهيو آهي!“
”هائو، پر انهن کي ڦاسيءَ جي سزا ايندي، پوءِ دير
ڇو؟“
ڪمشنر کيس ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ملاقات ختم ٿي وئي
مگر صبح سان، ڦاسيءَ جون سڀئي ڪوٺيون منهدم ٿي
چڪيون هيون.
هو ڪمانڊر جي استبداد ۽ قومي تعصب ان بيحد تنگ هو.
هن بمبئي جي گورنر ايلفننستن کي لکي موڪليو:
”مکيه ڳالهه فقط هي آهي ته جنهن تي مون سان جنرل
متفق نه ٿيندو منهنجي راءِ آهي ته باغين جي مقدمي
هلائڻ لاءِ، اهڙيون ڪورٽون تشڪيل ڏنيون وڃن جن جا
جج ديسي هجن، مون کي يقين آهي ته ديسي ڪامورا ڪنهن
به حالت ۾ پنهنجي فرض کان بي اعتنائيءَ جي جرائت
ڪري ئي نه سگهندا.ائين ڪرڻ سان يورپي آفيسر غير
ملڪي هئڻ ۽ بي انصافي جي برتاءَ ڪرڻ جي الزام کان
بچي ويندا.“
بهرحال لارڊ ايفلننسٽن جي همدردي جي ڪري، فوج جي
ڪمانڊر فريئر جي راءِ کي قبول ڪيو ۽ هي مقدمو ديسي
آفيسرن جي فيصلي ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو. مون کي تاريخ
مان ڪابه خبر پئجي نه سگهي آهي ته اهي ڪهڙا ديسي
منصف هئا. جن غداري جي اعزاز کي پنهنجي لاءِ رحمت
سمجهيو. فريئر جي چالاڪيءَ جي ڪري، جن ۾ انگريزي
سلطنت جو استحڪام ۽ بقا هو، ديسي منصفن جي عدالت
مان آزادي جي هنن پروانن کي هڪ، ٻن کان سواءِ موت
جي سزا ڏني وئي. هنن بهادرن هن ڳالهه جو اقرار ڪيو
ته”سندن مقصد هو ته اجنبي حاڪمن کان پنهنجي وطن کي
آزاد ڪرايو وڃي!“ تاريخ سندن هن همت جي گواهي ٿي
ڏئي ته هو جانباز کلندي ڦاسي چڙهي ويا. دنيا ۾
ايندڙ نسل جي لاءِ، عبرت جو درس ڇڏي ويا. جيئن جان
مارٽينيو لکي ٿو”انهن مان هڪ پنهنجي ساٿين کي هن
جرم ۽ سزا جي مبارڪباد به ڏني!“ تاريخ ۾ هنن
آزاديءَ جي پروانن جا نه نالا موجود آهن ۽ نه
ڪراچي جي زمين تي ڪو نشان موجود آهي. مگر هي گمنام
سرويچ هڪ مؤرخ کان ڪڏهن به فراموش ٿي نه سگهندا.
ڪراچيءَ جو واقعو: نائون مل جي زباني
نائون مل پنهنجي غداريءَ جو ثبوت پيش ڪندي، ڪراچي
جي واقعات جو هيئن ٿو ذڪر ڪري:
”مون کي هن ڳالهه جو خوف پئي ٿيو ته ڪراچيءَ جي
ڇانوڻيءَ ۾ جي مسلمان سپاهي موجود آهن اهي اعتبار
جي لائق نه آهن، ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ بغاوت هڪ
مذهبي جنگ جي صورت اختيار ڪئي هئي. مان هڪ ڏينهن
سربارٽل کي خط لکي موڪليو ته:
’جيڪڏهن مو نکي اجازت ڏني وڃي ته مان زنجبار ۽
آفريڪا مان ڪي هزار ماڻهو وٺي اچان کين مذهب جي
بابت گهٽ شوق آهي ۽ اعتبار لائق آهن، مان ساڻس
تحرير ۾ اهو واعدو ڪيو ته ’ٽي يا چار هزار ماڻهو،
مان ٻن يا ٽن مهينن ۾ آڻي سگهندس. گورنمينٽ مون کي
انهن ماڻهن جي آڻڻ لاءِ فقط جهازن جي مدد ڏني ۽
بس!‘ بارٽل فريئر منهنجي هن درخواست تي بيحد خوش
ٿيو ۽ مون ڏانهن لکي موڪليائين ته هو، هن سڄي
حقيقت کي گورنمينٽ ڏانهن لکي رهيو آهي ۽ اتان حڪم
ملڻ بعد ڪجهه ڪري سگهبو.
”هن وچ ۾، ديسي پيادي فوج جا ڪراچيءَ جي ڇانوڻيءَ
۾ موجود هئي. جنهن ۾ ائوڌ ۽ دهلي جي ماڻهن جي
اڪثريت هئي. تن سڀني گڏجي، بغاوت لاءِ رٿ رٿي. پر
برٽش سرڪار جو ستارو اوج تي هو. بارٽل فريئرکي
سندن رٿن جي خبر پئجي وئي انهن کي پوري ريت تباهه
ڪيو ويو ۽ فسادين کي گرفتار ڪيو ويو. انهن مان ڪن
کي ڦاسيون ڏنيون ويون ته ڪن کي توب دم ڪيو ويو.
خدا جو شڪر آهي ته دهليءَتي قبضو ٿيو آهي ۽
هندستان جي ٻين هنڌن ۾ جابجا بغاوت کي دٻايو ويو
آهي. سربارٽل فريئر جا هتان مدد موڪلي آهي ان
دهليءَ ۾ وڃي بغاوت جي باهه کي اجهايو آهي.“
هيءَ آهي سيٺ نائونمل جي تحرير، جن انگريزن جي
دوستيءَ کي مقدم رکندي، پنهنجي هموطنين جي
برباديءَ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي هئي!
شڪارپور:
ڪراچي ۾ ان زماني ۾ جو ڪجهه گذري رهيو هو مان ان
کي مٿي تفصيل سان بيان ڪري چڪو آهيان پر هيءَ
حقيقت آهي ته اتر سنڌ جي شهر شڪارپور ۾، جيئن
مارٽينيو لکي ٿو،”ڪراچي ۽ حيدرآباد کان به حالتون
زياده خراب هيون“ ان جا ڪارڻ جي تاريخ ۾ ڏنا ويا
آهن اهي هيٺين ريت هئا.
پهريون شڪارپور جي چوڌاري، ٻن سون ميلن ۾، ڪو به
انگريز سولجر موجود نه هو. جيڪب آباد جي پوليٽيڪل
ايجنٽ مير يويدر وٽ ’سنڌ هارس‘ جو هڪ مختصر دستو
موجود هو. پر اهو، سنڌ جي اتر اولهه واري سرحد تي
قبضو رکڻ لاءِ ڪافي هو. خود نمبر 6 بنگال گهوڙي
سوار فوج تي به نظر رکڻ وارو هيءُ دستو هو.
حالتن جي خراب ٿيڻ لاءِ ٻيو هيءُ سبب هو ته
شڪارپور جي اتر ۾ پنجاب موجود هو، جتي هر وقت
انتشار ۽ تڪليف جي پيدا ٿيڻ جو خطرو ٿي رهيو. ان
ڪري شڪارپور جو حصو سنڌ ۾ وڌيڪ خطرناڪ تصور ٿي ڪيو
ويو. مير يويدر جي موجودگي سبب، خان ڳڙهه ۾ حالتون
گهڻي ضابطي هيٺ هيون، سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾،
محرم جو ڏهاڪو ٿي آيو، جيئن ته جان جيڪب پنهنجي
ايامڪاريءَ ۾ عشره محرم جي ڪارواين مثلاً تابوت جي
کڻڻ، دهلن جي وڄائڻ ۽ مرثين جي پڙهڻ تي پابنديون
وجهي ڇڏيون هيون. ۽ ٻن سالن کان اها مڪاني بندش
پنهنجي جاءِ تي قائم رهي. ان ڪري نمبر 6 بنگال
گهوڙي سوار فوج هن پابنديءَ بابت، شهر جي ڪوٽوال
وٽ پنهنجي شڪايت پيش ڪئي. هوڏانهن مير يويدر
بنگالي فوج کي مشڪوڪ نگاهن سان ٿي ڏٺو. هن به
ڪوٽوال کي جيڪب جي حڪم کان آگاهه ڪيو. ڪوٽوال،
جنرل جان جيڪب جي احڪام کي پنهنجي جاءِ تي موجود
ڏسي هن سال به ساڳئي پابندي لڳائي ڇڏي. بنگالي فوج
جي ڪن اڳواڻن ’سنڌ هارس فورس‘ جي هڪ پراڻي رسالدار
وٽ هي شڪايت ڪئي ۽ عرض ڪيو ته هو مير يويدر سان
ملي، هيءَ پابندي دور ڪرائي مگر ان پوڙهي رسالدار
کين جواب ڏنو ته:
”هيءُ هڪ حڪم آهي ۽ چڱو حڪم آهي پر جي بُرو به هجي
ها ته حڪم هو ۽ ان جي پوئواري ضرور ڪرڻي آهي.“
پوڙهي رسالدار جي جواب کان بنگالي فوج ۾ نه فقط
بددلي پيدا ٿي، پر ناراضپو به سندن مخفي گڏجاڻيون
ٿينديون رهيون جن کان ميريويدر به غافل نه هو.
جون سن 1857ع جي ابتدا ۾ جڏهن هندستان جي ٻين حصن
۾ آزادي جي جنگ جي تحريڪ زور وٺي وئي، مير يويدر
حالتن کي نهايت چوڪسي سان ڏسي رهيو هو. سندس نگاهه
اتر سنڌ جي انهن ٻين انقلابين تي پئي رهي هئي جن
انگريزي سلطنت کي پنهنجي لاءِ بدبختي ٿي تصور ڪيو.
مير يويدر کي الائجي اهو ڇو شڪ هو ته اهي انقلابي
سرويچ، نه قفط هندستان جي حالتن کان خبردار آهن پر
سنڌ ۾ اهي ئي هن تحريڪ سان گهري دلچسپي رکندڙ آهن
اهي ٻه انقلابي هئا.
(1) دريا خان جکراڻي بلوچ
(2) دلمراد خان کوسو بلوچ
سيپٽمبر سن 1857ع شڪارپور ۽ خان ڳڙهه ۾ جو ڪجهه به
ٿي گذريو هو ان جو الزام انگريز آفيسرن جي جماعت
مٿين ٻن ماڻهن تي رکي ٿي. هي ٻئي گهڻي عرصي کان
حڪومت جا معتوب هئا ۽ هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هو
ڪڏهن به انگريزي حڪومت سان وفادار ٿي نه رهيا.
دريا خان جکراڻي
دريا خان جکراڻي، جکراڻي قبيلي جو رئيس هو، هو
جانيديري جي آسپاس جو ويٺل هو. خان ڳڙهه کي پوءِ
پنهنجو وطن بڻايو. سن 1840ع ۾، جڏهن مير بجار خان
ڊومڪيءَ انگريزن جي خلاف ڪڇيءَ ۾ بغاوت ڪئي، تڏهن
دريا خان جکراڻيءَ ۽ سندس سئوٽ ترڪ علي جکراڻيءَ
ان ۾ وڏو حصو ورتو،جنرل جان جيڪب، دريا خان جو
تعارف پنهنجي مضمون ۾ هيٺين ريت ٿو ڪرائي.
|