سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :3

ان ۾ شڪ نه آهي ته انساني ڀائيچاريءَ جي اجتماعي نصب العين کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام جو اولين پروگرام جماعت سان نماز آهي. پر ان جو عظيم ترين مظاهرو  هر سال حج جي موقعي تي ٿيندو آهي. جنهن ۾ دنيا جا مسلمان ڪهي اچي مڪي معظمه ۾ جمع ٿيندا آهن ۽ خدا جي پهرئين گهر (خانه ڪعبه) جي چوڌاري، ڪفن نما احرام ٻڌي، ۽ تمام دنيا جي مصنوعي مرتبن ۽ نشانن کي وساري گڏجي طواف ڪندا آهن. محلي جي مسجد ۾ نماز با جماعت جي پڙهڻ جي فضيلت ۽ قدر و قيمت ڪنهن به بيان جي محتاج نه آهي. جيتوڻيڪ نماز گهر ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ به پڙهي سگهجي ٿي پر نماز ۽ بالخصوص جمع جي نماز مسجد ۾ جماعت سان اد اڪرڻ نهايت ضروري ۽ موڪد آهي. مسجد مسلمانن جو اجتماع گاهه آهي. مسجد جي لغوي معنيٰ سجده جي جڳهه آهي. پر اجتماعي عبادت جو شان ۽ شوڪت، عزت ۽ عظمت سڀ کان وڌيڪ حج جي موقعي تي نمايان هوندي آهي. لکن جي تعداد ۾ هر سال دنيا جي مختلف ڪنڊن مان مسلمان بيت الله جي طرف ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪندا آهن. ان ۾ شڪ نه آهي ته هو سڀ  مختلف قومن جا ماڻهو هوندا آهن پر ان جاءِ تي هو سڀ هڪ ئي انساني برادريءَ جي ميمبرن جي حيثيت ۾ پنهنجي رب جي حضور ۾ حاضر ٿيندا آهن. هو سڀ هڪ واحد خدا جا عاجز بندا آهن. جن کي رڳو ديني ۽ ايماني رشتي هڪ ٻئي سان پيوست ڪري ڇڏيو آهي. بلاشبه انهي متعلق انهن سڀني کي هڪ ٻئي جو ڀاءُ بڻائي ڇڏيوآهي.

انساني! اخوت جي قيام لاءِ اسلام جيڪو انقلاب برپا ڪيو آهي، ان  جي اهميت کي اڄ تائين پوريءَ طرح سمجهيو  نه ويو  آهي. اسلام کان سواءِ انسانيت جي تنظيم لاءِ ٻن عناصر کان ڪم ورتو ويو  آهي، ان ۾ هڪڙو خون جو ناتو  ۽ رشتو  آهي ۽ ٻيو جغرافيائي ۽ مادي ميلاپ آهي. جيڪو زمين جي باشندن جي وچ ۾ ڏٺو ويو آهي. هڪ قبيلي جي افراد جي رڳن ۾ مشترڪه خون جو گردش ڪرڻ يا انهيءَ جو هڪ ئي خطه ءِ زمين ۾ رهڻ، بس اهي ئي آُهي عمل هئا، جن جي زور تي مردن ۽ عورتن کي هڪ منظم معاشري جو جزو بڻايو وڃي ٿو ۽ اجتماعي گروهبندي جي لاءِ انهي تسلي يا مادي لاڳاپي تي دارومدار رکيو وڃي ٿو. ان نقطه نظر جي تنگيءَ ۽ محدود هجڻ جو اندازو، صرف ان حقيقت  مان ڪري سگهجي ٿو ته اهڙي قسم جي تنظيم ۾ انهن عاملن کي اپيل ڪئي ويندي هئي ته اهي ئي ان جي رڪنيت اڳ ۾ طئي ڪري ڇڏيندا هئا. جن جو انساني فطرت جي انهن اخلاقي صفتن سان ڪوئي تعلق نه هو. جيڪي انسان کي حيوانن کان جدا ڪنديون  آهن، خاڪ ۽ خون جو رشتو ته حيوانن کي به هڪ هنڌ ڪٺو ڪري سگهي ٿو. انسان کي انسان سان پيوست ڪرڻ لاءِ ته هڪ قلبي ۽ روحاني رشتي جو هئڻ ضروري آهي. ۽ اهو ئي اهو رشتو آهي، جنهن تي اسلام زور ڏنو آهي. اسلام اسان کي اها تعليم ڏني آهي ته انسانيت کي هڪ ئي واحد تنظيم ۾ منسلڪ ڪرڻ لاءِ ايماني رشتو درڪار آهي. ۽ انهيءَ جي ذريعي ئي تمام انسان هڪ ئي لڙهيءَ ۾ پوئجي سگهجن ٿا. اسلام مادي علائق جي جاءِ تي، معنوي ۽ اعتقادي رشتي کي رابطي جو ذريعو بنايو ويو آهي. ۽ غير مبهم طريقي  تي اسلام اهو اعلان ڪيو آهي ته عرب کي غير عرب تي ڪائي فضيلت نه آهي ۽ خدا جي نزديڪ زياده معزز اهو آهي، جنهن ۾ سڀ کان زياده تقوا ۽ ضبط نفس هجي.

اسلام هن جي نقطه نظر کي بلڪل تسليم نه ٿو ڪري ته ڪو مختلف نسلي، جغرافيائي يا قومي فرقن ۽ ويڇن جي پيش نظر بني نوع انسان ۾ ڪو خاص فرق واقع ٿئي ٿو. بلڪه اسلام انهيءَ کي نهايت واضح لفظن ۾ محض هڪ تعارف يا سڃاڻپ جو ذريعو سڏيو آهي.

اسلام ۾ انسانيت جا جوهر ۽ ان جي عز ۽ شرف جو معيار بلڪل ٻيءَ طرح آهي. ۽ انهيءَ  بنا  امتيازي وصف جي بنياد تي، هڪ انسان ۽ ٻئي انسان جي وچ ۾ اخوت ۽ مساوات جا تعلق قائم ٿين ٿا. اسلام جي عام هجرت جي حڪم، تاريخ انساني ۾ نسلي، لساني ۽ قومي گروهبندين کان بالاتر هڪ الڳ يگانگت جو تصور پيش ڪيو آهي. اسلام ۾ انسانيت جو تخيل هي آهي ته هي هڪ قافلو ڪاروان آهي. جنهن جون مختلف ٽوليون هن احساس  ۽ جذبي تحت روان دوان ٿيڻ کپن ته اسان سڀ خدا جي لاءِ آهيون ۽ انهيءَ جي طرف موٽايا وڃون ٿا ۽ اسان هڪ ئي منظم ۽ مربوط برادريءَ جا افراد آهيون.

ان طرح هڪ عمومي انداز ۾ ڪمال ۽ اجتماعي استحڪام جي متعلق اسلامي نصب العين جي مضمرات کي بيان ڪيو ويو آهي. جيڪو انسانيت کي هڪ وحدت ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.

جديد نظريات مان منهنجي مراد اشتراڪيت ۽ سرمائيدارانه  نظام آهي انهن ٻنهي نظامن هن معاملي ۾ انتهائي متضاد نظريا پيش ڪي دنيا ۾ ٻه طرفي مشڪل مصيبت پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ معتدل ۽ وچ واري رستي ڪڍڻ جي ضرورت  آهي ۽ اسلام جي اها به هڪ خوبي آهي ته هو اسان کي ميانه روي سيکاري ٿو ۽ انتها پسنديءَ کان بچائي ٿو. حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم جن جي امت کي الله سائينءَ”امة وسطا“ جو خطاب ڏنو آهي.

منهنجي نزديڪ، فرد جي تربيت هن طريقي تي هئڻ کپي ته هو پنهنجي مفاد کي جماعت جي فلاح ۽ بهبود جي تابع رکي سگهي ۽ ٻئي طرف حڪمرانن کي پنهنجا اختيار هن اصول ۽ عقيدي کي سامهون رکي استعمال ڪرڻ کپن، ته جيڪڏهن فرد جي انفرادي حيثيت کي نظرانداز ڪري ۽ ان کي محض رياست جي عظمت ۽ شوڪت جي برقراريءَ لاءِ آله ڪار بنايو وڃي، ۽ فرد جي زندگيءَ کي اهڙي ضابطه بنديءَ جي شڪنجي ۾ جڪڙيو وڃي، جنهن کان انهيءَ جون تخليقي ۽ اجتهادي قوتون مفلوج ٿي وڃن، جنهن سان هوند جماعت جي عمومي فلاح جي لاءِ ڪم ڪري سگهي ها. ٻين لفظن ۾ فرد کي کپي ته ان جي استحڪام ۽ ارتقا جي لاءِ ڪوشان رهي ۽ امانت ۽ اقتدار جن ماڻهن وٽ آهي، انهن جو ڪم اهو آهي ته هو اهڙيون حالتون پيدا ڪن جن ۾ فرد جي خوديءَ جي نشو و نما ٿي سگهي جيئن هو حق جي تلقين ۽ تبليغ جو فرض پورو ڪري سگهي. باهمي اعتقاد، اثار ۽ رواداريءَ جي فضا، اهڙيءَ طرح وجود ۾ آڻي سگهجي ٿي، سماجي منظر جون ٻه انتهائي چوٽيون آدمي ۽ نوع آدم، فرد  ۽ رياست، انهيءَ طريقي تي هم آهنگيءَ سان پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري سگهن ٿيون. آخر اهو فرد ئي آهي، جيڪو پنهنجي انفرادي حيثيت ۾ الله جي سامهون ذميدار ۽ جوابدار آهي. رياست بحيثيت رياست جي، يا پوري انسانيت بحيثيت بني نوع جي جوابدار نٿي ٿي سگهي. ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته معاشري ۾ بنيادي طور تي جيڪا شئي مطلوب ۽ مقصود آهي، اها آهي هر فرد جي زندگيءَ کان بک، غربت، جهالت ۽ احتياج کي دور ڪيو وڃي ۽ پوءِ ان کي مادي سطح کان بلند ڪري پنهنجي خالق جي عبادت ڪرڻ ۽ ان جي احڪامن بجا آڻڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي. ان ڳالهه کان بلڪل انڪار ڪونهي ته خاندان، قبيلو، گروهه، قوم بلڪه انسانيت جو پورو نسل هڪ مصنوعي وجود رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته ان نالي جون ڪي به شيون زندهه يا مشخص هستيون موجود نه آهن. ان جو وجود محض اعتباري آهي ۽ رڳو ان حد تائين حق بجانب آهي، جنهن حد تائين هو فرد جي ترقيءَ جي بقا ۽ اضافي جو ضامن آهن. تنهن ڪري انهن مصنوعي موجودات جي نالن تي جن ماڻهن کي ڪم ڪرڻ ۽ فيصلي نافذ ڪرڻ جو موقعو ملي، انهن کي هيءَ ڳالهه هرگز فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته انهن جي اصل ذميداري فرد جي نشو نما آهي. اهڙيءَ طرح فرد به پنهنجي جاءِ تي تڏهن ئي فائديمند ٿي سگهي ٿو، جڏهن هو هئيت اجتماعيءَ کي برقرار رکڻ ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ ايثار  ۽ بي نفسيءَ کان ڪم وٺي. جهڙي طرح داڻو مٽيءَ ۾ ملي ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ڪري هڪ ٻوٽي جي شڪل ۾ نمودار ٿيندو آهي. ۽ ڦل ڏيندو آهي ۽ آخر ڪار ٻج جو هڪڙو فصل وجود ۾ ايندو آهي، اهڙيءَ طرح جيڪو پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجي انفراديت کي اجتماعيت ۾ ضم ڪندو آهي ۽ معاشري جي ٻين جزن مثلاً خاندان، قبيلي، ۽ قوم سان گڏجي ملي ڪم ڪندو آهي، تڏهن انهيءَ جون صلاحيتون پروان چڙهنديون آهن. اها ئي حقيقت آهي  جنهن کي قرآن مجيد  هيٺين لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

”تون ڀلائي حاصل نه ڪري سگهندين، جيستائين تون ان مان خرچ نه ڪندين، جنهن سان تون محبت ڪندو آهين.“

مسلمان کان ان ڳالهه جو مطالبو  آهي ته هو رضاڪارانه طور تي مصروف ۽ انفاق کان ڪم وٺي ۽ انهن کي سج وانگر بنا ڪنهن معاوضي جي روشني ۽ گرمي فراهم ڪري، زڪوات مسلمانن جي انهيءَ طرز ۽ عمل جو هڪ نمونو آهي ۽ ان جو مقصد اهو آهي ته فرد جماعت جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ قرباني پيش ڪري ۽ پنهنجي مال کان دستبردار ٿي وڃي. انسان ڪنهن شئي جو حقيقي مالڪ نه آهي انهي لاءِ ته جنهن مال جو ٻيو بهترين مصرف ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ان کي روڪي رکڻ جو ان مان مالدار وٽ ڪو حق ڪونهي، ان طرح جڏهن ماڻهو پنهنجي مفاد کي نظرانداز ڪري ٿو ۽ ٻين کي پنهنجي نفس تي ترجيح ڏئي ٿو، انهي وقت اهو ماڻهو فرشتن جي قطار ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.

مون مٿي هن حقيقت کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته اسلام هڪ بهتر ۽ اعليٰ تر دنيا کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪري ٿو. اسلام جو نصب العين همه گير ۽ غير محدود آهي. اسلام جيڪي بلند ترين اخلاق ۽  ڪردار جا معيار مقرر ڪيا آهن، اسان جدوجهد ڪري درجي بدرجي انهن جي بلڪل قريب تر پهچي سگهون ٿا. ليڪن آخري منزل تائين  پهچي نه سگهنداسون. اسان پنهنجي تمام ڪوششن جي باوجود ڪمال جي معيار تان هيٺ رهنداسين. ۽ ان کان جيترو هيٺ اسان هونداسين پنهنجي پستيءَ جو احساس اسان کي ايترو ئي زياده ڪوشش تي اڀاريندو. اسلامي مقصدن ۽ نصب العين جي حصول جي لاءِ مسلسل ڪوشش جو نالو ”جهاد“ آهي. هن لفظ جي معاملي  ۾ گهڻيون ئي غلط فهميون ڏٺيون وڃن ٿيون. پر ان جي اصل معنيٰ اها ئي آهي، مان ٻيهر پڻ ائين چوندس ته  هڪ مسلمان جي لڳاتار پنهنجن مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ، اهو ئي سڀ کان وڏو ”جهاد“ آهي. ان ۾ شڪ نه آهي  ته”جهاد“ جون ڪي مختلف شڪليون ۽ ڪي صورتون ٿي سگهن ٿيون. الله جا احڪام ۽ فرمان جن جي تشريح نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم پنهنجي قول ۽ فعل سان ڪئي آهي. انهن جي اسان  جيتري زياده مضبوطي سان پيروي ڪنداسين اوترو ئي اسان جو اخلاقي مرتبو ۽ وزن انهيءَ حساب سان وڌندو ويندو. آخر ۾ منهنجي گذارش اها آهي ته اسان جي تعليم گاهن ۾ ”اسلاميات“ جو موضوع، اسلام جو مڪمل نصب العين هئڻ کپي، اسلاميات جي باري ۾ ٻي هڪ وڏي غلط فهمي اها به آهي ته ان کي  بعض وقتن تي صرف قرآن مجيد جي تفسير، حديث جي انتخاب ۽ قديم ڪتابن ۽ فقهه جي مطالعي تائين محدود ڪيو ويو آهي. اهو به صحيح آهي ته اسلامي نقطهء نظر نه آهي. طبعيات، علم ڪيميا، علم الحيات، رياضي، فلڪيات، زراعت، طب، واپار، قانون ۽ تاريخ وغيره جو  مطالعو به جيڪڏهن اهو  مقصد پيش نظر رکي ڪيو وڃي ٿو ته هوند فرد جي زندگي پاڪيزه ٿي پوي ۽ پوري انسانيت لاءِ اتحاد جو ذريعو ثابت ٿئي ته پوءِ اهڙو مطالعو به ”اسلاميات“ جو ئي حصو آهي.

اسلامي طرز حيات ۾ دين ۽ دنيا جي وچ ۾ ڪوئي فرق ۽ امتياز ڪونهي. انهيءَ ڪري اسلام جي طالب علم کي زندگيءَ جي شعبن ۾ ديني ۽ غير دينيءَ جي تفريق جو  مهلڪ نظريو تسليم نه ڪرڻ گهرجي. پوري زندگي هڪ وحدت آهي ۽ مشيت الاهيءَ کان وجود ۾ آئي آهي. ان ۾ ناپاڪ جزن جو ڪوئي دخل نه آهي. هڪ مسلم اسڪالر کي محبت ۽ گرمجوشيءَ سان پنهنجي اسلامي نصب العين سان همڪنار هئڻ کپي ۽ حق جي عبادت ۽ عبوديت جي جذبي ۾ سرشار ٿي ڪري، علم جي تحصيل واري ڪم کي جُنبي وڃڻ گهرجي.

ان طريقي سان نه صرف ان کي انفرادي تڪميل حاصل ٿيندي، پر هو ان سان گڏ پوري انسانيت کي سڀني گهمراهين کان پڻ بچائي سگهي ٿو. جيڪا خدا جي حقن ۽ قيصر جي حقن جي مصنوعي تفريق جو نتيجو آهي. وقت جي پڪار ئي اها آهي ته حالتن جي تقاضا به اها ئي آهي. خوشبخت ۽ خوشنصيب آهن اهي ماڻهو، جيڪي هن پڪار  کي ٻُڌن  ۽ پنهنجي لڳاتار جدوجهد جي ذريعي ان اعليٰ ۽ بلند نصب العين کي حاصل ڪن، جنهن لاءِ انسانيت پيدائش جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين وڙهندي پئي اچي.

مولانا محّب علي سنڌي

پير حسام الدين راشدي

سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا با ڪمال عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي ذات نه فقط سنڌ لاءِ فخر و مباهات جو سبب رهي آهي، پر سنڌ کان ٻاهرين دنيا به سندن علم ۽ فضل جي فيض کان مستفيد  ٿي آهي.

مولانا محب علي سنڌيءَ جي ذات والا صفات، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ سونهري ڪڙي آهي. جنهن بزرگ جي علمي ڪمال ۽ ديني مرتبي، سنڌ کان وڌي هندوستان جي تاريخ ۾ به اهم مقام حاصل ڪيو آهي. خان خانان جهڙي عظيم المرتبت سپهه سالار ۽ سخن پرور امير به سندس صحبت ۽ معيت کي غنيمت ۽ سندس وجود مسعود کي باعث عزت  تصوّر ڪيو آهي.

مولانا جي متعلق سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۽ تذڪري ۾  تاريخي ۽ مستند احوال ڪونه ٿو ملي. سواءِ مير علي شير قانع جي ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’مقالات العشراء‘ جي پر افسوس اهو آهي ته انهن ٻن ماخذن ۾ به فقط چند ناڪافي فقرا موجود آهن.

جيڪڏهن هو بزرگ هندستان نه پهچي ها ته پوءِ شايد اسان کي سندس احوال جي سلسلي ۾ فقط اهي ئي چند سٽون نصيب ٿين ها. ليڪن شڪر آهي، جو هو صاحب هندستان ويو، جتي سندس علم ۽ فضل چمڪيو ۽ اڪبري ۽ شاهجهاني دؤرر جي مؤرخن ۽ تذڪره نويسن سندس حال احوال قلمبند ڪيو. ان سان گڏ، سندس علم ۽ فضل جي تعريف ۾ پنهنجا ڪيترا صفحا صرف ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان انهيءَ قابل ٿيا آهيون جو هي چند سٽون سندس متعلق مرتب ڪري سگهيا آهيون.

مولانا جا بزرگ:

خوشگو، پنهنجي ’سفينه‘ ۾ ۽ عبدالباقي نهاوندي، ’ماثر رحيمي‘ ۾، مولانا جي والد جو نالو مولانا حيدر علي لکيو آهي. ليڪن ’بادشاهه نامه‘ جو مصنف سندس والد جو نالو  صدر الدين ڄاڻائي ٿو. پهريان ٻئي مصنف لکن ٿا ته ”سندس والد مولانا  حيدر علي اوائلي عمر ۾ سمرقند مان لڏي اچي  سيوهڻ ۾ مقيم ٿيو“ ان طرح عبدالحميد لاهوري’بادشاهه نامه‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته ”سندس ڏاڏو علي بيگ بابر سان گڏ ٺٽي ۾ پهتو، ۽ مستقل طرح سان اتي بودوباش اختيار ڪيائين.“

 انهيءَ سلسلي ۾ عبدالباقيءَ تي وڌيڪ اعتبار ڪري سگهجي  ٿو، ڇاڪاڻ ته هو خان خانان جو مؤرخ آهي ۽ مولانا سندس همعصر به هو ۽ خان خانان جي علمي مصاحبن ۾ وڏي حيثيت  جو مالڪ پڻ هو. تنهن ڪري کيس وڌيڪ مستند ۽ تحقيقي احوال ملي سگهيو هوندو. حقيقت هي آهي ته سندس ڏاڏو علي بيگ نه بلڪه سندس والد مولانا حيدر علي سمرقند مان لڏي سيوهڻ ۾ اچي ويٺو، جتي هن مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواريءَ جي ملازمت اختيار ڪئي.

قبيلو:

مولانا جي قبيلي متعلق سواءِ ’بادشاهه نامه‘ جي، ٻيا سڀ سوانح نگار خاموش آهن، چنانچه عبدالحميد لکي ٿو ته:

”او خود راه به گروهه ’کوهه بر‘ که از قبيله است از قبائل ’چغتا‘ ، منسوب مي سازد.“

تولد:

مولانا محب علي بقول ’رحيمي‘ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو ۽ اڃا ننڍو ئي هو  جو سندس والد فوت ٿي ويو. ان حقيقت جي تائيد ۽ تصديق عبدالحميد لاهوريءَ پڻ ڪئي آهي. جڏهن پاڻ سمجهه ڀرو ٿيو، تڏهن ’سيوهڻ‘ مان لڏي اچي ’ٺٽي‘ ۾ ويٺو، جتي تعليم حاصل ڪري علم ۽ فضل ۾ ڪمال پيدا ڪيائين.

خان خانان جي ملازمت:

اڪبر جي زماني ۾ جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان، مرزا جاني بيگ تي فتح حاصل ڪري، سنڌ کي مغل شهنشاهت ۾ داخل ڪيو، تڏهن مولانا شڪيبيءَ جي تحريڪ تي، جيڪو ان وقت ٺٽي  ۾ مرزا سان گڏ هو، مولانا محب عليءَ کي پنهنجي ملازمت ۾ داخل ڪيو. عبدالباقي نهاوندي لکي ٿوته:

”در اصل اوائل سن صبي ڪه آن جناب در ’تته‘ بڪسب ڪمال مشغولي مي نمود، خدمت حسان الزماني، مولانا شڪيبي اصفهاني ڪه انيس و جليس اين سخندان (خان خانان) و سخن پرور بود، ايشان، در يافته، و اطلاع بر فضل و ڪمال و سلامت نفس و فقر و مسڪنت اين خورد و بمعنيٰ بزرگ، پيدا ڪرد، احوال آن، را ڪماحقہ  بخدمت اين دوستدار دوريشان عرض نمود.“

جڏهن خان عزت نشان جي سامهون مولانا پيش  ٿيو، تڏهن هيٺيون شعر عرض ڪيائين.

بي غم، عشق، تو صد حيف ز عمري، ڪه گذشت،
پيش زين ڪاش! گرفتار غمت مي بودم!

اهو واقعو 999 هجري ۾ ٿيو، مرزا عبدالرحيم خان خانان جي ملازمت کان سواءِ مولانا ٻئي ڪنهن جي نوڪري اختيار نه ڪئي، جيئن پاڻ چوي ٿو:

مرا چون شد جواني بر در تو،

نخواهم شد به پيري از بر تو.

اهڙيءَ طرح عبدالباقي به چوي ٿو:

”بغير خدمت و صحبت اين بزرگوار رفيع مقدار، خدمت و صحبت هيچ يڪ از اهل زمان اختيار نه نمود و نديد.“

خان خانان وٽ، مولانا نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي بسرڪئي ۽ زماني جي سڀني ضرورتن  ۽ گهرجن کان بي نياز  رهيو. جيئن مولانا پڻ ان علم پرور امير جي صحبت ۾ خوش ۽ خورم رهيو، تيئن خان خانان لاءِ به مولانا جو وجود مسعود فخر ۽ مباهات جو سبب هو چنانچه عبدالباقي  لکي ٿو:

اين عالي شان(خان خانان) يوجود، فايض الوجود او ... مباهات مي نمايد، و صحبت او را غنيمت مي شمار ند.“

نواب شاهنواز جي اتاليقي

1025 هجري ۾ جڏهن خان خانان، دکن تي ڪاهيو، تڏهن پنهنجي پٽ، نواب شاهنواز خان کي به ساڻ ورتيون ويون ۽ مولانا کي به سندس پڙهائڻ لاءِ ساڻ کنيائين.

1028 هجري ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان، ڪثرت شراب نوشيءَ جي ڪري وفات ڪئي، تڏهن مولانا به فارغ ٿي وڃي برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو.

حج جو سفر:

مولانا شڪيبي، المتوفي 1023هه، جڏهن حج تي اسهيو تڏهن مولانا به ساڻس همسفر ٿيو، مولانا شڪيبيءَ کي خان خانان 80  هزار رپيا ٻين سڀني ضروريات سان گڏ، نقديءَ جي صورت ۾، زاده راهه لاءِ ڏنا. ۽ ساڳئي وقت مولانا لاءِ بقول رحيمي

”ما يحتاج راهه و خر، ضروري آن، سفر را، چنانچه بايد و سايد يجهت او مستعد و مهيا  ساختند.“

انهيءَ سعادت کان سرافراز ٿي، جڏهن موٽيا تڏهن عدن جي  بندر تي سندن ٻيڙي غرق ٿي وئي. چنانچه ٻين حاجين سان گڏ هنن ٻنهي بزرگن وٽ جيڪو مال اسباب ۽ پيسو ڏوڪڙ هو، سو ڪجهه ته عرق ٿي ويو، باقي شهر جي حاڪمن ۽ عاملن جي ور چڙهيو. اهڙيءَ طرح حيران پريشان، بندر سورت تي پهتا، جيڪو ان وقت خان خانان جي جاگير ۾ هو. خان خانان کي جڏهن اهو واقعو معلوم ٿيو ته وري به انعام اڪرام ڏئي کين نهال ڪري ڇڏيائين.

مولانا جيترو وقت،  مڪه معظمه ۽ مدينه عاليه ۾ هو، سارو وقت  ماڻهن کان پري گوشه نشينيءَ عبادت ۽ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو هو.  چنانچه مولانا شڪيبي سان به هر ڏهن ڏينهن کان پوءِ، فقط هڪ دفعو شهر کان پري، ڪنهن ويراني ۾ ملندو هو سو به تڏهن جڏهن مولانا شڪيبي، سندس لاءِ ڳولا جاري رکندو هو.

عبدالحميد لاهوري لکي ٿو ته حج تي ويندي سورت بندر ۾ پهچي، مولانا شيخ محمد فضل الله جي صحبت مان فيضياب ٿيو ۽ کانئس خلافت جو خرقو حاصل ڪري، پوءِ روانو ٿيو.

حج تان موٽڻ بعد وري اچي سپہ سالار جي ملازمت ۾ مشغول ٿيو. ليڪن هن دفعي ’دائم الصوم ۽ قائم الليل‘ رهڻ پنهنجو شعار بنايائين ۽ تسبيح ۽ تهليل ۾ سارو وقت صرف ڪرڻ شروع ڪيائين.

برهانپور ۾:

1028هجري ۾ جڏهن نواب شاهنواز خان فوت ٿيو تڏهن مولانا به دنيا کان آقي باقي تعلق ٽوڙي، مستقل طرح سان وڃي. برهانپور ۾ گوشه گير ٿيو.

عبدالحميد لاهوري لکي ٿو:

”ٽيهه سال خان خانان وٽ رهڻ کان پوءِ، برهانپور پهتو ۽  ٿوري عرصي کان پوءِ اتان حج تي ويو ۽ موٽي وري به اچي برهانپور ۾ مقيم ٿيو.“

999 هه ۾ مولانا، خان خانان وٽ ملازم ٿيو، ۽ 1028 هه ۾ نواب شاهنواز جي وفات کان پوءِ گوشه گر ٿيو، تنهن ڪري ٽيهن سالن نه پر اڻٽيهن سالن کان پوءِ، پنهنجي ڪرم گستر سپهه سالار کان علحدو ٿيو، اهڙيءَ طرح بقول عبدالباقي:

”در ايام ملازمت ايشان باين سعادت سرفراز گرديد“

يعني 1023 هجه کان اڳ، مولانا حج تي ويو، ڇاڪاڻ ته اهو سن، مولانا  شڪيبيءَ جي وفات جو آهي. جيڪو ساڻس مسافر هو.

ملا عبدالنبي فخر الزماني، مولانا جي ذڪر ڪندي، هڪ  دفعي لاءِ لکيو  آهي، ته مولانا خان خانان کان موڪل ڪري پنهنجي وطن جي حب ۾ ڳوٺ ڏانهن ٿي موٽيو. ليڪن اڃا پهتو ئي ڪين ته وري  خان خانان ياد پيو، چنانچه انهن پيرن تان موٽي وڃي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ هن طرح معذرت ڪيائين.

”خواستم چون صبت جودت، سرنهم در عالي – ڪوهه شوقت سدره شد، چون صدا باز آمدم.“

اهڙيءَ طرح عبدالنبيءَ فخرالزمانيءَ جي ’مئيخانه‘ ختم ٿيڻ يعني 1028هه تائين، سندس لکڻ موجب ”مولانا خان خانان وٽ هو.“

شاهجهان جي ملازمت:

ملا عبدالحميد لکي ٿو ته جڏهن صاحب قرآن ثاني، شاهجهان 1037ع ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن مولانا وري اچي بادشاهه جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. اهڙيءَ طرح مولانا جي هم وطن، مير علي شير قانع به ’مقالا الشعراءَ‘ ۽  ’تحفة الڪرام‘ ۾ سندس احوال ۾ جيڪا هڪ اڌ سٽ لکي آهي، ان ۾ کيس شاهجهان جو ملازم لکيو اٿس.

شاهجهان جي درٻار ۾ به مولانا کي وڏو مرتبو حاصل هو. 1047ع ۾ بارش نه پوڻ سبب جڏهن سخت ڏڪار جو انديشو پيدا ٿيو تڏهن  بادشاهه شاهجهان جن بزرگن کان ان موقعي تي ’باران نماز‘ پڙهائي، انهي ۾ مولانا جو نالو عبدالحميد لاهوريءَ پڻ  ڄاڻايو آهي.

مولانا شاهجهان جي ملازمت ۾ ڪيترو عرصو رهيو، ان جو پورو پتو پئجي نه ٿو سگهي. ’بادشاهنامه‘ مان معلوم ٿئي ٿو ته 1047ع تائين مولانا، بادشاهه جي حضور ۾ موجود هو. سندس احوال به ’بادشاهنامه‘ جي پهرن جلد ۾ آيل آهي. جيڪو 1047 جي واقعات تي ختم ٿئي ٿو ۽ سندس احوال جي پڇاڙيءَ ۾ عبدالحميد لکي ٿو ته:

’اڪنون از پيشگاه حضور مرخص گشته‘

ان مان اندازو ٿئي ٿو ته 1037 کان وٺي 1042ع تائين مولانا شاهجهان وٽ  رهيو.

مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين سبزواري جنهن وٽ مولانا جو والد سمرقند مان لڏي اچي ملازم ٿيو هو، ان جي پٽ ’مير عبدالله سلطان عريضي‘ جڏهن ’شريف الملڪ‘ جي معزوليءَ کان پوءِ ٺٽي جي منصبداري ڇڏي تڏهن وقت  گذران لاءِ سندس والد جو حق نمڪ ادا ڪندي، مولانا کيس شاهجهان بادشاهه کان پنجاهه هزار سالياني آمدنيءَ جي جاگير ڄام تماچيءَ جي سيريءَ مان وٺي ڏني. انهيءَ واقعي مان به شاهجهاني درٻار ۾ مولانا جي دسترسيءَ جو اندازو ٿي سگهي ٿو.

علم و فضل:

جيئن مٿي لکي آيا آهيون، مولانا ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ علم و فضل ۾ ايترو ڪمال حاصل ڪيائين جو شڪيبي جهڙي استاد جي نظر، جنهن کي حسان الزمان سڏيو ويندو هو، ٺٽي جي سموري علمي مرڪز ۾ وڃي مٿائنس پئي. نيٺ سندس شخصيت کان متاثر ٿي ايترو مجبور ٿيو جو کيس به خان خانان جهڙي علم دوست ۽ علم پرور امير جي صبحتن جي سلسلي ۾ شامل ڪرايائين. حالانڪه ان وقت ايران ۽ هندستان جا سوين بهترين عالم ۽ شاعر اتي اڳ ۾ ئي موجود هئا.

عبدالباقي نهاونديءَ سندس ذڪر نهايت شاندار نموني ۾ لکيو آهي، ۽ سندس  نالي کي نهايت ادب ۽ احترام سان کنيو آهي. سندس علم ۽ فضل جي ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”در فن طلب علمي بينظير و بيمثال و فريد عصر ويگانه دهر است.“

ملا  عبدالحميد لکي ٿو ته:

از علوم ظاهري بهره مند است واز تڪلفات رسمي و تصنعات عرفي بيگانه.“

خان خانان وٽ جيڪي عالم ۽ شاعر هئا، انهن جي ذڪر ڪندي ’ماثر رحيمي‘ جو صاحب  لکي ٿو ته:

”مثل مولانا محب علي سندهي ڪه از مشاهير روزگار است.“(2-588)

اهڙيءَ طرح ٻيءَ جاءِ تي نواب شاهنواز خان جو احوال لکندي مولانا لکي ٿو ته:

.”از آن جمله مولانا محب علي سندهي است اڪه از افاضل واعيا روزگار ست، و طبع نظم عالي دارد، انيس و جليس ايشان است“ (2-634)

مولانا جو اهو ئي علم ۽ فضل جو ڪمال هو، جنهن جي ڪري خان خانان به سندس صحبت کي غنيمت ڄاتو ٿي، ۽ پاڻ وٽ هجڻ جي ڪري، فخر ۽ مباهات محسوس ٿي ڪيو. باوجود ان جي، جو وٽس ٻيا به يگانه روزگار، اهل ڪمال موجود هئا.

ٻيون خصوصيتون:

مولانا نه فقط  عالم ۽ فاضل هو پر مذهبي لحاظ سان به حضرت بايزيد بسطامي ۽ جنيد بغداديءَ جهڙو کيس مرتبو حاصل هو. چانچه عبدالباقي لکي ٿو:

”درويش نهاد و فاني مشرب واقع شده، و در طرز تصوف و تذڪير و تحقيق، جنيد و بايزيد وقت و زمان خود است.“

’ماثر رحيمي‘ جو مصنف، سندس بزرگيءَ کان ايترو ته متاثر ڏسجي ٿو، جو شاعريءَ جي ساڻس نسبت ڪرڻ گستاخي ٿو سمجهي ۽ چوي ٿو:

”نسبت شعر و شاعري، به ايشان دادن لازم آمد، والا مرتبه و حالت ايشان رادر اقسام حيثيات و استعدادات بتخصيص فقر و مسڪنت ڪه انسان ڪامل، عبارت از جمع است ڪه اين سه رشته بدست در آورده باشد، آن ست، راقم را ازين گستاخي باز ميداشت.“

ساڳيو مصنف صوم و صلواة جي پابنديءَ جو ذڪر ڪندي، ٻئي هنڌ لکي ٿو:

دائم الصوم و قائم الليل بودن را شعار خود ساخته و در زهد و ورع و تسبيح و تهليل هيج گونه فوت و فرو گذاشتي نه مي نمايد و براه نمونهء قائد توفيق قدم در اين وادي نهاده موقف گرديده و هادي و مقتدي و راه نمائي  اين فرقه گرامي مي توانند شد.“

اڳتي هلي  ساڳيو مُلا عبدالقادر لکي ٿو:

”و زخارف دنيوي را معدوم انگاشته به مضمون عمل مي نمايند.

در دهر ڪه عيب و هنرش ميدانم،
و زهر چه در اوست، ڪمترش ميدانم،
بالي نه فشانم، و صغيري نڪشم،
برخود ز نفس تنگترش ميدانم.

و اين شويهه از يشان بغايت پسنديده ونيڪو مي نمايد چرا ڪه از شائبه، ريا و ڪذب ميراست، و تمام اوقات شويف مسلوڪ ميدارد، ڪ نه از عنايت و مرحمت جهانيان خوشحال و نه از ڪم لطفي و بي شفقتي زمانيان آزرده و صاحب، ملال مي گردد، لطف مخلوق را معدوم انگاشته، بندگي، خلق جز و ڪل و خدمت و صحبت فقراء و درويشان را برمهمه چيز ترجيح مي نهد.“

مصنف، مولانا جي انهن بزرگانه ۽ دوريشانه خوبين ۽ خصوصيتن کان ايترو ته متاثر آهي، جو  چوي ٿو ته مون کي تعجب آهي ته هو صاحب، سپهه سالار جي صحبت ۾ ڪيئن رهي پيو آهي. آخر ۾ مولانا کي ساراهيندي سندس ذڪر هن فقري تي ختم ٿو ڪري.

”الحق مثل مولانائي، مذڪور درين ج و زمان نيست و نخواهد بود، و اهل هند را اعتمادي تمام بفضيلت و حالت اوهت و ميرسد و مي زبيدشان.“

شاعري: جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته مولانا محب علي قادرالڪلام شاعر به هو ۽ عبدالباقيءَ جي قول مطابق حڪيم سنائيءَ جو هم هو، ۽ شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري، تتبع به ان جو ئي ڪندو هو. ساڳئي  طرح سندس هم وطن مؤرخ مير علي شير ’قانع‘ به کيس اشاعر، اشعر ۽ شاعر جيّد جي لقب سان ياد ڪيو آهي.

”مقالات الشعراء“ ۾ سندس چند اشعار ”مئيخانه“ ۾ سندس ”ساقي نامه“ جا ٻه ٽي شعر ۽ ”رحيميءَ“ ۾ سمورو”ساقي نامه“ ۽ چند قصيدا ڏنل آهن” مئيخانه“ جو صاحب لکي ٿو، ته سندس ديوان اڃا گڏ ڪونه ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح ٻئيءَ به ڪنهن سنواح نگار سندس ديوان يا ٻئي ڪنهن تصنيف جو پتو ڪونه ڏنو آهي.

سندس معاصر:

عبدالرحيم خان خانان جهڙي سخن پرور ۽ فياض امير جي بدولت، مولانا کي ان زماني جي بهترين عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ميسر ٿي. سندس معاصرين به بلند مرتبه حيثيت  جا مالڪ آهن، جن جي مفصل احوال جي گنجائش هت ڪري نٿي سگهجي. حسام الزمان مولانا شڪيبي، مولانا نظيري، نواب قلي بيگ انيسي، شريف ڪاشي، مُلا ڪافي سبزواري، مُلا بقائي وغيره جا نالا معاصرن جي سلسلي ۾ بطور نموني جي ڏئي سگهجن ٿا. ’مقاصد رحيمي‘ ان لاءِ وڌيڪ رهنمائي ڪري سگهي ٿي.

وفات:

 مولانا جي وفات جي تاريخ ۽ سن معلوم ٿي نه سگهيو آهي، ڇاڪاڻ ته مٿيان سڀ سوانح نويس سندس حياتيءَ ۾ پنهنجا ڪتاب ختم ڪر چڪا آهن. ملا عبدالحميد لاهوري، 1065 ۾ فوت ٿيو ۽ 1047ع جي واقعات تائين مولانا کي برهانپور ۾ ”بپرستش ايزدي“ مشغول ڏسي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com