آخري شعر:
دائمان ورد زبان (هم) هست و هم ظفر،
بوالمظفر باربڪ شہ شاهه عالم، بادو هست.
ريو(28) ۽ مصنف فرهنگ نظام (29) وغيره ٻئي محقق،
سلطان باربڪ شاهه جي سلسلي ۾ فقط مصنف جي هن
آّخري قصيدي ڏانهن اشارو ڪن ٿا. حالانڪه ڪتاب جي
متن ۾، ”باب پ“ جي شروع ۾، هڪ پورو قصيدو سلطان
باربڪ شاهه جي تعريف ۾ موجود آهي جنهن ۾ سطان
موصوف کي سندس ”ڪنيت“ سان ياد ڪيو ويو آهي.
ايا بداده بهر سائلي فراوان اسپ،
پيادگان را به بخشيده صد هزاران اسپ،
ابوالمظفر و الا جهان لطف ڪہ هست،
ڪمينه بخشش
عامت بگاهه احسان اسپ. (30)
(ب) حرف (الف) جي شروع ۾ هڪ قصيدو حضرت جلال الدين
جي مدح ۾ آهي ان قصيدي مان معلوم ٿو ٿئي ته ممدوح
صاحب ولايت به هو ۽ صاحب حڪم به هو. چنانچه ان
لحاظ سان کيس ”حضرت سامي جلال الدين و الدنيا، جي
لقب سان ياد ڪيو ويو آهي.
قصيدي جا پهريان ٽي شعر ملاحضه فرمايو:
زهي در حوضهء جاهت جنان(يڪ گنبذ مينا،
خطاب مستطاب، باب الحق جنت الماوا،
گريزان دولت، خصمت چو از ڪف آهو ئي قابل،
گرفته رفعتت سده چو وامق دامن عذرا،
فراز، عرش ميگويند، چون من قد سيان هر دم،
توئي (اي)
”حضرت سامي جلال الدين والدنيا“) (31)
گمان غالب اهو آهي ته ممدوح اهو ئي ”شاهه جلال“
آهي، جنهن جو ذڪر محدث عبدالحق دهلويءَ ”اخبار
الاخيار“ ۾ ڪيو آهي ته شاهه جلال پنهنجي دؤر جو
”ولي ڪامل“ هو ۽ گور ۽ بنگال ۾ بادشاهن وانگر مسند
نشين ٿي ارشادات ۽ احڪام جاري ڪيا، لهٰذا، گور جي
بادشاهه آخر ڪار کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. ”اخبار
الاخيار“ جي اصل عبارت هن طرح آهي:
شاهه جلال گجراتي، مريد ”شيخ پياره“ است، از
ڪاملان وقت بود، صاحب، تصوف وڪرامت و ظاهر وباطن،
رتبه عظيم و شاني رفيع داشت، گويند ڪہ وي باصل
ولايت گجرات است وردر گور و بنگاله برتخت نشستي و
حڪم ڪردي، چنانچ بادشاهان بنشينند و حڪم ڪنند،
بادشاهه گور اورا شهيد ڪرد، از جهت توهم ود غد غہ
ڪہ بقول غرض گويان، بخاطر او راه يافت. (32)
(ج) لفظ(دوست گاني) جي ذيل ۾ مصنف ”مير زين الدين
هروي ڪہ ملڪ الشعرا است“ سان پنهنجي هڪ دوستانه
مجلس جو ذڪر ڪيو آهي. بتحقيق فاضل شيراني
مرحوم”امير زين الدين هروي المخاطب بہ (حسن خان)
اس عهد مين ملڪ الشعرا بنگاله ٿي.“ (33)
انهن اندروني شاهدين جي بنياد تي ڪافي يقين سان
چئي سگهجي ٿو ته اسان جي مصنف جو تعلق بنگال سان
هو.
شرفنامه جي ادبي اهميت
ادبي اعتبار سان ”شرف نامه“ نهايت قيمتي ڪتاب
آهي. ان جي ادبي اهميت جا اهم ٽي سبب چئي سگهجن ٿا
جي فاضل مصنف جي علمي ۽ ادبي حاصلاتن مثلاً (الف)
سندس وسيع ادبي معلومات ۽ ادبي ماحول، (ب) سندس
فن لغت ۾ مهارت ۽ سندس (ج) شاعرانه قابليت سان
وابسته آهن.
الف: مصنف جو ادبي ماحول ۽ علمي معلومات
اگرچ مصنف جو خاص تعلق بنگال سان آهي. ليڪن سندس
علمي ۽ ادبي ماحول اهو ئي عام ”هندي اسلامي“ آهي
جو ٻين علائقن جي مسلمانن اديبن ۽ عالمن لاءِ پڻ
چئي سگهجي ٿو. اسان جو مصنف ايران جي سڀني مشهور
سر برآو رده شاعرن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. ۽
هندستان جي مسلمانن ۽ مصنفين جي ڪلام ۽ تصنيفات
کان به ڪافي استفادو ڪري چڪو آهي. ٽن هنڌن تي امير
خسرو جا اشعار پڻ نقل ڪيا اٿس، انهن شعرن مان ٻن
هنڌن تي اشعار ”قرآن السعدين“ تان ورتا ويا آهن.
”قرآن السعدين“ سان مصنف جي دلچسپيءَ جو هڪ سبب هي
به ٿي سگهي ٿو ته ان جي تنصيف جو تعلق به بنگال
سان آهي. چنانچ امير خسروءَ هي ڪتاب سلطان ناصر
الدين بغراخان والي بنگالا ۽ ان جي فرزند سلطان
معزالدين ڪيقباد بادشاهه دهليءَ جي تاريخي ملاقات
(688هه) جي ياد ۾ لکيو هو. امير خسروءَ کان علاوه
مصنف امير حسن دهلويءَ جو نالو به هڪ هنڌ ورتو
آهي. ۽ سندس هڪ شعر به نقل ڪيو اٿس. ان کان سواءِ
مشهور شاعر ”بدر چاچ“ (مصنف شاهنامهء محمد تغلق)
جا به ڪيترائي اشعار، بطور شواهد نقل ڪيا اٿس. ان
بزرگ کي اڪثر ”بدرشاشي“ ڪري لکندو آيو آهي. مصنفن
منجهان ”مولانا حسن نظامي“ جي تاريخ ”تاج
المآثر“(تصنيف سن 602هه مطابق 6-1205ع) تان به
متعدد شواهد پيش ڪيا اٿس، ان طرح ”طبقات ناصري“
”لسان الشعراء“ وغيره هندي مسلم عالمن جي تصنيفات
تان به استفادو ڪيو اٿس.
معاصرين
اندروني شهادتن جي بنا تي معلوم ٿئي ٿو ته مصنف جو
مقامي ادبي ماحول به وڏي پايه جو هو”شرف نامه“ ۾
هيٺين عالمن فاضلن ۽ اديبن جو ذڪر آيل آهي، اهي سڀ
مصنف جا مقامي معاصر هئا.
(1) شيخ واحدي:
معلوم ٿئي ٿو ته شيخ واحدي، اسان جي مصنف جو استاد
هو. چنانچ ان جو نالو وڏي احترام سان وٺندو رهيو
آهي. ۽ ان کان ڪجهه نقل ڪندي ”از بندگي شيخ واحد،
جهڙا مادبانه لفظ آندا اٿس”شرفنامه“ جي تصنيف جي
وقت ۾، شيخ واحدي فوت ٿي چڪو هو. لهٰذا مصنف ڪن
هنڌن تي ان کي ”جعل الجنة مثواه“ (تحت اوليٰ)”طاب
ثراه“ (تحت لوري، ڪوتوال) ۽ ”قدس الله سره“ (تحت
برهمن) جهڙن دعائيه لفظن سان ياد ڪري ٿو. هڪ هنڌ
”شيخ واحد“ جي هڪ ڪتاب ”حبل المتين“ جو پڻ حوالو
ڏنو اٿس. (تحت يزد) ان طرح گهٽ ۾ گهٽ ستن هنڌن تي
شيخ واحدي جا اشعار بطور شواهد جي پڻ نقل ڪيا اٿس.
ان مان معلوم ٿو ٿئي ته شيخ واحدي نه رڳو لغت جو
عالم هو، پر ان سان گڏ قادرالڪلام شاعر پڻ هو.
مصنف جيڪي شيخ واحدي جا اشعار سَنَدَ طور نقل ڪيا
آهن، انهن مان ڪجهه هي آهن:
پسر مرد تهي ڪيسه مبادا زيبا،
گرچه از دولت
او ڪيسه ڪند پُر بابا (تحت بابا)
اين زنڪ زشت را ترڪ ڪن اي واحدي،
ڪين زنڪ بيوفا ڪشته بسي شوهرڪ
عقد دو خواهر چہ سان، عقل تصور ڪند،
طالب آن خواهري بگذر ازين خواهرڪ.
مالڪ زالڪ مبين، مارڪ او بين ڪہ است،
مالڪ عفريت را، مارڪ او بر سرڪ.
شنگڪ و شوخڪ، بود، شاهد گہ دلربا،
قحبڪڪ عشوه پر خوبڪ سيمين برڪ.
(2) امير زين الدين هروي
امير زين الدين، مصنف جي وقت ۾ ”ملڪ الشعراء“
بنگاله هو، مصنف جو ساڻس گهرو تعلق هو. چنانچ
شرفنامه ۾ (تحت دوستگاني) مصنف، امير زين الدين جي
محفل ۾ ان سان پنهنجي دوستانه محفل جو ذڪر قلمبند
ڪيو آهي.
(3) امير شهاب الدين حڪيم ڪرماني
امير شهاب الدين مصنف جو معاصر ۽ بنگاله جو وڏو
حڪيم هو. چنانچه مصنف ان کي هڪ جاءِ تي ”افتخار
الحڪماء، شهاب الدين ڪرماني“ جي لقب سان ياد ڪيو
آهي.(تحت آورد) حڪيم صاحب ۽ مصنف جي وچ ۾ بلڪل
دوستانه تعلقات هئا. ۽ ملڪ الشعراء امير زين الدين
جي مجلس ۾ اسان جي مصنف کان علاوه حڪيم صاحب امير
شهاب الدين به موجود هو.(راجع تحت دوستگاني) امير
صاحب لغت جو به وڏو ماهر هو. چنانچه مصنف ”شرف
نامه“ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چاليهن موقعن تي الفاظ و معاني
جي تحقيق جي سلسلي ۾ سندس راءِ کي تصديق ۽ سند طور
نقل ڪري چڪو آهي. مصنف، جڏهن شرفنامه تصنيف ڪري
رهيو هو، ان وقت حڪيم ڪرماني زندهه هو، چنانچه
مصنف هڪ هنڌ تي کيس ”عمره الله بعمر لقمان“ جي دعا
سان ياد ڪيو آهي(تحت ذو- ذوا)
(4) منصور شيرازي
منصور به هڪ بلند پايه جو مقامي شاعر هو ۽ ڪنهن
شيرازي قبيلي سان تعلق هوس، جو بنگاله ۾ اچي آباد
ٿيو هو.
منصور اسان جي مصنف جو معاصر ۽ ان سان گڏ شايد مد
مقابل به هو چنانچه مصنف شرفنامه ۾ اهڙا چار طويل
قصيدا (تائيہ، ثائيه جيميه، خائيه) نقل ڪيا آهن،
جي پاڻ منصور جي جواب ۾ لکيا هيائين. انهن قصيدن ۾
تائيه، محمد بن معين جي مدح ۾ آهي. سندس متن مان
معلوم ٿو ٿئي ته محمد بن معين شايد وزير هو. ان
اعتبار سان منصور ۽ اسان جو مصنف ٻئي وزير محمد بن
معين جي درٻار سان وابسته هئا. شرفنامه ۾ مصنف
گهٽ ۾ گهٽ ويهن، ايڪيهن موقعن تي منصور جا اشعار،
بطور شواهد نقل ڪيا آهن. جن مان هيٺيان اشعار
دلچسپ آهن.
چور رست باسمن صبح ازين زمرد شاخ، بخورد سنبل شب
را غزال زرين شاخ،
درآمد از درمن دلربائي سنبل موي، شگفته برسمن
عارضش چو گل برشاخ،
فتاد در سرش از باده شبينه خمار، بعزم عيش صبوحي
نهاده بر ڪف شاخ،
ز ده بسنبل پر تاب شانه وز غم او،چوشانه سينهء
صاحب دلان شده صد شاخ.
معلوم ٿئي ٿو ته اهي اشعار منصور جي ان خائيه
قصيدي جو”نسيب“ آهن، جنهن جي معارضي ۾ مصنف پنهنجي
خائيه قصيدي ۾ لکيو آهي ته:
زهي خود تو بسي خوبتر زگل بر شاخ،
بيار باده گلرنگ پيش من برشاخ (37)
هڪ هنڌ مصنف قافيه ”گلناري“ تي اول سلمان ساؤجي جا
اشعار نقل ڪيا آهن، ۽ ان کان پوءِ منصور جا ۽ پوءِ
ان ئي قصيدي ۾ پنهنجا اشعار قلمبند ڪيا آهن. ان
مان شايد منصور جو معارضو مقصود هو. منصور ۽ مصنف
جا اشعار دلچسپيءَ جي لاءِ هيٺ درج ڪجن ٿا.:
منصور گويد:
چو چشم ابر شد آبي و روي گلناري، در آبگون قدح
افگن شراب گلناري،
بدرو گل مئي گلگون بياور اي ساقي، ڪد حيف باشد
گرمي بدور گلناري،
بسوخت لاله صفت صد هزار دل آن دم، ڪہ ڪرد ساقي ما
چهره را چوگلناري.
مصنف شرفنامه مي گويد:
ڪسي ڪي دارد بر ڪف شراب گلناري، چرانه سازد رنگ
رخان چو گلناري،
شدست چون رخ گلناري اي بت گلرخ، دريغ باشد اگر
باده چو گلناري،
خوشا ڪسي (ڪه) چوتوگلرخي بود ساقيش، نهاده جام
بڪف پر شراب گلناري.
الغرض منصور شيرازي هڪ نامور شاعر ۽ اسان جي مصنف
جو معاصر هو ۽ پنهنجي زماني ۾ مسلم بنگاله جي زمره
ادباءِ و شعراء ۾ داخل ٿيو.
(5) فيروز خان
هي صاحب اسان جي مصنف جو ممدوح آهي. معلوم ٿئي ٿو
ته مقامي امراء ۾ پڻ سندس شمار ڪيو ويو آهي.
شرفنامه ۾ هي ٻه شعر موجود آهن جي غالباً فيروز
خان جي تعريف ۾ مصنف جي لکيل ڪنهن قصيدي جا چئي
سگهجن ٿا.
چست ان اڪسير اعظم ڪ آفتاب ازوي ڪند،
لعل پيڪاني، وزر خاني، اندر سنگ و ڪان،
غالباً درگاهه سجده، مي برد هر صبحگاهه،
گردي از عالي جناب حضرت فيروز خان.
(6) ملڪ محمد بن يوسف
هي صاحب به شايد مقامي روساء يا امراء مان هو ۽
اسان جي مصنف جو ممدوح”شرفنامه“ ۾ لفظ جهان جي ذيل
۾ مصنف جا اهي ٻه بيت ملڪ محمد بن يوسف جي مدح ۾
چيل چئي سگهجن ٿا.
ملڪ محمد بن يوسف اي جهان ڪرم،
هر آن ڪه هست چو من شڪر نعمت گويد،
شرابدار شما باصراحي و باده،
چه خوب باشد اگر سوئي خانه امه پويد.
(7) ملڪ يوسف بن حميد
ممڪن آهي ته ملڪ يوسف مصنف جي ممدوح ملڪ محمد نمبر
6، جو والد هجي، ملڪ يوسف مقامي شاعرن منجهان هو ۽
مصنف ٻن هنڌن تي سندس اشعار بطور شواهد نقل ڪيا
آهن:
ملڪ يوسف بن حميد مي فرمايد (تحت رنجور)
دير شد دير ڪه از خاڪ در تو دوري است،
دوري از خاڪ درت باعثهء رنجوري است،
يار عيسيٰ نفس و رنج تنم را لازم،
جام مئي برڪف و مارا الم مخموري است.
تحت”مهي“
گفته بودم ڪه من از شاهد و مئي تو به ڪنم،
لله الحمد توان گفت پشيمان شده ام.
(8) قاضي معين الدين
قاضي معين الدين به مقامي فاضلن مان هو ۽ اسان جي
مصنف جو ممدوح ”شرف نامه“ ۾ (تحت، رس) مصنف پنهنجا
هيٺيان اشعار سندس مدح ۾ نقل ڪيا آهن( جي لفظن
مان ظاهر آهي ته ”شرفنامه“ جي تصنيف جي زماني ۾
قاضي صاحب فوت ٿي چڪو هو) في مدح حضرت قاضي معين
الدين.
اي مغيث خلق و عالم و اي معين الدين حق،
جز توني در مانده را ياري ده و فرياد رس،
دارم اميدي ڪه، سازم خاڪپايت توتيا،
نيست ما را
غيرازين در عمر خود چيزي هوس،
تا شوم شيرين سخن انداز اين ڪان شڪر،
از قبولت شڪري، اندر دهان ابن مگس،
عاجز و در مانده، ام از شر نفس و بخت بد،
از ڪمال عاطفت در مانده را فرياد رس،
التماس بنده را گردان روا نيز از ڪرم،
چون برآيد هر ڪسي را از جنانت ملتمس.
مذڪوره شاعرن، فاضلن ۽ اديبن کان علاوه مصنف، سيد
جلال، سيد محمد رڪن ۽ سيد حسن جا بعض اشعار به نقل
ڪيا آهن ۽ گمان غالب آهي ته اهي حضرات به مسلم
بنگاله جا مقامي شاعر هئا. دلچسپيءَ لاءِ انهن جا
اشعار درج ڪجن ٿا.
(9) سيد جلال (زير لفظ دستگير)
سرپائمال گشته و دل دستگير و جان،
موقوف نوڪ ناوڪ ان چشم مست تس،
ولہ (زير لفظ سرخاب)
تا بر يزاند بت غم را دل سرخاب نوش،
برسر سر خاب رو، تابنگري تبريز را،
(10) سيد محمد رڪن (زير لفظ ”سنگ انداز“)
صاحبا! مرغ طرب در صدد پرواز است،
زانڪ شعبان همہ رانند ڪه، سنگ انداز ست،
زير لفظ ”ڪندلان“
ڪندلان عزتت در عرصهء گيتي ز دند،
سايبان دولتت، بر چرخ از رق فام باد.
(11) سيد حسين(زير لفظ ”طوبيٰ“)
هميشہ گلبن آن باغ طوبيٰ،
شگفته باد در بستان طوبيٰ
انهن سڀني فاضلن ۽ اديبن جي مڪمل حالات جو مسئلو
اڃا تائين تحقيق طلب آهي. انهن جي حاصلات جو
ذخيرو مسلم بنگاله جي فارسي ادب ۽ تاريخ لاءِ
نهايت قيمتي ثابت ٿيندو.
(ب) مصنف جي فن لغت ۾ مهارت
”شرفنامهء“ مصنف جي علم لغت ۾ مهارت جو بين ثبوت
آهي. لغت و ذوق، مصنف کي گويا خانداني ورثي ۾ مليو
آهي، جيئن هن کان اڳ بيان ٿي چڪو آهي. مصنف کي
ڏاڏي جو ڀاءُ مولانا بدر الدين ابراهيم فن لغت ۾
”زفان گويا و جهان بويا“ نالي ڪتاب لکيو آهي. جو
بقول مصنف، فرهنگ نطام، هندستان ۾ فارسي لغت جو
پهريون ڪتاب هو(38)
گمان غالب آهي ته ان ڪتاب جي مطالع ئي مصنف کي لغت
جي ڪتاب لکڻ تي آماده ڪيو ٿو ڏسجي. چنانچه
مصنف”شرفنامه“ تيار ڪيو ۽ ان جي تصنيف ۾ ”زفان
گويا“ تان ڪافي استفادو ڪيائين(39) ان سلسلي ۾ ٻين
هندي عالمن جي لکيل لغات جي ڪتابن تان به مدد ورتي
اٿس. مثلاً ”اداب الفضلاءِ“(جو قاضي بدر الدين
دهلويءَ سن 822 هه ۾ تاليف ڪيو هو. ”مويد
الفضلاءِ“ (40) ۽ فوائد الفضلاءِ“ ۽ ”لسان
الشعراء“ (41)
انهن کان علاوه مصنف الفاظ ۾ معاني جي مزيد تحقيق
جي سلسلي ۾، فن لغت ۾، پنهنجي ٻن همعصر ماهر
استادن، يعني شيخ واحدي ۽ امير شهاب الدين کان
گهڻو ڪجهه دريافت ڪيو آهي، ٻڌو ۽ سکيو آهي. امير
شهاب الدين کان مصنف ڪيترن لفظن جي معنيٰ، زباني
طرح سان پڇي آهي. شرفنامه ۾ مصنف هر موقعي تي
وضاحت ڪئي آهي ته ”اين تسامع است از...“ ”اين سماع
است از....“، اين محقق است از امير شهاب الدين
حڪيم ڪرماني“ ڪن جڳهين تي ”ازو محقق است“ يا ”ازو
مصحح است“ لکيو اٿس، ۽ گهٽ ۾ گهٽ 42 مختلف هنڌن تي
حڪيم ڪرمانيءَ جي راين کي شواهد طور پڻ نقل ڪيو
اٿس. ان زماني تائين امير شهاب الدين شايد لغت
تي، پنهنجو ڪو به ڪتاب ڪونه لکيو هو. ورنه اسان
جو مصنف ان جو ذڪر به ڪري ها. مگر شايد ”شرفنامه“
جي تصنيف کان پوءِ ئي، امير شهاب الدين پڻ هڪ
فرهنگ تيار ڪيو ٿو ڏسجي، جنهن جي مابعد جي مصنفن،
بطور هڪ ماخذ جي استعمال ڪيو آهي. چانچه عبدالرحيم
بن احمد سور، پنهنجي ڪتاب ”ڪشف اللغات و
لاصطلاحات“ ۾ حڪيم ڪرماني جي فرهنگ تان استفادو
ڪيو آهي.(42)
بهرحال، سان جي مصنف ”شرفنامهء) کي ڪافي محنت سان
لکيو آهي. ان سلسلي ۾ پنهنجي پيشرو بزرگن جي لغات
کي به پيش نظر رکيو اٿس. ۽ ان سان گڏ، زنده لغت جي
عالمن کان به ڪافي مدد ورتي اٿس. ان طرح سان، اسان
جي مصنف، پنهنجي ڪتاب ”شرفنامهء احمد منيري“ کي هڪ
جامع ۽ نسبتاً مستند ۽ مڪمل فرهنگ جي حيثيت سان
تيار ڪيو آهي.
تربيت:
”شرفنامه“ ۾ مصنف، لفظن کي، انهن جي پهرئين ۽ آخري
حرفن جي لحاظ سان مرتب ڪيو آهي ۽ اڪثر خاص اسمن،
غرائب اللغة ۽ ترڪي الاصل، لفظن کي تحقيق ۽ تدقيق
سان قلمبند ڪيو اٿس.
مصنف”فرهنگ نظام“ (جلد 5)، هندستان ۾ لکيل فارسي
لغات جي جن ڪتابن جا نالا شمار ڪيا آهن انهن ۾
شرفنامه جو نمبر ٽيون آهي. شرفنامه حقيقت ۾ انهن
ابتدائي فارسي لغات جي ڪتابن کان وڌيڪ جامع آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ”شرفنامه“ کي، متاخرين جي فارسي
لغت جي سلسلي ۾، سڀ کان اهم ماخذ ڪري قبول ڪيو ويو
آهي. بقول حافظ شيراني مرحوم ”مصنف، شرفنامه لکيو،
جنهن کي اهل لغات وٽ، وڏو قدر ۽ منزلت حاصل ٿيو
(44)“ چنانچه، اسان هيٺ انهن مشهور لغت جي ڪتابن
جا نالا، مثال طور درج ٿا ڪريون، جن جو هڪ اهم
ماخذ ”شرفنامه ء احمد منيري“ آهي.
1. تحفة السعادت جو محمود بن شيخ ضيا جو لکيل آهي
۽ اهو ڪتاب، سڪندر لوڌي جي زماني ۾ (849-923هه) ۾
10 صفر 916 هجري ۾ لکي ختم ڪيو ويو آهي.
2. ”مويد الفضلاءِ“ جو محمد لاڏجو لکيل آهي، مصنف،
ديپاچي ۾ اقرار ڪيو آهي ته ”شرفنامهء فرهنگي متاخر
و جامع است“ (جلد 1، ص 3) ان طرح متن ۾ پڻ شرفنامه
تان، ڪثرت سان حوالا نقل ڪيا اٿس، ملاحضه ڪريو
”مويد الفضلاء“ طبع نو لڪشور نومبر 1899م)
3. ”ڪشف اللغات و الاصطلاحات“ جو عبدالرحيم بن
احمد سور لکيو آهي.(مطبوعه نولڪشور 1874م)
4.. مدارالافاضل، جو الله داد فيضي بن اسدالعلماء
علي شير سرهنديءَ، سن 1001هه ۾ لکيو آهي.
لغت جي عالمن کان علاوه شرفنامه اديبن ۽ شارحن
لاءِ به مشعل راهه رهندو آيو آهي ۽ مسلم بنگاله
کان وٺي سنڌ تائين، مصنفين، ان تان استفادو پئي
ڪيو آهي. چنانچه ٺٽي جي هڪ اديب، مخدوم ابراهيم
ٺٽويءَ پنهنجي تصنيف”شرح مخزن الاسرار“(قلعي) جي
مقدمه ۾ لکيو آهي ته الفاظ و معاني جي تحقيق جي
سلسلي ۾ ان فرهنگ ابراهيمي يعني ”شرفنامه“ تان به
ڪافي مدد ورتي آهي.
مصنف ”شرفنامه“ پنهنجي لغتدانيءَ تي بجا طور تي
فخر ڪندي چيو آهي:
جزا بمعنيء دارد، مراد ابراهيم،
ڪسي ڪه نيست
محقق، و را فصيح لغات (45) |