بهرحال، هي هڪ وڏو داستان آهي، غم انگيز ۽ دلخراش
ڪهاڻي آهي. محقق ۽ عالم اگر هن برباد شهر تي ڪجهه
لکن ته هوند ڪتاب لکي سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ پراڻين
تاريخن سان گڏ ان دؤر جي رهندڙ قومن جي پسمانده
اولاد ۽ قبيلن کان اگر تحقيق ڪئي وڃي ته پوءِ گهڻو
ڪجهه لکجي سگهجي ٿو. هي مختصر احوال ان لاءِ لکيو
ويو آهي، جيئن سنڌ جا سپوت، هن عظيم ۽ قديم شهر تي
ڪجهه لکن، جيڪو ظالمن جي ظلم سببان تباهه ٿي
کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. جنهن ۾ قابل فخر سپوتن
جا آثار ۽ نشان موجود آهن. جي حال ۾ زبان سان،
اسان کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري رهيا آهن.
’ذوالفقار‘ راشدي
غازي امان
الله خان جي خلاف
انگريزن جي سازش
سن 1919ع جو زمانو هو. پهرين مها ڀاري لڙائي جي
پڄاڻي ٿي چڪي هئي. انگريز پاڻ کٽندڙ ۽ سوڀاريءَ ڌر
۾ اثر وارو هو.
روس ۾ ڪميونسٽ حڪومت بنجڻ کان پوءِ اڳوڻن خيالن ۽
سامراجي ارادن وارين مغربي حڪومتن کي ڊپ هو ته هي
وهڪرو سندس اثر ۽ ڄمت کي به هيٺ مٿي نه ڪري وجهي.
هوريان هوريان روس، انگريزن جي پراڻي ۽ شاهاڻي ۽
آمريڪا جي سرمائيداراڻي حڪومت چرخي لاءِ اک جو
ڪنڊو ۽ ڪک جو ڪان ٿيندو پئي ويو. پهرين جنگ عظيم
جي پوري ٿيندي ئي مسهائي واري ڇڪتاڻ ۾ واڌارو
ايندو ويو. ڄڻڪ يورپ هٿيارن جي لڙائي کانپوءِ،
هاڻي آدرشي ويڙهه جي چپيٽ ۾ هو. مغرب جا سگها ملڪ
پنهنجا سمورا حيلا وسيلا هلائي،دنيا کي هيءَ
ويساهه ڏيارڻ لاءِ جتن ڪري رهيا هئا ته روس ۾
ڪميونسٽن جي هٿ هيٺ، لچن، لوفرن، غنڊن ڦورن، ڊاڪن
۽ پرمارن اڻ گهڙيل ۽ پٿر دل ماڻهن جو راڄ کڙو ٿيو
آهي. جن هٿن کان ڪنهن به شهري جو سر، لڄ ۽ ملڪيت
بچيل ۽ ڇٽل ڪانهي. گريٽ برٽن لاءِ ته اڳتي ئي روس
جو معاملو ڏکيو هو. ۽ 1917ع واري روسي انقلاب کان
به گهڻو اڳ، روس ۽ انگريز هڪ ٻئي کي تکين اکين سان
ڏسندا پئي آيا. تنهن ڪري افغانستان جي باري ۾ ٿوري
اکٻوٽ به اڻٿيڻي هئي. ڇو ته جيڪڏهن هندستان ۽
افغانستان جا هڪ ٻئي سان گهرا پاڙيسري، مذهبي،
تهذيبي ۽ جاگرافيائي لڳ لاڳاپا هئا ته روس به
افغانستان سان دنگئي هو. انهي سببان انگريزي حاڪمن
۽ روسي ارادن جي وچ ۾ پٿرائين ڀت جو ڪم افغانستان
ئي ڏئي پيئي سگهيو. سو افغانستان جو فوجي ۽ سياسي
مکپڻو گهڻو وڌيل ۽ مڃيل هو. هندستان ۾ انگريزي راڄ
جي پڄاڻيءَ ۽ ان کان ڇوٽڪاري لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا،
جوش ۽ جذبو وڌندو پئي ويو ۽ هندستاني آزاديءَ
چاهيندڙن کي افغانستان جي رستي انگريزي راڄ جي آنت
آڻڻ لاءِ مدد ملڻ جو اُڊڪو هو. اهڙين حالتن ۾،
اڳواٽ بچاءَ لاءِ انگريزن لاءِ هي ڳالهه اڻٽر هئي
ته هو افغانستان تي ڪنهن به ريت پنهنجو هٿ ۽ ڄمت
رکن، جيئن راڄڊوهي ماڻهن کي مدد ۽ ٻاهرينءَ ڪاهه
جي جوکي کان سندن جند ڇٽي پوي. انگريزن پهريان
پٺاڻن کي گوڏن کوڙائڻ لاءِ سندن ڏيهه تي ڪيئي ڀيرا
چڙهايون ڪيون پر ڄائي ڄم کان آزاد پٺاڻن ڌارين جي
ٻانهپ کي بنهه نه قبوليو. هر ڀيري انگريزن جو ڀت
سان منهن لڳندو رهيو. وجهه ملندي ئي هزارين انگريز
پٺاڻن جي هٿان ڪسي ويا، ڌڪن کائڻ کان پوءِ انگريزن
سکيو ته ڏاڍ مڙسي هتي هڏ نه ملندي. ان ڪري پئسي ۽
مٺ ميٺاج کان ڪم وٺڻ لڳا. پٺاڻ حاڪمن کي ڏوڪڙن جي
ٻل تي خريدڻ لاءِ حيلا هلايائون. ۽ افغانستان سان
لکي پڙهي دوستاڻا ناتا ڳنڍڻ شروع ڪيائون. امير
عبدالرحمان خان جي حڪومت ۾، افغانستان تي انگريزي
ڄمت گهڻو وقت وڌي چڪي هئي. انگريزن پرڏيهي معاملن
۾، دوستاڻن عهد نامن جي وسيلي افغانستان کي بنهه
پروس ڪري ڇڏيو هو. پهرين مها ڀاري لڙائي هلندي
افغانستان جي اندروني توڻيڪ ٻاهرين معاملن ۾
انگريزن جي پڪڙ سوگهي ٿي چڪي هئي عام ۾ چؤپچؤ ۽
ڦرڦوٽ وڌندي وئي. ماڻهو پنهنجي حاڪمن جي ههڙي نيتي
تي پوسرڻ ۽ وٽ کائڻ لڳا. سن 1919ع جي شروع ۾ امير
حبيب الله خان کي ماريو ويو ۽ سندس جاءِ تي پٽس
امير امان الله خان تخت تي ويٺو انهي لاءِ به داڻي
پاڻيءَ ۽ چوڻي چاري جو پڪو پهه ڪيو ويو. انگريزن
ان کي به دوستيءَ جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڪڙڻ لاءِ واجهه
وڌا، پر هو غيرتي ۽ جوڌو مڙس ان سموري مٺاڻ کي
ٿوڪاري بيٺو. هن وجهه پئي ڳوليا ته ڪٿان ڪو گٿو
ملي ته پٺاڻن جي اندروني ۽ ٻاهرين معاملن مان
انگريزي مٺيون ڇڏائي ڪڍجن. جيئن سندس قوم به دنيا
جي ٻين پوريءَ ريت آزاد شان ۽ مان وارين قومن ۾
ڳڻجي سگهي. انهن ڏينهن ۾ ولسن صاحب جي چوڏهن نڪتن
۽ ”پيرس پيس ڪانفرنس“ جو چوڌاري چوٻول هو. جنگ جي
قيامت لنگهي وڃڻ کان پوءِ انساني دنيا جي اميدن
جو اڪيلو آسرو، سوڀارا اتحادي ئي هئا.، ترڪي به
انهيءَ جنگ جو هارايل جواري هو. ۽ ترڪي خلافت جي
آئينده جو سوال، هند جي مسلمانن لاءِ، جذباتي طرح
موت ۽ حياتيءَ جو معاملو هو. ترڪي خلافت،”پيرس پيس
ڪانفرنس“ ڏانهن ٻاجهارين اکين سان تڪي رهي هئي ۽
همدرداڻي ۽ انصاف وار فيصلي جي اميد رکيو ويٺي
هئي. هتي جي مسلمانن کي به امن ڪانفرنس جي فيصلي
جو ڏاڍو اوسيئڙو هو. مگر امن ڪانفرنس اٽڪل سان،
ترڪيءَ جي سوال کي اينگهه ڪرائيندي پئي رهي. انهي
سببان هتي جي مسلمانن جي بيقراري وڌندي وئي.
انهيءَ وچ ۾ انگلينڊ جي ڪن ماڻهن هلچل هلائي ته
جيئن قسطنطنيه جي مسجد ابا صوفيه ساڍا چار سئو
ورهيه اڳ عيسائين جي گرجا هئي، ان ڪري ان کي هاڻي
وري گرجا بڻايو وڃي. اهڙيون خبرون ٻڌي مسلمانن ۾
جوش ۽ ڏک وڌندو ويو. مسلمانن سان گڏوگڏ هندو رعيت
به خوش نه هئي. انگريزن هتي جي ماڻهن جي آزاديءَ
جي جذبي کي چٿڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ جنگ جي زماني وارن
هنگامي قانونن جي جاءِ تي، رولٽ ائڪٽ جهڙو بڇڙو ۽
ڏاڍائي وارو قائدو پاس ڪيو هو. رولٽ قاعدن جي
ساراهه، مسٽر مانٽيگو، هندستان جي سيڪريٽري آف
اسٽيٽ، برطانوي پارليامينٽ جي اندر هنن لفظن سان
ڪئي هئي.
”هي قاعدو، منهنجي نظر ۾ نهايت ضروري آهي. ۽
روزبروز جي شاهديءَ مان اها پڪ ملي آهي ته هندستان
۾ ڪي ماڻهو آهن جي سرڪار جا دشمن آهن. ۽ سرڪار جي
بر خلاف بغاوت ڪن ٿا. اهڙن ماڻهن کي سيکت ڏيڻ
لاءِ هر ڪنهن حڪومت يا سرڪار (پوءِ کڻي اها
راڄداري حڪومت هجي يا ٻي) جو فرض آهي ته انهن لاءِ
پورو جتن ڪري!“
وڌيڪ چيائين.
”هندستان ۾ سچ پچ ڪيترائي راڄڊوهي ماڻهو آهن، جي
ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيتريون ئي حرڪتون لچايون سرڪار جي
برخلاف پيا ڪن. اهي ماڻهو ڪهڙي به ملڪ ۽ راڄ لاءِ
تمام خوفناڪ آهن. تنهن ڪري هند سرڪار جو اصل اهو
پڪو خيال آهي، ته اهڙن ماڻهن کي ناس ڪرڻ ۾ ويهن ئي
ننهن جو زور لڳائجي، اهڙي خطري ڪري ۽ صلح جي
مشڪلاتن ۽ بولشو يڪن جي لچاين جي مد نظر اهڙي
قاعدي هجڻ جي سخت ضرورت آهي.“
مسٽر مانٽيگو هن ڳالهه تي تمام گهڻو زور رکيو
ته:”هي قاعدو رڳو اهي ماڻهو جي سرڪار جي بر خلاف
بغاوتون کڙيون ڪندا ۽ راڄڊوهيءَ مفسدانه ڏوهه
ڪندا تن جي لاءِ آهي. پر اهو خيال اصل نه رکڻ
گهرجي ته اهو قاعدو ٻئي ڪنهن مطلب لاءِ عمل ۾
ايندو.“
ڳالهه کٽائڻي ته رولٽ قاعدن جي خلاف هندستاني
ماڻهن ۾ ڏاڍو وڳوڙ مچي ويو ۽ انهي گوڙ شور کي
ڌڙٻاٽڻ لاءِ انگريزن به وڏا هاڃا ڪري ڇڏيا، پنجاب
۽ دهليءَ ۾ ته اصل ڪلور ڪيو ويو نه رڳو هٿين خالي
مظاهري ڪندڙن کي گولين جو وسڪارو ڪيو ويو پر ڪن
جاين تي ته هوائي جهازن مان گولا به ڪيرايا ويا. ۽
لاهور ريلوي حدن ۾ ته توبون ڇوڙيون ويون. پنجاب ۾
مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ فوجي ڪورٽن طرفان ڏوهارين
کي اڻ سهائيندڙ ۽ ڏيل ڏڪائيندڙ سزائون ڏنيون ويون.
سڄي ملڪ ۾ اخبارن تي ڪڙي اک رکي وئي ۽ ڪيترن
ايڊيٽرن کي سخت سزائون ڏنيون ويون. هندستان ۾ اها
گڙبڙ هلي رهي هئي ته سرحد ۾ امير امان الله خان جي
هٿيار بند لشڪرن ۽ قبائلي مجاهدن شروع مئي 1919ع
ڌاري هندستان تي هلان ڪري ڏني. انگريزن پنهنجن
ڇاڙتن ۽ ڍنڍورچين جي واتان امير مرحوم کي نمڪ
حرام، وطن دشمن، اسلام دشمن، ۽ ڀوڪ ٺهرايو. وڏن
وڏن مک ماڻهن کان انگريزن جي وفاداريءَ لاءِ بيان
۽ سنيها ڏياريا ويا. هندستان جي ذري گهٽ سڀني
جاگيردارن ۽ رياستن جي والين انگريزن جي حڪومت سان
وفاداري جا ٺهراءُ پاس ڪيا. مشهور ڪيو ويو ته امير
امان الله خان، روس جي بيدين بولشويڪن جو ايجنٽ
آهي ۽ ان جي سوڀ، هندستان جي ماڻهن لاءِ ٻنهي
جهانن جو گهاٽو ٿيندي. سنڌ جي هڪ رياست جي واليءَ
بمبئي جي گورنر کي هيٺين تار ڪئي.
”ڪابل جي امير جي اوچتي ۽ بيشرمي جهڙي هلت،
هندستان جي بر خلاف هلڻ جو ٻڌي تمام ڏک ٿيو آهي،
آءُ توهان کي پنهنجي ۽ پنهنجي رعيت جي وفاداريءَ
جي پڪ ٿو ڏيان. منهنجو عرض آهي ته سرڪار منهنجا
”امپيريل سروس لشڪر“ سرحد لاءِ يڪدم قبول ڪري ته
مون کي گهڻي خوشي ٿيندي!“
سنڌ جي هڪڙي نواب، پنهنجي قوم جا پنجاهه ماڻهو
افغانن سان وڙهڻ لا آڇيا ۽ ٻيا پنجاهه ماڻهو ساڳئي
ڪم لاءِ قلات جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي ڏيڻا ڪيا.
اهڙن مثالن مان پتو لڳي ٿو ۽ پڪ پوي ٿي ته
جاگيردار يا رياست جو والي، هر حال ۾ جاگيردار يا
رياست جو والي ئي هو. ۽ ملڪي يا قومي فائدن کان،
هنن کي پنهنجي خود غرضي ۽ عياشي سئو ڀيرا وڌيڪ
مٺي ۽ پياري لڳي ٿي. قوم ۽ ڏيهه لاءِ ته ڪنڊو سهڻ
به اوکو پئي لڳن. پر عيش لاءِ جاگيرون وڃائڻ ۽
رياستون سهسائڻ به کين آسان پئي لڳو. جيئن انڊور
جي مهاراجا تُڪاجي هولڪر هڪ بازاري فاحشه عورت کي
هٿ ڪرڻ لاءِ، نيٺ بمبئي ڪارپوريشن جي مشهور ميمبر
سيٺ عبدالقادر بائولا کي خون ڪرايو ۽ پڇاڙي ۾
وائسراءِ هند لارڊ ريڊنگ کيس گاديءَ تان لاهي ڦٽو
ڪيو.
خير، وٺو اصلي ڳالهه کي ته حڪومت هند مشهور ڪرايو
ته امير امان الله خان جي نيت منڍ کان ئي خراب هئي
۽ هن پنهنجي خارجا وزير خان محمود ترزيءَ جي هٿان
پنهنجي هندستان ۾ رهندڙ سفير عبدالرحمان خان آغا
ڏانهن هندستان ۾ ڳڙٻڙ پيدا ڪرائڻ جون هدايتون
موڪليون هيون. پر اهو خط افغانستان سان لڙائي لڳڻ
کان پوءِ شملي ۾ پهتو. ان ڪري هند حڪومت کي هٿ لڳي
ويو. حڪومت هند پاران، انهي ڇپيل خط جون فوٽو
گرافڪ ڪاپيون جدا جدا هنڌن تي ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ
رکيون ويون، سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ڪراچي ۾ به هڪڙو
نقل رکايو هئائون ان خط جو متن هن طرح هو.
”برادرم عزيز سفير عبدالرحمان آغا،
اوهان جي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترائي فرض جاڳيا آهن،
ڇپيل بيان نامن مان اوهان کي صورتحال چٽيءَ طرح
روشن ٿيندي، موقعو هٿان نه وڃائجو، مهرباني ڪري
جيستائين ٿي سگهي تيستائين امير امان الله خان جي
نالي، هندن ۽ مسلمانن کان بيعت ناما هٿ ڪجو،
افغانستان هندستان جي هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل
جمهوري راءِ سان شامل آهي ۽ هندستان جي حمايت جو
پڪو ارادو اٿس. هند سرڪار کان تجويز سان لکي پڇجو
ته هي ماڻهپي جي برخلاف قاعدو (رولٽ ائڪٽ) جو
اوهان پيدا ڪيو آهي، سو ڪهڙي قسم جو آهي. جيئن ته
انسانيت کي عزيز رکندڙ ساري جهان سان آزادگي ۽ صلح
پسندي جي روش ۾ افغانستان هم خيال آهي. تنهن ڪري
افغان سرڪار هن انسانيت جي بر خلاف پيدا ڪيل قاعدي
تي اعتراض اٿاري ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي اڀرندي
طرف واري لشڪر سان گڏ آهي ۽ حاجي مولوي عبدالرزاق
سرحد تي، مهمند وٽ ماڻهو آهن، مهرباني ڪري ڀروسي
جهڙن ماڻهن جي معرفت وقت سر انهن کي خبرچار ڏجو
وٺجو!“
مٿيون ٽڪڙو انهيءَ خط مان ورتل آهي. هن مان چٽو
پيو نظر اچي ته رولٽ ايڪٽ تان متل گوڙ ۽ انهي تان
چڙي ڪري انگريزن جي ڪيل ڏاڍ ۽ هاڃي کان سواءِ خود
هندستان جي ڪن اڳواڻن جي صلاحن تي، امير مرحوم
اڳتي وڌي انگريزن سان هٿ اٽڪايو هو ڇو ته هن کان
اڳ به افغان حڪومت کي برطانوي هند تي ڪاهڻ لاءِ
ايلاز ڪيو ويو هو پر امير حبيب الله خان انگريزن
جي انعامن اڪرامن ۽ سوکڙين پاکڙين کي ديني ۽ ملي
جذبي کان اتم سمجهي اهو ڳجهه پڌرو ڪري وڌو هو.
انهي ڪري شيخ الهند مولانا محمود الحسن، مالٽا جي
قيديءَ ۽ ٻين عالمن ۽ وطن دوستن کي قيد جي صعوبتن
۽ ٻين مصيبتن جي ڀوڳ ڀوڳڻي پئي هئي. سنڌ جي مشهور
انقلابي پيشوا، ديني عالم ۽ بزرگ حضرت مولانا سيد
تاج محمد امروٽي کي به جيل کائڻو پيو. اهڙي ريت
ڏاڍ سان ڪجهه وقت لاءِ هن هلچل کي گهٽيو ويو،
پهرين مها ڀاري لڙائي هلندي امير حبيب الله خان
انگريزن جي ڀروسي جهڙو يار رهيو ۽ افغانستان جي
اندروني معاملن تي عام طرح ۽ خارجي معاملن تي خاص
طرح انگريزن جو چنبو مضبوط ٿيندو ويو. بهادر ۽
غيور پٺاڻ پنهنجي حاڪمن جي انهي هلت کان سڙندا
کامندا رهيا. هنن پنهنجي آزاديءَ تي انگريزن جو
پير ۽ هٿ نه پئي سٺو. کين هندستاني مسلمانن ۽ ٻين
هندستانين سان مذهب ۽ پاڙي جي خيال سببان گهڻي
همدردي هئي وڏي ڳالهه ته ٻنهي جو ويري هڪ ئي هو.
انگريز خلاف اتر هندستان جي وڳوڙن کان هنن کي وڏي
هٿي اچي وئي ۽ انگريزن مان هٿن ٺارڻ جو وجهه ملي
وين. انگريزن به چڙ ۾ اچي ڪابل ۽ جلال آباد جي
شهري آبادين تي ڇتي بمباري ڪئي اهي بي ڪهلا ۽ رت
پياڪ انگريز جيڪي لاهور، امرترس ۽ دهليءَ ۾ پنهنجي
رعايا جي سکڻن هٿن وارن مظاهرن ڪندڙن تي لوهه ۽
باهه جي مينهن وسائڻ کان نه لڄايا، سي افغانن جهڙي
اگري دشمن تي گولن ڪيرائڻ ۽ سندن شهرين کي ڀڳڙن
وانگر ڀڃڻ کان ڇو گسندا! انگريزن، امان الله
سرڪار کان وير وٺڻ لاءِ هٿيارن جي کلمکلا لڙائي
کان سواءِ هڪ ڳجهي لڙائي لڙڻ به شروع ڪري ڏني.
پنهنجن ڇاڙتن ۽ پٺن جي وسيلي انگريزن، بهادر پر
ٻالن ڀولن پٺاڻن کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ، هيسائڻ،۽
لالچائڻ کان سواءِ ننڍيءَ ٽهي واري سڌي سنواٽي
امير جي خلاف برغلائڻ ۽ ڀڙڪائڻ به شروع ڪري ڏنو.
انگريزن جو اهو هٿيار نيٺ وڃي زورائتو ۽ اثرائتو
نڪتو، گهڻو ڪري انهي ڳجهي ۽ هاڃيڪار ويڙهه جي
شروعات، جنگ هلندي پهريائين هن اشتهار سان ٿي،
جيڪو هوائي جهازن ۽ ٻين طريقن سان افغانسان جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ اڇلايو ۽ پکڙيو ويو هو اهو اشتهار هي آهي:
”اي بهادر ۽ ايماندار افغانستان جا ماڻهوئو!
اوهان کي هن ڳالهه جي سُڌ هئڻ گهرجي ته ايامن کان
توهان ۽ اسان جي وچ ۾ دوستيءَ جو ناتو ۽ سٻنڌ
هلندو آيو آهي، توهان جي وڏن جي ڏينهن ۾ جڏهن روس
افغانستان سان ظلم ڪرڻ لڳو، تڏهن اسان امير
عبدالرحمان جي عرض تي ڏاڍي گهڻي مشڪلات ۽ خرچ
سهي، روس کي جنگ جو دڙڪو ڏنو ۽ مٿس زور رکيو ته
افغانستان جي خودمختاريءَ جي ڪابه دست اندازي نه
ڪر، ۽ اهڙيءَ طرح اسان افغانستان کي آزادي وٺي
ڏني. انهيءَ ڪري افغانستان ۽ گريٽ برٽن جي وچ ۾
دوستيءَ جو ناتو وڌيڪ محڪم ۽ زور ڀريو ٿيو. اهڙي
دوستيءَ جي ثابتيءَ لاءِ گريٽ برٽن، امير
عبدالرحمان کي ڪيتريون بندوقون ۽ بارود ۽ مدد لاءِ
پئسا ڏنا ته هو افغاستان جو پايو پڪو ڪري ۽ روس جي
حملن کي سامهون ٿي پنهنجي خودمختاري قائم رکي.
امير عبدالرحمان اسان ۾ ڀروسو رکي ائين سمجهندو ته
’جي اسان جا دشمن سي سندس دشمن‘ ان طرح گريٽ برٽن
سان هن دوستيءَ جا عهد ناما ڪيا. جنهن ڪري هن
پنهنجي بادشاهت کي پڪو ڪيو ۽ امن امان آندو ۽ جڏهن
ڪا به مشڪلات آڏو ايندي هيس ته گريٽ برٽن کان مدد
وٺندو هو. سندس پٽ امير حبيب الله خان، پنهنجي
پيءُ جي عهد نامن تي ثابت قدم رهيو ۽ هميشه گريٽ
برٽن سان دوستيءَ ۾ پڪو ٿي رهيو. تازوجڏهن ساري
دنيا جنگ ۾ مبتلا هئي تڏهن هن اسان جي صلاح وٺي،
پنهنجي رعيت کي جنگ جي خطرن ۽ مصيبتن کان بچائي
ورتو. اگرچ ڪيترائي بد نيت خبيث هئا، جن افغانستان
کي لڙائي ۾ اٽڪائڻ جي ڪوشس ڪئي. امير حبيب الله جي
عهد نامن تي پوري رهڻ ڪري گريٽ برٽن کيس پئسن جي
مدد وڌائي ڏني ۽ کيس هڪ ڪروڙ روپيا انعام طور ڏنا.
۽ هي يورپ جي جنگ، جنهن جي سلطنتن پٺيان سلطنتون
ناس ۽ زبون ٿي رهيون آهن تنهن ۾ فقط اسان ئي فتح
حاصل ڪري نڪتا آيون. تنهن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ
اسان افغانستان سان وڌيڪ گهاٽي دوستيءَ جي اميد
رکي. جڏهن امير حبيب الله خان جو بدنيتي سان خون
ٿيو تڏهن گريٽ برٽن کي ڏاڍو افسوس ٿيو. ۽ ساري
هندستان ۾ افسوس ظاهر ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي هئي.
جڏهن امان الله خان تخت نشين ٿيو، تڏهن اسان هن کي
خاطري ۽ پڪ ڏني ته اسين توهان سان دوست ٿي
رهنداسون. اسان کيس صلاح ڏني ته پنهنجي پيءُ ۽
ڏاڏي جي قدمن جي پيروي ڪندو رهج ته ملڪ ۾ امن امان
۽ برڪت رهي. پهرين امان الله خان دوستيءَ جي پڪ
ڏني ۽ هندستان ۾ پنهنجو نئون ايلچي موڪليائين.
جنهن هڪ خط، جنهن ۾ دوستيءَ جي باري ۾ ڳالهيون
لکيل هيون، سو اسان کي ڏنو. پر ٿورو وقت گذريو ئي
ڪونه ته ماڻهو گوڙ شور شروع ڪرڻ لڳا ته امير امان
الله خان پنهنجي پيءُ جي ڪن خونين کي بنا ڪيس
هلائن جي شريعت جي بر خلاف سزائون ڏنيون آهن. ۽
سچن پچن ڏوهارين کي ڇڏي ڏنو آهي. انهيءَ گوڙ کي
بند ڪرڻ لاءِ هن اسان سان جنگ جوٽي. رڳو پنهنجي
مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ تخت کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ
لاءِ، هن پنهنجي ماڻهن جي جان ۽ مال خطري ۾ وجهي
ڇڏيا آهن. هو قرآن شريف جي آيتن ۽ حڪمن کان به نه
ڊنو، جنهن ۾ فرمان آهي ته”الله سائين عدل ۽ انصاف
ڪرڻ ۽ ٻين سان چڱائي ڪرڻ تي راضي ٿئي ٿو، ۽ هو
ڪنهن به غليظ ڪم ۽ فساد ڪرڻ کان منع ڪري ٿو‘. هو
فرمائي ٿو ته:’اوهين سجاڳ ۽ خبردار رهو ۽ پنهنجي
ڪيل انجامن جي پوري طرح بجا آوري ڪريو ۽ جيڪو به
انجام ۽ قول ڪريو سو نه ڀڃو ۽ در حقيقت توهان الله
سائينءَ کي پنهنجو ضامن ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري
الله کي خبر آهي ته اوهين ڇا ٿا ڪريون.‘
خدانخسواسته جيڪڏهن افغانستان جا ماڻهو امان الله
خان کي هن خطرناڪ ڪم ۾ مدد ڏيندا ته پوءِ هو
پنهنجي پير تي پاڻيهي ڪهاڙو هڻندا. ڇو ته پوءِ
گريٽ برٽن کي لاچار خرابي ڪندڙن جي بر خلاف تمام
سخت اپاءَ ڪم آڻڻا پوندا. امير جي اجاين خواهشن ۽
لالچن جو نتيجو صاف پڌرو آهي. جيئن ته سندس لشڪر
کي اسان جي ماڻهن ڊاڪا جي سامهون ڀڄائي ڪڍيو آهي ۽
دشمن جون ڪيتريون توبون هٿ ڪيون آهن. الله سائين
شال اسان جو محافظ رهي! پوءِ ائين نه ٿئي جو
افغانستان جا ماڻهو هڪ بي آزمود گار ڇوڪراٽ جو
پنهنجي شهيد ٿيل پيءُ جي انجامن تي سچو نه رهيو
آهي. ۽ جنهن قرآن شريف جا فرمان ڀڳا آهن ۽ پنهنجي
ملڪ جي بهبوديءَ جو ڪو به خيال نه رکيو آهي، تنهن
کي جنگ جوٽڻ ڏيندا ۽ ملڪ تي مصبيتون آڻيندا. هاڻي
توهين سياڻا افغاستان جا ماڻهو، پاڻيهي فيصلو
ڪريو، جيڪي بي انداز نعمتون ۽ سک امير عبدالرحمان
۽ حبيب الله اسان سان دوستي ڪري توهان کي وٺي ڏنا
هئا سي هينئر توهين هڪ مٿي ڦريل نينگر جي ڪري
وڃائيندا ڇا؟
اسان جي سايه هيٺ، توهان جا هزارين واپاري هندستان
۾ اچي واپار ڪن ٿا ۽ ڪيترا ته پنهنجو مال به چارڻ
ايندا آهن ۽ اسين کين سڀ ڪنهن قسم جي ديني ۽ ٻي
آزادگي ڏيندا آيا آهيون، هاڻي توهان جي مرضي آهي
ڇا ته اوهان جو واپار بند ٿي وڃي ۽ توهان جا ٻار
ٻچا ڪپڙي لٽي ۽ ٻين حياتيءَ جي ضروري گهرجن کان
محروم رهن؟ توهان جي اهي خواهش آهي ڇا ته توهان جو
چوپايو مال، جو سياري ۾ هت چاري لاءِ آڻيندا آهن
سو بک ۾مري وڃي؟
اها سڀ اوهان تي ڇڏيل آهي. پاڻيهي فيصلو ڪريو،
اسان جي ته هميشہ اها خواهش رهي آهي ته اسين
افغانستان کي ڪنهن امير حبيب الله خان يا
عبدالرحمان خان جهڙي سياڻي حاڪم جي هٿ هيٺ خوشحال
۽ امن امان ۾ ڏسون، خدا تعاليٰ شال اوهان جو
همراهه ٿئي، جو اوهين جلد ئي سڌي ۽ صاف واٽ وٺو!“
چيلمسفورڊ
وائسراءِ ۽ گورنر جنرل هندستان جو.
انهيءَ نموني جا اشتهار ناما ورهائبا رهيا. سرحدي
هارين، نارين کي انگريزن جي حاڪمي قبولڻ لاءِ انهن
جي ٻنين تان ڍل ۽ ٻيا محصول نه وٺڻ جي لالچ ڏني
وئي روڪ رپيا ۽ ٻيون لالچون ۽ رشوتون ڏيئي جاسوس ۽
ايجنٽ خريد ڪيا ويا. هندستان ۾ علي ڀائرن (محمد
علي ۽ شوڪت علي مرحوم) کي افغانستان جي ڀٺڀرائي
ڪرڻ جي ڏوهه ۾ وائسراءِ جي حڪم سان جيل ۾ بند ڪيو
ويو. سر آغا خان لنڊن مان هندستان جي مسلمانن خاص
طرح اسماعيلي جماعت ڏانهن هڪ تار ذريعي سنيهو
موڪلي امان الله خان کي گهٽ وڌ چيو ۽ انگريزن سان
پوري طرح وفاداريءَ جي تلقين ڪئي. ملتان ۽
راولپنڊي ڊويزن جي سجاده نشين پير صاحبن ۽ ٻين
اڀرندڙ سج جي پوڄارين اميرن جي هڪ ميٽنگ لاهور شهر
۾، ميجر ملڪ ۽ سر عمر حيات خان ٽوانا جي ڪوششن سان
نواب بهرام خان مزاري (ديرو غازي خان) جي صدارت
هيٺ ٿي گذري ميٽنگ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري، برطانوي
حڪومت کي وفاداريءَ جي پڪ ڏني وئي، افغانن جي حملي
کي ننديو، هنگامن ۽ گوڙ شور ڪندڙن کي نندي کانئن
بيزاري ظاهر ڪئي وئي ۽ پيرس امن ڪانفرنس، ترڪيءَ
جي آئيندي جي باري ۾ جيڪو به فيصلو ڪندي، تنهن تي
ڀروسو ظاهر ڪيو ويو، ان طرح ”چيف خالصا ديوان“
وارن جي طرفان، سکن کي انگريزن سان وفاداري
رهندي، افغانن سان وڙهڻ جي هدايت ڪئي وئي، ”چيف
خالصان ديوان“ وارن جي اعلان نامي جو هڪ ٽڪرو
هيٺين ريت آهي:
”پنجاب ۽ سندس بهادر سک بلڪل تيار آهن، جو امير جي
خوب گرما گرم لاک لاهين، سرحد تي جيڪي اڳئين وقت ۾
حملا ٿيا آهن، تن ۾ سک زور هئا ۽ سکن اهڙا اهڙا
بهادريءَ سان ڪم ڪيا آهن، جن لاءِ کين اڃا تائين
فخر حاصل آهي. اهي جيڪي حملا آورن افغان آهن تن جي
مراد آهي ته وري سک اسان کي اڳواٽ ڌڪ هڻن، تنهنڪري
اي سک ڀائرو، اٿي ڪمر ڪشيو ۽ بادشاهه سلامت جي مدد
لاءِ ڪٺا ٿيو ۽ دشمن کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته گورو
گوبند سنگهه جيءَ جو اولاد وڙهڻ لاءِ تيار آهي، ۽
پراڻو سبق جو افغانن کي شايد وسري ويو آهي. سو وري
کين پڙهائينداسون“
اهو پتر يا اشتهار گرمکيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل هو.
هندستان ۾ رولٽ ايڪٽ تان هنگاما ۽ گوڙ شور ۽
مظاهرا پنجاب ۾ مارشل لا بي ڌڙڪ فائرنگ ۽ دهلي ۾
سرڪاري سختين ۽ ڏاڍ مڙسين کان پوءِ، انگريز ٿڌا
ٿيندا ويا. مهاتما گانڌيءَ جي سيتا گرهي، هلچل به
ماٺ ۾ هئي. الور، پٽيالا، حيدرآباد دکن، بهاولپور،
ڀوپال، گواليار، جي پور، رام پور، ڌر فريد ڪوٽ،
چترال، رتلم، محمود آباد، ائوڌ منگرول ۽ خيرپور
ميرس اٽڪل روءِ سڀني ڏيهي ننڍين وڏين رياستن
انگريزن جي حمايت جا اعلان ڪيا. ميجر جنرل
ڀوپيندرا سنگهه پٽيالا جو مهاراجا ته اتر اولهه
سرحد تي سر آرئر بيرٽ جي عملي جو اسپيشل سروس
آفيسر بڻجي محاذ تي پهچي ويو.
جڏهن رولٽ ايڪٽ جي خلاف هنگامن ۽ مظاهرن جي
ڏوهارين کي، پنجاب ۽ انگريزن جون فوجي ڪورٽون
ظالماڻيون سزائون ڏئي رهيون هيون، سخت پورهئي سان
جيل، عمر قيد، ڦاسيءَ ۽ کلي عام ڦٽڪن هڻڻ جون
سزائون عام هيون. گجرانوالا جي ماڻهن تي سرڪاري
ملڪيت جي نقصان ڪرڻ سببان چويهه لک رپيا ڏنڊ رکيو
ويو. ازان سواءِ ٽن سالن تائين پوليس جو خرچ به
گوجرانوالا جي ماڻهن کي ڀرڻو هو. مکيه ڳالهه ته
هندستان جي ماڻهن پاران لڙائي هلندي امير مرحوم
جي ڪابه مدد يا دلجوئي ٿي ڪانه سگهي. انگريزن سان
شروع ڪيل لڙائي جي پڄاڻي نيٺ ٺهراءُ تي ٿي. لاچار
هندستان ۽ هندستانين کي وڌيڪ پاؤ صدين تائين غلامي
جي ڌٻڻ ۾ سندن نصيبن تي ڦٽو ڪيو ويو. پر افغانستان
جي آزادي ۽ خود مختياري کي ڀير جي ڏؤنڪي تي
مڃرايو ويو. غازي امان الله خان هڪ املهه مقصد
حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هٿيارن واري ويڙهه ۾
اخلاقي ۽ سياسي سوڀ سندس ئي ٿي.
هن پاڻ کي بادشاهه چوايو ۽ برطانيا جي شهنشاهه جو
مٽ ثاني به پاڻ کي مڃرائي ورتائين، پر غلط قسم جي
پروپيگنڊا ۽ اندروني ڳجهي سازش جي ويڙهه ۾ هو آخر
هارائي ويٺو. صلح سانت، امن ۽ دوستي جي اوٽ ۾ هيءَ
جنگ سندس خلاف جاري رهي. نيٺ افغانسان جا اثر
رسوخ رکڻ وارا عالم ۽ مولوي، امير جي پٺيان پئجي
ويا. ظاهر ۾ امير مرحوم جي سڌاري ۽ نئين واڌاري جي
اسڪيمن کي افغان رسم ۽ رواج ۽ مذهب جي ابتڙ
ڄاڻائي، بهانو بڻايو ويو ۽ فتويٰ ڪڍي وئي، آخرڪار
لاچار ٿي کيس پنهنجو ڏيهه ڇڏڻو پيو.
امان الله خان، پنهنجي راڻيءَ ۽ شهزادن سميت يورپ
ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ وڃي روم ۾ رهيو ۽ پنهنجي
حياتي جا باقي سال پرديس ۾ گذاري وفات ڪيائين.
امان الله خان جي خلاف هليل بغاوت کي ”ملا شوربزار
جي فتويٰ“ جو نتيجو چيو ويو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته
امان الله خان، دين اسلام تان ڦري ويو آهي!
انگريزن جي سازشي سياست جي مشرق جي اندر هيءَ به
هڪ وڏي ڪاميابي هئي.!
|