سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :15

بهرحال، ناچ ۽ ڇند، عروض ۽ تال جي مقال ملتوي ڪري، سنڌ جي ڪن ٻين ڪُهنن سازن جو به ڪجهه ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي انساني نڙيءَ جا ساٿي رهيا آهن. انهن جا ٻه گروهه آهن: هڪڙا وات جي ڦوڪ سان وڄائڻ وارا (Wind – instruments) ۽ ٻيا هٿ سان وڄائڻ جا تند وارا ساز (Stringed-instruments) جيئن ته پراڻن سازن جي پچار پڻ قديم شاعريءَ جي تاريخي آثارن جي تلاش آهي، انهيءَ ڪري هتي تند واري هڪڙي ساز جو ڪجهه ذڪر ڪجي ٿو.

ويڻه : (The Lyre)

       هيءَ ايجاد اصل ۾ انهن اوائلي ’آسٽريلوي‘ انسانن جي آهي، جن اول اول سنڌ ۾ اچي سُڃا پيل پٽ وسايا. مٿي انهن لاءِ اڳي ئي اچي چڪو آهي، ته هي جهنگلي ماڻهو اول حيواني زندگي بسر ڪندا هئا، ۽ لکين سالن تائين ته رڳو گاهه ٻوٽا، پن پوُٽا، ڦل ڦول ۽ ٻيو سڄو جهنگل ڀيليندا وتندا هئا. پوءِ ڏڪار ۽ اڻاٺ ڪري، جي انهيءَ مان به پورت نه پئي، ته سنها ٿلها ساهوارا به جهلي، انهن کي ڪَچو ئي کائڻ چالو ڪيائون، هنن گوشت خور شڪارين کي ٽاهڙ پسون ۽ پکي پکڻ، جيئرا جهلڻ لاءِ ڏکيائي ڏسڻ ۾ آئي، ته انهن کي ڏوران ئي ڏَجهڻ ۽ چٽڻ لاءِ چتِ مَن سوچڻ لڳا. آخر هٿنن قوس ڪماڻ جي ڪمي محسوس ڪئي. انهيءَ زماني جي ضرورت به سڀني ايجادن جي پڙناني هئي ۽ وري ٻه – پيرو انسان به ته خدا جو نائب بڻجي رهيو هو، تنهن نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. آخر اڄ کان اٽڪل ويهارو هزار سال اڳ، وڻ جي ڪنهن آليءَ لڙهيءَ کي رسو ٻڌي، شڪارين پهرين ڪماڻ جو اوائلي ۽ تجرباتي نمونو پيدا ڪيو. دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ته شڪاري ڪماڻ جي قدامت هڪ لک سالن تائين به مڃي ويئي آهي، جا انساني قد کان به گهڻو ڊگهي هئي. پر هتي فقط سنڌ جي ڳالهه ڪرڻي آهي. قديم سنڌين، سَرَ جي ڪاني کي چوٽيءَ تي چهنبيارو ڪنڊو هڻي، ڪانِيءَ کي ڪانءُ بڻائي ڇڏيو. اهو ڪم ته سٺو ٿيو؛ پر اهڙي ڪهني ڪال ۽ اوائلي عهد ۾ واڻ جي واڍ آئي ڪٿان، جنهن سان بانس جي ڇڙهيءَ کي ورائي سوگهو ڪري ٻڌائون؟ هن ڏس ۾، مُني ڪاتياينه جي کوجنا، مڃڻ وٽان آهي. چي، ”اڳيان آهيڙي ۽ پارڌي (شڪاري) پنهنجي ڪماڻ جي رسي يا نوڙي، ڊَڀَ ۽ مُڃَ جي گاهه (Durbha or Munja grass) مان ’واڻ‘ وانگر وٽي، پڪي ڪري ڪماڻ تي چاڙهيندا هئا(1).“ واڻ جي انهن ساڳين نوڙين مان پوءِ جا گاڏڙ قبيلا شايد ست هزار ق.م. ڌاري شڪار جون پنجوڙون وُڻندا هئا، يا مڇيءَ ڦاسائڻ لاءِ ڄاريون واڻيائون، تنهن ڪري انهن نوڙين کي ’واڻ‘ چوندا هئا؛ يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري ’واڻ‘ لفظ ٺهيو، انهيءَ جي پچار پوءِ ڪبي. اها ’واڻ‘ جي نوڙي آهيڙين جي ڪماڻ لاءِ جٽائدار ثابت نه ٿي، تنهن ڪري گهڻو پوءِ انهن شڪار ڪيل جانورن جي آنڊن مان ڏور وٽي ڪماڻ تي چاڙهي(2). انهن آنڊن جي ڏور کي (ايراني اثر ڪري) پوئين زماني ۾ ’زِههَ‘ ڪوٺيو ويو؛ پر ’واڻ‘ لفظ پوءِ به پنهنجي جاءِ تي جيئرو ئي رهيو. انهيءَ ’واڻ‘ لفظ تان ئي ڪماڻ تي ’ٻاڻ‘ (ٻان) نالو پيو(3)

       ’ٻان‘ مان ڪانُ ڇٽڻ وقت، اُن جي ڏور يا نوڙيءَ کي پوريءَ طاقت سان جا ’تڻڪ‘ (Dhanush tankara) اچي ٿي. ان جي رد عمل ۾ ڏور يا زهه هڪ زور دار ۽ گنڀير قسم جي گونج  (Air wave) پيدا ڪري ٿي، جا چوڌاري پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. (درويش راضي فقير انهيءَ ڪري چوندو هو ته: مون کي پنجوڙ، ڦندي ۽ ڪوڙڪيءَ جو ڪيل شڪار کائيندي شرم ٿو اچي، جو اهو دغا ۽ فريب سان ڦاسايل آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ گزڪماڻ جو شڪار کائڻ درست آهي، ڇاڪاڻ جو ڪمان مان ڪان نڪرندي ئي ’ٻئون‘ چئي پکيءَ کي ڀڄڻ لاءِ خبردار ڪري ٿو يعني ٻولائي وڙهي ٿو.) انهيءَ ’ٻئون جهڙي آواز (Sound wave) ٻڌڻ ۽ ان جي ڪاٿي ڪرڻ کانپوءِ شڪارين ۽ ’پارڌين‘ پهريائين شڪار جي دوران ۾، انهيءَ مان اول هيءُ ڪم وٺڻ شروع ڪيو: جو ڪنهن ڀيانڪ جهنگلي جانور يا ڪنهن خوفناڪ ۽ خونخوار درندي جي حملي کان بچڻ لاءِ آڱر سان انهيءَ ڏور کي وڄائي، هڪ ٻئي کي فوري خطري کان خبردار ڪندا هئا(1). گويا هيءَ سندن مخفي سخن گوئي (Code-word) هئي. ٻاڻ جو ٻُرندڙ آواز (wave sound) جو اهڙيءَ طرح انهن جو حالڀائي بڻيو ۽ سڄڻ ثابت ٿيو ته سندن ڪن کي هوءَ به سيبائڻ لڳو. وانداڪائيءَ ۾ به وڄائي ان جو حظ حاصل ڪرڻ لڳا ۽ رات جي رهاڻ ۾ به ان سان آواز ملائڻ لڳا. انهيءَ جو آواز گهَري ۽ گنڀير هئڻ ڪري، پهريائين فقط انهن کي ’آس‘ (Drone) جو ڪم ڏيندو هو. ڀانئجي ٿو ته هاڻو ڪي سرگم جي ستن سرن ۾ هيٺئين ۾ هيٺيون آواز يا پهريون سُر ’س‘ (سَدَ جَ)، جنهن جي سوامي سنڪرانند جي چوڻ موجب معنيٰ آهي هيٺ ’پٽ تي پيل‘، سو اول انهيءَ گهَري ۽ گنڀير آواز تي مقرر ٿيو. انهيءَ ’ٻاڻ‘ يا ’واڻ‘ کي ئي پوءِ ’اِڪتانتري واڻه‘ يا ’اِڪتاره ويڻه‘ (يعني يڪتارو) چيو ويو، جيڪو دنيا جي سڀني ڪُهنين قومن جو قديم ترين ساز آهي. آواز کي وڌيڪ گونجائڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جدا جدا قسم جو کوکو (Frame) ان سان شامل ڪيو ويو ۽ بتدريج تندن جو تعداد به وڌايو ويو.

هينري بئلفور (Henry balfour) ’موسيقانه ڪماڻ جي ارتقائي تاريخ‘ (1899) ۾، انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪري ٻڌايو آهي ته شڪارين جي ڪماڻ ئي اصل ۾ سڀني تند وارن واڄن جي پيدا ٿيڻ جو سبب ۽ وسيلو بڻي آهي.“ جنهن مان پوءِ ستار، سرندا، رباب ۽ تنبورا وغيره بنايا ويا. موهن جي دڙي واري تصويري خط ۾ به چنگ ۽ هارپ مهرن تي نقش ٿيل مليا آهن.

       ”مصر ۾ 4000 ق.م. جو مصري ساز ’بوهارپ‘ (Bow harp) معلوم ڪيو ويو آهي، جو هندستان ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جي ’ويڻه‘ (وينه) سان مشابهه آهي.“ سنڌو ماٿر ۾ پڻ چار هزار سال اڳ جي ’وينا‘ (بينا) سان گڏ هارپ ۽ ٻيا ساز بانسريون، کڙتال، جهانجهه، ۽ مرڌنگ مليا آهن. پروفيسر اسٽوئرٽ پگٽ انهيءَ ’بينا‘ (بين) جي تارن جو تعداد ’ستن‘ تائين چئي چڪو آهي. پر هندن جا ويد جيڪي عيسوي سن کان فقط هڪ هزار کن سال اڳ لکجڻ لڳا، تن ۾ بين يا بينا جو ذڪر ئي ڪونهي! ساڳئي زماني جي لڳ ڀڳ، يونان ۾ ساڳئي ساز جو پتو هومر (نائين صدي ق.م.) وٽان ملي ٿو. مشهور جرمن انڊولاجسٽ مئڪس مولر حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته : بينا (وينا) لاءِ ڪابه اهڙي سندَ ويدن مان ڪانه ٿي ملي، جنهن جي معنيٰ ’لاير‘ ٿي سگهي. رگ ويد ۾ به وينا (ويڻا) جي بدران ’واڻ‘ لفظ ملي ٿو. ساڳيو ’واڻ‘ لفظ پهلويءَ ۾ به آيل آهي، جنهن پوءِ سُمير ۽ ميسو پوٽيميا جي ٻوليءَ ۾ وري ’بان‘ جي شڪل ورتي. مئڪس مولر انهيءَ ’واڻ‘ لفظ جو ترجمو (Voice) ’انساني آواز‘ ڪيو آهي. مُني پاڻيني به ساڳئي ’واڻ‘ جي معنيٰ سُر ۽ آوازي گونج (Musical tone) ٻئي ٻڌائي ٿو. انهن ڳالهين مان ڪجهه ائين پيو لڳي ته ’واڻ ۽ ٻاڻ‘، جي ڪماڻ جا اصلي نالا آهن، انهن تان ئي سندن سخن گوئيءَ جا صفاتي نالا ’واڻي ۽ ٻاڻي‘ ٻئي ٺهيا هوندا ۽ انهن جي معنيٰ به ڳائڻ توڙي ڳالهائڻ ٻئي مقرر ٿيون. انهن ٻنهي لفظن جي مترادف ۽ ساڳين معنائن وارو ٻيو به هڪڙو لفظ، جيڪو اسان وٽ اصل کان ئي واڻيءَ جي بجاءِ استعمال ٿيندو آيو آهي، سو ’وائي‘ آهي. انهيءَ جو به ’واڻيءَ‘ سان بنيادي واسطو آهي. مٿي جيڪي پنڊت پاڻينيءَ ۽ مئڪس مولر جا گفتا (’انساني آواز، آوازي گونج ۽ سُر، وغيره) ڏنا ويا آهن؛ تن مڙني جي معنيٰ به ساڳي ۽ حقيقت ۾ هڪڙي ئي آهي، جا مٿي اڳ ئي منڍ ۾ ڄاڻائي ويئي آهي. (آواز = ناد = (Air ۽ سُر = پاڻهي پيدا ٿيل (’پِران وايو‘ (The Air= انهيءَ موجب سڀني لفظن جو منڍ يا اصل (ڌاتو) وري به وڃي ’واء‘ (پران (Air= بيٺو، جنهن مان شايد وائي لفظ ٺهيو. هن کان اڳ ۾ سنڌ جي اوائلي جهنگلي ماڻهن جا ڳيت يا ڳِيا بيان ڪيا ويا آهن. انهن لاءِ به ’واء’ (Air) نالو ڪم ايندو هو، جيئن مٿي اچي چڪو آهي. غالباً انهيءَ واء جون ئي جمع ’وايون‘ (شاهه جي رسالي واريون) آهن، جن جي به لفظي معنيٰ آهي ’غنائي گفتار‘ (خالي گفتار‘ به، سُر ۽ سرود به، ۽شاعري يا الهام به.) ڀٽ ڌڻيءَ انهن واين (Airs) جي غنائي ترتيب ’تنبوري‘ جي تارن تي ڪيئن ڪئي، يا ڪهڙن تندن ۽ ڪيترن سرن تي واين جو سرود سموهيو ۽ سينگاريو آهي، اهڙي بحث جو افسوس ته اڃا هيءُ موقعو نه آهي. اهڙيون ڳالهيون هن مضمون جي مدنظر ڄڻ ته اڄوڪيون ڳالهيون آهن. هتي. ڪنهن تمام ڪُهنيءَ ’ڪالهه‘ جي قديم ساز سان بحث آهي. پر، سازن جي قدامت تي زور ڏيڻ مان به ڳائڻ ۽ ڳيت جي رڳو قدامت ثابت ڪرڻ جو مقصد نه آهي. ڳيچ جي قدامت ته هونئن به مڃيل آهي. هتي مڃڻو هن ڳالهه کي آهي ته اڄ کان هزارين سال اڳ، جيڪي سگهڙ، ساز کي آواز ۾سميٽي چڪا هئا ۽ آواز کي ساز ۾ سموهي چڪا هئا، ۽ جيڪي سٻوجهه، سر ۽ تار کي هڪ ٻئي جي باهمي رابطي ۾ جڪڙي چڪا هئا، ناچ کي تار جي تابع ڪري چڪا هئا، ۽ اهي سڄاڻ، جيڪي آرين جي اچڻ کان به اڳ ٻوليءَ جي مجموعي آوازن کي تحرير جي ضابطي هيٺ آڻي چڪا هئا؛ سي ضرور ڪي ته ڪليون ۽ تڪون، محاورا ۽ ٻول، مرتب ڪرڻ ۾ به ماهر هوندا! جڏهن شام جي يهودين ۽ عبرانين وٽ ڏيڍ هزار سال (1450 ق.م) حضرت موسيٰ جو مڪمل تورات موجود هو. ته سنڌ ۾ انفرادي جملن واريون دعائون به نه هونديون! جيتوڻيڪ انهن جا هوبهو اصلي لفظ هن وقت ملڻ ناممڪن آهن، پر ڳائڻ وڄائڻ جا هي جيئرا جاڳندا ثبوت، انهيءَ جُڳ جي شاعريءَ جا اکئين ڏٺا شاهد آهن. هن مقالي جو اصل ۾ ته واسطو ئي شروعاتي ’شاعريءَ‘ سان آهي، ڳائڻ وڄائڻ کي ته هڪ وسيلو ۽ بهانو بڻائي، انهيءَ جي رهبري هيٺ ڪويتا جا ڪُهنا ڀڙا ۽ کنڊر کوٽيا ويا آهن. ٻيءَ ڪنهن به طرح سان اسان وٽ آرين کان اڳ وارين قومن (Tribes) ۽ ’جاتين‘ جي ادبي تاريخ ته موجود آهي ئي ڪانه!

جاتيون: (‘The tribal tunes’ or ‘The Airs’)

        مٿي اڳي ئي ڊاڪٽر ڪرٽ سڪس جو حوالو ڏنو ويو آهي ته : منڍ ۾ هر هڪ جاتيءَ يا قبيلي جا ڳِيا ۽ ٻول پنهنجي پنهنجي نموني سان ڳائبا هئا. انهن جي نوعيت جيتوڻيڪ ٻين سڀني جاتين کان علحديٰ نموني جي هوندي هئي؛ پر ساڳئي گفتي يا ٻول (Phrase song) ۾ خاص طرح ۽ ساڳئي جاتيءَ جي مڙني جهونگارن (Tribal Airs) ۾ عام طرح ’ڳائڻ‘ جي شڪل ساڳئي هوندي هئي. هتي جاتي لفظ، جيئن ظاهر آهي، اصل ۾ انهن ڀاڳين ۽ مالوند قبيلن (يا پوءِ زراعتي دؤر ۾ ساڻن گڏوچڙ ٿيل ٻين کيتي ڪندڙ هارين) ۽ مالدارن جي جدا جدا ذاتين (Clans) واسطي ڪتب آيو آهي. انهن مان اٺن – ڏهن ذاتين جا نالا اڳي ئي مٿي ڄاڻايا ويا آهن، ۽ ٻيا نالا هيٺ به ايندا، پر انهن جو پورو تعداد معلوم نه آهي. جدا جدا شاسترن ۾ جاتي ڳِين جو تعداد ارڙهن تائين به آيو آهي، اهو غير آريائي قبيلن جو تعداد سمجهڻ گهرجي. ايندڙ زماني جي اجنبي آرين ساڳيو لفظ قديم قبائلي ڳيتن ۽ پراڻن ٻولن جي مجموعي نالي وانگر پڻ ڪتب آندو آهي. اهو ٻٽيءَ معنيٰ وارو مجهائيندڙ لفظ، پوءِ جي سنسڪرت ساهت ۽ سنگيت ۾ به ٻنهي معنائن سان ڪم ايندو رهيو. انهيءَ طرح انڊو – پاڪستان جي ’شروعاتي شاعريءَ‘ ۾ اسان کي پراڻي ۾ پراڻيءَ جنهن شاعراڻي صنف جو نالو معلوم ٿي سگهيو آهي، سو به اهوئي ’جاتي‘ لفظ آهي. اهي ’جاتي ڳيا‘ آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ ست هزار ق.م. ڌاري، چراگاهي دؤر کان ئي چالو ٿيا هوندا، جيڪي زراعتي زمانو به گذاري ۽ عبور ڪري، آريائي آمد تائين باقي رهيا. – ”جاتي ڳيو، ڪو اڄوڪيءَ معنيٰ وارو ’ڳيت‘ ڪونه هو، پر ان جو خالي هڪڙو ابتدائي خاڪو يا بنياد هو. پوءِ جڏهن اهو ڪثرت سان ڳائجڻ ۾ آيو، تڏهن ان ۾ گهڻيون ئي ڦيريون گهيريون آيون ۽ ان کي وڌيڪ سڌاريو ويو.“ آرين انهن ڳين کي جيئن به مقامي ماڻهن واتان ورتائيندو ٻڌو، يا جيئن به انهن جي سمجهه ۾ آيو، يا نه آيو، انهيءَ سارو انهن جا اهڃاڻ مُنجهائي سلجهائي، بطور قديم آثارن جي پوين لاءِ ڇڏي ويا. جاتي ڳين لاءِ جيڪي سمجهاڻيون پوءِ جي پستڪن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون آهن، انهن جا ڪي ٿورا ٽڪر هتي ڏجن ٿا: - ”اوائلي انسانن جا هڪ –سرا (Single –Tone) آلاپ ۽ لاتيون جن کي ’ناد‘ (پران وايو (Air= چيو ويو آهي؛ سي وڌندا ويجهندا، آخر ٻن – چئن سرن وارا جاتي ڳيِا بڻجي پيا. “ هتي نه رڳو آوازن ۽ سرن جي واڌ ۽ ويجهه ڏانهن اشارو آهي، پر انهيءَ سان گڏ اچارن ۽ لفظن جي واڌ به سمجهڻ گهرجي؛ جيئن مٿي به سمجهايو ويو آهي. – ”خالص قسم جا جاتي ڳيا ساهت ۽ سنگيت ۾ دراصل نُکون يا پاڙا يعني ذاتيون آهن ۽ اهي ڳائڻ – وڄائڻ جو به منڍ مڃيا ويا آهن. تنهن ڪري جاتيون، ڳائڻ – وڄائڻ جي بنياد کان سواءِ ڪابه ٻي شيءِ نه آهن“.

       هن فني تعريف ۽ وصف موجب پڻ جاتي لفظ منجهائيندڙ آهي، جنهن جي معنيٰ راڳڻيون توڙي قومون، ٻئي ٿي سگهي ٿي. – ”هي ڳيت انتهائي ترقيءَ جي منزل تي پهچڻ کان پوءِ به فقط ٽن – چئن آوازن اندر ئي ڳايا ويندا هئا ۽ آوازن جو دائرو پنجن سُرن کان ٻاهر ته ڪڏهن به نه وڌيو.“ يعني ”هنن ڳيتن جو سُر مٿي چڙهندي ڪنهن به حالت ۾ ’سپَتڪ‘ (Octave) جي ستين سُر يا آخري آواز تائين نه پهچي سگهيو(2).“ اهڙي نظريي جو عملي ثبوت، بانس جي ٺهيل انهن بانسرين (يا هڏي جي نريءَ مان ٺهيل نڙاٽين ۽ نڙانڊين) مان به ملي ٿو،جيڪي پروفيسر پگٽ جي چوڻ موجب سنڌو ماٿريءَ جي سڄيءَ ايراضي مان هيٺين تَهَن تائين تلاش ڪيون ويون آهن. انهن بانسرين ۾ به سوراخن جو ڳاڻيٽو هر حالت ۾ پنجن کان گهٽ ئي بيهي ٿو. هتي بانسريءَ جي بنيادي آکاڻي فقط ڊيگهه ٿيڻ جي ڊپ کان نه ڏني ويئي آهي. دراصل بانس جي ٻيلن ۾ طوفان لڳڻ سبب، اوائلي انسانن کي سيٽين جهڙا سُر ٻڌڻ ۾ آيا. (بشنو از نئي چون حڪايت مي ڪند!.) انهن آوازن ٻڌڻ ڪري انسانن کي بانسريءَ بنائڻ جو خيال آيو. بانسري به دنيا جو پراڻي ۾ پراڻو ساز آهي. منڍ ۾ بانسري فقط ’آس‘ (Drone) جو سُر ڏيندي هئي. پوءِ جيئن جيئن وڌيڪ سُر معلوم ٿيندا ويا، تيئن تيئن سوراخن جو تعداد به وڌنڌو ويو. واديءَ سنڌ ۾ بانسريءَ کان علاوه ٻيا ساز پڻ ايجاد ٿيندا رهيا، جن مان ڪن جو احوال ته مٿي تفصيل سان به اچي چڪو آهي. انهن ۾ وڄت جا ساز: کڙتال، ٿالهي، جهانجهه، گهڙو، مرڌنگ پکواج ۽ ڍولڪ، ناچ ۾ ٿاپ ڏيڻ لاءِ ضروري هئا، تن سان گڏ ويڻا ۽ بانسريءَ جي به سنگت ٿيندي هئي. شُڌ جاتي ڳين جا جيڪي ڳڻ ٻڌايا ويا آهن، انهن ۾ هڪڙو هيءُ به آهي ته ”جاتي ڳِيا الڳ الڳ تال ۾ ورتايا ويندا هئا.“ ”جاتي ڳيِن جو بنياد نرت ۽ ناچ تي هو(2).“ جاتي ڳيا، نرت کانسواءِ سانگ (ناٽڪ) ۾ به خاص طرح سان لاڳو هوندا هئا.“ پوءِ ڇاڪاڻ ته جاتي سنگيت گهڻو ڪري سانگ رچائڻ جي ئي ڪم ايندو هو، تنهن ڪري ان کي ’نتيه ڳيا‘ (نرتيا ڳيت (Stage song چوندا هئا. جنهن جي معنيٰ آهي ته اهي سريلا گيت جيڪي ناٽڪ سان لاڳو هجن(4).“ دراصل، اهو ڳائڻ وڄائڻ توڙي تال ۽ ناچ اوائلي انسانن جي لاءِ رات جي فرصت ۾ ايڏو ته عام هو، جو اهو گويا انهن جي عادت بڻجي چڪو هو. اها به پڪ آهي ته انهيءَ پٺيان ضرور ڪو ڌرمي ۽ مذهبي پس منظر به هوندو، ۽ ڪي وهم ۽ وسوسا به پوشيده هوندا! ”مذهب جي ارتقاي مطالع مان به پتو پوي ٿو ته سڄيءَ دنيا ۾ مذهبي رسومات جي ادائگيءَ لاءِ ڳائڻ ۽ نچڻ نه فقط عام هو، پر بيحد ضروري پڻ هو.“ شروع ۾ ڳائڻ – وڄائڻ فقط مذهبي رسمن (Rituals) بندگي (Worship) ۽ دعائن (Prayers) لاءِ مخصوص هو، جيڪو پوءِ (زراعتي دؤر ڌاري) وسين ۽ واهڻن ۾ به ڳائجڻ لڳو. انهيءَ کي پوءِ ’گرام ڳِيا! ڪوٺيو ويو.“ گرام ڳِيا هيٺ جدا عنوان سان بحث هيٺ ايندا. في الحال جاتي ڳين جو بيان ٿي رهيو آهي. ”جاتيون انهيءَ ڪري گرام ڳين ( ۽ راڳ –ڳيتيءَ ٻنهي) جو اصل يا اڳواڻ آهن.“ – جاتي ڳيا، ڳائن وديا جي شروعات ۾ پڻ نج پدري (ڄڻيندڙ (Parent= قسم جا ڳيت مڃتا ويندا هئا ۽ اهي ست بنيادي ’لوڪيڪا‘ (Loukika) يا دَيسي راڳ سمجهيا ويندا هئا(2).“ جدا جدا شاسترن ۾ انهن جو تعداد گهٽ – وڌ ڄاڻايل آهي. جنهن جو سبب هيءُ ٿي سگهي ٿو ته نوان آيل آريه، پهريائين ته اهڙن سڀني ڳين کي شايد هڪ نموني ۾ ’رڍون مڙيئي ٻوٿ ڪاريون‘ سمجهندا هئا ۽ پوءِ هري هري هنن ۾ گڏهه گهڙي جي تميز آئي هوندي! پهريائين ته بلڪل مکه ۽ وڏين قومن جا ڪي مقبول عام ڳيا سڃاڻي سگهيا هوندا. پوءِ جيئن جيئن کين جدا جدا ذاتين ۽ قبيلن جي نرالن ڳيتن ٻڌڻ جو وارو ملندو رهيو ۽ انهن جي وچ ۾ ويڇي ڪرڻ جي ساڃهه منجهن وڌندي آئي؛ تيئن تيئن انهن جو تعداد به وڌائيندا، چار، ست، ڏهه، چوڏهن، ارڙهن، ويندي ويهن تائين به مڃيو اٿن. جن ڪتابن ۾ انهن جو تعداد مختلف ملي ٿو، انهن جي وچور ڏيڻ جي هت ضرورت نه آهي. باقي اهڙي فرق ڄاڻائڻ لاءِ هت هڪڙو هاڻوڪو مثال پيش ڪجي ٿو: ’ڳيا‘ لفظ اسان وٽ اڃا به موجود آهي، جيڪو شاديءَ جي ڳيچن جو اصلي نالو آهي. اهي شادين جا ڳيا، اسان جي غنائي شاعريءَ جي تمام پراڻي ۾ پراڻي جنس آهي، جا پاڻ بچائيندي، ويس مٽائيندي، ڪنهن طرح سان سلامت رهندي آئي آهي. انهيءَ ۾ به ڏسبو ته جدا جدا ذاتين ۽ نياتين جا، يعني ’سماٽ‘ جا ساٺ ڳيا پنهنجا ’ٻروچن‘ جا ڳيت پنهنجا، اهڙيءَ طرح ’ٿَري‘ ۽ ’ڍاٽي‘ لوڪن، توڙي ’سرائڪي‘ ڳالهائيندڙ ذاتين جا ڳاچ اڄ به هڪ ٻئي کان مختلف شڪل جا آهن. اهڙوئي اختلاف، ڊاڪٽر ڪرٽ سُڪس جي چوڻ موجب، پراڻين قومن جي ڳائڻ منجهه به هو. انهيءَ ڪري ئي جاتي ڳيا الڳ الڳ نُکن ۽ پاڙن تي ڳڻيا ويا. اهي علحديون نکون ۽ نياتيون، جڏهن هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ آيون، تڏهن انهن جي ميل مان گهڻيون ئي گَڊيون ذاتيون پوءِ وڌي، وڏي پيماني تي پکڙجڻ لڳيون، (جن سڀني تي دراوڙ نالو پيو.) انهن گاڏڙ ذاتين ۽ جاتين جا گڏيل ڳيا، جن کي ’سمڪيرڻ‘ (Mixed) جاتي ڳيا چيو ويندو هو، ڪجهه اؤرئي رنگ جا هئا. انهن گاڊڙ جاتي ڳين جي سڌريل صورت، پوءِ ’گرام ڳيا‘ جي نالي سان مشهور ٿي ويئي.

        جاتي ڳيِن جا اصلي ٻول ته اڃا ملڻ ممڪن نه آهي، البت انهن جي موضوع ۽ مضمون لاءِ اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي اصل ۾ شڪارين ۽ ڌراڙن جا ڳيت هئا. تنهن ڪري انهن ۾ ناچ جي دوران جانورن جي ڦاسائڻ، هيرائڻ، ڌارڻ ۽ مارڻ متعلق ئي ڪي وهمي عقيدا ۽ جذبات دهرايا ويندا هوندا! هيئت جي باري ۾ ته پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته جاتي ڳِيا ٽن لفظن واري، هڪ سادي ۽ منفرد جملي کان وڌيڪ ٻي ڪا شئي نه هوندا. مُني ڀارته، به چيو آهي ته ”جاتي ڳِيو ’وَرت‘، (پد (Bar= مان اُسريو آهي ۽ ورت (پد، لفظ) وري جدا جدا اکرن جي جوڙ يا ميلاپ کي چئبو آهي. اهڙي طرح هر هڪ جاتيءَ ۾ ٽي ورت يعني پد (لفظ يا گفتا) هوندا هئا.“

گرام ڳيا:  (The village folk singing)

       پراڻن پستڪن ۾ لکيل آهي ته: ڳيِن جو سڌارو ۽ واڌارو سلسليوار ۽ درجي بدرجي ٿيو آهي. پهريائين پراڻا ۽ اصل جاتي ڳيا هوندا هئا. اُنهن جي باهمي ميل ميلاپ سان مخلوط يا گڏيل (Mixed) جاتي ڳِيا پيدا ٿيا. انهن ٻنهي شڌ ۽ گاڏڙ جاتي ڳيِن جي سنجوڳ سان ’گرام ڳيا‘ يعني ڳوٺاڻا گيت اسريا. آخر انهن ڳوٺاڻن يا ديهاتي ڳِين ۽ ’مرڪب‘ جاتي ڳِين جي ڪثرت استعمال سان روايتي راڳن جو ساروئي ڪچڪول ڪٺو ٿي ويو. انهيءَ سڄي ئي گڏ ٿيل گنج تي آرين اچي ’ديسي‘ (لوڪيه) نالو رکيو.“ پڌرو هجي ته گرام ڳِيا کيتيءَ ۽ واهيءَ جي ڌنڌي جو پڙلاءُ آهن. کيتي ۽ واهيءَ جي واهپي سان ئي ’واهڻ‘ جو بنياد پيو. تنهن ڪري اهو انومان ڪڍڻ سچ جي بلڪل ويجهو آهي ته گرام ڳيت اٽڪل چار هزار ق.م کان چالو ٿيا هوندا! ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت کان ئي واهڻن ۽ وسين جو مستقل بنياد پوڻ شروع ٿيو. زمين ڪاشت ڪرڻ سان گڏئي رولو شڪارين ۽ ڀٽڪندڙ ڀاڳين جي سيلاني زندگيءَ ۾ ٺاپر اچڻ لڳي. خانه بدوشيءَ جي بجاءِ خانه سازي شروع ٿي. جدا جدا ذاتين ۽ قبيلن مان ڪڙمي ۽ هاري، پاڻيءَ جي سَٺي سارُو ڀليون زرعي زمينون والاريندا، وسندي ڪندا ويهندا ويا. اهڙيءَ طرح، وس ٿيندي رهي ۽ وسين جو بنياد پوندو ويو. ڪڙمين جا ڌار ڌار ڪڙم، جدا جدا جاين تي جهوپڙين جا جهڳٽا ٺاهيندا بيٺڪون وجهندا ويا – ”انهن ديهاتي جهوپڙين ۾، پنهنجن پراڻين مذهبي رسمن جي علاوه، هنن زرعي (موسمي) ۽ سماجي ڏڻ – تهوار مقرر ڪري، ملهائڻ شروع ڪيا. جن جو لاڳاپو ٻج پوکڻ، مال ۽ پوک لاءِ دعائن گهرڻ، لاباري جي خوشيءَ ملهائڻ؛ يا ٻار ڄمڻ ۽ شادي غمي وغيره سان هو. انهيءَ ۾ ڳائڻ ۽ نچڻ جا ڪيترا نوان نمونا نڪري پي.“ ٽي-سي-برڪلي جي راءِ آهي ته ”انهيءَ قديم زماني ۾ سڀ جشن ۽ پوڄائون ڳائڻ سان لاڳاپيل هيون. هن سڀيتا ۾ دراصل دنياوي راڳن کان نج مذهبي ڳيت هر طرح هيڪاندا هئا. ڇو ته ريتن رسمن ۾ هاڻي نه رڳو (مال ۽ شڪار لاءِ) آسماني ديوتائون پوڄي پرچائڻا هئا، پر اهڙا ٻيا سوين عناصر به جن جو ضابطو روزانه زندگيءَ تي هو، تن سان پڻ نڀائڻو هو. پوک، خوراڪ، شڪار، شادي، غمي، ڄم، دفن، جنگ ۽ مسافريءَ وغيره لاءِ جدا جدا نموني جون دعائون ڳيتن ذريعي گهريون وينديون هيون. ان کان سواءِ پورهئي ۽ پيار جا ڳِيا، لوليون ۽ رانديون، پيالي پاڻيءَ جا ڳِيا وغيره به هلندڙ هئا.“ پروفيسر ماريس شنيڊر (ProfE Marius Schneider) به چيو آهي ته ”ڳائڻ ۽ نچڻ اوائلي تهذيب ۾ بلڪل ويجها لاڳاپيل هئا..... سڀئي جشن جن ۾ کيتي، جنم، موت، شادي، جنگ ۽ موسمي فصلن جا ڏينهن-وار شامل هئا، ڳائڻ جي ئي وسيلي ملهائبا هئا. موت ۽ سوڳ جي ڳيتن ۾ زالن جا پار ۽ اوسارا، ۽ مئل جي ساراهه ۾ مڙسن جا ڳايل ڳيت، وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جهڙا هئا.“ گرام ڳيِن جي مٿي ڳڻايل موضوعن مان پڌري پٽ ثابت آهي ته اهڙا عنوان رڳو رولو ۽ گهومو شڪارين يا ڌراڙن ۽ ڳوارن جا ٿي نٿا سگهن. باقي موضوعات ۾ ايڏي ڪثرت ڪيئن آئي ۽ ڇو آئي، تنهن جا ڪي ڪارڻ هيٺ ڏجن ٿا:

       ابتدائي ۽ عارضي وسندين ۾، پهريائين کڻي ساڳئي ڪڙم جي ئي ڪڙمين ’جون ڪي جهوپڙيون هونديون؛ پر هنڌائتن ۽ سجهائتن واهڻن ۽ وسين ۾ پوءِ وڏي پيماني تي واڌ ٿيڻ لڳي، اهڙين مناسب جاين تي ٻَڌل ڪَچا ڳوٺ، جلد ئي وڌي وڏا شهر ٿيڻ لڳا. ڪوٽ ڏيجي، آمري، هڙپه، موهن جو دڙو، جهُڪر ۽ چانُهون جو دڙو وغيره، ان زماني جون اوائلي راڄڌانيون (City states) بڻجي ويون. اهڙن مرڪزي شهرن ۾ رنگ ۽ بڻ جي ڀيد کان سواءِ، هِتان هُتان جا ماڻهون مڙي اچي گڏ ٿيا. ’سئوسنات، ٻارنهن ذات‘ وارو معاملو مچي ويو. في الحال ته سڀ ڪنهن نئين شهر جي تهذيب، عمل – رد عمل جو آکاڙو بڻجي ويئي؛ جيسين وڃي انهن ۾ ڪو اندروني ميل ميلاپ وڌي، سٻنڌ پڪو ٿئي ۽ ڀانت ڀانت جون ريتيون رسمون هڪ مرڪز تي اچن. آخر اهڙن ڳوٺن جو مذهبي دائرو وسيع ٿيڻ لڳو ۽ هر قسم جون پوڄائون ۽ دعائون باهمي سمجهوتي سان مقبول عام ٿيون. ڏينهن ۽ وار تي هر نموني جون ريتون رسمون مشترڪ نموني ملهائجڻ لڳيون. انهن سببن ڪري گرام ڳيتن جي موضوعات ۾ ايڏي ڪثرت پيدا ٿي.-”ديس جي ڌار ڌار ڀاڱن ۾ ڀانت ڀانت جا ڳيچ هلندڙ هئا، جن کي ماڻهو عام طرح ڳائيندا رهندا هئا، انهن کي نج ’ديسي‘ مڃيو ويندو هو. اهڙن علاقائي ڳِين جي سمجهاڻي آريائي شاسترن ۾ هيءَ آهي ته: اُهي ڳيت جيڪي آسپاس جي پرڳڻن ۾، نرالي، نرالي ڍنگ سان، پنهنجي پنهنجي مقامي رنگ ۾ ڳايا ويندا هئا؛ ۽ ڪُنهن به هڪڙي ئي ملڪي نِيَم، يا ڪنهن عام اصول جي پابنديءَ هيٺ آيل نه هئا.“ پراچين جُڳ ۾ اهڙن ڳيچن کي ’ديس ڳِيا‘ چيو ويندو هو، جن تي مقامي نالو پيل هجي(2).“

       مهاڀارت ۽ هري ونش ۾ به گرام ڳِين جو بيان ڏنل آهي، ۽ انهن لاءِ چيو ويو آهي ته: اهي جاتين يعني جاتي ڳِين مان جڙيل آهن.“ مطلب ته جاتي ڳين ۾ جا ايڏي اوڌ آئي، جنهن گرام ڳين لاءِ هيترو مواد مهيا ڪيو؛ سو سڄوئي زراعتي زماني جو ڪرشمو چئبو. –”پوک سان لاڳاپو رکندڙ رسمن ملهائڻ ۾ راڳ ۽ ناچ، دنيا ۾ هر هنڌ مکه پارٽ ادا ڪيو آهي.“ معلوم ٿئي ٿو ته هي گرام ڳيت، پوءِ ناچ ۽ ناٽڪ ۾ جاتي ڳين کان به گوءِ کڻي ويا هئا. جيئن ته ’برهما‘ (آريائي ديوتا) جي آگيا آهي ته ”سانگ رچائڻ لاءِ گرام ڳيت ڳائڻ بلڪل ضروري آهن.“ گرام ڳين جا مضمون ته مٿي اڳيئي معلوم ٿي چڪا هوندا، باقي انهن جي هيئت جي باري ۾ ايترو چئي سگهجي ٿو ته سِڌن سنواٽن جاتي ڳين جي ڀيٽ ۾ هنن جون ڪليون ڪجهه مڙئي ڪلا واريون ۽ ڪن مرتب جملن تي مشتمل هونديون! پر اها هوندي وري به هڪڙي سٽ، اها هڪڙي سٽ يا مصرع ئي ورائي ڦيرائي ڳائيندا هوندا! انهيءَ دراوڙي دؤر ۾، مٿين ٻن صنفن، يعني جاتيءَ ۽ گرام ڳين کان سواءِ اڃا هڪڙي ٽي جنس به آريائي آمد وقت اُڀري رهي هئي. جنهن جو درجو انهن ٻنهي جنسن کان مٿاهون مڃيل آهي. اها صنف آهي ’گندري گيت‘، جي گرام ڳين جو انتهائي سڌريل روپ آهن.

گندري ڀاٽن جا گيت: (The Semi-Devine Minstrals)

       سورهين صدي قبل مسيح جي پوين ڏينهن ۾ واديءَ سنڌ جي تهذيب وڏي اوج تي پهچي چڪي هئي. ڪوٽ ڏيجي، هڙپه، موهن جو دڙو، آمري، ٽئڪسيلا ۽ ٻيا ڪيترائي وسندڙ ۽ وڏا شهر ’واديءَ مهراڻ‘ ۾ موجود هئا. اهڙن عاليشان شهرن ۾ ڇا ڇا نه هوندو؟ درٻاريون ۽ رهاڻيون، پوڄائون ۽ ڀڳتيون، گائڪ ۽ نائڪ، سگهڙ ۽ سٻوجهه، رس ۽ رنگ سڀ ڪجهه موجود هو. مطلب ته هتي جي ماڻهن جي مذهبي ۽ تهذيبي، سياسي ۽ سماجي توڙي ثقافتي ۽ ادبي زندگي، انهيءَ زماني ۾ اعليٰ درجي تي پهتل هئي. پر، ’ڀَريِ ته هاريِ‘ سنڌيءَ ۾ اها عام چوڻي آهي. ساڳيءَ طرح هن تمدن جي جوڀن جو پيالو به پُر ٿي چڪو هو، جنهن جو ڇلڪي هارجڻ هاڻي فطري ڳالهه هئي. انهيءَ زماني کان پوءِ سگهوئي هن تهذيب جي تباهي اچڻ لڳي راڄ ۽ راڄڌانيون سڀ اُجڙ ٿي چڪيون هيون. پراڻي سڀيتا جي سج ٽُٻي ڏني ۽ تاريخ به پنهنجو پراڻو پنو اٿلايو. هتي سنڌ جي ديوتا سروپ راجا، ’راءِ سمبارا‘ جو راڄ پورو ٿيو ۽ ان سان گڏ ئي، ستجڳ به پورو ٿي ويو ۽ ڪلجڳ اتان ئي چالو ٿيو. هيءَ آريائي آمد جو اوائلي زمانو هو. اِندر ديوتا جا پرستار، آريائي سورما پنهنجيءَ سوڀ جي گهمنڊ ۾ گهمي ڦري رهيا هئا. هو پنهنجيءَ ڏاڍ مڙسيءَ کي ئي سڀڪجهه سمجهندا هئا. انهن جي اڳيان اٽڪل ۽ ڏاهپ، سمجهه ۽ سياڻپ ته ڪابه شئي ڪانه هئي. اصلي رهاڪو سندن دسيه ۽ دشمن هئا. جن جي هر ڪنهن ڳڻ کي هي اوڳڻ سمجهندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪر اشراف ويچارا ڪيڏانهن وڃن. پڙهيل ۽ پوڄارا ته سورمن جي سايي کان به سؤ ڪوهه پري ڀڄڻ لڳا؛ پوڄائون ۽ ڪَلائون سڀ وسري وين. عبادتگاهن جا ڳائڻا ۽ ڳهير، راء ’سمبارا‘ جي رهاڻ ۽ ورسي ونت ڪرشڻ جي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ڪلاڪار ۽ سنگيت ڪار، سگهڙ ۽ سڄاڻ سڀ، جيڪي اڳي وڏي مانَ ۽ شان سان رهندا هئا، سي سڀ نڌڻڪا ٿي ويا ۽ جهنگ مُنهن ڪري گم ٿي ويا. هڙپه، موهن جي دڙي ۽ وچ وارن ٻين شهرن (ڪوئيٽا علائقي؟) جي اهڙن ڏتڙيل سگهڙن کي ئي آرين ’گندرا ڪلاونت‘ ڪوٺيو آهي، جيڪي سڄي مغربي پاڪستان جي پرڳڻن:  سرحد، بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي ڳوٺن ۾ بيگانه ٿيو پيا ڀٽڪندا هئا.-”سمي پئي انهن سگهڙن جا وڏا ٽولا، جيڪي گندرا يعني ’پيشه ور ڀَٽ‘ ڪوٺيا هئا، نڪري نروار ٿيا. هي ساري ڏيهه ۾ چوڌاري پکڙجي پيا ۽ پنهنجن ڳيتن کي سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙي ڇڏيائون. انهيءَ ڪري هي ڳيت انهن ماڻهن جي ئي نالي سان مشهور ٿيا ۽ مٿن گدروا جو نالو پئجي ويو.“

       هيءَ دراوڙي تمدن جي مٽجڻ وارو دؤر هو ۽ آريائي سڀيتا جي اُسرڻ جو عهد هو. اهڙي زماني ۾ هي گندري ڀٽ پنهنجيءَ ڪلا کي ڳائي وڄائي ملڪ ۾ مشهور ڪن، ۽ انهيءَ جي اهميت آرين کان به مڃارائين، سا ڏاڍي عجب جهڙي ڳالهه چئبي. پر هيءَ حقيقت به آهي ته ”گندري رشين هڪ اهڙي ڍنگ جي ڳيتن جو بنياد وڌو، جن اڳتي هلي تمام سٺو ڦل پيدا ڪيو.“ آرين نه رڳو سندن ڪمال کي ئي تسليم ڪيو آهي، پر خود انهن جو به ايڏو ته مانُ رکيو اٿن، جو کين نيم-ديوتا (Semi-devine) يعني مهاتما ۽ مهاپرش ڪري مڃيو اٿن. هاڻي ته هيڪاري هيءَ حيرت جو مقام معلوم ٿئي ٿو. چئبو ته آرين ۾ به ايتري ته ساڃهه هئي، جو هو پنهنجن مات ڪيل ماڻهن جا ڳڻ مڃين. جي ٻيو نه، تڏهن به اهڙين ڳالهين کي رڳ ويد ۽ ٻئي سنسڪرت ساهتيه: ويدن، پراڻن ۽ شاسترن ۾ سانڍڻ لاءِ ته انهن کي جس ئي جڳائي ٿي. ٻئي طرف خود هنن ڳِين ۾ به اهڙو ڪو ته جادو ڀريل هو، جو ڌاريا، پاڻئون ڏاڍا ۽ دشمن به داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا. هنن ڳيچن لاءِ آريائي ’ڀارت برهما‘ آکيو آهي ته ”پد (Stanza) ڇند (Metre) ۽ سُر (Dilect) جو هڪ ٻئي سان پورو پورو ميل ميلاپ ئي گندروي ڳين جي اُڀرڻ ۽ اُسرڻ جو مکه ڪارڻ هو، پر گندري ڳيتن جي سڌرڻ ۾ جاتي ڳين جو به وڏو هٿ هو. جهڙوڪ ڌ رِوُوا، ڀرهم، ڪپال، پِرٿِلا ۽ سَمڀاوت وغيره، جيڪي جاتيون آهن، تن گندرون کي بيحد ڀرپور بڻايو.“ پد ۽ ڇند ۾ پوري جوڙڪ هئڻ ڪري هي ڳيت اڳوڻن جاتي ڳين توڙي گرام ڳين کان هر نموني وڌيڪ سڌريل هئا، جيڪي ڌرمي ناچ ۽ پوڄائن لاءِ پڻ وڌيڪ ڪارگر ٿيا.-”گندروي نموني جي ڳيتن جو واڌارو به سانگ يعني ناٽڪ جي آڌار سان ٿيو آهي، ڇو ته گندروي ڳِيا ناٽڪي ڍنگ يا ’نرتيه ڌرمي ڳيتي‘ نموني جا هئا، جيڪي تُڪ (Verse)، تال (Rhythm) ۽ سر (Tune) مان مرتب ٿيل هئا.“ ڇند سُر، توڙي تڪ ۽ تال جي شاعرانه پابندين سان گڏوگڏ، هنن ڳين ۾ ٻيو وڏو گڻ، انهن عطائي فقيرن جي ادا ڪرڻ جو اندازو به هو. اندازو آهي ته انهيءَ زماني ڌاري سنگيت ۾ به بلڪل گهڻو سڌارو آيو ۽ هيٺ مٿي جي آوازن ۾ به تمام وڏو واڌارو ٿيڻ لڳو هو.-”گندروي ڳيت عام طرح پنجن سرن ۾ ته ڳائبا ئي هئا، پر ڇهن سرن جو استعمال پڻ عام ٿيندو پئي ويو. ڪڏهن ڪڏهن ته ست ئي سر به ساڳئي ڳيت ۾ ڳايا ويندا هئا. تنهن ڪري هي ’سمپورن‘ يعني ستن ئي سرن وارا ڳيت سڏبا هئا. گندري ڳِيا گهڻو ڪري پراويسڪ (Castume?) ۾ ”ڌِروُوا ۽ ٻين ناٽڪي ڳيتن جي روپ ۾ ڳائبا هئا.“ هن حوالي مان معلوم ٿيندو ته ڳائڻ جو دائرو ’سپتڪ‘ (Octave) جي ستن ئي سُرن تائين پکڙي چڪو هو. شايد انهيءَ کان هيٺ يا مٿي ڪنهن به اٺين آواز ڪتب آڻڻ جي اڃا انهن ڪوشش ئي نه ڪئي هئي. پر تڏهن به ستن سُرن جو ’سمپورن سرگم‘ (Pertect major scale) انهيءَ زماني جو وڏو ڪمال چئبو.ايتريقدر جو اسان لاءِ، انهن ماڻهن وٽ ستن آوازن جو علم هجڻ، ذري گهٽ ناممڪن پيو لڳي. پر آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر سٽوئرٽ پگٽ پڻ انهيءَ جي پختي شاهدي ڏني آهي. جڏهن هو چوي ٿو ته ”موهن جي دڙي مان لڌل هڪڙو بين جهڙو ساز پَڪ سان ستن سُرن وارو آهي ۽ هڙپه جي مٿينءَ سطح تان ڪي ستن سوراخن واريون بانسريون به مليون آهن. اهڙن اهڃاڻن مان پڌرو آهي ته هي ڳيا انهيءَ زماني ۾ تمام اعليٰ معيار تي پهچي چڪا هئا. جن ۾ ساز ۽ آواز جو مناسب ميل جول، ڇند ۽ تال جي پوري جوڙجڪ ۽ ناچ ۽ ناٽڪ جو به منجهن جادو ڀريل هو. باقي انهن ڳين جي شاعراڻي هيئت يعني سندن لفظي سٽاءَ،جوڙجڪ، بيهڪ ۽ بناوت بابت پڪ سان ڪجهه به چئي نه سگهبو. البت هتي هڪڙي ’ڌڙو وَه‘ (Dhruva) لفظ مان جو اڳ به اچي چڪو آهي، ڪجهه اهڙو گمان ٿئي ٿو ته هي ڳيا اڪيليءَ تڪ يا ڪليءَ کان ماپ ۾ مڙيئي ڪي قدر دُهرائي هوندا. شڪ نه آهي ته اهو ’درووا‘ لفظ ڦري پوءِ دوهرا (يعني ٻٽو يا ٻيڻو) بڻيو هجي. پر هيءَ فقط هڪڙو انومان آهي، جنهن لاءِ اسان وٽ ٻيو ڪوبه مثال يا ثابتي موجود نه آهي. هي ڳيا عيسوي سن کان به هزار – ڏيڍ سال اڳ جا آهن، جن جا مضمون، موضوع ۽ عنوان اسان تائين نه پهچي سگهيا آهن. پر انهن لاءِ هڪڙي ڳالهه ته پوري پڪ سان چئي سگهجي ٿي، ته هنن جو مضمون خالص مذهبي هو، جيڪو پاڪ ۽ پوتر سڀاءَ وارن پيشه ور ڳائڻن جي پرخلوص دلين مان ڌڌڪو کائي، اُڌمون ڏيئي اٿيو هو، انهيءَ ڪري ئي ته ان ۾ بلاجو اثر هو! انهن لاءِ سارنگ ديو ڪهڙي نه سچي ساک ڏني آهي، ”جاتي ڳين مان اُتپن ٿيل، اتم پد جا گندرو گيت، گندري مهاتمائن (ديوتائن (Semi-devine= جا پيارا ڳيت هئا، ۽ ويدڪ رچائن ۽ منترن وانگر اهي به ايترو ته پوتر ۽ پاڪ هئا؛ جو انهن جي ڳائڻ سان سڀ پاپ ۽ اوڳڻ، جيڪي ويندي ڪنهن برهمڻ کي ڪُهڻ ڪري به پيدا ٿيا هوندا، سي سڀ ڌوپيو ويندا هئا.“ ياد رهي ته هي قبل از آريائي عهد جو ادب آهي، جنهن جا ڪي اهڃاڻ ۽ آثار، سنسڪرت ساهتبه جو هزار ساله سمو به اڪري اچي پراڪرت ڪال تائين پهتا. انهيءَ وچ ۾ سنسڪرت لٽريچر جو ئي دؤر دئورو رهيو. – ”سنسڪرت جي ڪلاسيڪي زماني اچڻ تائين، ڳِين جو هيءُ اتم ۽ انوکو روپ گندروا جي نالي سان سڄي جڳ مٿان ڇانئجي ويو.“ مني ڀارته، سندس ڪتاب ’نتيه شاستر‘ ۾، لوڪيه (Loukika) ۽ وئديه (vidika) يعني گندروا ۽ سام ڳيا جي وچ ۾ روايتي رشتو ڳوليندي، انهن جو اصلي پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو لهي ڏيکاريو آهي. گندروي ڳيتن کي به ويدڪ سامن وانگر ئي پاڪ ۽ آسماني ڳيت مڃيو ويندو هو. خود ويدڪ ڳين جو به اڪثر ۽ بيشتر مواد تحقيق ۽ تلاش جي ’مارڳ‘ ۾ ورتايو ويو آهي.“ مٿي ذڪر ڪيل ’سام‘ لفظ مان مراد ’سام ويد‘ آهي، جيڪو ويدڪ لٽريچر جو ٽيون مکه ڀاڱو آهي، ۽ جيڪو پهرين ٻن ويدن، رگ ويد ۽ يجرويد مان سريلن ڳيتن کي ڇانٽي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين ٻن ويدن جو واسطو لٽريچر سان آهي پر سام ويد، خالص موسيقيءَ (سنگيت) جو ئي ڪتاب آهي. اهي ڳيت سنگيت، سام ويد کان اڳ ئي سنڌ ۾ هلندڙ هئا. انهن جو آرين تي ڪهڙو ۽ ڪيترو اثر ٿيو، اهو بيان ٿي آيو آهي.-”اهي ڳيت پوءِ عوامي ملڪيت ۽ قومي ورثو بڻجي ويا. هيءُ هڪڙو سدا شاهوڪار گنج ۽ هڪڙو ڀرپور ڀنڊار هو؛ جنهن مان مستقبل جي اهڙي وهنوار، وڏيون اوڌرون ورتيون، جيئن اسين اڳتي ڏسنداسين.“-”اِهي اوائلي انسانن جا مضمون هئا، جن جي وسيلي ابتدا ۾ انساني جذبات جو اظهار شروع ٿيو....... اهي لوڪ گيت – سنگيت اسان کي بنيادي اصولن جو خاڪو مهيا ڪن ٿا، جن جي آڌار تي پوءِ ڳائڻ – وڄائڻ جو هنر اڏيو ويو..... جيڪي اڻ آرين کان آريه لوڪن حاصل ڪيا.“ هن زماني جا برهمڻ ۽ وياس (مصنف) جيئن ته تصنيف، تاليف ۽ تحقيقجي ’مارڳ‘ ۾ مصروف هئا، انهيءَ ڪري مقامي فن (ديس ڪلا) کي به بلڪل اُجڙ ۽ وڪرت وڃڻ نه ڏنائون. ڪجهه قديم طرز جي تتبع کي به آزمايائون.-”اهڙيءَ طرح اهي لوڪ گيت به سام ويد ۾ جذب ٿي ويا.“

       هاڻي سائين منهنجا! هيءَ ’ديسي‘ يعني پراڪرت يا ’لوڪيه ساهته‘ جو سنهڙو پيچرو، ڏاڏي آدم جي بلڪل چانئٺ کان چالو ڪري، انهيءَ کي سڌو آڻي آريائي عهد جي شاهي دڳ سان ڳنڍيو ويو آهي. آريائي ۽ سنسڪرت ساهت جي سڙڪ وري ’ٻُڌڪال‘ سوڌو سڌي اوري اچي ٿي، جتان ان جون واٽون ويهه ٿيون وڃن ٿيون. آريائي عهد جي ادبيات توڙي تاريخ جو ڪيتروئي ڪچڪول، برهمڻن (لکت ۾) ڪٺو ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ جي آڌار تي ’آرين جي شروعاتي شاعريءَ‘ جو تفصيل، خدا گهريو آهي ته ٻئي وقت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.(اول خير)

ضميمو

       مٿي ذڪر ڪيل ديوتا، جنهن کي عام طرح ’نٽ راج‘ وغيره ڪوٺيو ويو آهي؛ تنهن جي اصلي حقيقت ڇا ٿي سگهي ٿي؟ ۽ ان جو مذهبي پس منظر ڪهڙو هوندو؟ انهيءَ باري ۾ ڪن عالمن جا چند رايا هتي پيش ڪجن ٿا:

       موهن جي دڙي ۽ هڙپه وغيره ۾، جيتوڻيڪ آريه لوڪن جي حملي وقت به هڪڙو بزرگ گهورانگيرس(Ghora Angirasa)  نالي هتي موجود هو، جيڪو ان زماني جو مڃيل مذهبي پيشوا هو؛ پر مٿئين ديوتا وارو ذڪر ڪيل پتلو انهيءَ کان گهڻو اڳي جو گهڙيل هو. (سوامي پراجننه نند، ص 266 ۽ ڌرمانند، ص 13) آريه لوڪ، جيڪي مئڪس مولر جي چوڻ مطابق، ويدن واري زماني جي پڇاڙيءَ تائين به اڃا بت پرستي نه سکيا هئا، تڏهن به سندن پهرئين پستڪ رگ ويد (منڊل ٻيو 33، 9) ۾ ئي انهيءَ بُت (پُتلي) جو ذڪر آهي، جيڪو پوءِ هندن ۾ رُدر (شِو؟) جي روپ ۾ مڃيو ويو. (قديم سنڌ، ص 464)

قبل مسيح چوٿين صديءَ وارو چندر گپت موريه، جنهن کي مسٽر ٽئمبي (Toymbee) موهن جي دڙي ۽ هڙپه وغيره جي حڪمرانن جو پونيَر ٺهرائڻ جي دعوا ڪئي آهي، (سٽوئرٽ پگٽ، ص 290)، تنهن جي سرڪاري دفتر مان، يوناني عالم مئگسٿنيز قديم سالنامن جي وچور سان ڪي شاهي شجرن جون تختيون معلوم ڪيون هيون. انهن جي اُڌار تي هن لکيو ته: ست هزار سال قبل مسيح ڌاري پهريون ئي دفعو هندستان جي ماڻهن بندگي ڪرڻ چالو ڪئي ته دئيونيَسس(Dionysos) ئي اول انهن کان پنهنجي پوڄا ڪرائي ۽ ديوتائن جي به پوڄا ڪرڻ کين سيکاري. انهيءَ مطلب لاءِ اول ماڻهن کي ’کڙتال‘ وڄائڻ سيکاريائين ۽ پوءِ ‘گهومٽ‘ وڄائڻ سان گڏ هڪڙو ابتدائي، جهنگلي قسم جو ناچ پڻ جاري ڪيائين، جيڪو گهڻو پوءِ يونان ۾ ’ڪورڊيڪس‘ جي نالي سان چالو ٿيو. (ڏسو ڪائونٽ بِجورنسٽجرنا: ٿياگني آف هندو ص 45)

       ”قديم يوناني شاعر جيڪي انڊو – پاڪستان کان وٺي، ايشيا کي دئيونيسس (بئڪوُس) جي پاڪ سرزمين يا مقدس ملڪ مڃيندا هئا، سي هيءَ به اعتقاد رکندا هئا ته ڳائڻ- وڄائڻ جو بنياد اصل ايشيا منجهان چالو ٿيو. پنهنجي شاعريءَ لاءِ به ڪو چوندو هو ته ’آءٌ ايشيائي تنبوري جي تند ٻُرايان پيو.‘ اهڙيءَ طرح قديم دنيا جي سڀني ڪهنين قومن وٽ، هتي جي رقص وسرود جي اوليت مڃيل هئي.“

       استرابو پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته: وٽن سنگيت ٽنهي صورتن (ڳائڻ، وڄائڻ ۽ نچڻ) سان ايشيا کان آيو آهي. (جغرافيه استرابو (1V-11-X ايئرين به سندس ڪتاب ’انڊڪ‘ ۾ لکيو آهي ته: جڏهن بئڪُس (دئيونيسس) ۽ سندس پوئلڳن سنڌ (Ind) ۾ ابتدائي جهنگلي ڌرم ’بئڪاناليه‘ کڙو ڪيو، تڏهن کان هتي جا ماڻهو سڄي انسانذات ۾ ڳائڻ-وڄائڻ جا وڏا شوقين مڃيا ويا ۽ ناچ کي ته هنن ماڻهن پوريءَ پريت سان ئي نڀايو.- تاريخ قديم سنڌ مان به ثابت آهي ته هتي بئچوس (بئڪوس) جي نالي پوڄا ٿيندي هئي. (ڀيرومل: ص 177)

       مئگسٿنيز مٿين سالنامن جي پترين پٽاندر اسان کي ٻڌائي ٿو ته: هتي جا ماڻهو دئيونيسس کان وٺي چندر گپت موريه تائين جملي 153 گهراڻا سنڀالين ٿا، جن جي ڪل مدت 6042 ورهيه ڳڻي اٿن. پلني ايلڊر پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ۽ بئڪس (Bachhus) جو زمانو به 6451 سال ق.م ڄاڻايو اٿس.

       ڪيتريون قديم تاريخون دئيونيسس يا بئڪس لاءِ چون ٿيون ته: هو هند يعني سنڌ جي سرزمين تي رهندو هو. مختلف پراڻن ساسترن ۾ شمار ڪيل شاهي گهراڻن ۽ يونان جي قديم تاريخن ۾ شمار ڪيل سالن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي، ڪيتريون ڪوششون ڪيون ويئون آهن ته هيءَ ديوتا، قديم هندستان جي ڪنهن ڪهني تاريخي شخصيت ۾ سڃاتو وڃي. خاص طرح کيس منو ۽ ڪرشن وغيره جي روپ ۾ سڃاڻي سگهجي. عام روايتن جي هڪجهڙائي ۽ ڏند –ڪٿائن جي ڀيٽ ڪرڻ مان جيڪو به نتيجو نڪري سگهي ٿو، ان موجب شِو مهراج ئي اصل ۾ دئيونيسس يا بئڪس هئڻ گهرجي. شِو پراڻ ۾ سندس مکه اوتار ڌارڻ واري واقعي مان به اهوئي مطلب ٿو نڪري.- ساري هندستان ۾ مشهور آهي ته شِو مهراج ڳائڻ ۽ نچڻ جي هڪڙي تمام بنيادي ۽ اهم روايت ’شِومَت‘ جو موجد ۽ ان جو پهريون استاد به پاڻ ئي هو. اها شِومٽ، پوءِ جي ساري ويدڪ زماني به ’سوم سنگيت‘ کان بلڪل ممتاز پئي رهي آهي. سنسڪرت سنگيت جا به ڪيترائي شاهڪار (جن مان شايد ڪي اڃا به هجن) شِو مهراج ۽ سندس چيلن کي منسوب ڪري مستند بڻايا ويا.

       (مٿيون سڄو احوال، الائن ڊئنيلو جي ڪتاب: ’نارٿ انڊين ميوزڪ‘، ص 21 کان وٺي، ورتل آهي.)

ڪتابن جي فهرست.

1.      The Dawn of Civilization: By Thames & Hudson. London.

2.     Northern Indian Music: Vol: I by Alain Danielou London. (1949)

3.     Historical Development of Indian Music By Prof: swami Prajnananada, Calcutta. (1960)

4.     ‘The Story of Indian Music’ (its growth and synthesis) by Prof: O. Gosvami (Asia Publishing House) 1961.

5.     ”هماري موسيقي“- اداره مطبوعات پاڪستان (پوسٽ باڪس 183) ڪراچي (1961ع).

6.     ”تاريخ ادبيات عربي“: پروفيسر احمد حسن ’زيات‘، قاهره (مصر). اردو ترجمو عبدالرحمان طاهر سورتي. (علمي پرنٽنگ پريس لاهور) 1961ع.

7.     ”واديءَ سندهه کي تهذيب“: محمد ادريس صديقي. محکمه آثار قديمه، پاڪستان‘ مکتبه نيا راهي کراچي -2 (1959ع).

8.     Prehistoric India Prof: Stuart Piggott 1950.

9.     Encyclopaedia Britannica, Vol: 16 Music P. 3 to 19

A . پروفيسر ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب، صدر شعبه فارسي؛ سنڌ يونيورسٽي، شفقت فرمائي. پراڻي پهلوي ۽ زند زبانن مان قديم شاعري ۽ موسيقيءَ جا آثار ٻڌايا.

B . مسٽر غلام علي الانا جي مهربانيءَ سان سنڌي اڪيڊميءَ ۾ هر وقت ڪتابن پڙهڻ جو وجهه تمام آسانيءَ سان ملندو رهي ٿو.


(1)  Historical development of Indian Music, pp. 360-370 & 371

(2)  Hidsotrical development of Idnian music. P, 355. & P. 358

(3)  Litrary History of Ancient India. P. 72. C. Chakarvarti Culcutta. 6.

(2) هي لفظ آسٽيرلوي ٻوليءَ جو ثابت ٿيو آهي.

(1)  Hidsotrical development of Idnian music. P, 355. & P. 358

(1)   Prof: O. Gasvami. The Story of Indian Music. P.7.

(2)  Historical development of Indian Music. P. 365

(*)  ”واديءِ سنڌ کي تهذيب“: ص 155 محمد ادريس صديقي محڪمه آثار قديمه پاڪستان.

(3)  Historical development of Indian Music. P. 357.

(1)  Prof: stuart piggot: “Pre-historic Indian” PP. 270, 271.

(2) Historical development of Indian Music. P. 359

(3) Historical development of Indian Music. P. 356

(4) Historical development of Indian Music. P. 362

(5) Historical development of Indian Music. PP. 361, 362

(1)  Prof: O Gosvami: The Story of Indian Music, P. 52.

(2) Prof: O Gosvami: The Story of Indian Music, P.20

(3)  Historical development of Indian Music. PP. 112 & 126

(1)  & (2) Prof: O Gosvami: The Story of Indian Music, P. 58. & P. 52

(1)  & (2) Historical development of Indian Music. P. 344 & P. 170

(3) & (4) Historical  development of Indian music P. 130 & P. 67

(5)  Prof: O Gosvami: The Story of Indian Music, P.5

(8) Prof: O Gosvami: The Story of Indian Music, P.89

(1)  & (2)  Historical  development of Indian Music P. 68 & P. 68

(1)  Historical development of Indian Music PP. 170-171

(2)  Historical development of Indian Music P. 86

(1)  Prof: O Gosvami: The Story of Indian Music, PP. 11-12

(2)  Historical development of Indian Music. P. 6 & P. 44.

(1) Historical development of Indian Music. P. 6 & P. 44.

(1) & (2) Prof: O. Gosvami. The Story of Indian Music. P. 20 & P. 74

(3) Historical development of Indian Music. P. 6 & P. 44.

(4)  Prof: O. Gosvami: The Story of Indian music. P. 13

(1)  Historical development  of Indian Music. P. 286

(1)  ”واديءِ سنڌ کي تهذيب“: صفحو 244. محمد اديرس صديقي، محڪمه آثار قديم پاڪستان.

(1) Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Musc. P. 24. & P. 42

(2) Prof: O. Gosvami: The Story of Indian Musc. P. 24. & P. 42

(1)  Historical development of Indian Music. P. 113

(2) Historical development of Indian Music. PP. 11, 12. & P. 129

(1) Historical development of Indian Music. PP. 11, 12. & P. 129

(*)  سنگيت ڪارن کوجنا ڪئ ياهي ته انڊو پاڪستان جو اهو بنيادي سرگم سريراڳ، هو.

(1)  Historical development of  Indian music. P. 112

(2) Historical development of  Indian music. P. 65

(1) Prof: O Gosvami: The Story of Indian music. P. 20

(2) Prof: O Gosvami: The Story of Indian music. P. 53

(3) Prof: O Gosvami: The Story of Indian music. P. 25

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com