سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :12

طاقت ۾ تڪبر آهي. فخر ۽ ناز آهي. نياز ناز جو نوڪر آهي. حاڪم ۾ حجاب به رهيو ۽ بيحجابي پڻ. نرمي به   آهي ته شوخي به، عبرت  آهي ته ادا به آهي. ناز نوان نوان روپ ڌاري نروار ٿو ٿئي. سندس اٿلون سخت وار  ٿيون ڪن. اهي اوڻايون  هيڻي کي گهايل ڪيو، جهوريو وجهن، پوءِ ته آواز ئي جهيڻو ٿيو پوي!

عشق طاقت جو تاثير آهي ۽ ان ڪري تمام مضبوط الفت کي ڪچو ڌاڳو سڏڻ حقيقت کان پاسو ڪرڻ آهي. هي ته اهو جذبو آهي. جو ڪچي ڌاڳي سان شينهن جهڙي وحشي جانور کي گهلي، آڻيو انسان جي قدمن ۾ ڪيرائي، اڄ  ڏينهن تائين ڪو به عاشق، محبوب جي مستين کان عاجز ٿي ميدان ڇڏي ڀڄي ڪٿي پناهگزين نه ٿيو آهي. عاشق ته پنهنجو پاڻ وڃائي، سر جون سٽون کائي پنهنجي هستي نابود ڪري، محبوب جي مندر جو پايو پختو ٿو ڪري. اگر ڪنهن  خودڪشي ڪري جان ڏني ته محض محبوب جي سلامتيءَ خاطر. ان ارادي ۽ نيڪ نيتي سان ته دنيا جو ڦاٽل وات بند ٿئي ۽ رسوائي جي ڪسي ميٽجي وڃي. هيءَ پتنگ وانگر شمع تي شيدائي آهي. عاشق جي تصوير، شاهه لطيف ڀٽائي گهوٽ ڏاڍي سهڻي نموني چٽي آهي، نقشو هيئن ڪڍيو اٿس.

جن کي دؤر درد جو، سبق سور پڙهن،
فڪر فرحي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي!
 

پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق ساڻ اٺاءِ، پيرن پريان جي پار ڏي!
 

بک وڌائون بگرين، جوڳي ڪندا جڃ،
طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پيئن اُڃ،
لاهوتين ”لطيف“ چئي، من ماري ڪيو مڃ،
سامي جهاڳي سڃ، وڃ وسئن کي ويجها ٿيا!
 

اچين جي هيڪار، مون ساريندي سپرين،
پرين ڌريان، پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار،
ساجن سڀ ڄمار، هوند گولي ٿي گذاريان!
 

هاڻي وري يار جي ياد جي پيدا ڪيل اداسيءَ ۽ الجهن جي تصوير ڏسو.

اڄ پڻ اکڙين، پنهنجا سڄڻ ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن، جون بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
 

بيدل پڻ هن رمز  کي ظاهر ڪيو آهي. عاشق جي دامن رفو ڪندي چوي ٿو:

عشق ازلي جن کي آهي،
ڪاڻ ڪُنن جي تن کي ناهي،
ناهي ڪنهن جي سرڪ ملڻ جي.!
 

عينان، عينن سان مڙيون،
هاڻي مٿو ڪير موڙي!
 

لطيف چيو:

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچڪيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!
 

پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اجهاءُ،
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي به پچاءِ،
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي!
 

ڪنهن ٻي ڦٽيل چيو آهي

عاشق ٿئين تان سر ڏئي، نه ته ڪيم عشاقن اچج،
منصور واريءَ موج مان، اچي رنگ رمزن ۾ رچج،
سر ڏي اول سورهيه سگهو، پوءِ نينهن ۾ نروار ٿج،
منصور وانگي سڪ منجهئون، سر يار سوريءَ تي سڃج!
 

ڪو فهم جي تقاضا پوري نه ٿيندي، نه ته نراسائي وچان اول نرجايون ڪندو. پوءِ به جي انگڙاين ڦل نه ڪڍيو ۽ منشا پوري نه ٿيس ته منهن موڙي موٽ کائيندو. ”اي ساقي، جڏهن مون پريت جو پيالو ڪم ظرف جي هٿ ۾ ڏٺو، ته تنهنجو قسم! جام ماڻڻ کان حيا اچي ويم!“ اها تمنا اصولي تقاضا ناهي. جنسي خواهش روح جو لقمون ٿي نه ٿي سگهي. جيتوڻيڪ روح ۽ نفس هڪ جوڙ آهن. عشق جي رغبت، اصل ۽ اصول سان آهي ۽ نه ڪم سان، پوءَ ڇنايل ڇيڳرن جي چال، عشق جي دامن تي ٽڪو نٿو لڳائي سگهي. نقل ۽ اصل ۾ وڏو فرق آهي.

عشق اهو مادو آهي، جنهن ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ٿي اچي سگهي.  سندس  پهلو نرالا آهن. والدين جي محبت، اولاد جي الفت، زندگيءَ جي رفيق سان وفا، يارن سان ياري، وطن جو پيار، ڪجهه عاشقي  ڏيکايون آهن. هڪ شخص  پنهنجو عشق جدا جاين تي پهچائي سگهي ٿو. هڪ ئي وقت، تاهم ان جزي ۾ گهٽتائي نه ايندي. هڪ شمع جي روشني مان هزار شمعون دکائبيون تڏهن به ان جي سوجهري ۾ فرق پيدا نه ٿيندو. ڪينو ۽ ساڙ پنهنجي جاءِ تي رهي ته مختلف معشوقن ۾ ڪو متڀيد پيدا ئي ڪين ٿئي. بغض، خود غرضي جي پيدائش آهي. جهيڙو ان تي ناهي ته ”اسان جو حصو گهٽيو آهي. فساد جو اصل سبب اهو اهي ته فقط مان هجان ۽ ٻيو نه هجي! پوءِ بهانا ته هزار ٿي سگهن ٿا!

حسن، نهايت زبردست طاقت آهي. کيس عاشقن ”روح الله“ سان مشابهت ڏني آهي. عشق سندس جادو يا بازو آهي. اهو بي طاقت ڪيئن ٿو ٿي سگهي. نگاهه جي هڪ اڇل ڪئين ڪونڌر ڪيرايو ڇڏي. بيدل فرمائي ٿو:

حسن دا ويکڻ پاڪبازا نون، بخشي صدق صفائي،
”بيدل“ ڄاڻ حسن دا جلوا، عين جمال الاهي!
 

عشق اها وٿ آهي، جا ڪثافت کان پاڪ ڪري ٿي. قربانيءَ کي عملي ۽ سچو ويس پارائي ٿي. فنا جو سبق سيکاري بقا کي نمودار ٿي ڪري!

عاشق، معشوق جي مالها جا مڻيا آهن. املهه موتي آهن، عشق تسبيح آهي جا حق جا طالب پڙهندا ٿا رهن. مقصد رهيو ته عشق اعليٰ رتبو آهي. جنهن جو شان ۽ شوڪت پنهنجي شايان شان آهي. هي ازلي ڪشش، صداقت جو روح آهي ۽ الاهي نور آهي.

عشق جي عظيم طاقت، هر شڪار، هر جاءِ هر وقت جائز قرار ڏنو آهي. هن شڪار جي ته مند ئي ڪانهي، سدا بهار آهي.

راڄ محمد پلي

منٺار فقير  ۽ سندس ڪلام

فقير ’منٺار‘ ولد قبول محمد راڄڙ، ڳوٺ ’کاڻي راڄڙ‘ تعلقو کپرو، ضلعو سانگهڙ  جو ويٺل آهي. حضرت قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن پنهنجي ڪتاب” ياد – رفتگان“ ۾ فقير صاحب جي ولادت جو سن 1865ع ۽ وفات جو سن 1938ع ڄاڻايو آهي. جو بلڪل صحيح ۽ محقق سمجهڻ گهرجي(ص 29، ”ياد- رفتگان“)

فقير صاحب ’منٺار‘ جو ’مجازي عشق‘ مشهور آهي. ڦوهه جوانيءَ ۾ کين مجازي عشق جي لپاٽ لڳي. جنهن فقير صاحب  کي حال کان بيحال، وس کان بيوس، ۽ ويچارو ڪري ڇڏيو! عشق جي ڄيراٽ، فقير صاحب کي ٻاري، ساڙي، ڏاري ۽ ڏري وڌو. سندس مجازي عشق حقيقي عشق جو رنگ به عجيب طريقي سان اختيار ڪيو. اهو سڄو عشقيه داستان ڊيگهه ٿيڻ جي ڊپ کان هتي ڏيڻ کان پاسو ڪريون ٿا. مجازي عشق جي لچڪندڙ ۽ پر خيال چاڙهيءَ کي فقير صاحب جهڙي طرح عبور ڪيو ۽ پاڻ سنڀاليو اهو سندس مستقل مزاجي، بلند حوصلگيءَ، پاڪ نيت ۽ صاف دلي جو ڪمال آهي، مجاز ۾ سندن حال ۽ قال ڪهڙو؟ ۽ انتظاري بيقراري ۽ آهه زاري جو ڪهڙو عالم هو؟ ۽ پاڻ ڪهڙين بي  پرواهه ۽ بيغرض جي بند ۾ بند هئا. اهو سندن ئي زباني ٻڏجي ته بهتر، پاڻ هڪ ڪافيءَ ۾ فرمائين ٿا.

وس ته پنهنجي کان ويو ويچارو،
منهنجي الغرضي سان دل ڙي آڙي!
 

تن من اندر لڳيم تارون، روز ملن ٿيون محبت مارون،

مون سان حسن جي فوج آ لڙي لڙي!
 

حب هينئڙي جي ڪين هٽي ٿي، تند طلب جي ڪين ٽٽي ٿي!

قابو ڪمند جيءَ ۾ جڙي جڙي!
 

پلپل مون کي پُور پون ٿا، دردن جا دستور اچن ٿا،   

غم گوندر ريءَ نه گهڙي گهڙي!
 

چوي ”منٺار دردن وارو، حالت حقيقت سُڻجو سارو،   

سڪ ۾ سرير ويو سڙي سڙي!

 (ڪافي نمبر 29، رسالو خدائي)

عاشق جي حالت متعلق به فقير صاحب، سٺيون حقيقتون بيان ڪيون آهن. جنهن ۾ سندس عشق جي جهلڪ به موجود آهي. هڪ ڪافيءَ ۾ عشق جي خبر هيئن ڏين ٿا:

عشق ڄڀي، ڄيرو آهي، ڄر،
لڳي جن کي، تنهين کي آهي خبر.
 

هڪ، روز رئڻ، هنجون هارڻ، ٻيو گوندر ۾ ته هردم گهارڻ،
هئڻ ڇڏڻ ۽ مئي مارڻ، اهي آهن ان جا سارا اثر،
اک سندين سدا آلي، رهن خوديءَ کان سي خالي،
سوين ملڪن سدا  والي، نينهن نمايا ڪئين نر!
عشق وڃائي ٿو آرام، نيڻين ننڊڙي آهه حرام،
لذت نه ڏيندو تل طعام، هول پريان جا هت هرهر،
ڇڏي”منٺار“ مال ملڪ، ترڪ ڏئي ٿيا تارڪ،
سڙين سوا ٻيون ڌاران سڪ، جيڪو اسباب هو منجهه اندر.

(ڪافي نمبر 654، رسالو خدائي)

فقير صاحب، عشق مجاز ۾ پاڪباز ۽ حقيقي عشق ۾ سرفراز هو، زندگيءَ جي هر دؤر ۾ سندس عشق جوان رهيو، هڪ ڪافيءَ جي مصرع ۾ فرمايو اٿن.

”رهيم ڄمار ڪا ٿوري، اچي مل تون آ خيري ۾!“

هتي ڪلام مان فقير صاحب جي پيري پئي معلوم ٿئي، ليڪن سندس عشق جوان، نئون ۽ تازو آهي.

فقير صاحب آباءَ اجداد کان وٺي، حضرت غوث الحق مخدوم نوح قدس سره العزيز (وصال 998 هجري) جا مريد هئا سندن بعيت حضرت مخدوم نوح نور مرقدالله جي تيرهين سجاده نشين مخدوم محمد امين ”امين“ (وفات 1303 هجري) سان ٿيل هئي. مرشد جي تلقين  ۽ هدايت فيض ۽ عنايت جو ذڪر، فقير صاحب دل جي سچائي ۽ قلب جي محبت سان هن طرح ڪيو آهي:

چيو مون کي مرشد امين محمد زبان سين،
ته دم متان جدا ٿئين رب جلشان سين!
 

چي: تون مَ وسارج خدا، توکي رب نه وساري،
”فذڪروني اذڪرڪُم“ هي آيت آهي قرآن سين!
چي: نفس ۽ شيطان کان تون بيزار ٿي،
۽ روح رسائج پنهنجو مالڪ منان سين،
چي: هستي، هوڏ، هونئڻ، سڀ وجود مان وڃاءِ
”موتوا قبل“ وڃ مري جيئرو جهان سين،
”منٺار“ کي مرشد اهو ڏس هو سچو ڏنو.
ته چئو لاالہٰ الا الله سو ويسهه ايمان سين!

(ڪافي نمبر 136، رسالو خدائي)

پنهنجي مرشد مخدوم محمد امين ؒ  جي وفات کان پوءِ،  فقير صاحب گهڻو بيقرار، غمگين ۽ اداس گذارڻ لڳو. هڪ رات سندس مرشد کيس خواب ۾ زيارت ڪرائي ۽ ظاهري اکري علم سيکاريو ۽ پڙهايو ۽ هيٺين ڪافي قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن جي لکڻ موجب فقير صاحب کي خواب ۾ پڙهائي وئي.

لاهي ويهه م لڏ،  هل ته پهچين هوت کي!
ڪم نه ايندئي ڪيچ ريءَ، ڪا ٻي اڏاوت  آڏ هل ته ....
ٻنڀا هن ڀنڀور جا، نيئي رسائيندءِ کڏ هل ته ......
ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو، بيٺو ڪريئي سڏ،هل ته....
هل ته ڪيچ قبول ٿئين، هت رُلاءِ مَ هڏ، هل ته ....
متان منجهين ”منٺار“ تون، ڏينهن وڃني ٿا ڏڏ! هل ته ....

تنهن کان پوءِ فقير صاحب سنڌي  ۽ اردو پڙهڻ ۽ پروڙڻ لڳا ۽ شاعر به سٺا ٿيا. فقير صاحب جي همعصر صوفي شعراء ۾ هيٺيان شاعر خاص طور قابل ذڪر  آهن ۽ سندن همعصر شاعر شمار ڪري سگهجن ٿا.

حضرت مخدوم غلام محمد سائين”گل“  صديقي (وفات 1944ع فقير محمد کٽياڻ (وفات 1359 هجري) فقير نواب ولي محمد لغاري وفات (1917ع) رکيل شاهه(وفات 1943ع) مصري شاهه (وفات 1906ع) سيد صالح محمد شاهه جيلاني(وفات 1943ع) وغيره

فقيرن کي ٻڌل روايتن موجب فقير صاحب سنڌي پڙهندا ۽ ٿلهن اکرن ۾ انڊن وانگر ڪاغذ  تي قلم سان لکندا به هئا.

فقير صاحب جي پسنديده اخلاقن ۾ حميده اوصافن جو بيان، سندس ڪئين همعصر فقير، همصحبت، واقفڪار ۽ ساڻس ملاقي ٿيل محبتي ڪندا هئا. فقير صاحب اخلاق، ادب، ايثار، رواداري، مساوات، قناعت، توڪل، صبر، شڪر، سخا، محب ۽ ميٺاج جو مجسمو هئا. ههڙو صورت ۽ سيرت جي حسن سان سينگاريل ۽ نوازيل حال ۽ قال جو صاحب عشق مجاز ۾ پاڪباز ۽ عشق حقيقي سان سرفراز فقير ۽ درويش صفت شاعر ويجهي زماني ۾ اڃا پيدا ڪونه ٿيو آهي. هڪ صوفي بزرگ وانگر سندس مذهبي دائرو به وسيع آهي. نه سنين سان ويڙهه اٿم، ۽ نه شيعن سان جهيڙو ۽ تعصب. هر ڪنهن چڱي جي ساراهه سندس ڪلام ۾ موجود آهي. خدا جي مد ۽ ثنا، رسول اڪرم ﷺ  جن جي نعت ۽ نياز کان پوءِ، امامن سڳورن ۽ اصحابن سڳورن جي مدح ۽ منقبت سندس ڪلام ۾ جتي ڪٿي موجود آهي.

امامن سڳورن سان پنهنجي سڪ ۽ محبت جو اظهار فقير صاحب هڪ هنڌ هيئن ڪيو آهي:

حب رکي حسنين ڏي، روئندي  هتان راهي ٿيان،

ماهه محرم جي ڏهين تاريخ ۾ شل ساهه ڏيان!

(سوالنامه، رسالو مرتضيٰ، ص 57)

فقير صاحب، محرم شريف ۾ امامن جو غم ڪندا ۽ مرثيه خواني ڪندا هئا”يوم عاشوره“ تي وڏي انداز ۾ خير خيرات ڪندا هئا. جنهن ۾ گهڻو فقراءَ اچي گڏ ٿيندو هو. خيرات ۽ سوز خوني کان سواءِ ٻي ڪابه پٽ نه ڪرائيندا هئا. نڪو تابوت وغيره ڪڍائيندا هئا. اهڙين رسمن کان فقير صاحب هميشه اعتراض ڪندڙ رهيو.

امامن جي غم ڪرڻ بابت فرمائي ٿا:

”منٺار“ تون ڪيئن ٿو وسارين غم ڪجان، حسنين جو،

ڏينهن سڀ ڏک ۾ گذارج، رو هميشہ رين جو.

(مدح درد واري، رسالو مرتضيٰ، ص 36)

رسالي ”رهنمائي“ ۾ فقير صاحب رب پاڪ ۽ رسالت ماب ﷺ جي حمد و ثنا ۽ تعريف کان پوءِ ”چئن يارن“ ۽ مخدوم نوح ؒ جي مدح ۽ پنهنجي مرشد امين محمد سائين پکن ڌڻيءَ جي ساراهه ڪئي آهي. پاڻ فرمائين ٿا:

اول نام الله جو، جو صاحب رب ستار،
ٻيو مير محمد مصطفيٰ، سڀني جو سردار،
چار ئي يار رسول جا، سونهن وڏي سينگار،
 

منجهان اولاد حضرت ابابڪر صديق جي، اچي نور ٿيو نروار،

نرمل نوح فقير جو، اچي اسم ٿيو اظهار،
تنهن دولهه جي دربار جو، مريد آهي ”منٺار“
پني ٿو پينار، ڀاڱا ڀرم ايمان جا!

(رسالو رهنمائي، ڏهر ص 1)

فقير صاحب  جي سادگي، سلڇڻائي، منڪسر المزاجي، خوش اعتقادي، مٿين مثالن مان ظاهر آهي، فقير صاحب بلڪل ساده فطرت، پاڪ نيت ۽ شريف سڀاءُ وارا انسان هئا. فقير ۾ دردن جا مڻ هئا، جيئن سندن ڪلام مان ظاهر آهي، پنهنجو ڪلام پاڻ سٺي ۽ سوز واري آواز ۾ ڳائيندا هئا. ۽ سندس طالب، چڀڙ ڀيل، فقير صاحب جو ڪلام هڪ خاص انداز  ۽ لئي ۾ ڳائيندو هو. چڀڙ ڀيل سنڌ جي مشهور ڪافي ڳائيندڙن مان هو. سندس نالو سنڌي ڪافيرن ۾ روشن آهي.

فقير صاحب جو اڪيلو فرزند سندن حياتي ۾ ئي کين جدائي جو داغ ڏئي پويان  ٻه صغير فرزند ڇڏي آخرت جي سفر تي راهي ٿيو. فقير صاحب کي پٽ جي وفات تمام وڏو صدمو  رسايو، پوٽن جي صغير سنيءَ  ڪري فقير صاحب  پنهنجو ڪلام پاڻ ٽن جلدن جي صورت ۾ ڇپرائي ويو. (ڪلام جي اشاعت کان پوءِ فقير صاحب اٺ، نوَ سال زندهه هئا) ۽ پنهنجي مزار، قبو ۽ درگاهه به پاڻ ٺهرائي ويا. پوٽن کي نصيحت ڪيائون ته ”ابا اسين پنهنجي قبر پاڻ ٺهرائي ٿا وڃو، اوهان رڳو اسان کي انهيءَ ۾ رکي ڇڏيندا!“

ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ هڪ وڏي ۽ مٿانهين ”ڍير“ تي کاڻي کاڻ جي ڪناري ساڻ فقير صاحب جي مزار پر انوار آهي جنهن مٿان هڪ ننڍڙو پر نهايت ئي سهڻو ۽ سادو رتول سان قبو ٺهيل آهي. قبي سان لاڳو مسجد شريف  آهي ۽ قبي جي صحن ۾ علم لڳل آهي، ۽ نوبتخانو به ٺهيل آهي. فقير صاحب جي مزار عام ۽ خاص لاءِ زيارتگاه آهي. ڀيل قوم فقير ”منٺار“ جي خاص معتقد ۽ سندس مڃتاڪندڙ آهي. فقير صاحب جو سجاده نشين سندس وڏو پوٽو جناب فقير ولي  بخش راڄڙ آهي. فقير ولي بخش ۾ ساڳيون مائيٽاڻيون ۽ فقيراڻيون روايتون خاصيتون ۽ خوبيون موجود آهن. ذڪر ۽ فڪر قائم رکندا اچن. ۽ پنهنجي ڏاڏي جي ڪلام جا صحيح معنيٰ ۾ شارح ۽ سنڀاليندڙ آهن. سندس روحاني رشتو مخدم نوح ؒ جي خاندان سان قائم آهي.

فقير منٺار تي سال بسال فقراءَ جو فقيراڻو ميلو  لڳندو آهي. جنهن جو انتظام فقير ولي بخش راڄڙ صاحب ڪندو آهي.

مٿي اسان فقير صاحب جي زندگيءَ تي اختصار سان روشني وڌي آهي فقير صاحب جي هر ڪنهن صفت  ۽ هر ڪنهن ڳڻ جو جدا جدا بيان ڪجي ته هوند ڪئين ڪتاب جڙي پون. هيٺ فقير صاحب جي ڪلام لاءِ ڪجهه عرض ڪجي ٿو.

فقير جو ڪلام

فقير صاحب جو ڪلام 28-1929ع ۾ سندس نظرداريءَ هيٺ ٻيرانيءَ جي زميندارن ۽ سيٺين، مسٽر جمعيتراءِ ولد راءِ صاحب نارائڻ داس ۽ پرتاب راءِ ولد شامنداس جي مدد سان ٽن جلدن ۾ ڇپيو. انهيءَ  ڪلام جي ڇپائيءَ کان پوءِ فقير صاحب اٺ نو سال  حيات رهيا. سندن پويون ڪلام به ڳچ هوندو جو اڃا اڻ ڇپيل آهي. فقير صاحب جي اها وڏي ادبي خدمت چئبي جو پنهنجو ڪلام پاڻ ڇپائي اسان تائين پهچائي ويا. نه ته اسان کي سندس هڪ ”وائي“ به مشڪل سان هٿ اچي ها! ان طرح جس انهن مخير ۽ ادب نواز سيٺين کي آهي، جن پنهنجو خرچ ڪري هن درويش شاعر جو ڪلام ڇپرايو ۽ سنڌي ادب جو هي اڻ ملهه سرمايو هميشہ لاءِ تلف ۽ تاراج ٿيڻ کان بچائي ورتو.

فقير صاحب، سنڌي ۽ سرائڪي زبانن جا سٺا شاعر  هئا. ٿورو اڙدو ڪلام به  ڇپيل رسالن ۾ آيل آهن. ڪافيون، مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڏوهيڙا، بيت ۽ لوليون فقير صاحب چيون آهن. ڪافيءَ جو فقير صاحب سٺو، وڏو ۽ اوچو شاعر ليکيو وڃي ٿو. فقير صاحب پنهنجي ڪلام  ۾ پنهنجي اندروني ۽ قلبي واردات ۽ مشاهدات جو دل کولي اظهار ڪيو آهي. مڪتب ۾ ويهي ته فقير صاحب ڪجهه به پڙهيل ڪونه هئا، مگر باطني طرح مٿن وڏي امداد ٿيل هئي. جو پاڻ ٿورو گهڻو لکي پڙهي سگهندا  هئا پڙهيل نه هجڻ ڪري سندن ڪلام ۾ پڙهيل شاعرن جهڙو فن ۽ حرفت صنعتگري ۽ ڪاريگري، تڪلف ۽ تصنع، چالاڪي ۽ سگهڙ پائي آهي ئي ڪانه.

سندس سڀ ڪلام راڳ جي اصولن ۽ قانونن تي چيل۽ رچيل آهي ۽ ترنم نغمگي ۾ ٻڏل آهي، جنهن مان سندس موسيقيءَ جي اعليٰ ڄاڻ جي خبر پوي ٿي. فقير صاحب ”ڪافي“ ۾ ڪافي جدتون پڻ پيدا ڪيون آهن ڏيڍوڻيون، ٻيڻيون، چوڻيون ۽ پنجوڻيون ڪافيون به فقير صاحب ٺاهيون آهن. سندس ڪلام بلڪل سادو ۽ فطري ۽ في البديهه چيل آهي. جيڪي دل ۾ هونَ، سو دل جي اڌمي سان زبان مان چئي ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته قديم بزرگن شاعرن وانگر ”ترڪ“ سان ورق“ ”گهوٽ“ سان ”ڳوٺ“ ۽ ”بات“ سان ”آزاد“ جو قافيو پڻ ملائيندا ويا آهن. ۽ ڪٿي ڪٿي نعمت کي نيامت، ۽ رجوعات کي رجات وغيره به استعمال ڪندا ويا آهن. سندن ڪلام بلڪل انهي سادي ۽ گهريلو زبان ۾ آهي. جيڪا پاڻ ڳالهائيندا هئا يا عام ماڻهو ڳالهائيندا آهن. مثال لاءِ ”ايندين“، ”ويندين“، ”چوندين“، ”کائيندين“، کي” ايندؤن“، ويندۇن ”چوندؤن“، ”کائيندؤن“ يا ”آئين وئين“ کي ”آيون، ويون“ پنهنجي مٺي ۽ مخصوص لهجي ۾ فقير صاحب آندو آهي.

فقير صاحب  جي ڪافين ۾ حمد ۽ نعت ۽ ساراهه مرثيي ۽ منقبت، تصوف ۽ طريقت، وحدت ۽ ڪثرت نفي ۽ اثبات، ذڪر ۽ فڪر فنا ۽ بقا، اخلاق ۽ ادب، قرب ۽ بعد، هجر ۽ وصال وغيره جا مضمون ڪثرت سان آيل آهن. جن ۾ صدائون ۽ التجائون آهن. عرض التماس سوال ۽ سلام آهن. يادگيريون ۽ پچارون، سارون ۽ سنڀارون آهون ۽ دانهون آهن.، ڏوراپا، ۽ مياريون آهن. شڪوا ۽ شڪايتون آهن،د رد ۽ دک، غم ۽ رنج، مايوسيءَ ۽ نااميديءَ“ وارا خيال آهن ۽ وري اميد ۽ آسري، شڪر گذاريءَ ۽ احسانمنديءَ، محبت ۽ ميلاپ رجائيت ۽ اڳتي وڌائڻ  وارا همٿائيندڙ پڪا ۽ پختا ارادا به آهن.

فقير صاحب جا خيال مجازي نه آهن، پر ان سان گڏ پارسائي وارا به آهن. سندس شعر  جي تُڪ تُڪ ۽ سِٽ سِٽ  ۾ اندر جي اجارڻ تي زور ڏنل آهي. سندن ڪلام ۾ درد ۽ جوش به تمام گهڻو آهي. اهي کين ڏاتار کان مليل ڏاتون آهن، جو شهر، بر، ڳوٺ، ڳلي ۽ جهر جهنگ ۾ منٺار فقير  جو ڪلام جهونگاريو ۽ ڳايو وڃي ٿو.

فقير صاحب جي ڪلام ۾ ٻيون علمي ۽ ادبي خدمتون ۽ خاميون ڪهڙيون آهن. اهو فيصلو عالمن، اديبن، سخن سنجن، ۽  علم دوست صاحبن تي ڇڏيل آهي. جن هن کان اڳ ۾ فقير صاحب جو ڪلام مطالع ڪيو هجي ها ته هتي”مشت نمونه از خروار“ طور پيش ڪيل سندس ڪلام کي پڙهي پنهنجي راءَ قائم ڪن ته هن صوفي شاعر جو سنڌ جي ڪافي گو شاعرن ۾ ڪهڙو درجو آهي ۽ سندس  ڪلام ۾ ڪهڙيون خاصيتون ۽ خوبيون آهن هيٺ فقير صاحب جي ٽن ڇپيل رسالن هر هڪ (1) ”مرتضيٰ عرف پنجتي“. (2) ”رهنمائي“ .۽ (3) ”خدائي“ جي ڇپائي، مواد، سٽاءَ ۽ ترتيب جو تعارف ۽ انهن مان مختصر انتخاب پيش ڪجن ٿا. پيش ڪيل انتخاب ۾ ڪافي، مداح، مولود، لولي، ڏهر، بيت ۽ سه حرفيءَ جا سنڌيءَ ۽ سرائيڪيءَ ۾ مثال ۽ ڪجهه اڙدو ڪلام جو  نمونو پڻ اچي وڃن ٿا.

(1) رسالو مرتضيٰ عرف پنجتني“

هي رسالو سيٺ جمعيتراءِ ولد رائيصاحب نارائڻ داس  ۽ پرتاب راءِ ولد شامنداس ٻيرانيءَ جي زميندارن جي ڪوشش ۽ فقير صاحب منٺار مرحوم جي هدايت هيٺ، مهتاڻي پرنٽنگ  ورڪس حيدرآباد ۾ جون 1928ع ۾ شايع ٿيو، ڪتاب جي ضخامت 69 صفحا آهن.

هن رسالي کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهرين حصي ۾ 62 ڪافيون ۽ 4 مولود  ڏنل آهن. انهن مٿان لکيل ڪافيون ۽ مولود آهن. پر سندن مضمون مرثيي وارو آهي، تنهن ڪري هنن کي مرثيو چئجي ته بهتر. ان سان گڏ هر ڪنهن ڪافيءَ مٿان ان جي ڳائڻ جي راڳڻي ۽ وڄت به لکيل آهي. ٻئي حصي ۾ هڪ طويل مداح، هڪ سه حرفي امامن جي دردنامي جي، هڪ طويل ”غمنامو“ امان حسين جي درد جو، هڪ”سوال نامو“ رب پاڪ ۽ پنجتنن جي بارگاهه ۾، هڪ ڊگهي نصيحت، ”قيامت جو بيان“ جي عنوان سان، هڪ ”حبنامو حسين جو“ ۽ آخر ۾ سر ڪيڏاري جا 12 بيت رسالي ۾ ڏنل آهن، رسالي ۾ پريس جون چڪون تمام گهڻيون آهن ڀل نامو به ڏنل آهي، رسالي ۾ هن مختصر ذڪر کان پوءَ سندن ڪلام جو مختصر انتخاب پيش ڪجي ٿو.

رسالي ۾ سڀ کان پهرين آيل ڪافي:

حق الله، حق محمد، حق جو نور ٿيو نروار،

حديثون، پنجتنن جي باب، چيون حضرت نبي جناب،
پاڪدامن منجهه حشر حساب، ٿيندو احسان مٿي”منٺار“
اول املم علي اظهار،  ٻيو امام حسن حقدار،
ٽيو امان حسين سردار، چوٿون زين العابدين سچو سچ يار،
پنجون انهن ۾ امام باقر، ڇهون جعفر صادق سرور،
ستون موسيٰ ڪاظم منور، اٺون علي رضا  اظهار،
نئون حضرت تقي امام، ڏهون نرمل نقيءَ جو نام،
يارهون اصغر عليه السلام، ٻارهون مهدي ملڪ مختار،
جيڪي ٿيا سندن گولا، لٿا ڀو مٿان تن ڀولا،
اهي منهنجا اجها اولا، هي مدح سدين چوي ”منٺار“
 

”درد واري مدح شريف“ جا ڪل ٽيهه بند آهن، مدح جي هڪڙي بند جو مثال ڏجي ٿو.

”منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين، غم ڪجان حسنين جو،
ڏينهن سڀ  ڏک ۾، گذارج، رو هميشہ رين جو!
ڏينهن پهرين ياد ڪر، پيارو پسر رسول جو،
ڪوفين ڪيئن تي ڪٺو مسند وارو مقبول جو،
فرزند بيبيءَ فاطمه، بنت نبيءَ بتول جو،
برسر مڃئي رب جي رضا، عذر نه ڪيئين عدول جو،
منٺار تون ڪيئن ٿو وسارين، غم ڪجان حسنين جو....الخ“

سه حرفي جو هڪ مثال

الف هيءَ افسوس مون کي، آءُ هتي ڇو ٿو جيان،
هو مناسب هي مون کي صدقو شهيدن تان ٿيان،
حب رکي حسنين ڏي، هي ساهه پيرن منجهه ڏيان،
هوند ڪربل ۾ وڃي، پيالا شهادت جا پيان،
ڇونه آءُ صدقي ٿيس، سر ساهه گهوري تئون امام،
هاءِ ماتم ڪيئن وسري، ڪربلا واري قيام...الخ“
 

”غمنامي“ جا جملي چوويهه بند آهن، سندس هڪ بند هي آهي، مثال  غمناني جو:

مسلمينو، ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي،
هن ڏينهن تي حضرت به رهندو هو، سدائين ماتمي،
مومنا سمجهو سڻو، مذڪور هن ماتام جو،
فرزند بيبي، فاطمه ڏوهٽو محمد ڄام جو،
سو قضا سان قافلو آيو جڏهن ته امام جو،
مسلمينون ڇو رهو اي ماهه محرم بي غمي... الخ“
 

”سوالنامي“ جا پندرنهن بند آهن، سندن پهريون بند هن طرح آهي:

سوال منهنجو تون سڻج اي! يا خدا پروردگار،
سوال منهنجو تون سڻج اي ! يا محمد مختيار،
سوال منهنجو تون سڻج  اي! يار علي دلدل سوار،
ماهه محرم جي ڏهين تاريخ ۾ شل دم ڏيان.... الخ“
 

”قيامت جي بيان“ واري نصيحت جا ٻن ٻن سٽن وارا جملي ستاويهه بند آهن. هن جو ٿل هي آهي:

ڏسندا ڪانه حسنين جا حبدار،
هوندا صحي سلامت حسنين جا حبدار،
 

”حبنامي“ جو هڪ مثال:

هزارين حسينڻ جا حبدار، موچارا مسلمين ٿي ويڙا،
ڏس ته ايامن جي اولي، اپارين عارفين ٿي ويڙا.
 

آّخر ۾ سر ڪيڏاري جا ٻارهن بيت ڏنل آهن، جن مان ٻه بيت نموني طور پيش ڪجن ٿا.

محرم چنڊ چمڪيو، آيو عاشورو،
غم غازي حسين جو، پتنگ ڪن پورو،
جي مٿو مير حسين تان،صدقو ڪن سمورو،
ان کي اجورو، ملندو محشر ۾ منٺار چئي.
 

حسن مير حسين کي، سڪان، ۽ ساريان،
انهن جي افسوس ۾، هنجون ٿي هاريان،
مچي هن ماتام ۾، ڳوڙ ٿي ڳاڙيان،
دم نه وساريان، مان ميڙائو مون ٿئي.
 

(2) ”رسالو  رهنمائي“

هي رسالو سال 1929ع ۾ مسٽر پرتاب راءِ ولد مسٽر شامنداس زميندار پيرانيءَ جي مدد سان مهتاڻي پرنٽنگ  ورڪس  حيدرآباد ۾  ڇپيو. ۽ خود فقير مرحوم پاڻ ڇپرايو.

هن رسالي جي ضخامت اسي صفحا آهي. ۽ ڪلام جي ترتيب هن ريت آهي پهرين 184 ڏهر، تيرهن داستانن ۾ جدا جدا عنوان سان آيل آهن. جن ۾ خدا، رسول، چئن يارن ؓ غوث الحق مخدوم نوح ؒ  ۽ سندس سجاده نشين ۽ سومارين فقيرن جي ساراهه جا ڏهر ڇپيل آهن ۽ سماع ۽ نصيحت وارا  ڏهر جدا ڏنل آهن. تنهن کان پوءِ ارڙهن ڪافيون آهن جنهن ۾ غوث الحق مخدوم نوح جي ساراهه ۽ سندس بارگاهه ۾ عقيدتمندانه سوال ڪيل آهن. انهن ڪافين سان گڏوچڙ 8 مولود شريف به ڏنل آهن ڪافين ۽ مولودن تي راڳڻيون لکيل آهن. انهن کان پوءِ ٻه لوليون، هڪ ”سرور شاهه جي شان ۾“ ۽ ٻي دعا ”پنڻ جي حق ۾“ جي عنوان سان  ڏنل آهن. لوليون ٻئي سه حرفيءَ جي انداز ۾ لکيون ويون آهن. لولين کان پوءِ هڪ”سوال نامو“ ۽ آخر ۾ هڪ ڪافي ڏنل آهي. جا مٿين شمار ۾ شامل آهي. رسالي ۾ پروف جون غلطيون تمام گهڻيون آهن، هڪ وڏي غلطي هي آهي  جو رسالي جو نالو ”رهنمائي“ به ”ح“ سان  ”رحنمائي“  لکيل آهي، جنهن جي درستي ڀل نامي ۾ به ٿيل ڪانه آهي.

رسالي جو مختصر انتخاب:

ڏهر

        ڪلمو ڪنجي قلب جي، ٿو دل جا کولي در،

        حضرت پاڻ حديث ڪئي، سڀن لاءِ سرور،

        هي ذڪر ذري ايمان سين، جي هوند پڙهو هيڪر،

        لا الٰه اِلا الله، محمد رسول الله، آهي سونهون منجهه سفر،

        ”منٺار“ ماڻڪ اهڙو کڻ، قيمت منجهه قبر،

        ته لهي ويندا لطف سان، ڏوهن جا ڏونگر،

        اِن عمل جي آڌر، تون بي خوفو وڃ بهشت ڏي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com