سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1- 1967ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1- 1967ع

غلام محمد گرامي

گذارش

سنڌي زبان کي”قومي زبان“ تسليم ڪيو وڃي

مهراڻ جي با خبر پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته، هن کان اڳ، مختلف اشاعتي وسيلن ذريعي، تعليمي ڪميشن رپورٽ (سال 1959ع) جي ڪن فيصلن سان اختلاف ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي ”مادري زبان“ ۽ ان جي ”علائقائي حيثيت“ متعلق، سنڌ جي عالمن ۽ اديبن تعليمي ماهرن ۽ ايڊيٽرن طرفان ڪافي ڪجهه  چيو ويو آهي. ۽ لکيو ويو آهي. تنهن سان گڏ محب وطن ليڊرن توڙي مرڪزي ۽ صوبي جي ميمبرن به کلي نموني انهن واجبي ۽ مفيد مطالبن جي تائيد ڪئي هئي. خوشيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته ان سلسلي ۾، ڪيترن غير سنڌي اديبن، رسالن، ۽ اخبارن به علمي طور تي اسان جي جدوجهد ۾ شرڪت ڪئي هئي. نتيجو اهو نڪتو جو سال 1962ع ۾، سنڌي زبان جو جائز تعليمي حق تسليم ڪيو ويو، ۽  تعليمي ڪميشن رپورٽ تي نظر ثاني ڪري، ٻارهين ڪلاس تائين، ذريعي تعليم طور اسان جي ٻوليءَ جو درجو بحال رکيو ويو. جيتوڻيڪ مغربي پاڪستان جي صوبائي سرڪار، تازو مرڪزي حڪومت طرفان ان فيصلي تي ٿيل پاليسيءَ جي ورڌ، سنڌ ۾ نئين سر قائم ٿيندڙ جامع (Comprehensive)  اسڪولن ۾ اردوءَ کي واحد تعليم جي ذريعي طور عائد ڪري، سنڌي زبان آڏو اهو ساڳيو مشڪل مسئلو ٻيهر پيدا ڪري وڌو آهي.

بهرحال سنڌي زبان جي تاريخي ۽ تهذيبي، تعليمي ۽ ادبي حيثيت بابت معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان جي مرڪزي  حڪومت، جنهن دانشمنديءَ  سان هن فني ۽  علمي مسئلي کي،  چار سال اڳ قبول ڪيو هو، اهو بيشڪ مبارڪ لائق آهي. مرڪزي حڪومت جو اهو انصاف ڀريو ۽ حقيقت پسندانه فيصلو اڄ به جيئن جو تيئن قائم آهي ۽ ڪو سبب نه آهي، جو مغربي پاڪستان جي صوبائي حڪومت، اصل مسئلي جي نوعيت کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ، جامع اسڪولن ۾ پڻ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ سندن مادري زبان کي ذريعي تعليم طور تسليم نه ڪري. هن صحبت ۾، اسان سنڌي زبان کي، سنڌ ۾ قومي ۽ سرڪاري زبان تسليم ڪرڻ متعلق عرض ڪنداسون، جيڪو اسان جي ٻوليءَ، اسان جي تهذيب ۽ اسان جي تاريخي وجود جي سلسلي ۾ بهرحال هڪ  ٻيو بنيادي مسئلو آهي.

سڀ کان اول اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته اسان جي وطن عزيز  پاڪستان،مختلف لساني ۽ علائقائي خطن ۽ حلقن سان گڏ، مختلف تهذيبي قدرن ۽ مختلف تمدني روايتن ۽ مختلف ثقافتي معيارن ۽ مختلف تاريخي حقيقتن تي مشتمل برصغير آهي. منجهس ڪيئي قومون آباد آهن، جن جون زبانون پڻ الڳ الڳ آهن. باوجود ان جي، اهي سڀ قومون پنهنجي علائقائي تاريخ ۽ تهذيب، روايت  ۽ ثقافت، زبان ۽ ادب جي خاص دائري ۾ رهندي به، بر صغير پاڪستان ۾، هڪ ”رشته اتحاد“  پوتل آهن. اهو رشته اتحاد، ”حب الوطني من الايمان“ جي مصداق  آهي، هتي جو اهو رشته اتحاد پاڻ ۾ جا به عمراني ۽ ثقافتي افاديت رکي ٿو، اهو قومي نقطه نظر ۽ بين الاقوامي  دائره عمل جي لحاظ سان، ڀرپور ۽ صحتمند به آهي ۽ ساراهڻ جوڳو به آهي.

پاڪستان ۾ اگر ٿوري نظر ڪجي ته پوءِ منجهس بنگالي، سنڌي، پنجابي، پختون، بلوچي ۽ براهوئي تهذيبون توڙي قومون اچي ڪٺيون ٿيون آهن. انهن کان سواءِ هندستان مان آيل مهاجرن جي پڻ هڪ مخصوص تهذيبي ۽ لساني حيثيت آهي. بلڪل اهڙي نموني ۾، گجرات ڪڇ ۽ ممبئي علائقن مان، جي ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي ۽ ڪڇي ماڻهو، جهجهي انداز ۾ آيل آهن. ۽ جي پراڻا سنڌي سمجهڻ گهرجن تن جي تهذيب به سنڌي، گجراتي ۽ ڪڇي آهي. انهن سڀني قومن جون زبانون، تهذيبي روايتون، تاريخي حيثيتون، توڙي تمدني ضرورتون اگرچه هڪ ٻئي کان جدا گانه قدر واريون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ايامن جي رياض ۽ ارتقا، تاريخي ڪشمڪش ۽ تمدني جدوجهد، عمراني ترقيءَ ۽ تهذيبي نشو نما کان پوءِ پيدا ٿيون آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه، تاريخ ۽ ثقافت جي صحتمند ۽ سازگار ماحول ۾ ٿيندو آيو آهي. ان ۾ ڪنهن به هڪ فرد، يا  هڪ قوم جي سوچيل ۽ سمجهيل تحريڪ يا عمل کي ڪو به دخل ڪين آهي. ان حقيقت کي علم الاقوام توڙي لسانيات جا ڄاڻو چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا.  اهي سڀ  پنهنجي پنهنجي علائقائي حد ۾ زندگي، ۽ بقا، ارتقا ۽ نشو نما لاءِ اڄ پاڪستان کي سر چشمه حيات ڄاڻن ٿا.

پاڪستان، انهن جي مجموعي قوت ۽ مجموعي حيثيت جو نالو چئجي ته بجا آهي. اهي ئي پاڪستان جو روح آهن، قيمتي سرمايو آهن. مجموعي ثقافتي  ورثو آهن. اهي ئي پاڪستان جون زبانون آهن ۽ اهي ئي پاڪستان جون روايتون آهن انهن کان سواءِ برصغير جو ڪو به مجموعي تصور قائم ڪري نه ٿو سگهجي.

اسا اڳ لکي چڪا آهيون ته پاڪستان هڪ چمنستان آهي، ۽ اهي سڀ علائقائي زبانون، تهذيبون ۽ ثقافتون، سندس گل ڦل آهن، انهن مان هر هڪ جو ڀلي ته رنگ ۽ بو الڳ الڳ آهن ائين جيئن باغ جا نرالا گل، جن جا رنگ به جدا آهن  ته بوءِ به جدا آهي، پر اهي سڀ گڏجي ته باغ جو تصور قائم ڪن ٿا. انهن جي ظاهري ساخت ۽ پرداخت، رنگ ۽ بوءِ خوشنمائي ۽ دلڪشي کي ئي باغ جي سونهن ۽ سوڀيا سڏجي ٿو، بقول ذوق جي

گلهائي رنگ رنگ سي هي، زينت، چمن
اي ذوق اس چمن ڪو هي، زيب اختلاف سي.

بيشڪ، باغ جي ڀانت ڀانت جي گلن ڦلن ۽انهن جي زيب زينت ۽ ظاهري ۽ طبعي اختلاف ۾ ئي ته چمن جي دلڪشيءَ ۽ دلاويزيءَ جو راز مضمر آهي. هر ڪا قوم، ڪو نه ڪو گل آهي،  ڪا گلاب آهي، ڪو موتيو آهي. ته ڪو سورج مکي آهي. ڪو لاله آهي. آهن مڙئي گل!

ان مسئلي کي ذهين نشين ڪرڻ کان پوءِ اسان کي فقط ايترو عرض ڪرڻو آهي ته تاريخي توڙي تهذيبي خيال کان، دنيا جي قديم ترين تهذيبن، ۾، سنڌي تهذيب کي اوليت ۽ عظمت  جو شرف  حاصل آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌي زبان، پنهنجي طويل ۽ اوائلي، قديم ۽ تاريخي وراثت کي سانڍي پنهنجي علمي ۽ ادبي لغوي ۽ تهذيبي سرمائي جي حيثيت سان پاڪستان جي سڀني علائقائي زبانن کان ممتاز به آهي. ته منفرد به آهي. زندهه به آهي ته شاهوڪار به آهي. اوائلي ۽ پراڻي به آهي، ته پختي ۽ جاندار به آهي. ”سنڌيءَ“ جي مقابليءَ ۾ پنجابي، سرائڪي، براهوئي، پشتو، بلوچي ٻوليون فني توڙي علمي لحاظ سان ايتريون سرمايه دار نه آهن، وٽن سنڌي زبان جي ادب جيترو نه ڪو ذخيرو آهي، ۽ نه ڪو معيار.

اها به حقيقت آهي ته خود اردو زبان به، سنڌيءَ جي مقابلي ۾ نئين ڄاول آهي ۽ سندن لفظن جو ذخيرو به تمام گهٽ آهي. البته بنگالي ٻولي، سنڌي سان برميچي سگهي ٿي. باقي ٻي ڪابه نه!

انهن علمي ڳالهين کي في الحال پاسيرو رکندي، خالص فني نقطه نگاهه کان ائين چوڻ ۾ ڪابه اربع خطا ڪانه ٿا ڪريون، ته قومي ٻوليءَ جو مسئلو، انساني ذهن جي نشو نما ۽ ارتقا سان گڏ، ٻوليءَ جي وجاهت ۽ قدامت لساني معيار  ۽ قدر، ادبي ذخيري ۽ تهذيبي ورثي جي صحتمند حيثيت سان به وابسطه آهي. ان کي ڪنهن به خاص تهذيبي ضرورت، تاريخي مصلحت يا وقتي نقطه نگاهه سان نه ڏسڻو آهي.  نه  ڪو ڪنهن ٻوليءَ جي رڳي جاگرافيائي ماحول، يا نفري تعداد کي قول فيصل قرار  ڏيڻو آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ٻولي، پنهنجي ذات ۾ ڪيتري شرافت ۽ وجاهت پختگي ۽ برجستگي، علمي  ميراث ۽ فڪري سامان سانڍيو ٿي اچي. اهو نه ڏسڻو آهي ته اها ٻولي ڪيتري جاگرافيائي رقبي ۾  ڳالهائي ٿي وڃي ۽ ان جا ڳالهائيندڙ ڪيترا آهن.

 ان خيال کان ”سنڌي زبان“ بر صغير، پاڪستان جي ترقي يافته، علمي، ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي زبان آهي. جنهن جي فني پختگي ۽ ادبي ورثي تي پاڪستان کي فخر حاصل آهي. ان جي مقابلي ۾ ٻيون علائقائي ٻوليون ڀلي ته گهڻي ۾ گهڻا ڳالهائيندا هجن ۽ ڀلي سندن رقبو به وسيع هجي، پر جيستائين  منجهن فني جرائت جو فقدان هوندو ۽ جيستائين منجهن ادبي ذخيري جو قحط هوندو، تيستائين کين قومي زبان جي منصب جي لائق  به نه ڄاڻي سگهبو پر، انهن جي ڪري، سنڌي ٻولي، کي ان جائز منصب کان محروم نه ٿو رکي سگهجي.

سنڌي ادب، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي، ان زبان جي اوائلي تاريخ، موهن جي دڙي  سان ڪي علمي ۽ فني رابطا قائم  ڪيو بيٺي آهي، جنهن جي قدامت سان نه آرين سلسلي جون ٻوليون ٿيون مقابلو ڪري سگهن، نه ڪو سامي الاصل زبانون ٿيون برميچي سگهن. جنهن ٻوليءَ جا اوائلي نار، کروشتي، خط کان به هزارين سال اڳ واري پاتال ۾ موجود آهن، ايتري قدر جو موهن جي دڙي جي رسم الخط کي اڃا ڪو پڙهڻ وارو ئي پيدا نه ٿيو آهي. حالانڪ آرين ۽ سامي الاصل زبانن جا به سڀ،  هندي ۽ اشوري بابلي ۽ ڪلداني حمورابي ۽ عبراني، سرياني ۽ قبطي رسم الخط پڙهيا به ويا آهن. ۽ سمجهيا  به ويا آهن  اها قدامت ۽ شرافت فقط سنڌي ٻوليءَ کي ئي حاصل آهي، ان  لحاظ سان، سنڌي ٻوليءَ کي اگر بنگله وانگر پنهنجي خطي ۾ قومي زبان بنايو وڃي ته پوءِ اهو قدم نهايت معقول ۽ مناسب چئي سگهجي ٿو.

ان سلسلي ۾ چند علمي ۽ ثقافتي پهلو پڻ آهن، جن کي اڳيان  رکڻ سان، سنڌي ٻولي، جي قومي زبان بنائڻ واري مطالبي جي معقوليت واضح ٿئي ٿي.

(1) سنڌي زبان نهايت قديم ۽ تاريخي آهي، بر صغير هند و پاڪ ۾ هن کان وڌيڪ جهوني زبان  ٻي ڪابه ڪانه آهي. سندس قدامت متعلق ڪيترن  محققن ثابت ڪيو آهي ته، خود سنسڪرت  زبان به سنڌيءَ کان پوءِ پيدا ٿي آهي. سنڌي ان کان گهڻو جهوني زماني ۾ پيدا ٿي آهي.

(2) سنڌي زبان هڪ علمي ۽ سرمائيدار زبان آهي، جنهن کي پنهنجي لغت آهي، ۽ اندازي طور منجهس ٻن لکن کان  به مٿي لفظ آهن، چيو وڃي ٿو ته انگريزيءَ جهڙي بين الاقوامي زبان ۾ به ٻن لک جيترا مس لفظ ملندا. ان طرح ان جي اصطلاحن ۽ محاورن جو ڪافي انداز انهن کان سواءِ آهي.

(3) سنڌي زبان جي لفظن جي ذخيري  جي معنوي حيثيت اها آهي  جو منجهس هر قسم جا علمي ۽ فني مسئلا بيان ڪري سگهجن ٿا. سائنس ۽ ٻين علمن جي اصطلاحن تي به منجهس ڪافي ذخيرو موجود آهي، جو ٻين علائقائي زبانن ۾ ڪين آهي.

(4) اردوءَ ۾  جي به فني ۽ ٽيڪنيڪل لفظ کنياويا آهن اهي سڀ جديد عربيءَ ۽ جديد فارسي مان ورتا ويا آهن، انهن جي مقابلي ۾ سنڌيءَ ۾ پنهنجا خالص ۽ اصل لفظ آهن، سائنس ۽ نباتات صحت ۽ طب، تاريخ ۽ ادب تي سندس لفظن جو ذخيرو ٻين علائقائي زبانن کان گهڻو آهي.

(5) سنڌي زبان کي پنهنجو رسم الخط آهي. جنهن کي عربي، سنڌي رسم الخط چيو وڃي ٿو، اهو پوري اسلامي دنيا، ايران، مصر، افغانستان، بلوچي ايراضي، ملايا، انڊونيشيا، ترڪيءَ جي ٻولين ۽ انهن جي رسم الخط کان تاريخي طور قديم آهي. جو خالص عربي رسم الخط تان ورتل آهي. ان جي مقابلي ۾ فارسي ۽ اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي رسم الخط ۾ وڏو فرق آهي. فارسي نستعليق خط آهي، ۽ خود اردو ان تان ورتل آهي. گويا پوري علمي دنيا ۾  عربي رسم الخط وانگر، محفوظ ۽ علمي رسم الخط سنڌي زبان جو رسم الخط آهي، جنهن ۾ هزارها علمي ۽ معياري ڪتاب ڇپجي  چڪا آهن.

اهو به ياد رهي ته  برصغير هند و پاڪ جي تهذيبي ۽ تعليمي تاريخ ۾، اهو سنڌي عربي پهريون رسم الخط آهي، جو ديوناگري خط جي جاءِ تي، خالص ديني ۽ قومي اثر کي قبول ڪندي بحال ڪيو ويو ۽ جنهن جي عمر، تحريري انداز ۾، پهرين صدي هجري تائين معلوم ٿي سگهي  آهي.

ان رسم الخط جي مقبوليت، صحت، حسن ۽ زيبائش توڙي طباعت ۽ فنڪارانه سهولت جي اها حالت آهي، جو تازو پنهنجي ملڪ جي عالمن ۽ خود صدر مملڪت به اها صلاح ڏني آهي ته ”اردو زبان جي موجوده رسم الخط کي ترڪ ڪري، کيس نسخ ۾ آندو وڃي“

(6) سنڌي زبان کي پنهنجو گرامر آهي، جو هر حيثيت سان مستقل ۽ سائنٽيفڪ آهي، جو سنسڪرت ۽ عربي صرف ۽ نحو وانگر ڪامل به آهي پر ڪن حيثيتن ۾ انهن کان به وڌيڪ علمي ۽ فني آهي ان جي مقابلي ۾، اردو جهڙي شهرت يافته زبان اڄ تائين تذڪير ۽ تانيث جي اصولن تي ئي عالمن جو اتفاق نه ٿيو آهي ۽ نڪو واحد ۽ جمع ۽ جمع الجمع جا قاعدا وضح ڪري سگهيا آهن، سنڌي زبان هر نقطه نظر سان، واضح ۽ مڪمل زبان آهي.

(7) سنڌي زبان کي پنهنجي عظيم تاريخي حيثيت سان گڏ رڳو ٻوليءَ جي ساخت، لساني تشڪيل، لغت جي ترتيب، صرف ۽ نحو جي اصولن متعلق وڏو علمي ۽ تاريخي ذخيرو موجود آهي. سنڌي کان سواءِ هندي، سنسڪرت، پارسي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ علم الالسنه متعلق تمام گهڻا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ شاهوڪاريءَ،تاريخ ۽ ادب، لغت ۽ گرامر تي علمي ڇنڊ ڇاڻ ڪيل آهي، اهڙي تحقيق ۽ تدقيق کان ٻيون علائقائي  زبانون اڃا محروم آهن. ڇو ته منجهن ڪو به معياري ادب ڪين آهي.

(8) سنڌي زبان صدين کان ذريعه تعليم رهندي آئي آهي، سندس ادبي ۽ شعري ذخيرو اگرچه سمن جي راڄ ۾ پيدا ٿيو پر ڪلهوڙن  جي دور ۾، ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن، سنڌي ٻوليءَ کي ديني تعليم لاءِ ذريعه تعليم ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ان  طرح سنڌ جي قديمي علمي مرڪزن پاٽ، بوبڪ، سيوهڻ، هالا، نصرپور، چوٽياريون، ٽلٽي،۽ بکر وغيره ۾ صدين تائين سنڌي ٻولي، مڪتبي تدريس ۾ استعمال ٿيندي آئي آهي. ان دور جا ڪتاب به سنڌي زبان ۾ لکيل آهن، ان کان پوءِ ميرن جي دور ۾ اگرچه دفتر جي محدود مراسلات جو ڪم فارسي ۾ رهيو پر تعليم جو ذريعو، سنڌي ٻوليءَ ئي رهندي آئي آهي. خود انگريزن جي دور ۾ به پوري صوبي جي تعليمي زبان سنڌي رهندي آئي آهي. ان طرح تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ هندن ۽ مسلمانن، هن ٻوليءَ ۾ ئي پنهنجا ڪتاب لکيا، ايتري قدر جو پرائمريءَ کان اعليٰ تعليم تائين، سنڌي ٻوليءَ ۾ نصابي ڪتاب رهندا آيا آهن.

(9) سنڌي زبان کي مادري  زبان هئڻ جو پڻ شرف حاصل آهي. صدين کان اها ٻولي، هن ملڪ جي ماڻهن جي مادري زبان رهندي آئي آهي، ۽ اڄ به آهي.

(10) ان طرح انگريزن جي دور ۾، انگريزيءَ سان گڏ، سنڌي زبان به قانون ۽ ڪورٽ جي ترجمان رهندي آئي آهي. قانون جا ابتدائي ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. ۽ ڪورٽن ۾ دليلبازيءَ يا ٿاڻن تي رپورٽون، ۽ درخواستون پڻ سنڌيءَ ۾ ڪندا آيا آهن. گويا هڪ صدي، انگريزن جي دور ۾ کيس سرڪاري زبان هئڻ جو شرف حاصل هو.

(11) سنڌي زبان جي اثر ۽ مقبوليت جو عالم هي آهي، جو ڪراچي ۽ لسٻيلي کان ويندي بلوچستان، بهاولپور، ۽ پنجاب تائين لکها غير سنڌي ماڻهو اها ٻولي ڳالهائن ۽ سمجهن ٿا. اڄ به پاڪستان جي وڏن شهرن ڪراچي، بهاول پور، قلات، ڪوئيٽا، ملتان ۽ لاهور تائين مروج آهي. ان طرح هت آيل مهاجرين ۽ سندن اولاد جي زبان به سنڌي ٿي چڪي آهي،.

(12) سنڌي زبان جي ان علمي حيثيت کي نه فقط علمي ۽ فني حلقن ۾ قبول ڪيو ويو آهي پر اها  حيثيت قومي ۽ سرڪاري طور پڻ تسليم  ٿي چڪي آهي. ان جو تازو مثال ڀارت ۾ ٿيو آهي، جتي جي پنجونجاهه ڪروڙ آبادي واري گنجان ملڪ ۾ جتي ٻيون به ننڍيون وڏيون سوين زبانون آهن. سنڌي کي  ٻين سرڪاري زبانن سان گڏ، آئيني طور هڪ تسليم شده زبان جو درجو ڏنو ويو آهي. حالانڪه ڀارت ۾ ڏهاڪو لک کن مس آهن، جي سنڌي ڳالهائين ٿا.

ان جي مقابلي ۾،  پاڪستان جي ڏهه ڪروڙ آبادي ۾ سئو تي هر ڏهه ماڻهو سنڌي ڳالهائن ۽ سمجهن ٿا، ڪراچي  کان وٺي سنڌ ۽ ملتان ۽ بهاولپور، قلات، ۽ ڪوئيٽا تائين اٽڪل سوا ڪروڙ ماڻهو سنڌي سمجهن ۽ ڳالهائين ٿا.

انهي علمي ۽ تاريخي دليلن کي اڳيان رکي، اها تقاضا  ٿا ڪريون ته، پاڪستان جي سرڪار، سنڌيءَ کي ان جي پنهنجي ايراضي ۾ هڪ  سرڪاري ۽ قومي زبان تسليم ڪري سوا ڪروڙ ڳالهائيندڙن جي تقاضا ۽ مطالبي کي مان ڏئي، ائين ڪرڻ سان ئي ملڪ ۾ وحدت ۾ يگانگت پيدا ٿيندي، اميد ته پاڪستان سرڪار، هن گذارش تي غور ڪندي.

”مهراڻ“ جو مواد

’مهراڻ‘ جو هي پرچو، جو 1967ع جي پهرين سماهيءَ جو آهي، دستور موجب، علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي. سڀ کان اول، صدر مملڪت فيلڊ مارشل  محمد ايوب خان جي ڪن مختلف تقريرن جا چند ٽڪرا ”اسلام ۾ جديد دور جون تقاضائون“ جي عنوان هيٺ پيش ڪيل آهي. صدر مملڪت، اسلام جي همه گير نظام حيات جا بنيادي قدر، اخوت ۽ مساوات، اجتهاد ۽ بصيرت کي بيان ڪندي، زندگيءَ جي ابدي ۽ ازلي اصولن ۽ انهن جي ترقيءَ ۽ تبديل جي جيڪا تشريح ڪئي اهي. اها جديد دور جي تقاضائن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ نهايت اهم ۽ مفيد ثابت ٿيندي.

ان کان پوءِ، سنڌ جي عظيم مفڪر حضرت علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مدظله جو هڪ مختصر پيغام ”علم جي طلب“ جي  عنوان سان ڏنل آهي. جنهن ۾ علم جي تعريف ۽ علم جي مطالع ۽ تحصيل جي مقصدن تي روشني وڌل آهي. اهو مختصر پيغام نهايت حقيقت افروز آهي. ان کان پوءِ، سنڌ جي مشهور دانشور، اي ڪي بروهي صاحب جو مقالودين جو طريقه حيات“ جي عنوان هيٺ آيل آهي. ان مقالي ۾،  بروهي صاحب، فلسفيانه انداز ۾، ديني نقطئه نظر جي وضاحت ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. هي مقالو قديم ۽ جديد فڪر وارن لاءِ دعوت فڪر آهي. تاريخي ۽ تحقيقي مقالن ۾، سنڌ جي مشهور محقق ۽ مورخ، پير حسام الدين راشدي صاحب، هڪ با ڪمال سنڌي عالم” مولانا محب علي سنڌيءَ“ جي سوانح  ۽ علمي ڪارنامن تي، سير حاصل بحث قلمبند ڪيو آهي. اهو جامع ڪمالات بزرگ هو، جنهن پنهنجي فضل ۽ ڪمال سان، پوري بر صغير هند و پاڪ  ۾ شهرت حاصل ڪئي ۽ سنڌ جي عظمت کي چمڪايو.

ان سلسلي ۾، مسلم بنگال جي فارسي ادب جي هڪ اهم تصنيف، ڪتاب، ”شرفنامهء احمد منيري“ تي هڪ محققانه ۽ مورخانه مقالو، جناب ڊاڪٽر نبي بخش  خان بلوچ جو، ’اردو‘ رسالي  آڪٽوبر 1954ع تان ڏنو  ويو آهي. فارس ادب سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي، اميد ته هن محققانه ۽ مورخانه چيز مان حظ حاصل ٿيندو.

سنڌ جي مشهور اصلاح پسند ڪمشنر”سر بارٽل فريئر“ جي ڪارنامن متعلق هن کان اڳ ’مهراڻ‘ 1-2/1966ع ۾، سنڌ جي مشهور محقق محترم ميان لطف الله بدويءَ جي تاريخي ۽ معلومات افزا مقالي جي پهرين قسط شايع ٿي آهي. هن پرچي ۾، ان جي ٻي (آخري) قسط ڏئي رهيا آهيون. اهو مقالو جنهن وسيع مطالع ۽ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ لکيو ويو آهي. ان لاءِ محترم بدوي صاحب، مبارڪ جو مستحق آهي، مقالي جون ٻئي قسطون، هڪ تاريخي ڪتاب جي حيثيت  حاصل ڪري چڪيون آهن.

ان کان پوءِ، سنڌي عالمن جي تذڪري جي سلسلي ۾،”ستين صدي هجريءَ کان اڳ  جا سنڌي علماءَ“ مولانا حافظ محمد اسماعيل، مهتمم مظهرالعلوم کڏه ڪراچيءَ جو به نهايت معلومات افزا مقالو آهي. ان طرح سنڌ جي پراڻن شهرن مان، ”اگهم ڪوٽ“ تي، مير محمد بخش خان ٽالپر اگرچ مختصر طور لکيو آهي، پر نهايت رقت انگيز آهي. ۽ ”غازي امان الله خان جي خلاف انگريزن جي سازش“ پڻ هڪ تاريخي مسئلو آهي، جو محترم ذوالفقار راشديءَ جي مطالع مان نڪتل شاهڪار چئي سگهجي ٿو.

ان کان پوءِ لسانيات ۾، ”هندستاني ٻولين جي لفظن جي شڪل“ محترم منو تولا رام گدواڻيءَ جو مضمون آهي، جو ٻوليءَ سان دلچسپي رکندڙن محققن لاءِ پڙهڻ جهڙو ثابت ٿيندو، اهو خالص فني موضوع آهي.

ان کان پوءِ، جناب فضل الاهي انصاري، سيشن جج، جو فڪر انگيز ۽ دلچسپ پيرايي ۾ لکيل، مختلف عنوانن تي مشتمل، ادبي شهپارو آهي. جو زبان ۽ بيان جي لحاظ سان هڪ منفرد چيز آهي ۽ سنڌي  ادب ۾ هڪ دلڪش اضافو آهي. جنهن جو عنوان آهي”اکا“.

سنڌي شاعرن جي سوانح ۽ ڪلام جي سلسلي ۾، هڪ ڀيري سنڌ جي مشهور شاعر، ”منٺار فقير“ تي، محترم راڄ محمد پليءَ جنهن محققانه ڪاوش سان لکيو آهي، اهو سندس ئي حصو آهي. منٺار فقير جي سوانح ۽ ڪلام تي نهايت دلنشين ۽ سلجهيل انداز ۾ معلومات پيش ڪيل آهي. هن کان اڳ، منٺار فقير تي ان قسم جي ڪابه علمي چيز موجود  نه آهي. شڪر آهي ته اهو سلسلو، ’مهراڻ‘ جي واسطي سان پايه تڪميل تي پهچي رهيو آهي. اميد ته ان سلسلي جي باقي صوفي شاعرن جي سوانح ۽ ڪلام  تي  به محترم راڄ محمد پلي، ڪم ڪندو رهندو.

شاعريءَ جي اوائليءَ تاريخ جي سلسلي ۾، هن ڀيري به محترم محرم خان جو مقالو، ”شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“ پيش ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي جا 2 مقالا، هن کان اڳ ’مهراڻ‘ ۾ اچي چڪا آهن. محرم خان جي تحقيق ۾  جا انفرادي خصوصيت آهي. ان کي سڀ ڪو ساراهي رهيو آهي. ممڪن  آهي ته مسٽر محرم خان جي پيش ڪيل خيالن سان، ڪن عالمن ۽ اديبن کي ڪو اختلاف هجي، تاهم هن قسم جي ڇنڊ  ڇاڻ ۽ مواد جي سهيڙ ۽ ترتيب جو داد  نه ڏيڻ، حوصلا افزائي جي خلاف چئبو، اميد ته هن سلسلي جي باقي مقالن پيش ٿيڻ کان پوءِ ٻين عالمن ۽ محققن جا موافق۽ اختلافي رايا به پيش ڪيا ويندا، جيئن علمي دنيا ۾، سڀ پهلو روشن  رهن، اميد ته هي خالص علمي ۽ تحقيقي چيز  پسند ڪئي ويندي.

مقالن کان پوءِ ’مهراڻ جا موتي‘، ’سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا‘، ’ادبي خط‘، ’پڙهندڙن جا پيغام‘،’علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون‘، (مارئي جو ميلو) ۽ ’آديسي اٿي ويا...!‘ وارا سڀ دستوري  ڪالم پيش ڪيا ويا آهن.

اميد ته اڳتي به اهل ذوق اديب، پنهنجي دلي تعاون سان ’مهراڻ‘ کي نوازيندا رهندا. سندن علمي ۽ محققانه ڪاوشن لاءِ ’مهراڻ‘ شڪر گذار آهي، ۽ رهندو.

آّخر ۾ مواد جي چونڊ ۽ ترتيب سان گڏ طباعتي حسن ۽ زيبائش جي سلسلي ۾، محترم محمد ابراهيم جويو، اعزازي سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ ۽ مئنيجر صاحب پريس، ۽ پريس جا ڪار پردازن جو شڪر گذار آهيان، جن جي دلي تعاون سان هي معياري پرچو تڪميل تي پهتو آهي.

هن ڀيري ڪاغذ جي قلت ڪري هي پرچو، اڇي ۽ اُچي ڪاغذ تي نه ڇپجي سگهيو آهي، ان لاءِ معذرت خواهه آهيون. اميد ته ڪاغذ جي فراهميءَ سان اڳ وانگر اُچي ڪاغذ تي ’مهراڻ‘ پيش ڪيو ويندو.

ٻيو ته ص..... تي، خط ۾،..... سٽ تي.... ’اهو‘ جي بدران ”ان جو پڙ پوٽو“ ميان صاحب ڄام چينو“ ڪري پڙهڻ گهرجي، ۽ اها درستي ڪرڻ گهرجي.

غ. م گ

اسلام ۾ جديد دور جون تقاضائون

فيلڊ مارشل محمد ايوب خان،

صدر مملڪت پاڪستان

صدر مملڪت فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي مختلف تقريرن  جا چند ٽڪرا، هن هيٺ پيش ڪجن ٿا. جي فڪر ۽ نظر جي افاديت جي لحاظ  سان شعور وارن ماڻهن لاءِ توجهه جي لائق آهن. صدر مملڪت، اسلام جي همه گير نظام حيات جا بنيادي قدر (اخوت ۽ مساوات، اجتهاد ۽ بصيرت) بيان ڪندي، زندگيءَ جي ابدي ۽ ازلي اصولن ۽ انهن جي ترقيءَ ۽ تبديل جي جيڪا تشريح ڪئي آهي، اها جديد دؤر جي تقاضائن کي حل ڪرڻ لاءِ نهايت اهم ۽ مفيد  ٿي سگهي ٿي. (ادارو)

اسلام جا قدر

.اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ عملي ڪم اهو آهي ته اسان ان آئيڊيالوجيءَ  کي دوباره زندهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، جنهن جي ڪري اسان کي آزادي ملي آهي. پاڪستان، محض هڪ زمين جي خاص حصي جو نالو نه آهي،  جنهن جي  ڪثرت مسلمانن جي آبادي آهي. ۽  جتي هندو، مسيحي، سک ۽ ٻڌ سٽ قلت ۾ آباد آهن. پاڪستان مان اسان جي  مراد  هڪ اهڙي نظام جي تشڪيل ۽ تعمير ڪرڻ آهي. جو نظام اخلاقي ۽ روحاني قدرن جو امانتدار هجي. جنهن جو بنياد اسلام جي بين الاقوامي  ۽ همه گير نظام، مساوات، وحدت انسانيت، اخوت ۽ رواداريءَ تي هجي، اسلام جا اهي قدر، نهايت جامع ۽ صحتمند آهن. اسان جا ڪي نئين زماني کي پسند رکندڙ ماڻهو، ان ’اسلام‘ جي نالي وٺڻ کي به فيشن جي خلاف قدامت پسندي سمجهن ٿا. سا سندن ڀُل آهي. اهي ماڻهو پنهنجي ذهنيت  جي لحاظ سان رحم جي قابل آهن.

”اسان کي ان ڳالهه تي لک ڀيرا فخر ڪرڻ گهرجي ته اسان هڪ اهڙي دين سان وابسته آهيون، جو اسان کي بلند اقدار جي تعليم ڏئي ٿو. مثلاً خدا جو خوف، پوري انسان ذات سان محبت، پاڙيسرين سان مروت، يتيمن جي خبر گيري، غريبن جي سرپرستي، هيڻن سان همراهي، اهي سڀ اسلام جا بنيادي ۽ مکيه قدر آهن، جن کان سواءِ نڪو اوهان سٺا  مسلمان ٿي سگهو ٿا، نڪو وري محب وطن پاڪستاني.“ (راولپنڊي: 9 مارچ، 1959ع)

ٻه اهم مسئلا

”اسان جي سامهون، هن وقت ٻه اهم مسئلا آهن، پهريون هيءُ ته اسان اسلام جي بلند معيار تعليم آهر، مشترڪه اسلامي آئيڊيالوجيءَ جي ماتحت ماڻهن ۾ امن امان، ايمان ۽ صلح اتحاد ۽ وحدت  پيدا ڪري سگهون. ان سان گڏ اسلامي تعليم جي تشريح، جديد دؤر جي تقاضائن آهر، هن دؤر جي زبان ۾ ڪري سگهون. ان مشترڪه قدرن واري نظام کي اسلام جي روح سان هم آهنگ ڪرڻو آهي. اسان جو زمانو جنهن تيزيءَ سان ترقي ڪري چڪو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ اسلام جو تعبير پيش ڪرڻو  آهي.

”هن وقت سڀ کان وڌيڪ هن ڳالهه جي ضرورت  آهي ته اسان جي فڪر ۽ نظر جي دانشمندن کي غور ۽ تدّبر جي دعوت ڏني وڃي. جيئن هو زندگيءَ جي اوکن ۽ پيچيده مسئلن  جو نهايت معقول حل ڳولي سگهن.

” ان  سلسلي ۾ ٻيو اهم ڪم اهو آهي ته ملڪ جو معاشي ۽ معاشرتي قالب، مضبوط بنيادن تي قائم ڪيو وڃي.

”انساني دل ۽ دماغ، ڪنهن مفيد آئيڊيالوجيءَ تي، خواهه اها ڪيتري به بلند ڇونه هجي، ڪڏهن به اطمينان سان لبيڪ نه چوندا، جيستائين کين گذران لاءِ اطمينان نه ڏنو وڃي ۽ جيستائين کين ٽن وقتن  تي پيٽ ڀرڻ جو يقين نه حاصل ٿئي، ان ڪري تمام ضروري آهي ته گذران جي مسئلي تي خاص توجهه ڏنو وڃي. (مري، ڪمشنرن جي ڪانفرنس: جولاءِ 1959ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com