منو
تولا رام گدواڻي
هندستاني
ٻولين جي لفظن جي شڪل
هندستان جون ڀاشائون ۽ اپڀاشائون، پيدائشي طرح چئن
مشهور ڪٽنبن ۾ ورڇيون ويون آهن. جن جون پاڙون
اڄوڪي هندستان سان گڏ، پاڪستان ۽ برما کان به ٻاهر
نڪري ويون آهن. اها ترتيب ڪيترن سمان انگن تي بست
ڪئي وئي آهي. جئن ڪ لفظن ۽ آوازن ۽ سرشتن ۾
باقاعدي سمانتا ۽ مشابهت، ٻولين هنن چئن نيارين
ترتيبن يا ڪٽنبن موجب، هڪ ٻئي تي پئي پنهنجو اثر ۽
تاثير وڌو آهي. اهي چار ترتيبون هيئن ٿيون بيهن.
(1) آرين ڀاشا جي شاخ انڊو- يورپين: جيئن ڪه اها
ڀارت جي اپکنڊ ۾ وڌي ويجهي ۽ لساني طور تي هن کي
انڊو آرين جي شاخ ٿو چئجي.
(2) دراوڙي: اپٻيٽي هندستان جي پنهنجن سمورن گوشن
۽ بلوچستان جي بروهي ٻولين جهڙين، ٻولين ۽ لجهن
سميت.
(3) آسٽرو – ايشياٽڪ: منڊا ۽ ڪول روپ ۾، جن کي عام
طرح آديواسي ۽ نياتي ٻوليون ٿو چئجي ۽ جي گهڻو ڪري
وچ هندستان ۾ موجود آهن.
(4) مائنوٽبيٽن: اتر اڀرندي سرحدي ايجنسي ايراضي ۾
گهڻو تڻو ٽبيٽو برمن جي شاخ
گذريل ٽن هزار ورهين ۾، هي ٻولين جون نج ترتيبون،
پاڻ ۾ ويجهو اينديون ويون ۽ ان ميلاپ مان اهو
نتيجو نڪتو، جو هڪ ڪيميائي ائٽ آهي ۽ نه طبعي
مرڪب.
هاڻي هنن ميلاپي عناصرن کي جدا ڪرڻ ۽ انهن جي آد ۽
بنياد کي پڇائڻ يا ههڙن سوالن – ’انڊو آرين‘ ۾
منڊا نگهنٽو يا دراوڙ ٻولين جو ڪيترو سيڪڙو آهي،
۽ ابتڙ انهن ۾ انڊو آرين جو؟ يا دڙوار ترتيب، انڊو
آرين ترتيب تي ڪيترو اثر ڪيو آهي.؟ دراوڙ: ڀاشا جي
اوسر ۾ انڊو آريه ٻولين ڪيترو ڀاڳ ڏنو آهي؟ گهربل
مناسب جوابن ۽ نتيجن آڻڻ ۾ ڪنهن سهاڳي جو احتاج
آهي.
ڀاشا وگيانن، هنن ترتيبن مان، هر هڪ جي بناوٽي انگ
۾ مکيه فرق، ٻن وڏن ڀاڱن، آواز ڌنڪ ۽ جيو روپڪ ۾
ڪري، اڀياس ڪيا آهن.
مثال طور: جڏهن انڊو يورپي ٻولين ڳالهائيندڙ آريه،
هندستان ۾ ظاهر ٿيا، تڏهن سندن ڀاشائي روشن ۾ مور
ڌني ۽ سنڌي اکر ٽ، (ٺ، ڊ، ڍ، ڻ، ل ۽ ر) عدم پيدا
هئا. اتهاسڪ حالتن دوران، جهڙوڪ دنتڪ اوشما، جو
اڳئين ”اِ“ يا ”آ“ الحاني ”ر“ سان ميلاپ منجهه اهي
اکر اڃا پاڻ پسائڻ جي دور ۾ هئا. ليڪن دراوڙ ۽
منڊا ٻوليون جن ۾ انهن وينجن جي اصل پٽي آهي. انهن
جي سنگ ۾ اهو دور تڪڙو آهي.
اهڙيءَ طرح دراوڙ ۽ منڊا ٻولين جا ڳالهائيندڙ
سنسڪرت ۽ ان سان لاڳاپي رکندڙ انڊو – آرين ٻولين
جي سالم سرشتي کان متاثر ٿيندا ويا. اڌارڻ، رين،
پراڻي دراوڙ ٻولي ۾ وسرڳ وينجن آهي ئي ڪونه. مگر
ٽيليگو، ڪنڙ ۽ ملايالم ۾ انهن تختين جي سمائجڻ
انڊو – آرين ترتيب جو سڌو پر ڀاءُ ٿو ڏيکاري.
آديواسي ۽ ٽيٽو برمن پريوار، ڪن سڀيتڪ شبدن کان
سواءِ، جيڪي هنن مان انڊو آرين ۽ دراوڙن ترتيبن
کنيا اهن. اهي معتبر ٻولين جي سنگ جو تاثير ظاهر
ظهور ڏيکارين ٿيون. ۽ ائين ڪي اپڀياشائون اسري
ويون، جي انڊو آرين يا دراوڙ، جيئن جيئن حالت
هوندي، تيئن تيئن وڃي ٿيون لڳن. بلڪ آديواسي يا
ٽيٽو برمن رهي آهي. ته شبد عناصر نئون اڌار شبد يا
اوائلي جوڙ ٿي ڪري، پهرين ٻن ترتيبن جو پرڀاءُ ٿو
ڏيکاري.
اتهاسڪ ريت انڊو، آرين ۽ دراوڙ ٻولين جي شهادت،
ساهتيه خواهه شلا ليکن ۾، ورهين کان ملندي آئي
آهي. مگر باقي ٻن عيالن بنسبت اسان جو گيان صرف
ڏيڍ ورهيه جهونو آهي. ۽ هوڏانهن انڊو آرين جي اوسر
هندستان ۾ ذري گهٽ پنجٽيهه صديون ۽ دراوڙ اوسر
پنجويهن صدين کان به مٿي هلي آهي.
سنڌو ماٿر سڀيتا جي ڀاشا جي وگيانت ريت ڄاڻ اڃا ته
گهربل آهي. خود هنن ترتيبن جي اوسر بنسبت اسان جو
علم، ڄاڻ ۽ گيان اهڙو ته اڻ پورو آهي. جو اسين
پنهنجي اپکنڊ جو ڀاشائي اتهاس معلوم ڪري نه ٿا
سگهون.
ليڪن آسٽرو ايشياٽڪ ترتيب، جا وستار ۾ انڊو يورپين
ترتيب کان وڌڪ ايراضي ٿي والاري، تنهن جو ڀيٽو
ڀيٽي اڀياس ڏيکاري ٿو ته ان جا هندستان ۾ اصل کان
جڏهن انڊو – آرين ۽ دراوڙ ٻوليون ڳالهائيندڙ ظاهر
ٿيا، تڏهن اڳ ئي آديواسي هئا.
پئرس سلوين ليوي ۽ جين پرزيلسڪي جون ڪيل
کوجنائون، ڏيکارين ٿيون ته رگويد ۾ اٿرويد ۾ آيل
شبد پراڻين انڊو–آرين ٻولين ۾، آسٽرو ايشيا ٽڪ
لهجن ۽ ٻولين ۾ ورتا ويا آهن. اسان جن ڪن سڀيتڪ
شبدن جي جڙ، هن ترتيب ۾ پيئي ڏسجي، خصوصاً ڪن هنرن
۽ ڪاريگرين، جهڙوڪ سربندي سونارڪي سڀيتا وغيره، يا
پان، ڪپاهه سوٽي ڪپڙو، بانسي، تير وغيره شين جا
نالا، يا ڀونگو لڪ نالا جيئن ڪه، ڪوسلا، ڪلنگا،
ترلنگا، وغيره يا ڪوڙي يعني ويهه، ڏهاڪو ڪري وٺڻ
وارو، ڳڻڻ جو ويهائي سرشتو.
اهي ناياب فرينچ مخزنن ۾ ٽڙيل پکڙيل ليک، سرڳواسي
پروفيسر باگچيءَ گڏ ڪري، ترجمو ڪيا هئا. جي
هندستان ۾ ”اڳ آرين ۽ اڳ دراوڙ“ جي نالي سان ڪلڪتي
يونيورسٽي ڇپائي پڌرا ڪيا هن تحقيقي جون پويون
حامي آهن، لنڊن يونيورسٽيءَ جو شري ڪئپر جنهن مول
ويدن مان تهذيب کان اڳ وارن شبدن جو اڀياس ڪيو آهي
۽ سندن ناتو ان مان ڏيکاريو آهي. جنهن کي هو پوءِ
”منڊا“ ٿو سڏي.
پهرين تون پاريج، پارڻ پوءِ پنهوءَ تي،
ٻول مَ وساريج، هو جو ڪيئي هوت سين!
(شاهه)
ساڳيءَ طرح سنسڪرت ۽ دراوڙ ٻولين جي مٽي مائٽيءَ،
عالمن جو گهڻو ڌيان ڇڪايو آهي. ويدڪ ٻولي، معني
توڙي صورتن ۾ شاهوڪار هئي، مگر پروفيسر جولس يلوس
ڏيکاريو آهي ته ڪئين دراوڙي جملي جي خاڪي، پوئين
سنسڪرت جي اوسر تي اثر وڌو آهي. جتي اسمي ورجيس
لازمي فعلي صورتن جي جاءِ ورتي آهي(“وڏو سنڌي
ويا ڪرڻ“ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، ص177)
هي لازمي جملو نه فقط شڌ سنسڪرت پراڪرتن ۽ هاڻوڪين
آرين ٻولين جي خاڪي جي پيداوار ۽ تصديق آهي پر
اهڙي طرح ڏيکاريو ويو آهي ته سنسڪرت لهجن جي ڪيتري
سيڪڙي جي پيداوار ۽ آد، دراوڙ ترتيب منجهان
آهي.”ڪنڙ ڪوش“ ۽ مسٽر ڪٽل، هڪ سئو کان به وڌيڪ
اهڙا لفظ ڏيکاريا آهن.
ڪئليفورنيا جي مسٽر ايمينو ۽ آڪسفورڊ جي مسٽر برو،
اهڙين صورتن ۾ وڏو انداز ڪڍي ڏنو آهي جي ”انڊو-
آرين ۽ ”دراوڙ“ ترتيبن مان پيدا ٿيون آهن.
ائين جي ورن واريون، سرتيون سڌڙيون،
آرياڻيءَ پنهونءَ جي، ٻول نه ٻڌڙيون،
جي لکئي لڌڙيون، ڏونگر سي ڏورينديون. (شاهه)
تنهن جو مطلب ته دراوڙ ٻوليءَ، شاخ ۽ لهجي جي هڪ
خاص ڀاڳ ۽ حصي جو بنياد سنسڪرت سمانترن لهجن ۽
بنيادن تي آهي.
ترويندرم جي سرڳواسي ڊاڪٽر گوڙ ورما، ملايالم مان
انهن شبدن جي هڪ لسٽ ٺاهي آهي. جي آخر وڃي ”انڊو
آرين“ ترتيب مان ٿا نڪرن. جنهن ڳالهه ۾ هينئر
اسان جو چاهه آهي. سو اهو به آهي ته ههڙن خام
لهجن ۽ لفظن جو اصلي آد ڇا آهي. ان ڪم ۾ ڀيٽا ڀيٽي
۽ اتهاسڪ ڀاشا وگيان جي باريڪين جي مطالع ۽ ڇنڊ
ڇاڻ جو راز سمايل آهي ليڪن اهو به اسان لاءِ ڪافي
نه آهي ته اسان وٽ هي لهجو ۽ هڪ عام جملي جو خاڪو
موجود آهن.
هن ڏس ۾ سن 1931ع ۾ سر رالف ٽرنر، جو مرتب ڪيل
نيپاليءَ جو ڀيٽاڀيٽي ”نرڪتڪ ڪوش“ مکيه ڪم ٿيو آهي
هن ڪوش ۾، جنهن ۾ اٽڪل ستاويهه هزار نيپالي شير شڪ
شبد پنجن هزار سنسڪرت لفظن مان ورتل اڌارن شبدن
سميت آيل آهن تنهن ۾ اٽڪل پنج هزار ٺيٺ نيپالي
شبد، ٻين انڊو- آريه ٻولين ۾ سجاتين جي هستي ٿا
ڏيکارين.
سرالف، هينئر انڊو – آرين ترتيب جي چٽا ڀيٽي نرڪتڪ
ڪوش مرتب ڪري رهيو آهي. جنهن بعد انومان ٿو ڪجي ته
هنن ٻولين جي ساري لهر ۾ پکڙيل سجاتين جو ڳچ
تعداد اچي ويو. سو هندستان جي مکيه ايراضي اندر
ئي، جتي هنن ٽن ڀاشائن پري وارين هڪ ٻئي جي گهاٽي
پرسنگ ۾ اچي واڌارو ڪيو ان ۾ اسين ڪي عام عناصر
ڪڍي سگهون جي صدين کان هلندا آيا آهن. اهي ڀارت جا
نمونا، جن جي آخرين آد ڀلي ڪهڙي به هجي، ڪي عام
عناصر ميسر ڪري ڏيندا. جي ڪي قدر پاڻ ۾ ويهي، واٽ
جو مسئلو سولو ڪري سگهندا.
هڪجهڙائيءَ جا ڪي مثال ته ساري ملڪ ۾ پکڙيل آهن.
مثلاً سنسڪرت ۾ شبد ”ڪروتي“ هنديءَ ۾ ”ڪرنا“
مرًٺيءَ ۾ ”ڪرنو“ گجراتيءَ ۾ ” ڪروو“ ۽ سنڌي ۾
”ڪرڻ“ آهن، ڪن ۾ ته سچو فرق آهي. جيئن ته ”ڏيئي“
لاءِ ”ديوا“ ۽ بتي ٿوري ڪي گهڻي ڀاڱي عام عناصرن
جو ڳچ عدد آهي، جو سڀني ٻولين ۾ ورڇيل آهي.
دراوڙ ترتيب جو ”گيہ“ لاءِ روپ ”نوءِ“ سنسڪرت جي
”سنيہ“ (نونيتا) مان، هوڏانهن ڪنڙ ۽ مراٺي يا
سنڌيءَ جو هڪ شبد”تپا“ ”تپ“ جو آخرين سنسڪرت جي
”تريسا“ مان نڪتو آهي” گهر“ ۽ ”باري“ شبد جو رواج،
ديش جو رغبت ٿو ڏيکاري، جيئن ته شبد، خاص ڪري
هندستان جي اڀرندي ڀاڱي ۾ وڌيڪ پسند ڪيو ويندو
آهي.
ميڙي آپ سرتيون، نڪي ڳايم ڳاچ،
سا مون هٿان نه ٿي، جيڪا رسم راڄ،
آيل آءُ اڪاچ، ٻول ٻروچي وترو! (شاهه)
ساڳئيءَ طرح ڪي هندستاني نحوي ناقد ۾ آهن، جن کي
”جات – ڀاشڪ“ ڪري رکيو ويو آهي. مثال طور ڪن
هندستاني ٻولين، بنگالي، ڪونڪتي، ڪنڙ ۽ تامل ۾
انگريزي ”ننڊ ۾ ڪرڻ“ لاءِ اهڙي ئي صورت آهي. جنهن
۾ ننڊ لاءِ اسمي شبد جو ان فعل سان لاڳاپو آهي،
جنهن جي معنيٰ واقعي ”ڪرڻ“ آهي.
اسين سنڌيءَ ۾ به چوندا آهيون” ننڊ ۾ پوڻ يا ”ننڊ
۾ پئجي رهڻ“ ڪيئن دراوڙي نحو، سنسڪرت تي اثر وڌو
آهي. تنهن جو چٽو مثال آهي. پوني جي ڀنڊارڪر،
اورنٽيل ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي نڪتل مهاڀارت ۾، هڪڙي
هنڌ، جتي ٻڌل مول ڏيکاري ٿو. پتا ماتا جو مائٽي ۽
اضافت آهي. ته هوڏانهن دکن هندستان جي ترتيب جا
سمورا ئي مسودا چون، ”پتا مهيام“ مائٽيءَ جو جري
نمونو.
ان طرح وچين انڊو–آرين ۾ يا پراڪرتن ۾ جري ظاهر
ڪرڻ جي ڪيترن رستن مان اهو پويون نمونون ”ڪرتي“
وڃي رهيو آهي. ٻيون جري پڇاڙيون غائب ٿي ويون
آهن. ڇاڪاڻ ته ان جي مشابهت دراوڙي پريته ”ڪو“ سان
هئي ۽ جا اڄ تائين ڄاتل هندي نموني ”ڪو“ ۾ ظاهر
آهي.
لوڪان نحو صرف، مون مطالعو سپرين،
سوئي سو حرف، پڙهيو پڙهان من ۾! (شاهه)
هنن عام لکيتن جو اڀياس، آخر اسان کي ان وهه واٽ
جي سرشتي ڏي وٺي هلندو جو سڀني وڏين ديسي ٻولين کي
گڏي ڇڏيندو ۽ اهو لازمي جذبو جاڳائيندو، جو ڪنهن
به ڀاشا کان کؤنس ڪرڻ کان سواءِ هڪ دائمي گهاٽو
سمجهوتو پيدا ڪندو. انهن مسئلن جي آخرين حقيقت ڇا
آهي تنهن جو هاڻوڪين گهرجن انوسار ڪو به بحث
مباحثو ڪرڻ مناسب نه آهي.
انسان ذات جي جڏهن ابتدا ۽ ارتقا هڪ آهي ته جيڪڏهن
ٿوري ڪوشش وٺي، اونهو وڃبو ته ڀاشا جي آخرين جڙ هڪ
ئي ملند.ي سڀني ڀاشائن کي اهو فخر هئڻ گهرجي ته
سندن ابو امان هڪ ئي آهن. هي ته پوءِ سمي ۽ ديش جي
حالتن سارو، انهن تي اثر پوندو ويو. جنهن ڪري
لفظن جون صورتون، لفظن جي جملي ۾ جڳهه لفظن جو هڪ
ٻئي سان ناتو ۽ هڪ ٻئي تي اثر تاثير ۽ بدل سدل
خواهه لفظن جي پاڻ اندر ياراڻي ۾ جوڙجڪ ۽ ٺاهه
ٺوهه بدلجي ويئي.
فضل الاهي انصاري
اَکا
قابو
جبر جو تسلط، جو فضا پيدا ڪرائي ٿو، ان کي
مجبوريءَ جو عالم سڏيو وڃي ٿو. زور اڳيان زاري ئي
ڪم ڏئي ٿي. ٻي ڪا واٽ نه ٿي لڀي ٻيو ڪو حيلو نه ٿو
هلي، عجز ۽ نياز، بيڪسي ۽ عاجزيءَ، جبر جون جاڙيون
نياڻيون آهن. هي نماڻيون نينگريون نوڙت جو مڪمل
مجسمو آهن . آهن به ٻئي ڏاڏي پوٽيون!
جڏهن به طاقت پنهنجا پر پکيڙيندي آهي. تڏهن بي
طاقت سندس پاڇي هيٺان ڍڪجي ويندا آهن ۽ هر وجود
ننڍو توڻي وڏو، آزاديءَ جو علمبردار آهي. جيتوڻيڪ
زبان سان اهڙو اعلان ڪري يا نه وزن جو ٻوجهه هرجا
پيڙي ٿو!
طاقت جا مختلف پهلو آهن. مثلاً جسماني، روحاني،
دولت، علم ۽ حسن وغيرهه. هيءُ لياقت هر هنڌ پنهنجو
پاڻ پڌاري ٿي. طاقت جو غلبو، بي بسيءَ جو بنياد
رکي ٿو. طاقتور جا ايوان هميشه بي طاقت جي سيني تي
کڙا ٿيندا آهن. ڪمزوريءَ طاقت کي ڪلهن تي کڻي ٿي.
زور بيزور جي ڪلهن تي بيهي ٿو. قدرت ڪهڙا نه ضد ٿي
پيدا ڪري زور جو ذوق آهي. هيڻي کي هيسائي پنهنجي
آڻ مڃائڻ، اهو ٿو ٿئي غرور جو آغاز يا فخر جي
پيدائش!
سختي ميٺاج ۽ عذاب جو مرڪب آهي. ڏک دائما ڏکوئيندڙ
نٿو ٿئي. ڪو درد ڏاڍو پيارو آهي. جنهن درد جي دوا
دلبر ڪري! آهه جو ٻيو پاسو واه آهي، ملهه جي ڪرڻ
سان جنهن جي پاسري ڀڳي، اهو آهه ٿو ڪري، دسڻ واري
کي داد واهه سان ٿو ملي، هيبت غضب جو ڀاڇو آهي،
اختيار جو اثر بي اختياريءَ ٿي بنجي!
پهلوان جو بانور بازو، وليءَ وارث جي قوت روحاني،
امير جو هٿيار دولت، عالم جو جادو علم، سهڻي جو
جوهر حسن، مطلب ته هر طاقت ۾ مستي ڇانيل آهي، جا
هر جاءِ تي هر وقت پنهنجو شان ۽ رتبو بلند ڪري ٿي.
زور جي ڪري بيزور، آجهي وٺڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
سونهن پنهنجي بجلي ذريعي پگهر پلٽايو ڇڏي، نرڙ تي
ماڪ وسايو ڇڏي، ويچارا حسن پرست، متوالا بنجيو
دونهيون دکائيندا، تعويذ لکائيندا وتن، مجنونءَ جي
رڻ پٽ کي جهاڳڻ، فرهاد جو پهاڙ ٽڪڻ، سهڻي جو سير
چڙهڻ، ڏاڍا اڙانگا ڪشالا هئا، جي جمال جي تاثير جا
مشهور مثال آهن. قلندر شهباز روحاني رهبرن ۾
خصوصيت رکي ٿو. آمرڪا جي اهميت سندس املاڪ ۽ پئسو
آهي. رستم ۽ گاما جسماني طاقت جا نادر نمونا آهن.
جلال الدين رومي عالمن جي قطار ۾ هڪ اڳواڻ آهي.
مصر جي راڻي قلو پطره حسن جي ملڪه آهي. مون ته هي
ڪڻا پيش ڪيا آهن ورنه ڌرتي اهڙن ناميارن جي نالن
سان ٽمٽار آهي.
حڪم جي تعميل سجدو آهي. محمود غزنويءَ هڪ ڀيري
پنهنجي ملازمن کي آواز ڏنو ته واهه ۾ ٽٻي هڻن، پر
پير نه پسائين. فرمائش جي تعميل، قانون قدرت جي
برخلافي هئي. ناممڪن آخر ممڪن ڪيئن بنجي. مجبورن
سرڪار کي ستايو ويو، پر فرمان اتل رهيو. اياز هڪڙو
ئي غلام هو. جنهن وراڻي نه واري ۽ بي ادبيءَ جي
مجال نه رکي، حڪم ٻڌنديءَ ئي گهڙي پيو گهيڙ ۾،
باقي بيٺلن ڪنڌيءَ ڪناري بيهي دانهون ڪوڪون ڪيون.
اياز ٽٻي هڻي آلي لڱين اچي حضور ۾ حاضر ٿيو. محمود
ٽوڪيس ته عاجزيءَ جو اظهار ڪيائين. دليان
دانهيائين اي رحمت تمام! منهنجي هر خطا معاف، صدق
سوڀ پاتي، صادق ۽ حسين کي اجل کائي ٿو. باقي صدق ۽
حسن لازوال آهن. اياز پنهنجي نياز ۽ زاريءَ سان
محمود جي شاهي ڪيرائي وڌي. ڇٽ اچي پٽ پيو، بادشاهي
بخت ۽ شاهاڻو تاج اچي مفلسيءَ جي پيرن ۾ پيا، بي
نيازيءَ تنهنجو ايمان ۽ منهنجي رسم رهي تسليم!
ٽڪڙ ٽوري به ٿو، نوڙت نهوڙي به ٿي ۽ نوازي به ٿي.
شفقت جا سدورا ڪڪر سدائين نستي نرمل ۽ ويران جسم
کي رحمت جو پاڻي پياري زندگي بخشين ٿا تان جو
اجڙيل وري نئين سر آباد ٿيو پون. هڪ طاقتور جو قول
ٿو ياد اچيم چي:”مجبور ۽ غربت تي رحم نه ايندو
اٿم“ اهڙي آغاز کي بنده پروري نه چئجي ته ٻيو ڇا
چئجي اخلاق ۽ زندهه دليءَ جو ڪهڙو نه اعليٰ ۽ با
معيار مثال آهي. سندس ثاني ورلي لڀندو، احساس جي
نمائش ڪهڙي نه نازڪ انداز ۾ ڪئي وئي آهي. واهه جي
ادا آهي. عجيب نفاست آهي. نقاش جو ظهور نقش ۾ ٿئي
ٿو. ڏاڍي دلپذير ترتيب توڻي صفت ۾ آهي. قادر جو
قبضي ۾ اچڻ دلچسپ اتفاق آهي. اعتراف ۽ اعلان دليري
۽ دلبري آهن.
گناهه ۽ ثواب
”گهٽ – وڌائي“ گناهه ثواب جو صحيح ترجمو آهي. هي
انساني روش، اهميت ڀري ۽ تمام پراڻي آهي. چون ٿا
ته آدم بهشت مان تڙجي جڏهن هن دنيا جي تختي تي
پهتو ۽ اچي پناهه ورتائين تڏهن شيطان به ساڻس
سٽيو آيو، ابليس آدم جو پراڻو ساٿي آهي. باوجود
بيوفائيءَ جي سدائين ساٿ ڏيندو اچي. انهي ويچاري
ته جنت مان جند ڇڏايس ۽ هتي جون هوائون کارايائينس
ڀلا دلي دوست دل گهرئي دلبر کي ڪيئن ٿو اڪيلو
ڇڏي! آدم ۽ حوا صحيح طور تي اسان جي ڌرتي تي مليا
هئا. سندن ميلاپ ڦل ڏنو. کين ٻه پٽ ڄاوا، جي ڏاڏي
۽ ڏاڏيءَ حوا جو پهريون نسل ٿيا، سندن نالا
رکيائون هابيل ۽ قابيل، هڪ ڏينهن ٻنهي ڏهاڳن کي
کنيو کٽيءَ سو وڃي آگي در ڀيٽا آڇيائون، قدرت کي
هو ڀائرن ۾ ويڇو وجهڻو، ۽ تماشو ڏسڻو، نفاقي ڌر
ورهائجي ٻه ٿيو پوي. اهڙي ريت طرفداريءَ جو بنياد
ٿو پوي. جتان احسان جو سلو ٿو اڀري. سو راجا
پنهنجي رمز سان هڪ جي قرباني قبول ڪئي ۽ ٻئي جي بي
سبب ٺڪرائي ڇڏي. بس فورا حسد جي باهه ڀنڀٽ ٻاريو.
قابيل هڻي هابيل جا آنڊا ڪڍي وڌا. وري ڪانو جي
ڪرامت سان لاش لڪائي ڇڏيائين. اهو هو هن پرٿويءَ
تي ٿيل پهريون ڏوهه. ”هيڏا هاڃا ٿين، بري هن
ڀنڀور ۾“ هن ويچاري ته آدم کي لستون وٺرايون آهن.
جن کان جنت ۾ بلڪل محروم هو. سندس اولاد انهيءَ
شيطان جي طفيل اڃا اهي مزا ماڻيندو ورتي. پر بي
قدر احسان فراموش انسان نيڪيءَ جو اجورو لعنتن سان
ٿو رسائي، اڻ ڄاڻائي ڪهڙا نه ڪلور ٿي ڪرائي، هت
اسان وٽ بي گناهه گنهگار بنجيو وڃي. باقي گنهگار
ڪرسيءَ تي چڙهيو، ٽنگ ٽنگ تي ورايو، کنگهڪارون
ڪندو وتي. هائي ڙي پاپي دنيا! ابليس جو قدر لطيف
ڪيو آهي چئي ٿو:
عاشق عزازيل ٻيا مڙئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو!
در اصل گناهه ۽ ثواب جنهن سلسلي ۾ سميٽيا ويا آهن.
انهن کي اهميت ڪانهي. ويچارا ٻئي تخيل جي پيدائش
آهن. انساني خيال توڙي عقل ٻئي ناقص آهن. هر شخص
جي اک بينائي ٿي رکي. ڪنهن زماني ۾، ها، اڄ کان
صرف ٿورا ورهيه اڳ، ڪنهن عورت جو وار جو نالو وٺبو
هو ته وٺجي ويندي هئي، تپي تپي لال ٿي آلا اڇلندي
هئي. ان اوج ۾ چوٽي ڪپڻ گار سمجهي ويندي هئي.
”گيسو“ سينگار جو اسباب ۽ سونهن جو سامان ليکيا
ويندا هئا اڄ اها ساڳي عورت هڙئون پئسا ڏئي چوٽي
ڪپرائيندي وتي! چي ائين ڪرڻ سان حسن ۾ اضافو ٿو
ٿئي! ڌرتيءَ جي گردش نظريي ۾ ڪيڏي نه تبديلي ٿي
پيدا ڪري!
گناهه جو اهو عمل آهي، جنهن سان نقصان پيدا ٿو
ٿئي، ثواب اهو ڪم آهي، جنهن مان فائدو ٿو پهچي.
مثالي سمجهاڻي وڌيڪ موزون ٿيندي، ڏک، گناهه، سک،
ثواب سمجهو!
هڪ شخص ڪنهن کي گار ٿو ڪڍي نتيجو رنجش ٿيندي، جا
رت ساڙي سڪائي ٿي، يعني طاقت ۾ ڪمي آئي، مطلب ته
نقصان ٿيون، اهو گناهه آهي، ٻيو ماڻهو ڪنهن کي دعا
ٿو ڏئي، ان مان خوشي پيدا ٿيندي، نتيجي ۾ خون جي
صفائي ۾ واڌارو ٿو ٿئي، اهو ثواب آهي، اهڙيءَ طرح
چوري ۽ چمي پڻ گناهه ۽ ثواب جا اهم نمونا چئبا!
گناهه نفرت ڪرڻ کي ٿو جنم ڏئي. هاڻي سندس ناناڻي
نسبت ته ظاهر ٿي، پر ڏاڏاڻي ڏيٺ جو ڪو پتو ڪونهي.
اهوعظيم پاسو ته اڃا پالهو پيو پسجي، تعصب حرامڙو
نسل آهي. نفرت ڪرڻ جو حق ان کي حاصل آهي، جو پاڻ
خود پاڪ هجي، جنهن ۾ پنهنجي صحيح پروڙ پئي ٿئي.
تڏهن نگاهه ۾ ڪو به برو نظر نه ايندو. عيب عام
آهن، الاهي نور جا ڏيئا هر هنڌ رونما ۽ پذير آهن،
انهن جي پاڇي ۾ اونداهي آهي.
شاخ نبات، جڏهن نيم ننگي ماڻهن جي هجوم اڳيان
پنهنجو شاهڪار رقص ڏيکاري رهي هئي. ان وقت انساني
اکين منجهان مٿس تير وسي رهيا هئا. حسن ۽ هنر جو
جوڙ لاجواب ڪارروائي ڏيکاري رهيو هو، ان نظاري هڪ
مغرور واعظ واتان واحيات لفظ ولوڙيا. زبان جو آواز
ڪنن جهٽيو پر اکين وراڻيو: اي زاهد، پنهنجي تقدير
جي مان مالڪ ناهيان، جيڪڏهن منهنجي حرڪت تو وٽ
ممنوع آهي ته پوءِ هن جنبش کي روڪڻ خاطر منهنجي
قضا ڦيري ڇڏ، انڌو ملان اکيون مهٽيندو اڏامي ويو.
زاهد جو غرور، واعظ کي تلقين ٿو ڪري ته بندگان
خدا تي زبان دراز ڪري. ملان الاهي عيوضي ٿو سڏائي.
مخلوق ساري خالق جي، پوءِ هن حاسد جي ڇا معني؟ اها
جرئت ڪنهن پيدا ڪئي؟
جڏهن هڪ زاني عورت تي انساني اعتراض، الزامي پٿر
اڇلڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا تڏهن حضرت عيسيٰ عليه
السلام به اچي ان جاءِ سهڙيو، معلومات حاصل ڪري
وراڻيائين ته:”ابا پهريون پٿر اهو ڦٽي ڪري، جنهن
جو پنهنجو پانڌ پاڪ هجي!“ ٻڌڻ سان مومن واڙي
وانگر گم ٿي ويا. ڪو هڪڙو سگهڙ به نه بچيو. جو کڻي
ان پٿر جي ڍير کي ويجهو وڃي! پوءِ ڪدورت ڇو؟
ماڻهپو موڪلائي ٿو ته عيب جوئي ۽ الام تراشي جوان
ٿا ٿين. پنهنجو پاڻ سڃاڻ ته نيزو نوڙي نشان هيٺ!
هڪ ڦٽيل جي ته ٻڌو
سڄي جي عمر، عبادت ڪرين، نه ٿئي حاصل،
اهو ثواب، جو منهنجي گناهه ۾ آهي!
واه واهه ! اهو گناهه جو عجز ۽ اعتراف ۾ ٻڌل آهي.
سو ته توجهه جو ترهو ٿيو، تريو وڃي اوڙاهه ! ته
پوءِ اهو ئي ثبوب آهي. ڪيئن ٿا ڀانيو، سالڪن جون
ٽٻيون!
اميد
اميد هڪ ڪوڙي ڪنيا آهي. جنهن جو اخلاق انياءُ، هو
وئشيا جي وصال محال ۽ عمل دوکو ۽ فريب رهي ٿو.
مصيبت جي واٽ تي پنهنجي ڄار وڇايو ويٺي آهي. ته
ڪوماڻيل اچي ڪرن. هن چنڊال جو مصنوعي حسن، انسان
ذات خلاف عجيب سازش آهي. اهو پراڻو ڀانڊو گهڻو ئي
ڀيرا ڀڳو آهي. تاهم آدم جو البيلو اولاد جنهن
نڀاڳي ڏائڻ جي چنبن مان پاڻ ڇڏائي ڪين سگهيو آهي.
پراڻي نحوست هلي اچي. هن جو وجود انساني عقل تي
سخت طنز آهي. پر افسوس جو احساس ڪونهي. رڃ ڪيترا
نه وير وڃايا آهن. اڃ جي ڏسي رڃ ته ڏاڍي ڏنگائي
ٿئي. پرديسي پياسي پليت پويان پئجي، پاڻ وڃايو
ويهن. لاکيڻي لطيف جو سنيهو آهي”نااميدي ني ته
اوڏي ٿئين اميد کي!“ سائين ائين نه ٿو دهرائي.
”اميدون اڀار ته رسين پار پرين جي!“ نااميديءَ جو
مقصد آهي نراس يا دلشڪستو ٿيڻ ۽ اکاڙي مان نڪري
گوشو ڪرڻ. ان کان لطيف پاسو ڪرائي ٿو. ورنه اميد
جي پهاڙ تي بيهي، ڀولو پهلوان سان دنگل ڪرائڻ لاءِ
هڪ نستي جو لنگوٽ چاڙهڻ ته سراسر ناداني چئبي!
سهراب جو صرف رستم جو رخ ڏسي نراس ٿي موٽڻ پڻ غلط.
لطيف جو اشارو عام اميد ڏانهن هرگز نه آهي. قرآن
جو ورق به اهو ئي سر ٿو سيکاري، اها ئي وائي،
وراڻي ٿو. دغا ۽ دلبو هن رن جو سينگار آهن. ته
هٿيار به. ويچارو منجهيل مظلوم منش، گهاءُ سگهي به
ان پاپڻ پويان ڀٽڪندو وتي. جيسين وڃي بيهوش ٿي
مري. ڏهاڳڻ ۾ ڏاڍو ست آهي. وئي کان پوءِ واٽ ڪرڻ،
وت کان ٻاهر ٿو رهي. هتي ته تمثيل پڻ وڃيو تر
وٺي، تعجب ته اهو ٿو ٿئي ته عقلمند پڻ هن جي هٻڪار
جي تعريف ڪري، سندس ڪنڍي تيز ڪندا وتن. ڄاڻ به اٿن
ته اها اجڙيل اسان جي نسل کي نهوڙي نيندي، ته به
ندوريءَ جا ڏڦا سراڻ تي چاڙهيندا وتن. مان ته اهڙن
عالمن کي ”اڻ ڄاڻ ڄاڻو“ ۽ ”بي سمجهه سمجهو“ چوندس!
هن فعل ۽ عمل جي هڪ ئي سمجهاڻي ٿي سگهي ٿي. پاپ
لازوال آهي. سو سندن دونهي دکندي ٿي رهي ۽ سندس
واهرو ڌاتوري جي ڌار سان رس رسائي اڃ اجهائن ٿا.
اهڙي ريت جو اها پياس هميشه پياسي کي ئي پورو ڪريو
ڇڏي!
ڪنهن واهه جو چيو آهي
ان ڪري ئي آهه پياري ڪائنات،
ڇو ته رهڻي
ناهه هت ڪنهن جي به ذات،
آهي هت هر شي ٿي فاني بي ثبات،
هي سبب ناهي ته گهارين رنج ۾،
ڳول هيرا، هر گهڙيءَ جي گنج ۾،
سندس پوئين سٽ ۾ چٽي وئي آهي، چئي ٿو.
مٺڙو آ هر چيز کان، سنگهارن جو ساهه،
پٽيون ٻڌن پيٽ سان، ٿين بکن ۾ پاهه،
ڏيکاريان
ڪيئن ڏکين کي، چانڊوڪي ۽ چاهه،
ڪٿي آهي الله، انسانن جو آسرو.
عشق
عام طور هي لفظ نهايت غلط سمجهيو وڃي ٿو. رواجي
ماڻهن سندس معنيٰ بلڪل بدلائي ڇڏي آهي. سندس نسبت
وڃي نفسياتي لذتن سان لڳائي اٿن! عشق جو صحيح
مفهوم ڪو جزوي ماڻهن سمجهيو آهي. جي رواجي احساس
کي ليکبو ته پوءِ هي پاڪ ۽ پوتر لفظ وڃيو جنسيات ۽
خود غرضيءَ جهڙي منحوس اکر سان ڳنڍجي، اهڙي ناجائز
روش کي سواءِ ظالم جي ٻي ڪا صفت ڏئي نه ٿي سگهجي!
عشق جو سمجهڻ ضروري آهي. هن لفظ جو مطلب ڪو خاص
انوکو يا ڳوڙهو ڪونهي. سطح تي ويهڻ سان ئي ڏيکاري
ڏيندو. البت طالب جي اک کپي جي اها ميسر آهي ته
پرواز بنهه پري ڪونهي. طلبئون ته ملئون، ڳولهيون
ته لهون!
حسن، طاقت جو هڪ پهلو آهي. حسين طاقتور تسليم ٿيل
آهي. تلوار جي چمڪ سندس تيزي جو ثبوت ٿي بنجي. سج
جي تپش ۾ جلوو آهي. پر اهو جوهر انساني جسم کي
ساڙيو ڇڏي. چنڊ جي روشني ٿڌي ۽ نهٺي آهي. نماڻي
آهي. پنهنجي نه پرائي آهي تاهم چانڊاڻ پڻ ڳاري ٿي.
نماڻو نينهن نمائيندڙ اهي. سونهن اڳيان ڊگهي ۾
ڊگهي گردن جهڪيل ۽ نميل نظر ايندي. هن ميدان ۾ پڻ
درجا مقرر ٿيل آهن. اڳرو هميشه اتم رهي ٿو. ناقص
جي معنيٰ نستو آهي. طاقت وصف آهي، صفت آهي، ان ڪري
عزيز آهي!
طاقت ”جزن“ جو ميڙ آهي، ميلاپ ئي طاقت آهي. هي ڳنڍ
ڏاڍي مضبوط ٿي ٿئي. اتحاد زور آهي. نفاق ڪمزوري،
گهڻائي، ٿورائي تي غالب ٿي پوي. خصوصاً ان حالت ۾
جتي ٻنهي پاسي اصليت هڪ جهڙي آهي.!
مطلوب طالب تي رعب رکي ٿو. جنهن جو سبب هن جي سهڻي
سوڀيا آهي. هن جي جسم ۾ جزن جو عدد، بمقابل عاشق
جي حصي، نهايت گهڻو آهي. اها زيادتي زور ۽ زورآوري
ٿي آڻي، گهڻائيءَ جو ٿورائي تي دائما تسلط رهيو
آهي. اهو ئي سبب آهي جو عاشق محڪوم ۽ معشوق حاڪم
رهي ٿو! گهڻائي ٿورائيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿي. عدد
جي زيادتي ۽ ڪمي نسبتاً حڪم جي رفتار تي ضابطو رکي
ٿي. وهڪرو قدر آهر وهي ٿو. معشوق اڳيان مڃتا،
عاجزي ۽ نياز جو انداز ان فرق تي دارومدار رکي ٿو!
خوبي هڪ سهڻو، وڻندڙ ۽ نزاڪت ڀريو نظريو آهي.
جيڪڏهن انسان کي ڪا جنس وڻي ٿي ته ان جي اصليت ازل
کان هن جي وجود ۾ مڃبي ڀانئڻ اعتراف آهي، ان حقيقت
جي وجود جو اثر طاقت تي منحصر آهي، محبوب جي هستي
۽ عاشق جي مستي، هڪ ٻئي جو ضد آهن، ٻئي گڏجن ته
هيڪ هيڪڙائي ٿي وڃي! سڀ فرق مٽجي وڃن ۽ ساري سليٽ
صاف نظر اچي پوءِ جيڪر ٻيائي جا ورق ڌوپي ڇڻي پون،
غلبي جي انداز ان ڀيٽ مان ٿو نڪري ظاهر ٿئي. چاهت
جو ڪانٽو، بار جي وزن مطابق ساهميءَ جا پڙ هيٺ مٿي
ڪري ٿو!
عشق جو ٻيو نالو ”پريم، محبت ۽ الفت“ آهي، جنهن جا
مخالف ڪلفت آهي! اصل ۾ عشق عقيدتمندي آهي. ”وڻڻ“
مان ”حب“ ٿي ڄمي جا وري ”طلب“ کي ٿي جنم ڏئي.
وڻندڙ لاءِ گهر واجهارائي ٿي. عاشق ۾ جڏهن طلب
پيدا ٿي ٿئي تڏهن هو پنهنجي معشوق ۾ جذب ٿيڻ چاهي
ٿو، پنهنجي هستي مٽائڻ گهري ٿو. اها تمنا کيس
هلائي ٿي، اهڙي ريت، جيئن مولانا رومي، شمس تبريز
جي سڪ ۽ سوداءِ ۾ گهٽيون رلندو رهيو. نتيجي ۾
پاڻان ڏاڍي جون لهرون کيس اڇليو ڇڏين. ويچارو چپن
جو چسڪو وٺيو، موٽيو اچيو پنهنجي پراڻي وٿاڻ تي
ڌوڙيو ڪري! اٿيو وري وک واڌائي چي:”تتيءَ ٿڌيءَ
ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ موٽڻ مهڻو آهي، ڪمزور
ڪرڻ سان دانهن ٿو ڪڍي، جا رقص ۽ راڳ بنجيو وڃي.
اها ”آهه“ غالب جي رعب کي روڪڻ لاءِ نئين ترتيب ۽
نئون حليو بنجي ٿي. اها يد يا محبوب ماڻائي، موت
جي گهاٽ ٿي رسائي. اڪثر عشق اثر ڪري ٿو ۽ عاشق
پنهنجي مشعوق کي مٺي هير جيان لپيٽيو ڇڏي. آخر
هيڻو درياهه، اٿاهه سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪري. بحر،
واهڙ ڏي نه آيو. آهي نه ايندو! |