سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :4

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مسلم بنگال جي فارسي ادب جي

هڪ اهم تصنيف

ڪتابه ”شرفنامهء احمد منيري“

هي علمي ۽ تحقيقي مقالو، ”اردو“ آڪٽوبر 1054ع ۾ اردوزبان ۾ شايع ٿيو آهي، ان جو سنڌي ترجمو ’مهراڻ‘ جي داري طرفان پيش ڪجي ٿو.

برصغير هند و پاڪ ۾ سان جي قومي، ثقافتي ۽ علمي تاريخ جا ڪي باب، جسته جسته لکيا ويا آهن، پاڪستان جي قائم ٿيڻ پوءِ، هڪ قومي منصوبا بنديءَ جي تحت هي نهايت ضروري بلڪه لازمي ٿي چڪو آهي، ته بر صغير هند و پاڪستان ۾ مسلمانن جي اچڻ واري زماني کان وٺي، هن وقت تائين علمي، فني ۽ ادبي حيثيت سان عربي، فارسي، اردو ۽ مقامي ٻولين ۾، جو ڪجهه  ڪم مختلف صوبن ۾، مختلف زبانن ۾ ٿيو اهي، ان جو علمي ۽ تحقيقي جائزو ورتو وڃي.

ان سلسلي ۾ ’فارسي ادبيات“ سان ڪافي مدت کان وٺي اسان جي قوم جي دلچسپي رهندي آئي آهي. پاڪساتن جي مختلف صوبن سنڌ، پنجاب، بنگال، سرحد ۽ بلوچستان وغيره ۾ فارسي ادب جا سوين نوادر، قلمي توڙي مطبوع صورت ۾ پيا آهن، انهن سڀني کي گڏ ڪري، انهن مان انهن صوبن جي علمي  تاريخ مرتب ڪري سگهجي ٿي. چنانچه ان سلسلي ۾ بنگال جي فارسي ادب جي هڪ شعبي تي هن مضمون ۾ ضروري معلوما پيش ڪئي وئي آهي.

بنگال ۾ ’اسلامي اثرات‘ جي ابتدا هين صدي هجريءَ ۾ ٿي آهي چناچه سڀ کان اول، هن لسلي ۾ اسان جي سامهون  جو ڪتاب آيو آهي، سو آهي، سنسڪرت ڪتبا ’امرت ڪنڊ‘ جو فارسي ترجمو، جو غالباً بنگال ۽ آسام ۾ فارسيءَ جو سڀ کان وڏو ڪتاب معلوم ٿئي ٿو.

واقعو هي آهي ته ’ڪامروپ‘ جو هڪ برهمڻ جوڳي شهر گور ۾،جو ان وقت مسلمان حاڪم علي مردان جو تختگاهه هو، اتي جي جامع مسجد ۾ آيو ۽ اچي اسلام متعلق چند سوال پڇيائين کيس ماڻهن صلاح ڏني ته هو شهر جي  قاضي رڪن الدين سمرقنديءَ ڏانهن رجوع ڪيص، چناچه اهو جوڳي، قاضي صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ اسلام متعلق چڍند سوال پيش ڪيائين، جن جا جواب قاضي نهايت تسلي بخش  انداز ۾ ڏنا آخر ۾ اٿو جوڳي مشرف به اسلام ٿيو.

اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ ان جوڳيءَ ”فلسفهء يوگ“ تي پنهنجي لکيل سنسڪرت ڪتاب ’امرت ڪنڊ‘ قاضي صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪيو، جنهن جو پوءِ  جلدي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. ڪجهه  وقت کان پوءِ ان ڪتاب جو ترجمو عربي زبان ۾ پڻ  ڪيو ويو. ان جو نالو ’مراة المعاني في ادراڪ العالم الانساني‘، ڪشف الظنون جي صاحب درج ڪيو آهي. فارسيءَ  ان ڪتاب جو نالو ’حوض الحباة“ آهي، ان جو ذڪر شير خان لوڌيءَ ’تذڪره مراة الخيال“ ۾ ڪيو آهي، ۽ ان ۾ هڪ اڌ اقتباس پڻ ڏنو اٿس.

ان ابتدائي ڪتاب کان علاوه بنگال جي ٻين  مسلمان عالمن، مصنفن ۽ انهن جي تصنيفات جا حوالا، تاريخ ۽ تذڪري جي معدد ڪتابن ۾ پڻ ملن ٿا. مثلاً ’منتخب التواريخ‘ ۾ مولانا عثمان بنگاليءَ ۽ ’طبقات اڪبري‘ ۾ شيخ فريد  بنگاليءَ جو پڻ ذڪر موجود آهي. اگر بنگال جي ابتدائي زماني ۾ انهن زبرگن جي حالات کي جمع ڪيو وڃي ته پوءِ اسلاميان هند جي تاريخ ۾ عموماً ۽ پاڪستان جي ابتدائي ادبي تمدن ۾ خصوصاً هڪ بيش بها اضافو ٿيندو.

ڪتاب ”شرفنامهء  احمد منيري

هن مضمون جو معول ڪاب ”شرفنامهء احمد منيري“ جو هڪ واحد قلمي نسخو آهي، جو مولانا عبدالحق صاحب، صدر انجمن ترقي اردو جي ذاتي ڪتب خاني جي زينت آهي. البت هن نسخي جو آخري حصو ڪجهه ناقص آهي. ڪاتب به ڪجهه سمجهدار نه هو، لهٰذا ڪتابت ۾ ڪبه ڪيتريون  غلطيون رهجي ويل آهن، اهو ئي سبب آهي جو ان ڪتاب جي ڪن عبارتن کي سمجهڻ ۾ آخرڪار  ناڪامي ٿي آهي.

ان ڪتاب جا قلمي نسخا ٻين ڪيترن ئي ڪتابخانن،  مثلاً برٽس ميوزم، بوڊلين لئبريري، انڊيا آفس لئبريري، ببليوٿيڪ برلن، ڪتبخانهء ميونچ، ڪتبخانهء ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال، بهار لئبريري، ڪتبخانهء مدرسه وغره ۾ موجود آهن.

ڪتاب جو آغاز(نظم ۾) خدا جي حمد، نبي ڪريم ﷺ جي نعت ۽ شيخ شرف الدين احمد منيري جي مدح سان، ۽ نثر ۾ هڪ مختصر مقدمي سان هن طرح ڪيو ويو آهي.

بسم الله الرحمان الرحيم

بنام خداوند،سهتي بہ است، سر آغاز هر نامہء را ڪہ هست،
خدا وند انس و خداوند جان، خداوند جسم و خداوند (جان).
سپاس و ستايش فزون از قياس، مر اورا ڪہ عقل آفريد(وڪياس).
ڪہ ارد برونش درون بجار، صدف را(نهاده در آبدار).
ز گوهر بياراست دڪان ڪان، ببازار ڪون امر(ڪن فڪان).
عرض را بجوهر ڪند پايدار، بجرح فلڪ نيز بخشد (قرار).
پديد آورد بوالبشر راز طين، همہ ديگران (را ز ماء معين).
دهان بتان گوهر آگين، ڪند، دل بيد لان نيز (غمگين ڪند)
بجزع بتان دلبربائي دهد، گدا را همو بادشاهي دهد.
جنين را  دهد رزق از راهه ناف، ڪسي را سخن(نہ درين بي گزاف).
يگل ناز بخشد بہ بلبل نياز، ز رويء حقيقت.....
خور آرد ز خاور سهيل از يمن، گل آردز گلبن.....
هلال و قمر مي نهد نما مہ، دگر بدر و از......
بانجم بر آرايد افلاڪ را، همان رجم شيطان ناپاڪ را.
خداوندي او را مسلمّ بود، ڪہ از آب و خاڪش....
بہ شش روز در هر چہ هست آَفريد، چهار و شش و هفت آمد پديد.
بسبزش چها حُلہّ پوشڊ بباغ، نهد خور بڪان گوهر شب چراغ،
.... تقدس الٰہ همہ، نمايد بهر سوي راهه همہ.
يڪي را ڪند نيڪبخت ازل، بعون خود از قادر لم يزل.
يڪي را بہ ميخانہ سازد مقام، يڪي را بہ مسجد همہ شب قيام.
يڪي را بخود آشنايء دهاد، چو بيگانہ بيند جدائي دهاد.
يڪي را ڪند بندهء دلبري، يڪي را دهد شاهي ڪشوري،
يڪي را پريشان، و بدبخت ڪرد، تبہ حال و آواره و روي، زرد.
يڪي را دهد چشم بيناي خويش، يڪي را ڪند ڪو روهم گوش ريش.
ڪي راهه ڪہ در حضرتش بار نيست، يڪي  درد و عالم چونو، خوار نيست.
يڪي را ڪہ در سر هواي ريست، گرش سر برين خط بود برتريست،
يڪي راڪہ با او رگ گرد نيس، چوديوش همان  را سقر مسڪنست.
بچون و چرايش ڪسي دم ڪشاد، ڪہ ماهار در دست ابليس داد.
بچون و چرايش ڪجا دم زند، ڪہ دم را ز حوا و آدم زند.
اگر عالمي غرق بحر گناهه، ز عفوش همان قطره عذر خواه
براهيم گر عرق عصيان بود، غمي نيست نامش چو رحمان بود

في نعت النبي عليہ مايستحقہ من افضل الصلوة و اڪمل التحيات

حبيب خدا و شہ اصفيا، صفي جهان و جهان صفا،
 
محمد ڪہ لشڪر ڪش انبيا ست، ڪمين بنده او جهان بادشا ست،
همش نام محمود و احمد نهاد، خدايش دگر هرچہ ميخواست داد،
دو عالم طفيلش خدا آفريد، بهر دو جهان بوي زلفش رسيد،
شد از مڪہ طالع خور دولتش، محيط محيط فلڪ رفعتش
خط استوايش چو يثرب شده، همان يثر بش نيز مغرب شده.
زلولاڪ برسر ڪلاه شرف، ز در ياي فضلش نہ افلاڪ ڪف.
چونداتش نہ مقصود بودي نخست، ڪجا نظم افلاڪ گشتي درست،
وجود همہ  چيز بهر وي است، اگر ارتفاع ضمي و زي است.
هم انبيا خوشہ چين وي اند، بخلد برين اهل دين وي اند.
طرف دار ڪونين و شاه ڪرم، ڪہ هستش ملائڪ ز...
ز اميد واران ڪہ رفتي برش، بدادي زبر جامہ و هم زرش.
در آن شب ڪہ معراج   آن شاه بود، نہ شب بود بل روز با جاه بود.
همہ سروران و سپاه ملڪ، ز روي زمين تا باوج فلوڪ.
همہ سربر در رڪابش بُدند، زهي شرف تا خاڪ رويش شدند،
هہ انبيا بهر ڪسب شرف، سراپاي و بوسہ داد ند و ڪف،
بڪردند عرضش، همہ ڪائنات، نيامد بچشمش عليہ الصواة
بگفتا برون تو هيچ است و هيچ، غلط گفتہ ام جملہ هيچ است و هيچ،
نخواهم گذشت تو چيزي دگر، توئي بهتر و خوشترم در نظر،
در آن بزم محرم نبود هيچ ڪس، همو بود الله و الله و بس،
تمناي موسيٰ بعين عيان، نمودش خداوند ڪون و مڪان.
ز امت ڪہ بودش ز جمع عصاة، بہ بخشيد حقش عليہ الصلواة.
خدايش بگفتہ سرائر بسي، ڪہ ڪم گفت آنرا بر هر ڪسي،
دگر آنچہ در خورد گفتار بود، بگفتا بياران ڪہ بادش درود.
براهيم خواند بهر صبح و شام، نواي صلواتش عليہ السلام.
بر آن چار يارش فراوان سلام، ڪہ بودند بعدش چو قائم مقام.
يڪي محض صدق ود گر عين عدل، يڪي صرف شرم ود گرڪان بذل.
هر آنڪس ڪہ با دو دمانش بُدست، نيامدش جز نعت حق.. بدست.
درود خدا باد بر خاندانش، سلام ملڪ باد بر پيروانش.
هر آنک سي ڪہ او خصم سادات هست، نصيبش همہ جاي عاهات هست،
ڪرا مهر سادات افزون بود، ز عاهات در حفظ بيچون بود،

در مدح حضرت قطب الاقطاب العام مخدوم جهان شيخ شرف الدين احمد يحيٰ منيري

 

مغيث جهان سرور منير است، ڪہ خاڪ در روضہ اش عنبير است،
گل روضہ هر ڪہ بوسيده است، نگيرد گل باغ جنت بدست.
ڪسي  ڪو مجاور در آن روضہ است، بعين يقين عرش را ديده است.
ڪسي را ڪہ باشد در آن روضہ بار، بود روضہ خلد پيشش چو خار.
ڪنون روضہ اش ڪعبہء شاني است، ڪہ باران برو فيض رحماني است.
نسيمش ڪند روح را تازه روح، دهد روح او روح را صد فتوح.
زخاڪ درش توتيا مي سزد، غلط گفتہ ام بل چها مي سزد.
همہ ڪاروانها روان ميرسند، پي خاڪ بوسش بجان ميرسند.
ڪفيل نجات است خاڪ درش، خوشا آنڪسي ڪش بود بر سرش
بر آن شوشہعه تربتش آَفرين، ڪزو نور تابد بچرخ برين.
سمي نبي احمدِ منيري، ڪہ دارد بدو دين حق برتري.
نبي را خليفه خدا را خليل، نجويد درين هيچ بخرد دليل.
نبي را حبيب است و دين را شرف، ازان ڪرد بايش لقب چہ شرف
چنو مرشد ڪمال الحق نبود، ڪہ راه خدا را بهر ڪس نمود،
مريدانش افزون ز حدّ عدد، همہ را ز فيض الاهي مدد
چنان برگزيدش خداي ڪريم. ڪہ آمد عديلش بعالم عديم،
مسيحش اگر خوانم الحق سزد، ڪہ شد مردها زندهه يڪدم ڪہ زد.
همہ  هر چہ گويم ورا مي رسد، و گر راست پرسي چها مي رسد.
هر آنڪس ڪہ در عصر او بوده است. پس آنگہ جبين بردرش سوده است.
ز ابدال و اوتاد اورا شمر، ڪسي را درين نيست حقا نظر.
زلطف و ز رحمت خدايش سرشت، هزار آفرين بر چنين سر نبشت.
ڪي را ڪہ باشد توسل بدو. نچر بد يڪيدر توڪل ازو.
ز حق پارسي گر نبي آمدي، مڪاتيش الحق همي آمدي،
مڪاتيب او ڪان ايمان شمر، بود منڪر او ز ڪافر بتر،
تصانيف اورا همہ عرشيان، بگيرند ازبر پئي حرزجان.
هر آنڪس ڪہ دارد تولا بدو، نرنجد گهي حق تعاليٰ ازو،
نبود و نخيزد چنو يڪدگر، برون پيغمبر جميع بشر،
سلام و صلواة خدا و ملڪ، رسد برسر تربتش از فلڪ،
خدايا بحق جمال بشر، براهيم را از سگانش شمر،
مکن دور او را ز جمع سگانش، مگر استخواني ببايد ز خوانش
ندارد روا قطب عالم مگر، ڪہ گردد سگ حضرتش دربدر.

مقدمہ

”چون بفضل الله تقدس و تعاليٰ و حسن تيسير ڪمترين تلامذه اساتذه خداوندان معاني و فضايل ابراهيم قوام فاروقي را ڪہ برڪت ارغام اقدام زوار روضہ متبر ڪہ بندگي حضرت مخدوم جهان قدس سره عاقبت و خاتمش بخيريت و ارتضائي حق مقرون و مشفوع، باد، بالنبي و عترتہ الامجاد- از ملازمت خدمت عتبہ علياء حضرت عاليہء استاذان  متبحر تغمدهم الله بغفرانہ د رعلم شعر و غزل و تتبع رموز مني لغات و تغحص غموض نثر و مثنويات حظي اجزل و نصيبي اڪمل بحصول موصول گشتہ اين گلدستہ بستان شرف يعني- نظم:

سراپا ڪہ مملو ز در دري است،  شرف نامہء احمد منيري است.

نفاً للاخوان و عراضتہ للخلان در حُيز جمع و  تاليف آورده و در تصحيح اعراب بوسع ما امڪن استقصا نموده، و لغات مترادف در تحت هر لغتي برسبيل تڪرار ميلح در ضمن ابواب و فصول محل  و ذڪر ڪرده و ابداع و اختراع اين صنعت جديد موجب تيسير حفظ و شامل بسيار فوايد است نہ مستوجب انقباض، طبع و سامة خاطر عاطر خداوندان بصيرت، چہ هنگام تتبع يڪ لغت مستفيدان فنون يعني ز فضل(؟) را مستجلب زيادت فوائد مستڪمل مزيد معاني خواهد بود و بعضي محل معني  بيت مستشهد ڪہ شعر بيت ام القصائد شاعران ماهرست از نتيجہ طبع سقيم و وهم سخيف مرقم و مبين فرموده، و در تحت ابواب پيش از وصول فصول اشعار خويش آورده و در اثناي اصول برخي از ابيات و بعضي از غزليات منشات خود درج ڪرده باعث و موجب ان غرض عرض هنرست نہ تائيد و استشهاد، و اختصار تنبيہ مصطلحات شعرا بلفظ تعين معين گر دانيده مقترح، و درخواست از وفور عواطف وفر عوارف خداوند معني و استاذان سخن، طابت، شمايلهم، آنڪ چون اين مجموعہ لغات را بنظر عاطفة و مرحمت مرموق، و ملحوظ فرمايند، مقابح و قبايح و سهو و غلط آنرا بخامہ لطف و ڪرم اصلاح و تزبين دهند، ثواب جميل، و ثمرات جزيل آن را در اثناي حواشي نامہ اعمال خويش مدخر گردانند، نحمده و نصليّ و نشهد انالا الہ الاالله و  اشهد ان محمداً عبده و  رسولہ.

مقدمي مان واضح ٿئي ٿو ته مصنف، حضرت قطب الاقطاب العالم مخدوم جهان شيخ شرف الدي احمد يحيٰ منيري جو معتقد هو، لهٰذا ان ڪتاب کي ان جي نام نامي تي منسوب ڪيو اٿس.

سراپا ڪہ مملوز درّ دريّ است،
شرف نامہء منيري است.

ان مصرع مان ڪتاب جو پورو صحيح نالو ”شرف نامہء احمد منيري، معلوم ٿئي ٿو. حالانڪه ڪتاب جي متن ۾ ٻن جڳهن تي مصنف خود ”ڪتاب شرف نامه“ (زير لفظ دوستگاني) ۽ ”ڪتاب شرف نامه منيري“ (زير لفظ بيروج) پڻ لکيو آهي ٻين  مصنفن ۽ مولفن پڻ ان ڪتاب جو نالو ڪيترن مختلف طريقن سان ”شرف نامہ“، ”شرف نامه منيري“ (۽ مصنف جي نسبت سان) ”شرف نامه ابراهيمي“، فرهنگ”شيخ ابراهيم بن قوام فاروقي،”فرهنگ ابراهيمي“ ، فرهنگ”شيخ ابراهيم بن قوام“ ”فرهنگ ابراهيمي، ۽ ”فرهنگ فاروقي“ لکيو آهي.

تصنيف جو سن

اندروني شاهدين جي بنياد تي يقيني طرح سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ڪتاب سلطان باريڪ  شاهه بنگال جي واليءَ جي زماني 862-879-1457-1474م) ۾ لکيو آهي. حلانڪه قطعي طرح سان اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته مصنف  اهو ڪتاب ڪهڙي سال کان لکڻ شروع ڪيو  يا پورو ڪيو البته ريو (      )  ان جي تصنيف جو سن 870 هه ٻڌايو آهي ۽ بقول  فاضل محمود شيراني ”سنه 872 هه ۾ ابراهيم فاروقيءَ، شرف نامه احمد منيري لکيو آهي.“

مصنف

افسوس  اهو آهي جو فاضل مصنف جا حالات ڪنهن به ڪوشش سان، دستياب نه ٿي سگهيا آهن. اندروني شهادت مان رڳو ايترو ته يقيني طور سان معلوم ٿي سگهيو آهي ته مصنف جو نالو ”ابراهيم“ ۽ والد جو نالو ”قوام“ هو ۽ نسبت جي لحاظ سان ”فاروقي“ هو. سندس ڏاڏي جي ڀاءُ جو نالو مولانا بدر بن ابراهيم هو. جو خود لغت جي فن جو عالم هو. ان فن ۾ سندس هڪ فرهنگ بنام ”زفان گويا“ موجود آهي. جنهن تان اسان جي مصنف، شرف نامه لکڻ وقت استفادو ڪيو آهي.

چنانچه لفظ ”اياده“ جي ذيل ۾ لکي ٿو:

”و دو معني اخير منقول است از”فرهنگ زفان گويا“ ڪه از مصنفات مولانا بدر ابراهيم، برادر جد جامع شرف نامه است“

ان عبارت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مصنف جو تعلق هڪ علمي خاندان سان هو. ۽ سندس  ڏاڏي جي ڀاءُ مولانا بدر کي لغت جي فن ۾ خصوصي دسترس حاصل هئي. چنانچه ان ”فرهنگ زفان گويا“ لکيو، غالباً اهو  ئي ڪتاب آهي، جو اسان جي مصنف جي  لاءِ محرڪ  ٿيو آهي. جنهن کان متاثر ٿي پاڻ“ هڪ جامع فرهنگ يعني ”شرف نامهء احمد منيري“  کي تصنيف ڪيو اٿس.

وطن

مصنف جي وطن مالوف متعلق به ڪو قطعي طرح  سان فيصلو ڪري نه ٿو  سگهجي. البت ڪن اندروني شاهدين جي بنياد تي ائين چئي سگهجي ٿو ته  هو صاحب بهار جونپور(؟) ۽ بنگاله ۾ جدا جدا وقتن ۾ رهيو آهي. ۽ ڪتاب ”شرف نامه“ هن بنگاله ۾ ئي تيار ڪيو آهي.

(1) بهار سان سندس نسبت جو گمان زياده تر منير (بهار) جي  بزرگ شيخ شرف الدين احمد بن يحييا ۽ ان بزرگ جي مرقد سان سندس عقيدتمنديءَ جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ۽ ان ئي بنياد تي ڊاڪٽر ريو سمجهي  ٿو ته ”مصنف بهار شهر جو رهاڪو هو“ ممڪن آهي ته سندس ولادت بهار ۾ ئي ٿي هجي، ۽ابتدائي زندگي به اتي ئي گذاري چڪو هجي ۽ کانئس تقريباً هڪ سئو ورهيه اڳ واري بزرگ ”شيخ احمد منير“ (وفات 782هه) سان عقيدتمندي کيس مورثي ۽ آبائي طور مليل هجي چنانچه ان بزرگ سان سندس عقيدت هڪ مقامي معتقد جهڙي ٿي معلوم ٿئي.

ڪنون روضه اش ڪعبهء است،

ڪه باران برو فيض رحماني است.

مگر ان سان گڏ پاڻ کي ”زوار روضہ متبرڪه“ (مقدمه) پڻ لکيو اٿس. ۽ زوار، گهڻو ڪري پرانهين هنڌ جو باشندو ئي سڏبو آهي. هڪ اندروني شاهديءَ سان البت اهو يقيني طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف بهار ۾  رهيو آهي ۽ کيس اتي  جو ڪافي تجربو آهي.

لفظ ”بيروج“ جي ذيل ۾ لکي ٿو ته هندي ۾ ان کي ”گياهه لڪهمنان“ سڏين ٿا. جنهن جي متعلق، مصنف پنهنجو ذاتي تجربو”در ولايت بهار و ڪوهپايها“ چئي ظاهر ڪيو آهي. اها حڪايت لفظ ”استرنگ“ جي ذيل ۾ به قلمبند ڪئي اٿس.

(2) لفظ (هند) جي ذيل ۾ مصنف پنهنجو هڪ شعر پڻ نقل ڪيو آهي ته:

از قد و مت هست حقا در همه اقليم هند،

شهر جونا پور ما، مانند لؤ لؤ در عدن.

مصنف جي اصلوڪي توڙي عارضي رهائش جي سلسلي ۾ مٿيون شعر نهايت اهم آهي، ان شعر ۾ جونا پور کي هو پنهنجو شهر ڪري ٿو بيان ڪري. ليڪن باقي تفصيلات جي مبهم هئڻ ڪري اهو شعر پنهنجي لفظي معنيٰ تائين محدود رهجي ٿو وڃي. اول ته اهو معلوم نه آهي ته سندس ممدوح ڪير  آهي؟ ٻيو ته خود شهر ”جونا پور“ جي متعلق يقين سان ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. هڪ فوري گمان، شهر”جونپور“ جو ٿي  سگهي ٿو. جنهن جو بنياد سلطان فيروز تغلق 770هه (1371م) ۾ وڌو ۽ جو 797هه کان 811هه (1094-1500م) تائين ”سلاطين شرقيه“ جو پايهء تخت رهيو.

 ان عرصي جي آخري دور ۾ بنگال جي سلطان باريڪ شاهه جي عهد، (862-879هه) ۾ ”مصنف اهو ڪتاب لکيو آهي“ ڇالاءِ ته سلطان باريڪ شاهه خود، سندس ممدوح آهي جيئن اڳتي هلي بيان ڪيو ويندو.

ان صورت ۾، اهو قرين قياس نظر نٿواچي ته مصنف جو خاص ممدوح بنگال جو سلطان هجي ۽ پاڻ سلاطين شرقيه جي تخت گاهه ”جونپور“ ۾ هي ڪتاب لکي يا جنوپور جي تعريف ۾ رطب اللسان رهي، لهٰذا غالب گمان اهو آهي ته جونا پور مان مراد مشهور و معروف شهر جونپور نه  پر هو ڪو ٻيو  ڳوٺ ”جونا پور“ يا ”جهونا پور“ ٿي سگهي ٿو. ۽ ممدوح جي ذڪر جي لحاظ سان، ممڪن آهي ته اهو شهر بنگال جي حدن ۾ ڪٿي واقع هجي، تاهم اهو مسئلو اڃا به وڌيڪ  تحقيق  طلب آهي.

(3) غالباً فاضل محقق حافظ محمود شيرانيءَ جو هي قول آهي ته هن ڪتاب (شرف نامهء احمد منيري) جو مؤلف، مولانا احمد فاروقي، بنگال جو باشندو هو. (27)

(الف) اول ته بنگال جو سلطان باربڪ شاهه بن ناصر شاهه، مصنف جو خاص ممدوح هو. شرف نامه جي مڪمل قلمي نسخن جي آخر ۾، خاتمي کان پوءِ سلطان باربڪ شاهه جي مدح ۾ هڪ قصيده مرقوم آهي جنهن جو مطلع ۽ آخري شعر هن طرح آهي.

مطلع:

بوالظفر باربڪ شاهه، شاهه عالم باد وهست،

درنگين او هميشه ملڪت جم باد و هست.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com