سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :17

اسان ان ۾ ارها ڪين آهيون. علم ۽ فن جي مختلف مسئلن جي علمي ۽ فني، محققانه ۽ مورخانه تحقيق بيشڪ ٿيڻ گهرجي، پر ان سان گڏ، سنڌ جي شاعرن کي آخر ’مهراڻ‘ کان ڇو الڳ رکيو ويو آهي؟ آخر سنڌي شاعرن کان ڪهڙي بدي سرزد ٿي آهي!

        ههڙي پر آشوب ۽ وحشت خيز دؤر ۾، شاعر ئي آهن، جي وجد انگيز رنگيني ۽ روح پرور زندگي پيدا ڪري سگهن ٿا. ههڙي جسس واري ۽ خشڪ، مُنجهيل ۽ پريشان وقت ۾، شاعر ئي آهن، جي زندگيءَ جو پرمسرت پيغام ڏئي سگهن ٿا. اڃا تائين سمجهه ۾ نه آيو آهي ته شاعرن جي فن تي ايترو ڏمر ڇو آهي؟ خدا ڪري ته ’مهراڻ‘ دوباره، شعر جي رنگينيءَ سان اچي! – عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي، ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، ضلع ٿرپارڪر.

        *السلام عليڪم: ’مهراڻ‘ جو 3-4/ 1966ع جو پرچو، جنهن عالمانه ۽ محققانه مواد تي مشتمل آهي، ان کي پڙهي خوشي ٿي آهي. حضرت علامه قاضي صاحب جن جي خطاب جو هر حرف، وجداني ۽ بصيرت انگيز دعوت آهي. جديد انسان جي فڪر جي ترجماني اڃا ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي ڪري سگهجي:

ان طرح ٻيا به سڀ مقالا پسند آيا.

        ’بلوچ قوم جي تاريخ‘ تي نواب جان علي خان لغاريءَ، هن قسم جو مفصل ۽ مدلل بحث لکي، سنڌ جي قومي روايات ۽ علم الانساب تي تمهيدي ۽ ابتدائي روشنيءَ وڌي آهي. منهنجي خيال ۾ اهو مسئلو، اڃا به بحث طلب آهي.

        اسان جي خانداني روايت ۾، بلوچ قوم متعلق جو ڪجهه موجود آهي، اهو ڪنهن ٻئي ڀيري عرض ڪندس. مختصر طرح سان، اسان وٽ روايت آهي ته ’بلوچ‘ ڪنهن هڪ قوم ۽ هڪ پاڙي کي نه ٿو سڏي سگهجي. ٽن هزارن سالن جي دور کان به اڳ، جي قومون، مصر ۽ عراق ۾ خانه بدوش رهيون، ۽ وچ ايشيا ۾ وقت بوقت هلنديون رهيون، انهن جو به چڱو حصو، اڄ ’بلوچ‘ سڏجي ٿو. ان طرح 14 صديون اڳ بنو اميه دور ۾، خاص ڪري يزيد جي دور ۾، جيڪي مختلف قبيلا، هجرت ڪري، عراق ۽ عرب کان نڪتا، سي ايران ۽ سنڌ جي سرحد تي اچي لٿا. انهن مختلف قبيلن جي باهمي آميزش سان ”بلوچ“ قوم جو بنياد پيو. انهن جي اچڻ کان گهڻو پوءِ ’بلوچستان‘ جو نالو وجود ۾ آيو. اسان وٽ اها به روايت آهي ته ’بلوچ‘ اسان جي مورث اعليٰ ميان اوڍاڻي رحمة الله سان مريدانه تعلق هيٺ وابسته هئا. اهو ميان صاحب عرب مان هجرت ڪري، مڪران ۾ آيو، اتي رهيو ۽ حاڪم وقت جي دختر سان شادي ڪيائين. کين، ’ڪَلَهڙ‘ يعني ’اڪيلو‘ سڏيو ويو، جنهن مان ’ڪلهوڙا‘ نالو پيو، ورنه عباسي خاندان مان هو. سندس ان عزت ۽ مقبوليت کان پوءِ سندن مريد قبيلا، رفته رفته ايندا رهيا ۽ سنڌ ۽ بلوچستان تائين پکڙجي ويا، جي ايران جي اوڀر – ڏکڻ ۾ گم نام ۽ لڪل هئا. حسب نسب جي خصوصيت ۽ قومن ۽ پاڙن جي تقسيم، سنڌ کان بلوچستان ويندي ۽ بلوچستان ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ وجود ۾ آيون. اهو اسم ۽ لقب، ”بلوچ“ به ان طرح وجود ۾ آيو. يعني اهو لقت قديم نه آهي. ان سلسلي ۾ فردوسيءَ جا شعر پيش ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ بلوچ قوم جو ذڪر آهي. انهن جي به ڪا تاريخي حيثيت ڪانه آهي. ڪيترن محققن انهن جي الحاقي هجڻ تي زور ڏنو آهي. ان طرح بلوچن جو ٻيو شاهاڻو دور به چند صدين جي تاريخ تي مشتمل آهي. سنڌ جا سڀ بلوچ قبيلا، اسان جي بزرگن – ميان آدم شاهه، ميان نصير محمد ۽ ميان يار محمد ۽ ميان نور محمد – جا مريد هئا. اهوئي سبب آهي، جو جيتريون معتبر روايتون اسان وٽ موجود آهن، ايتريون شايد ٻئي ڪنهن وٽ نه هجن. ان طرح حضرت علي عليه السلام جا خزانچي جي جَت ۽ جاٽَ هئا، سي به بلوچ نه سمجهڻ گهرجن. اهو لقب گهڻو پوءِ پيدا ٿيو. بهرحال محققن کي ان تي تحقيق ڪرڻ گهرجي.

-         ڊاڪٽر رحم علي عباسي، صدر بازار، حيدرآباد (سنڌ).

*السلام عليڪم: ’مهراڻ‘ 3-4/1966ع مليو، سڀ مقالا مطالع ڪيا ويا. اوهان علم ۽ فن جي هر پهلوءَ تي، اهڙا معياري مقالا پيش ڪري، سنڌي ادب ۾ جاندار اضافو ڪيو آهي. ان سان گڏ خوشيءَ جي اها ڳالهه به آهي، ته اسان وٽ لکندڙن جي اهڙي کوٽ نه رهي آهي.

’بلوچ قوم جي تاريخ‘ متعلق ٻه علمي خط آيل آهن، اهي موڪليان ٿو. ان سلسلي ۾، ڪيترن اهل علم دوستن کان روبرو ڪجهه مواد به حاصل ڪيو اٿم، جو ٻيءَ قسط ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ باقي مسئلن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي.         بيشڪ، ’مهراڻ‘ اهڙي بلند معيار تي پهتو آهي، جنهن جو مقابلو ڪي به ٻيا اردو رسالا ڪري نٿا سگهن، شعر جي چاشنيءَ کان خالي هوندي به منجهس تلافيءَ جو ڪافي سامان موجود آهي. ڪاش! سنڌ جي شاعرن جي جواهر پارن سان، اڳ وانگر ’مهراڻ‘ کي پيش ڪرڻ جو ڪو واءُ وَري. جناب مخدوم صاحب جن کي هن سلسلي ۾ خاص عرض آهي، ڇا لاءِ ته پاڻ نه فقط وڏو شاعر آهي، پر ان سان گڏ، حساس دل جو مالڪ به آهي!

-نواب جان علي خان لغاري، تاجپور.

*’مهراڻ‘ جو تازو پرچو، بابت جلد 15، نمبر 3 ۽ 4 منهنجي هٿ ۾ آهي. هونءَ ته اڪثر ڪري، ’مهراڻ‘ جو مطالع ڪندو آهيان. ان جي معيار کي ڏسي، ائين چئي ٿو سگهجي ته ’مهراڻ‘ نهايت شاندار علمي ۽ ادبي خدمت ڪري رهيو آهي. دعا آهي ته الله تعاليٰ اوهان جو حامي هجي، ۽ ’مهراڻ‘ پنهنجي روشن معيار ۽ تابنده روايات سان آباد ۽ شاد هجي!

ان پرچي ۾ نواب حاجي جان علي خان لغاريءَ جو مضمون، بلوچ تاريخ متعلق پڙهي، بيحد مسرت ٿي. ’مهراڻ‘ جي اها خدمت تحسين جوڳي آهي، جنهن جي معرفت، بلوچ قوم کي دعوت فڪر ڏني وئي آهي. موضوع نهايت دقيق ۽ تحقيق طلب آهي.

چاڪر خان رند، مدير معاون رسالو ’بلوچي دنيا‘، 29 رائيٽرس ڪالوني، ملتان.

علمي خط

”موهن جو دڙو“ يا موئن جو دڙو؟“

        هن کان اڳ، ’مهراڻ‘ 3-4، 1966ع ۾، مون موهن جي دڙي“ جي موجوده حالت ۽ ان جي حفاظت لاءِ مناسب اپائن وٺڻ لاءِ گذارش ڪئي آهي.

        هن وقت فقط ان مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ مناسب ٿو سمجهان، جو مسئلو پاڪستان جي مشهور اخبار ’ڊان‘ ۾ شروع ٿيو آهي. ان مسئلي ۾ نه فقط ’موهن جي دڙي‘ جي قدامت ۽ قديم تهذيب تي بحث ڪيو ويو آهي، پر ان سان گڏ، سندس ”لسانيات“ تي به ڪافي لکيو ويو آهي.

        ٻولين جي ماهرن پنهنجي مطالعي آهر ڪافي دليل ڏنا آهن. سڀ کان دلچسپ پر افسوسناڪ بحث آهي ان عظيم ۽ شهره آفاق قديم دڙي جي نالي جو بحث!

        اسان جي ڪيترن محققن، پنهنجي بحث ۾ خواهمخواهه ’موهن ۽ مهن‘ جي بدران ’موئن‘ لکڻ جي بدعت رائج ڪرڻ شروع ڪئي آهي، جنهن کي ڏسي اسان جا اردو دان ڪالم نويس توڙي اردو اخبارن جا ليکڪ زور ڪري، ’موئن جو دڙو‘ لکڻ لڳا آهن. نه معلوم ڇو کين ’موهن جو دڙو‘ سڏڻ ۽ لکڻ ۾ هٻڪ محسوس ٿي ٿئي! حالانڪ علم آثار قديمه جو تعلق رڳو نالي سان نه آهي، نالو ته اهو ئي ورتو ويندو آهي، جو اتي جا رهاڪو استعمال ڪندا آهن. اصل ڪاوش ۽ محنت، ان قديم کنڊر جي تهذيب، تمدن، ٻوليءَ ۽ معاشرت تي ڪئي ويندي آهي.

’موهن جو دڙو‘ هزارن سالن کان هلندو ٿو اچي. خود کوٽائي ڪندڙ عالمن، مارشل ۽ بئنرجي به ’موهن جو دڙو‘ لکي چڪا آهن. اهو ظاهر آهي ته اهي انگريز محقق نڪو متعصب هئا ۽ نڪو سطح بين. انهن نهايت مخلصانه نموني ۾ ڪم ڪيو آهي، ۽ ان دڙي جو نالو، ان دؤر ۾ اتي جي آسپاس وارن کان پڇي، جاچ ڪري، انهن جي اُچار ۽ تلفظ کي سمجهي سوچي اختيار ڪيو آهي. اڄ به ان پاسي جا ماڻهو ’مهن جو دڙو‘ ۽ ’موهن جو دڙو‘، سڏين ٿا.

        اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه چئبي، جو اسان جي ڪن محققن کي ’موهن‘ لفظ مان ’هندوبت‘ جو ڊيڄڙو ٿي چڪو آهي. حالانڪ اهو ’موهن‘ ته هزارن سالن کان مروّج هوندو. اهو قديم شهر، محققن وٽ پنجن کان ڏهن هزارن سالن تائين قديم آهي، يعني آريه تهذيب ۽ مهاڀارت کان به هزارين سال اڳ. ان طرح اهو قديم نالو به هرحال ۾ قديم ئي سمجهڻ گهرجي. فرض ڪجي ته ان قديم شهر جي ناس ٿيڻ کي پنج هزار سال گذريا آهن، ته پوءِ لازمي طرح چئبو ته اڄ تائين ’موهن‘ لفظ کي به پنج هزار سال ٿيا آهن.

        سڀ کان وڏو ثبوت آهي، اتي جي رهواسين ۽ واقفڪارن جي اُچار جو. اڄ به ڏوڪريءَ طرف وڃي پڇي ڏسبو ته هر ڪو چوندو ’موهن جو دڙو‘، يا ’مهن جو دڙو‘، پر ڪوبه ’موئن جو دڙو‘ نه چوندو! افسوس آهي جو ريلوي وارن، خواه مخواه ضد کان ڪم وٺي، اسٽيشن تي، ’موئن جو دڙو‘ جو بورڊ هڻي ڇڏيو آهي!

        آخر چار درجا سنڌي ڄاڻندڙ به سمجهي سگهي ٿو ته ”موئن“ ته ڪوبه مروّج لفظ ڪين آهي. ’مئو‘ ’مئا‘ ’مئلن‘ چئبو آهي، پر ”موئن“ نه چئبو آهي.

        اهڙن جي خيال ۾ اگر مئلن جو دڙو سمجهڻ گهرجي ته پوءِ کيس سڏجي به ”مئلن جو دڙو“ ۽ نه ”موئن جو دڙو“. آخر ”موئن“ جو تڪلف بيجا ڇو ٿو ڪيو وڃي!

        سچي ڳالهه ته اها آهي ته ’موهن جي دڙي‘ جي وجهه تسميه تي، سرڳواسي ڀيرو مل مهر چند جو ڪجهه لکيو آهي، ان کي ڪافي سمجهڻ گهرجي ها، ان تي اجائي بحث مباحثي جي ڪابه گنجائش ڪانه هئي.

        اها به حقيقت آهي ته اهو ’موهن‘ جو لفظ اسان وٽ ڪو نئون نه آهي ۽ نڪو هندن جي اثر ۽ زبان مان آيل آهي. پري نه وڃڻ گهرجي، رڳو سنڌ جي مشهور معروف قلعي ”رني ڪوٽ“ متعلق، سَن ۽ مانجهند جي ماڻهن کان جاچ وٺجي ۽ خود ان پهاڙي علاقي جي گائنچن ۽ کوسن کان پڇا ڪجي ته آيا، رني ڪوٽ جي پريان وهندڙ نئين جو نالو ڇا آهي؟ ته هو بنا هٻڪ جي چئي ڏيندا، ”موهن نئين“ يا ”نئين موهن“. حالانڪ انهن ساده دل پهاڙي ايل پوانهرن کي ڪوبه پتو ڪين آهي ته ڪو ’موهن‘ لفظ متعلق تاريخ ۽ تهذيب، لسانيات ۽ آثار قديم وارن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي چڪو آهي. ٻيو ته سنڌ جي روينيو رڪارڊ کي جاچي ڏسڻ سان سنڌ ۾ سوين ديهون اهڙيون مليون آهن، جن جو نالو آهي ”ديهه موهن“ ۽ ”موهن – ديهه“. اهو سڀ ڪجهه لاشعوري طور ٿيندو آيو آهي، ۽ يقين غالب آهي ته ان لفظ جو رواج ممڪن آهي ته عربن کان به اڳ کان وٺي هلندڙ هجي، ڇو ته قديم سنڌي زبان ۾ اهو لفظ پنهنجي مشتقات ۽ ماخذات سميت موجود به رهندو آيو آهي ۽ استعمال به ٿيندو آيو آهي. ان مان اهو مقصد نه آهي ته ’موهن جي دڙي‘ جو واسطو به ان قسم سان آهي، بلڪ نه، ٻڌائڻو اهو آهي به اهو ’موهن‘ قديم الايام کان سنڌ ۾ موجود ۽ مروج رهندو آيو آهي. رڳو دڙي سان وابسته نه آهي.

        ’موهن‘ جي لساني پهلو متعلق ڀيرومل لکي ٿو:

”ڏوڪري اسٽيشن کان فقط ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي، هڪ ويرانو آهي، جو عام طرح ”مهن جو دڙو“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن انهيءَ نالي جي جامعنيٰ ڄاڻائي آهي: ان مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ’مئن جو دڙو‘ ۽ رڳو چُڪَ کان ’مئن‘ بدران ’موهن‘ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو ته پڪ ٿيندين ته صحيح اُچار آهي، ’مهن جو دڙو‘ ۽ ڪي ’مهين جو دڙو‘ به چون ٿا، ٻنهي جي معنيٰ آهي، ’مات ٿيلن جو دڙو‘.“

        ”سنڌيءَ ۾ ’ماهو‘ معنيٰ خون يا ڪوس. ڪٿي لَٺ لڳندي آهي، ۽ ڪي ماڻهو اُڦٽ مري ويندا آهن ته چئبو آهي ته ’ماهو‘ ٿيو. ساڳيءَ طرح جنگين ۽ زلزلن سبب به ’ماهو‘ ٿئي ٿو.

        ”’ماهو‘ جو بنياد يا ڏاتو آهي سنسڪرت لفظ ’مش‘، ۽ معنيٰ ڪُهَڻ يا ناس ڪرڻ.

        پراڪرت ۾ ان جو اُچار آهي ’مهه‘، سنڌيءَ ۾ چئون ’مهو- ماهو‘.

        ”ان جو ڦيرو ڪبو ته عام صورت واحد ۾ چئبو ’مهي –ماهي‘ ۽ جمع ’مهن – ماهن‘.

        پر ’مهين‘ به چئبو آهي: انهيءَ سبب ’مهن جو دڙو‘ معنيٰ ”مات يا خون ٿيلن جو دڙو“.

(قديم سنڌ ص 73)

        مان ڀانيان ٿو ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه وضاحت اطمينان بخش ٿي نٿي سگهي. اهو ظاهر آهي ته ان قديم شهر جا ماڻهو، يا ته ڪنهن زلزلي ۾ ناس ٿيا آهن، يا درياءَ جي ٻوڏ ۾ مئا آهن، يا ڌارين جي حملي ۾ ڪوس ٿيا آهن: ٽنهي حالتن ۾ ”ماهو“ ٿيو آهي، جنهن کي جمع ۾ ”مهن يا ”موهن“ چيو ويو آهي، ان طرح لطيف به ان ئي معنيٰ ۾ چيو آهي:

ڪُهَنِ تان ڪَرَ لَهَن، ڪَرَ لَهَن تان ڪُهَن،
سي ئي ماءِ، ’مُهَنّ‘، سي ئي راحت روح جي.

(ڪلياڻ، داستان-3)

        ان سلسلي ۾، مرزا قليچ بيگ جي ”لغات لطيفي“ ص 12، سر ڪلياڻ ۾ پڻ، مُهَڻ جو مطلب، عذاب ڏيڻ، رنجائڻ، فنا ڪرڻ، ناس ڪرڻ آيل آهي.

        مسٽر حيدر بخش جتوئيءَ جو چوڻ آهي ته موهن جو دڙو اسان جي ڀرسان آهي، اسان ابن ڏاڏن کان اهو نالو ٻڌندا ٿا اچون. اڄ به عام خاص ماڻهو ’موهن جو دڙو‘ چون ٿا.

        ان طرح ’رني ڪوٽ‘ جي ڀرسان وهندڙ نئين جو نالو ’موهن نئين‘ آهي، ان لاءِ جناب جي . ايم . سيد جو چوڻ آهي ته ’موهن – نئين‘ سرڪاري رڪارڊ ۾، ۽ جاگرافين ۾ ۽ نقشن ۾ آيل آهي، ۽ اهو لفظ عام آهي، ۽ ايامن کان وٺي سنڌ ۾ هلندو ٿو اچي. هن پرڳڻي جي هر هڪ باشندي کي ’موهن – نئين‘ چوندي ٻڌبو آهي.

        مسٽر جمال ابڙي جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي والد، مرحوم علي خان ابڙي (مشهور تعليمي آفيسر) سان، گهٽ ۾ گهٽ 10- 12 ڀيرا اتي ويو هوس. اتي آسپاس جا ماڻهو ’موهن – نئين‘ چوندا آيا آهن.

        ان طرح آثار قديمه جي پراڻن، انگريزي، اردو ۽ سنڌي رسالن ۽ ڪتابن ۾ ’موهن جو دڙو‘ آيل آهي. خدا شال، کين مَتِ ڏئي، جئن هو ان مسئلي تي اجايو تڪرار نه ڪن.

-         محمد علي ’جوهر‘، جنرل سيڪريٽري، جمعيت الشعراء، لاڙڪاڻو (سنڌ)

فڪري آزادي ۽ قومي مفاد.

        ’مهَراڻ‘ (3-4/1966ع) ۾ نيشنل بُڪ سينٽر جي ٻه – اکيائي پڙهي نه اچرج لڳم ۽ نڪي ڪاوڙ ٿي آئي. سنڌي ڪتابن ۾ سنڌي ناشرن کي انعام ملڻ ته ڇڏيو، رڳو سنڌي ٻوليءَ کي سکڻو جيئڻ ئي ڏنو وڃي ته شڪر ڪجي. ’ڏاڍو سو گابو‘ واري زماني ۾ ’نياءُ ۽ انياءُ‘ جي جهنجهٽن تي سوچڻ ئي پنهنجو مٿو ڪنو ڪرڻو آهي. جيتوڻيڪ انياءَ جي وٽ کان چڙهيل ڏاڍائي، اسان ٻارن ڏکڻن روحن کي گهڙيءَ گهڙيءَ ڏکوئيندي ۽ ڏنڀيندي رهي ٿي، پر ڇا ڪجي جو زماني ۾ واءُ ئي اهڙو پيو لڳي. هينئر دنيا جي وڏي ۾ وڏي ملڪ چين اندر ’ويچار ڪجهه هن ريت آهن:

        ”’مائو‘ جو زمانو اُهو زمانو آهي، جنهن ۾ پورهيت، ڪڙمي ۽ فوجي ماڻهو، انقلاب جي فلسفي ۽ انقلابي ويچار جا ڄاڻو ۽ سڃاڻندڙ هوندا. اِهي ئي اُهي ماڻهوهوندا، جيڪي وڏي ’سوشلسٽ ثقافتي ٿيري‘ جي اصلوڪي سگهه ۽ ساهه هوندا. انهن جي ڀيٽ ۾ مفڪر، ريسرچ اسڪالر، ماهر ۽ پروفيسر صاحب هوندا، جيڪي ڄاڻي ٻجهي سادين – سودين شين کي وَرَ وڪڙ وجهڻ ۽ اسراري رنگ ڏيڻ ۾ ڦُڙت آهن ۽ اهڙو ڏانءُ رکن ٿا. پر اُهي وڏيون وڏيون ڳالهيون اسان کي ٺڳي نه سگهنديون.“ (’لبريشن آرمي ڊيلي‘ 4- مئي 1966ع)

        چين جي ٻي عام اخبار ’پيپلز ڊيلي‘ پنهنجي 1- جون 1966ع جي ايڊيٽوريل ۾ لکي ٿي: ”سرمائيداريءَ واري ذهن جا عيوضي جيڪي پاڻ کي اسڪالر ۾ اٿارٽي سمجهن ٿا، سي انهيءَ سِٽا ۾ آهن ته هو عام ماڻهن ۽ پورهيتن تي پنهنجي غلط بالادستي قائم رکن. اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن، جيڪي اهڙيءَ ريت هوريان هوريان سرمائيداريءَ کي جيارڻ گهرن ٿا.“

        يعني سوسائٽي ۾ موچاري ۽ اُچي جاءِ، ڏاٽي ۽ هٿوڙي کي ملڻ کپي. قلم ۽ ذهن ته سرمائيداريءَ جون نشانيون آهن ۽ انهن جي ڇُڙواڳي پرولتاري سماج لاءِ ڊپ ڀري آهي. هن کان اڳ اسٽالن ۽ ٽراٽسڪيءَ جو جهڳڙو به اصل ۾ شايد هٿوڙي ۽ قلم جو ئي جهيڙو هو، جنهن جو انت پهريان ٽراٽسڪيءَ جي ڏيهه نيڪالي ۽ نيٺ ڌارين ملڪ ۾ ٽراٽسڪيءَ جي قتل تي ئي ٿيو. هڪ ٺهيل ٺڪيل فارمولا تي، لکين ليکن کي ادب جي نانوَ ڏيڻ سان 1917ع کان وٺي اڄ تائين، روس ۾ ڪو گورڪي يا ٽالسٽاءِ پيدا ٿي نه سگهيو آهي. ٿورا ورهيه اڳ ’ڊاڪٽر زواگو‘ جي لکندڙ جو نتيجو دنيا ڏسي چڪي آهي. هاڻي نئين چين جي ابي جي خيالن جي جهلڪ ۾ ائين پيو ڏيکارجي، ته ڪروڙين چيني ۽ انهن جي سوچ جا ترجمان پارٽيءَ جي بڻايل فارمولا جي ليکن کان ٻاهر نه نڪرن.

        هاڻي سوچڻو هي آهي ته ماڻهوءَ ذات جي ڀلائي، مغز ۽ قلم وٽ آهي يا بندوق ۽ ڏاٽي وٽ؟ رهنمائيءَ جو حق ۽ جاءِ، ويچار ۽ ڌيان کي ملڻ گهرجي يا ڌُڪي ۽ گوليءَ کي؟

ترار باندر جي هٿ ۾ هئڻ گهرجي يا ماڻهوءَ جي مُٺ ۾؟

        هڪڙي يا ڪجهه ماڻهن جي ٺاهيل ۽ سوچيل خيالن جي پوئلڳي ۽ مڃتا، هر هڪ لاءِ ضروري آهي يا هر هڪ ماڻهوءَ کي ڪجهه پنهنجي سوچ هلائڻ جي اجازت ۽ مهلت به ملڻ کپي؟

        ڇا شخصي يا خاص طرح فڪري آزادين جي نڙگهٽ وڍڻ سان قومي آزادي جي بوتي ۾ ساهه وجهبو آهي؟

        قوم ۽ شخص، فرد ۽ معاشري جا هڪ ٻئي تي ڪهڙا ڪهڙا حق حقوق آهن؟

        ڇا اڄڪلهه جي زماني ۾ جڏهن ته الهامي مذهبن ۾ به نئين طريقي ۽ عقلي ڳالهين ۽ تجديد جي جذبن جو وڏيءَ دل سان آڌرڀاءُ ڪيو پيو وڃي، تڏهن هڪ سياسي مذهب (ڪميونزم) جي بڻايل حدن ۾ انساني فڪر کي ۽ فڪري ماڻهن کي ٻوساٽي رکڻ جائز چئي سگهجي ٿو؟

        ڇا اديب ۽ شاعر کي پورهيتن ۾ شمار ڪري نٿو سگهجي؟

        سماج لاءِ ۽ سماجي جياپي جي سٽاء ۽ سونهن لاءِ ذهن جو پورهيو به جسم جي پورهئي جيترو مکيه آهي يا نه؟

ڇا هڪڙوئي ماڻهو ٻنهي قسمن جي پورهين تي هڪ جيترو وقت ۽ ڌيان سيڙائي سگهي ٿو؟

        اديب کي پنهنجون خلقڻ جون طاقتون، پارٽيءَ جي پرچار لاءِ هر گهڙيءَ ڪم آڻڻ گهرجي، يا سچيءَ نيت ۽ صاف سوچ سان، جيڪي ۽ جيئن ڏسي سمجهي ۽ ڄاڻي، ان کي هوبهو ائين ئي ظاهر ڪري؟

        انهن سوالن جا ٿڌي – ٿانهري ئي ڍنگ سان جواب ڪير ڏئي؟ پر اهڙا سوال ٻڌندو ۽ پڇندو ئي ڪير!

        نيٺ هيءُ جهيڙو ڪير نباهي؟

        جنهن ملڪي، قومي يا سياسي جوڙجڪ ۾ هڪ ماڻهو، هڪ خيال، هڪ طاقت يا هڪ طرفي سوچ کي ئي وقت ۽ وارو ملي وڃي، اُتي فرد حقير آهي يا باوقار؟

        اهڙيءَ ريت فرداً فرداً بيتوقيري، اڳتي هلي ساري انسان ذات جي بنيادي حقن جي بي آبروئي بڻجي پوي ٿي يا نه؟

سماج ۾ عزت ڀري ۽ اڳواڻي واري جاءِ جسماني پورهيت کي ملي ۽ ذهني پورهيت (انٽيلڪچوئل) کي نه ملي – اِهي ويچار، سمجهه، ڄاڻ، ادب ۽ آرٽ جي آئيندي لاءِ توجهه گهرن ٿا.

جيئن سرمائيدار ملڪن جي سماجي زندگيءَ ۾، جسماني پورهيت کي سندن حقي جاءِ نه ٿي ملي، بنهه ائين ئي ايشيا جي عظيم ملڪ چين جي پرولتاري آمريت ۾ ذهني پورهيت جي پاڙ پٽڻ ۽ ان کي پارٽي فارمولا جو ذهن – ٻڌي ٻانهي بنائڻ جي هلچل هلي رهي آهي. هي مسئلو سياسي مسئلو نه آهي، پر اسان جي پاڙيسري دوست ملڪ جو هڪ وڏو ڪلچرل مسئلو آهي، جنهن جو سڌو يا اڻسڌو اثر ساري ايشيا ۽ خاص طرح اسان تي به پوڻ لازمي آهي، تنهن ڪري اسان به ان بابت سوچڻ کان واندا ويهي نٿا سگهون. هن چُر پُر کان ڪن – لاٽار ڄڻڪ پنهنجي پاڻ کان اکٻوٽ آهي. ساري دنيا ۾ اڄڪلهه جهيڙو ئي مُکپڻ تي آهي. هر ڪو سَوڙ پاڻ ڏانهن پيو سوري. ڪهڙو ٽياڪڙ ٿئي ۽ ڪير سمجهائي ته مکپڻو ڪنهن کي سونپڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ ساهت ۽ آرٽ لاءِ ايشيا ۽ آفريقا ۾ ترت ئي اهڙا ڏينهن اچڻ وارا آهن، جهڙا اڳ شايد ئي ڪڏهن گذريا هجن. هاڻي ته هڪ ذهين ماڻهوءَ لاءِ قومي فائدي ۽ نقصان جون ڳالهيون ايترو ته منجهيل ۽ منجهائيندڙ ٿي پيون آهن، جي مٿي جو مِکُ ۽ جگر جي رت ئي سڙيو کاميو وڃي. ڪيترا چڱا ماڻهو پڇا ڪري چڪا آهن، ته اوهان کان وٺي مون تائين – سڀني سنڌي شاعرن کي ’ڪڻڪ پوکي ڪڻڪ کاءُ، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم‘، جهڙا شعر به لکڻ کپن يا نه؟ هن نموني جا قومي نغما ٺاهجڻ گهرجن:

’پنهنجو ڀلو گر چاهين، يارَ،   پيدا ڪر تون ٿورا ٻارَ.‘

فيملي پلاننگ ۽ ’ڪڻڪ زياده اُپايو‘ به ’ادب‘ ۾ سمائجي سگهن ٿا، ڪيئن؟ چين کي جيڪڏهن اڄ ’ثقافتي ڦيري‘ جي گهرج پئي آهي ۽ صدر ليوشائوچيءَ کي رڳو ڄاڻن، ليکڪن ۽ ڪلاڪارن جي ذهني نمائندي سمجهندي، عظيم مائوءَ جا پورهيت پوئلڳ، ڦاهيءَ تي چاڙهڻ جي گهر ڪري سگهن ٿا، ته سڀاڻي ٿي سگهي ٿو جو ٻين جو به وارو اچي وڃي – تڏهن چوڻ وارا پيا چون ته، اديبن کي جيڪي ويچارا مَسَ ساهه تڳائي رهيا آهن، تن کي سندن ڪتابن تي سرڪاري انعام ملڻ جي سَڌَ رکڻ کان چڱو آهي ته ادب خلقڻ ۽ دماغ ڪم آڻڻ جي ڏوهه کان اڳو – پوءِ توبهه تائب ٿي، لٺ هٿ ۾ ڪري اوسي پاسي طرف گهاٽن ٻيلن ۾ وڃي ڍڳيون چارڻ گهرجن. (پر جيڪڏهن اُتي به فاريسٽ جي پٽيوالن جي نظر کان بچي سگهن!)

ڀلا جڏهن ’فردوسي اسلام‘، ’خانبهادر‘ حضرت حفيظ جالنڌري فرنگي راڄ ۾ فوجي ڀرتيءَ لاءِ شاعر خاص روڪروٽنگ آفيسر ٿيو ۽ اڄ پي – آءِ – اي جي شان ۾ اشتهاري نظم لکي سگهي ٿو ۽ جي اهو سچ آهي ته پوءِ، اسان کي به مداحن ڳائڻ کان عار ڪرڻ کپي ڇا؟ ائين ئي ته انعام سان جهوليون ڀرجي وينديون. ادب کي اڄ ڪير ٿو سڃاڻي!

شاعر ۽ اديبن کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو ئي پوندو. مون کي ’مهراڻ‘ جي اديبن ۽ پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو. – و السّلام

-         ذوالفقار راشدي (پير ڳوٺ)

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!

                                       (شاهه)

                                          (غ.م.گ)

بيگم عطيه فيضي.

        پاڪستان جي مشهور ادب نواز ۽ فنڪار هستي، بيگم عطيه فيضي، 4- جنوري 1967ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، ان طرح هڪ بين الاقوامي شهرت يافته شخصيت کان ادب ۽ آرٽ محروم ٿي ويو. بيگم عطيه جي ذات، فن ۽ ثقافت جي هڪ انجمن هئي. سندس عمر 86 سال هئي. سندس شمار برصغير هند – پاڪ جي چند عظيم شخصيتن ۾ ٿي چڪو آهي.

        بيگم عطيه، پنهنجي پوري عمر، علم ۽ فن، ثقافت ۽ ادب جي خدمت ۾ صرف ڪئي آهي. پاڻ 1881ع ۾ استنبول ۾ پيدا ٿي. سندس ابتدائي تعليم بمبئيءَ ۾ ٿي ۽ اعليٰ تعليم لنڊن ۾ حاصل ڪيائين. سندس خانداني تعلق مشهور طيب جي خاندان سان آهي. سندس والد ترڪيءَ جي خليفي جو مشير ۽ وزير رهي چڪو آهي. سندس شادي 1903ع ۾ ملڪ جي مشهور فنڪار فيضي رحمين مرحوم سان ٿي. بيگم عطيه، ڪانگريس، خلافت ۽ مسلم ليگ تحريڪن ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. سندس مداحن ۾ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، قائداعظم، مولانا شوڪت علي، مولانا ابوالڪلام آزاد، علامه شبلي، ۽ علامه اقبال جا نالا مشهور آهن.

        بيگم عطيه، نهايت دانشمند، عالي دماغ، صاحب مطالع ۽ مصور عورت هئي، جنهن برنارڊ شا جهڙي نقاد ۽ خشڪ مزاج نڪته سنج کي به متاثر ڪيو. برنارڊ شا، ساڻس ملڻ لاءِ هڪ – ٻه ڀيرا، لنڊن کان بمبئيءَ به سفر ڪري آيو، سندس چوڻ آهي ته:

        ”مون کي بيگم عطيه کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به عورت متاثر نه ڪيو آهي!“

ان طرح علامه شبلي ۽ علامه اقبال ۽ مولانا آزاد جي والهانه تعلق جو پتو، انهن خطن مان پوي ٿو، جي انهن عالمن، بيگم عطيه کي وقت بوقت لکيا آهن، ۽ جي مختلف عنوانن سان شايع ٿي چڪا آهن. بيگم عطيه، انگريزي، عربي، فارسي، ۽ فرينچ جي عالم هئي.

        بيگم عطيه وٽ تصويرن ۽ نادر فني چيزن جو وڏو ذخيرو هو، جو پاڻ ’پاڪستان آرٽ ڪائونسل‘ لاءِ وقف ڪيو اٿس. جنهن جو افتتاح تازو ڪراچيءَ ۾ ٿي گذريو آهي. بهرحال هڪ عظيم ۽ دانشمند عورت هئي، جنهن پنهنجي دور جي فن ۽ عالمن کي متاثر ڪيو.

انالله و انا اليہ راجعون.

مولانا عزيزالله ساند.

سنڌ جي مشهور علم جي مرڪز، مدرسه ولهيٽ جي مهتمم، ۽ جمعيت العلماء اسلام ٿر پارڪر جي ناظم اعليٰ، ۽ مشهور ديني رسالي، ’قِرآنيِ ولهيٽ‘ جي ايڊيٽر، مولانا عزيز الله ساند، 72 سالن جي عمر ۾، 14 – جنوري 1967ع تي، پنهنجي ڳوٺ ولهيٽ (تعلقو سامارو) ۾ وفات ڪئي.

        مولانا عزيز الله، پنهنجي ايام جواني کان، ملڪ ۽ ملت جي خدمت جي سلسلي ۾، نهايت مخلصانه طور خدمت ڪئي آهي. سندس قائم ڪيل مدرسي مان، بلوچستان، لسٻيلي، سنڌ، پنجاب ۽ بنگال جا ڪيترا شاگرد، فارغ التحصيل ٿي نڪتا آهن. پاڻ هميشه گمنام رهي ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس رسالي ’قِرآني ولهيٽ‘ جو شمار، سنڌي ادب ۾ ’توحيد‘ جهڙو آهي. پاڻ جمعيت العلماء اسلام ٿرپارڪر جي ناظم جي حيثيت سان، ڪيترين تحريڪن ۾ به حصو وٺندو آيو. سندس برپا ڪيل مدرسو اڄ به ڪم ڪري رهيو آهي. اسان سندن پسماندن سان هن صدمي ۾ شريڪ غم آهيون.

مولوي احمد علي ”مجذوب“

سنڌ جي مشهور ۽ معروف علم دوست ۽ قومي ڪارڪن ۽ ٿر جي خلافتي محب وطن، مولوي احمد علي مجذوب دَلَ، 18- فيبروري 1967ع تي، مختصر بيماريءَ کان پوءِ، ڄامشوري اسپتال ۾، 70 سالن جي وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪئي. انالله وانا اليہ راجعون.

        مولوي مجذوب مرحوم، پنهنجي دور جي ملڪي مسئلن جي هڪ جيئري جاڳندي تاريخ هو. تعليم کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ، دل ۽ جان سان ملڪي تحريڪن ۾ حصو ورتائين. سندس قومي خدمت جي شروعات خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪن سان ٿي. آخر ۾ خاڪسار تحريڪ سان وابسته رهيو. سڀني تحريڪن ۾ هڪ مخلص ۽ دلير مبلغ ۽ سپاهيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو.

        مولوي مجذوب ۾ هڪ عجيب و غريب خصوصيت اها هئي، جو پاڻ ٽنهي تحريڪن جي دور جون اخبارون، تقريرون، خطبا ۽ ٻيو علمي لٽريچر نهايت سليقي سان گڏ ڪري ويو آهي. ان سلسلي ۾ وٽس، مولانا آزاد جي ’الهلال ۽ البلاغ‘، مولانا محمد علي جوهر جي ’همدرد‘ ۽ ’ڪامريڊ‘، گانڌيءَ جي ’هريجن‘، ڊاڪٽر انصاريءَ جي ’انصاري‘، جمعيت العلماء هند جي ’الجمعية‘ ۽ ’مدينه بجنور‘، علامه مشرقيءَ جي ’الاصلاح‘، اخبارن جا مڪمل فائيل موجود رهيا. ان طرح ٽنهي ملڪي تحريڪن جو سارو لٽريچر پوين لاءِ ڇڏي ويو آهي. آخري وقت ۾ سندس نظر ڪمزور ٿي وئي ۽ سندس اهو علمي ذخيرو ڪنهن حد تائين لُٽجي ويو! ان جو ڏک کيس مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو. تاهم اڃا به ڪافي ذخيرو موجود آهي.

        مجذوب متعلق هي حيرت انگيز انڪشاف ڪيون ٿا ته – مخدوم عبدالرحيم گروهڙيءَ جي نالي ۾ جا مشهور پيشنگوئي، هند ۽ سنڌ ۾ مشهور آهي – اها انگريزن خلاف نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ، ۽ امام مهديءَ جي ظهوري لاءِ، مولوي مجذوب جي ٺاهيل هئي! اها پيشنگوئي هزارن ماڻهن کي اڄ به ياد آهي، پر اها ٿورن کي ڄاڻ هوندي ته اها مخدوم گروهڙيءَ جي نه، پر مجذوب جي ٺاهيل هئي! ان ۾ آهي ته:

”لنڊن ۾ لنگور کي، گولا گهاءَ ڪندا!“

ان طرح اها پيشگوئي، امام مهديءَ جي ظهور ۽ پير پاڳاري جي جهاد ڪرڻ جي قياس ۽ انگريز جرمن جي ويڙه، انگريز جي شڪست، سکر بيراج جي ٺهڻ، ۽ ملڪ جي آزاديءَ جي خيالن تي مشتمل آهي. اها پيشگوئي به شاه نعمت الله ڪابليءَ جي پيشگوئيءَ وانگر، انگريزن بندش هيٺ آندي هئي. تاهم ڳجهه ۾ هلندي رهي آهي.

        بهرحال مولوي مجذوب، گهڻين خوبين جو مالڪ هو ۽ مسلڪ جي اعتبار سان پڪو موحد هو. نه معلوم سندس ساري عمر جو گڏ ڪيل ذخيرو هاڻي ڪهڙي حال ۾ آهي؟ سندس پسمانده کي گهرجي ته اهو سارو علمي ذخيرو، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ کي ڏين. ائين ڪرڻ سان اهو عظيم ۽ قديم ذخيرو نه فقط بچي پوندو، پر ان سان گڏ مولوي ’مجذوب‘ جي روح کي به راحت رسندي.

        ان سلسلي ۾، اسان سندس پسماندن ۽ عزيزن، خاص طرح سان، سردار لطف علي ’دل‘ ايڊيٽر ’خادم وطن‘ حيدرآباد ۽ محترم ڪريم لطفي، ايڊيٽر ’هلال پاڪستان‘ سان، شريڪ غم آهيون. کين توجهه ٿا ڏياريون ته ’مجذوب‘ جي ڪتبخاني ۽ علمي ذخيري جي حفاظت لاءِ سوچ ويچار ڪن. دعا آهي ته رب ڪريم کيس مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس پسمانده کي صبر جميل عطا ڪري.- آمين

نعمت الله قريشي.

سکر جي مشهور قومي ڪارڪن تحريڪ آزاديءَ جي مخلص سپاهيءَ، مسٽر نعمت الله قريشيءَ 11 جنوري 67ع تي، سکر ۾ وفات ڪئي آهي. مرحوم قريشي، پراڻو خلافتي ۽ سياسي خدمتگذار هو. سندس خدمتن جي سلسلي ۾، خلافت تحريڪ ۽ مسلم ليگ ۾ ڪيل ڪم کي وڏي اهميت حاصل آهي. پاڻ منزلگاه مسجد جي مسئلي ۾ مکيه ڪارڪن ٿي رهيو. سکر شهر جي گهڻو ڪري، سڀني علمي، تعليمي، ملڪي، ادبي ۽ ثقافتي مسئلن سان وابسته رهيو. ڪافي دور بيمار رهڻ کانپوءِ 66 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. اسان سندس پسماندن سان هن غم ۾ شريڪ آهيون. الله تعاليٰ کيس مرهي ۽ جنت ۾ جاءِ ڏئي. سندس پسماندن ۾، هڪ فرزند آهي، جو ڊاڪٽريءَ جي ڊگري وٺي، لنڊن مان تازو پهتو آهي ۽ هڪ نياڻي آهي، جا سکر ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻي آهي.

سيد عبدالحسين شاهه موسوي.

سنڌ جي موسوي سادات ڀائرن جي تعليمي ۽ علمي خدمتن کان هر ڪو واقف آهي. افسوس هي آهي ته مرحوم عطا حسين شاهه موسويءَ جي رحلت کانپوءِ، جلدي، سيد عبدالحسين شاهه موسوي، 18 جنوري 67ع تي روهڙيءَ ۾ وفات فرمائي آهي.

        شاهه صاحب مرحوم، هڪ صاحب طرز انشا پرداز، عالم ۽ اهل قلم هو. سندس تصنيفات جو معيار علمي حيثيت سان بلند آهي. ’سڳنڌ ۽ سرهاڻ‘ سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو چئي سگهجن ٿا. هڪ تعليمي ماهر جي حيثيت سان، ساري عمر، مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ خدمت ڪيائون. آخر ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر آف سڪولس تان رٽائرڊ ڪيائون. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ، مشرقي علمن تي پاڻ سکر ۾ ڪاليج برپا ڪيائون.

        شاهه صاحب مرحوم هڪ ديانتدار، صوم و صلواة جو پابند، خوش اخلاق، رلڻو ملڻو، هنس مُک انسان هو. هو پنهنجي تواضع ۽ انڪساري، نوڙت ۽ نماڻائيءَ جي ڪري، پنهنجن دوستن جو وڏو حلقو ڇڏي ويو آهي. سندس وفات حسرت آيات جي ڪري، سنڌ هڪ وڏي اديب ۽ تعليمي ماهر کان محروم ٿي چڪي آهي. اسان هن جانڪاه صدمي ۾، سندس پسماندن، خاص طرح سان سندن ڀاءُ، سيد جواد حسين شاهه؛ ڀائٽئي، سيد شفقت حسين شاهه ۽ سيد امداد حسين شاهه سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا ۽ سندن غم ۾ شريڪ آهيون. دعا آهي ته رب ڪريم کين مرهي ۽ سندن پوين کي صبر جميل عطا فرمائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com