سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1-  1967ع

مضمون

صفحو :8

”جکراڻي قوم جو مکيه سردار دريا خان آهي. هي قبيلو ڊومڪين کان نهايت پري آهي، پر جيئن ته هيءُ ٻئي قبيلا انگريزي حڪومت جي خلاف، مير بجار جي سرڪردگيءَ ۾ وڙهي رهيا هئا. ان ڪري منجهن گهڻي ويجهڙائي اچي وئي هئي.“

جيئن معلوم ٿو ٿئي ته دريا خان مير بجار خان جي وفادار ساٿيءَ جي حيثيت ۾ ساڻس انهن سڀني معرڪن ۾ شامل رهيو هو، جي کيس انگريزي فوج سان کائڻا پيا  هئا. سرچارلس نيپيئر کي دريا خان تي ايترو ئي غصو هو، جيترو مير بجار ڊومڪيءَ تي. سن 1839ع ۾ جڏهن انگريزي فوج سر جان ڪين جي ماتحت، شاهه شجاع کي تخت تي ويهارڻ لاءِ ڪابل وڃي رهي هئي تڏهن بجار خان ڊومڪي پنهنجي ساٿين دريا خان ۽ ترڪ عليءَ سان گڏ کين بولان جي لڪ وٽ وڏي تڪليف ڏني هئي. انگريزي فوج تي هنن بهادرن جا سن 1840ع تائين حملا ٿيندا رهيا شاهه شجاع جي قتل کان پوءِ بجار خان بيحد دلير ٿي ويو هو ۽سندس حملي کان هڪ انگريز ڪئپٽن ڪلارڪ نالي، نفوسڪ لڪ وٽ پنهنجي ساٿين سميت مارجي چڪو هو. سر جيمس آئوٽرام جي خواهش هئي ته بجار خان، دريا خان ۽ترڪ عليءَ کي پئسن جي لالچ ڏئي انگريزي ملازمت ۾ آندو وڃي. مگر بجار خان هن آڇ کي نهايت حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو هو. هنن حالتن کي ڏسي آئوٽرام، ڪئپٽن پوسٽن کي بجار ۽ سندس ساٿين کي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ موڪلي ڏنو. هن حالت کان متاثر ٿي، دريا خان ۽ ترڪ علي ڪئپٽن پوسٽن وٽ اچي پيش پيا. کين بکر جي قلعي ۾ ڪجهه وقت لاءِ نظر بند رکيو ويو. پوسٽن ٿوري وقت لاءِ دريا خان تي ڪڙي نظر رکي. مگر پوءِ سندس حالت ۾،اصلاح آيل ڏسي کيس انگريزي ملازمت ۾ شريڪ ڪيو. ۽ هو انگريزي ملازمت ۾ 1843ع جي شروع تائين رهيو. جيئن ته لارڊ ايلنبرو، هندستان جي وائسراءِ جي پاليسي هئي ته انگريزي حڪومت جو تسلط فقط سکر ۽ شڪارپور تائين محدود هئڻ گهرجي ۽ باقي ملڪ جو حصو مير علي مراد خان جي پنهنجي جوابداريءَ تي ڇڏي ڏجي. اهڙيءَ حالت ۾ بجار خان ۽  دريا خان کي انگريزي ملازمت مان رخصت ڏني وئي بجار خان وري به ڪڇيءَ جي طرف رخ ڪيو ۽ انگريزن سان وري به هڪ دفعو وڌيڪ مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سن 1844ع جو سڄو سال نيئيپر هن وطن جي شيدائين جي مقابلي ۾ الجهيو رهيو. مگر افسوس جو هنن وطن دوستن جو ڪوبه حامي ڪونه هو. مير  علي مراد خان ۽ جان جيڪب کين گهيري ۾ وجهي ڇڏيو هو. پنهنجي ناڪاميءَ کي يقيني سمجهي بجار خان دلشڪستو ٿي پنهنجي ساٿين سميت مير علي مراد خان وٽ وڃي پيش پيو، تاريخ جي هيءَ ڪيڏي نه دلسوز ۽ غمناڪ ڪهاڻي آهي ته جڏهن وطن پرستن، استبداد جي سامهون صف آرائي ڪئي آهي. تڏهن انهن جي ئي زنجير جي ڪڙين، پاڻ کي ٽوڙي انهن کان جدا پئي ڪيو آهي. مير بجار جي ساٿين ۾ دريا خان جکراڻي به هو. نيپيئر چاهيو ٿي ته بجار خان دريا خان ۽ ٻين ساٿين جو خاتمو آندو وڃي. مگر مير علي مراد ۽ جيڪب جي زور ڀرڻ تي سندن جان بخشي ڪئي وئي. بجار خان هميشہ لاءِ مير علي مراد وٽ نظر بند ٿي رهيو مگر جکراڻين ۽ ٻين بلوچ قومن کي جاني ديري جي ڀرسان زمينون ڏئي آباد ڪيو ويو. وطن پرست درياخان جکراڻي، هن بيٺڪ ۾ اچڻ کان پوءِ به خاموش نه رهيو. سن 1857ع ۾ آزاديءَ جي تحريڪ جو سهارو وٺي هو بديشي حڪومت جي خلاف، اندر ئي اندر تبليغ ڪندو رهيو. هن دلمراد خان کي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي.

دلمراد خان کوسو

دلمراد خان کوسي جا ابتدائي حالات هن وقت شايد تفصيل سان نه ملي سگهن. انگريز مؤرخن سندس حالات، مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ ئي پنهنجي تصنيفن ۾ آندا آهن. مير بجار خان جي آزاديءَ واري فوج ۾ کوسا قوم جي موجودگيءَ جو به ذڪر آيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان آزاد فوج جي سپاهين مان هڪ دلمراد کوسو به هجي. سن 1844ع ۾ جڏهن مير بجار خان دورباره بغاوت ڪئي تڏهن دلمراد خان سندن ويجهو ساٿي وڃي بڻيو هو. دريا خان جکراڻيءَ سان به مير بجار خان جي بدولت سندس واقفيت ٿي هئي. سرچارلس نيپيئر کي مٿس بيحد غصو هو. مير بجار خان ڊومڪيءَ جي پيش پوڻ بعد سن 1845ع ۾ دلمراد خان گرفتار ٿي پيو ۽ نيپيئر وٽ پيش ڪيو ويو، نيپيئر جي راءِ هئي ته کيس ڦاسي  ڏني وڃي مگر ڪن سببن جي ڪري کيس معافي ملي وئي.تاريخ مان هي معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته مٿانئس ڦاسيءَ جي معافي ڇو ٿي؟ منهنجي راءِ ۾ جيڪب جي اها راءِ هئي ته کيس بچايو وڃي ۽ کانئس ملڪ ۾ صلح ۽ سانت رکڻ لاءِ مدد ورتي وڃي. اهو ئي سبب هو جو سن 1845ع ۾ جان جيڪب تقاضا ڪئي ته سندس ڳوٺ ڳڙهي دلمراد ۾ پوليس چوڪي رکڻ گهرجي، جنهن لاءِ دلمراد خان کيس عارضي طرح جايون ٺهرائي ڏنيون.

سن 1847ع ۾ هو سرڪاري ملازمت ۾ به رهيو. پر  ٿورو وقت. ان کان پوءِ، جان جيڪب پنهنجي نئين تيار ڪيل فوج ۾ کيس گائيڊ (رکوال) مقرر ڪيو پر جڏهن’مري‘ بلوچ ڪشمور تي چڙهائي ڪري ميان جي ڳوٺ تائين وڌي آيا تڏهن جان جيڪب کي شڪ پيو ته هيءَ دل مراد خان جي ئي حرڪت آهي. هن ٿوري شبهي تي کيس نوڪري مان برطرف ڪيو ويو ان کان پوءِ هو پنهنجي زندگي خاموشي سان پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي دلمراد ۾ گذاريندو رهيو. سيپٽمبر سن 1857ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ انگريزي  حڪومت جي خلاف شورش پيدا ٿي، تڏهن دريا خان جکراڻيءَ،  هن وطن پرست کي به آزاديءَ جي مهم ۾  شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني.

شڪارپور ۽ جيڪب آباد بچي ويا

پهريائين پهرئين ’سنڌ قاصد‘ اخبار، هن حقيقت جو انڪشاف ڪيو ته شڪارپور ۾ شورش ٿيڻ وارو آهي. مير يويدر، هن خبر پڙهڻ سان فريئر کي لکي موڪليو ته جيئن ’سنڌ هارس فورس‘ ايران مان ڪراچيءَ ۾ پهچي، تئين هڪدم ان کي شڪارپور ڏانهن موڪليو وڃي. مگر اها فوج ايترو تڪڙي پهچي نه سگهي. هنن افواهن جي ڪري، مير يويدر بلڪل خبردار ٿي ويو هو. کيس ڪنهن طرح معلوم ٿي ويو ته دريا خان ۽ دل مراد خان پاڻ ۾ ڳجهي طرح منصوبا بندي ڪري رهيا آهن. دريا خان اهڙي ريت پنجاب جي بلوچ سردارن کي به انقلاب آڻڻ جي لاءِ لکندو رهيو. کيس اميد هئي ته هو هن آواز تي لبيڪ چوندا، مگر افسوس جو ائين نه ٿي سگهيو. مير يويدر هنن سڀني ڳالهين  کان واقف ٿي چڪو هو. انهيءَ کان اڳ، جو هي ٻه وطن پرست پنهنجي رٿيل پروگرام کي عملي جامو پهرائين، مير يويدر جي حڪومت تحرڪ ۾ اچي  وئي. دلمراد خان ڏي روينيو جي بقايا رهيل هئي. جيئن ته هو ان کي ڏئي نه ٿي سگهيو. ان ڪري کيس گرفتار ڪري نظربنديءَ ۾ رکيو ويو. دلمراد خان جي گرفتاريءَ جي ڪري، اگرچه دريا خان جون رٿون الجهي پيون. پر ان هوندي به هن همت نه هاري. هو بلوچن جي جدا جدا قبيلن ۾، انگريزن جي خلاف پروپيگنڊا ڪندو رهيو. مگر ان جو ڪو خاص نتيجو نه نڪتو.

مير يويدر 21 سيپٽمبر تي عام دربار جو موقعو رکيو ويو. دريا خان  پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وارياسي ميدان تي گڏ ڪيو ۽ ٺهراءُ اهو ٿيو ته هو سڀئي مخفي طرح جيڪب آباد. 20 سيپٽمبر جي رات هو لڪي گذارين. 21 تاريخ تي هو درٻار ۾ وڃي، انگريزن کي قتل ڪن. هو، هن رٿ موجب جيڪب آباد پهتو. مير يويدر کي هڪ ديسي آفيسر کان معلوم ٿيو ته دريا خان پنهنجي پروگرام موجب جيڪب آباد ۾ پهچي ويو آهي. هن اطلاع تي کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ قيد ۾ رکيو ويو. ساڳئي وقت دل مراد خان کي به نظربنديءَ مان ڪڍي ساڻس گڏ قيد ۾ رکيو ويو.

حقيقت ۾ دريا خان جکراڻيءَ وڏو دوکو کاڌو هو. هن کي غلط ٻڌايو ويو ته فوج بغاوت ڪرڻ لاءِ آماده آهي. هندستاني سپاهين کي خبر پئجي وئي هئي ته هن سڄي منصوبي جو اطلاع ’سنڌ هارس فورس‘ کي ملي چڪو آهي ۽ مٿيون فوجي دستو پوريءَ ريت ڄاڻي پيو ته هن سڄي تحريڪ کي، انگريزي آفيسرن وٽ بي نقاب ڪيو ويو آهي. دلمراد خان ۽ دريا خان  جکراڻي جون گرفتاريون پوري وقت تي ڪيون ويون هيون. جان مارٽينيو لکي ٿو ته:

”20 سيپٽمبر جي شام جو، پوليس جي سپاهين کي اطلاع مليو ته شڪارپور ۾، 21 ديسي فوج ۽ ديسي توبخاني جي سپاهين مان ڪن جون هڪ صوبيدار ۽ هڪ حوالدار جي سرڪردگيءَ  هيٺ،  مخفي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن. ظاهر ظهور باغي جملا به ڳالهايا ويا آهن، اهڙن ماڻهن مان ٽن چئن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. مگر 24 سيپٽمبر جي اڌ رات جو، توبن جي اوچتي ٺڪائن کان سڄو شهر جاڳي پيو. ڪن گولا اندازن  بغاوت ڪئي هئي. سندن هٿن ۾ چار توبون اچي ويون هيون جن سان هو  فوجي بئرڪن ۽ توبن جي جاين کي برباد ڪري رهيا هئا ايڏي وڏي ته اونداهي هئي جو توبن جي گاڏن جي صحيح مقام کي دريافت ڪرڻ نهايت مشڪل هو. ان وقت شڪارپور جي فوجي ڪماڊنٽ ڪئپٽن مانٽگومري، 16 ديسي فوج جي رهيل سپاهين ۽ پوليس وارن سان گڏجي، وطن پرستن تي بندوقبازي شروع ڪري ڏني. مگر سخت اونداهيءَ سبب ڪابه خبر نه ٿي پئجي سگهي ته مدافعت وارن جو حملو، ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي. ٻن ڪلاڪن جي سخت  بندوق بازي کان پوءِ مخالف ڌر جا ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪئپٽن مانٽگومري مٿن چڙهي ويو ۽ سندن هٿن مان توبون کسي ورتائين. مخالف ڌر جا ماڻهو رات جي اونداهي ۾ ڀڄي نڪتا بعد ۾ انگريز ڪماڊنٽ کي معلوم ٿيو ته هيءُ  سڀ يارهن ماڻهو هئا. جيئن پوءِ معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن کي اميد هئي ته 16 ديسي فوج ساڻس شامل ٿي ويندي ۽ توبن جي آواز تي دريا خان، انگريز آفيسرن جو ڪشت و خون شروع ڪري ڏيندو ۽ ان کان پوءِ اهو اچي ساڻن شامل ٿيندو!“

دلمراد خان کوسي ۽ دريا خان جکراڻيءَ جي گرفتاريءَ جي سبب شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ آزاديءَ جي هيءَ سڄي تحريڪ گويا ڊهي پئي. فريئر پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر، سر جان لارينس کي 17 آڪٽوبر 1857ع تي هڪ خط لکي ٿو ته:

”16 ديسي پيادي فوج جي صوبيدار، جو هنن باغين جو رهنما هو. پنهنجي موت کان اڳ ٻڌايو هو ته جيڪڏهن کيس ٻن ڏينهن  جي مهلت ملي وڃي ها ته، هو دنيا وٽ پنهنجن رٿن کي چڱي طرح ڏيکاري سگهي ها. سندس شريڪ جرم جکراڻين جي سردار ٻڌايو هو ته لاهور ۽ ملتان ۾ وڏي سازش هئي هو ملتان جي ٽپال کان پوءِ ئي گرفتار ڪيو ويو هو ڇو ته سندن (باغين) به اهو ارادو ڪيو هو ته ملتان جي اطلاع  ملڻ کان پوءِ ئي بغاوت ڪئي ويندي. گولا انداز فوج کي به اهو ئي وقت ڏنو ويو هو.“

بهرحال، وطن پرستن مان ڪن کي توب دم ڪيو ويو ته ڪن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو هو. فريئر، بمبئي جي گورنر لارڊ ايلفننسٽن کي، ان پرآشوب دؤر کان بعد جي واقعن  بابت هيئن ٿو رپورٽ ڏئي.

”21 نمبر فوج جا مقدما هتي هلي پورا ٿيا آهن، مون کي اميد آهي ته هاڻي فوج جي موجوده حالتن ۾ تبديلي اچي ويندي. جنرل هيڊ ڪوارٽر جي حڪم کان سواءِ ڪجهه به ڪرڻ نه ٿو گهري. خبر نه آهي ته اهي حڪم الائجي ڪڏهن اچن ۽ الائجي ڪهڙي نوعيت جا هجن، هتي حيدرآباد جي گولا انداز فوج جلد  پهچي ويندي ۽ اهڙيءَ ريت  شڪارپور جي به. مان انهن سپاهين جي لاءِ ڪجهه به چئي نٿو سگهان. جن کان هٿيار کسيا ويا آهن ۽ کين بيعزت ڪيو ويو آهي.  ڇا انهن جي لاءِ ڪابه معافي نه هوندي!

”مان ڏسان ٿو ته عام ريت آفيسر نا اميد نظر اچن ٿا. هو منصوبي جي اندر پهچي نه سگهيا آهن. هو پنهنجي ماڻهن مان اعتبار وڃائي ويٺا آهن. ڇاڪاڻ ته هو حقيقت کي سمجهي نه سگهيا آهن. مگر مون کي شڪ ٿو پوي ته هتي به ڪي گهرائي وارا منصوبا هئا ڇا؟ هي سڀ پرديسين جو معاملو هو. شايد هي خيال سچو هجي ته سڄي فوج، شرارت لاءِ آمده هجي، جنهن کي واقعات ثابت ڪري نه سگهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن باغي، پهرين ڪوشش ۾ فتحياب ٿي سگهن ها. ته  خون خرابو، ڦرلٽ ۽ ٻيون شرارتون پيدا ٿي وڃن  ها. پوءِ هو پاڻ کي اسباب جي وهڪري ۾ ڇڏي ڏين ها. ان جو نتيجو ڇا نڪري ها. ان کان ڪو به واقف نه هو.

”مان هن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان ته هتي هن شورش  جي لاءِ ڪو مضبوط هٿ هو. جنهن کي اجنبي ايجنٽن هوا ٿي ڏني. جهڙوڪ تهران وغيره. يا ڏورانهين اتر ۽ اولهه جي ڪن شريرن جو هن ۾ هٿ هو. جيڪڏهن اسان کي هتي ڪي وڏا منصوبيباز ۽  باغي نظر اچن ها ته اسان جو خيال انهن ڏي  هليو وڃي ها ۽ اسان هن تحريڪ کي بغاوت جو خوفناڪ کيل سمجهون ها. شڪارپور جو صوبيدار به ڪو خراب ماڻهو نه هو. اگرچ کيس قبائلي بلوچن ۽ پنجاب جي ملتان حصي جي بلوچن جي امداد جي اميد هئي مون  هن حقيقت کي تفصيل سان، هن لاءِ لکيو آهي ته هت جو ڪجهه به ٿي گذريو آهي. ان ۾ ڪابه گهري سازش موجود نه هئي. ڪمانڊر انچيف ۽ ان جا دوست حالتن کي ان خوف سان ڏسي رهيا هئا جنهن جو وجود ئي نه هو، جيڪڏهن چڱن سپاهين کي هٿيار کان سواءِ گهڻو وقت رکيو ويو ويندو ته چڱا به بچڙا ٿي سگهن ٿا!“

فريئر  جنهن طرح سان پنهنجي رپورٽ گورنر کي پيش ڪئي آهي، ان مان سندس سنجيدگي، فڪر ۽ تامل جي پروڙ پوي ٿي. هو سنڌ جي رهڻ وارن کي، صلح پسند ۽ سانتيڪو سمجهي ٿو. ائين معلوم ٿو ٿئي ته کيس سنڌ ۽ سنڌ واسين سان وڏي محبت هئي. سندس حسن تدبير سان سنڌ ، خون خرابي ۽ غارتگري کان بچي وئي، جيڪڏهن سن 1857ع جي تحريڪ آزاديءَ کي مؤرخ ناڪام لکن ٿا ته ان جي نتيجن ۾ انهن معصومن ۽ بي گناهه ماڻهن تي ڳوڙها ڳاڙين ٿا ته حقيقت هي آهي ته نه سنڌ اهڙو ماتمڪده بڻي ۽ نه  ڪنهن معصوم يا بي گناهه جو خون هاريو ويو.

فريئر سن 1857ع  جي ڊسمبر مهيني ۾ سنڌ ۾، سياري جي دوري لاءِ نڪتو.  هو ڪراچي کان جيڪب آباد تائين هر جاءِ تي کيس سڪون ۽ آرام نظر آيو. ٽي مهينا اڳ سنڌ ۾ جا شورش پيدا ٿي هئي. ان جو ڪو به نالو نشان ڪونه هو. هوڏي سڄي هندستان ۾ به خاموشي  ڇانئجي وئي هئي. وطن پرست گروهه يا ته ڦاسيءَ جي تختن تي چاڙهيا ويا هئا يا توبن ۽ بندوق جو نشانو بڻجي چڪا هئا. لکنئو ۽ دهلي انگريزي حڪومت ۾ شامل ٿي  چڪا هئا. ۽ هماليه کان وٺي راس ڪماري تائين وري ’يونين جئڪ‘ بنا ڪنهن خطري جي ڦڙڪي رهيو هو!

منهنجو مضمون نا تمام رهجي ويندو جيڪڏهن مان، سنڌ جي مؤرخن جي ان موقعي تي ڏنل حالات کي نظرانداز ڪندس. سيٺ نائونمل جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم، ان سان گڏ خانبهادر خداداد پنهنجي تصنيفن ’لب تاريخ سنڌ‘ ۽ ’خيرپورنامه‘ ۾ به غدر جو ذڪر ڪيو آهي. مان هن عبارتن جو ترجمو ڏيان ٿو:

”سال 1274هه مطابق سن 1857ع ۾ هندستان جي اڪثر حصن ۾ عظيم فساد ۽ غدر پيدا ٿيو ان ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽  جيڪب آباد ۾ ڪي عملدار ۽ ڪي پلٽڻن جا سپاهي شورش ۽ فساد لاءِ تيار ٿي ويا ۽ نافرمان بنجي ويا. مگر اعليٰ آفيسرن جي عقلمنديءَ سان جن مان (اول، مسٽر ۽ بعد ۾) آنربل گبس صاحب بهادر جڊيشنل ڪمشنر جي حسن انتظام سان هيءُ سخت مهم ختم ٿي وئي. فسادي بروقت گرفتار ڪيا ويا ۽ کين سندن بري اعمال جي سزا ملي وئي، جيئن ته ڪن کي توب سان اڏايو ويو ۽ ڪن کي ڦاسيون ڏنيون ويون. جن ماڻهن سلامتيءَ لاءِ مدد ڏني، انهن کي خير خواهيءَ جي عيوض لائق سمجهي انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا. ’لب تاريخ سنڌ‘ جي مصنف کي ياد ٿو اچي ته ان وقت، سنڌ جي جتوئي قوم جي سردار امام بخش خان ۽ خان بهادر الف خان ترين تي نا خير خواهي جي تهمت رکي وئي هئي، ۽ پهرين کان جاگير ۽ ٻئي جو هزار رپيا ساليانو وظيفو بند ڪيو ويو هو. عملدارن جي التفات جي نگاهن کان کين ڪيرايو ويو هو. هن وقت  فتح خان سچ چيو آهي ته’جنهن سرڪشي ڪئي، اهو محروم ٿي ويو!‘ جيئن ته هن وقت فتح خان جتوئين جي سردار جو پٽ ۽ پير بخش ترين شڪارپور تعلقي ۾ زميندار آهن ۽ پنهنجي بزرگن جو نالو قائم رکيو ٿا اچن“

ساڳيو مصنف پنهنجي تصنيف ’خيرپور نامه! ۾ لکي ٿو ته:

”سڀني سنڌ جي رهڻ وارن کي ياد هوندو ته مير علي مراد خان  مشيرن جي ڪائونسل جي فيصلي کان ناراض ٿي اپريل 1856ع برابر سال 1273هه ۾ انصاف لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو. مون راقم کي چڱيءَ ريت ياد ٿو اچي ته ان مهيني ۾ قائم مقام ڪمشنر جنرل جان جيڪب جا تنبو ۽ سامان پير پٺي جي جبل تي، جو ٺٽي جي شهر کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. موجود  هئا. ۽ پاڻ اتي منزل انداز هو. مير صاحب جو معتبر ملازم جمعو خان ابڙو، آنربل گبس پوليٽيڪل اسسٽنٽ ڪمشنر وٽ مدد  جي لاءِ آيو. صاحب موصوف مون کان جواب لکائي کيس موڪليو ته اوهان جي وڃڻ  مان ڪو به فائدو نه ٿيندو. مگر مير صاحب  پنهنجو ارادو پختو ڪري چڪو هو ۽ هو اوڏانهن روانه ٿي ويو. مير صاحب  پنهنجي غير حاضريءَ ۾ پنهنجي وڏي فرزند مير شاهنواز خان کي مدارالمهام بڻائي ويو. جو ڇهه مهينا ساندهه حڪومت جو انتظام نهايت خوش اسلوبيءَ سان هلائيندو رهيو. ان وقت هندستان ۾ فساد بي بنياد ۽ غدر بي تعداد پيدا ٿيو. اهو اهڙو ته زور وارو هو جو سرڪار جا سڀئي آفيسر ان غدر کي رفع ڪرڻ لاءِ جان ۽ تن سان مشغول هئا. ان وقت بابت تقرير حيرت تاثير هڪ وڏو داستان آهي. جيئن ته مون کي هتي امير ابن امير شاهنواز خان جو ذڪر  ڪرڻو آهي. ان ڪري ان کي ٿورو تفصيل سان لکان ٿو. سن 1857ع برابر سال 1274 هه ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور جيڪب آباد ۾ شورش پيدا ٿي. ان وقت امير ابن الامير، افغاني ۽ پنجابي فوج کي وٺي انگريزن جي مدد لاءِ شڪارپور ۾ وڃي حاضر  ٿيو. سندس حڪم موجب ڪاربند رهيو. هن شورش کان پوءَ سندس خدمتگذاريءَ جي ڪري، انگريزي حڪومت مير موصوف کي هڪ هزار رپيا ماهانه وظيفو عطا ڪيو مگر ان سرچشم مير نهايت ڪشاده دلي سان ان جي وٺڻ کان انڪار ڪيو!“

خان بهادر خداداد خان مرحوم پنهنجي تصنيفن ۾ اگرچ سن 1857ع جي غدر جا واقعات نهايت مختصر ڏنا آهن. پر جو ڪجهه به لکيو اٿس. اهو ان پرآشوب دور جو هڪ عبرت خيز داستان آهي ۽ بس سيٺ نائونمل ۽ خانهبادر خداداد خان، انگريزن جي خير خواهيءَ کي سعادت سمجهيو. وطن پرستن ان کي نا سعادت سمجهيو، انگريزي حڪومت گذري وئي. ان جا ثنا خوان بدلجي ويا. مگر حق پرستن جي نالي کي زندهه دوام هئڻ جو شرف حاصل آهي.

خدا رحمت ڪند، بر عاشقان پاڪ طينت را!“

مولانا حافظ محمد اسماعيل

ستين صدي هجريءَ کان اڳ جا سنڌي علماء

سنڌ ۾ گهڻيئي عالم، محدث ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن جن مان ڪي خاص بزرگ هستين جن علم ۽ فضل جي دنيا ۾ نمايان حصو وتو. انهن جو مختصر تذڪرو ۽ تعارف ڪرائجي ٿو. جنهن  مان سنڌ جي علم ۽ فضل جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن دنيا کي پنهنجي علم مان فيض پهچايو آهي.

(1) احمد بن ابوبڪر الزاهد السندي البغدادي

خطيب بغدادي،’تاريخ بغداد‘ ۾ لکي ٿو ته ’احمد بن ابوبڪر زاهد سنڌي بن الحسن، نهايت قابل اعتماد سچو، نيڪ ۽ وڏي پايي جو عالم هو. جنهن محمد بن العباس المؤدب، حسن بن علويہ القطان، ۽ موسيٰ بن هارون الحافظ جهڙن با ڪمال محدثن کان حديث پڙهي. ان جي شاگردن مان قابل ذڪر هستيون ابو رزقويہ، ابو علي بن شاذان ۽ حافظ ابو نعيم الاصفهاني آهن‘ ابراهيم الحافظ چوي ٿو ته’ احمد بن سنڌيءَ کان مون حديثون ٻڌيون ۽ هو ابدالن  مان ليکيو ويندو هو. ۽ حديث ۾ قابل اعتماد هو‘ روايت آهي ته احمد بن سنڌي، جيڪا به دعا ڪندو هو، اها قبول پوندي هئي. محمد بن ابي الفوارس لکيو آهي ته ’ابوبڪر بن السندي جي وفات 359 هه ۾  ٿي ۽ هو تمام وڏو بزرگ ۽ عالم هو.

(2) احمد بن السندي البغدادي.

خطيب بغدادي، تاريخ بغداد ۾ لکي ٿو ته:’احمد بن سنڌي بن فروخ المطرز البغدادي، يعقوب بن ابراهيم الدورقي کان حديث پڙهي ۽ ان کان عبدالله بن عدي الجرنانيءَ روايتون ورتيون آهن.‘ قاضيءَ چيو آهي ته ’سمعانيءَ به پنهنجي ڪتاب الانساب ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. پر هن جي وفات جي تاريخ نه ٿي ملي.‘ سندس استاد الدورقي 252 هه ۾ فوت ٿيو هو جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته احمد بن السندي البغدادي  ٽين صدي هجري جي عالمن مان هو.

(3) احمد بن السندي الرازي

ٽين صديءَ جي عالمن مان هو، ابراهيم بن موسيٰ کان روايت آهي ته ابو حاتم الرازي (جيڪو امام بخاريءَ جو استاد هو) جو استاد آهي. قاضي لکي ٿو ته: ’هو تمام وڏو محدث هو ۽ خراسان ۾ اڪابر اهل علم ۾ شمار ڪيو ويندو هو.

(4) احمد بن عبدالله الزاهد الديبلي النيشاپوري

سمعاني، ’ڪتاب الانساب‘ ۾ لکي ٿو ته:” احمد بن عبدالله بن سعيد جي ڪنيت ابو العباس هئي، ۽ هو ’ديبل‘ جو هو. هو علم حاصل ڪرڻ لاءِ سفر ڪري نيشاپور آيو. سندس  مسڪينيءَ واري حالت هئي. ان وقت ابوبڪر محمد بن اسحاق ابن خزيمه زندهه هو. اتي شادي به ڪيائين. جنهن مان اولاد ٿيس، صوف جا ڪپڙا پائي، اگهاڙين پيرين هلندو هو. جتان سير ڪري رستي تي ڏاکڙا سهندو بصري اچي پهتو. ۽ اتي وڏن بزرگن ۽ محدثن جي صحبت ۾ رهيو. ابو خليفه القاضيءَ کان حديث پڙهيائين ۽ پوءِ بغداد ۾ آيو اتي جعفر بن محمد الفريابيءَ کان حديث جو علم حاصل ڪيائين. اتان پوءِ مڪي روانو ٿيو. جتي المفضل بن محمد الجندي ۽ محمد بن ابراهيم الديبليءَ کان علم حاصل ڪيائين. مصر ۾ علي بن عبدالرحمان ۽ محمد بن زيان وٽ پڙهيو. دمشق ۾ ابو الحسن احمد بن عمير بن جوصا، بيروت ۾ ابو عبدالرحمان مڪهول، حران ۾ ابو عروبته الحسين بن ابي معشر، تستر ۾ احمد بن زهير التستري، عسڪر ۾ مڪرم بن عبدان بن احمد الحافظ ۽ نيشاپور ۾ ابوبڪر محمد بن خزيمه ۽ ان جي همعصر عالمن وٽ علم پڙهيائين، سندس خاص شاگردن ۾ ابو بن عبدالله بن الحاڪم جو نالو مشهور آهي. پاڻ نيشا پور ۾ رجب 343هه ۾ وفات ڪيائين ۽ خيره جي  مقبري ۾ دفن ٿيو.

(5) احمد بن قاسم المدل البيع ابن السندي بغدادي

خطيب بغدادي،’تاريخ بغداد‘ ۾ لکيو آهي ته ’احمد بن قاسم بن سيما، ڪنيت ابوبڪر هيس، پر ابن السندي جي نالي سان مشهور هيو. ان احمد بن محمد بن اسماعيل الادمي ۽ اسماعيل بن محمد الصفار کان حديث پڙهي ۽ منهنجي استاد عبدالعزيز بن علي الازجي  به ان کان حديث روايت ڪئي آهي القاضي چيو ته ’احمد بن القاسم چوٿين صدي هجريءَ جي عالمن مان هو.‘

(6) احمد بن محمد الحافظ الزاهد الديبلي المصري

امام سبڪي، ’طبقات الشافعيه‘ ۾ لکيو  آهي ته:” احمد  بن محمد نالو هوس ۽ ابو العباس ڪنيت ، اصل ديبل جو هو. حديث جو حافظ ۽ نهايت نيڪ ۽ پرهيزگار بزرگ هو. . ابن الصلاح چيو آهي ته ’ابوالعباس النسوي پنهنجي ڪتاب ۾ ان جي ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: هو فقہ جو ماهر ۽ جيد عالم هو، شافعي جي فقہ تي، هو ڪپڙن جي سلائي ڪري گذران ڪندو هو. هو تمام نيڪ ۽ صالح عالم هو. ان طرح حال جو صاحب ۽ ڪشف ڪرامات جو صاحب  به هو. سندس ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. پاڻ 373 هه ۾ وفات ڪيائين.‘

(7) احمد بن محمد بن الحسين ابوالفوارس ابن السندي البصري

ان متعلق علامه جلال الدين سيوطي لکي ٿو ته: ”ابوالفوارس الصابوني نهايت قابل اعتماد محدث هو. مصر جي تمام وڏن محدثن مان شمار ڪيو ويندو هو. ان يونس بن عبدالاعلي،  المزني ۽ ٻين زبردست عالمن کان علم حاصل ڪيو ۽ ان جي شاگردن مان ابن النظيف ۽ ابوزرڪہ الرازي الصغير تمام مشهور عالم آهن. امام ذهبيءَ جو ذڪر آهي ته ’ابوالفوارس‘ امام شافعي جي شاگرد ابو محمد الربيع بن سليمان المراديءَ کان به حديثون روايت ڪيون آهن..‘

(8) احمد بن محمد بن هارون المقري الديبلي الرازي البغدادي

خطيب لکي ٿو ته’ان جو نالو احمد بن  محمد  هارون سليمان بن علي  هو ۽ ابوبڪر الحربي ڪنيت هيس، رازي ديبليءَ جي نالي سان مشهور هو. ان جعفر محمد الفريابي ۽ ابراهيم بن شريث الڪوفيءَ کان حديث پڙهي. ان کان ابويعلي بن دوما النعال ۽ قاضي ابوالعلاء الواسطي حديث روايت ڪئي آهي.‘ ابوالعلاء  چوي ٿو ته سندس ولادت 275 هه ۾ ٿي ۽ سندس وفات 21 رجب 370 هه ۾ ٿي.

(9) احمد بن نصير بن الحسين القاضي الديبلي الموصلي الانباري

علامه ياقوت الحموي،’معجم البلدان‘ ۾ لکي  ٿو: ’قاضي احمد بن نصير دبيلي جي نالي سان مشهور فقيہ هو. جڏهن  بغداد ۾ آيو تڏهن ان کي قاضي القضاة ابوالفضائل القاسم بن يحيٰ الشهزوريءَ پنهنجو نائب مقرر ڪيو. تمام نيڪ ۽ پرهيزگار هو. ڪڏهن به ناجائز فيصلا نه ڏنائين. پاڻ اهڙا فيصلا ڏنائين ۽ اهڙا حڪم رد ڪيائين جو رد ڪرڻ ناممڪن هو. هن جرات ۽ انصاف کان ڪم وٺي، اهڙا فيصلا رد ڪري مثال قائم ڪيو، جڏهن قاضي الشهزوري معزول ڪيو ويو، تڏهن  هي به معزول ٿيو، ان کان پوءِ موصل آيو، جتي 598 هه ۾ وفات ڪيائين.

(10) ابراهيم بن السندي بن شاهڪ:

هي سنڌي قيدين مان  هو ۽ دولت عباسيه ۾ ملازم هو ان جو والد سنڌي بن شاهڪ قاضي هو جاحظ لکيو آهي ته ’ابراهيم اهڙو شخص آهي جنهن جهڙومثال ملي نٿو  سگهي. هو زبردست خطيب ۽ انساب  جو ماهر هو. هو هڪ اعليٰ پايي جو محدث، فقيہ، نحوي ۽ شاعر پڻ هو. ان سان گڏ هو نجوم ۽ طب جو به ماهر هو. فلسفين جو ته سردار سڏبو هو. تمام گهٽ ننڊ ڪندو هو. حافظو به تيز هوندو هوس. ان عبدالله بن صالح، عباس بن محمد، اسحاق  بن عيسيٰ، اسحاق بن سليمان، ايوب بن جعفر کان علم حاصل ڪيو هو.

(11) ابراهيم بن عبدالسلام السندي البغدادي:

هي عالم ابوطوطه جي نالي سان مشهور هو ۽ سنڌي بن هاشڪ جو ڀائٽيو هو. عباسين جي دؤر ۾ وڏي عهدي تي هو ۽ علم سنڌي بن هاشڪ کان حاصل ڪيائين.

(12) مولانا اسلامي الديبلي

’تاريخ سنڌ‘ ۾ آهي ته ’مولانا اسلامي ديبل جو رهاڪو هو ۽ غازي محمد بن قاسم الثقفيءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو.  هن ڀيري راجا ڏاهر ڏانهن محمد بن قاسم پاران قاصد ٿي به اماڻيو  ويو. ان راجا ڏاهر کي اسلام ۽ مسلمانن جي باري ۾ ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ سمجهايو ۽ اسلام جي تعليم پيش ڪئي.‘

القاضي چوي ٿو ته’اسان ج علم ۾ هي پهريون شخص آهي جو سنڌين مان، سنڌ ۾، پهرين هجريءَ جي آخر ۾ مسلمان ٿيو.!

(13) اسماعيل بن علي الوري السندي

علامه عبدالحي لکنوي، ’نزهة الخواطر‘ ۾ لکي ٿو:’اسماعيل بن علي ستين صدي هجريءَ جي مشهور عالمن مان هو. هو زبردست فقيہ ۽ خطيب هو ۽ الور جو قاضي هو.  قضاء ۽ خطابت مورثي مليل هيس ۽ ادب ۽ فلسفي جو به وڏو ماهر هو.

(14) حبيش بن السندي البغدادي

خطيب لکيو آهي ته’حبيش بن سنڌي، القطيعي، عبيدالله بن محمد العيش ۽ احمد بن حنبل کان حديث جو علم حاصل ڪيو.‘ ان محمد بن مخلد روايت ڪئي آهي.

(15) رجاءِ بن السندي السيابوري:

ابن ابي حاتم ابرازي سندس ڪتاب’الجرح والتعديل‘ ۾ ذڪر آندو آهي، لکي ٿو ته:’ان جي ڪنيت ابو محمد هئي، ۽  ٽين صدي هجريءَ جي مشهور محدثن مان هو.‘ ان ايوب بن النجار اليمامي، عبدالسلام بن حرب، ابوبڪر بن عياش، حفص، يحيٰ بن يمان، ابو خالد الاحمر، ابن وهب، حمزه بن الحارث بن حمير کان روايت ڪئي آهي ته سندس شاگردن ۾ ابو حاتم الرازي ابراهيم بن موسيٰ ۽ ابو جعفر الجمال تمام مشهور عالم ٿي گذريا آهن.

(16) مهل بن عبدالرحمان السندي الرازي

ابن  ابي حاتم الرازي لکي  ٿو ته’سهل بن عبدالرحمان سنڌي بن الرازي نالي سان مشهور هو، ۽ ان جي ڪنيت ’الهيثم“ هئي، ان زهير بن معاويه ۽ جرير بن حازم کان حديث پڙهي، سندس شاگردن مان عمرو بن رافع، حجاج بن حمزه، ابو عبدالله الطهراني، ۽ محمد بن عمار مشهور آهن. ابوالوليد چيو آهي ته’ري‘ جهڙي مشهور شهر ۾ ان کان وڌيڪ فن حديث جو ڪو به عالم  ماهر نه ڏٺو ويو.!

(17) عبد بن حميد بن نصرالڪسي السندي

ان جو نالو عبدالحميد الڪسي هو. ذهبي، پنهنجي ڪتاب ’تذڪرة الحفاظ‘ ۾ لکيو آهي ته:’هو زبردست امام ۽ حافظ الحديث هو. سندس ڪنيت ’ابو محمد‘ هئي. سندس تاليفات مان ’مسند ڪبير‘ ۽ ’تفسير‘ مشهور آهن. ان يزيد بن هارون، محمد بن بشير العبدي، علي بن عاصم، حسين بن علي جعفي، ابواسامة ۽ عبدالرازق کان حديث پڙهي. سندس شاگردن ۾ امام مسلم، ابراهيم بن حزيمه الشاشي مشهور آهن. امام بخاري کانئس تعليق آندي  آهي. حديث جي امامن ۾ وڏو امام ڪري تسليم  ڪيو ويو، 249هجري ۾ وفات ڪيائين.


)1( ميجر جان جيڪب: ”فرئنٽيئر آف اپر سنڌ“ (نومبر 1854ع): ص 133.

(1)  لئمبرڪ: ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“: ص 53

(1)  جان مارٽينيو: ”سر بارٽل فريئر“: حصو 1: ص 216

(2)  لئبمرڪ: ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“: ص 135.

(1)  لئمبرڪ: ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“: ص 332.

(1)  ڦاسيءَ جي هيءَ کليل جاءِ، سن 1930ع تائين، نئين فوجداري عمارت جي ٻاهران موجود هئي.

(2)  جان مارٽينيو: ”سر بارٽل فريئر“: ج 1: ص 219

(1)  خانبهادر خداداد خان: ”لب تايرخ سنڌ“، ڇاپو 1900ع: 153.

(2)  خداداد خان، آنربل گبس جي تعريف ڪئي آهي، مگر انگريز مورخن  ۽ سرڪاري رپورٽن ۾ ان جو ڪو به ذڪر نه آهي. هيءَ هڪ انگريزي آيفسر جي اجائي خوشامد آهي.

(2)  الف خان جي مٿان جو ڪجهه به ٿي گذريو هو، اها جان جيڪب جي سازش هئي. ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڏسو منهنجو مضمون ”خانبهادر الف خان.“

(3)  خانبهادر خداداد خان: ”خيرپور نامه“: ص 41.

(1)  مير شاهنواز سن 1874ع ۾، ٽيتاليهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي والد مير عليمراد خان جي زندگي ۾ فوت ٿي ويو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com