”مهراڻ“ جا موتي
·
سچائيءَ ۾ ظاهري طرح سان ڪجهه خوف محسوس ٿئي ٿو،
ليڪن سچائي ئي نجات ڏياري ٿي. ڪوڙ ۾ اگرچ ظاهري
طرح سان عافيت محسوس ٿئي ٿي، پر آخر ڪار هلاڪت ۾
وجهي ٿو! حضرت علي
·
سوچڻ کان اڳ ڳالهائڻ جو نتيجو، نيٺ پريشاني ۽
پشيماني ئي نڪرندو. حضرت يحييٰ
·
حق ۽ باطل جي پاڻ ۾ ڪابه مٽي مائٽي ڪانه آهي.
مامون رشيد
·
ماڻهوءَ جي علم جو اندازو هڪ ڏينهن ۾ ٿي وڃي ٿو،
پر نفس جي خباثت جو پتو ورهين کانپوءِ به پئجي نٿو
سگهي. شيخ سعدي
·
تيستائين پاڻ کي انسان نٿا چوائي سگهو، جيستائين
اوهان جي راءِ، اوهان جي غصي ۽ ذاتي خيال جي ماتحت
آهي. بطليموس
·
تحرير هڪ خاموش گفتگو آهي، ۽ قلم هٿ جي زبان آهي.
سقراط
·
چڱن ڪمن جي پرکڻ جو هڪ ئي معيار آهي – اهو هي آهي
ته اوهان جي عمل مان انسانذات کي ڪهڙو فائدو پهتو
آهي. – مل
·
اها انسانذات جي بدبختي چئجي، جو ماڻهو انهن جي
پوڄا ٿا ڪن، جن ظاهر ظهور برائي ڪئي آهي. –
والٽيئر
·
جڏهن مان پنهنجن دوستن ۽ خير خواهن لاءِ مفيد نٿو
ثابت ٿي سگهان ته پوءِ مناسب آهي ته انهن کان دور،
ڪنهن گمناميءَ جي گوشي ۾ وڃي لڪان. – ايمرسن
·
يادگيرين ۾ ڪوبه مفاصلو ڪين آهي، پر فراموشيءَ ۾
پهاڙ وچ ۾ اچي وڃن ٿا. – خليل جبران
·
مايوسيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابه مصيبت نه آهي. گورڪي
·
بديءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڌڪ هڻو، ٽاريون پاڻهي ڪِري
پونديون. – رسل
·
عمل کان وڌيڪ ڪابه لذت نه آهي ۽ بدعمليءَ کان وڌيڪ
ڪو عذاب نه آهي. – ڀرتري هري
·
بيحيائي، دولت جو ناجائز اولاد آهي. – بلنگس
·
بديءَ ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ به بدي آهي. – عربي پهاڪو
·
جڏهن ڪو شخص اهو ڪم ٿو ڪري، جنهن کان ٻين کي منع
ٿو ڪري ته پوءِ اهو هڪ گناهه نه پر ٻٽو گناهه ٿو
ڪري. معريٰ
·
علم، موت ۽ عذاب کي ختم ٿو ڪري، يا انهن تي غالب
ٿو اچي. –لارينس
·
ڪاميابي، بيشمار تڪليفن ۽ خطرناڪ غلطين جي گهيري ۾
آهي. – برنارڊ شا
·
سچو شاعر وقت جي دربار جو مبلغ، ترجمان، نقاد ۽
نقيب ٿئي ٿو. سندس ڪلام ۽ فن، وقت جي تقاضائن جي
بازگشت ٿئي ٿو، پر ڪوڙو شاعر، رڳو ’درباري‘ ٿئي
ٿو. – بهادر يار جنگ
·
سڀ کان وڏي خيانت آهي، عام ۽ ساده دل ماڻهن سان
غداري ڪرڻ.- حضرت علي
·
سڀ کان برو ۽ بڇڙو ماڻهو اهو آهي، جنهن کان ماڻهو
ڇرڪن ۽ ٽهن. – غزالي
·
جون وڻ ميوو نٿو ڏئي، اهو يا ته ڪاٽيو وڃي ٿو، يا
ته ساڙيو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ
·
ماڻهوءَ جو اهو خيال، سندس حماقت جو دليل آهي،
جنهن موجب هو پاڻ کي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ عقلمند
ٿو سمجهي. – جالينوس
·
زندگيءَ جو مقصد، خوشي ۽ حاصلات نه، پر انسانيت جي
تڪميل آهي. – هيگل
·
دولت وارن وٽ، آزاديءَ ۽ ديانت جو اهو تصّور آهي
ته کين دولت ڪمائڻ جي آزادي هجي ۽ غريبن کي بک
ڪاٽڻ جي. – غزالي
·
ڪائنات، تيستائين تڪميل کي نٿي پهچي سگهي،
جيستائين ڪنهن غريب کي ’بدقسمت‘ چيو ويندو. –جيمز
·
اوهان چاهي ڇا به هجو، پر اوهان کي معلوم هئڻ
گهرجي ته دنيا جو وجود فقط اوهان لاءِ آهي.
–ايمرسن
·
ماڻهو، نَون ورهين کان پوءِ جوان ٿو ٿئي، پر جي
پنهنجي وقت کي سهڻي نموني ۾ گذاري ته پوءِ چند
گهڙين ۾ تجربيڪار ٿي وڃي ٿو. – فيثا غورث
·
افسوس ان قوو تي، جا اهو ڪپڙو پهري ٿي، جو سندس
بنايل نه آهي ۽ اهو انّ کائي ٿي، جو سندس پوکيل
ناهي! – خليل جبران
·
ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ جا ڏاڪا، ناڪاميابيءَ مان ٺاهيل
آهن. – جمال الدين افغاني
·
سوچڻ نهايت مشڪل ڪم آهي، تڏهن ته تمام ٿورا ماڻهو
سوچڻ جي تڪليف برداشت ڪن ٿا. –هينري فورڊ
·
عياري ۽ چالاڪي، ان ننڍي اوڇڻ وانگر آهي، جنهن جي
وجهڻ سان، مٿو يا پير هميشه ٻِاهر رهن ٿا. – اسڪاٽ
·
دنيا جو اهو سارو ادب زندهه رهندو ايندو، جنهن
انسان کي فطرت جي جبر، انسان جي جبر ۽ زندگيءَ
متعلق پيدا ٿيل غلط خيالن کان نجات ڏني آهي؛ ۽ اهو
سارو ادب، حرف غلط وانگر ميٽجي ويندو، جنهن انسان
جي غلاميءَ کي منطقي دليلن سان جائز سڏيو آهي –
توڙي جو سندس اها ڪوشش غير شعوري طور ڇو نه هجي. –
جمال الدين افغاني
·
تمام ٿورن ماڻهن کي اهو احساس ٿيو آهي ته هن کان
اڳ، تاريخ جو مطلب هوندو هو بادشاهن جي ڪارنامن کي
بيان ڪرڻ – پرهاڻي تاريخ نالو آهي، سندن جدوجهد ۽
جهاد، ڪاميابي ۽ ناڪاميابيءَ جو. – ابن خلدون
·
تمام هلڪڙو ۽ ننڍڙو الزام، جو حقيقت تي بنياد ٿو
رکي، سو پهاڙ جيڏي شهرت کي ناس ڪري ٿو ڇڏي. – ابن
ارشد
·
نيڪي اها ناهي ته ماڻهو اوهان کي نيڪ ٿا سمجهه، پر
نيڪي اها آهي، جنهن جي تصديق اوهان جي ضمير ڪئي
آهي.- فارابي
·
غلط طريقي تي، ناجائز دولت هٿ ڪندڙ کي، سندس ضمير
خبردار ڪري ٿو ته ”هو هڪ نه پر ڏهه گناهه ڪري چڪو
آهي!“ – ابو الحسن خرقاني
·
غافل انسان جو عقل نه مئو آهي، پر ضمير مري چڪو
آهي. – مجدد الف ثاني
·
سڀ کان وڌيڪ دانائي آهي، انسانذات سان بيغرض محبت
ڪرڻ. – سرور ڪائنات
·
جاهل جي زبان ٻٽيهه ڏندن جي وچ ۾ آهي، پر عالم جي
زبان سندس دل جي هيٺان آهي. – حضرت علي
·
ممڪن آهي ته اي ننڍڙا جوان، تنهنجو علم مون کان
وڌي ويو هجي، پر اهو ته قطعاً ناممڪن آهي ته
تنهنجو تجربو به منهنجي تجربي کان وڌي ويو هوندو!
– حضرت علي
·
عالم جي قلم جي مس، شهيد جي رت کان شرف واري آهي.
سرور ڪائنات
·
الله جو خوف فقط فطرت شناس عالم ئي ڪن ٿا. – قرآن
شريف
·
استاد جو احترام هر حال ۾ ترجيح ٿو رکي، پر صداقت
کي ترجيح ڏيندي، استاد سان اختلاف ڪرڻ وڏي نيڪي
آهي. – افلاطون
سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا
.... ”مهراڻ“ اصل آهي ”مها آرڻ“. سنسڪرت ۾ ’مها‘
معنيٰ ’وڏو‘ ۽ ’آرڻ‘ (ارڻو) معنيٰ ’ٻوڏ، ٻوڙ
ٻوڙان، سمنڊ‘ – جنهن ڪري ”مهراڻ“ جي اکري معنيٰ
آهي ”وڏو سمنڊ“ يا ججهي ”ٻوڙ ٻوڙان“. ٿلهي ليکي
ائين چئبو ته ”سنڌو“ ۽ ”مهراڻ“ ٻئي ساڳيءَ معنيٰ
وارا لفظ آهن.
پارسي تاريخن ۾ ”مهراڻ“ نالو، پهريائين
پهريائين ”چچنامي“ ۾ نظر اچي ٿو، جنهن جو
انگريزيءَ ۾ ترجمو شمس العلماء مرحوم مرزا قليچ
بيگ جو ڪيل آهي. انهيءَ جي پهرين ئي پهرين صفحي ۾
”مهراڻ“ نالو لکيل آهي، ۽ انهيءَ نالي وٽ منڌيئڙو
ڏيئي، صفحي جي هيٺان مرزا صاحب لکيو آهي ته ”اهو
سنڌونديءَ جو جهونو نالو آهي!“ خبر نه آهي ته
ڪهڙيءَ سَند تي ائين لکيو اٿس، پر سَند کڻي ڪهڙي
به هجيس، ته به ڏسو ته خود ”چچنامي“ ۾ چٽيءَ ريت
لکيل آهي ته ”مهراڻ ندي، آلور (تعلقي روهڙي) واري
ٽَڪريءَ جي هيٺان وهندي هئي.“ اکين سان ڏسون ٿا ته
سنڌوندي، سکر ۽ روهڙيءَ جي وچ مان پيئي وهجي ۽
الور، روهڙيءَ کان اڍائي ڪوهه پري آهي. ٻنهي ندين
جو رخ ئي نرالو، ته پوءِ اهي ساڳيون نديون ڪيئن
چئبيون؟ چوڻي آهي ته ”گيہ کٽو، ته به ڪپڙي پرواڻ!“
”مهراڻ ندي، هن وقت موجود ڪانهي، ته به ان
جو سُڪل پيٽ اڄ تائين پڌرو بيٺو آهي. انهيءَ سڪل
پيٽ جو ڳچ ڀاڱو اڀرندي ناري طرف آهي، ۽ سنڌوندي
الهندي ناري طرف آهي. اها ئي هڪ وڏي پڪي پختي
ثابتي آهي ته اڳي سنڌ ۾ اهي ٻه وڏيون نديون هيون.
تنهن ڪري ائين چوڻ ته سنڌونديءَ کي اڳي ”مهراڻ
چوندا هئا، سا غلط ڳالهه آهي. هن لاءِ اسان وٽ
لکيل ثابتيون به آهن:
ميجر راورٽيءَ، سنڌ جي ”مهراڻ“ بابت هڪ نهايت
ڪارائتو ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ قديم ۽ هاڻوڪي سنڌ
جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جون گهڻيئي ڳالهيون آهن؛ پر
منجهس مکيه ذڪر ”مهراڻ“ جو آهي، تنهن ڪري پنهنجي
ڪتاب جو نالو ئي رکيو اٿس ”سنڌ جو مهراڻ“. انهيءَ
ڪتاب ۾ ڄاڻايو اٿس ته اڳي سنڌ ۾ ٻه وڏيون نديون
هونديون هيون: هڪڙي ”سنڌو“ ۽ ٻي ”مهراڻ“- جن کي
پارسي تاريخ نويس، ”هاڪرو“ ۽ ”واهنده“ به سڏيو
آهي.
مسٽر هينري ڪزنس، آرڪيالاجيڪل کاتي جو سپرنٽيڊنٽ،
جنهن 1910ع ۾ ميرپورخاص طرف، ”ڪاهوءَ جو دڙو“
کوٽايو هو، تنهن به پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز
آف سنڌ“ ۾ ائين ئي ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ اڳي ٻه
وڏيون نديون هونديون هيون- ”سنڌو“ ۽ ”مهراڻ“ يا
”هاڪڙو“- جن مان ”مهراڻ“ کي ستلج نديءَ جو پاڻي
چڱي ڀرتي ڪندو هو.
”مهراڻ“ ندي، سنڌ ۾ ڪهڙي زماني کان وٺي هئي، ۽
ڪهڙي زماني ۾ ان جو وهڻ بند ٿيو- سي حقيقتون به
کوجنا ڪرڻ سان ملي سگهيون آهن. پارسين جو ڌرمي
پستڪ ”زنداويستا“ آهي، جو پهلوي ٻوليءَ ۾ لکيل
آهي، ۽ اها ٻولي ڦري، هاڻوڪي پارسي ٻولي ٿي آهي،
”زنداويستا“ هندن جي رگ ويد کان گهڻو پوءِ جو لکيل
آهي، ته به ان ۾ جيڪا ٻولي ڪم آيل آهي، سا رگ ويد
واري سنسڪرت سان بلڪل گهڻي مشابهت رکي ٿي- جنهن
ڪري چئبو ته اهو نهايت جهوني زماني جو ڪتاب آهي.
انهيءَ قديم ڪتاب ۾ به سنڌ جي ٻن ندين جو ذڪر آهي.
”زنداويستا“ ۾ سنڌونديءَ نالو ”وهه“
(Veh)
ندي لکيل آهي. ڊاڪٽر مارٽن هاگ نالي هڪ يورپي
عالم، پارسين جي مذهب ۽ ٻوليءَ بنسبت هڪ ڪتاب
انگريزيءَ ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ ”زنداويستا“ جي ڳچ
ڀاڱي جو اکري ترجمو ڏنو اٿس. انهيءَ صاحب لکيو آهي
ته: ”وهه“ معنيٰ ”چڱو“. انهيءَ مان يڪدم سمجهي
سگهجي ٿو ته قديم پهلوي ٻوليءَ جو هيءُ ”وهه“ لفظ
اهو ساڳيو آهي، جنهن جو اچار هاڻوڪي پارسي ٻوليءَ
۾ آهي ”بهه“، معنيٰ ”چڱو“ (”بهتر“ معنيٰ تنهن کان
’چڱو‘ يا ’وڌيڪ چڱو‘). مطلب ته زنداويستا واري
قديم زماني ۾ آڳاٽا ايراني لوڪ، اسان جي سنڌونديءَ
کي ”وهه“ ندي يعني ”چڱي“ ندي سڏيندا هئا.
زنداويستا ۾ انهيءَ ”وهه“ نديءَ کان سواءِ ”مهرا“
نديءَ جو نالو به ڄاڻايل آهي. شايد قديم ايراني
لوڪ، ”مهراڻ“ جي پڇاڙيءَ واري ”ڻ“ جو اُچار ڪونه
ڪندا هئا، جو پارسيءَ ۾ ”ڻ“ اکر آهي ئي ڪونه. اهي
حقيقتون نڪي ميجر راورٽيءَ، نڪي مسٽر هينري ڪزنس
يا ڪنهن ٻئي عالم ڄاڻايون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ ڊاڪٽر
مارٽن هاگ جي انهيءَ ڪتاب مان مون کي معلوم ٿيون.
تنهن ڪري هيءُ ليک، لکيم ته پڙهندڙ کي به سڌ پوي
ته زنداويستا واري قديم زماني ۾ ئي ٻي ندي ”مهراڻ“
هئي، جا ويدڪ زماني جي ندي آهي.
”زنداويستا“ کان پوءِ ”مهراڻ“ جو اکين ڏٺو احوال،
البيرونيءَ واري تاريخ مان ملي ٿو. سن 1024ع ۾
محود غزنويءَ، سومناٿ جي مندر تي ڪاهه ڪئي. تنهن
کان پوءِ ڪيترائي مسلمان عالم هندستان ۾ آيا.
منجهانئن هڪڙو البيروني هو، جنهن هندستان بابت
ڪيتريون حقيقتون هٿ ڪري، هڪ عمدو ڪتاب سن 1030ع
ڌاري لکيو، جنهن جو ترجمو انگريزيءَ ۾ ٿيل آهي.
البيرونيءَ سنڌ جو ”مهراڻ“ اکين سان ڏٺو هو ۽ چيو
اٿس ته اهو ”سنڌو ساگر“ به سڏبو هو، ۽ ڪڇ جي نار ۾
وڃي ڇور ڪندو هو. اهي ڳالهيون ميجر راورٽي ۽ مسٽر
هينري ڪزنس به ڄاڻايون آهن، جي شايد البيرونيءَ جي
ڪتاب مان ڪڍيون اٿن.
انگريزن پنهنجي صاحبيءَ جي شروعات ۾ ’مهراڻ‘ يا
’هاڪڙي‘ جي سُڪل پيٽ جي پڙتال ڪرائي هئي، جنهن جو
ذڪر ميجر جنرل ڪننگهام پنهنجي جوڙيل قديم هندستان
جي جاگرافيءَ ۾ ڪيو آهي. ان جو ٿورن لفظن ۾ مطلب
هيءُ آهي ته ’مهراڻ‘ يا ’هاڪڙو‘، الور، تعلقي
روهڙيءَ وٽان وهي، پوءِ وڏو ڦيرو ڪري، هاڻوڪي
اُڀرندي ناري جي پيٽ مان وهندو هو؛ ۽ اُڀرندو
نارو، ڏيپلي تعلقي جي ڏاکڻين ڀاڱي ۾، ڪڇ جي رڻ
ويجهو، هاڻوڪي ڍوري پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو- ته
پراڻ ڦوڪجي وهندي هئي، ۽ ڪوري کاريءَ ۾ وڃي ڇوڙ
ڪندي هئي. ڪوري کاري، مغلڀين، تعلقي جاتيءَ پريان
آهي ۽ سنڌ کي ڪڇ علائقي کان ڌار ڪري بيٺي آهي. هن
وقت ڪوري، ”کاري“ آهي، پر اڳي ”مِٺي“ هئي ۽
سنڌونديءَ جي اُڀرندي واري شاخ سڏبي هئي.
سنڌونديءَ جي اُلهندي واري شاخ، هاڻوڪو بگهياڙ
واهه هو، جو ننگر ٺٽي جي نزديڪ آهي. انهيءَ ڪوري
کاريءَ کي پراڻ جو پاڻي ملندو هو ته اها گڙگاٽ
ڪندي، لکپت وٽان لنگهي، ڪڇ جي نار ۾ وڃي پوندي
هئي. مطلب ته اُڀرندو نارو، ڍورو پراڻ ۽ ڪوري
کاري، اهي ٽي ئي ”مهراڻ“ يا ”هاڪڙي“ جا نشان آهن،
جي اڄ به هر ڪو اکين سان ڏسي سگهي ٿو.
(ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جي مضمون ”سنڌو ۽
مهراڻ“ مان اقتباس. ڇپيل، رسالو: ”سنڌو“، ص 12-14،
نومبر 1946ع، چونڊيندڙ: پرڀو ”ناشاد“، حيدرآباد
سنڌ)
سنڌي ٻوليءَ کي قومي زبان بنايو وڃي
سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي زبانن مان هڪ
تسليم ڪيو وڃي
سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي ”قومي ٻولين“ مان هڪ
قرار ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ شاهوڪار ٻولي آهي،
جيڪا قلات کان وٺي ڪڇ تائين، ڪراچيءَ کان وٺي
ملتان تائين اٽڪل هڪ ڪروڙ پاڪستاني باشندا
ڳالهائين ٿا.... ضلع ڪائونسل دادو، هن ٺهراءَ جي
وسيلي صدر پاڪستان کي درخواست ڪري ٿي ته سنڌي
ٻوليءَ کي پاڪستان جي ”قومي زبانن“ مان هڪ تسليم
ڪيو وڃي. – شمشاد احمد جوڻيجو دادو، سنڌ.
سنڌي ٻوليءَ کي قومي زبان بنائڻ ڪو مسئلو ڏکيو
ڪونهي.
سنڌي زبان جهڙي جهوني ۽ پاڪستان ۾ مقبول
علاقائي خاص ٻولي، جنهن کي پنهنجو شاندار ماضي
آهي، ۽ پاڪستان اندر علاقائي زبانن جي تاريخي
حيثيت جو پتو لڳائبو ته سنڌي زبان جي آبرو نمايان
۽ سرفهرست نظر ايندي. ادبي سرمايي ۾ شاهوڪار،
شاندار گرامر ۽ پختي صورتخطي سندس خاص خوبيون آهن.
اهڙي زبان (سنڌي) انهيءَ جي لائق ڪڏهن به نه آهي
جو کيس ملڪ اندر ”قومي زبان“ نه بنايو وڃي. انهيءَ
۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌي زبان، پنهنجي خوبين جي
زور تي صدين کان وٺي ”قومي زبان“ رهندي آئي آهي.
اڄ به پاڪستان جهڙي وسيع مملڪت ۾ اگر ”قومي زبان“
هجڻ جون خاصيتون جاچيون وينديون ته اها، پهرئين
زبان سنڌي ئي نظر ايندي. سنڌي ٻولي، تاريخي،
تهذيبي، ادبي توڙي ثقافتي ميدان ۾ خاص معيار رکي
ٿي. اهڙي مهذب ۽ تاريخ رکندڙ زبان کي ملڪ اندر
سرڪاري حيثيت ڏئي، قومي زبان بڻائڻ ڪو ڏکيو مسئلو
ڪونهي... سنڌ جي اٽڪل هڪ ڪروڙ سنڌي عوام مان چوٿون
حصو کن سنڌي- هندن، تقسيم جي وقت سنڌ ڇڏي، ڀارت
حڪومت کان ”سنڌي زبان“ قبول ڪرائي، ”قومي زبان“
بنائڻ جوفخر حاصل ڪيو آهي؛ مگر پاڪستان جي سرزمين
جي صوبي سنڌ، جتي ”سنڌي“ جنم ورتو، نڀني ۽ جوان
ٿي، قومي زبان هئڻ جي حيثيت حاصل نه ڪئي. اسان سان
اها بي انصافي ڪئي ويئي، جو کانئس ”قومي زبان“ هئڻ
جي حيثيت کسي ويئي آهي! – ”نشتر“ ناٿنشاهي، جائنٽ
سيڪريٽري ”جمعيت الشعراءَ“ سنڌ.
سنڌي زبان کي بنا دير قومي زبان قرار ڏنو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ جو جائز حق تسليم ڪري، کيس
بنا دير ”قومي زبان“ قرار ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته سنڌي
ٻولي برصغير جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي ۽
منجهس وڌڻ ويجهڻ جون سڀئي صلاحيتون موجود آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هر موضوع تي ڪتاب لکيل آهن ۽ لکي
سگهجن ٿا... سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جو
ذريعه تعليم ”سنڌي“ ڪيو وڃي ۽ ”سنڌي“ هڪ لازمي
مضمون جي حيثيت سان پڙهائي وڃي، جهڙيءَ طرح 1958ع
کان اڳ هو... ٻارن کي ملندڙ صدارتي انعامن ۾ ”سنڌي
ٻوليءَ“ جون لکڻيون به شامل ڪيون وڃن.
علي محمد ميمڻ صدر، ۽ رفيق احمد ميمڻ جنرل
سيڪريٽري، ”هالا اسٽوڊنٽس فيڊريشن“.
پنهنجي وطن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي زبان جي درجي
کان نه ڪيرائڻ گهرجي.
هنڌ ۽ پاڪستان جي قدم، شاهوڪار ۽ اعليٰ
ترقي يافته ٻولي سنڌيءَ کي ”قومي زبان“ قرار ڏنو
وڃي. تازو هندوستان سرڪار به آخر سنڌيءَ جي عظمت ۽
مقبوليت کي قبول ڪندي کيس ”قومي زبان“ تسليم ڪيو
آهي. انهيءَ ڪري پاڪستان ۾، جتي هن ٻوليءَ جو وطن
آهي ۽ جتي هندستان کان ڏهوڻا سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ
آهن، اتي کيس قومي زبان جي درجي کان نه ڪيرائڻ
گهرجي.
محمد ابراهيم سولنگي، سيڪريٽري، ”سنڌي ادبي جماعت“
ٿرپارڪر
سنڌي ٻوليءَ کي عدالتي زبان قرار ڏنو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ کي ”عدالتي زبان“ قرار ڏنو
وڃي ۽ ان سان گڏ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سطح تي ”سنڌي
زبان“ جو اڳيون درجو بحال ڪيو وڃي. – يونين
ڪائونسل، ڪڪڙ جو ٺهراءُ
پڙهندڙن جا پيغام
·
اسلام عليڪم: ’مهراڻ‘ جو 3، 4- 1966ع جو ديده زيب
پرچو مطالع ڪيو ويو. علمي ۽ تحقيقي مقالن جو معيار
بيشڪ بلند آهي. هر هڪ مقالو، افاديت ۽ معلومات جي
خيال کان، جنهن وسيع مطالع ۽ محققانه انداز ۾ لکيو
ويو آهي، ان جو داد ته محقق ۽ عالم ئي ڏئي سگهن
ٿا.
حضرت علامه قاضي صاحب جن جي تقرير دلپذير، موجوده
عالمي ۽ ديني ماحول لاءِ دعوت فڪر آهي. ڪاش! اسان
جا جديد الخيال نوجوان، توڙي قدامت پسند پڪا ۽
پوڙها بزرگ، هن سنڌي مفڪر جي عالمانه ۽ مجتهدانه
بصيرت مان استفادو ڪري سگهن. پير صاحب راشدي، سنڌ
جي مثالي حاڪم، ’ڄام نندي‘ جي سوانح ۽ سيرت کي
جنهن پياري ۽ دلنشين انداز ۾ بيان ڪيو آهي، ان کي
ڏسي ۽ پڙهي، چئي ٿو سگهجي ته پير حسام الدين راشدي
نه فقط هڪ محقق آهي، پر ان سان گڏ صاحب اسلوب ۽
صاحب طرز انشا پرداز پڻ آهي. ڪاش! سندس ئي قلم مان
‘مشاهير سنڌ‘ جو ڪو مڪمل تذڪرو شايع ڪيو وڃي!
’اسلامي تصوف جي سنڌ ۾ ابتدا‘ بدوي صاحب جو، ۽
’سنڌي علماء ۽ سندن عربي تصنيفات‘، مخدوم امير
احمد جو، نهايت معلومات افزا مقالا آهن. ’بلوچ قوم
جي تاريخ‘ تي هن ڀيري نواب جان علي خان لغاري،
محققانه بحث ڪري، هڪ اختلافي مسئلي کي سلجهائڻ جي
ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. اميد ته باقي مسئلن تي به
قلم کڻندو. ’خيام جي رباعين جو منظوم ترجما‘، جناب
الياس عشقيءَ جو عالمانه ۽ محققانه مقالو آهي،
جنهن نه فقط خيام جي فن متعلق نيون راهون کوليون
آهن، پر ان سان گڏ ’خيام‘ تي ٿيل علمي ڪم کان به
واقفيت ڏني آهي. ان طرح ’رسم الخط جي تاريخ‘،
پروفيسر واءِ ايس طاهر علي، ۽ ’سَنڌي‘ (صوتيات)
خواجا غلام علي الانا جا، لسانيات تي فاضلانه ڪاوش
تي مشتمل آهن. مسٽر محرم خان دستور موجب، ’قديم
سنڌي شعر ۽ شاعري‘ تي نهايت نوان پهلو پيش ڪيا
آهن. اميد ته سندس اهو سلسلو، سنڌي شعر جي تاريخ ۾
اڳتي هلي سنگ ميل ثابت ٿيندو.
·
آخر ۾ آيل ادب لطيف ’اکا‘، جناب فضل الاهي
انصاريءَ لکي، خليل جبران ۽ ٽيگور جون سڪون لاٿيون
آهن. ٻيا باقي ڪالم به نهايت دلپذير آهن.
’مهراڻ‘ جي ان معيار کي تحسين ۽ آفرين آهي: البت
حصهء نظم جي نه هجڻ ڪري هڪ اهڙي کوٽ محسوس ٿي آهي،
جنهن کي ڀرڻ لاءِ سوچڻ گهرجي.
راڄ محمد پلي، ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي، ضلعو
ٿرپارڪر
·
السلام عليڪم: گهڻي زماني کان ’مهراڻ‘ جي باقاعده
پڙهندي، هڪ خلش جو احساس ستائيندو آيو آهي. ان جو
اظهار ڪڏهن بيربط ۽ بيموقعي، ڪيو به اٿم. اهو هي
ته هن علمي خدمت جي صلي ۽ سلسلي ۾، اوهان کي لفظي
حوصله افزائيءَ جو مفصل خط لکان پر، افسوس جو هن
ڀيري به لکي نه سگهيو آهيان! پر ايتري چوڻ کان به
رهي نٿو سگهان، ته نه فقط جناب مخدوم محمد زمان
صاحب طالب المولا جي علمي خدمت جو اعتراف اٿم، پر
ان سان گڏ، سنڌي ادبي بورڊ جي انهن گمنام
ڪارپردازن جي گمناميءَ ۽ خاموشيءَ جو احساس به
آهي، جي ويچارا پنهنجي پوري قوت ۽ صلاحيت، سنڌي
ادب لاءِ وقف ڪري چڪا آهن. انهن فاقه ڪش مجاهدن تي
آفرين آهي. ان سلسلي ۾، ’مهراڻ‘، جهڙو ضخيم ۽ پهاڙ
جهڙو رسالو، ان جي ترتيب ۽ اشاعت به ڪو معمولي ڪم
نه آهي: ان ڪري ئي ’مهراڻ‘، ’بورڊ‘ لاءِ هڪ بلند
مرتبه علامت بڻجي پيو آهي. منهنجي خيال ۾ بورڊ جا
سڀ معزز ميمبر، اهڙا آهن جي هوند قلمي خدمت ڪرڻ تي
اچن ته پوءِ گهڻو ڪجهه لکي سگهن ٿا. ’مهراڻ‘ جو
انهن تي وڏو حق آهي. افسوسناڪ امر ٻيو اهو به آهي
ته ’مهراڻ‘ مان نظم جو حصو خارج ڪيو ويو آهي. ان
جي مصلحت جي خبر خدا کي، تاهم ان جي تلافيءَ جي ڪا
صورت اڃانه پيدا ٿي آهي! ان کان اسان اڻواقف
آهيون.
حج تي وڃي رهيو آهيان. ڪجهه پرچا کنيون ٿو وڃان،
جيئن سنڌي- عرب به پڙهي ڏسن! – نواب نور احمد خان
لغاري، خانپور، ضلعو حيدرآباد (سنڌ)
·
السلام عليڪم: مون ڪيئي اردو رسالا ۽ ناول پڙهيا
آهن، پر انهن مان منهنجي ادبي تشنگي دور نه ٿي
آهي. هينئر مان اردو ڪتابن ۽ رسالن مان بور ٿي پئي
آهيان. ايتريقدر جو هينئر ڪوبه اردو ڪتاب يا رسالو
ڏسڻ ۾ ايندو اٿم، ته جيئن ڦٽل کير مان بڇان ايندي
آهي، تيئن انهن کان به طبعيت ونءُ ٿي وڃي. ڇو ته
انهن ۾ هاڻي ڪابه جّدت نه رهي آهي.
هاڻي مان سنڌي رسالا پڙهندي آهيان. پنهنجي مٺڙي
زبان جو ڪوبه ڪتاب پڙهندي آهيان ته اهڙي خوشي
ٿيندي آهي، جيئن ڪنهن ورهين جي وڇڙيل ڀيڻ سان ملي
ڪري خوشي ٿيندي آهي.
اوهان منهنجي ادبي ذوق جو اندازو ان مان لڳائي
سگهو ٿا، ته هاڻي مون وٽ ايترا ته سنڌي ڪتاب ۽
رسالا گڏ ٿيا آهن، جن مان جيڪر پوري لئبريري ٺهي
وڃي.
سڀ کان وڌيڪ منهنجو پسنديده رسالو ’مهراڻ‘ آهي، جو
سنڌي زبان جو بهترين ۽ معياري رسالو آهي. هاڻي ته
ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو پيو وڃي. (خدا نظر بد کان
بچائيس، شال!)
سڀ کان وڌيڪ، اوهان جو لکيل ’مهراڻ‘ رسالي ۾
مقالو ” مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ تمام
گهڻو پسند آيو. افسوس جو اهو مختصر آهي ۽ ان جا
باقي حصا اڃا تائين نه ڇپيا آهن، جن ۾ هوند مشرقي
شاعريءَ جي باقي ٻين مسئلن ۽ موضوعن تي بحث پڙهجي
ها. ان مقالي مان اوهان جي قلم جو زور ۽ قوت صاف
نظر اچي رهيا آهن. اوهان جي اها تحرير هر لحاظ
کان، بهترين ۽ فني معيار تي پوري ٿي بيهي. مون ته
اڃا رڳو اوهان جو اهو هڪڙو مقالو پڙهيو آهي، جنهن
مان مون کي اوهان جي علمي مطالعي ۽ تحقيق جي اسلوب
جو اندازو ٿيو آهي. پر ڏک اٿم ته سچ الائي ڇو
ڦاهيءَ تي چڙهندو ٿو رهي؟ الائجي ڇو، ان مقالي جي
تڪميل کان اڳ وٺي مختلف نمونن ۾ مخالفت ڪئي وئي.
ڇا اسان وٽ سچن پارکن جي ايتري اڻاٺ ٿي وئي آهي ڇا
جو سچ ۽ ڪچ جي پرک ۽ پروڙ به ڪانه ٿا ڪري
سگهن؟’هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾؟‘
آءُ سنڌي شعر به پڙهندي آهيان. مون کي سنڌ جي سڀني
وڏن ننڍن شاعرن جو اهو انتخاب، جو مهراڻ ۾ ايندو
هو، ڏاڍو پسند ايندو هو.
اها ڪا ٿوري ڳالهه آهي! انهن شاعرن جي شعر ۽ فن جي
پرک، سنڌ جي نامياري فرزند، جناب مخدوم محمد زمان
صاحب طالب المولا وٽ ته عزت جي درجي تي آهي. ان
طرح بورڊ جا ميمبر به پسند ڪن ٿا. منهنجو عرض اهو
آهي ته ڇو نه ٻيهر ان حصي کي شروع ڪيو وڃي. آخر
علاج ۽ اصلاح جي به ڪا مدت ٿيندي آهي. سنڌ جي
شاعرن جو به ڪو دانهن ڪُوڪ ٻڌڻ وارو آهي يا نه؟
اميد ته منهنجو عرض، جناب چيئرمن صاحب ۽ ميمبرن کي
’مهراڻ‘ وسيلي پهچائيندا ته هيترا سارا شاعر،
پنهنجي فن ۽ ڪلام کي ڇاپائڻ ڌاران ڪاڏي وڃن، جڏهن
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سنڌي ٻه – چار رسالا مَس وڃي
بچيا آهن! آخر سنڌي شاعرن ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي، جڏهن
اردو زبان جي سڀني رسالن ۾ اردو پراڻن ۽ نون شاعرن
جو ڪلام هميشه پيو ڇپجي. انهن جي ته سرڪاري رسالن
’ماه نو‘، ’اردو‘، ’ثقافت‘، ’اردو نامه‘، توڙي
’افڪار‘، ۽ ’هم قلم‘ جهڙن گرانٽ تي هلندڙ پرچن ۾
به، جوش ۽ فيض کان ويندي ماهر القادري تائين شعر
ڇپجي ٿو. ’مهراڻ‘ وي – پي ڪندا. خط وڏو ٿي ويو
آهي، مون کي ڊپ آهي ته اوهان جو ٽائيم نه ضايع
ٿيندو هجي. – ممتاز ميمڻ شهدادپور (سنڌ).
*مهراڻ، 3-4/1966ع جو پرچو نظر مان نڪتو. اهائي
منجهس لطافت ۽ نزاڪت هئي مهراڻ جي مقالن، اسان جي
ادبي ۽ تحقيقي معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي.
مهراڻ جي اها معياري پيشڪش، جديد دؤر ۾ تحقيق ۽
تاريخ جي سلسلي ۾ هڪ نئون باب آهي. اوهان جو
ايڊيٽوريل هن ڀيري به هميشه وانگر زور دار ۽
اثرائتو آهي.
مهراڻ ۾ نظم جو حصو ڪونه ٿو اچي، ڄڻ ته اسان
ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آهيون.
مهراڻ، شعر و شاعري جي ڪا گهٽ خدمت ڪئي آهي؟ ’قدر
وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار‘ يا ائين چئجي ته ’ويا
سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي!‘ سچ پچ اهي سونارا
۽ جوهري ئي ويا، جيڪي ماڻڪ ۽ موتي سڃاڻندا هئا.
’مهراڻ‘ جي وسيلي، سنڌي ادب ۾ جيڪو مواد ڪٺو ٿيو
آهي، اهو اسان لاءِ مشعل راهه آهي، پر شرط اهو آهي
ته ڪو ان شمع جي روشنيءَ ۾ سوچڻ چاهي. ’مهراڻ‘
جيڪا نوجوانن جي همت افزائي ڪئي آهي، اها هڪ
تاريخي حقيقت آهي. گهڻو ڪري پورو نوجوان طبقو
مهراڻ جو پيدا ڪيل آهي. ڪيترا مبتدي شاعر، هاڻي
وڏا شاعر ٿي چڪا آهن. اهو ڪو ٿورو ڪم آهي؟ وري به
منهنجو عرض، چيئرمن صاحب ۽ بورڊ جي ميمبرن کي آهي
ته هو ضرور سنڌي شاعرن جي فن جي اشاعت لاءِ
سوچيندا.
دادا سنڌي، ميرپوري، ميرپور ماٿيلو
·
مون کي ’مهراڻ‘ تي فخر ٿو ٿئي ’مهراڻ‘ سنڌي ادب جي
ڪاميابيءَ جي نشانيءَ آهي. سنڌي ادب ۾ ’مهراڻ‘ جي
حيثيت هڪ انمول هيري جهڙي آهي.
- فدا بلوچ، ڳيريلائي، نصير آباد
*واقعي هن نئين دؤر ۾، مهراڻ نهايت بلند
معيار تي پهچي چڪو آهي. سچ پچ ’مهراڻ‘ جي حيثيت،
عالمي ادب ۾ نهايت بلند ۽ قابل ستائش ٿي چڪي آهي.
جيڪو خال، نظم ۽ افسانن جي نه هئڻ سان پيدا ٿيو
آهي، ان کي ڀرڻ لاءِ آءُ ذاتي طرح سان جناب چئرمن
صاحب سنڌي ادبي بورڊ ۽ معزز ميمبرن کي پڻ عرض
ڪريان ٿو ته هو سنڌي ادب جي ان جاندار حصي کي
دوباره جاري ڪرڻ جي اجازت ڏين.
سليم الزمان، دين محمد شاهاڻي، دادو.
·
اصل ۾ ’مهراڻ‘ لاءِ لکڻ، خوشيءَ ۽ فخر جو باعث
آهي. – ڪيرت ٻاٻاڻي (بمبئي)
·
السلام عليڪم: ’مهراڻ‘ علمي مقالن تي مشتمل، سارو
مطالع ڪيو ويو. اسان شعر و شاعريءَ سان تعلق
رکندڙ شاعرن لاءِ ته ڄڻ سڃ ۽ رڃ آهي! اهڙا تحقيقي
۽ خشڪ مسئلا ته لکن به خشڪ محقق ٿا، ته پڙهڻ وارا
به خشڪ طبع ئي هوندا! |