سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 4

صفحو :9

باب چوٿون

 

سومرا:

سومرا ڪير آهن؟ ان بابت مؤرخن ۾ اختلاف آهي. ڪي انهن کي خالص عرب لکن ٿا، ڪي وري کين خالص هندو لکن ٿا. سندن ڪي نالا ته خالص عربي آهن ۽ ڪي وري خالص هندي آهن. مؤرخن سومرن جي حسب ۽ نسب متعلق جيڪي لکيو آهي، سو اسين هيٺ سلسليوار ڏيون ٿا. سڀ کان اڳ اسان کي آڳاٽن مؤرخن جو بيان ڏيڻو آهي ته اهي سومرن جي قوميت متعلق ڇا ٿا لکن. ان کان پوءِ جديد مؤرخن جو بيان ڏبو ته انهن ڪهڙي تحقيقات ڪئي آهي.

مير محمد معصوم ’تاريخ معصومي‘باب 2 ۾ هن ريت لکي ٿو:

”سلطان محمود ملتان ۽ سنڌ کي فتح ڪيو هو. سلطان عبدالرشيد بن محمود (441هه – 444هه) جي زماني ۾ جڏهن سلطنت سندس عياشيءَ ۽ آرام طلبيءَ ڪري ڪمزور ٿي، تڏهن سومرن پنهنجي قبيلي جي هڪڙي شخص سومره کي ٿريءَ جي شهر ۾ تخت تي ويهاري پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو، هن سومره، لاڙ ۾ سعد نالي هڪڙي طاقتور زميندار سان تعلق پيدا ڪري سندس ڌيءُ سان شادي ڪئي، جنهن جي بطن مان هڪڙو پٽ ڄائس، جنهن تي هن ڀونگر نالو رکيو، جو پيءُ جي مئي کان پوءِ سنڌ جو حاڪم ٿيو.“

مير معصوم کان پوءِ ’تاريخ طاهري‘ جو مصنف مير طاهر نسياني، جنهن جي مذڪوره تاريخ ۾ فقط قصا ۽ افسانا ڏنل آهن، سو عمر سومري جي مارئي سان عشق جي ضمن ۾ لکي ٿو:

”سومرا هندو قبيلي مان هئا ۽ هندو مذهب جا پابند هئا. سنه 700هه کان سنه 843هه تائين حڪومت ڪيائون. سندن تختگاه محمد تور، الور جي ويجهو هو.“

’طاهري‘ جي بيان موجب سومرن جي سنڌ حڪومت 700هه يعني علاءُ الدين خلجيءَ جي زماني کان شروع ٿي. سلطان علاءُ الدين خلجي سنه 695هه محمد، سيد گهراڻي جي بادشاهه، جي دهليءَ تي حڪومت هئي. سلطان محمد جي حڪومت جو عرصو سنه 837هه (1433ع) کان شروع ٿي سنه 847هه (1443ع) تائين ختم ٿيو. مٿئين حساب موجب ’طاهريءَ‘ جو بيان ’معصومي‘ کان بلڪل نرالو آهي.

’بيگلارنامه‘ جو مصنف، امير سيد قاسم خان بن سيد قاسم ترمذي، سومرن نسبت هن ريت فرمائي ٿو:

”سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ، عرب جي قبيلي تميم سنڌ تي حڪومت ڪئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ سومرا قوم سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ پنج سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. سندن تختگاه مهاتم تور هو.“

عجب جي ڳالهه چئبي ته جيئن مؤرخن سومرن جا نالا گڏيل هندي ۽ عربي ڏنا آهن، تيئن سندن تختگاهن جا نالا به عربي ۽ هندي ڏنا اٿن: هڪڙا ’محمد تور‘ لکن ٿا، ٻيا ’مهاتم تور‘. ممڪن آهي ته ’مهاتم تور‘ نالو ’محمد تور‘ هجي، پر سوال آهي ته سندس جاءِ وقوع به جدا جدا هنڌن تي ڏيکارين ٿا.

مير علي شير قانع ٺٽوي ’تحفة الڪرام‘ ۾، محمد يوسف جي ’منتخب التواريخ‘ تان نقل ڪري ٿو:

”جڏهن سلطان عبدالرشيد بن محمود جي سنڌ تي حڪومت هئي، تڏهن سنڌين سندس ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي، سنه 445هه (1053ع) ۾ سومرن جي قبيلي ٿريءَ ۾ گڏ ٿي، سومره نالي هڪڙي بادشاهه کي اڳواڻ مقرر ڪيو، جنهن کي هڪڙو پٽ ڀونگر نالي سعد زميندار جي ڌيءَ جي بطن مان ڄائو. ڀونگر پنج ورهيه حڪومت ڪئي ۽ سنه 461هه ۾ وفات ڪئي.“

وري پاڻ لکي ٿو ته، ”سومرا قوم سامره جي عربن مان آهي، اهي هجري ٻي صديءَ ۾ عرب جي تميم قبيلي سان گڏ سنڌ ۾ آيا. تميم عباسي دؤر ۾ سنڌ جو والي مقرر ٿيو هو.“

’تاريخ سنڌ‘ (ڀاڱي – 3) جو مصنف ميان عبدالغني عبدالله سومرن جي حڪومت جو زمانو سنه 700هه (1300ع) کان 743هه (1439ع) تائين ڏياکري ٿو، جيڪو سنه ’تاريخ طاهري‘ ڏنو آهي. سومرن بابت هو لکي ٿو:

”تميم، جو سنه 111هه ۾ هشام بن عبدالملڪ جي زماني ۾ سنڌ جو گورنر ٿي آيو هو، تنهن جو اولاد بني تميم، جڏهن هجري 4 صدي ۾ خليفي مامون جي ڏينهن ۾ سامره شهر مان لڏي سنڌ ۾ آيو،تڏهن اتان ساڻس ٻي هڪڙي عرب قوم به سنڌ ۾ لڏي آئي هئي، جنهن پوءِ پاڻ کي ’سومرا‘ سڏايو.“

حقيقت ۾ ’چچنامه‘، توڙي ’تاريخ سنڌ‘ (جلد -3) جو مصنف ٻئي غلط آهن؛ ڇاڪاڻ ته مامون نه 4 هجري صدي ۾ ٿي گذريو، نه وري سندس ڏينهن ۾ ’سامره‘ شهر جو ڪو نالو نشان موجود هو. جيڪڏهن ’چچنامه‘ غلطي ڪئي، ته ان جو هي مطلب نه آهي ته ’تاريخ سنڌ‘ جو مصنف به غلطي ڪري. ’سامره‘ جو اصل نالو ’سرمن راءِ‘ هو، جو گهڻي استعمال ڪندي پوءِ ’سامره‘ بنجي ويو. سرمن راءِ هڪڙي ڇانوڻي هئي جا خليفي معتصم بالله عباسي بغداد کان نوي ميلن جي مفاصلي تي، دجله جي هڪڙيءَ شاخ قاطون تي، سنه 220هه ۾ تعمير ڪرائي، ان ۾ ترڪي لشڪر ويهاري، بغداد بدران اتي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو هو. مامون 4 صدي هجريءَ ۾ ٿي نه گذريو، بلڪ هن ته سنه 218هه ۾ وفات ڪئي هئي. يورپي مؤرخن سومرن کي نومسلم راجپوت ڏيکاريو آهي(1). ايليٽ صاحب به اهوئي ئي رايو ڏنو آهي.

مولانا عبدالحليم شر، جنهن کي نواب وقارالامرا وزيراعظم حيدرآباد دکن، پنج هزار رپيا ’تاريخ سنڌ‘ تيار ڪرڻ لاءِ ڏنا هئا. (جنهن جو پهريون جلد سنه 1907ع ۾ ۽ ٻيو جلد سنه 1909ع ۾ شايع ٿيا هئا)، سومرن کي ’سامري‘ نومسلم يهودي لکي ٿو. مولوي صاحب کي مٿيون گمان ان ڪري ٿيو هو، جو يهودين جو هڪڙو فرقو شام جي جبل شمرون ڪري، ’سامري‘ سڏبو هو. بشاري مقدسيءَ هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته اهل ذمه چار آهن: يهود، نصاريٰ، مجوس ۽ صابي، جن کان جزيه ڍل ورتي وڃي ٿي. اڳتي هلي لکي ٿو ته ’سامره‘ به اهل ذمه آهن. وري اڳتي هلي لکي ٿو ته سنڌ جا بت پرست اهل ذمه ڪونه آهن، ڇاڪاڻ جو جزيه نه ٿا ڀرين.(1) شايد بشاريءَ جي انهي بيان کي مروڙي سروڙي مولانا شرر، سامره کي يهودي لکيو آهي!

جي- ايبٽ پنهنجي تحقيقات موجب سومرن کي راجپوت لکي ٿو، سندس بيان موجب سنڌ کان سواءِ ڪڇ، گجرات ۽ سورت تائين سندن حڪومتون هيون.(2)

مولوي نجم الغني پنهنجي ’وقائع راجسٿان‘ ۾ سومرن متعلق جيڪا جديد تحقيقات ڪئي آهي، سا ايبٽ جي بيان کان وڌيڪ تحقيقات تي مبني آهي. سندس بيان آهي ته سومرا سورج بنسي خاندان مان پرمار راجپوت آهن. ڪي چون ٿا ته چندر گپت جو اولاد آهن، ڪن جي راءِ آهي ته اوڌ جي راجا رامچندر جي پٽ سپومتر جي شاهي نسل مان آهن. پرمار راجپوتن جي نون راجائن ستلج کان وٺي دکن تائين  چوڏهن حڪومتون کڙيون ڪيون هيون، جن جا چوڏهن تختگاه هي هئا: مهيشور، ڌار، مانڊو، اجين، چندر ڀاگا، چتور، آبو، چندراوتي، موميدنه، پرماوتي، امرڪوٽ، بکر، لوه دره ۽ پٽن. مٿيان ڪي شهر هنن فتح ڪيا هئا ۽ ڪي نوان تعمير ڪرايا هئائون. سندن پنجٽيهن خاندانن مان ڇهين خاندان مان امره سومره اسلام اختيار ڪيو هو.(1)“ گويا جيئن اندلس تي عربن جي اٺن صدين جي حڪومت ڪرڻ کان پوءِ اتي جي عيسائي رهاڪن ٻيهر ملڪ تي قبضو ڪيو هو، تيئن عربن جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ کان پوءِ اٺن صدين گذرڻ بعد، سومرا سنڌ جا پهريان باشندا هئا، جن سنڌ تي وري قبضو ڪيو هو.

سومرن جو مذهب:

سومرا شروع ۾ اسماعيلي هئا. مٿيون ثبوت دروزين جي خط مان پئجي سگهي ٿو، جيڪو سندن امام سنڌ جي سومرن جي سردار ابن سومر ڏانهن لکيو هو(2):

”ملتان ۽ هندستان جي موحدن جي نالي عموما ۽ شيخ ابن سومره راجا بل جي نالي خصوصا – اي معزز راجا بل، پنهنجي خاندان کي اٿار، موحدن ۽ ننڍي دائود کي سچي دين ۾ آڻ، ڇاڪاڻ ته مسعود ان کي تازو غلاميءَ کان آزاد ڪيو آهي. تون پنهنجي فرض کي پورو ڪر ۽ دائود جي ڀاڻيجي عبدالله ۽ ملتان جي باشندن لاءِ توکي مقرر ڪيو ويو آهي، تان ته تقديس ۽ توحيد جي مڃڻ وارا جهالت، ضد، سرڪشي ۽ بغاوت ڪرڻ واريءَ جماعت کان ممتاز ٿي وڃن(3).“

مٿئين خط مان جيڪي اهم نتيجا نڪرن ٿا، سي هيٺ ڏجن ٿا:

1- سومرا ۽ سندن باني، جيڪي سنڌ جا اصلي باشندا هئا، جن پوءِ سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي هئي، سي اسلام اختيار ڪرڻ وقت اسماعيلي فرقي ۾ داخل ٿيا هئا.

2- ملتان جو حاڪم ابوالفتح دائود وغيره ۽ سومرا هڪڙي مذهب جا پيرو هئا.

3- سومر غالبا سنڌ جي اسماعيلين جو شيخ ۽ امام هو، ڇاڪان ته ’شيخ‘ لقب اسماعيلي پنهنجي مذهبي سردار لاءِ استعمال ڪندا هئا. جيئن شيخ الجپال حسن بن صباح.

4- ايئن معلوم ٿو ٿئي ته دائود ننڍو، ابو الفتح دائود جو پٽ هو، جنهن کي سلطان مسعود بن محمود غزنويءَ اسماعيلي مذهب کان توبهه ڪرڻ جي شرط تي آزاد ڪيو هو ۽ عبدالله ابوالفتح جو ڏوهٽو ۽ دائود اصغر جو ڀاڻيجو هو.

5- مٿئين خط مان اهو به معلوم ٿي سگهي ٿو ته دروزين ابن سومره راجا بل کي سلطان مسعود، عبدالله ۽ اهل ملتان وارن جي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو هو ته قرامطي اسماعيلين جي سنڌ ۾ جيڪا قوت ضايع ٿي ويئي هئي، تنهن کي ٻيهر بحال ڪري سگهجي. ايئن معلوم ٿو ٿئي ته ملتان ۾ قرامطين اهڙي بار بار ڪوشش ڪئي هئي، پر ڪامياب ٿي ڪونه سگهيا هئا.

6- پوئين اهم ڳالهه، جا خط مان معلوم ٿئي ٿي، سا سومره جي شخصيت متعلق آهي ته هو ڪو سنڌ جو طاقتور زميندار هو، جنهن صورت ۾ سومره جو پٽ سلطان مسعود جو معاصر هو، ته پوءِ چئي سگهبو ته سومرو پاڻ سلطان محمود (المتوفي 421هه) جو معاصرو هوندو.

7- سومرن مٿئين خط جي تاريخ کان ويهه ورهيه پوءِ سلطان عبدالرشيد بن محمود (المتوفي سنه 440هه) جي ڪمزور حڪومت جي زماني ۾ سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڄمايو هو.

حقيقت ۾ قرامطين ۽ اسماعيلين جو مذهب مخلوط هو. اسماعيلي اسلام سان گڏ هر هڪ ملڪ جي رسمن ۽ عقيدن کي شامل ڪندا هئا. مثال لاءِ جڏهن سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي ڪوشش سان مصر مان عهدوي مذهب جو بنياد اکڙجي ويو، تڏهن مٿئين مذهب جا گهڻا مبلغ يمن جي رستي کان سنڌ ۽ گجرات ۾ داخل ٿيا هئا. قاضي نور الله شوستري اثنا عشري پنهنجي ڪتاب ’مجالس المومنين‘ ۾، (جو هن 1019هه ڌاري تصنيف ڪيو هو) لکي ٿو ته، هجري 7 صديءَ ڌاري، ملا علي هڪڙو مهدوي داعي سنڌ کان گجرات پهتو؛ سندس تبليغ جي ڪري گهڻائي هندو واپاري مسلمان ٿيا. ازانسواءِ هڪڙو پارسي مؤرخ، مسٽر بهرام جي ملهاري، پنهنجي ڪتاب ’گجارت ائنڊ گجراتي‘ مطبوع لنڊن 1882ع، صحفي 152 ۾ ۽ ’مرآت احمديءَ‘ جي انگريزي ترجمي، صفحي 89 جي فٽ نوٽ ۾ لکيل آهي ته هندو واپاري جن کي ملا عليءَ مسلمان ڪيو، سي هينئر بوهرا سڏجن ٿا، منجهن هندن جون رسمون رواج توڻي عقيدا اڃا سوڌو هلندا اچن ٿا، اهي گجرات، مالوه، راجپوتانا، ڪوڪن ۽ دکن تائين پکڙيل آهن.(1)

فاطمين جڏهن عباسين خلاف بغاوت کڙي ڪئي هئي، ان وقت سندن (فاطمين جي) جهنڊي جو رنگ سفيد هو. ان سبب ڪري فاطمي ’مبيضه‘ سڏجڻ لڳا هئا. هينئر به بوهرن جو لباس سفيد آهي، ان ڪري فارسي مؤرخ انهن کي ’سفيد جامگان‘ ۽ ’سفيد پوشان‘ لکن ٿا.(1) اسماعيلي خوجن جو پهريون داعي پير صدرالدين، جنهن جي قبر اُچ ۾ آهي، سو اسماعيلي خوجن جو پهريون داعي هو، جو هندو نالو رکائي سنڌ ۾ آيو هو. هن هندو مذهب جي مناسبت تي هڪڙو ڪتاب ’دسا اوتار‘ يعني ڏهه اوتار تصنيف ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ آنحضرت ﷺ جن کي برهما، حضرت آدم کي شوِ ۽ حضرت علي ڪرم الله وجه کي وشنو يعني ڏهون اوتار ڏيکاريو ويو آهي. خوجن شروعات کان هن ڪتاب کي آسماني ڪتاب ڪري مڃيو ۽ مرڻ وقت برڪت لاءِ پڙهن ٿا.

پير صدرالدين جا سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گهڻائي پوئلڳ ٿيا هئا. پير صاحب آخر سنڌ کان ڪڇ ڏانهن ويو، جتان سندس عقيدا گجرات ۾ پکڙجي ويا. خوجا به بوهرن وانگر پهريان هندو هئا، جن پوءِ اسماعيليت کي قبول ڪيو.(1) مٿيان داعي قلعه الموت ۽ يمن کان سنڌ ۾ وارد ٿيا هئا. ان مخلوط مذهب ۾ داخل ٿيڻ ڪري، سومرن جا نالا به مخلوط آهن.

مخدوم جهانيان سيد جلال الدين بخاري رحه (707هه – 800هه)، جو شيخ الشيوخ حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رحه جي مريدن مان هو ۽ اچ شريف ۾ سڪونت پذير هو، تنهن جي دهليز تي هڪڙي دفعي درويشن جو هجوم لڳل هو، سنڌ جو حاڪم سومرو به ان وقت اتي موجود هو، امير سومري حضرت مخدوم جي اجازت کان سواءِ هڪڙي درويش کي مسجد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ان وقت مخدوم جي زبان مان نڪتو ”سومره ديوانه شده اي“- ايئن چوڻ شرط، بقول فرشته، سومرو چريو ٿي پيو ۽ سڄي شهر ۾ هل مچي ويو؛ آخر امير سومري جي ماءُ اچي مخدوم کي منٿون ڪري سندس قصور معاف ڪرايو، هوش ۾ اچڻ کان پوءِ مسجد ۾ اچي مخدوم جا پير چمي مريد ٿيو، ۽ سندس بارگاه ۾ مقبول ٿيو، ازانسواءِ اسماعيليت کان تائب ٿي وري سني ٿيو.(1)

سومرن جو سنڌ تي قبضو:

سومرن جو سنڌ تي قبضو سلطان عبدالرشيد بن سلطان محمود غزنوي (441-444هه) جي زماني ۾ ٿيو، جڏهن هڪڙي پاسي غزنوي سلطنت ڪمزور ٿيڻ لڳي (ڪمزوريءَ جو سبب هن ريت هو ته غزنوي شهزادا تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. ايتري قدر جو سنه 432هه ۾ سلطان مسعود بن محمود جي معزوليءَ کان پوءِ سنه 441هه ۾ سلطان عبدالرشيد جي تخت نشيني تائين، نون سالن اندر اٽڪل پنجن شهزادن هڪٻئي پٺيان عزنيءَ تي حڪمراني ڪئي)، ۽ ٻيو ته سلطان محمود جي وفات کان پوءِ خراسان ۾ سلجوقي اميرن زور ورتو، جن سان غزنوي فرمانروا مسلسل جنگين ۾ رڌل رهيا. نيٺ غورين مٿو کنيو ۽ اهڙو زور ورتو، جو سنه 547هه (1152ع) ۾ خسرو شاهه بن بهرام شاه کي غزني ڇڏي لاهور کي تختگاه ڪرڻو پيو. سندن حڪومت ۾ ابتري پوڻ ڪري سنڌ جي باشندن گڏجي امير سومري کي ٿريءَ جي شهر ۾ پنهنجو حاڪم مقرر ڪيو، سومرن جي رڳو سنڌ ۾ حڪومت ڪانه هئي، پر جهالاوان ۽ ڪڇي به سندن ماتحت هئا.(1)

سنه 574هه (1177ع) ۾ سلطان شهاب الدين اُچ، سنڌ ۽ ملتان فتح ڪيا ۽ سنڌ تي غورين ۽ غلام سلاطين جي حڪومت شروع ٿي. سنڌ دهليءَ جي ماتحت هئي؛ اهڙو سلسلو خلجين ۽ تغلق سلطانن جي زماني ۾ سنه 790هه (1388ع) ۾ سلطان فيروز شاهه تغلق جي وفات تائين جاري رهيو. دهليءَ پاران ملتان، بکر ۽ سيوهڻ تي وقت بوقت نواب ايئن ئي پئي آيا ۽ ويا، مگر سنڌ جا حقيقي حاڪم اهو سمورو عرصو سومرا ئي هئا. ايئن برابر هو ته دهليءَ جي سلطانن کي نالي ماتر سالياني خراج ڪڏهن ڪڏهن پيا ڀريندا هئا، پر سنڌ ۾ سلطان جي عيوضين کي جڏهن به هو ڪمزور ڏسندا هئا، تڏهن فورا پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪري ڇڏيندا هئا.(2) ايترو هو، جو دهليءَ جي سربراهن جا صدر مقام بکر ۽ سيوهڻ ۾ هئڻ سبب، سومرا فقط لاڙ جي حصي ۾ ئي حقيقي طور مضبوط هئا ۽ آخري دؤر ۾ سندن اثر نصرپور کان اڳتي بنهه ڪين رهيو هو. حالانڪ ابتدا ۾ سندن حڪومت جون حدون اُچ تائين هيون.

سومرا حاڪمن جي فهرست:

’تحفة الڪرام‘ ۽ ’تاريخ معصومي‘ جي مصنفن سومرا خاندان جي حاڪمن جون جيڪي فهرستون ڏنيون آهن، سي غير مڪمل آهن. ’منتخب التواريخ‘ جي مصنف محمد يوسف جي فهرست جيڪا ’عجائب الاسفار‘، جلد-2، باب پهرئين ۾ ڏنل آهي، اها ’تاريخ طاهري‘، ’تحفة الڪرام‘، ’تاريخ معصومي‘ ۽ ’ائين اڪبري‘ کان گهڻو بهتر آهي. مٿين تاريخن جا بيان ايتري قدر هڪٻئي جي مخالف آهن، جو صحيح بيان ڏيڻ مشڪل ڪم آهي. ايترو چئي سگهبو ته سومرا خاندان سنه 1051ع کان سنه 1351ع تائين ٽي سؤورهيه حڪومت ڪئي. ڇاڪاڻ ته جڏهن سلطان محمد تغلق سنه 1351ع ڌاري ساموئي پهتو هو، ان وقت اتي سومرن جي حڪومت هئي ۽ وري سنه 1362ع ۾ جڏهن فيروز شاهه تغلق ساموئي پهتو هو، ان وقت اتي سمي ڄام بابينيه جو راڄ هو.

’منتخب التواريخ‘ مطابق

(1) سومرو                     445هه

(2) ڀونگر                      (446هه-461هه)

(3) دودو                       (461هه- 485هه)

(4) سنجر                      (485هه-500هه)

(5) خفيف                     (500هه – 573هه)

(6) عمر                               (533هه-573هه)

(7) دودو (ٻيون)                       (573هه-587هه)

(8) پاٿو (پنهون)                      (587هه-600هه)

(9) خيرو                       (620هه-636هه)

(10) محمد تور                        (636هه-651هه)

(11) خيرو (ٻيو)                       (651هه-652هه)

(12) دودو (ٽيون)                      (653هه-677هه)

(13) طائي                     (677هه-700هه)

(14) چنيسر                   (700هه-733هه)

(15) ڀونگر (ٻيون)                     (718هه-733هه)

(16) خفيف (ٻيون)            (733هه-751هه)

(17) دودو (چوٿون)                    (751هه-776هه)

(18) عمر (ٻيون)                      (776هه-810هه)

(19) ڀونگر (ٽيون)                    (811هه-831هه)

(20) همير                             - -- -- --(1)

 

(چچنامه ’انگريزي‘ جلد – 2 مطابق)

 

تاريخ وفات

 

حڪومت سال

(1) سومرو

446هه

(1054ع)

15

(2) ڀونگر

461هه

(1068ع)

24

(3) دودو

485هه

(1592ع)

15

(4) سنگهار

500هه

(1106ع)

36

(5) خفيف

536هه

(1141ع)

40

(6) عمر

576هه

(1180ع)

14

(7) دودو (ٻيون)

590هه

(1193ع)

33

(8) پنهون

623هه

(1226ع)

16

(9) کنيئڙو

639هه

(1241ع)

15

(10) محمد طور

654هه

(1256ع)

42

(11) کينئڙو(ٻيون)

658هه

(1259ع)

24

(12) طائي

682هه

(1283ع)

18

(13) چنيسر

700هه

(1300ع)

15

(14) ڀونگر (ٻيون)

715هه

(1315ع)

18

(15) خفيف (ٻيون)

733هه

(1332ع)

26

(16) دودو (ٽيون)

758هه

(1356ع)

35

(17) عمر (ٻيون)

793هه

(1390ع)

10

(18) ڀونگر (ٽيون)

803هه

(1400ع)

 

(19) همير

----

-----

-----(1)

سومرن جا تختگاه:

جيئن سومرن جي بيان ۽ نالن ۾ مؤرخن جو اختلاف آهي، تيئن سندن تختگاهَن متعلق به مؤرخن ۾ اختلاف آهي. ڪي ديرگ پرڳڻي کي سري ۾، ڪي لاڙ ۾ ۽ ڪي وري ٿر ۾ ڏيکارين ٿا. ان ڪري سومرن جي اوائلي تختگاه محمد تور جي جاءِ وقوع متعلق چئي نه ٿو سگهجي ته سري ۾ هو يا ٿر ۾ هو.

هينري ايليٽ ’تاريخ طاهريءَ‘ جي حوالي سان لکي ٿو ته، سومرن جو پهريون تختگاه محمد طور هو، جو الور جي ويجهو ديرگ پرڳڻي ۾ هو ۽ درياه جي ڪپ تي هو. دلوراءِ جي ظلم ڪري جڏهن درياه پنهنجو وهڪرو بدلايو ۽ الور ڦٽي ناس ٿيو، تڏهن سومرا به محمد طور کان نڪري سنڌ جي ٻين پاسن ۾ وڃي رهيا.“

ابن بطوطا سومرن جي صاحبيءَ جي پڄاڻيءَ جي زماني ۾ سنڌ جو اتر کان وٺي سمنڊ تائين سير ڪيو، پر هو نه محمد طور جو ذڪر ڏي ٿو، نه وري درياه جي رخ بدلائڻ جهڙي عظيم الشان واقعي جو ذڪر ڪري ٿو. البته هو سنڌ جي اترئين پاسي ۾ مهراڻ جي ڪپ تي ’جناني‘ شهر ۽ سندس خوبصورت بازارين جو ذڪر ڪري ٿو. ايئن معلوم ٿو ٿئي ته شهر جناني اُچ ۽ بکر جي وچ ۾ ڪنهن هنڌ تي هو، پوءِ مهراڻ جي موجب ڪري مٽجي ويو هوندو. مٿئين شهر ۾ ابن بطوطا، سامرا (سومرا) قوم جو ڏس ڏي ٿو.(1)

ديرگ پرڳڻي کي الور جي ڀر ۾ بيان ڪرڻ کان پوءِ ايليٽ وري لکي ٿو ته، ”ديرگ پرڳڻو جت سومرن جو تختگاه محمد تور واقع هو، سو هاڻوڪي ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي هنڌ تي هو! يعني پارڪر ۽ ونگا بزار جي وچ ۾ ٿر جي وارياسي ميدان ۾ هو. اهو ديرگ پرڳڻو ٿر جي وارياسي ميدان کان وٺي، هاڻُڪي ٺٽي شهر تائين ليکجڻ ۾ ايندو هو. محمد تور جي جاءِ تي پوءِ ٿري شهر قائم ٿيو، جو بدين جي ويجهو هو.“

سومرن جو ٻيو تختگاه وجيه ڪوٽ يا ويڳهيه ڪوٽ لاڙ پرڳڻي ۾ هاڻوڪي پراڻ ڍوري جي ڪناري کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو. مٿين ڦٽل شهرن جا نشان اڃا تائين ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

محمد طور جي ويرانيءَ بعد، سومرن جو وڏو تعداد اتان لڏي، سمن سان گڏ سندن قديم شهر ساموئيءَ ۾ اچي رهيو، جو مڪلي ٽڪريءَ جي دامن ۾ هاڻوڪي ٺٽي شهر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي هو.

’بيگلار نامه‘ (دستخط صفحي 8) ۾ لکيل آهي ته سومرن سنڌ تي پنج سؤ ورهيه حڪومت ڪئي هئي ۽ سندن تختگاه مهاتم پور (مهاتم تور) هو. خبر نه ٿي پوي ته هي شهر ڪٿ هو، مؤرخن جو گمان آهي ته شايد اهو ساڳيو محمد طور شهر هو، جنهن کي ’بيگلارنامه‘ جي صاحب مهاتم تور ڪري لکيو آهي.

مسٽر جي- ايليٽ پنهنجي ڪتاب ’سنڌ‘ ۾ مغلن جي آکاڻي ۽ ڀيم الله لوڪ جي شهادت جي قصي مان ظاهر ڪري ٿو ته، ان وقت ڪڇ، گجرات ۽ سورت تي اهڙو زبردست سومرو حاڪم هو، جنهن جي حڪومت ڪيچ مڪران، ملتان ۽ بکر تائين هوندي هئي.

سومرا سردار:

فارسي تاريخن ۾ مثلا ’معصومي‘، ’طاهري‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾ سومرن متعل چند قصا ڏنل آهن، جن جو تاريخ سان ڪو تعلق ڪونهي. ايترو چئي سگهبو ته عربن جي ڏينهن ۾ سومرا سنڌ ۾ وڏا زميندار هئا. امير سومرو، سومرن جو پهريون سردار هو، جنهن کي سنڌ جي سمنيه قومن ٿريءَ جي شهر ۾ پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو هو. هن سنڌ جي هڪڙي طاقتور زميندار سعد جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڀونگر نالي پٽ ڄائو. سومرو پهريائين اسماعيلي شيعو هو، پوءِ اُچ شريف جي مشائخن جي هٿ تي تائب ٿي سني ٿيو هو. سومري سنه 1054ع ۾ وفات ڪئي.

ڀونگر پيءُ جي وفات کان پوءِ پندرهن ورهيه حڪومت ڪري سنه 1068ع ۾ وفات ڪئي. دودي بن ڀونگر چوويهه ورهيه حڪومت ڪئي. دودو سومرن جو بهادر سردار ٿي گذريو، جنهن لاڙ کان وٺي نصرپور تائين حڪومت جي حدن کان وڌايو هو. سندس بهادريءَ جا ڪارناما سنڌ جي آکاڻين ۾ بيان ڪيل آهن. سنه 1092ع ۾ وفات ڪيائين. دودي جي وفات ڪرڻ وقت سندس پٽ سنگهار صغير هو. سومرن کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي، مگر حڪومت جون واڳون دودي جي ڌيءَ تارا ٻائيءَ جي هٿ ۾ هيون. هيءَ پهرين سنڌي خاتون هئي، جنهن سياست ۾ مردانگيءَ سان قدم رکيو هو. سومرا ساڻس وفادار ۽ فرمانبردار ٿي رهيا. جڏهن سنگهار وڏو ٿيو، تڏهن ان کي تخت نشين ڪيائون. گاديءَ تي ويهڻ شرط نوجوان ڪڇ کان وٺي هالڪنڊيءَ تائين باغين کي مطيع ڪري، حڪومت ڪئي. سنه 1106ع ۾ بنان اولاد مري ويو.

سنگهار جي وفات کان پوءِ سندس زال هموٻائيءَ حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون ۽ ڌرڪ جي قلعي ۾ پنهنجو تختگاه قائم ڪيو. پنهنجي ڀائرن مان هڪڙي کي محمد طور تي حاڪم مقرر ڪيائين ۽ ٻئي کي ٿري شهر ۾. محمد طور ۾ ڪيترائي زميندار، جن مان گهڻا خدارسيده بزرگ پيدا ٿيا، رهندا هئا. اهي شيخ الاسلام مخدوم بهاؤ الدين زڪريا رحه جا مريد هئا. هندستان جي تاريخ جا مؤرخ عام طور سلطانه رضيه کي پهرين مسلمان حڪمران عورت شمار ڪن ٿا، حالانڪه سلطانه رضيه 634هه (1236ع) ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺي ۽ ان حساب موجب تاراٻائي ۽ هموٻائي پهريون سنڌي عورتون هيون، جن مردانگيءَ سان حڪومت هلائي. هموٻائي ڏکڻ ۽ اتر سنڌ تي حڪومت ڪئي. انهيءَ وقت دودو نالي هڪڙو سومرو سردار جو هڪ جي ڳوٺ ۾ حڪمران هو، تنهن وجهه وٺي پنهنجي لشڪر سان محمد طور ۽ ٿري شهرن تي ڪاهي هموٻائيءَ جي ڀائرن سان جنگ ڪئي، جنهن ۾ هموٻائيءَ جا ڀائر مارجي ويا. ايتري ۾ دادوءَ (فتح خان) نالي هڪڙو سومرو سردار، جو دودي پهرئين جي اولاد مان هو، تنهن لشڪر وٺي دشمن کي ماري مڃائي، هموٻائي وارو سمورو ملڪ پنهنجي قبض: ۾ ڪيو. ڳچ ورهيه صلح سانت سان حڪومت ڪرڻ کان وءِ وفات ڪيائين.

خيرو (کينئڙو) سومرو سردار دادوءَ (فتح خان) کان پوءِ قوم جو حاڪم ٿيو. رعايا کي آسودو ۽ خوش رکيائين. همير (ارميل) سومرن جو پويون حاڪم هو. ’معصومي‘ جي بيان موجب ظالم ۽ بدڪار هو ۽ رعيت کي تنگ ڪيو هئائين. اها حالت ڏسي، ڪڇ کان سما سنڌ تي ڪاهي آيا ۽ همير سومري کي سندس گهر ۾ قتل ڪري، سندس سسي وڍي ڪوٽ جي ڪنگري تي لڙڪائي ڇڏيائون.

عمر ۽ مارئي:

’طاهري‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ عمر سومري کي ٻن ڳالهين ۾ اخلاقي مجرم ليکيو آهي: هڪڙو ته هو مارئيءَ، مارو قوم جي هڪڙيءَ عورت کي زبردستيءَ ملير مان کڻي آيو هو، ٻيو ته گنگا نالي ڇوڪريءَ کي ڊوهه سان پنهنجي قلعي ۾ کڻائي بند ڪيو هئائين. اهي قصا مٿين تاريخن ۾ ڏنل آهن، ٻنهي قصن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:

امر ڪوٽ، جِت سومرن جو حاڪم عمر رهندو هو، تنهن جي نزديڪ مارو ماڻهو رهندا هئا، جن ۾ مارئي هڪڙي حسين ڇوڪري هئي، مارئيءَ کي سندس مائٽن پهريان ڦوڳ نالي هڪڙي شخص سان مڱايو هو، پر جڏهن مارئي وڏي ٿي، تڏهن سندس مائٽن کيس کيت نالي هڪڙي ٻئي شخص سان پرڻائي ڇڏيو. ڦوڳ عمر وٽ دانهن کڻي ويو ۽ وٽس مارئيءَ جي حسن جي تعريف ڪرڻ لڳو. پوءِ هڪڙي ڏينهن عمر ڦوڳ کي ساڻ ڪري، ويس بلدئا،ي مارئيءَ کي ڏسي، کوهه تان بزردستيءَ اُٺ تي چاڙهي، کڻي اچي امر ڪوٽ کان نڪتو.

مارئي ٻارهن مهينا وٽس قيد رهي. انهي وچ ۾ عمر مارئيءَ جي، طعامن، پوشاڪن ۽ زيورن سان هر طرح خاطري ڪئي، مارئيءَ کي ڏاڍيون منٿون ڪيائين، پر مارئيءَ چيس ته، ”منهنجو مڙس اهوئي آهي، جو مائٽن ڏنو اٿم.“ جڏهن هوءَ ڪنهن به طرح عمر سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي، تڏهن عمر هن کي انعام اڪرام ڏيئي، پنهنجي ڀيڻ سڏي ملير ڏانهن روانو ڪيو، مگر مارئيءَ کي مڙسس منهن نه ڏنو. عمر کي جڏهن کيت جي بدگمانيءَ جي خبر پيئي، تڏهن مارن کي سيکت ڏيڻ لاءِ امرڪوٽ کان لشڪر وٺي ملير تي ڪاهي ويو. غريب مارو سندس خوف کان ٽڙي پکڙي ويا. مارئي، جا لڄ ۽ شرافت جي پتلي هئي، سا ساهيڙيون گڏ ڪري عمر وٽ ويئي ۽ بهادريءَ سان چائينس:

”اي سومرا سردار، تو حرص ۽ هوس ۾ ڦاسي مون کي مفت ٻارهن مهينا ڪوٽ ۾ قيد رکيو، ان ڪري مون تي خلق بدگمانين جو داغ هنيو ۽ تنهنجي نيڪناميءَ تي بدناميءَ جو داغ لڳي ويو، هينئر مون کي آزاد ڪري، وري هيءَ ٻي مهرباني ڪرڻ نڪتو آهين، جو منهنجي قبيلي کي قتل ڪرڻ آيو آهين!“ پوءِ مارئي پنهنجي پاڪدامينءَ جي پرک کي نروار ڪرڻ لاءِ هڪڙو مچ سڀني جي روبرو ٻارائي، تتل ڳاڙهي لوهه جي لٺ هٿ ۾ کڻي، ٽي ڀيرا ان مچ مان آئي ويئي ته ڪجهه به نه ٿيس. اهڙيءَ طرح عمر به آڙاهه مان ٽي ڀيرا لنگهي سچائيءَ جو ثبوت ڏنو.(1)

عمر ۽ گنگا:

ٿهيم قوم جي هڪڙي سهڻي ڇوڪريءَ گنگا جو مڱڻو ننڍي هوندي عمر سومري سان ٿيل هو، پر گنگا اڃا صغير هئي ته عمر وڃي ٻي شادي ڪئي ۽ گنگا جي مائٽن کي اجازت ڏنائين ته هن کي ٻئي هنڌ جتي وڻين اتي پرڻائي ڇڏين. عمر ٿهيم، جو عمر سومري جو پڳ مٽ دوست هو، تنهن سان گنگا جي شادي ٿي. بلوغت کان پوءِ گنگا جي حسن جي هاڪ چؤطرف پکڙجي ويئي.

هڪڙي ڏينهن عمر سومرو هڪڙي هنڌان اچي لنگهيو، جت ڌوٻيءَ گنگا جا ڪپڙا ڌوئي سڪائڻ لاءِ وڌا هئا. ڪپڙن جي خوشبوءِ ۽ هٻڪار عمر سومري جي دماغ کي چڪر ۾ وجهي ڇڏيو. پڇا ڪرڻ سان ڌوٻيءَ کيس چيو ته: ”هي ڪپڙا عمر ٿهيم جي زال گنگا جا آهن.“ پوءِ هڪڙي ڏينهن وجهه وٺي، عمر سومرو گنگا جي ديدار ڪرڻ لاءِ، عمر ٿهيم جي گهر ۾ تير کڻڻ جي بهاني سان گهڙي، گنگا جو ديدار ڪري مٿس موهت ٿي پيو. پوءِ هڪڙي ڏينهن اميرن سان صلاح ڪري، عمر ٿهيم کي دعوت جي بهاني سان گهرائي، کيس شراب پياري، کانئس گنگا جو طلاق نامو لکرائي ورتائين. سندس دغا باز اميرن ان وقت ئي گنگا کي سندس گهر مان کڻي وڃي، عمر سومري جي ڪوٽ ۾ داخل ڪيو. جڏهن عمر ٿهيم جا نشا لٿا ۽ عمر سومري جي دغابازيءَ جي خبر پيس، تڏهن دهليءَ وڃي سلطان علاءُ الدين کي دانهن ڏنائين، جنهن عمر سومري کي قيد ۾ رکيو ۽ گنگا جي ٻانهن عمر ٿهيم کي ڏياريائين. ڪجهه وقت کان پوءِ، اُمرائن جي چوڻ تي سلطان علاؤالدين، عمر کي خراج ڏيڻ جي شرط تي آزاد ڪيو. تنهن کان پوءِ سڀ سومرا حاڪم دهليءَ کي ڍل پهچائيندا رهيا.(1)

عمر سومري جو يادگار امر ڪوٽ آهي، جت اُجين جي پرمار سوڍن راڻن قلعو تعمير ڪرايو هو. امرڪوٽ وٽ ٻڌ جو به مندر هو. عمر سومري جي ڪري سندس اصلوڪو نالو ڦري ’عمر ڪوٽ‘ سڏجڻ لڳو. پارڪر ۾ پارينگر ۽ ٿر ۾ عمرڪوٽ پرمار سوڍن جا صدر مقام هئا. سنه 1750ع ۾ ڪلهوڙن عمر ڪوٽ فتح ڪيو ۽ 1834ع ۾ ٽالپر ميرن مٿس قبضو ڪيو. ان هوندي به اندروني انتظام سوڍن راڻن جي قبضي ۾ رهيو. اهي راڻا سنڌ ۽ دهليءَ جي حاڪمن کي ڍل ڀريند اهئا.

مارئيءَ جو ملڪ جنهن کي عام طرح ملير سڏيو ويو آهي، سو هاڻوڪي ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڀالوا سڏيو وڃي ٿو. اتي مارئيءَ جي ’ڪونڊي‘ ٿر جي آثار قديمه ۾ مشهور شيءِ آهي، جا ڀالوا جي ڳوٺ کان ميل کن اوڀر ڏکڻ طرف ڏهر نالي ڀٽن وچ ۾ هڪڙي وڏي ميدان ۾ پيل آهي. ڪونڊي سخت پٿر جو هڪ يڪو ٽڪر معلوم ٿئي ٿي، جنهن جي ويڪر اٽڪل 4 فوٽ ۽ ڊيگهه اٽڪل 6 فوٽ ٿيندي ۽ اٽڪل هڪ فوٽ اونهي آهي. ٽي پاسا هن وقت تائين قائم اٿس ۽ هڪ پاسو زماني جي دست برد ۾ ڀڳل معلوم ٿئي ٿو. ويجهو هڪ قديم ڊٺل کوهه جا نشان به آهن. چيو وڃي ٿو ته مارئي انهيءَ کوهه تي مال کي پاڻي پياريندي، عمر سومري هٿان کڄي ويئي هئي. هن وقت اتي پنهوار يا مارو قوم جا ٿورا ڪي گهڻا ماڻهو آسپاس مقيم آهن.(1)

سومرن ۾ عمر نالي بح حاڪم ٿي گذريا آهن. هڪڙو عمر پهريون جنهن جي وفات جو سال ’چچنامه‘ (انگريزي) جلد-2، صفحي 36 ۾ سنه 576هه (1180ع) ڏنل آهي ۽ عمر ٻئي جو سال وفات 793هه (1390ع) ڏيکاريل آهي. ’منتخب التواريخ‘ ۾ عمر پهرئين جو سال 533هه ۽ عمر ٻئي جو سال 776هه ڏيکاريل آهي. عمر ۽ گنگا جي قصي ۾ بيان ڪيل آهي ته گنگا جو مڙس سلطان علاءُ الدين خلجيءَ ڏانهن دانهن کڻي ويو هو. سلطان موصوف عمر سومري کي قيد ڪري گنگا جي ٻانهن عمر ٿهيم کي ڏياري، ڳچ عرصي کان پوءِ امرائن جي سفارش سان علاءُ الدين عمر سومري کي خراج ڏيڻ جي شرط تي آزاد ڪيو هو. ان کان پوءِ سمورا سومرا حاڪم دهليءَ کي خراج ڀريندا رهيا.

مٿيون بيان ايليٽ جي جلد پهرئين ۾ ’تاريخ طاهري‘ تان نقل ڪيل آهي: مگر سالن کي جيڪڏهن تاريخي ڪسوٽيءَ تي پرکي ڏسبو، ته ٻنهي سومرن حاڪمن جا سال علاءُ الدين خلجيءَ جي زماني کان بالڪل مختلف آهن، ڇاڪاڻ ته علاءُ الدين خلجي سنه 695هه (1296ع) ۾ تخت تي ويٺو ۽ سنه 715هه (1316ع) ۾ وفات ڪيائين.(1) ان باري ۾ ’تاريخ طاهري‘ کي به الزام ڏيئي نه سگهبو، ڇاڪاڻ ته جنهن زماني ۾ ’تاريخ طاهري‘ تصنيف ٿي هئي، ان زماني ۾ مؤرخ لوڪ روايتن تان روشني وٺندا هئا.

چنيسر ۽ ليلان:

سومرن جي حاڪم چنيسر، جنهن جو تختگاه ديبل هو، تنهن کي پنهنجي راڻي ليلان سان ازحد محبت هئي. راڻي کنگهار جي ڌيءَ ڪؤنرو، جا پنهنجي سؤٽ سان مڱيل هئي، سا پنهنجي هڪڙي ساهيڙيءَ، چمني ٻائيءَ جي طعني ڪري پرپٺ چنيسر سان نينهن رکڻ لڳي. پوءِ ڪؤنروءَ ۽ سندس ماءُ مرکئين ويس بدلائي، ديبل پهچي، هڪڙو نَوَ لکو هار ليلان کي ڏيکاريو. ليلا هار ڏسي حيران ٿي ويئي ۽ ڪؤنروءَ کان هار گهريائين. آخر چنيسر کي هڪڙيءَ رات ڪؤنروءَ جي حوالي ڪرڻ جي شرط تي ليلان هن کي هار ورتو ۽ هڪڙيءَ رات ليلان چنيسر کي شراب پياري، ڪؤنروءَ جي بلي ڪري ڇڏيو. صبح جو چنيسر ڪؤنروءَ کي پاڻ وٽ ڏسي، ڪؤنروءَ کي ڌمڪائڻ لڳو، جنهن تي مرکئينءَ چنيسر کي ليلان جي راز کان واقف ڪيو ته ڪيئن نه هن هار تي کيس ڪؤنروءَ وٽ وڪڻي ڇڏيو هو. چنيسر چڙ مان ليلان کي طلاق ڏني، جا پنهنجي وطن ۾ رهڻ لڳي.

اتفاق سان چنيسر جي وزير جکري کي ليلان جي وطن جي ڪنهن امير جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻي هئي. شاديءَ جي موقعي تي جکري وزير جي چوڻ تي چنيسر به ڄڃ سان ليلان جي وطن آيو. ڪنواريتي طرف جون زالون گهوٽ جي سوڻن ساٺن جا گيت ڳائڻ آيون، تن ۾ ليلان به ويس بدلائي، منهن ڍڪي، چنيسر جي روبرو ڳائڻ بيٺي. ليلان دل جي درد مان چنيسر جي ليلان سان بي رحمي، بي قدري ۽ حق ناشناسيءَ جا اهڙا بي بها ۽ جادو انگيز گيت ڳايا، جو چنيسر کي پنهنجي اتفاقي غلطي ياد آئي ۽ هو ڳائڻ واريءَ جي منهن ڏسن لاءِ بيقرار ٿي پيو. ايتري ۾ ليلان منهن تان پردو کنيو. چنيسر ڏٺو ته هيءَ ته خود ليلان آهي! سو جيئن اندر مان آهه ڪڍيائين، تيئن دم نڪري ويس. ليلان به آهه ڪري، جيئن چنيسر جي لاشي تي ڪري، تيئن ساهه ڏنائين. پوءِ ان وقت جي دستور موجب ٻنهي جا لاشا هڪڙيءَ چکيا تي ساڙيائون.(1)

دودو ۽ علاءُ الدين:

دودو (ٽيون)، جنهن جو سال حڪومت تاريخن ۾ 1331ع کان 1356ع لکيل آهي، جو علاءُ الدين جي سال حڪومت جي سراسر خلاف آهي، تنهن لاءِ هيءَ آکاڻي مشهور آهي ته دودو ۽ چنيسر ڀاءُ هئا. چنيسر وڏو هو پر ڌارينءَ زال مان هو. دودو ڏاڏي پوٽيءَ زال مان هو، تنهن ڪري سومرن دودي کي پڳ ٻڌائي، جنهن ڪري چنيسر علاءُ الدين خلجيءَ وٽ دهليءَ دانهن کڻي ويو. علاءُ الدين سندس دادرسيءَ خاطر هڪڙو وڏو لشڪر پنهنجي سپه سالار، سالار خان جي هٿ هيٺ دودي تي چاڙهي مڪو. علاءُ الدين جي ڪاهه جو ٻڌي، سومرن پنهنجون زالون ۽ ٻار ٻچا ڪڇ ملڪ ڏانهن هڪڙي سمي سردار ابڙي جي سام ۾ روانا ڪري ڇڏيا ۽ مرد ماڻهو مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيا. سومرن جو سپه سالار، ساهڙ سلطان (سپڙ) نهايت بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو. تنهن کان پوءِ باقي رهيل سومرا ڪڇ ڏانهن اٿي ڀڳا. علاءُ الدين جو لشڪر به سندن پٺيان ڪڇ ڏانهن ڪاهي پيو. اهو لشڪر رات جو جتي به منزل ڪندو هو، اتي پنهنجي چؤڌاري کاهي کوٽي، پوءِ ٽڪندو هو. انهن کاهين جا نشان اڄ تائين قائم آهن. جڏهن دهليءَ جو لشڪر ڪڇ پهتو، تڏهن ابڙي سمي به سومرن جي پاران ان لشڪر سان سخت مقابلو ڪيو، پر نيٺ هو به شهيد ٿي ويو.

سومرن جي لشڪر کي ختم ڪرڻ کان پوءِ، علاءُ الدين جو لشڪر سومرن جي زالن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڌوڪيندو ويو. ڪي سومريون ڇوڪريون، جي ستيون هيون، سي انهيءَ ٿرٿلي ۾ پنهنجي لڄ بچائڻ لاءِ گڏجي ڪنهن پاسي اٿي ڀڳيون. انهن جڏهن پنهنجي پٺيان سپاهي ايندا ڏٺا، تڏهن ڌڻيءَ جي درگاه ۾ ٻاڏائڻ لڳيون. قادر ڪريم ڪارساز نياڻين جو سوال اگهايو، زمين ڦاٽي پئي، ڇوڪريون غارن ۾ گهڙي ويون، غارن جا منهن وري بند ٿي ويا، ڪڇ ڏانهن ويندي اڄ به ماڻهن کي ستين جو ٿان ڏسڻ ۾ ايندو.(1)

مينڌرو ۽ مومل:

علاءُ الدين جي لشڪر جيتوڻيڪ سومرن جي طاقت ناس ڪري ڇڏي هئي، تنهن هوندي به سندن ٻه ٽي سومرا حاڪم پوءِ به سنڌ ۾ ٿي گذريا، جن مان پڇاڙيءَ وارو حاڪم همير سومرو هو، جنهن جي آکاڻي هن ريت آهي:

همير سومرو ۽ سندس وزير مينڌرو ٻئي ڄڻا گوجر قوم جي حڪمران شهزاديءَ مومل تي عاشق ٿي پيا، جا راجا نند جي ڌيءَ هئي. مومل ڪاڪ ۾ هڪڙو محلات کڙو ڪيو هو، جنهن اڳيان جادوءَ جو درياه وهندو هو ۽ ٻه جادوءَ جا شينهن محلات جا در تي بيٺل هئس. محلات اندر ست نفيس پلنگ وڇايل هئا، جن مان ڇهه پلنگ ڪچي سٽ سان مڙهيل هئا، جن جي هيٺان کوهه کوٽايل هئا؛ باقي هڪڙو سلامتيءَ وارو پلنگ بنان کوهه رکيل هو. تنهن کان پوءِ، شهزاديءَ هوڪو ڏياريو ته جيڪو شهزادو يا امير ماڙيءَ چڙهي پلنگ تي اچي ويهندو، تنهن کي بهادر ڄاڻي ساڻس شادي ڪنديس ۽ جيڪو پلنگ تي ويهڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، سو آندل مال ملڪيت تان هٿ کڻندو.

ڪيترائي امير شهزادا شاديءَ جي ارادي سان ڪاڪ پهتا. ڪي جادوءَ جود رياهه ڏسي دهلجي ويا، ڪي وري شينهن ڀر ڊڄي ڀڄي ويا. ڪي ڪچين تندن وارن پلنگن تي ويهڻ ڪري کوهن جي تري ۾ وڃي پيا ۽ اهڙيءَ ريت گهڻائي مال مڏيون وڃائي فقير ٿي ويا. همير سومرو به وزيرن سميت مومل جي حسن جي هاڪ ٻڌي ڪاڪ تي نصيب آزمائڻ پهتو، پر شينهن جي دهشت جهلي نه سگهيو ۽ مايوس ٿي موٽي ويو. مينڌرو هوشيار هو، هن درياهه ۾ نيزو هڻي پاڻيءَ جي ماپ ورتي، درياهه ڪوڙو معلوم ٿيس. اهڙيءَ طرح شينهن جو به ڪوڙو ڏيک معلوم ڪري، وڃي محلات نادر پهتو، هرهڪ پلنگ کي نيزو هڻي سلامتيءَ واري پلنگ تي بالم ٿي ويهي رهيو. مومل شرط موجب ڪامياب مهمان سان شادي ڪئي. همير کي جڏهن خبر پيئي ته مينڌرو مومل ماڻي آيو آهي، تڏهن ڳوٺ اچڻ بعد کڻي نظر بند رکيائينس. مينڌرو هر رات جو تيز رفتار چانگي تي چڙهي مومل وٽ ايندو هو ۽ فجر جو نظر بنديءَ واريءَ جاءِ ۾ وڃي حاضر ٿيندو هو.

هڪڙيءَ رات دستور موجب جيئن مينڌرو مومل سان گڏجڻ ويو تيئن ان رات مڄاڻ مومل سان سنديس ڀيڻ سومل مرداڻو لباس ڍڪي سُتي پيئي هئي، جنهن کي ڏسي، سڃاڻڻ کان سواءِ، مينڌرو غيرت سبب ڪاوڙجي هليو ويو ۽ وري مومل وٽ ڪين ويو. سندس رسي وڃڻ ڪري مومل ڪاڪ کي ڦٽو ڪري، مينڌري جي ڳوٺ ڍٽ ۾ آئي ۽ مينڌري کي پرچائڻ لاءِ حيلا ڪيائين، پر مينڌرو باز نه آيو. مومل جڏهن نااُميد ٿي، تڏهن مچ ٻارائي، تنهن ۾ پاڻ کي جيئرو جلائي ڇڏيائين. مومل جي سڪ کي ڏسي، مينڌري به مچ ۾ ٽپو ڏيئي، پرواني جيان سڙي جان ڏني.

سومرن جي حڪومت تي سرسري نظر:

عربي نسل قومون جيڪي عربن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ آيون ۽ پوءِ هتي رهجي ويون، تن مان ڪي مڪران ۽ گجرات تائين به پکڙجي ويون. مڪران بنسبت ان زماني جو سياح مارڪو پولو لکي ٿو ته،  ” هتي جا رهاڪو عربن وانگر آهن ۽ ڪي بت پرست به رهن ٿا(1).“ اهڙيءَ طرح ڪڇ، گجرات، ڪوڪن، ملبار، مالديپ ۽ ڪاري منڊل ڪناري تائين عربن ۽ مخلوط نسل وارن مسلمانن جون بيٺڪون هيون. اهي عربن جا تجارتي محاذ هئا. مٿين علائقن جو راجا ولڀراءِ عربن جو محبوب دوست هو. سندس گاديءَ جو هنڌ هاڻوڪي بهاءُ نگر جي ويجهو پنجن ميلن جي ايراضيءَ ۾ هو. عربن ان شهر کي ’مهانگر‘ لکيو آهي. هن عظيم الشان حڪومت جو خاتمو ٻڌ ۽ جين وارن جي باهمي جنگين ڪري ٿيو.

گجرات جو مکيه بندر ’سوباره‘ هو. عرب ان کي ’صيمور‘ سڏيندا هئا. ان بندر کان پوءِ کنڀات زور ورتو. سليمان تاجر هجري 3 صديءَ ۾ ۽ 4 صديءَ ۾ بزرگ بن شهريار پنهنجي جهاز سان گجرات پهتو، جتي هن عربن ۽ عام مسلمانن جون بيٺڪون ڏٺيون هيون. ٿاڻي (بمبئي) جي بندر تي کيس سيراف جو هڪڙو سوداگر محمد بن مسلم گڏيو، جنهن ويهن سالن کان اتي سڪونت اختيار ڪئي هئي.(1) صيمور ۾ کيس ابوبڪر واپاري گڏيو هو. اتي جي راجا جو ديوان (وزير) موسيٰ نالي مسلمان هو. جيئن موجوده دؤر ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ يورپي قومن کي خاص امتياز حاصل آهن، تيئن ان زماني ۾ عربن جا عدالتي فيصلا قاضي نبيريندا هئا ۽ اهي قاضي هندو راجائن پاران مقرر هئا.(2) عباس بن ماهان، صيمور جو قاضي هو. مٿين سنڌ جي پاڙيسري ملڪن ۾ مسلمانن جون عام مسجديون ۽ جامع مسجديون هيون. سنه 304هه ڌاري صيمور ۾ مسلمانن جي آدمشماري ڏهه هزار هئي.(3)

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سومرا سنڌ ۾ طاقتور هئا، مگر سومرن کان سواءِ سما، چنا، گوجر ۽ سوڍا راڻا به رياستن جا مالڪ هئا. عربن جي ڪاهه وقت سومرن جو ڪٿ به نالو نظر ڪونه اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته چؤطرف بت پرستيءَ جو دؤر هو، تنهن ڪري عربن سڀني قومن کي گڏي هڪڙي نالي سان يعني ’سمينه‘ ڪري لکيو آهي. ’چچنامه‘ ۾، لوهاڻن جي برهمڻ آباد ۾، برهمڻن جي الور تي، سمن جي نيرن ڪوٽ ۾ ۽ چنن جي سيوستان ۾ ٻڌيا ۾ حڪومتن جو ڏس ملي ٿو. چنا پهرين قوم هئي، جنهن اسلام قبول ڪيو هو.(1) سنڌ ۾ عام چوڻي هئي ته ’سنڌ سمو، ڪاڇو چنو ۽ ڀٽي جيسلمير‘. بعض سومرا هندو به هئا، جيئن ٿر جا راڻا ۽ سيوهڻ جو راجا سلديو، جنهن مغلن کان دهليءَ خلاف مدد ورتي هئي؛ پر علاءُ الدين خلجيءَ جي سپه سالار ظفر خان هٿان شڪست کائي قيد ٿي ويو.

سومرا اصل ۾ هندو هئا ۽ پوءِ جڏهن اسلام اختيار ڪيائون، ته به منجهن ڪيتريون ئي اصلوڪيون رسمون موجود رهجي ويون. چنيسر جو ليلان سان گڏ چکيا تي چڙهڻ، مينڌري جو مومل سان گڏجي باهه ۾ سڙڻ، شادين مرادين ۽ ٻين مجلسن توڙي هونئن ئي شراب پيئڻ وغيره. هو نه ڌارين قومن کي سنگت ڏيندا هئا، نه ڪنهن سان گڏجي کائيندا هئا. مٿين غير اسلامي رسمن کان سواءِ ٻيون جيڪي منجهن خاص رسمون هيون، جهڙوڪ هٿن پيرن جا نهن پاڙون ڪڍائي ڇڏڻ، زال هيڪر ٻار ڄڻيو ته ان سان همبستر ٿيڻ کان نفرت ڪرڻ، هڪ ڀيرو ڍڪيل ڪپڙو ميرو ٿيو ته وري لاهي ڦٽو ڪرڻ، پنهنجن عزيزن ۽ زيردستن جي ڪلهن تي غلاميءَ جي نشانيءَ لاءِ داغ هڻڻ، فقط حڪمران طبقو مٿي تي پڳ ٻڌي ۽ ٻيا سڀ مٿن تي رومال ٻڌن، وغيره.

اهي سڀ رسمون عرب تهذيب بلڪ اسلامي اصولن خلاف هيون. سندن عام نالا پڻ سندن اسلام کان اڳ واري زماني جي ياد دهاني ڪن ٿا: جهڙوڪ سومار، ڀونگر، دودو، چنيسر، هموٻائي، تاري ٻائي، ارميل وغيره. سومرن ۾ اسلام ۽ اسلامي تهذيب ملتان ۽ اُچ جي مشائخن جي فيض ڪري پکڙي هئي. انهن بزرگن جي روحاني فيض جو ئي اثر هو، جو سومرن جي قوم ۾ به ڪيترائي خدا رسيده بزرگ ۽ عالم پيدا ٿيا، جن مان ڪي محمد طور شهر ۾ رهندا هئا ۽ ڪي لاڙ ۾.

ملڪي انتظام:

سومرا اوائل ۾ لاڙ پرڳڻي ۾ زميندار هئا. سمن جو قبيلو به ساڻن اچي شامل ٿيو، تڏهن لاڙ ۾ انهن ٻين قبيلن کان فوقيت حاصل ڪئي. سندن سنڌ جي زميندارن سان مائٽي پيدا ٿي. لاڙ کان پوءِ ٿر جي ڇاڇري علائقي تائين ۽ جهالاوان ۽ ڪڇيءَ تائين قبضو ڪيائون. دودي سومري نصرپور ۽ هالا تائين هدون وڌايون هيون، مگر بکر ۽ سيوهڻ دهليءَ جي سلاطين جي قبضي جي خلاف مغلن کان مدد گهرڻ کان سواءِ دهليءَ جي خلاف سنڌ ۾ جيڪا به بغاوت ٿيندي هئي، تنهن جي طرفداري ڪندا هئا ۽ باغين کي لاڙ ۾ پاڻ وٽ پناه ڏيندا هئا. جيئن محمد تغلق جي ڏينهن ۾ انهيءَ پناه ڏني هئي. سومرن جو ملڪي انتظام فقط سندن قوم ۽ آسپاس وارن غريب قبيلن تائين محدود هو. عربن وانگر سندن واپار ڏي ڪو رخ ڪونه هو.

هندو مسلم تعلقات:

نورالدين محمد عوفي بخاريءَ، ناصرالدين قباچه جي ڏينهن ۾، منصوره ۽ ديبل تائين سنڌ جي سياحت ڪئي هئي. سندس ڪتاب ’جامع الحڪايات ولا مع الروايات مان سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد ۽ رواداريءَ جي خبر پئجي سگهي ٿي. مسلمان علماءَ ۽ هندو پنڊت پاڻ ۾ مذهبي بحث ڪندا هئا. محمد عوفيءَ جو بيان آهي ته هڪڙي دفعي گجرات جي هندن هڪڙي مسجد کي شهيد ڪري، اسي مسلمانن کي شهيد ڪيو. مسجد جي امام انهلواڙه وڃي راجا کي روبرو دانهن ڏني. راجا خفيه طور کنڀات وڃي، حالات معلومات ڪرڻ کان پوءِ مسجد جي تعمير لاءِ مسلمانن کي هڪ لک بالوترا (گجراتي سڪا) ڏنا.

فاضل عوفي لکي ٿو ته، راجا مسجد جي امام کي ايترا انعام ۽ خلعتون ڏنيون هيون، جي مسجد جي مينار تي گهڻو وقت يادگار طور رکيل ڏٺيون. ’جامع الحڪايات‘ کان پوءِ ان وقت جو ٻيو ڪتاب امير خسرو جو ’خزائن الفتوح‘ آهي، جنهن مان علاءُ الدين خلجيءَ جي فتوحات جي رنگين تصوير نظر اچي سگهي ٿي. منجهانئس خبر پئجي سگهي ٿي ته مسلمان، هندو راجائن جي فوجن ۾ ڀرتي ٿي، خلجي لشڪر سان وڙهيا هئا.(1) جڏهن ڪنهن هندو رياست ۾ ڪو مسلمان لاوارث مري ويندو هو ته تڏهن راجا فوتيءَ جي ملڪيت شهر جي مسلمان محلي جي امير وٽ امانت طور رکندو هو. مسلمان سردار فوتيءَ جي وارثن کي ڳولي ملڪيت سندن حوالي ڪندو هو. هندن کي وڏا عهدا مليل هئا، ملڪ رتن دهليءَ پاران سيوهڻ جو حاڪم هو.

واپار:

مؤرخ وصاف (المتوفي 718هه) جنهن پنهنجي ’تاريخ وصاف‘ 707هه (1307ع) ۾ تصنيف ڪئي، رشيد الدين (المتوفي 718هه) پنهنجي ’جامع التواريخ‘ ۾ مارڪوپولو جي ’سفرنامه‘ مان ان زماني جي سنڌ جي واپار جي خبر پوي ٿي، جڏهن سومرن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ آخري دؤر هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو واپار سمنڊ رستي هرمز، قيس، بحرين، عدن، گجرات، ملبار، ڪاري منڊل ۽ چين سان هلند ڙهو. مٿين ملڪن جي دولت سنڌ جي بندر لاهريءَ ڏانهن ڇڪجي ايندي هئي، ديبل جو اوج مٽجي چڪو هو. مٿيون واپار عربي ۽ چيني جهازن جي معرفت هلندو هو. چين جا جهاز ’جنڪ‘ سڏبا هئا. انهن واپارين معرفت سنڌ جو ڪپڙو هندستان جي بندرن تي نيڪال ٿيندو هو. معبر کان ريشمي ڪپڙو، خوشبودار شيون ۽ سچا موتي قافلن جي وسيلي خراسان جي شهرن تائين پهچندا هئا.(1) تراريون، گهوڙن جون زينون، ڪپڙو ۽ خوشبودار مصالحا سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. هرمز، قيس توڻي بحرين ۽ عدن کان هر سال ڏهه هزار گهوڙا سنڌ ۽ هندستان جي شهرن ۾ وڪري لاءِ ايندا هئا. سنڌ ۾ في عربي گهوڙي جي قيمت 220 دينار هئي ۽ دکن ۾ مارڪوپولو جي بيان موجب في گهوڙي جي قيمت 5 سؤ دينار هئي.(2) مسلمان واپارين جي تجارتي محاذن قائم ڪرڻ ڪري (۽ پڻ علماءَ ڪرام جي مذهبي مناظرن جي ڪري) اسلام سنڌ ۽ هندتان جي گوشي گوش: ۾ ترقي ڪئي.

سومرن جي تهذيب کان اسلامي دنيا واقف هئي:

سومرن جي تهذيب جو چؤٻول عراق ۽ عجم سان گڏ، مصر ۽ موراڪو تائين پکڙيل هو. اسلامي دنيا جا مسلمان سومرن جي عجيب ۽ غريب رسمن ۽ رواجن کان واقف هئا. علامه ابن سعيد مغربي، جنهن هجري 6 صديءَ اندر موراڪو ۽ مصر ۾، 585هه ڌاري علامه البيرونيءَ جي ’قانون مسعودي‘ جي نموني تي پنهنجي فلڪي جاگرافي تيار ڪئي هئي، سو لکي ٿو ته هندي سمنڊ جي لاڙ جي ڪناري تي هڪڙي قوم رهي ٿي، جا بت پرستيءَ ڪرڻ سان گڏوگڏ مسلمانن سان به واسطو رکي ٿي.(1) ابن بطوطا جڏهن مصر جي بندر سڪندريه تي شيخ برهان الدين اعراج سان ملاقات ڪئي هئي، تڏهن شيخ موصوف ابن بطوطا کي اڳواٽ چئي ڏنو ته سنڌ ۾ توکي هڪڙي سامره (سومرا) قوم گڏبي، جا نه ڪنهن سان گڏ کائي ٿي، نه وري ان جا ماڻهو پنهنجي قوم کان سواءِ ٻي قوم سان شادي ڪن ٿا.(2) مصر ۾ موراڪو تائين، سومرن جو احوال انهن سوداگرن جي معرفت پهتو هو، جيڪي سنڌ ۾ واپار سانگي ايندا هئا.

سنڌ جو ادب ۽ سنڌي ٻولي:

فنون لطيف جي تخليق ۽ تربيت جي لحاظ سان ’جنت السنڌ‘ جي خاڪ عراق ۽ عجم کان ممتاز هئي. شاعري سندس فطرت هئي. اسلام سنڌين جي ان خاص جوهر کي وڌيڪ چمڪايو. ايتري قدر جو اسلامي دنيا جي شاعري هڪڙي طرف ۽ سنڌي شاعري ٻئي طرف ڀيٽ لاءِ پيش ڪري سگهجي ٿي، مگر نهايت ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو عراق ۽ عجم جي شاعريءَ تي گهڻائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، ليڪن سنڌ جي شاعريءَ متعلق اڃا تائين ڪوبه اهڙو ڪتاب شايع ڪونه ٿيو آهي، جنهن مان سنڌ جي عهد بعهد جي شاعريءَ جو پتو پئجي سگهي.

هجري 3 صديءَ تائين سنڌ تي عربي زبان جو غلبو رهيو. مٿئين دؤر ۾ سنڌ ۾ ڪيترا لساني ماهر ٿيا، جن مان ابوالعطا السندي عراق ۾ شام تائين ناموري حاصل ڪئي هئي، ٻيو ابو ضلع منصوري، جنهن عربي زبان ۾ سنڌ جو پهريون وطني ترانو تيار ڪيو هو. هجري ٽين صديءَ ڌاري، عباسي خلافت جي آفتاب غروب ٿيڻ وقت، مشرقي ايشيا ۾ ڪيتريون ئي خودمختيار حڪومتون پيدا ٿيون. سنڌ به پهريان طاهريه پوءِ صفاريه سلطنتن جي ماتحت رهي. پوءِ غزني ۽ غوري ۽ دهليءَ جي سلاطين جي زير اثر رهي. مٿين دؤرن ۾ پارسي زبان عربي جو درجو حاصل ڪيو. ان کان سواءِ، ايراني تهذيب ۽ معاشرت سڄي اسلامي دنيا دنيا تي ڇانئجي ويئي. حڪومت جي دفترن جي زبان پارسي هئي. ان سبب ڪري وقت جي شاعرن جي زبان به پارسي هئي. سومرن جي صاحبيءَ جي زماني ۾ ٽن صدين اندر جيڪي به قصا ٿي گذريا، جهڙوڪ: سسئي پنهون، عمر ۽ مارئي، مومل ۽ مينڌرو، چنيسر ۽ ليلان، تن سڀني کي پارسي اديبن حڪومت جي زبان پارسيءَ ۾ نظم ڪيو. عربي زبان فقط مذهبي زبان هئي. ايراني تهذيب ۽ پارسي زبان جو ڏؤنڪو ايشيا ڪوچڪ کان وٺي بنگال تائين وڄڻ لڳو ۽ اها ئي شاعرن جي زبان هئي.

عمر مارئيءَ جي قصي کي اڳتي هلي مؤرخ سيد محمد طاهر نسياني پارسيءَ ۾ نظم ڪري مٿس ’ناز و نياز‘ نالو رکيو. مومل ۽ مينڌري جي قصي کي ملا مقيم پارسي قالب ۾ آڻي مٿس ’ترنم عشق‘ نالو رکيو. اهڙيءَ طرح ’ليلا چنيسر‘ به پارسي جامو پهريو(1). جيتوڻيڪ پارسي حڪومت ۽ اعليٰ سوسائٽيءَ جي علمي زبان هئي، مگر سنڌي زبان به زنده زبان هئي ۽ سومرن جي صاحبيءَ واري زماني ۾ رومان آفرين آکاڻين سنڌي زبان جي وسعت ۽ بلاغت لاءِ بيش بها سرمايو پيدا ڪيو ۽ مٿيان قصا جنت السنڌ جي در و ديوار، صحرا ۽ مرغزارن ۾ گونجڻ لڳا ۽ اڄ به سنڌي زبان جي بي مثل ادب جا زنده سرچشما آهن. اسان کي خبر پئجي نه ٿي سگهي ته سومرن جي صاحبيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا سنڌي شاعر ٿي گذريا، فقط ايتري خبر پوي ٿي ته ان زماني ۾ صوفيا ڪرام سماع ۽ سرود جون محفلون برپا ڪيون هيون، جن ۾ هندو ۽ مسلمان حصو وٺندا هئا. سهروردي، چشتي، بخاري، قادري (جلالي) درويشن جا طريقا ۽ فقيري عام پکڙيل هئي.

ملتان ۽ اچ کان وٺي ڪڇ جي رڻ ۽ گجرات تائين درويشن روحانيت جي تبليغ ڪئي. شيخ حامد السندي بخاري، شيخ جلال الدين تبريزي، امير سيد قطب الدين مدني الجيلاني، شيخ حميدالدين ناگوري، رفاعي بزرگن ۽ حضرت لعل شهباز قلندر جي سنڌ ۾ اچڻ ڪري سنڌين فيض پاتو. غوث پوٽن، ريهاڻ پوٽن، نورنگ زادن ۽ صوفي درويشن جون گاديون ان زماني ۾ قائم ٿيون. انهن صوفين توڙي بعد جي شاعرن مٿين قصن کي تمثيلي معنائون ڏيئي، انهن معرفت حقيقي عشق جي بيحد اپٽار ڪئي آهي.

 

سومرن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا مشائخ

حسني ۽ حسيني:

حسني ۽ حسيني طريقي جو پهريون بزرگ امير ڪبير سيد قطب الدين مدني رحه جو ڀاڻيجو هو، جنهن غوث الاعظم محبوب سبحاني رحه کان فيض پرائي، شيخ نجم الدين ڪبريٰ کان بيعت ڪئي هئي. امير ڪبير کي رويائي صادقه ۾ بارگاه نبوي ﷺ جن کان هندستان وڃڻ ۽ جهاد ڪرڻ لاءِ حڪم مليو هو. پاڻ هزارين مريدن سان هجري ڇهين صديءَ جي ابتدا ۾ سنڌ ۾ پهتا. هتان نڪري دهلي ۽ ڪڙه مان ڪپور پهتا ۽ اتي وفات ڪيائون. سيد احمد شهيد بريلوي جنهن 19 صديءَ ۾ سکن خلاف جهاد ڪيو هو، سو سيد امير ڪبير رحه جي اولاد مان هو. گويا حسني ۽ حسيني طريقي جي ابتدا پهريان سنڌ مان ٿي ۽ اهو طريقو هتان ٿي پوءِ هندستان پهتو.

رضويه:

هندستان جي رضويه سادات جو جدا اعليٰ سيد محمد مڪي به هجري سن جي ابتدا ۾ بکر پهتو ۽ سندس اولاد اوڌ ۽ بنگال تائين پکڙجي ويو. سيد محمد مڪيءَ جو اولاد سکر، بکر ۽ روهڙيءَ ۾ اڃا به موجود آهي ۽ سندس تربت به سکر ۾ آهي. حسني ۽ حسيني خاندان وانگر رضويه سلسلو به سنڌ مان شروع ٿيو.

راشده:

راشده پيرن جون سنڌ ۾ گاديون آهن: ڪنگري، جا پير صاحب پاڳاري جي گادي آهي، ٻي پير جهنڊي واري گادي. پير صاحب پاڳاري جا راسخ العقيدت مريد حر سڏجن ٿا. ’تحفة الڪرام‘ مان خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ راجا دلوراءِ پنهنجي ڀاءُ ڇٽي امرانيءَ تي ظلم ڪيو. ڇٽو امراني بغداد جي خليفي وٽ دانهين ويو. خليفي سامره جي سؤ عربن کي سيد عليءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. سيد عليءَ دلوراءِ کي شڪست ڏيئي، لڪي (ضلعي دادو) وٽ، جنهن کي سندس ئي نالي پٺيان پوءِ ’لڪ علويءَ‘ ڪري سڏيائون، مستقل سڪونت اختيار ڪئي. سيد عليءَ جو اولاد پوءِ لڪياري سادات سڏجڻ ۾ آيا. اڳتي هلي لڪياري ساداتن مان هڪ شاخ راشده سادات نڪتي، جنهن جون هن وقت سنڌ ۾ مٿيون گاديون موجود آهن.

قادريه:

نالو سيد عثمان لقب شمس الدين لعل شهباز قلندر ولد سيد ابراهيم ڪبير. سندن نسب اَٺين پيڙهيءَ ۾ امام جعفر صادق رضه سان وڃي ملي ٿو. حضرت لعل شهباز آذر بائيجان پرڳڻي ۾ ڳوٺ مروند ۾ سنه 538هه ۾ تولد ٿيو. شروع ۾ قرآن شريف حفظ ڪيائين، ان کان پوءِ ٻين علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪري، باطني علم حاصل ڪرڻ لاءِ بابا ابراهيم ولي ڪربلائيءَ جو مريد ٿيو ۽ ان کان ئي تصوف ۽ خرقهءِ خلافت ڍڪيائين. تنهن کان پوءِ، سياحت ڪرڻ جي ارادي سان مڪران جي دشت شهباز ۾ ڪجهه عرصو رهي، ملتان ۾ وارد ٿيو.(1) ان زماني ۾ سنڌ جي حاڪم شهزادي محمد قاآن ملڪ جي علم پروري ۽ درويش نوازيءَ جي شهرت سڄي ايشيا ۾ پهچي چڪي هئي، جنهن ڪري دور دراز ملڪن جا عالم، شاعر ۽ عارف شهزادي شهيد جي عارفانه ۽ عالمانه صحبتن ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا.

لعل شهباز سنڌ ڏانهن سفر ڪرڻ وقت مرشد جي اجازت سان بغداد کان مڪران رستي پهريان شهزادي شهيد جو مهمان ٿيو، جنهن سندس گهڻي خدمت ڪئي ۽ بيحد ادب سان پيش آيو. لعل شهباز جي رهڻ لاءِ ملتان ۾ خانقاه ٺهرائڻ جو به ارادو ڏيکاريائين، مگر هن بزرگ جو اصل ارادو سيوهڻ ۾ رهڻ جو هو، جنهن ڪري ملتان ۾ ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ سنه 649هه ۾ سلطان ناصرالدين محمود جي زماني ۾ سيوهڻ ۾ اچي رهيو. ان وقت سندس ڄمار هڪ سؤ يارهن ورهيه هئي. ’تحفة الڪرام‘ وارو لکي ٿو ته لعل شهباز انهيءَ هنڌ تي اچي رهيو، جتي هاڻي سندس مقبرو آهي. انهيءَ محلي ۾ بدڪار عورتون رهنديون هيون، مگر عارف ڪامل جي اچڻ کان پوءِ انهن جو آڏو کڄي ويو ۽ گهڻيون توبهه تائب ٿي ياد خدا ۾ مشغول رهيون. حضرت لعل شهباز سيوهڻ ۾ فقط هڪ سال رهي، 21 شعبان 650هه ۾، 112 ورهين جي طبعي عمر کي پهچي، رحلت ڪري ويو. ساري زندگي مجرد رهيو، جنهن ڪري ڪوبه اولاد پوئتان ڇڏي نه ويو.(1)

چشتيه:

چشتيه مشائخ مان شيخ نصيرالدين چراغ دهلوي، سلطان محمد تغلق سان گڏ ساموئي آيو هو. پوءِ سلطان فيروز شاهه سان سيوهڻ بکر ۽ ملتان کان ٿيندو دهليءَ پهتو هو. سندس ڀاڻيجو علامه ڪمال الدين دهلوي (متوفي 756هه) به سنڌ کان ٿيندو گجرات پهتو. سندس اولاد مان اهڙا بزرگ پيدا ٿيا، جن ٻارهين صديءَ تائين چشتيه سلسلي کي سنڌ، گجرات ۽ بلوچستان ۾ قائم رکيو. انهن بزرگن مان شيخ حسام الدين عثمان بن دائود الملتاني (متوفي 736هه) جي ذات گرامي آهي، جو سلطان المشائخ نظام الدين محمد بدايونيءَ جي خلفاءِ ڪبار مان هو. محمد شاه تغلق جي زماني ۾ سنڌ کان نهرواله گجرات ۾ قيام فرمايائين، جتي سندس مزار آهي. چشتيه سلسلي جا مريد سنڌ ۽ گجرات کان سواءِ مڪران ۾ به آهن.(2)

سهرورديه:

اُچ وارا بزرگ به ملتان جي سهرورديه درگاهه جا مريد هئا. شيخ سيد حامد السندي پهريون بزرگ هو، جو هجري صديءَ جي ابتدا ۾ سنڌ ۾ اچي رهيو هو. بعد ۾ سيد شرف الدين مشهدي (متوفي 808هه) جو حضرت مخدوم جهانيان سيد جلال الدين حسين بخاريءَ جو ناٺي ۽ خليفو هو، پهريائين سنڌ ۾ رهيو، پوءِ گجرات جي شهر ڀڙوچ ۾ بود باش اختيار ڪيائين. سيد برهان الدين عبدالله بن محمود البخاري السندي به مخدوم جهانيان جو پوٽو هو. سيد حامد ابن محمود به مخدوم جهانيان جو پوٽو هو. سيد برهان الدين عبدالله سيد حامد جو ننڍو ڀاءُ هو. هو سنڌ مان ٻارهن ورهين جي عمر ۾ گجرات پهتو. سيد راجو قتال کان خرقو حاصل ڪيائين ۽ 857هه ۾ وفات ڪيائين. ان وقت جا حاڪم سندس قدم جي خاڪ کي ڪحل الجواهر سمجهندا هئا.

رفاعيه:

رفاعيه سلسلي جو بزرگ، سيد احمد ڪبير، عراق ۾ ٿي گذريو. هن سلسلي جي اڪابرن کان سنڌ، گجرات ۽ دکن وارن فيض پاتو. سندس خليفن مان شيخ شرف الدين اساوليءَ جي فيض ۽ برڪت کان عرصي تائين سنڌ ۽ گجرات وارن فيض پاتو. سندن خليفو نصير بن الجمال النو ساري (متوفي 851هه) علم ۽ تقدس جي اعتبار ڪري وڏي پايي جو بزرگ ٿي گذريو. سنڌ ۽ مڪران جا ميد سندس مريد آهن.

مشاهير:

مخدوم نورالله:

مخدوم نورالله عرف مخدوم بورنگ، ذات جو سومرو وڏو عالم ۽ درويش، ملتان وارن صاحبن جي پاران لاڙ لاءِ خليفو مقرر ٿيل هو. سندس مقبرو ٽنڊي غلام حيدر تعلقي گونيءَ ۾ آهي. هن جو اولاد پاڻ کي ’نورنگ زاده‘ سڏائيندو آهي.

مخدوم عبدالله:

هيءُ جيسلمير جي هندو راجا جو نوجوان راجڪمار هو، جو پوءِ مسلمان ٿيو هو ۽ جنهن کي روحاني فيض سان حضرت بهاءُ الدين مالا مال ڪري، سنڌ ۾ روحانيت جي تبليغ لاءِ حڪم ڏنو هو. مخدوم عبدالله پراڻن هالن ۾ اچي رهيو ۽ وڏو فيض بخش بزرگ ٿي گذريو. هالن پراڻن وارا ڀٽي انهيءَ مخدوم عبدالله جو اولاد آهن، جن ۾ خلافت جو درجو اڄ تائين پشت بپشت هليو اچي ٿو.

مخدوم فاضل شاهه:

هي بزرگ مخدوم عمادالدين جي اولاد مان هو. مخدوم عمادالدين محمد تغلق پاران وڙهندي ڪشلو خان سنڌ جي حاڪم هٿان شهيد ٿيو هو ۽ شيخ رڪن الدين ’رڪن عالم‘ جو ڀاءُ هو. مخدوم فاضل شاهه ڪلان وڏي اٽالي سان پهريائين ڪشمور پهتو، پوءِ ڳوٺ بڪيرا تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ اچي ساڪن ٿيو.سندس اولاد گذاري ويو هو، تنهن ڪري پنهنجي عزيز مخدوم شهر الله ڪبيراڻيءَ کي گهرائي پنهنجو جاءِ نشين ڪيو هئائين. اها بڪيرن واري گادي سنڌ ۾ غوث پوٽن پيرن جي وڏي گادي ليکجي ٿي ۽ اڄ تائين پشت بپشت هلي اچي ٿي.

شاهه اسماعيل:

هي بزرگ مخدوم شهر الله ملتان جي سجاده نشين جو فرزند هو، روحانيت جي تبليغ لاءِ ڳوٺ نوتيار تعلقي بدين ۾ اچي رهيو هو، سندس مقبرو نئن باران جي ڪپ تي آهي.

شيخ صوبدار:

ملتان وارن بزرگن جي خاندان مان شيخ صوبدار مست بدين تعلقي جي غوث پور ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي انهن ڏينهن ۾ سومرن جو زور هو. ڪيترائي ان بزرگ کان فيضياب ٿيا. سندس مقبرو به اتي آهي. شيخ موصوف جو اولاد مان ڪي سنڌ مان لڏي ڪڇ جي تاڙاپي ڳوٺ ۾ ويا، جتي انهن جون درگاهون اڄ تائين قائم آهن. ڪي اڃا تائين بدين تعلقي ۾ پنهنجن وڏن جي مقبرن تي رهن ٿا ۽ پنهنجا مريد خادم اٿن.

شاهه عبدالله:

شاه عبدالله عرف ابن شاه، جنهن جي نالي ابن شاه جا ٽڪر گوني تعلقي ۾ درياه جي ڪناري سان مشهور آهن، سو بزرگ به ملتان وارن بزرگن جي خاندان مان روحانيت جي تبليغ لاءِ سنڌ آيو هو.

شاهه عبدالصمد:

هن بزرگ جو مقبرو ڳوٺ ٻاول تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي.

مخدوم عبدالرحمان:

هي بزرگ پهريائين هندو ٺڪر هو، پوءِ ملتان جي صاحبن کان روحاني فيض مليس ۽ خلافت به مليس. هن بزرگ کي عام طرح ’رام جاڳيو‘ به سڏيندا آهن. سندس وڏو ساليانو ميلو ساماري شهر جي نزديڪ لڳندو آهي.

پير پٿورو:

چون ٿا ته هي بزرگ اصل مينگهواڙ قوم مان هو، پر سندس اعتقاد ۽ صدق ملتاني بزرگن سان تمام گهڻو هو، تنهن ڪري اتان فيض به مليس ۽ خلافت به مليس. سندس مقبرو تعلقي پٿوري ۾ اڪڙي اسٽيشن وٽ آهي. درگاه تي هزارن جي ليکي رجوعات ٿيندي آهي، جنهن جو خاص حصو بڪيرن وارن پيرن کي ملندو آهي.

شيخ عيسيٰ:

هي بزرگ ملتان وارن صاحبن جو خليفو هو. ڳوٺ شيخ پورو، نزديڪ لنواري، تعلقي بدين ۾ سندس مقبرو آهي، لاڙ مان جڏهن به ملتاني فقيرن جي ڪا جماعت ملتان ويندي آهي يا اُتان موٽندي آهي، تڏهن هن درويش جي مقبري جي زيارت ان کي ضرور ڪرڻي پوندي آهي.

صادق صوفي:

ڪي سومرا پنهنجن درويشن مائٽن جي مقبرن جا مجاور ۽ وقت جا مريد پيا ليکجن. جيئن ته مخدوم اسماعيل جو اولاد لاڙ ۾ مخدوم پيو سڏجي ۽ هو مريدن ۽ خادمن وارا آهن.نورنگزادا اڄ تائين لاڙ ۾ علم ۽ فضيلت جو گهر آهن. شيخ رهاڻ پوٽا به سنڌ ۾ فضيلت جو گهر آهن. مريدن، خادمن کان سواءِ، هو معزز زميندار به آهن. درويش صادق صوفيءَ جا پويان به مريدن ۽ خادمن وارا زميندار آهن.  انهن بزرگن جي مقبرن تي وڏا ميلا به لڳن ٿا. اڄ تائين به سومرن زميندارن جو خاصو موچارو انداز سنڌ ۾ لاڙ خواه اتر ۾ موجود آهي. ڪي سومرا پنهنجن ڌنڌن جي لحاظ تي مٽيل زات وارا پيا سڏجن، مثلا ڪوري، رنگريز، نيرولي، ڌوٻي، واڍا، چاڪي وغيره.

سمه سلاطين متعلق مؤرخن جا بيان:

سمه سلاطين کي به ڪن مؤرخن عرب لکيو آهي! اڃا تائين به اها عجيب غريب ڳالهه سنڌ جي تاريخن ۾ هلندي اچي ٿي! هيٺ سلسليوار مؤرخن جو بيان ڏيون ٿا، جن سمن کي عربي نسل مان شمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت هيءَ آهي ته سومرا ۽ سما نومسلم راجپوت هئا. جيئن سومرن جا تيئن سمن جا نالا ڪي هندڪا ۽ ڪي مسلمانڪا هئا. اها ثابتي ئي ڪافي آهي ته هو مسلمان ڪونه هئا.

سما هڪ طاقتور ۽ مالدار قبيلو هو. سندس اصليت متعلق مؤرخن ۾ اختلاف آهي. فقط فرشته ۽ ابوالفضل ٻه مؤرخ آهن، جيڪي کين ’ڄام‘ جي لقب سان سڏين ٿا. انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا ۽ انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام جي مضمون نگارن سمن کي نومسلم راجپوت لکيو آهي.(1) ’معصومي‘ وارو سمن کي عڪرمه بن عصام بن ابوجهل جي اولاد مان لکي ٿو. وري ايئن به لکي ٿو ته سما ڪڇ کان سنڌ ۾ آيا. ’تاريخ طاهريءَ‘ جو بيان آهي ته ’سمنڊ جي ڪناري وارو ملڪ سمه قوم جي ماتحت ٿي ويو، جت سندن قوم جا حاڪم، راءِ بهارا ۽ ڄام سهتا ۽ ڪڇ جو راجا ان قوم مان آهن(2)‘ صاحب ’تحفة الڪرام‘ سمن کي سام بن عمر بن هشام بن ابي لهب جي نسل مان لکي ٿو.(1) فرشته ’ڄام‘ لفظ مان ڌوڪو کائي لکي ٿو ته سما (سمگان) جمشيد جي اولاد مان آهن. ’فتوح البلدان‘، بلاذريءَ جي تاريخ، جا سنه 297هه جي تصنيف آهي، ان ۾ هڪڙي فقري جو ترجمو هن ريت آهي:

”پوءِ سنڌ جو والي دائود بن يزيد بن حاتم مقرر ٿيو، ان سان صمه جو پيءُ ابوالصمة المتغلب اليوم سنڌ ڏانهن ويو هو، جو اڄڪلهه سنڌ تي قابض آهي ۽ هو قبيلي ڪنده جو آزاد ڪيل غلام آهي.“(2)

’چچنامه‘ ۾ سما سنڌ جا قديم باشندا هئا، جي نيرن ڪوٽ ۽ ٻڌيا جا حاڪم هئا. هو الور جي برهمڻ راجائن جي خلاف هئا. نيرنڪوٽ جي راجا ڀنڊڪرن سنڌ تي عربن جي ڪاهه کان اڳ حجاج بن يوسف کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت نامو مڪو هو. ازانسواءِ سمه بن سيواج راءِ چچ جي ڏينهن ۾ ديبل جو حاڪم هو. محمد بن قاسم جڏهن نيرون پهتو هو، تڏهن اتان جي سمينه حاڪم تحفن سان سندس استقبال ڪرڻ آڻ مڃي هئي.(1) تنهن جي معنيٰ ته سما محمد بن قاسم جي ڪاهه ڪرڻ يعني 96 هجري کان به اڳ سنڌ ۾ رهندا هئا. سما ۽ چنا سنڌ جي اصلي رهاڪن مان پهريان هئا، جن اسلام قبول ڪيو هو.

’ڄام‘ لفظ جي اصليت:

سما سلاطين جن سنه 752هه (1351ع) کان سنه 923هه (1519ع) تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ ڪڏهن دهليءَ جي سلاطين جي ماتحت رهيا ۽ ڪڏهن خودمختيار رهيا، سي چندرونسي راجپوت هئا. اڳ لکي چڪا آهيون ته دورارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻيءَ جامبوتيءَ جي وڏي پٽ سامبا سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن تي، زابلستان تائين هڪڙيءَ حڪومت جو پايو وڌو هو، جنهن جو تختگاه ’سمبانگر‘ يا مينا نگر، ساموئيءَ وٽ هو. اها حڪومت ’سنڌ سمه‘ سڏبي هئي. سامبل هن خاندان جو راجا هو، جنهن سڪندر يونانيءَ سان جنگ ڪئي هئي. جامبوتيءَ جي بطن مان هئڻ ڪري، سندس ۽ سندس اولاد جو لقب ڄام هو.(2) هينئر به لس ٻيلي جي نواب ۽ نوانگر جي راجا جو ساڳيو لقب آهي.(3) ڪرشن مهاراج مهڀارت جو هيرو هو؛ ان سبب ڪري برهمڻ راجائن جي حڪومت جي زماني ۾ هن جا پويان وڏا جاگيردار ۽ مندرن جا متولي هئا ۽ سندن گهڻي مڃتا ٿيندي هئي.

سنڌ جي سياست ۾ سندن وڏو دخل هو. نيرن ڪوٽ جي مضبوط قلعي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ سيوستان ۽ برهمڻ آباد جا رستا پاڻمرادو فاتح سنڌ اڳيان کلي ويا هئا. مرزا قليچ بيگ به ’چچنامه‘ جي صفحي 174 جي فٽ نوٽ ۾ سمانگر سمن جي قديم تختگاه متعلق روشني وڌي آهي. ابتدا ۾ سمن جي مدد سان سومرن سنڌ تي قبضو ڪيو هو. جيسين سمن سان سندن ٺاهه رهيو، تيسين سومرن جي صاحبي قائم رهي. سومرن سندن ئي مدد سان اوائلي سوڀون ڪيون. وري جڏهن سومرن جي حڪومت مضبوط ٿي ويئي، تڏهن سمن سان ارهه زورائي ڪرڻ لڳا. سومرن کان هار کائي، جيڪي سما ڪڇ ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا هئا، تن پهريائين وڃي ڪڇ ملڪ ۾ پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي.

سمن جو سنڌ تي قبضو ڪرڻ:

ڪڇ جي سمن جو سنڌ جي سمن سان ناتو هو. جيئن پوءِ تيئن سومرن حاڪمن رعايا سان ظلم ڪيا ۽ سنڌ ۾ رهيل سمن تي به هو ظلم ڪرڻ لڳا. جڏهن هڪڙي پاسي دهليءَ جي لشڪر سومرن جو زور ڀڳو ۽ ٻئي پاسي سومرن جا پويان حاڪم عياش بنجي پيا، تڏهن ڏکڻ سنڌ ۾ ٻي ڪابه قوم سمن جي قوم کان وڌيڪ طاقت واري ڪانه هئي. تنهن ڪري سومرن جي پوئين حاڪم همير (ارميل) کي سمن سندس گهر ۾ وڃي قتل ڪيو ۽ سندس سسي ڪوٽ جي دروازي تي ٽنگي ڇڏيائون.

ڄام انڙ سمن جو پهريون حاڪم ٿي گذريو. سما اُچ ۽ ملتان جي مشائخن جا مريد هئا. سمن جو اوائلي تختگاه سمانگر هو.(1) جو پوءِ ساموئي يا سمي مڪليءَ کان ٽي ميل اتر طرف هو. هي شهر سنڌ جي جهونن شهرن مان هو، ڪيترائي ڀيرا ويران ٿي وري جڙيو. سندس آثار مڪليءَ کان اتر اولهه طرف دڙن جي صورت ۾ اڃا به بيٺل آهن. اهڙيءَ طرح ڪلان ڪوٽ، جو صاحب ’تحفة الڪرام‘ جي بيان موجب راج اڪلا تعمير ڪرايو هو، ڪيترائي ڀيرا ويران ٿي وري جڙيو. انگريزن جي بيان موجب سڪندر جي ڪاهه وقت ٽڪريءَ تي مني ميل جي ايراضيءَ ۾ هڪڙو مضبوط قلعو هو، جنهن جي چؤگرد پاڻيءَ جي وڏي کاهي هئي. هينئر به ٽڪريءَ جي اتر اولهندي ۾ هڪڙي ڍنڍ آهي.

اوائل ۾ قلعي جي چؤگرد ڳوٺ هئا. قلعي جي ڀڳل ديوارين جي اندرين حصن ۾ انگريز ماهر کي معائنو ڪندي سڙيل ڪڻڪ ۽ جوَن جا ڪي داڻا هٿ لڳا هئا. سندس خيال آهي ته قلعو باهه لڳڻ ڪري ويران ٿي ويو.(2) پويون ڀيرو ڄام تغلق بن سڪندر ڪلان ڪوٽ کي تعمير ڪرائي مٿس تغلق آباد نالو رکيو. ڄام نندي جي ڏينهن ۾ هاڻوڪي ٺٽي جي بنياد پوڻ ڪري، ساموئي توڙي ڪلان ڪوٽ افسانا بنجي ويا ۽ هينئر مڪليءَ وانگر شهر خموشان آهي.


(1) انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا: جلد – 25، ص- 143، يارهون ايڊيشن.

(1) احسن التقاسيم: بشاري مقدسي، ص-42 ليڊن.

(2) J. Abbat: Sind- Are- interpretation of the Unhappy Valley, Soomros PP. 88-89, Karachi, 1907.

(1) وقائع راجسٿان: مولوي نجم الغني رامپوري، جلد-1، ص- 52-51، همدرد پريس، لکنؤ، 1927ع.

(2) مزهب اسلام: مولوي نجم الغني، ذڪر فرقه دروز، ص-352، نولڪشور لکنؤ.

(3) اسماعيلي نفي صفات جا قائل هئا، جنهن جو نالو وٽن معتزله جي عقيدي وانگر ’توحيد ۽ تقديس‘ هو.

(1) شريف ادريسي گجرات جي بيان ۾ لکي ٿو ته اتي جي شهر انهلواڙه (پٽن) ۾ مسلمان واپارين سان راجا ۽ سندس اهلڪار چڱو سلوڪ ڪن ٿا. حقيقت ۾ اهي واپاري شيعا هئا، جن اسماعيلي تبليغ ڪرڻ لاءِ واپارين جو لباس اختيار ڪيو هو. ڏسو ’ايليٽ‘، جلد-1، شري ادريسيءَ جو بيان. ملا عليءَ جي قبر کنڀات ۾ آهي. عبدالعلي سيف الدين هڪڙو بوهرو فاضل پنهنجي عربي ڪتاب ’مجالس سيفه‘ ۾ جو هن 1224هه ۾ تصنيف ڪيو، لکي ٿو ته، فاطمي خليفي مستنصر بالله پنهنجا ٻه داعي عبدالله ۽ احمد يمن جي رستي کان هندستان ڏانهن مڪا هئا، جن کنڀات پهچي پهريان گجرات جي راجا سڌراءِ جنيسنگهه جي وزير بهارمل کي خفيه اسلام ۾ آندو، رفتي رفتي سندن تبليغ جي ڪري هندو مسلمان ٿيا ۽ اهي ’بوهرا‘ سڏجن ٿا.

(1) گجرات جي بوهرن کي سنت جماعت ۾ آڻڻ وارو پهريون بزرگ محمد طاهر مصنف ’مجمع البحار‘ هو، جنهن سنه 980هه ۾ اڪبر جي گجرات فتح ڪرڻ وقت مصمم ارادو ڪيو هو ته جيسين بوهرن کي اسلام جي صحيح عقيدن تي نه آڻيندس تيسين مٿي تي عماملو ڪونه ٻڌندس. مٿئين ارادي سان هو آگري جي درٻار ۾ پهتو هو. اڪبر پنهنجن هٿن سان سندس مٿي تي عمامو رکي کيس تسلي ڏني هئي ته پنهنجي مهم ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو. ليڪن جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان، جو پاڻ شيعو هو، گجرات جو والي ٿي آيو، تڏهن بوهرا شيخ محمد طاهر جي مخالفت ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري ٻيو ڀيرو شهنشاهه کي اڪبر آباد ۾ گڏجڻ لاءِ روانو ٿيو، پر واٽ تي سنه 986هه ۾ اجين وٽان لنگهندي بوهرن هٿان شهيد ٿي ويو.

(1) دعوتِ اسلام: ڊاڪٽر آرنلڊ، ص-293، مذاهب اسلام: ص- 234.

(1) فرشته: جلد-2، ص- 416، نولڪشور، لکنؤ.

(1) تحفة الڪرام: سنڌ جي اصلي سماٽ باشندن جي ڊگهي فهرست ڏني آهي، جنهن ۾ فقط سما قوم جي شاخن جو ذڪر ڏنل آهي. سومرن سمن کان اڳ سنڌ تي قبضو ڪيو هو ۽ سما سندن ماتحت هئا؛ مگر ان تاريخ ۾ سومرن جي شاخن جو ڪو ذڪر ڏنل ڪونهي. البته ايترو معلوم ٿي سگهي ٿو ته سمن ۾ چنيسر ۽ سومرو نالا رائج هئا. سنڌ کان ٻاهر ڪڇي ۽ جهالاوان ۾ جيڪي به جت ۽ سماٽ قومون رهنديون هيون، سي به سومرن جي ماتحت هيون.

R. Hughes-Buller: Imperial Gazetteer of India, Vol. Balochistan. PP. 165-471.

(2) اڪثر تاريخن ۾ محمد تغلق جي زماني تائين سومرن جو ذڪر ڏنل آهي. اهي ڪڏهن خودمختيار ۽ ڪڏهن ماتحت رهندا هئا.

ڏسو ’عجائب الاسفار‘ جلد-2، باب -1، ص- 14.

(1) ’متخب التواريخ‘ جي بعض نسخن ۾ نمبر – 11، نمبر – 12 ۽ نمبر – 13 نالا ڏنل ڪونه آهن. ان حساب موجب دودو (چوٿون) سلطان علاءُ الدين خلجيءَ جو همعصر ٿي سگهي ٿو.

(1) فقط ٻن نسخن جي نالن کي ڀيٽي ڏسو ڪيترو نه فق نظر اچي ٿو. ’تحفة الڪرام‘ ۾ ويهن حاڪمن جا نالا ۽ سندن حڪومت جو جملي عرصو 361ورهيه ڏنل آهي. اهڙيءَ طرح هر هڪ نسخي ۾ بغاوت نظر اچي ٿو. ’فرشته‘ هي عرصو 3 سؤ ورهيه ڏيکاري ٿو ۽ ’بيگلار نامه‘ 505 ورهيه. سومرن جي دؤر جي تاريخ فقط رومانوي قصن ۽ آکاڻين سان ڀريل آهي. جيڪڏهن اهي قصا نه هجن ها ته شايد سنڌ جو دؤر ماضي اسان جي نظر کان غائب رهجي وڃي ها. حقيقت ۾ اهي قصا سنڌي شاعريءَ ۾ جذبات ۽ احساسات پيدا ڪن ٿا ۽ اڳتي هلي انهن جي ئي آڌار تي سنڌي شاعري الهامي درجو اختيار ڪري ٿي ۽ سنڌي زنده زبان بڻجي پوي ٿي ۽ اسان کي سنڌ جي ان سونهري زماني جي تمدن جو پتو پئجي سگهي ٿو.

(1) عجائب الاسفار: جلد-2، باب-1، ذڪر شهر جناني.

(1) ايليٽ جلد-1، بحواله ’طاهري‘: سومرن سردارن جي آکاڻين مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته اسلام سندن اڳوڻي مذهب کي ته بدلائي سگهيو، مگر سندن قديم مذهب جي حقيقت کي بدلائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪانه ٿيس، ان ڪري هتي سندن عقيدن ۽ اسلامي عقيدن ۾ فرق نظر اچي ٿو. مثلا باهه مان لنگهن، چکيا تي چڙهڻ، شراب پيئڻ، وغيره.

(1) ايليٽ جلد-1، بحواله ’طاهري‘.

(1) ڪپتان اسٽئنلي نيپئر ريڪس سال 1847ع ۾ ڪڇ ۾ نائب پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو ۽ ننگرپارڪر، مٺي ۽ ڏيپلو تعلقا، جي انهن ڏينهن ۾ برٽش سرڪار جي حوالي ٿيا هئا، تن جو انتظام سندس حوالي ڪيو ويو. سندس هيڊ ڪوارٽر ڀڄ هو. هن صاحب سرڪاري رڪارڊ ۽ ملڪي روايتن مان کوجنا ڪرڻ بعد، حالات ٿر ۽ پارڪر تي هڪ ڪتاب سنه 1856ع ۾ لکيو، جو 1859ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان شآيع ٿيو. اهو پهريون ڪتاب آهي، جو ٿر ۽ پارڪر جي اڳين پوين حالتن تي ڪجهه روشني وجهي ٿو.

(1) Stanely Lane- Poole: Mohammedan.

(1) ’تحفة الڪرام‘: جلد-3، چنيسر ۽ ليلان جو قصو.

(1) ڪڇيءَ ۾ علاءُ الدين جي ٽن گنبذن مان شڪ ٿو پوي ته سومرن سان ڪڇيءَ جي ميدان ۾ جنگ لڳي هوندي، ڇاڪاڻ ته ڪڇيءَ تي به سومرن جو قبضو هو. والله اعلم!

(1) Yule, C.B: Murcopolo, Book. II, Kesomoeoran.

(1) عجائب الهند: بزرگ بن شهريار، ص-16.

(2) ابن حوقل: ص-233.

(3) مروج الذهب: مسعودي، جلد-1، ص 382-384، عربن کي هندستان ۾ جيڪو اولاد ڄمندو هو، تنهن کي ’بيسر’ سڏيندا هئا، جنهن جو جمع ’بياسره‘ آهي. جيئن برٽش راڄ ۾ هندستان ۾ جمندڙ انگريزن کي ’ائنگلو انڊين‘ سڏيندا هئا.

(1) تحفة الڪرام: جلد-3، ص 15- 16.

(1) مروج الذهب: مسعودي، جلد – 1، ص 382 – 384.

خزائن الفتوح: امير خسرو، ص 157-162، علي ڳڙهه، 1927ع.

گجرات جي هندن جو عقيدو هو ته سندن راجائون مسلمانن سان انصاف سان پيش اچن ٿا، تنهن ڪري سندن راجائن جي عمر وڏي ٿئي ٿي ۽ هرهڪ راجا پنجاهه پنجاهه ورهين تائين راڄ ڪرڻ کان پوءِ مري ٿو. ڏسو ’مروج الذهب‘.

(1) ’تاريخ وصاف‘ ۽ ’جامع التواريخ‘ جي حوالن لاءِ ڏسو ايليٽ، جلد-2، ص-24.

(2)  Yule, C.B. Murcopolo, Book, III, CHP. XVII, P. 285.

(1) تقويم البلدان، ابوالفداءِ، ص – 359، پئرس، 1840ع.

(2) عجائب الاسفار: جلد – 2، ذڪر شهر جناني.

(1) Journal of Sind Historical Society, Vol, III December, 1936 "The Legends of Old Sind", PP. 29-36 Karachi.

(1) R. Hughes-Buller: Gazetteer of Makran, Dasht, Shahbaz.

(1) ’لب تاريخ‘، ذڪر مخدوم لعل شهباز ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيل آهي، ته لعل شهباز 662هه ۾ ملتان آيو ۽ 673هه ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪيائين، ’حيات نامه قلندر‘ ۾ سندس وفات سنه 650هه لکيل آهي.

(2) R. Hughes-Buller: Makran, Religion, P. 114.

(1) انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا، جلد-25، ص -143، (طبع -11) انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام، مضمون: سمه.

(2) ايليٽ جلد-1، ص- 191، بحواله ’طاهري‘. ڄام سهتا هالا جي پوين مان ڄام ارجن ميرپور ساڪري تي حڪومت ڪندو هو، جنهن کي ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ جوکين ماري ڇڏيو هو. ڄام سهتو اورنگزيب جي ملتان تي نائبيءَ جي زماني ۾ پهريائين بلوچن جي بغاوت ۾ شامل ٿيو هو.

(1) تحفة الڪرام: جلد-3، ذڪر سمگان.

(2) فتوح البلدان: بلاذري، ص-445، ليڊن. بلاذري سمن کي ’صمه‘ بنوڪنده جا آزاد ڪيل غلام لکي ٿو.

نوٽ: ايڊمنڊ سي- ڪاڪس پنهنجي بمبئي کاتي جي تاريخ، 1887ع، مطبع بمبئي ۾ لکي ٿو ته سومرا ۽ سما اصل جين ڌرم جا هئا، پوءِ جن ڏينهن ۾ محمد تغلق گجرات ۾ آيو هو، تڏهن هنن اسلام اختيار ڪيو هو.

(1) Kalichbeg Guridmbeg: The Chachnamah, PP. 91-92.

(2) J. Tod:  The Annals and Antiquities of Rajasthan, Vol. II, P. 212.

(3) آر- ايڇ- بلر صاحب غلطيءَ سان اميپريل گزيٽيئر آف انڊيا (جلد بلوچستان) ۾ لس ٻيلي جي ڄام کي قريشي لکيو آهي.

(1) هندستان جي قديم نقشي ۾ مينانگر ڏيکاريل آهي. مينانگر سنڌ ۾ ۽ مهانگر گجرات ۾ وڏا شهر هئا. مهانگر هاڻوڪي ڀاؤنگر وٽ هو. سندس آثار 36 ايڪڙن ۾ آهن. مهانگر ۽ مينانگر مهاڀارت جي ويڙهه کان پوءِ تعمير ٿيا هئا، ڪرشن مهاراج دوارڪا کي تختگاه جوڙيو هو.

(2) John World A journey to the Source of River Oxus, CHP. I PP. 6-7 London. 1872.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org