باب اٺون
ٻين چؤياري _ ميرنور محمد خان:
مير مراد علي خان جي وفات کان پوءِ سمورن بلوچ
سردارن گڏجي مير نور محمد خان کي گاديءَ تي
ويهاريو. مير نور محمد خان ’ثريا جاه بهادر‘
هردلعزيز، سياڻو ۽ نيڪ سيرت انسان هو. مير مراد
علي خان پنهنجي جيئري حڪومت، پنهنجن چئن پٽن کي
ورهائي ڏيئي ويو هو. مير نور محمد خان پنهنجي ڀاءُ
محمد نصير خان ۽ پنهنجن ٻن سؤٽن، مير محمد خان ۽
مير صوبدار خان جي صلاح ۽ مشوري سان حڪومت هلائڻ
لڳو. هيءَ چؤياري ڏهن سالن تائين قائم رهي. انهن
ٻن چؤيارين مان پهرين چؤياريءَ جو زمانو، ٽالپري
اوج جو زمانو هو. پوئين چؤياريءَ جي ڏينهن ۾
ٽالپري حڪومت جو خاتمو ٿيو. شهداداڻي سرڪار کان اڳ
سهراباڻي سرڪار حصن ۾ ورهائي ويئي هئي. ساڳيءَ طرح
1836ع ۾ مير مراد علي خان ماڻڪاڻيءَ جي وفات کان
پوءِ ماڻڪاڻي سرڪار سندس ٽن پٽن، شير محمد خان،
شاه محمد خان ۽ خان محمد خان ۾ ورهائجي ويئي.
پڳدار شير محمد خان هو، جو 17 مئي سنه 1810ع تي
ڪيٽيءَ ۾ ڄائو هو. ٽالپري حڪومت، جنهن جي ماتحت اڳ
سنڌ ٽن حصن ۾ ورهايل هئي. سا هينئر ٻيءَ چؤياريءَ
جي زماني ۾ ڪيترن ئي ننڍن حصن ۾ ورهائجي ويئي.(1)
شهداداڻي ۽ سهراباڻي شهزادن ۾ ڪافي نفاق ۽ انتشار
پيل هو.
سنڌ متعلق انگريزن ۽ سکن جي پاليسي:
سنه 1890ع ۾ امرتسر واري معاهدي موجب، انگريزن
سنڌو نديءَ جي اولهندي وارن علائقن تي قبضي ڄمائڻ
لاءِ رنجيت سنگهه کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو هو. ديره جات تي
سکن جو قبضو هو، مگر اتي جا بلوچ موقعي سر اٿي کڙا
ٿيندا هئا، جنهن سبب ڪري جنرل وينٽورا گهڻي وقت
تائين ديري غازي خان ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو هو. ديره
جات جي آمدنيءَ کان وڌيڪ خالصا سرڪار کي اتي امن ۽
امان رکڻ تي خرچ ڪرڻو پوندو هو. ان سبب ڪري رنجيت
سنگهه تنگ ٿي ديره جات بهاولپور جي نواب کي ٺيڪي
تي ڏيئي ڇڏيو هو.(2)
مير نور محمد خان کي انگريزن جي ارادن جي خبر هئي.
سندس صلاح سان سڀني اميرن گڏجي هڪڙو ايلچي ڪابل جي
امير، دوست محمد خان بارڪزئي ڏانهن مڪو، ته جيڪڏهن
ڪابل جو امير، جيڪي 12 لک رپيا اڳ ڪابل سرڪار کي
ڀريندا هئا، سي دستور موجب بارڪزئي امير کي
ڀريندا، مگر امير دوست محمد خان پاڻ مجبور هو.
پشاور تي رنجيت سنگهه جو قبضو هو، جنهن کي ڪابل
خلاف انگريز ڀڙڪائي رهيا هئا. دوست محمد خان
انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجا ايلچي نيپال جي
راجا ۽ جنڪو جي سنڌيا ڏانهن موڪليا هئا، ته ٽيئي
گڏجي انگريزن سان جنگ جوٽين، مگر بدقمستيءَ سان
سنڌيا، امير جي ايلچيءَ کي گرفتار ڪرائي انگريزن
جي حوالي ڪيو هو.(1)
سنه 1828ع ۾ لارڊ ائمهرسٽ، انگلينڊ وڃڻ وقت رنجيت
سنگهه سان ملاقات ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، ان باري ۾
هندستان جي ڪمانڊر انچيف ڪومبر ميئر سملي کان
لاهور درٻار ڏانهن خط مڪو هو، مگر رنجيت سنگهه
ڪنهن بهاني سان موقعي کي ٽاري ڇڏيو. حقيقت ۾ رنجيت
سنگهه پوئينءَ عمر ۾ ضعف ۽ ڪمزوريءَ سبب پنهنجون
سموريون صلاحيتون وڃائي چڪو هو ۽ سندس اڳوڻي
سياستدانيءَ جا ڪارناما افسانا بڻجي چڪا هئا. سنه
1831ع ۾ لارڊ وليم بينٽڪ روپڙ وٽ سکن جي راجا سان
ملاقات ڪئي. هن دفعي گورنر جنرل، مهاراجا سان
مغروريءَ سان گڏيو. وليم بينٽڪ چرچائي ۽ حاضر جواب
هو. فقير عزيز الدين انگريزن کي پڪ ڏني هئي ته
رنجيت سنگهه ساڻ هرگز جنگ نه ڪندو.(2)
گورنر جنرل جي رنجيت سنگهه سان ملاقات ڪرڻ نسبت
هڪڙي فرينچ ايم_ جيڪمانٽ پنهنجي ڀاءُ ڏانهن پئرس،
هڪڙي خط ۾ لکيو هو ته، ”انگريزن مهاراجا کي ذهن
نشين ڪرايو هو ته پنجاب فتح ڪرڻ انگريزن لاءِ بلڪل
آسان ڪم آهي.“ انگريزي پارليامينٽ پاران 1832ع ۾
جيڪا جاچ ڪاميٽي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪارروائين
کي جاچ ڪرڻ لاءِ مقرر ٿي هئي، تنهن اڳيان ڪپتان
ميڪان سنڌ ۽ پنجاب متعلق بيان ڏنو هو:
”هندستان ۾ برٽش سرڪار کي پنهنجون حدون سنڌو نديءَ
۽ پنجاب تائين پهچائڻ ۾ گهڻو فائدو پهچندو، سنڌو
نديءَ جي ڊيلٽا تائين پهچڻ ۽ اتي فوجون لاهڻ کان
پوءِ، اسين آسانيءَ سان سنڌ جي اتر وارين ٽڪرين
تائين پهچي سگهنداسون، هت اسان کي فوج رکڻي پوندي،
ڇاڪاڻ ته جابلو درا هتان شروع ٿين ٿا. اسان جي
فوجن کي سنڌو نديءَ تان لنگهڻ وقت ڪابه تڪليف پيش
نه ٿيندي، باقي پنجاب جي سوال کي في الحال ملتوي
رکي، فقط سنڌ تي قناعت ڪجي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اڳي
ئي گهڻو ملڪ آهي، ٻيو ته رنجيت سنگهه معاهدي جي
شرطن تي سختيءَ سان پابند آهي. وٽس ڪشمير، پشاور،
ملتان زرخيز ۽ مردم خيز علائقا آهن. خالصا فوج
تربيت يافته آهي ۽ هندستان اندر پهريون نمبر فوج
آهي، مگر انگريزي لشڪر کان گهٽ درجي تي آهي. سک
چرين افغانن ۽ ڪٽر بلوچن کي منهن ڏيو بيٺا آهن.
اهڙين حالتن ۾ جنگ جي صورت ۾ سان کي ٽن طاقتن يعني
افغانن، سکن ۽ بلوچن سان مقابلو ڪرڻو پوندو.“(1)
انگريزن سنڌو نديءَ جي واپار متعلق ميرن سان جيڪو
عهدنامو ڪيو هو، ان مطابق ٽالپر، بهاولپور جو نواب
۽ خالصا سرڪار انگريزن سان ڀائيوار هئا. هن واپار
مان انگريزن جا ٻه خاص مطلب هئا:
1_ سنڌو نديءَ وارن ملڪن کان واپار جي بهاني سان
واقف رهن، سندن ايجنٽ ڪراچي، مٺڻ ڪوٽ، فيروز پور ۾
دفتر کولي ويٺا هئا.(2)
هرند جي هڪڙي رهاڪو محمد شريف کي پنهنجو ڇاڙتو
مقرر ڪري، سندس معرفت ديره جات جو احوال معلوم ڪرڻ
لڳا.(3)
2_ سنڌ_ ستلج واري واپار ۾ فقط انگريز فائديمند
رهيا، ڇاڪاڻ ته اڳ مالوه جو آفيم سنڌو نديءَ جي
وسيلي ٽالپري حڪومت معرفت ڪراچيءَ کان ڊيو ۽ گوئا
بندرن ڏانهن ويندو هو، جتان پورچوگيز سوداگرن
معرفت چين ۾ وڏيءَ رقم تي وڪامندو هو ۽ اهڙي طرح
حڪومت سنڌ کي آفيم جي محصول مان گهڻي آمدني ٿيندي
هئي، سنه 1773ع کان ايسٽ انڊيا ڪمپني آفيم جي
واپار تي قبضو ڄمائڻ لڳي، ويتر ٽالپرن سان عهدنامي
ڪرڻ کان پوءِ هندستان جي سموري آفيم جي واپار تي
انگريزن مڪمل طور قبضو ڄمائي ورتو.(1)
چين سان آفيم جي واپار ڪرڻ ڪري انگريزن کي ساليانو
ڏهه لک پائونڊن جو فائدو پهچڻ لڳو.
شڪارپور، دري بولان واري رستي تي واپار جي لحاظ
سان سنڌ جو پهريون نمبر دولتمند شهر هو. هن شهر جو
واپار لاهور، ملتان، سون مياڻي، قلات، ڪيچ مڪران،
بحيره خزر، خراسان، بخارا، قنڌار ۽ ڪابل سان هلندڙ
هو. خاص ڪري هي شهر خراسان جي پشم ۽ قنڌار جي سڪن
۽ تازن ميون جي وڪري جو مارڪيٽ هو. هتي جي واپارين
جون هنڊيون استراخان ۽ ڪلڪتي تائين هلنديون هيون.
مير مراد علي خان، رنجيت سنگهه سان دوستي رکڻ لاءِ
آخري دم تائين به پنهنجو خاص ايلچي درويش محمد
لاهور درٻار ڏانهن مڪو هو، مگر فقير عزيزالدين جي
گمراه ڪن پاليسيءَ تي ڪاربند رهي، رنجيت سنگهه
ميرن خلاف ٻٽي پاليسي اختيار ڪئي هئي. هو هڪڙي
پاسي انگريزن کي خوش رکڻ لڳو، ته ٻئي طرف شڪارپور
۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ طرحين طرحين حيلا هلائڻ
لڳو.
سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي سلسلي ۾ سڀ کان آخر ۾ هن
انگريزن کان اجازت گهرڻ لاءِ سنه 1834ع ۾ سردار
گوجر سنگهه مجيٺا کي ڪلڪتي جي فورٽ وليم قلعي
ڏانهن گورنر جنرل سان روبرو ڳالهائڻ لاءِ روانو
ڪيو. سک سردار، نه ڪڏهن انگريزي ڪلبون ڏٺيون، نه
وري سيم تن ڀورين (مڊمن) جي ناز و ادا کان اڳ واقف
هو. قضا سان هڪڙي گل اندام ميڊم جي دام فريب ۾
اهڙو گرفتار ٿي ويو، جو عقل ۽ هوش وڃائي، سفارت جي
فرضن کان غافل رهي، ميڊم پٺيان مستيءَ ۾ سڄا سارا
ٻه ورهيه مفت وڃائي ويٺو. ناممڪن هو ته ڊگهي ڏاڙهي
۽ ڊگهن وارن واري ڪنهن هندستانيءَ سان مغربي ڪافر
ادائن واري ڪا ڀوري محبت جو دم ڀري، چنانچه سردار
صاحب پنهنجي جاهليت ۽ ڊگهن وارن جي ڪري انگريزي
ڪلبن ۾ ’ڪاري رڍ‘ جي نالي سان مشهور هو. اپريل
1836ع ۾ وٽس لاهور کان سخت تاڪيد نامو پهتو.
سموريون حسرتون دل جون دل ۾ سانڍي لاهور موٽيو.
چون ٿا ته ميڊم جي عيارانه صحبت ۾ ايتري قدر دل
هاري چڪو هو، جو هن جي جدائيءَ ۾ باقي عمر جا
ڏهاڙا تارڪ الدنيا ٿي رهيو.
شاه شجاع جي شڪست:
شاه شجاع ۾ حڪومت هلائڻ جي صلاحيت ڪانه هئي.
افغانستان تي بارڪزئين جي حڪومت هئي مگر شاه
سدوزئي خاندان مان هئڻ ڪري پاڻ کي تخت ۽ تاج جو
حقيقي وارث سمجهندو هو. معزول ٿيڻ کان پوءِ به
قسمت کي آزمائڻ لڳو.(1)
لڌياني پهچڻ کان پوءِ، ٻه چار سؤ هندستاني ڀاڙي جا
ٽٽو ڀرتي ڪري، کين هڪڙي انگريز عملدار ڪپتان
ڪئمپبيل کان فوجي تعليم ڏياري، هو بهاولپور رستي
کان شڪارپور پهتو. هتي جي رهندڙن افغانن مان ٿورا
ڀرتي ڪري، ڪجهه ميرن کان ماڻهو وٺي، سنه 1833ع جي
آخر ۾ درو بولان ٽپي، سنه 1834ع ۾ ٽيهن هزارن جي
لشڪر سان هو شال (ڪوئٽا) پهتو. ڪجهه وقت واپار جي
قافلن کي لٽي مال گڏ ڪرڻ کان پوءِ هو قنڌار تي
ڪاهي ويو. جتي ڪهن دل، مهر دل ۽ رحيم خان بارڪزئي
حڪومت ڪندا هئا. سندس ڪاهه جو ٻڌي، دوست محمد خان
ڪابل کان لشڪر وٺي قنڌار پهتو. شجاع ۾ هڪ ته وڙهڻ
جي همت ڪانه هئي، ٻيو ته پنهنجن سردارن سان سندس
سلوڪ سٺو ڪونه هو، تنهن ڪري گهڻائي کيس ڇڏي ڀڄي
ويا. کيس هرات مان مدد ملڻ جي اميد هئي. ان اميد
سان لس کان نڪري قره پهتو، پر اتان به نااميد ٿي
گرم سيل ۽ سيستان جي صحرائن کي لتاڙي، مير محراب
خان ثانيءَ وٽ قلات پهتو، جنهن کيس عزت ۽ احترام
سان حيدرآباد پهچايو، جتي هن ٽنڊي آغا ابراهيم شاه
۾ منزل ڪئي. شهر جي ڪوٽوال فقيري خدمتگار جي پٽ
علي بخش مير نور محمد خان کي اطلاع ڏنو. مير صاحب
وٽس ڪي تنبو ۽ قناتون روانيون ڪيون. ٽن ڏينهن
تائين آرام وٺي، پوءِ هٿ ٺوڪيندو، لڌياني پهتو.
مٺڻ ڪوٽ جي ڦر:
مٺڻ ڪوٽ، ديري غازي خان جو حصو هو. دراني حڪومت جي
ڪمزوريءَ کان پوءِ نواب صادق محمد خان، شهر اُتي
جي وقت جي بزرگ حافظ محمد قريشيءَ جي حوالي ڪيو
هو، پر هن جي پٽ خدا بخش کان هيءَ شهر سکن ڦري
ورتو هو. سنه 1834ع ۾ مزارين جي سردار بهرام خان
مگسين، بليدين ۽ مزارين جي گڏيل لشڪر سان مٺڻ ڪوٽ
کي ڦريو، جنهن ڪري ڪنور نونهال سنگهه ملتان کان
فوجون وٺي مٺڻ ڪوٽ پهتو ۽ ٽالپرن کان 12 لک، تاوان
جي عيوض گهرڻ لڳو.
رنجيت سنگهه ٻيو سوال اٿاريو ته مير، خالصا سرڪار
جي سنڌو نديءَ تان هٿيار گهرائڻ واري مطالبي کي
منظور ڪن. ديوان سانوڻ مل، جو لاهور سرڪار پاران
1832ع کان 1844ع تائين ملتان مٿان نائب هو، تنهن
کي انگريزن جي ارادن جي پوري خبر هئي. سندس چوڻ هو
ته جيڪڏهن ميرن کي انگريزن شڪست ڏني ته انگريزن جو
سمورو دٻاءُ پنجاب تي پوندو. ان سبب ڪري هن کي
ٽالپرن سان همدردي هئي. ٽالپري حڪومت کي جڏهن به
خالصا سرڪار سان ڪو فيصلو ڪرڻو هوندو هو ته ديوان
سانوڻ مل معرفت فيصلو ڪرائيندي هئي.
مٺڻ ڪوٽ جي ڦرلٽ واري واقعي جي جواب ۾ ڪنور نونهال
سنگهه ميرن کي شڪارپور تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دڙڪا ڏيڻ
لڳو. هوڏانهن فقير عزيز الدين، برٽش ريزيڊنٽ مقيم
لڌيانه ڪپتان ويڊ کي تسلي ڏني ته رنجيت سنگهه جا
دڙڪا محض دڙڪا آهن. ان هوندي به ڪپتان ويڊ لاهور
سرڪار کي چتاءُ ڏنو ته سنه 1832ع واري معاهدي موجب
سنڌ درياءَ رستي هٿيار آڻڻ جي ممانعت پيل آهي.
مزارچه جو علائقو ٽالپرن جي ماتحت هو، تنهن ڪري
مٺڻ ڪوٽ جي ڦرلٽ متعلق ٽالپرن کي 12 لک رپين جو
عيوضو لاهور سرڪار کي ڏيڻو پيو.
مير نور محمد خان پاران اتحاد لاءِ اپيل:
هندستان اندر جيڪي به نواب يا راجائون هئا، تن کي
پاڻ ويڙهائي هڪ ٻئي جو دشمن بنائي، هڪ هڪ کي ڌار
ڌار نڌڻڪو ڪري، انگريز شڪستون ڏيڻ لڳا. انهن
انگلينڊ سرڪار تائين در کڙڪايا، مگر کين اتان به
انصاف پلئه ڪونه پيو. ميسور تي انگريزن جي ڪاهه
ڪرڻ وقت ٽيپو سلطان ترڪيءَ جي سلطان، فرانس جي
شهنشاه ايران جي شاه ۽ ڪابل جي امير توڙي هندستان
جي راجائن ۽ نوابن کي مدد لاءِ اپيلون ڪيون هيون
ته سڀ گڏجي انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍون.
ايران جي شاه کي ٽيپو سلطان ٻيڙي موڪلڻ لاءِ به
وعدو ڪيو هو، جيئن ايران تي انگريز حملو ڪري نه
سگهن، مگر سواءِ ڪابل جي امير زمان شاه جي ٻئي
ڪنهن به حاڪم ٽيپو سلطان جي اپيل تي ڪو ڌيان نه
ڏنو. انگريزن زمان شاه لاءِ اهڙيون مشڪلاتون پيدا
ڪري ڇڏيون هيون، جو سندس ٻن ڪاهُن ڪرڻ مان ٽيپو
سلطان کي ڪو فائدو پهچي ڪونه سگهيو. اهڙيءَ طرح
جڏهن مرهٽن جو وارو آيو، تڏهن مرهٽن سردارن به
هندستان جي نوابن ۽ راجائن کي مدد ڏيڻ لاءِ لکيو،
مگر ڪنهن به سندن مدد ڪانه ڪئي. دهليءَ جي مغل
شهنشاه ۽ ائوڌ جي نواب انگريزن جي زيادتين جي خلاف
پنهنجا وڪيل لنڊن تائين روانا ڪيا، مگر بي سود.
امير دوست محمد خان نيپال جي راجا ۽ سنڌيا ڏانهن
پنهنجا ايلچي مڪا هئا، پر سنڌيا اٽلندو سندس
ايلچين کي گرفتار ڪرائي انگريزن جي حوالي ڪيو.
هاڻي سنڌ جو وارو هو. مير نور محمد خان پنهنجي
بيڪسيءَ کي محسوس ڪري، اتحاد لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو.
هندستان جا سمورا مشرقي توڙي مغربي مؤرخ ان مسئلي
تي متفق آهن، ته جيڪڏهن نظام دکن، مرهٽا ۽ ٽيپو
سلطان گڏجي انگريزن سان جنگ ڪن ها، ته انگريزن جا
جيڪر گهڻو اڳ هندستان مان ٽپڙ کڄي وڃن ها.
اهڙيءَ طرح ميسور جي شڪست کان پوءِ جيڪڏهن سک،
راجپوت ۽ مرهٽا پاڻ ۾ هڪ ٿي انگريزن خلاف گڏيل
محاذ کڙو ڪن ها ته پڪ انگريز هندستان مان نڪري وڃن
ها. ليڪن انگريزن جي سياسي حڪمت عملي هيءَ هئي ته
هو نوابن ۽ راجائن کي پهريائين پاڻ ۾ ويڙهائي،
اتحاد ۽ عمل بدران منجهن انتشار وجهي، پوءِ هڪ هڪ
جي نڙ گهٽ تي لت رکي، انهن کي زور سان گهٽيندا هئا
ته هو سڀئي سندن آڻ مڃن، سندن غلاميءَ جو پنهنجن
ڳچين ۾ طوق وجهن. جڏهن ٽيپو سلطان، پيشوا ۽ ائوڌ
جهڙا نواب ۽ راجائون جن وٽ لشڪرن ۽ خزانن جي ڪا
ڪمي ڪانه هئي، اهي سڀ اتحاد آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ڪونه
سگهيا. تڏهن سنڌ جهڙي صوبي جي حاڪم جي آواز کي ڪير
وزن ڏيئي سگهي ها؟
سڀ کان اڳ مير نور محمد خان بلوچي اتحاد لاءِ
پنهنجي خاص خزانچيءَ مرزا باقر کي قلات جي بيگلر
بيگيءَ جي درٻار ڏانهن روانو ڪيو ۽ هڪڙي
هندستانيءَ محمد عليءَ کي فتح علي شاهه قاچار
ڏانهن ايران روانو ڪيو. جوڌپور جي رياست 1818ع ۾
انگريزي اقتدار هيٺ اچي چڪي هئي، ان هوندي به مير
نور محمد خان راجا مان سنگهه کي لکيو ته، ”هاڻي
وقت آهي افغان، بلوچ، ايراني ۽ راجپوت گڏجي
انگريزن کي اولهه هندستان مان تڙي ڪڍن.“ مير صاحب
اتحاد ۽ عمل لاءِ هڪڙو ايلچي ڪابل ڏانهن به مڪو
هو، مگر سموريون ڪوششون برٽش ڊپلوميسيءَ اڳيان بي
سود ثابت ٿيون.
مرزا باقر اڃا قلات جي نواب محراب خان ثانيءَ سان
ملاقات ڪئي هئي ته پٺيان شهداداڻين ۽ ماڻڪاڻين جو
ڪن زمينن تان پاڻ ۾ تڪرار جاڳيو، جن جي فيصلي ڪرڻ
لاءِ باقر مرزا کي واپس موٽڻو پيو. ايران سان خط و
ڪتابت ڪرڻ ۽ سفارت موڪلڻ جو نتيجو هي نڪتو، جو فقط
هڪڙو ايراني شهزادو حسن علي خان، مير صاحب کي طفل
تسڪين ڏيڻ لاءِ شاهي مهمان ٿي وٽس آيو. قنڌار جي
بارڪزئي سردارن نالي چوائي مڪو ته وقت سر روسي،
ايراني ۽ افغان گڏجي ٽالپرن جي مدد ڪندا.(1)
هن پيغام پهچڻ کان پوءِ، سنڌ جي فضا ۾ ٿورو وقت
اهي افواهه گشت ڪرڻ لڳا، ته اجهو ٿا روسي، افغان ۽
ايراني اچي مير صاحب جي مدد ڪن. جيئن نيپولن
بوناپارٽ جي زماني ۾ هندستاني دل خوش ڪرڻ لڳا هئا
ته اجهو ٿو فرينچ لشڪر هندستان اچي، ٽيپو سلطان کي
مدد ڪري ۽ انگريزن کي ڪڍي. جوڌپور جي راجا مان
سنگهه مير صاحب کي ڪو جواب ڪونه ڏنو. ميرن جي دل
خوش ڪرڻ لاءِ وقت جا درويش طرحين طرحين ساموئيءَ
جي بيتن وانگر پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا، جن مان ڪجهه
دلچسپي لاءِ هيٺ ڏجن ٿيون:
1_ اوچتو گهوڙو ايرانان ايندو،
سکر، بکر، روهڙيءَ کي نهوڙي نيندو،
تهان پوءِ کوڙيندو، خيما حيدرآباد ۾.
2_ تحقيقان تڪرار، مرد ايندا ايران جا،
فوجون فرنگين جون، گم ڪندا منجهه غار
..الخ
اتحاد جي ڪوششن ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ ميرن کي پنهنجي
سياسي پوزيشن جي پوريءَ طرح خبر پئجي ويئي، پڻ سنڌ
جي امن پسند رهاڪن کي به پڪ ٿي ويئي ته ضرور ڪنهن
نه ڪنهن وقت انگريز هن ملڪ تي قبضو ڪندا. مير صاحب
ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين ۾ لڳي ويا.
مير مراد علي خان ماڻڪاڻي سنڌيا جي لشڪر جي هڪ
فرنگي عملدار سيعن کي پنهنجي لشڪر جي فوجي تعليم
لاءِ نوڪر رکيو. ڀڄ جي انگريز ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر
جي منشي ڄيٺانند کي ميرن جا هندو منشي سموريون
ڪارروائيون پهچائڻ لڳا، جن کي پاٽينجر قلمبند
ڪرائي ڪلڪتي جي سپريم گورنمينٽ ڏانهن پنهنجي مفصل
رپورٽ سان موڪليو.
انگريزي راڄ جي تصوير:
سرچارلس نيپئر جو ڀاءُ ميجر وليم نيپئر پنهنجي
ڪتاب ’فتح سنڌ‘ ۾ انگريزي تهذيب جي انقلاب متعلق
هن ريت لکي ٿو:
”انگريزن جي ملڪي جوڙجڪ جو نمونو، ٽالپري نظام کان
بهتر هو، ٽالپرن وانگر انگريز به ڌاريا هئا، مگر
بلوچن کان مهذب هئا ۽ وٽن علم هو ۽ هنر هو. بدني
طاقت ۽ استقلال جي لحاظ کان هو بلوچن کان وڌيڪ چست
چالاڪ هئا، سندن دليون فتوحات جي نشي ۾ مخمور
هيون، ڪابه طاقت سندن وڌندڙ طاقت کي هندستان ۾
روڪڻ کان عاجز هئي. انگريزن جي واپار ۽ سندن شين
جو ڏيک ايندڙ تهذيب جو آغاز هو، جنهن سان جهوني
تهذيب جو ٽڪرجڻ ۽ پاش ٿي وڃڻ لازمي امر هو.“(1)
ميجر وليم نيپئر جيڪو بيان ڏنو آهي سو ان
پروپئگنڊا جي سونهري تصوير آهي. جنهن جي وسيلي
مغربي لوڪن ڌارين جي دولت کي لٽڻ لاءِ کين بدنام
ڪيو. بلوچ ڌاريا ڪين هئا. سنڌ جي تعمير ۾ بلوچن
جيڪو حصو ورتو، سو هن ملڪ جي تاريخ جو هڪ سونهري
ورق آهي. نئين تهذيب جو سوال مغربي قومن لاءِ هڪڙو
ڪارگر هٿيار آهي، جنهن جي وسيلي هو دنيا جي باامن
قومن کي جاهل سڏي، تهذيب سيکارڻ جي بهاني سان انهن
کي صدين تائين پنهنجي غلاميءَ هيٺ رکندا آيا آهن.
انگريز بلوچن کان نه بدني طاقت ۾ مضبوط هئا ۽ نه
چست چالاڪ هئا، البته سندن شيطاني هٿيار وڌيڪ
اثرائتا هئا، جن جي زور تي هنن آزاد قومن کي
جيتيو. ڪرنل سر ٿامس هنگر فورڊ هالاچ رائل
جاگرافيڪل سوسائٽي لنڊن جو نائب صدر پنهنجي ڪتاب ۾
بلوچن جي بدني بيهڪ ۽ قدقامت متعلق جيڪو بيان ڏنو
آهي، سو وليم نيپئر جي غلط بيانيءَ کي ظاهر ڪري
ڏيکاري ٿو:
”بلوچ پنهنجي دشمن کي للڪاري، ساڻن کليل ميدان ۾
مقابلو ڪن ٿا، صلح ۽ امن جي زماني ۾ جڏهن پنهنجي
قومي پوشاڪ مٿان، چمڪندڙ هٿيارن کي زيب تن ڪري
نڪرن ٿا، تڏهن سندن ڊگهن لڙڪيل وارن کي ڏسي، انسان
پاڻ مرادو تسليم ڪندو ته بلوچ ايشيا جي قومن ۾
انسانيت جي غير معمولي تصوير آهي. هو بلند قامت بي
مثل بانڪا بهادر آهن.(1)
هڪڙو ٻيو انگريز بمبئي جي مشهور اخبار ’ٽائيمس آف
انڊيا‘ جو ايڊيٽر مسٽر گرئٿن گيري، جنهن 19 صديءَ
جي آخر ۾ بمبئي کان باسفورس تائين اسلامي ملڪن جي
سياحت ڪئي هئي، سو پنهنجي سفرنامي ۾ بلوچ قوم جي
چستيءَ ۽ بهادري متعلق هن ريت لکي ٿو:
”بلوچ هڪ شريف قوم آهي، جيتوڻيڪ هو ظاهري خاموش ۽
صابرين نظر اچن ٿا، مگر سندن طبيعت بدلجڻ ۾ ڪا
ويرم ڪانه لڳي ٿي، اُهي بدن ۾ جانٺا ۽ چست آهن ۽
هر وقت سجاڳ رهڻ سندن عادت آهي. سياسي ڳالهين مان
فقط ايترو ڄاڻن ٿا ته سردار جي حڪم تي پابند
رهجي.“(2)
باقي رهيو سوال نين شين جو، سو ان باري ۾ وليم
نيپئر جيڪي لکيو آهي، سو صحيح آهي. انگريزن
هندستان اندر جيڪي ڪلن جون تيار ڪيل شيون آنديون،
تن کان واقعي اڳ سنڌي بي خبر هئا، مگر انهن شين جي
اچڻ ڪري هندستان جي ديسي هنرن کي ڌڪ لڳو ۽ سنڌ جا
باشندا، جن جي اڳ زندگي سادي هئي ۽ سندن ضروريات
جون شيون مختصر هيون، اُهي ولايتي شين جي استعمال
ڪرڻ ڪري گهريلو صنعتن کي وڃائي، عياش بڻجي ويا. هڪ
ته سندن ديسي هنرن کي ڌڪ لڳي ويو ۽ ٻيو غلاميءَ جي
زنجيرن ۾ جڪڙجي پيا. باقي رهيو سوال انگريزن جي
حڪومت جي جوڙجڪ جو، ان جي مختصر تصوير پيش ڪريون
ٿا:
اڳ هندستان جي دفتري زبان پارسي هئي، مگر لارڊ
وليم بينٽڪ جي زماني ۾ سپريم ڪائونسل جي ميمبرن
مان تعليم کاتي جي صلاحڪار ميمبر مڪالي جي رٿ سان
انگريزي زبان لازمي مقرر ڪئي ويئي. هندستان جي
تعليمي حالت بلڪل پست هئي. سڄي ملڪ ۾، بنارس ۾
هڪڙو هندو ڪاليج ۽ ڪلڪتي ۾ هڪڙو محمدن ڪاليج، فقط
ٻه ادارا هئا. ڪمپني سرڪار انگريزي زبان کي دفتري
زبان مقرر ڪرڻ جي پٺيان هئي. پوليس کاتي ۾ ديسي
ماڻهو ڀرتي ڪين ٿيندا هئا. پوليس جو ڪم به انگريز
سولجرن کان ورتو ويندو هو. گويا هڪ فوجي راڄ هو،
جنهن کي هو قائم ڪرڻ جي لاءِ اتاولا هئا. ڪمپنيءَ
جي حدن اندر مال جي مٽاسٽا تي ڊيوٽي پيل هئي. ڏڪر
۽ پليگ جي ڪري راجپوتانا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا رهاڪو
تباهه ٿي ويا.(1)
ڪمپنيءَ جا سول عملدار راشي هئا. ڳرين ڍلن پوڻ ڪري
ڏکڻ اولهه بنگال جي ڪول، سنتال ۽ ڊنگر جي آبادگار
قومن 1832ع ۾ حڪومت خلاف فساد ڪيا.(1)
بمبئي جهڙن شهرن ۾ مهانگائيءَ جي ڪا حد نه هئي.
ايڏي مهانگائي هوندي به هڪڙي بٽلر جو ماهوار پگهار
12 رپيا مس هو ۽ هڪڙو درزي 15 رپيا ماهوار مس
ڪمائي سگهندو هو.(2)
اهي برڪتون ڏڪر، بيماريون هندستان کي ڪمپني بهادر
جي 234 ورهين جي راڄ ۾ نصيب ٿيون، جن کي وليم
نيپئر فخر سان نئين تهذيب جي نالي سان ساراهي ٿو.
لارڊ آڪلنڊ جي زماني ۾ پنج لک بيگناهه هندستاني
ڏڪر جو شڪار ٿي ويا! ڪمپنيءَ جي راڄ ۽ فوج ۽ پوليس
جي حڪومت هئي، جن جي سختين کان تنگ ٿي هندستاني
رعايا وقت بوقت فساد ڪرڻ تي آماده ٿيندي هئي.
افغانن هٿان سکن جي شڪست:
لارڊ وليم بينٽڪ کان پوءِ سنه 1835ع کان 1836ع
تائين سر چارلس ميٽڪاف گورنر جنرل ٿي رهيو. نئين
گورنر جنرل هندستاني پريس کي ٿوري آزادي ڏني، جنهن
تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هن کي ولايت گهرائي، لارڊ
آڪلنڊ کي گورنر جنرل ڪري روانو ڪيو. هو سنه 1841ع
تائين هندستان ۾ رهيو. ڪابل جو امير دوست محمد خان
سياڻو هو، هو سکن ۽ انگريزن کي اسلام جو دشمن
سمجهندو هو. حڪومت هلائڻ جي منجهس صلاحيت هئي. شاه
شجاع، جو لڌياني ۾ انگريزي ٽڪرن تي پلجي رهيو هو،
تنهن لاءِ افغانن کي نفرت هئي. سنه 1837ع ۾ پشاور
جي هولناڪ جنگ ۾ سکن سخت شڪست کاڌي، سندن سپهه
سالار هريسنگهه بلوچ امير دوست محمد خان جي پٽ
اڪبر خان هٿان مارجي ويو. ان موقعي تي رنجيت
سنگهه، لارڊ آڪلنڊ کان مدد گهري، پر هن انڪار ڪيو.
انگريزن جي اها مراد هئي ته ڀل پٺاڻ ۽ سک پاڻ ۾
وڙهي ڪمزور رهن.(1)
لارڊ آڪلنڊ اچڻ شرط ڀڄ جي ريزيڊنٽ ڪرنل پاٽنجر
معرفت ميرن تي دٻاءُ وجهڻ لڳو، هندستان جو مرد
بيمار (سنڌ) موت جي بستري تي پاسا بدلائي رهيو هو.(2)
ڪابل تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ انگريزن جي تياري:
نومبر 1837ع ۾ روسي وزير جي صلاح سان ايراني
شهزادي محمد مرزا ايراني لشڪر سان هرات تي ڪاهه
ڪئي. دوست محمد خان، جنهن اليگزينڊر برنس معرفت
انگريزن سان دوستي رکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي ۽ برنس
به سندس سفارش ڪئي هئي، سو انگريزن کان قطعي
نااميد ٿي، روسي سفير مقيم ڪابل سان ڳالهيون ڪرڻ
لڳو. گورنر جنرل ’روسي خطري‘ جي بهاني سان ظاهر
ڪيو ته روسي فوجون خيوا ۽ هندوڪش جي رستي کان
هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهيون آهن.
ڪابل ۾ انگريزي رسوخ کي ڄمائڻ لاءِ هن شاه شجاع
جهڙي نااهل معزول بادشاهه کي ٻيهر ڪابل جي تخت تي
ٿاڦڻ جو ارادو ڪيو.(1)
اسين اڳ لکي چڪا آهيون ته شاه شجاع ۾ نه وڙهڻ جي
همت هئي، نه حڪومت هلائڻ جي منجهس صلاحيت هئي.
ايلفنسٽن به انگريزن کي اهڙو چتاءُ ڏنو هو. سنه
1834ع ۾ قنڌار تي ڪاهه ڪرڻ وقت، ميرن جي ٻن سپه
سالارن سيد ڪاظم شاه، آغا سيد اسماعيل شاه جي پٽ ۽
سهراباڻي سرڪار جي سپه سالار سيد گولي شاه، شاه
شجاع سان 18 هزار فوجن سان روهڙيءَ وٽ مقابلو ڪيو،
پر ٻئي ٽالپري سپه سالار مارجي ويا. پوءِ ميرن،
شجاع کي 12 لک رپيا ڏيئي، قنڌار وڃڻ لاءِ رستو ڏنو
هو، پر هو شڪست کائي لشڪر وڃائي، قلات، حيدرآباد ۽
جيسلمير کان ٿاٻا کائيندو موٽي لڌيانه پهتو هو.(2)
ان موقعي تي محراب خاني ثاني بيگلر بيگي قلات
بروقت انگريزن کي هيٺين ريت چتاءُ ڏنو هو:
”شاه شجاع معرفت اوهين سنڌ جي ميرن، بلوچستان جي
سردارن ۽ افغانن کي آزمائڻ گهرو ٿا، مگر توهان کي
پڪ هئڻ گهرجي ته شجاع ڪابل جي تخت تي ويهي هرگز
حڪومت هلائي ڪونه سگهندو.“(1)
20 مارچ سنه 1838ع تي، ولايت کان موڪلائڻ وقت،
ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن لنڊن جي لنڊن هال ۾ الوداعي
دعوت ڏني هئي، ان موقعي تي لارڊ آڪلنڊ پنهنجي
تقرير ۾ ڄاڻايو هو ته ’هندستان پهچڻ کانپوءِ
هندستان جي رعايا جي سڌارن ۽ امن امان لاءِ ڪوشش
ڪندو.“ مگر هندستان ۾ پير رکڻ کان پوءِ هتي جي
سپريم ڪائونسل جي ميمبرن کيس بيوقوف بڻائي، ڪابل
تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ غلط صلاح ڏني، حالانڪ اها مهم
ڊگهي ۽ خطرناڪ هئي، ان کان سواءِ حڪومت وٽ سنڌو
نديءَ پريان لشڪر پهچائڻ لاءِ ايترو خزانو موجود
نه هو. گورنر جنرل کي خبر هئي ته رنجيت سنگهه جي
سالياني آمدني اڍائي ڪروڙ رپيا آهي ۽ وٽس نقد ڏهه
ڪروڙ رپيا خزاني ۾ جمع رکيل آهن، وٽس مضبوط خالصا
لشڪر آهي، جنهن کي ڪرنل آلرڊ ۽ جنرل وينٽورا
ولايتي نموني تي قواعد سيکاريا آهن.(2)
گورنر جنرل کي اها به خبر هئي ته رنجيت سنگهه جون
اکيون شڪارپور جهڙي دولتمند شهر تي کتل آهن.(1)
ايراني شهزادي محمد مرزا پنجاهه هزار لشڪر سان
هرات تي ڪاهه ڪئي هئي، هندستاني رعايا، جا ڪمپنيءَ
جي ظلمن کان تنگ هئي، تنهن دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ
افواه اٿاريا ته اجهو ٿو روس ٻن لکن فوجن سان
هندستان تي ڪاهي اچي. حقيقت ۾ ان قسم جا افواهه
انگريزن گهڙيا هئا، ان لاءِ ته جيئن رعايا سندن
پاليسيءَ جي تائيد ڪري.(2)
غرض ته جيئن گورنر جنرل کي سندس ڪائونسل جي
صلاحڪار ميمبر بيوقوف بڻائي ڪابل تي ڪاهه لاءِ کڙو
ڪيو هو تيئن گورنر جنرل وري پر متڙئي پوڙهي رنجيت
سنگهه کي بيوقوف بڻائي پنهنجي تباهه ڪن پاليسيءَ ۾
شريڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. خود امير دوست محمد خان
جي انگريزن سان ڦٽائڻ جي مرضي اصل ڪانه هئي.
ڪائونسل جي ميمبرن سان برطانوي سفير مقيم طهران
ايم_ نيل ڪابل جي مهم جي باري ۾ همراءِ هو.
ڪائونسل جي ميمبرن مان سر وليم مئڪناٽن جنهن کي
وڏي عهدي هٿ ڪرڻ لاءِ فڪر دامنگير هو ۽ هندستان جو
وزير خارجه ڪولوين، ٻئي جنگ ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ متفق
هئا: ان سب ڪري لارڊ آڪلنڊ امير دوست محمد خان جي
امن پسنديءَ ۽ دوستيءَ جي ڪا پرواهه ڪانه ڪئي. سنه
1831ع ۾، اليگزينڊر برنس سنڌ متعلق جيڪا رپورٽ
سملي ۾ لارڊ ائمهرسٽ کي پيش ڪئي هئي، تنهن ۾ هن
ڏيکاريو هو ته، ”ٽالپرن وٽ بي قاعدي فوج آهي ۽
حيدرآباد جي قلعي ۾ ميرن وٽ ويهه ڪروڙ رپيا جمع
رکيل آهن.“ اها رپورٽ به غلط هئي، ڇاڪاڻ ته رنجيت
سنگهه جنهن جو ملڪ به وڏو هو ۽ سندس سالياني آمدني
اڍائي ڪروڙ رپيا هئي، تنهن وٽ ڏهه ڪروڙ رپيا مس
جمع رکيل هئا، ته سنڌ جهڙو ننڍو ملڪ، جنهن جي
آمدني اڌ ڪروڙ رپيا مس هئي، ڪيئن سڄا سارا ويهه
ڪروڙ رپيا بچت ۾ جمع ڪري ٿي سگهيو؟
جون 1838ع ۾ سر وليم مئڪناٽن جي ڪوشش سان، رنجيت
سنگهه، شاه شجاع ۽ انگريزن جو ڪابل جي مهم متعلق
’اتحاد ثلاثه‘ جو عهدنامو ٿيو. شاه شجاع وعدو ڪيو
ته سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ وارا پرڳڻا هميشه
لاءِ رنجيت سنگهه جي حوالي ڪندو. ان کان سواءِ کيس
ٽالپرن کان جيڪا رقم ملندي تنهن مان به کيس حصو
ڏيندو. پهرين آڪٽوبر سنه 1838ع تي، انگلينڊ جي
سرڪار کان اجازت وٺڻ کان پوءِ، گورنر جنرل سملي
مان ڪابل تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پڌرائي ڪئي. هندستان جو
ڪمانڊر انچيف توڙي ڊيوڪ آف ويلنگٽن جهڙو فوجي
تجربيڪار سپاهي ڪابل جي مهم جي خلاف هئا، ڇاڪاڻ ته
هندستان جي برٽش حدن کان اٺ سؤ ميلن جي مفاصلي تي
افغانستان جهڙي سرد ۽ جابلو ملڪ ۾ انگريزي لشڪر کي
سامان پهچائڻ بلڪل ڏکيو ڪم هو. ايلفنسٽن به پنهنجي
ڪابل واريءَ رپورٽ ۾ ڏيکاريو هو ته:
”انگريز دري بولان کان ڪابل تائين 27 هزار لشڪر
آسانيءَ سان پهچائي سگهندا، ليڪن افغانستان جهڙي
جابلو ملڪ ۾ شوخ طبَع افغانن تي حڪومت هلائڻ ۽
لشڪر کي صحرائن ۽ جابلو درن کان ٻئي پار کاڌو
خوراڪ ۽ بارود پهچائڻ ڏکيو ڪم ٿيندو.“
حقيقت ۾ ٿيو به ائين، گورنر جنرل جي غلط پاليسيءَ
ڪري انگريزن کي جيڪا ڪابل ۾ ذلت آميز شڪست کائڻي
پيئي، تنهن جهڙو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ورلي نه
لڀندو.
ميرن تي دٻاءُ:
هاڻي سوال هو ته ڪابل جي عظيم مهم لاءِ خزانو ڪٿان
اچي؟ بنگال سرڪار جا اڳي ئي خزانا خالي هئا. شاه
شجاع کي به ڏوڪڙن جي ضرورت هئي. انگريز عملدار، جن
وقت بوقت ميرن سان ملاقاتون ڪيون هيون، تن ميرن جي
هٿيارن تي سون، چاندي ۽ جواهرات مڙهيل ڏسي، پنهنجن
رپورٽن ۾ ڏيکاريو هو ته مير مالدار آهن، ويتر
اليگزينڊر برنس ڏيکاريو هو ته ميرن وٽ ويهه ڪروڙ
رپيا موجود هئا. اهڙين گمراهه ڪن رپورٽن تي اعتبار
ڪري، گورنر جنرل پنهنجي اعلان ۾ ڏيکاريو ته:
”اتحادين جو لشڪر سنڌ مان لنگهندو، ان کان سواءِ
ميرن کي 25 لک رپيا ڪابل جي خراج جي رهيل بقايا
شاه شجاع کي هڪدم ڀري ڏيڻي پوندي ۽ مٿينءَ رقم ڏيڻ
کان پوءِ ٽالپر هميشه لاءِ ڪابل کان آزاد رهندا،
ان کان سواءِ رنجيت سنگهه کي سنڌونديءَ رستي
هٿيارن گهرائڻ لاءِ حق رهندو.“
انگريز ريزيڊنٽ، ميرن تي الزام هڻڻ لڳو ته هو شاه
ايران سان انگريزن خلاف خط و ڪتابت ڪري رهيا آهن.
پڙهندڙن کي ياد رهي ته ايران ۽ سنڌ پاڙيسري ۽ هم
مذهب حڪومتون هيون، ان ڪري پاڻ ۾ خط و ڪتابت ڪرڻ ۾
حق بجانب هيون. ان کان سواءِ ايراني حڪومت ايتري
طاقتور ڪانه هئي، جو بلوچستان جي صحرائن ۽ جبلن کي
لتاڙي انگريزن تي ڪاهه ڪري سگهي. اڳ ايرانين هرات
تي ڪاهه ڪئي هئي، ته انگريزي ٻيڙي ايراني نار جي
ناڪه بندي ڪئي هئي. باقي رهيو سوال 25 لکن رپين
جو، ان متعلق مير نور محمد خان، انگريزي ريزيڊنٽ
کي جواب ڏنو ته شاه شجاع ۽ ٽالپرن جو معاملو خانگي
آهي، جنهن ۾ انگريزن کي مداخلت ڪرڻ جو ڪو حق
ڪونهي. ٻئي ڪندي سنه 1834ع ۾ جڏهن شاه شجاع قنڌار
تي ڪاهه ڪئي هئي، ان وقت هن ميرن کي قرآن شريف تي
لکي ڏنو هو ته جيڪڏهن هو قنڌار کان شڪست کائي
موٽيو ته ان حالت ۾ آئينده لاءِ ڍل وٺڻ لاءِ گهر
نه ڪندو. دنيا ڏٺو ته هو شڪست کائي موٽيو هو ۽
ميرن جي مهربانيءَ ڪري ئي لڌيانه پهتو هو. ڪابل تي
ڪاهه ڪرڻ لاءِ خيبر ۽ گومل درا پنجاب رستي انگريزن
کي گهڻو ويجها هئا، پر گورنر جنرل، رنجيت سنگهه کي
ناراض ڪري نه پئي سگهيو. سنڌ کان بولان درو هڪ
هزار ميل مفاصلي تي هو ۽ واٽ تي خوجڪ درو هڪ ٻيو
خوفناڪ لنگهه هو، اهڙين حالتن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان
مان زوريءَ لشڪر لنگهائڻ جي محض اها معنيٰ هئي ته
ٻئي ملڪ انگريزن جي زيردست آهن.(1)
برنس جو بکر تي قبضو:
گورنر جنرل فوجون روانون ڪرڻ کان اڳ، رستي صاف ڪرڻ
لاءِ، اليگزينڊر برنس کي مير رستم خان ۽ قلات جي
خان محراب خان ثانيءَ ڏانهن روانو ڪيو. ڊسمبر
1838ع ۾ برنس بکر پهچي. مير رستم خان تي دٻاءُ
وجهڻ لڳو. ان واقعي کي هڪڙو فرينچ سياح، جي_ پي_
فريئر پنهنجي سفرنامي ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو:
”فرنگي ايلچي برنس، جنهن نموني مير رستم خان کان
بکر جي قلعي لاءِ گهر ڪئي، تنهن مان مير کي پڪ ٿي
ويئي ته انگريز، ميرن کي پنهنجو غلام سمجهن ٿا.
مير صاحب جواب ڏنو ته بکر جو قلعو خيرپور سرڪار
لاءِ بچاءَ جو هنڌ آهي، جيڪڏهن اهو ڪنهن ڌاريءَ
حڪومت جي هٿ ۾ رهيو ته تختگاه خيرپور خطري ۾
رهندو. اهو ساڳيو مير هو، جنهن تي پنج ورهيه پوءِ
انگريزن ڪاهي، سندس ڀائٽين ۽ ڀاڻيجن جون جاگيرون
ضبط ڪري، کيس ڀڄائي ڪڍيو هو. بکر جو قلعو جنهن تي
انگريزن ڪابل جي بهاني سان قبضو ڪيو هو، وري
خيرپور جي ميرن کي موٽي ڪونه مليو. سر چارلس نيپئر
سنڌ فتح ڪري، شريف ٽالپرن سان ظلم ڪيا، سندن دولت
کي لٽڻ کان سواءِ حرم جي بيگمن جا به زيور ڦريا.“(1)
برنس، پيرسن رستم کي تسلي ڏيندي چيو ته، ”جيڪڏهن
هو قلعو حوالي ڪندو ته پوءِ سهراباڻي سرڪار هميشه
لاءِ قائم رهندي.“ لاچار مير رستم خان کي معاهدي
جي ڪاغذ تي دستخط ڪرڻا پيا. مير صاحب ڏڪندي ڏڪندي
انگريزي ايلچيءَ کي چيو: ”جيڪڏهن توهان شهداداڻي
سرڪار کان ڪراچي ڪانه ورتي، ته مون کي خودڪشي ڪرڻي
پوندي!“ مير نور محمد خان، لارڊ آڪلنڊ کي لکيو ته،
خيبر ۽ گومل درا ڪابل کي ويجها آهن. ان جي جواب ۾
لارڊ آڪلنڊ لکيو ته، ”اسان کي شاه شجاع جي قرآن تي
لکيل قسم نامي سان ڪو واسطو ڪونهي، ڪراچي ۽ سنڌ جا
ٻيا بندر فوجن لنگهائڻ لاءِ مفيد ٿيندا.“ سنڌ،
افغانستان توڙي بلوچستان جي چپي چپي کان انگريز
واقف هئا.(2)
حاجي عبدالنبي پٺاڻ انگريزن جي هڪڙي جاسوس،
انگريزن کي پڪ ڏني هئي ته بلوچستان جا سمورا
سردار، مير محراب خان جي خلاف آهن. اليگزينڊر
برنس، خان قلات سان ملاقات ڪرڻ وقت کيس چتاءُ ڏنو
ته انگريزي لشڪر دري بولان کان لنگهندو ۽ لشڪر کي
سامان رسد ۽ باربرداريءَ جي جانورن لاءِ گاهه پٺي
پهچائڻ جو انتظام خان کي ڪرڻو پوندو، جنهن جو
عيوضو نقد ناڻي جي صورت ۾ خان کي برٽش سرڪار
ڏيندي. ان زماني ۾ بلوچستان ۾ سخت ڏڪر پيل هو.
چارلس ماسن،(1)
جو انهن ڏينهن ۾ قلات ۾ هو، تنهن جو بيان آهي ته،
”برنس کي مير محراب خان صاف صاف لفظن ۾ ٻڌايو هو
ته شاه شجاع ڪابل جي تخت تي هرگز جٽاءُ ڪري نه
سگهندو.“
آغا خان جو خاندان:
آغاخاني خوجن جي امام سلطان محمد شاه آغا خان جا
وڏا، جي اسماعيلي امام سڏجن ٿا، سي سنه 567هه
(1172ع) ۾ جڏهن سلطان نورالدين زنگيءَ والي موصل ۽
دمشق مصر جي اسماعيلي سلاطين جو خاتمو ڪيو هو،
تڏهن اسماعيلي امام اوڀرندي ايران ۾ رهڻ لڳا.
منجهانئن مرزا ابوالحسن خان قمي، آغا محمد خان
قاچار جي ڏينهن ۾ ڪرمان تي حڪومت ڪندو هو. مرزا
ابوالحسن جي وفات کان پوءِ سندس فرزند شاه خليل
الله گادي نشين ٿيو. جنهن صورت ۾ هو امام جعفر
صادق رضه جي اولاد مان هو، ان احترام ڪري ايران،
توران، بلڪ هندستان تائين اسماعيلي فرقي جا پابند
وٽس زڪوات پهچائيندا رهيا.
شاه خليل الله اميراڻي زندگي بسر ڪندو هو. سندس
فرزند شاه حسن علي، فتح علي شاه قاچار جي ڌيءَ سان
شادي ڪئي هئي. فتح علي شاه جي وفات کان پوءِ سندس
پٽ محمد شاه قاچار ايران جي تخت تي ويٺو. سندس ڪن
ملڪي ڳالهين تان شاه حسن عليءَ سان تڪرار جاڳيو.
نوبت جنگ کي پهتي. شاه حسن علي ڪرمان جي واليءَ
فضل علي خان کان شڪست کائي، بلوچستان جي رستي کان
سنڌ ۾ وارد ٿي، حيدرآباد سنڌ ۾ رهڻ لڳو، جتي خوجا
سندس مريد رهندا هئا. هي واقعو سنه 1838ع ۾ ٿيو،
جڏهن انگريز ڪابل جي پهرينءَ ويڙهه لاءِ تيارين
ڪرڻ ۾ رڌل هئا. حسن علي شاه وڏي رسوخ وارو گادي
نشين هو ۽ سندس سڀ مريد ۽ خادم واپاري هئا جن جي
وسيلي هن انگريزن کي مدد ڪئي. انگريزن کيس
’هزهائنيس‘ جو خطاب ڏنو ۽ ايراني درٻار پاران کيس
’آغا خان‘ جو خطاب مليو.
انگريزن جي فتح سنڌ کان پوءِ هو بمبئي ۾ وڃي رهيو،
جتي 1881ع ۾ وفات ڪيائين. کانئس پوءِ سندس فرزند
آغا علي شاه گادي نشين ٿيو ۽ بمبئي جي گورنر سر
جيمس فرگوسن جي زماني ۾ بمبئي جي قانون ساز مجلس
جو ميمبر ٿي رهيو ۽ سنه 1885ع ۾ وفات ڪيائين.
کانئس پوءِ سندس فرزند سلطان محمد شاه گادي نشين
ٿيو، جنهن يورپ ۾ شاهاڻي نموني زندگي بسر ڪري
1857ع ۾ انتقال ڪيو.
لشڪر جي ڪابل ڏانهن روانگي:
انگريزي لشڪر کي سنڌ مان لنگهڻو هو ۽ سندس سامان
رسد جو ذمو به سنڌ تي هو، ان ڪري تاريخن ۾ ’انڊس
آرمي‘ يعني سنڌ جو لشڪر سڏجي ٿو. نومبر سنه 1838ع
۾ بنگال جو لشڪر، جنهن ۾ 9500 سپاهي ۽ 38 سؤ
سفرمين (سئپرس ۽ مائينرس) هئا، ٽيهه هزار اٺن
سميت، جنرل سر ولوبي ڪاٽن جي اڳواڻيءَ هيٺ، فيروز
پور وٽ پهتو. هتي گورنر جنرل لارڊ آڪلنڊ، مهاراجا
سان ملاقات ڪئي. مهاراجا اُن وقت مرڻ جي ڪنڌيءَ تي
هو. لارڊ آڪلنڊ کيس هندستان جو نقشو پيش ڪيو، جنهن
۾ ڪمپنيءَ جي مقبوضات جو رنگ ڳاڙهو هو. رنجيت
سنگهه نقشي کي اٿلائي پٿلائي ڏسي، مشڪي چيو ته،
”عنقريب سڄو هندستان ڳاڙهو ٿي ويندو!“ انگريزي فوج
سان سر وليم مئڪناٽن انگريزي حڪومت پاران ڪابل جو
سفير ٿي هليو. بمبئي جو لشڪر جنهن ۾ 56 سؤ سپاهي
هئا، سر جان ڪين جي اڳواڻيءَ هيٺ بمبئي کان سمنڊ
رستي روانو ٿيو. شاه شجاع، جو ٽيهن سالن کان وٺي
جلاوطن هو، تنهن جي فوج جو تعداد 6 هزار هو. ان
لشڪر جو خرچ به ڪمپني سرڪار تي هو. ڏهين ڊسمبر تي
بنگال جو لشڪر فيروز پور کان روانو ٿيو.(1)
بهاولپور جي نواب ۽ جيسلمير جي راول فوجن کي اُٺن
جي مدد ڪئي. ساڳئي وقت بمبئي جو لشڪر حجامڙي جي
ڇوڙ وٽ پهتو. جملي 21 هزار لشڪر سنڌ مان لنگهڻو
هو، جنهن ڪري ٽالپري حڪومت جي حلقن ۾ ٿرٿلو پئجي
ويو. انگريزن جا ايجنٽ خوجا واپاري ۽ هندو ٺيڪيدار
شاه بندر، ٺٽي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ لاڙ کان وٺي اپر
سنڌ تائين، اَن ۽ چؤپايو مال خريد ڪرڻ لڳا. وڏن
وڏن شهرن ۾ هنن ٺيڪيدارن جا گدام کلي ويا.
سيٺ نائون مل، ڪراچيءَ جو وڏو واپاري، جنهن جا
ٽالپري درٻار تائين تعلقات هئا، سو ڪڇ جي راءِ جي
مدد سان انگريزي لشڪر لاءِ اُٺ ۽ سامان خريد ڪرڻ
لڳو. لوئر سنڌ جي ٻن مکيه سردارين نومڙين ۽ جوکين
کي وڏا ٺيڪا مليا. حالانڪ نومڙين جي سردار احمد
خان حملاڻيءَ جي همشيره سان مير ڪرم علي خان شادي
ڪئي هئي ۽ سندس ڌيءَ سان مير نور محمد خان شادي
ڪئي هئي. جوکين جي سردار ڄام مهر علي خان، سر جان
ڪين کي هڪ هزار اُٺ ڏنا، کيس ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ
تائين انگريزن جي ٽپال پهچائڻ جو ٺيڪو مليو.(1)
آغا خان جي ڏاڏي حسن علي شاه جو خراسان تائين رسوخ
هو، سو پڻ دل کولي انگريزن کي مدد ڪرڻ لڳو.(2)
ڪراچيءَ تي قبضو ۽ عوام جا مظاهرا:
منهوڙي جي قلعيدار الله رکئي خان کي ميرن حڪم ڏنو
هو ته جيڪڏهن انگريزن جو ڪوبه جهاز بندر تي اچي ته
مٿس گولا باري ڪئي وڃي. ان ڪري الله رکئي خان، سر
جان ڪين جي جهاز تي گولا باري ڪئي، جنهن تي
ليفٽيننٽ جنرل غصي ٿي، قلعي تي گولا باري ڪرڻ لاءِ
حڪم ڏنو. ويلزلي ڪروزر هڪ ڪلاڪ سانده قلعي تي
آتشبازي ڪئي، قلعي جي هڪڙي پاسي کان ديوار ڪري پئي
۽ ٽي هزار بلوچي لشڪر قلعي اندر بيوس ٿي پيو.
انگريزي لشڪر ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو. بلوچن ۾ ڪافي
جوش هو، انگريزي لشڪر جي نقل و حرڪت کي اُهي پاڻ
لاءِ بي عزتي سمجهڻ لڳا. هزارن جي تعداد ۾ ٻيڙيون
سنڌو نديءَ تي ڌاريءَ فوج لاءِ مال گڏ ڪرڻ لڳيون.
وليم مئڪناٽن انگريزي سفير جي مرضي هئي ته سنڌ تي
گهيرو ڪجي.(1)
حيدرآباد جي ريزيڊنٽ لفٽيننٽ ايسٽ وڪ جي بنگلي
ٻاهران عوام احتجاجي مظاهرا ڪيا. هڪڙي ڏينهن شهر ۾
افواهه ٿيا ته مير شير محمد خان ماڻڪاڻي 12 هزار
لشڪر سان حيدرآباد کي ويجهو پهتو آهي.
مٿينءَ فضا ۾ ڪي جوشيلا نوجوان ريزيڊنٽ جي بنگلي
تي پٿر اڇلائڻ لڳا، وري جڏهن ايسٽ وڪ حفاظتي دستو
ساڻ ڪري ٻاهر نڪتو، تڏهن ويهن هزارن جي هجوم اهڙو
گوڙ مچايو، جو هو مشڪل سان جان بچائي گدوبندر کان
ٻه ميل اتر طرف ٽنڊي نور محمد پهتو.(1)
سندس نڪري وڃڻ کان پوءِ هجوم خوجن واپارين جي
گدامن کي لٽيو، جن انگريزن لاءِ ان خريد ڪري رکي
هئي. مير صاحب، انگريزن کي تسلي ڏني ته فسادين
سندس مرضيءَ خلاف مٿين سازش ڪئي آهي، جن مان ڪن
جون مير ڏاڙهيون ڪوڙايون ۽ ڪن جا ڪن ڪپايا. بلوچي
روايتن موجب اهي سزائون سخت هيون، مگر تڏهن به
انگريز خوش ڪونه ٿيا.(2)
ميرن سان پنجون عهدنامو:
انگريزن جي ڪراچيءَ ۽ بکر تي قبضي ڪرڻ ڪري، ٽالپري
حلقن ۾ بي آرامي پيل هئي. مير نور محمد خان
چؤياريءَ جي ميرن ۽ مقربان بارگاه سان صلاح مصلحت
ڪرڻ لڳو. درٻار جو پراڻو وزير آغا سيد اسماعيل شاه
۽ سندس پيءُ سيد آغا ابراهيم شاه وفاداريءَ ۾ ضرب
المثل هئا، تن ميرن کي تسلي ڏني ته معاملو خير ۽
خوبيءَ سان حل ٿي ويندو. اسماعيل شاه تجربيڪار
جهونو وزير هو، تنهن پاڻ ڪراچيءَ وڃي انگريزي
جرنيل سر جان ڪين سان روبرو ملاقات ڪئي. ڪرنل
هينري پاٽنجر به اتي موجود هو. هو ميرن جي امن
پسند طبيعتن کان واقف هو ۽ پاڻ کي آغا سيد اسماعيل
شاه جو دوست ظاهر ڪندو هو، پر سندس معرفت وزير کي
جيڪي هيٺيان شرط پيش ڪيا ويا، سي اڳوڻن معاهدن جي
شرطن کان گهڻو سخت هئا:
1_ افغان ويڙهه جي سموري عرصي تائين مير، انگريزي
لشڪر کي مناسب قيمتن تي باربرداريءَ جي جانورن،
گاه پٺي ۽ کاڌ خوراڪ جي سامان پهچائڻ لاءِ ٻڌل
رهندا.
2_ بلوچن جي ڦرلٽ ڪرڻ ڪري انگريزن کي جيڪو 23 لک
رپين جو نقصان پهتو آهي، سو مير هڪدم ڀري ڏيندا.
3_ آئينده لاءِ مستقل طور 3 هزار انگريزي لشڪر
ڪراچيءَ ۾ رهندو.
4_ حيدرآباد سرڪار سنڌ جي ان انگريزي لشڪر جي خرچ
لاءِ 3 لک رپيا ساليانو ڀري ڏيڻ لاءِ ٻڌل رهندي.
5_ ٽالپر ميرن جي حفاظت لاءِ انگريزي ريزيڊنٽ مقيم
حيدرآباد وٽ انگريزي لشڪر جو دستو رهندو.
6_ انگريزي ريزيڊنٽ جو اندروني ڳالهين سان ڪو تعلق
نه رهندو، فقط اهم ڳالهين متعلق مير کانئس صلاح
وٺندا.
7_ ٽالپري رپيا گلٽي آهن، جنهن ڪري واپارين کي کوٽ
پوي ٿي، تنهن ڪري مير نوان رپيا تيار ڪرائيندا.
آغا سيد اسماعيل شاه ڏاهو ۽ آزمودگار هو. ڪابل،
طهران، بمبئي، ڪلڪتي ۽ سملي جا سرڪاري ايوان سندس
نالي کان واقف هئا. سياسي فضا جي رخ کي بدليل ڏسي،
هن هي شرط لاچار منظور ڪيا. انگريز فوجي عملدار،
جيڪي عرصي کان ميرن جي خزاني کي لٽڻ لاءِ منتظر
هئا، سي نااميد رهجي ويا. ڇاڪاڻ ته وزير شرطن کي
منظور ڪري سندن جنگباز پاليسيءَ ۽ جارحانه مقصدن
کي برصواب ٿيڻ ڪين ڏنو. نه ته سر جان ڪين جو چوڻ
هو ته، ”حيدرآباد جو قلعو سندس کڙين هيٺان آهي.“(1)
انگريزي وفد جي مير صاحب سان ملاقات:
22 جنوري سنه 1839ع تي، ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ، ڪپتان
آئوٽ رام ۽ ليفٽيننٽ ليڪي منجهند جو هڪ بجي ڌاري
مير نور محمد خان سان درٻار ۾ ملاقات ڪئي. مقربان
بارگاه مان مرزا خسرو بيگ ، نواب محمد خان ۽ ديوان
چوئٿرام موجود هئا. مير صاحب هڪڙي صندوق گهرائي،
گذريل عهدنامن جا سمورا ڪاغذ ڪڍي، انگريزي وفد
اڳيان رکيا، پوءِ بلوچي رئيسن ۽ سردارن ڏانهن
مخاطب ٿي فرمايائون: ”جيڪي فرنگين تي اعتبار ڪن
ٿا، سي بيوقوف آهن.“ وفد جي ميمبرن کي پوءِ پارسي
زبان ۾ هن ريت فرمايائون:
”اوهين جيڪي عهدناما ڪريو ٿا، سي پنهنجن سهوليتن
جي مدنظر ڪريو ٿا، ڇا، اوهين پنهنجن دوستن سان هن
نموني پيش ايندا آهيو؟ اوهان پهرين اسان جي ملڪ
مان فوجن لنگهائڻ لاءِ گهر ڪئي، جيڪڏهن اسان کي
اهڙي خبر هجي ها ته لشڪر آڻڻ کان پوءِ توهين اهڙا
پير کڻندا، ته ضرور اسين پنهنجي حفاظت لاءِ قدم
کڻون ها. جيڪڏهن اها خبر به هجي ها ته توهين 23
لکن رپين لاءِ گهر ڪندؤ، ته ضرور اسين پاڻ کي
بچايون ها. اسين بلوچ آهيون، واپاري ڪونه آهيون،
جو ڪنهن قسم جو ڊپ ڪريون ها!“(1)
مير صاحب جي جواب ۾ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ فارسي ۽
عربيءَ ۾ رباعيون پڙهندي، ڪي مثال ڏنا. ان کان
پوءِ مير صاحب پنهنجن صلاحڪارن سان مختصر گفتگو
ڪري، فرنگين کي چيو ته: ”اسين هاڻ اوهان تي وڌيڪ
اعتبار ڪري نه ٿا سگهون، نه وري ايڏي رقم ڀري
سگهنداسون.“ فرنگي وفد جا ميمبر هن دفعي اڳي کان
گهڻو مغرور هئا. پاڙيسري حڪومتون جهڙوڪ ڪڇ،
جوڌپور، جيسلمير ۽ بهاولپور جا راجائون يا نواب،
ميرن جي صاحبيءَ جي خاتمي لاءِ منتظر هئا، کين
لارڊ آڪلنڊ حصا ڏيڻا ڪيا هئا.(1)
انگريزي لشڪر جو سنڌ تي گهيرو:
بمبئي جو لشڪر، ٺٽو ٽپي ڪوٽڙيءَ وٽ پهتو هو. بجاءِ
ٺٽي جي، هي لشڪر وکر تي لهي روانو ٿيو هو. ٻئي
پاسي اتر کان بنگال جو لشڪر هندستان جي ڪمانڊر
انچيف سر هينري فين سميت روهڙيءَ وٽ پهتو هو. ميرن
تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪمانڊر انچيف، سر ولوبي ڪاٽن
جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪڙو فوجي دستو حيدرآباد ڏانهن
روانو ڪيو. هي دستو روهڙيءَ کان ستن ميلن جي
مفاصلي تي ڪنڊڙيءَ وٽ مس پهتو هو، ته ميرن، سر جان
ڪين کي سنڌ مان لنگهڻ لاءِ اجازت ڏني.(2)
ڪپتان راس بيل شڪارپور پهتو هو، جتي باغي براهوئي
سردار شاهنواز خان ۽ غدار سيد محمد شريف ديره وال
اچي ساڻس گڏيا.(3)
ان وچ ۾ شڪارپور جي ٽالپري نائب سيد زين العابدين
شاه ۽ لاڙڪاڻي جي قلعيدار، درٻار کي خبرون پهچايون
ته شاه شجاع لشڪر سميت لاڙڪاڻي ڏانهن ڪاهيندو اچي
ٿو.(4)
سر جان ڪين جي لشڪر کي ڪوٽريءَ پهچندي ڏسي، شهر جي
ڪوٽوال سيد جيئند شاه ماڻهن کي امن ۽ امان ۾ رهڻ
لاءِ حڪم ڏنو. ليفٽيننٽ جنرل سر جان ڪين ۽ سندس
ٻين فوجي عملدارن وٽس اچي حيدرآباد شهر کي ڏسڻ
لاءِ شوق ظاهر ڪيو. ڪوٽوال معرفت شهر گهمي، هو
سلامتيءَ سان موٽيا. مير نور محمد خان، فيبروري
1839ع ۾، گاديءَ جي هنڌ کي ٽن پاسن کان گهيري ۾
ڏسي، سمجهي ويو ته فرنگي سنگينن جي زور تي پنهنجا
شرط مڃائڻ گهرن ٿا. سنڌ ۾ افواه گشت ڪري رهيا هئا
ته روس جي ڪاهه کي روڪڻ لاءِ انگريز ڪابل تي ڪاهه
ڪري رهيا آهن. الغرض ميرن اڳيان ٻه رستا هئا: يا
شرط منظور ڪن يا جنگ ڪن. نيٺ ڏهين فيبروريءَ تي،
ليفٽيننٽ جنرل سرجان ڪين، حيدرآباد ۽ خيرپور جي
ميرن سان جدا جدا عهدناما ڪيا، جن جا 13 شرط هن
ريت هئا:
1_ ٻنهي حڪومتن درميان دوستاڻو رستو رهندو.
2_ گورنر جنرل جو ارادو آهي ته ٺٽي ۾ انگريزي
ڇانوڻي رهي، جنهن ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ انگريزي
لشڪر نه رهندو.
3_ جيڪا انگريزي فوج رکي ويندي، تنهن جي خرچ لاءِ
مير نور محمد خان، مير نصير خان ۽ ٻيا اميرزادا 3
لک رپيا ساليانو ڀري ڏيڻ لاءِ جوابدار رهندا.
4_ انگريز سنڌ جي اندروني معاملن ۾ دخل نه ڏيندا
نه وري پنهنجون عدالتون قائم ڪندا.
5_ انگريز، سنڌ کي ڌارين جي ڪاهه کان بچائڻ لاءِ
ٻڌل رهندا.
6_ جيڪڏهن ميرن جي ٻن ڌرين ۾ ڪو فساد پوندو، ته
انگريزي ريزيڊنٽ سندن فيصلو ڪندو.
7_ جيڪڏهن ڪو بلوچ سردار، ميرن خلاف بغاوت ڪندو،
ته مير گورنر جنرل کي اپيل ڪندا، معاملي جي جاچ
ڪرڻ کان پوءِ گورنر جنرل انگريزي ريزيڊنٽ کي مدد
ڏيڻ لاءِ حڪم ڪندو.
8_ ٽالپر مير، پنهنجن پاڙيسري حڪومتن سان دوستانه
نموني خط و ڪتابت ڪري سگهندا، مگر انگريزن جي صلاح
کان سواءِ ڪوبه عهدنامو ڪري نه سگهندا.
9_ ساڳيءَ طرح ميرن کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ انگريز
سندن خلاف ڪنهن به حڪومت سان معاهدو ڪري نه
سگهندا.
10_ انگريزن کي مال رکڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ گدامن
جوڙائڻ جو اختيار رهندو. جيڪڏهن اهڙين عمارتن کي
فسادي نقصان رسائيندا ته مير عيوضي ڏيڻ لاءِ
جوابدار رهندا.
11_ جيڪڏهن انگريز واپاري ڪو مال ڪراچيءَ ۾
گهرائيندا ته ميرن کي محصول ڀري ڏيندا.
12_ نئين عهدنامي موجب سنڌو نديءَ جي واپار وڌڻ جو
امڪان آهي. ان ڪري ڪراچيءَ کان فيروز پور تائين
جيڪي به محصول لڳل آهن، سي آئينده لاءِ رد سمجهبا.
13_ انگيزن کي جيڪڏهن مدد جي ضرورت پيئي، ته مير
سنڌ جي حدن اندر کين ٽي هزار فوجن سان مدد ڏيندا،
اهڙيءَ طرح فوج جو خرچ انگريز ڀريندا.
مٿئين معاهدي موجب جملي ستاويهن لکن جي چٽي ميرن
تي مڙهي ويئي. ٻڍڙي مير رستم خان پنهنجي رقم جي
حصي ڀري ڏيڻ جو انجام ڏنو. ڪپتان راس بيل خيرپور
درٻار ۾ ريزيڊنٽ ٿي رهيو.(1)
گورنر جنرل حڪم ڏنو ته شاه شجاع ڍلن اڳاڙڻ متعلق
ٽالپرن کي جيڪي قسم نامي تي لکي ڏنو آهي، تنهن جي
جاچ نه ڪئي وڃي.(2)
ان سلسلي ۾ مير نور محمد خان کي بروقت ڏهه لک رپيا
ڀري ڏيڻا پيا ۽ مير نصير خان ۽ مير محمد خان هڪ هڪ
لک رپين ڀري ڏيڻ لاءِ انجام ڏنا. جان وليم ڪي لکي
ٿو ته، حيدرآباد جي ميرن ويهه لک رپيا ۽ مير رستم
خان ست لک رپيا ڀري ڏنا.
انگريزن جي فرعونيت:
ميرن کي شرطن مڃائڻ کان پوءِ سر جان ڪين لڪي،
سيوهڻ، لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ واري رستي کان بولان
ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي ڪي فوج جا اٺ غائب ٿي
ويا، جنهن ڏوهه ۾ فرعون دماغ فرنگيءَ ڏهه خوبصورت
نوجوان بلوچ گرفتار ڪرايا ۽ ديسي فوج جي عملدارن
سئنڊ وٽ کي سندن موت لاءِ سزا جو حڪم ڏنو. نوجوان
بلوچن جي ڳچين کي هڪ ٻئي سان سندن ڊگهن وارن سان
ٻڌو ويو، تنهن کان پوءِ سندن نراڙن تي گوليون
هلايون ويون. ٻه صغير ڇوڪرا، جن جون ٻانهون ۽
ٽنگون ٻڌل هيون، تن روئيندي پنهنجا مٿا ڪرنل جي
پيرن تي رکي، پنهنجي بي گناهيءَ لاءِ ٻاڏايو، کين
انصاف جو ڪوڙو دلاسو ڏنو ويو، پر پوءِ بندوقن جون
گوليون سندن نرڙ چيري آرپار لنگهي ويون.(1)
سيد آغا اسماعيل شاه جي وفات:
انگريزن جي ناقابل برداشت زيادتين کي ڏسي، مير نور
محمد خان پنهنجي آزمودگار وزير سيد اسماعيل شاه کي
16 فيبروري 1839ع تي گورنر جنرل کي روبرو صورتحال
کان آگاه ڪرڻ لاءِ ڪلڪتي ڏانهن روانو ڪيو، مگر
پيرسن وزير جي ان وقت عمر اَسي ورهيه هئي ۽ سفر جي
مصيبتن ۽ سرديءَ لڳڻ ڪري هو بيمار ٿي موٽي آيو ۽
وفات ڪيائين.
سهراباڻين ۾ نااتفاقي:
ميرن ۾ نااتفاقي ته اڳي کان پيل هئي، انگريزن جي
اچڻ کان پوءِ سندن باهمي دٻيل بغض ڀڙڪو کاڌو.
ماڻڪاڻي، شهداداڻين سان ٺهيل ڪونه هئا. مير نور
محمد پيءُ وانگر شوخ طبَع ۽ وڏو ڪفايت شعار هو.
سندس ڀاءُ مير نصير خان وليعهد، رلڻو ملڻو هو ۽
رعايا ۾ هردلعزيز هو. مير محمد خان سست، لاغرض ۽
خوشامد پسند هو، نوڪر سندس فضول خوشامد ڪري پيا
کيسا خالي ڪندا هئا، پاڻ چؤياريءَ جو رڪن هو، پر
حڪومت جي ڪاروبار سان کيس ڪابه دلچسپي ڪانه هئي ۽
بي اولاد هو. مير صوبدار خان پاڻ کي پڳ لاءِ حقدار
سمجهندو هو، طبيعت جو ڪمزور ۽ خوش مزاج هو، مگر
چؤياريءَ جي ٻين ميرن سان رلي ملي ڪم ڪندو هو،
سندس علائقو گهڻو آباد ڪونه هو، تنهن ڪري هن مڱريو
واه کڻايو هو، جا ڳالهه شهداداڻي ميرن کي پسند نه
هئي. اڳ زمينن تان منجهن تڪرار جاڳيو هو، جنهن ڪري
مرزا باقر قلات جي سفارش تي ويل هڪدم موٽي آيو هو
۽ ڌرين جو فيصلو ڪيو هئائين. سڀ کان وڌيڪ
سهراباڻين جي پاڻ ۾ نااتفاقي پيل هئي.
19_ جولاءِ 1839ع تي مير مبارڪ خان وفات ڪئي. علي
مراد خان جنهنجي ملڪيت ڀائرن ڦٻائي هئي، سو دل ۾
سور سانڍيو ويٺو هو، تنهن پنهنجن ڦٻايل زمينن جي
واپسيءَ لاءِ موقعو ڏسي، انگريزي ريزيڊنٽ ڪپتان
راس بيل کي اپيل ڪئي، ليڪن انگريز ڪابل واريءَ مهم
۾ رڌل هئا، ان ڪري گورنر جنرل ريزيڊنٽ کي لکيو ته
ڪيئن به ڪري في الحال معاملي کي ٽاريندو اچي، مگر
دلين جي سانڍيل باهمي بغض نيٺ ڀڙڪو کاڌو:
مير رستم خان، مير علي مراد خان ۽ مبارڪ خان جو پٽ
مير نصير خان پاڻ ۾ ترارين ۽ تفنگن سان ڳنڍجي پيا.
مير علي مراد خان انگريزن جو هٿ ٺوڪيو بڻجي چڪو
هو، تنهن ڪري سندس وزن ڳرو هو. نونهار جي جنگ کان
پوءِ نونهار جي معاهدي موجب ڌرين هڪٻئي کي قرآن
شريف تي شرط لکي ڏنا. مير علي مراد خان کي سندس
زمينون موٽي مليون.(1)
جيئن ٽالپرن ۾ نااتفاقي پيل هئي. تيئن قلات جا
معاملات به پيچيده هئا. مير محراب خان ثانيءَ سان
شاهنواز خان جو گاديءَ ڪري تڪرار لڳل هو. خان
محراب خان جو درٻاري صلاحڪار ملا محمد حسن، قلات
درٻار ۾ گويا انگريزن جو جاسوس هو، سندس فريب ڪري
اليگزينڊر برنس جو خان سان لشڪر لنگهائڻ متعلق
جيڪو اڳ ٺاهه ٿي چڪو هو، تنهن ۾ ڦيٽاڙو پوڻ لڳو.(2)
سرحدي بلوچن جو انگريزي قافلن کي لٽڻ:
اڳ ٽالپرن جي ايلچين کي ڪابل، لاهور، بهاولپور،
جوڌپور، جيسلمير ۽ ڀڄ جي درٻارين ۾ عزت هئي، مگر
انگريزن جي شرطن کي قبول ڪرڻ کان پوءِ سندن اڳوڻي
آزاديءَ جي اهميت گهٽجي ويئي. دارالخلافه حيدرآباد
۾ انگريزي ايجنٽ ڪرنل پاٽنجر، گويا سياه سفيد جو
مالڪ هو. واقعات مان صاف ظاهر هو ته سنڌ ۾ ٽالپرن
جي صاحبي ۽ بلوچستان ۾ براهوئين جي حڪومت گهڙيءَ
پل لاءِ مهمان هيون. ليفٽيننٽ جنرل سر جان ڪين
ماڻهن تي جيڪي ظلم ڪيا، ان فرعونيت جو انگريزي
لشڪر کي ستت بدلو ڏيڻو پيو. سرحد جي بليدين،
ڊومبڪين، جکراڻين، بگٽين، مرين ۽ مگسين بنگال جي
لشڪر جي قافلن کي شڪارپور ڇڏڻ کان پوءِ ڦري
انگريزي عملدارن جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو.
بلوچن ڄار جون ٽاريون وڍي کوهن ۾ وجهي ڇڏيون، پاڻي
۾ دستن ۽ پيچش جي بيماري پئجي وئي. ٻيو ته بلوچ
ڏاچيءَ جي رت سان ڪپڙو آلو ڪري، اهو ڪپڙو ڊگهي
ڪاٺيءَ سان ٻڌي اٺن کي سنگهائيندا هئا ۽ اُٺ سنگهڻ
شرط ناڪيلي ڇنائي سامان سميت قافلي کان ڇڏائي،
منهن ڪري ڀڄندا هئا. مٿينءَ ترتيب سان انهن بيشمار
اٺ هٿ ڪيا هئا. ڪن اٺن تي سرڪاري ٽپال هوندي هئي،
جنهن جو گم ٿي وڃڻ ڪري انگريز عملدارن کي گهڻي
پريشاني ٿيندي هئي. اهڙيءَ طرح دري خوجڪ تائين
پهچڻ وقت اٽڪل ويهه هزار سامان سميت اٺ بلوچن ڦري
ورتا. ڪڇيءَ مان انگريزن پنهنجي ڇاڙتي سيد محمد
شريف غدار کي نائب مقرر ڪيو. انگريزن سواءِ ڪنهن
رنڊڪ جي شال، مستونگ، قنڌار، غزني ۽ ڪابل تي قبضو
ڪري ورتو، پر چوڻي آهي ته شينهن جي شڪار ڪرڻ وقت
ڪافي اسباب ساڻ کڻڻو پوندو آهي. اهڙو اسباب
انگريزن ساڻ ڪونه کنيو هو.
شاهه شجاع جو ٻيهر ڪابل جي تخت تي ويهڻ:
انگريزي لشڪر قنڌار ۽ غزنيءَ رستي کان ڪابل پهتو.
خالصا لشڪر، شجاع جي پٽ جي اڳواڻيءَ هيٺ خيبر کان
جلال آباد پهتو. امير دوست محمد خان پهريائين
ترڪستان ڏانهن ڀڄي ويو، پوءِ ناڪام ٿي سنه 1840ع ۾
انگريزن وٽ اچي پيش پيو. انگريزن امير کي حرم سميت
ڪلڪتي ۾ نظربند ڪري رکيو. شجاع ٽيهن سالن جي غير
حاضريءَ کان پوءِ هڪ دفعو بالاحصار جي خوابگاه ۾
بادشاهيءَ جا مزا ماڻڻ لڳو. جنرل ناٽ قنڌار ۾،
جنرل سيل جلال آباد ۾ ۽ سر وليم مئڪناٽن،
اليگزينڊر برنس ۽ جنرل ايلفنسٽن ڪابل ۾ ڇانوڻي
وجهي شجاع جي پاسباني ڪرڻ لڳا. سر جان ڪين ۽
سرولوبي ڪاٽن، ٿوري لشڪر سميت واپس موٽيا. لارڊ
آڪلنڊ، سر ولوبي ڪاٽن، سر جان ڪين، اليگزينڊر
برنس، مئڪناٽن ۽ ڪپتان ويڊ کي ڪابل جي مهم جي
ڪاميابيءَ ڪري ’نائيٽ‘ جو خطاب مليو.
انگريزن جو قلات تي قبضو:
5_ آڪٽوبر سنه 1839ع تي ڪپتان راس بيل، مير محراب
خان ثانيءَ خلاف شڪايت ڪئي هئي. بلوچن ۾ ڏڪر ڪري
سخت بک هئي، ٻيو ته انگريزي لشڪر ڪڇيءَ مان لنگهڻ
وقت غريبن جي فصل کي درندن وانگر نقصان رسايو هو،
ان ڪري هنن ڍاڍر جي انگريزي گدامن کي لٽيو هو. راس
بيل، باغي سردار شاهنواز جي سفارش ڪئي هئي. انهن
سببن ڪري ڪابل مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ انگريزن هڪڙو
فوجي دستو توبخاني سميت جنرل ولشائر جي اڳواڻيءَ
هيٺ قلات ڏانهن روانو ڪيو. ولشائر اوچتو قلات جي
قلعي تي آتشبازي شروع ڪئي، مير محراب خان ثاني، ٻه
هزار جانبازن ۽ سردارن سان وڙهندي، ٽيپو سلطان
وانگر شهيد ٿي ويو. سندس پٽ ولي عهد نصير خان،
داروغي گل محمد جي حفاظت هيٺ پنجگور ڏانهن نڪري
ويو. اتان هو خاران جي نوشيرواني سردار مير آزاد
خان وٽ وڃي پناهه گزين ٿيو، جو سڄي بلوچستان ۾
طاقتور سردار هو.
قلات جي قلعي کي لٽڻ کان پوءِ انگريزن مير شاهنواز
خان کي قلات جي تخت تي ٿاڦيو ۽ لفٽيننٽ لودي کي
سندس صلاحڪار مقرر ڪيو. چارلس ماسن به ان وقت قلات
جي قلعي ۾ موجود هو. ولشائر دري موله کان لشڪر ۽
توبخاني سميت موٽيو. انگريزي لشڪر کي قابل ۾ رهڻو
هو، ان ڪري شال، مستونگ ۽ ڪڇيءَ جا علائقا، جتان
ڪابل جو رستو لنگهندو هو، سي انگريزن شاه شجاع جي
حوالي ڪيا.(1)
سرجان ڪين فتح جا شاديانا وڄائيندو حيدرآباد کان
لنگهيو، ميرن 19 توبن سان سندس سلامي ورتي.
انگريزي جنرل ڪجهه سون تحفي طور مير نور محمد خان
کي ڏنو. ان موقعي تي مير صوبدار خان، انگريزي جنرل
کي ڌار مهماني ڏني هئي. ماسڪو گزٽ، جنهن اڳ ٽوڪ
طور لکيو هو ته: ”روس، انگريزن کي صلح جا شرط
ڪلڪتي پهچي مڃرائيندو.“ اُن جي جواب ۾ انگلينڊ جي
وزير پامرسٽن، دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪلڪتو
ته پري رهيو، پر انگريزي لشڪر کي ڪابل جي بالاحصار
قلعي تي جهنڊي کوڙڻ کان به روس روڪي نه ٿي سگهيو.(2)
مير نور محمد خان جي وفات:
ماه جمادي لاثاني سنه 1256هه (1840ع) ۾ مير نور
محمد خان ’ثريا جاه بهادر‘ وفات ڪئي. هو امن پسند
حاڪم ٿي گذريو. بلوچن جڏهن سردار احمد خان لغاريءَ
جي اڳواڻيءَ هيٺ حيدرآباد جي ريزيڊنسيءَ تي ڪاهه
ڪئي هئي، ان وقت هجوم کي باز آڻڻ لاءِ مير صاحب
پنج لک رپيا پنهنجي کيسي مان خرچ ڪيا هئا. وفات
ڪرڻ کان اڳ پنهنجن ٻن پٽن جي ٻانهن ميجر آئوٽ رام
کي سپرد ڪري ويو، جو ڪرنل پاٽنجر کان پوءِ سنڌ ۽
بلوچستان مٿان ريزيڊنٽ هو.
مير محمد نصير خان الغاري:
مير نور محمد خان کان پوءِ سندس ڀاءُ مير محمد
نصير خان ’الغازي‘ گاديءَ تي ويٺو. هو پڙهيل،
داناءُ، فياض ۽ مستقل مزاج فرمانروا هو. سنه
1285هه (1842ع) ۾ طاعون جي موذي مرض سنڌ ۾ منهن
ڪڍيو ۽ اٽڪل ٽن مهينن تائين سنڌ تي ان جو دور
رهيو. امير زادا، شاهي حرمن سميت قلعي کان نڪري
ٻهراڙيءَ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي رهيا.(2)
|