سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 6

صفحو :16

احمد شاه سنڌ جي حڪومت سرائي نور محمد خان جي حوالي ڪري کيس ’شاهنواز خان‘ جو خطاب ڏنو. ميان جا ٻه پٽ، جن کي نادر شاه ضمانت طور ايران ڏانهن وٺي ويو هو ۽ ساڻن شيخ غلام محمد همراه هو، سي، جڏهن شيخ صاحب مسقط ۾ وفات ڪري ويو، تڏهن شيخ شڪر الله سان جهاز ۾ چڙهي سنڌ ۾ واپس پهتا.

احمد شاه جي سنڌ تي ڪاهه:

شروعات ۾ احمد شاه خراسان جي جنگين ۾ رڌل رهيو. تنهن ڪري ميان نور محمد سندس خاموشيءَ مان فائدو وٺي ويهه لک رپيا ڍل ڏيڻ بند ڪئي. سنه 1754ع ۾ احمد شاه سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ميان نور محمد خوف کان ريگستان ڏانهن ڀڄي ويو، جتي سنه 1168هه (1754ع) ۾ وفات ڪيائين. سندس جنازو موري کان 12 ميلن جي مفاصلي تي دولت پور ۾ دفنايو ويو. ميان نور محمد جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ ميان محمد مرادياب خان گاديءَ تي ويٺو. هن عمرڪوٽ کان ديوان گدومل کي سفير ڪري خراسان ڏانهن روانو ڪيو. ديوان، ميان پاران خراج ڏيڻ منظور ڪيو. احمد شاه محمد مرادياب خان کي ’سر بلند خان‘ جو لقب ڏنو. مغل پرڳڻو، جنهن جون حدون اتر ۾ روجهاڻ کان شروع ٿي ڏکڻ ۾ مديجيءَ تائين هيون، جنهن ۾ سکر، بکر ۽ شڪارپور اچي وڃن ٿا، سو احمد شاهه پنهنجي قبضي هيٺ رکيو. هتان ڪلهوڙن جي حڪومت جو ٽيون دؤر شروع ٿئي ٿو، جڏهن سنه 1739ع ۾ سنڌ پهريائين ايران ۽ پوءِ قنڌار جي نالي طور ماتحت ٿي ويئي.

ميان غلام شاهه:

ميان محمد مرادياب جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ ڀائرن ۾ نااتفاقي پئجي ويئي، ٻيو ته هن ٽالپر ميرن سان چڱا پير ڪونه کنيا، جنهن ڪري بلوچن ميان غلام شاه جو طرف ورتو. ميان عطر خان، احمد يار خان ۽ مقصودي ٻن رفيقن کي ساڻ ڪري پهريائين قنڌار ويو، اُتان نااميد ٿيڻ کان پوءِ، بهاولپور ويو، اُتي جي دائودپوٽن ۽ خيرياڻي سردارن بهادر خان، سبزل خان، علي مراد خان، علي خان ۽ قائم خان کيس مدد ڏني. اُٻاوڙي وٽ جنگ لڳي، دائودپوٽن جي ڏهن هزارن جي لشڪر مان 3 هزار بلوچ مارجي ويا. ميان غلام شاه پاڻ به زخمي ٿيو، ليڪن شهر ۽ خزاني تي سندس قبضو قائم رهيو. مٿين جنگ محرم سنه 1177هه ۾ لڳي.(1) سنه 1172هه (1758ع) ۾ ميان غلام شاه شاهڪ (شاهبندر) تعمير ڪرائي، اُتي قلعو ٻڌرايو. اورنگا آباد کان پوءِ شاهبندر واپار ۾ ترقي ڪئي. ان زماني ۾ دهليءَ تي شاه عالم جي حڪومت هئي.

ميان غلام شاه جي والده گلان هڪڙي رقاصه هئي، جا وقت بوقت سنڌ جي ڪامل ولي ۽ سرتاج شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه اڳيان مجرو ڪندي هئي. هڪڙي ڏينهن شاه صاحب خوش ٿي کيس هن ريت دعا ڪئي:

”گلان مان گل پيدا ٿيو، ڪي ٽڙيو، ڪي ٽڙندو.“

سيد جي دعا سازگار ٿي، ستت ميان نور محمد خان گلان سان شادي ڪئي، جنهن مان ميان غلام شاه ڄائو. هو اڻ پڙهيل هو، ليڪن حڪومت هلائڻ جي منجهس خداداد قابليت هئي. سنه 1762ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. احمد شاه ابداليءَ کيس ’شاه وردي خان‘ جو خطاب ڏنو. سندس حڪومت جو زمانو ڪلهوڙن جي اوج جو زمانو هو. سندس ڏينهن ۾ سنڌ جا رهاڪو گهڻو آسودا هئا.

ڪڇ تي ڪاهه:

سنه 1763ع ۾ ميان غلام شاه بلوچي لشڪر سان ڪڇ تي ڪاهه ڪئي. جراه جي معرڪي ۾ ڪڇين شڪست کاڌي. سندريءَ جو بندر، جو علي بندر کان ويهن ميلن جي مفاصلي تي ۽ لکپت کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي هو ۽ جتي ڪڇ جي راءِ جو مضبوط قلعو هو، سو بستا ۽ لکپت جي بندرن سميت ميان جي قبضي هيٺ آيو. جنگ کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ميان صاحب پراڻ کي موريءَ وٽ بند ڏياريو، جنهن ڪري ٿر جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو.(1)

نئون تختگاه حيدرآباد:

ڪلهوڙن جي تختگاه خدا آباد کي هر سال مهراڻ جي آبڪلاڻيءَ کان خطرو رهندو هو. خدا آباد کان سواءِ ڪلهوڙن مراد آباد، شاه ڳڙهه ۽ محمد آباد (الله آباد) جا شهر سنڌ ۾ تعمير ڪرايا هئا. سنه 1182هه (1767ع) ۾، احمد شاهه ابداليءَ، ميان غلام شاه کي ڪڇ فتح ڪرڻ کان پوءِ ’شمس الدولت‘ ۽ ’صمصام الدوله‘ جا خطاب ڏنا. ميان غلام شاه مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي نيرن ڪوٽ جي پراڻي شهر ڀرسان گنجي ٽڪر جي هڪڙيءَ شاخ تي پڪين سرن سان هڪڙو عظيم الشان قلعو تعمير ڪرائي، مٿس حيدرآباد نالو رکيو. قلعي جي ڀرسان شاه محمد مڪائي جي مقبري جي چؤگرد پڻ ڪچين سرن جو قلعو تعمير ڪرايائين. خدا آبادي هندو لوهاڻا واپاري به نئين تختگاه ۾ لڏي اچي ويٺا. ٺٽي کان پوءِ حيدرآباد صنعت ۽ واپار ۾ ترقي ڪرڻ لڳو ۽ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ تائين سنڌ جو تختگاه ٿي رهيو. نصرپور جو اوج به گهٽجي ويو، جو فقط قلعي ڪري هن شهر کي اهميت حاصل هئي. ساڳي حالت سيوهڻ جي هئي. حيدرآباد هر طرح سان زور وٺڻ لڳو.

جوکين کي رعايتون ملڻ:

جوکيا لس ٻيلي جي بلفتن جي هڪڙي شاخ آهن ۽ اصل راجپوت آهن. اهي شاه بلاول جي اتر ۾ ڪنگارا واري جابلو علائقي ۾ رهندا هئا. ڪلمتين ۽ بلفتن جي لس ٻيلي ۾ جنگ لڳڻ ڪري، جوکيا لس ٻيلي کان نڪري حب ۽ ملير جي وچ واري پرڳڻي ۾ بيٺڪون جوڙي ويٺا.(1) ڪلمتين سان عداوت جي ڪري، ڪلمتين جي زمينن تي قبضو ڪندا ويا، تان جو نومڙين ۽ ڪلمتين کي حب ۽ ملير وارن پرڳڻن مان بيدخل ڪري، گهاري تائين ملڪ تي قبضو ڄمائي، ڪراچيءَ کان ٺٽي ڏانهن ويندڙ قافلن کان محصول اڳاڙڻ لڳا. اورنگزيب جي ملتان واري نائبيءَ جي زماني ۾ جڏهن بلوچن فساد کڙو ڪيو هو، تڏهن نومڙين ۽ جوکين بلوچ ڪنفيڊريسيءَ جو طرف ورتو هو، مگر ساڪره جي هندو راڻي ڄام سهتي جي ڪري نومڙين ۽ جوکين کي مغلن کان سخت نقصان پهتو هو. انهن ڏينهن کان جوکين جي هندو راڻي سان عداوت پيل هئي. ميان غلام شاه جي ڏينهن ۾ جوکين جي سردار ڄام بجر خان ساڪري ۽ سيوريءَ جي راڻي ارجن کي قتل ڪري سندس رياست غلام شاه جي سپرد ڪئي. مٿئين ڪارنامي جي ڪري ميان غلام شاه جوکين جي سرداريءَ کي تسليم ڪيو. جوکين جا ٻه پاڙا بابراڻي ۽ حملاڻي، سائناڻي سرداريءَ هيٺ هئا. شاهي زئي مينگلن، لس ٻيلي جي بلفتن ۽ مڪران جي گچڪين سان سندن مائٽي هئي.

ميان غلام شاهه جو ديره جات تي قبضو:

احمد شاه ابدالي ايشيا جو پويون فاتح ٿي گذريو، جنهن ڏهه گهمرا هندستان تي ڪاهون ڪيون هيون. سندس ڪاهُن ڪري سکن پنجاب ۾ ۽ مرهٽن پاڻي پٽ جي ٽين جنگ ۾ افغانن کان شڪستون کاڌيون. پاڻي پٽ جي ٽين جنگ 13 جنوري سنه 1761ع ۾ لڳي. هن جنگ ۾ قلات جو والي مير نصير خان پهريون سراوان، جهالاوان ۽ ڪڇيءَ جي براهوئي ۽ بلوچ سردارن ۽ لشڪر سميت احمد شاه سان همراهه هو.(1) جنگ ۾ مرهٽن عبرتناڪ شڪست کاڌي ۽ سندن ڪنفيڊريسيءَ جي هندستان ۾ چيلهه ڀڄي پيئي. احمد شاه دهليءَ تي قبضو ڪري، مغل اميرن کي ڦري لٽي، جيئن نادر شاه هڪڙي مغل شهزاديءَ سان پنهنجي پٽ نصرالله جي شادي ڪرائي هئي، تيئن هن عالمگير ثانيءَ جي ڌيءَ پنهنجي پٽ تيمور شاه سان پرڻائي ۽ پاڻ محمد شاه جي 16 سالن جي ڌيءَ حضرت بيگم سان شادي ڪري بيشمار خزانا هٿ ڪري واپس موٽيو. پنجاب جو علائقو جهنگ کان وٺي ملتان سميت احمد شاه، مير نصير خان واليءِ قلات کي ڏنو، جو هن وٺڻ کان انڪار ڪيو. ديره جات جو علائقو، جو 3 _ سؤ ميلن تي آهي، جتي جا رهاڪو بلوچ هر وقت سرڪشي ڪندا هئا، سو سمورو علائقو احمد شاه، ميان غلام شاه جي حوالي ڪيو.

سنه 1768ع ۾ ديره جات جي ناهرن سرڪشي ڪئي، مير بهرام خان، ميان پاران کين شڪست ڏني ۽ ميان پاران نائب ديره جات تي حڪومت ڪرڻ لڳا. 12 اپريل تي ميان صاحب جو هاٿي، جو احمد شاه ابداليءَ وٽس موڪليو هو، جو پاڻي پيئڻ کان پوءِ چريو ٿي پيو ۽ درٻار جي ڪن تنبوئن کي اکيڙڻ کان پوءِ گپ ۾ گپي پيو، تنهن کي نيٺ پنج سؤ کن ماڻهن گپ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.

ڪڇ جي شهزاديءَ سان شادي:

سنه 1770ع ۾ ميان غلام شاه ڪڇ جي راءِ جي سؤٽ راءِ کنگهار جي ڌيءُ سان ڌوم ڌام سان شادي ڪئي. مٿئين ناتي کان پوءِ ميان صاحب بستا ۽ لکپت جا بندر ڪڇ جي راءِ کي موٽائي ڏنا.

انگريزن کي واپار جي اجازت:

سنه 1662ع ۾ انگلنڊ جي بادشاه چارلس ثانيءَ پورچوگال جي شهزادي ڪئٿرائين آف برگنزا سان شادي ڪئي. پورچوگيزن بمبئي جو بندر شهزاديءَ کي ڏاج ۾ ڏنو. ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني مشرقي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ کان سواءِ، هندستان جي شهرن ڪوچين، ڪانانور، ناگاپٽم، ڪاليڪٽ، چنشورا، مدراس ۽ سيلون تائين ڪوٺين وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. سنه 1781ع ۾، انگلينڊ ۽ آمريڪا سان جنگ لڳڻ وقت ڊچن آمريڪا جو طرف ورتو هو، جنهن ڪري 1783ع ۾ ورسيلز جي معاهدي موجب سيلون ۽ ٽرنڪو ملي سميت ٻيا سمورا شهر ڊچن کي انگريزن جي حوالي ڪرڻا پيا.

ڊچن کان پوءِ ٻي سفيد فام قوم فرينچ هئي، جن سنه 1604ع ۾ فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني برپا ڪري، هندستان جي مختلف شهرن ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون. گويا پورچوگيزن جي زور ٽٽڻ کان پوءِ هندستان ۾ فرينچ ۽ انگريز ٻه مکيه مغربي قومون هيون، جيڪي قسمت آزمائي ڪري رهيون هيون. سنه 1741ع ۾ ڊيوپلي فرينچ ايسٽ انڊيا جو ڊائريڪٽر ٿي هندستان ۾ آيو. هو ديسي سپاهين جي فوج ٺاهي، نوابن ۽ راجائن کي سندن باهمي جنگين ۾ مدد ڏيڻ لڳو. سنه 1774ع تائين ٽرنڪوملي، ماهي، سورت، پانڊچري، مسلي پٽم ۽ چندرنگر تائين فرينچ ڪوٺين وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيا. سندن صدر شهر پانڊيچري هو. ڊيوپلي دکن ۾ جيڪا فرينچ حڪومت کڙي ڪئي هئي، تنهن جي سالياني آمدني پنج لک پائونڊ هئي.

انگريز ۽ فرينچ ٻن حريف قومن جي وچ ۾ جڏهن يورپ ۾ ڪا جنگ لڳندي هئي، ته هندستان ۾ به هڪٻئي خلاف هٿيار کڻندا هئا. مغل شهنشاهت جي زوال ڪري، سڄي هندستان اندر راجائن ۽ نوابن جي جڏهن به پاڻ ۾ ڪا جنگ لڳندي هئي، ته مٿين ٻن حريف سفيد فام قومن کان مدد گهرندا هئا. دکن پهريون ميدان هو جتي ٻئي قومون زور آزمائڻ لڳيون، ليڪن فرينچ عملدارن جي پاڻ ۾ ٻڌي ڪانه هئي، ٻيو ته فرينچ سرڪار وقت سر پنهنجي عملدارن کي مدد ڏيئي نه سگهي، ٽيون ته انگريزي ٻيڙو مضبوط هو، انگلينڊ جي سرڪار پنهنجي ڪمپني کي وقت سر پئسي ۽ لشڪر موڪلڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي. انهن خامين ۽ خوبين جي ڪري انگريز تجارتي ۽ سياسي جدوجهد ۾ فرينچن کان گوءِ کڻي ويا.

سنه 1757ع ۾ انگريزن ڪلائيو جي اڳواڻيءَ هيٺ ٻه هزار سپاهين سان، جن ۾ 9 سؤ انگريز سپاهي هئا، بنگال جي نواب سراج الدوله کي، جنهن وٽ پنجاهه هزار پيادا، 18 هزار سوار ۽ پنجاهه توبون هيون، پلاسيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي هندستان اندر انگريزي شهنشاهت جو پايو وڌو. مير جعفر غدار ويهه لک اشرفيون انگريزي جنرل کي بطور تحفي جي پيش ڪيون. مير جعفر کان پوءِ، مير قاسم بنگال جي نواب، انگريزن کي بنگال مان تڙي ڪڍڻ لاءِ دهليءَ جي شهنشاه شاه عالم ۽ ائوڌ جي نواب شجاع الدوله سان تعلقات پيدا ڪيا. پوءِ ٽنهي گڏجي انگريزن سان مقابلو ڪيو، پر پاٽنا ۽ بڪسر جي جنگين ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ شاه عالم بنگال، بهار ۽ اوڙيسا جي ديواني ڪلائيو جي حوالي ڪئي. ڪلائيو پهريون انگريز هو، جو انگريزن پاران هندستان جو گورنر ۽ ڪمانڊر ان چيف مقرر ٿيو.

مٿيون بيان سنڌ جي تاريخ سان ڪو تعلق نه ٿو رکي، مگر پڙهندڙن جي چٽائي لاءِ ڏنل آهي ته کين معلوم ٿئي ته ڏيڍ سؤ سالن اندر انگريزن هندستان ۾ ڪيتري قوت حالت ڪئي ۽ سندن قوت اڳيان سنڌ جي ڪهڙي پوزيشن هئي.

سنه 1662ع ۾ سنڌ ۾ ڏڪر پوڻ ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو واپار سنڌ سان بند ٿي ويو هو. سنه 1748ع ۾ هڪڙو انگريز، ڪپتان ڪوڪ، ٺٽي پهچڻ وقت مئو، سندس قبر مڪليءَ تي آهي.(1)

ميان نور محمد جا ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان دوستانه تعلقات هئا. مغربي سفيد فام ڦورن کي جڏهن ولايت کان نئون جنگي سامان پهچندو هو، تڏهن پراڻو سامان نوابن ۽ راجائن کي وڪڻي نيڪال ڪندا هئا. ميان نور محمد مدراس جي انگريزي قلعي سينٽ جارج مان ڪي توبون خريد ڪيون هيون. ميان غلام شاه جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آسودگي هئي. کيس ڪمپنيءَ سان ناتا رکڻا پيا، ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار کي هٿيارن ٺاهڻ لاءِ فولاد، شيهي ۽ پتل جي ضرورت هئي. مشرق جا حڪمران واپار کي ملڪ لاءِ خير ۽ برڪت جو باعث تصور ڪندا هئا، ليڪن فرنگين جي واپار جي ٻي معنيٰ مشرقين لاءِ سياسي موت ثابت ٿي. ميان غلام شاه سنڌ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ شاهه بندر نئون بندر تعمير ڪرايو هو، جتي انگريزن ڪلمي شوري صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا هئا. شروعات ۾ ميان صاحب کي ڪمپنيءَ جي ڪارڪنن تي ناراضگي هئي، ڇاڪاڻ ته ڪڇ تي ڪاه ڪرڻ وقت هن سورت جي ڪائونسلر کان جهازن جي مدد گهري هئي، مگر ڪائونسلر سندس درخواست تي ڌيان ڪونه ڏنو هو، ٻيون سبب هن ريت هو ته ميان صاحب جي سورت جي ايجنٽ علي نواز خان ويهه هزار رپيا نقد، ست گهڙيال، ڪي واچون، ڪي جارجيا جا ٻانها ۽ حبشي ٻانهيون هضم ڪري ڇڏيا هئا. ميان انگريزن کي لکيو هو ته مٿيون مال سندس ايجنٽ کان وصول ڪري، ڏانهس روانو ڪن، مگر ڪائونسلر هن دفعي به ميان جي درخواست تي ڌيان نه ڏنو هو.

مٿين سببن جي ڪري ميان جي عملدارن ڪمپنيءَ جا ڪي جهاز اورنگا بندر تي روڪي بيهاريا هئا. سنڌ سان نئين واپاري معاهدي ڪرڻ لاءِ ڪمپنيءَ پاران رابرٽ سمپشن هڪڙي هندو دلال روپچند سميت ٺٽي پهتو. رابرٽ سمپشن پارسي زبان جو ڄاڻو هو، کيس ٺٽي ۾ واپار ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران اجازت ملي. هو ميمڻ واپارين معرفت ڪلمي شورو خريد ڪرڻ لڳو ۽ اوني ڪپڙو نيڪال ڪرڻ لڳو. اوني وڏي بر واري ڪپڙي جي قنڌار ۽ خراسان جهڙن سرد ملڪن ۾ گهڻي ضرورت هئي. افغان واپاري هر سال سنڌ مان ڪافي قيمت جو ڪپڙو خريد ڪندا هئا. فرنگين جي اها خصلت هئي ته وعدا ڪري پوءِ هڪدم ڦري ويندا هئا. بعضي ته هندستان جي بندرن تي اوچتا حملا به ڪندا هئا. ان خوف ڪري 11 ڊسمبر سنه 1758ع ۾ ميان غلام شاهه فوجن سميت شاهبندر تي پهچي، پنهنجي عملدارن ۽ انگريز ايجنٽن ڏانهن هيٺيون فرمان روانو ڪيو:

”طرفان شمس الملت خسروي دوران غلام شاه خان بطرف رابرٽ سمپشن ايجنٽ ڪمپني بهادر.“

”مان فوجن سميت شاهبندر پهتو آهيان، انگريزن کان سندن آندل مال تي محصول نه وٺبو، پر جيڪڏهن هتان مال ٻاهر روانو ڪندا، ته دستور موجب کين محصول ڏيڻو پوندو. اوهان کي هن خط ذريعي منهنجن ارادن جي خبر هجي، اوهان ڪو وڪيل روانو ڪيو، جيئن هو واپار جي ڪوٺي وجهڻ لاءِ اچي هنڌ پسند ڪري.“

18- ڊسمبر سنه 1758ع ۾، ميان صاحب پنهنجن نائبن ڏانهن هيٺيون فرمان مڪو:

”رابرٽ سمپشن سنڌ ۾ جيڪو مال آڻي، کانئس محصول نه وٺندا، بلڪ هن کي ڪوٺي وجهڻ ڏيندا ۽ ساڻس نرمائيءَ سان پيش ايندا، جيئن اسانجي ملڪ جو واپار ترقي ڪري.“(1)

سنه 1760ع ۾ رابرٽ سمپشن کان پوءِ، بمبئي حڪومت پاران رابرٽ ارسڪين، ميان غلام شاه سان شاهبندر ۾ ملاقات ڪرڻ وقت، سنڌي عملدارن جي خلاف شڪايت پيش ڪئي.(2) ميان صاحب ساڻس تجارتي عهدنامو ڪيو، جنهن موجب فرنگين مان فقط انگريزن کي سنڌ ۾ واپار ڪرڻ لاءِ اجازت ملي. هن معاهدي موجب سنه 1764ع ۾، 38526 رپين جو مال بمبئي کان شاهبندر پهتو ۽ انگريزن 1254 ڳوڻيون ڪلمي شوري جون جن جي قيمت 15884 رپيا هئي، اميرالبحر پوڪاڪ معرفت بمبئي ڏانهن روانيون ڪيون. ڪمپني سراسري ساليانو ڏهه هزار مڻ شورو سنڌ مان خريد ڪرڻ لڳي. ساڳئي سال انگريزي ايجنٽ، ميان غلام شاه سان شاهپور درٻار جي موقع تي ملاقات ڪئي. ميان صاحب ريزيڊنٽ کي هڪڙو ڪيمخواب جو چوغو، هڪڙي شال، هڪڙو پٽڪو، هڪڙو خنجر، هڪڙي سون سان مڙهيل ترار، چانديءَ جي سنجن سان ايراني گهوڙو، سروپا طور مرحمت ڪيا. انگريزي ريزيڊنٽ هڪڙي اشرفي هڪڙو مخمل جو ٿان ۽ ڪي آرسيون ڪمپنيءَ طرفان سوکڙين طور پيش ڪيون. مارچ 29 تي ميان صاحب ريزيڊنٽ کي 45417 رپين جي مال پهچائڻ لاءِ حڪم ڏنو. مثلا 12 سؤ وال اوني ڪرمچي ڪپڙو، 450 وال ايراني ريشمي ڪپڙو، وغيره.

ميان سرفراز خان:

ميان غلام شاه غازي حيدرآباد جي قلعي تي چار ورهيه حڪومت ڪري، سنه 1186هه (1772ع) ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو حيدرآباد شهر ٻاهران ڏسڻ وٽان آهي. حڪومت جون فوجي واڳون ٽالپرن جي هٿن ۾ هيون، جن ميان غلام شاه جي پٽ ميان محمد سرفراز کي گاديءَ تي ويهاريو.(1) ساڳئي سال احمد شاه ابداليءَ وفات ڪئي.(2) احمد شاه کي اَٺ پٽ هئا، جن مان ڇهن جا نالا تاريخن ۾ ڏنل آهن: سليمان، تيمور، داراب، شهاب، سڪندر ۽ پيروز. احمد شاه جي وزير شاهولي خان، جو وڏو سياستدان هو ۽ هندستان جي ڏهن ڪاهُن وقت احمد شاه سان همرڪاب هو، تنهن شاه جي وڏي پٽ سليمان کي تخت تي ويهاريو. وزير جي پاليسيءَ خلاف پهريائين مير محمد نصير خان قلات جي واليءَ پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو.(3)

تيمور شاه پيءُ جي وفات وقت هرات جو حاڪم هو. سندس اميرن ۽ نديمن مان عبدالله خان ديوان بيگي تيمور شاه جي طرفداري ڪندي، وزير شاه ولي کي ماري ڇڏيو ۽ تيمور شاه تخت هٿ ڪيو.(4) هن ميان سرفراز خان ڏانهن شاهي خلعت سان گڏ ’خدا يار خان‘ جو لقب ڏياري موڪليو. ميان غلام شاه جي پوين بلوچن سان عداوت رکڻ شروع ڪئي، جنهن ڪري ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو زوال شروع ٿيو.

ٽيون تختگاه خداآباد:

ميان غلام شاهه کان پوءِ ميان سرفراز خان وڏن جي تختگاه خدا آباد جي يادگار لاءِ هالن کان ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اتر طرف خدا آباد جو نئون شهر ٻڌائي، ان کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو. هي شهر ستن ميلن جي ايراضيءَ ۾ هو ۽ ٺٽي کان پوءِ ٻيو نمبر شهر هو.(1) هي  شهر سنه 1186هه (1774ع) ۾ تعمير ٿيو ۽ ٿارٽن جو بيان آهي ته سنه 1814ع ۾ ويران ٿي ويو. سندس کنڊر ٻن چؤرس ميلن ۾ آهن.(2)

انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيا، تڏهن شهر ۾ فقط هڪ سؤ گهر آباد هئا. ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا هئا.(3) سرائي ميان محمد سرفراز خان ڪمزور طبيعت جو انسان هو. درٻار جي غير بلوچي اميرن سنڌي ۽ غير سنڌي تحريڪ کي زور وٺرايو. ان ۾ شڪ ناهي ته ٽالپري امير غير سنڌي هئا ۽ سنڌ ۾ خراساني سڏبا هئا، ليڪن هينئر سنڌ سندن وطن هو ۽ سنڌي هئا. اهي سرائين جا عقيدتمند مريد هئا. سندن ئي مدد ۽ سهڪار سان ڪلهوڙن مغلن، ناهرن، بلوچن، دائودپوٽن، افغانن، مهرن، ڌاريجن ۽ براهوئين کي شڪستون ڏنيون هيون. ميان يار محمد، ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاه سندن صلاح ۽ مصلحت سان قدم کڻندا هئا ۽ بلوچي سردارن کي سڄيءَ سنڌ اندر جاگيرون عطا ڪيون هئائون.

مير بهرام ولد مير شهداد خان، جو ان وقت سرائيءَ فوج مٿان سپه سالار هو، جنهن ڪڇي، ديره جات ۽ ڪڇ جي جنگين ۾ پنهنجي فوجي قابليت جو ثبوت ڏنو هو، تنهن جي خلاف سرائين جو جهونو درٻاري امير راڄو ليکي ميان سرفراز خان جا ڪن ڀرڻ لڳو. ديوان گدومل، جو حڪومت جو پراڻو صلاحڪار ۽ تجربيڪار وزير هو، جنهن جو رسوخ قنڌار ۽ خراسان تائين هو، تنهن نوجوان ميان کي ميرن سان ٺاه ڪرڻ لاءِ گهڻوئي سمجهايو، مگر نوجوان حاڪم، راڄي ليکيءَ جي هٿن ۾ ڪاٺ پتليءَ وانگر هو. ميان پنهنجي وزير گدومل جي صلاح تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو، اٽلندو مير بهرام خان سان خصومت رکڻ لڳو. مير صاحب پنهنجن ٻن پٽن مير صوبدار خان ۽ مير بجر کي اڳواٽ مٿينءَ خصومت کان آگاه ڪري ڇڏيو هو.(1)

سنه 1774ع ۾ مير صاحب جو وڏو پٽ مير بجر خان حج ڏانهن هليو ويو ۽ صوبدار خان پيءُ سان رهڻ لڳو، جو حيدرآبادي ميرن جو ڏاڏو هو.

مير بهرام خان ۽ مير صوبدار خان جو شهيد ٿيڻ:

هڪڙي ڏينهن دستور موجب ميان سرفراز خان، مير بهرام خان کي ڪچهريءَ ڏانهن گهرايو. ميان صاحب مير کي مارائڻ جو اڳيئي سٽاءُ ڪري چڪو هو. ڪچهريءَ ۾ گهڙڻ کان پوءِ ميان صاحب، مير بهرام کي هڪڙو خط پڙهڻ لاءِ ڏنو. جيئن هو پڙهڻ لڳو تيئن ميان جي اشاري تي پٺيان حسين مرراڻي ترار سان شهيد ڪري وڌس. مير صوبدار خان جو ٻاهر بيٺو هو، سو عرضي خدمتگار کي روئندي ڏسي، پهريائين راڄي ليکيءَ جي ڀائٽي الله بخش ليکيءَ کي ترار سان ماري، پوءِ کُليءَ ڪچهريءَ ۾ گهڙيو. ميان سرفراز خان هڪدم ماڙيءَ جي ڇت تي چڙهي گم ٿي ويو. درٻارين مان ٽي بلوچ ڪمال خان رند، غلام محمد خان لغاري، شادمان خان نظاماڻي، مير صوبدار جا طرفدار ٿي بيٺا. ميان جي درٻار جا ٻه پهلوان هاشم ۽ سپڙ خان ۽ ٻيا ڪل ٻاويهه ڄڻا مير صوبدار خان ۽ سندس ساٿين هٿان مارجي ويا. مير صوبدار خان به وڙهندي شهيد ٿيو. شادمان خان سخت زخمي ٿيو، پر جان بچيس.

لغارين جو شجرو:

سنڌ جي سرحدي پرڳڻي گاج ۾ لغاري تمن جا مالڪ هئا. سندن پنج پاڙا هن ريت آهن: 1_ بزدار، 2_ عالياڻي، 3_ برهماڻي، 4_ عيساني ۽ 5_ ڪچائي. منجهانئن عالياڻي پڳ جا مالڪ هئا، مگر بزدار به سرداري رکندڙ هئا.

 

 

رندن جو شجرو:

سنڌ جي رندن مان  ٽالپرن شاديون ڪيون هيون ۽ رندن کي قلات جي درٻار تائين عهدا مليل هئا. هيٺ سنڌ جي رندن جو شجرو ڏجي ٿو:

 

 

جمالين جا شجرا:

سنڌ جا جمالي به رند جي ممتاز قبيلي مان آهن ۽ رند بن جلال خان جي پوٽي مير جمال خان جو اولاد آهن. سنڌ ۾ سندن چار سرداريون قائم هيون: 1_ مريداڻي، 2_ جلباڻي، 3_ بخشاڻي ۽ 4_ سکواڻي.

 

ڀرڳڙين جو شجرو:

نظاماڻين وانگر ڀرڳڙي به ٽالپرن جي شاخ آهن، سندس سردار مان اسلاماڻين ۽ مورائن کي ميهڙ ۽ نندا شهرن ۾ جاگيرون هيون. سندن شجرو هيٺ ڏجي ٿو:

 

باگراڻي ۽ سندن شجرو:

باگراڻي ٽالپري تمن سان ٻڌل هئا. ميوا خان، سوائي خان ۽ ڪرم خان سندن ٽي سردار هئا، جن جا شجرا هيٺ ڏجن ٿا:

چانگن جو شجرو:

چانگ گورچاڻين جي شاخ آهن. سنڌ ۾ گهڻو وقت جتن سان وڙهندا رهيا. سندن سردار شير خان ٽالپري تمن سان ٻڌل هو، ان ڪري گوني تعلقي ۾ سندن جاگير هئي. سنجراڻي ۽ ڪچائي سندن ٻه پاڙا هئا.

ماڻڪاڻين جو شجرو:

مير سليمان خان (ڪڪو) کي سندس مرراڻي ديري مان پنج پٽ هئا: 1_ ميرڻ 2_ جيوڻ، 3_ ماڻ، 4_ عالي ۽ 5_ هوتڪ. شهداداڻي مير هوتڪ جو اولاد هئا. سندن شجرو هيٺ ڏجي ٿو:

 

ماڻڪاڻين جو جوش:

مير بهرام خان جي شهيد ٿيڻ وقت مير بحر خان حج تي ويو هو، سندس غير حاضريءَ ۾ وڏي مير، مير فتح خان وٽ بلوچي سردار ۽ ٽالپر ماتم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا. مير فتح خان ڪچهريءَ ڏانهن مخاطب ٿي ڪري چيو:

”اڄ مرشدن (ڪلهوڙن) وٽان مريدن کي جيڪو فيض پهچي چڪو آهي، سو اوهين ڏسي رهيا آهيو، هاڻ بهتر آهي ته مردانگيءَ سان خون ناحق جو ڪلهوڙن کان بدلو وٺڻ گهرجي.“

بلوچن يڪراءِ ۽ يڪمشت ٿي مير فتح خان ماڻڪاڻيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ خدا آباد تي ڪاهه ڪئي. ميان سرفراز خان هتان راتوواه ٻيڙين وسيلي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناهه ورتي. بلوچن جي بغاوت کي ڏسي، درٻارين کيس تخت تان لاهي، سندس چاچي ميان غلام نبي خان کي سنه 1777ع ۾ گاديءَ تي ٿاڦيو. بلوچن ۽ ڪلهوڙن جي اڻبڻت کي ڏسي انگريزن ٺٽي واري واپار جي ڪوٺي سنه 1775ع ۾ کڻي ڇڏي.

لنياري جي جنگ:

ميان غلام نبي خان به مير بجر سان عداوت رکندو آيو. مير بجر جڏهن حج بيت الله تي ويو هو، تڏهن ميان غلام نبي خان ڪي لک رپيا مسقط جي امام کي مير صاحب جي مارائڻ لاءِ آڇيا هئا. اهي جنسي خط امام صاحب مير صاحب کي ڏنا هئا. مسقط کان ٿيندو مير بجر قلات پهتو، جتي مير نصير خان ڪمال مروت سان مير صاحب جي مهماني ڪئي. مير بجر جڏهن خداآباد پهتو، تڏهن سمورا بلوچ ۽ ٽالپر ڪارن لباسن سان وٽس آيا، جن ۾ پاڙي جهاڙي وٺڻ جو ڪافي جوش هو. راڄ جو وڏو رئيس راڄو ليکي، سنڌي ۽ غير سنڌي تحريڪ جو محرڪ، مير بجر جي اچڻ کان اڳ خوف کان زهر کائي خودڪشي ڪري چڪو هو.(1) پٽس تاجي ليکيءَ جو درٻار تي اثر هو، جو فتنه انگيزيءَ ۾ پيءَ کان ٻه رتيون ڪسر هو ۽ وزارت جو قلمدان به سندس حوالي هو.

ميان غلام نبي خان وزير ۽ الله بخش جنجڻ جي چوڻ تي هڪ خط ذريعي مير بجر کي سنڌ ڇڏي وڃڻ لاءِ لکيو. مير صاحب خط تي ڪو ڌيان نه ڏيئي عمرڪوٽ جو مضبوط قلعو کوسن کان خالي ڪرائي، اتي رهڻ لڳو، مگر الله بخش جنجڻ کوسن جو لشڪر گڏ ڪري مير صاحب کي اتان ڪڍي پاڻ اتي قبضو ڄمائي ويٺو. کوسا سرائين جا طرفدار هئا. سندن سردار روهيل خان جي پٽن مان راڄو خان، ميان نور محمد وٽ اهلڪار هو، بلڪ شير خان کوسو ته ميان غلام شاه جي مصاحبن مان هو. سندس پٽن مان روهيل خان کي ميان غلام نبي خان جاگير ڏني هئي. ميان جو سپه سالار فيروز خان پتافي شهدادپور تعلقي جي لنياري ڳوٺ ۾ بيشمار لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. مير بجر خان چئن هزارن جي بلوچي لشڪر سان مقابلو ڪيو. سخت جنگ کان پوءِ فيروز خان پتافي مارجي ويو ۽ ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پيئي. ميان غلام نبي خان يارو فراش هٿان سخت زخمي ٿي، واهه جو پيٽ ڏيئي ڀڳو ٿي ويو، ته مير سهراب خان پڪڙي مير بجر خان وٽ آندس ۽ اتي زخمن وگهي هن روبرو دم ڏنو. جنگ کان پوءِ تاجو ليکي ۽ الله بخش جنجڻ قيد ٿي ويا. بلوچي لشڪر ۾ هيٺين ماڻهن جنگ ۾ پاڻ موکيو مير مفتح خان، مير فتح علي خان، مير سهراب خان، مير الهيار خان، مير مرزو خان، مير باگو خان، اسماعيل خان کٽياڻ، دلاور خان لغاري، هيبت خان جمالي، ٻيڙو خان کوکر، دريا خان، فضل خان، عرضي خدمتگار، يارو فراش، سلطان ۽ زنگي خان مري وغيره. سيد عظيم الدين ٺٽوي ڪتاب ’فتح سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته، سرائي غلام نبي خان شڪست کائڻ کان پوءِ قرآن شريف ميڙ ڪري مير بجر خان وٽ آيو ٿي، ته واٽ تي تاجي ليکيءَ ترار هڻي شهيد ڪري وڌس.(1)

حاجي زئي مرين جو شجرو:

سنڌ جي مرين مان حاجي زئي مري سري ۽ لاڙ ۾ وڏن رتبن تي مامور هئا. سندن پيشو سپه گري هو. حاجي زئي مرين جو مورث اعليٰ حاجي خان، مير رند جي چوڏهين پيڙهيءَ مان هو. سندس ٻن ديرن بڊاڻي ۽ لوهاراڻي هر هڪ مان چار چار پٽ هئا. شجرو هيٺ ڏجي ٿو:

 

 

ميان عبدالنبي:

مير بجر خان پڪو ارادو ڪيو هو ته ميان غلام نبيءَ کان پوءِ ميان سرفراز کي قيد مان ڪڍي، گذريل ڳالهيون معاف ڪري، کيس وري تخت تي ويهارجي، پر ميان عبدالنبي، جو پنهنجي ڀاءُ ميان غلام نبيءَ پاران حيدرآباد جي قلعي جو مالڪ هو، تنهن پنهنجي ڀاءُ جي موت جو ٻڌي، جيڪي شاهي قيدي نظر بند هئا، تن مان ميان محمد ابا خان، ميان محمد سرفراز ۽ سندس ٻن پٽن عطر خان ۽ مير محمد خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو، تنهن ڪري ٻيو ڪو لائق نه ڏسي، مير صاحب ميان عبدالنبي کي گاديءَ تي ويهاريو. ميان عبدالنبيءَ جي خداپرست والده بروقت مير بجر خان کي پيغام موڪليو ته، ”عبدالنبيءَ منهنجو پٽ آهي، آءٌ سندس عادتن کان واقف آهيان، هو منهنجو به گهر تباهه ڪندو ۽ توکي به منجهانئس ڪا چڱائي ڪانه رسندي!“

مير بجر خان جي شهادت:

مير بجر خان، جو ان وقت حيدرآباد قلعي تي گهيرو ڪري ويٺو هو، تنهن کي ميان عبدالنبي خان پنهنجو وزير مقرر ڪيو. سنه 1197هه (1782ع) ۾ ڪلهوڙن شهزادن مان ميان عزت يار خان، ميان عبدالنبيءَ خلاف تيمور شاه ڏانهن دانهن کڻي ويو. تيمور شاه هن کي سند ڏيئي، ٿورو افغاني لشڪر ساڻ ڏياري موڪليو. شڪارپور جي ويجهو جنگ لڳي، افغاني لشڪر شڪست کاڌي. شڪست جو ٻڌي، تيمور شاه پاڻ قنڌار کان سنڌ تي ڪاهي آيو. مير بجر ساڻس روبرو گڏيو ۽ بادشاه کي حڪمت عمليءَ سان موٽائي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو. عبدالنبي خان نالي طور حاڪم هو، سندس وزير بجر خان ملڪ جو سچو حاڪم هو. هڪڙي ڏينهن ٻه راجپوت قاصد جوڌپور کان راجا بجيسنگهه جو خط کڻي آيا. مير صاحب ڪمري ۾ جيئن خط پڙهي رهيو هو، تيئن راجپوتن خنجر سان مٿس حملو ڪيو، هو زخمن ڪري شهيد ٿي ويو، مگر مرڻ کان اڳ ٻنهي باغين جو ترار سان خاتمو ڪري ويو. عبدالنبي خان جي ماءُ جيڪي چيو هو، سو سچ نڪتو.(1)

جوڌپور کي شڪست:

راجا بجيسنگهه جوڌپور تي سنه 1753ع کان سنه 1793ع تائين حڪومت ڪئي. عمرڪوٽ تي قبضي ڪرڻ جي ارادي سان ڪلهوڙن سان ظاهري همدردي رکڻ لڳو. مير بجر خان جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ، بلوچن ۾ تاءُ پيدا ٿيو. سڀ بلوچ ميان عبدالنبي خان کي مارڻ لاءِ يڪراءِ ٿيا. مير عبدالله خان ٽالپر کان سرائيءَ کي خوف هو. هن پنهنجا ٻه پٽ جوڌپرو جي راجا ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ پاڻ رفيقن ۽ خزانن سميت قلات جي بيگلر بيگي محمد نصير خان وٽ وڃي لڪو. ڪلهوڙن ۾ باقي ڪوبه نه رهيو. فقط هڪڙو صادق عليءَ نالي فقير تارڪ الدنيا رهندو هو، تنهن کي بلوچن درويشي آستاني تان اٿاري، شاهي مسند تي ويهاريو ۽ ساڻس دستور موجب ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. جوڌپور جو راجا جنهن وٽ ميان جا پٽ دانهي ويا هئا، سو راجپوتن جي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهي آيو. جوڌپور جي سرحد تي هڪڙي قلعي وٽ جنگ لڳي ۽ گهڻي خونريزيءَ کان پوءِ راجپوتن شڪست کاڌي.(1)

قلات جي لشڪر کي شڪست:

جوڌپور جي شڪست جون خبرون ٻڌي، ميان عبدالنبيءَ جا حوصلا خطا ٿي ويا. هن مير نصير خان کان مدد گهري، خان قلات کيس گذريل ڪرتوتن تي شرمايو. پوءِ پنهنجي ناٺي سردار زرڪ خان سان هڪڙو براهوئين جو لشڪر چاڙهي موڪليو. سنڌ جا جتوئي، نومڙيا ۽ کوسا به ميان سان شريڪ ٿيا. لاڙڪاڻي اوريان چالڪ جي پل وٽ جنگ لڳي. زرڪ خان ٽالپرن کان شڪست کائي ڀڳو. بلوچ، ميان صادق علي خان سان سوڀ جا نغارا وڄائيندي، خدا آباد پهتا.(1)

هڪڙي پاسي ميان عبدالنبي خان گادي هٿ ڪرڻ لاءِ حيلا ۽ سازشون ڪري رهيو هو، ٻئي پاسي سنڌ تي ڪاهون ٿي رهيون هيون. بلوچ پنهنجي وفاداريءَ تي قائم رهندا پئي آيا ۽ سنڌ جي بچاءَ لاءِ لڙندا پئي آيا. مٿينءَ ڇڪتاڻ ۾ ڪراچيءَ جو بندر مير محمد نصير خان اتي جي واپارين جي مدد سان ڦٻائي ورتو. هن بندر جي سنڌ کان جدا ٿيڻ ڪري، سنڌ کي ساليانو ڇهن لکن رپين جي کوٽ پوڻ لڳي.(2)

مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه:

مدد خان تيمور شاه جو هڪڙو سپه سالار هو، جنهن 1780ع ۾ بهاولپور جي نواب رڪن الدوله بهاول خان تي تيمور شاه جي حڪم سان ڪاهه ڪري، ڏراور جي قلعي تائين نواب جي پٺيان پئي، کانئس رهيل خراج وصول ڪيو هو.(1) تيمور شاه هن کي سنڌ تي چاڙهي مڪو. سرائي ميان عبدالنبي خان، جو ان وقت جوڌپور ۽ قلات جي درٻارن کان مايوس ٿي چڪو هو، تنهن ٻي ڪا به واه نه ڏسي، افغان حملي آور کي پوريل خزانن جي لالچ ڏني. سنه 1780ع ۾ مدد خان طوفان وانگر سنڌ تي ڪاهي آيو. بدين تائين سنڌ جا دولتمند ڳوٺ ۽ شهر افغانن ڦري ناس ڪري ڇڏيا. جوڻ ۽ فتح باغ جا وسندڙ ٻه شهر جيڪي لاڙ ۾ باغات ۽ پيداوار ڪري مشهور هئا، سي هن قيامت صغريٰ ۾ ناس ٿي ويا. سنڌي ڳوٺاڻا پري کان افغانن جا گهوڙا ڏسي ’گهوڙا ڙي گهوڙا‘ ڪندا، ڳوٺ خالي ڪري ڀڄڻ لڳا. صاحب ’لب تاريخ‘ جو بيان آهي ته سنڌين ۾ ’گهوڙا گهوڙا‘ ڪرڻ جو رواج مدد خان جي ڪاهه ڪري پيو.(2)

مٿينءَ آفت جي برپا ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ سخت ڏڪر پيو. سنڌ جي تاريخ ۾ هي چوٿون نمبر ڏڪر هو. مٿين روئداد جو سبب هن ريت هو، جو ميان عبدالنبيءَ جي سازشن ڪري ڪابل کي ڍل ڪانه پهتي هئي. ٽالپر هن حملي وقت غيرجانبدار رهي، پنهنجن قلعن ڏانهن شهدادپور هليا ويا هئا. مير فتح خان ۽ مير باگي خان جي پٺاڻن سان وڙهڻ جي مرضي هئي، سي ٻين ميرن کان ناراض ٿي عمرڪوٽ ڏانهن هليا ويا. مدد خان سندن پٺيان عمرڪوٽ تي ڪاهي ويو. لغارين قلعي جي بچاءُ لاءِ وڙهندي سوين پٺاڻ ماري وڌا. مدد خان چالاڪي ڪري هڪڙو قربائتو خط مير فتح خان ڏانهن موڪليو، جنهن مٿس ويساهه آڻي قلعي جا در پٽيا. افغان سردارن ٻنهي ميرن کي پيرن ۾ زنجير ٻڌائي سوگهو ڪيو، مگر نبي بخش خان ڀرڳڙي، جو خاصيدارن مان هو، تنهن مير فتح خان جا زنجير لاهي، پنهنجن پيرن ۾ وڌا. مير باگو خان به ڪنهن ترتيب سان جان بچائي نڪري ويو. پوءِ پٺاڻ سنڌ کي ڦري، ويران ڪري، ڪابل ڏانهن موٽي ويا.(1)

هالاڻيءَ جي فيصلائتي جنگ:

ميان عبدالنبي خان جنهن آئينده لاءِ ايماندار ٿي رهڻ لاءِ مير عبدالله خان کي قرآن شريف تي قسم لکي ڏنو هو ۽ ٻيهر گاديءَ تي ويٺو هو، سو دل جو صاف نه هو، سندس دل ۾ اڃا به داغ هئي. حقيقت ۾ ڪلهوڙن ۾ سنڌ جي گادي نشينيءَ لاءِ انتشار پئجي چڪو هو، سندن صاحبيءَ جي برقراري جو دارومدار فقط ڪوڙن انجامن ۽ اقرارن تي منحصر هو. هڪڙي ڏينهن دستور موجب مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان ميان صاحب کي ڪچهريءَ ۾ گڏجڻ لاءِ ويا ته چوبدارن سندن هٿيار ٻاهر رکايا. جيئن ٻئي سردار اندر گهڙيا، تيئن ميان جا چوبدار جيڪي اڳ تيار هئا، تن هڪدم ٻنهي کي گرفتار ڪيو. مير صاحب مطلب سمجهي ويا. هنن قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ لاءِ اجازت گهري. اهي ڪنڌ نوائي تلاوت جي حلاوت ۾ محو هئا ته جلادن اشاري ملڻ سان سندن سِسيون ڌار ڪري ڇڏيون.

هي واقعو سنه 1783ع ۾ ٿيو، جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو چوٿون دؤر هو ۽ هن واقعي کان پوءِ سندن حڪومت جو سنڌ ۾ خاتمو ٿي ويو. مٿئين جانڪاه حادثي کان پوءِ بلوچي غيرت اهڙو جوش کاڌو جو پنهنجي ديرن کي دين ڳڙه ڏانهن روانو ڪري، سڀئي امير مير بهرام خان جي نوجوان پوٽي مير فتح علي خان جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا. بلوچي لشڪر ۾ مير فتح علي خان، مير سهراب خان، مير الهيار خان، مير ٺارو خان، مير باگو خان، اسماعيل کٽياڻ، ٻيڙو خان کوکر، سلطان، فقيرو خدمتگار، طاهر ۽ عرضي خدمتگار جنگ آزما جوڌا هئا. ميان عبدالنبي خان جي فوج جو تعداد يارهن هزار هو، جنهن مٿان ڌڱاڻو خان جتوئي سپه سالار هو. ان کان سواءِ وٽس آڍو، ٻڍو، فيروز ڪليري ۽ محمد حسن خان کهاوڙ تجربيڪار سپاهي هئا.

مٿينءَ فوج جي مقابلي ۾ ٽالپري فوج فقط ڏهين پتيءَ جيتري هئي، مگر نوجوان ميرن ۾ جوش ۽ استقلال ڪلهوڙن جي قوت کان سؤ حصا سرس هو. جنگ لڳڻ سان ڪلهوڙن جا بيشمار سپاهي مارجي ويا، جنهن تي ڌڱاڻي جتوئي ۽ محمد حسن کهاوڙ سرائي ميان عبدالنبيءَ کي صلح ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني. ٻئي پاسي هو ميرن کي منٿون ڪرڻ لڳا.(1) پهرين ته شڪست جو ٻڌي ميان تپي باهه ٿي ويو، هن ٻيو گهمرو ٽيهه هزار لشڪر سان حملو ڪيو. کيس باقر خان کهاوڙ، سلطان خان کهاوڙ، بلال ليکيءَ، غلام حسين جنجڻ، عزت خان نومڙئي، تاجو سامٽئي، روهل خان کوسي، مراد گنجي ڪليري ۽ ڌڱاڻي جتوئي تي آسرو هو. انهن کان سواءِ کوسن جو سردار برخوردار خان پڻ ديره جات کان سندن مدد لاءِ آيو هو.(2)

ٽالپري فوج ۾ نواب ولي محمد خان لغاري، قيصر خان نظاماڻي، زنگي خان مري، خيرو خان جمالي تجربيڪار سپاهي هئا. سنه 1783ع ۾ هالاڻيءَ وٽ دوبدو جنگ لڳي. سرائيءَ جا سمورا سورما مارجي ويا. سردار برخوردار خان کوسو زخمي ٿي ڀڄي ويو. ٽالپرن ميدان کٽيو. مير سهراب خان زخمي ٿي پيو. فاتح مير فتح علي خان تنهن وقت 18 ورهين جو نوجوان هو. هن نوشهري فيروز ۾ منزل ڪري، رضا ڪارن کي انعام اڪرام ڏنا. سرائيءَ جي طرف جا جيڪي به اڳواڻ اچي پيش پيا، تن سان نوعمر فاتح ڪمال عزت ۽ احترام سان گڏيو. ميان عبدالنبي هيڪر وري قسمت آزمائڻ لاءِ خان قلات وٽ دانهن کڻي ويو، اتان براهوئين جو ڪجهه لشڪر وٺي دادوءَ پهتو، ليڪن سپاهين کي پگهار نه ملڻ سبب سرائيءَ جو سمورو اسباب لٽي موٽي اهو لشڪر جبلن ڏانهن هليو ويو. تنهن کان پوءِ سرائي قنڌار ڏانهن تيمور شاه وٽ ويو. افغان بادشاه سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو ارادو ڪيو ۽ اتي افغان لشڪر رکڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو، پر مير صاحب جي هوشيار ايلچين 9 لک رپيا تيمور شاه کي ڏيئي مير جي نالي تي سند وٺي فرمان جاري ڪرايو. اهڙيءَ طرح ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو ۽ ٽالپرن جو راڄ شروع ٿيو.(1)

ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ:

ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ جو انتظام ساڳيو هو، جهڙو مغلن جي ڏينهن ۾ هو. ڪلهوڙا پاڻ ڪڙمي هئا، زرعي پيشي کان پوريءَ طرح واقف هئا. سندن صاحبيءَ جي دؤر ۾ سنڌ زرعي طور بيحد ترقي ڪئي. مسٽر ڊيل هوسٽ ڪلهوڙن جي ڏينهن وارن کوٽايل هيٺين واهَن جا نالا ڏنا آهن: پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پيڃاري، گانگرو، لکي، سيتا، بگهاڙ، داد واهه، گهاڙ، امرڪس، نور واهه سدا واهه، وِهري ۽ سنڌ واهه. واهَن جي انتظام ڪري سنڌ جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. مهراڻ جي آبڪلاڻيءَ ڪري ملڪ کي دستور موجب نقصان پهچندو هو. ان ڪري ميان غلام شاه خداآباد بدران حيدرآباد کي تختگاه جوڙايو هو. ازانسواءِ ڪلهوڙن مراد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد (هالا) وارا شهر به تعمير ڪرايا هئا. ميان غلام شاه شاهبندر جو بندر تعمير ڪرايو ۽ پراڻ کي موريءَ جو بند ڏياريو، جنهن ڪري ٿر جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو.

سنڌ جي اُپت:

ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي اپت اَسي لک رپين کي پهتي. سنه 1739ع ۾ ميان نور محمد کي 21 لک رپيا ساليانو خراج نادر شاه کي ڏيڻو پيو. وري جڏهن سنڌ، قنڌار جي ماتحت ٿي ويئي، تڏهن 1747ع ۾ سنڌ کي 14 لک روپيا قنڌار کي ڀرڻا پيا. سنه 1760ع ۾ ساليانو 11 لک رپيا ڏيڻا پيا. سنه 1775ع ۾ تيمور شاه کي 7 لک رپيا ڀريندا رهيا. سنڌ جو مغل علائقو، جنهن ۾ سکر، بکر، شڪارپور جا شهر شامل هئا، سو قنڌار سرڪار جي قبضي هيٺ رهيو. شڪارپور شهر کان سواءِ، هن حصي جي سالياني اپت 65 هزار رپيا هئي. شڪارپور جو شهر جو وچ ايشيا، قنڌار ۽ خراسان جو مارڪيٽ هو، تنهن جي سالياني آمدني 5 لک 93 هزار رپيا هئي. تيمور شاه کان پوءِ زمان شاه هن علائقي جي حفاظت لاءِ 17 سؤ سوارن جو دستو مقرر ڪيو هو. بکر، جو هن حصي جو مضبوط قلعو هو، تنهن کي نادر شاه ڊهرائي ٻيهر تعمير ڪرايو هو، قنڌار جا افغان نواب شڪارپور ۾ رهندا هئا. تيمور شاه جي ڏينهن ۾ شڪارپور جي نواب غلام صديق خان سنه 1192هه (1778ع) ۾ بکر جي قلعي جي مرمت ڪرائي هئي.

ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اڻبڻت مان فائدو وٺي، قلات جي بيگلر بيگيءَ ڪراچيءَ جي مڇي مياڻيءَ تي قبضو ڪيو. هتي ڪاٺ جا غوراب به جڙندا هئا. ڪراچي بندر جي سالياني اپت 6 لک 16 هزار رپيا هئي. عمر ڪوٽ مان سرائين کي 23 هزار رپيا ساليانو آمدني هئي. ميان غلام شاه کان پوءِ ڪلهوڙن وٽ سنڌ جو وچيون ٽڪرو وڃي رهيو هو.

ڪلهوڙن جي فوجي قوت:

ڪلهوڙن جي فوجي قوت زبردست هئي. فوج ۾ بلوچ ۽ سنڌي سپاهي هئا. منجهن ميان يار محمد، ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاه فاتح ٿي گذريا. ميان يار محمد بکر جي مغل نوابن کي شڪستون ڏيئي، سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو پايو وڌو. سيويءَ سميت ڪڇي به سندس حوالي هئي. هن بلوچن کي دعوت ڏيئي، فوجون سندن حوالي ڪيون. ڪلهوڙن حاڪمن بلوچي سردارن کي جاگيرون ڏنيون، اهي سردار جنگ وقت سرائين کي فوجي امداد ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا. رفتي رفتي سول کاتي جي عهدن تي به بلوچن قبضو ڪري ورتو. ميان نور محمد سنڌي بلوچن جي مدد سان ڌاريجن، سومرن، سمن، شورن، توڳاچين، مهرن ۽ دائودپوٽن کي شڪستون ڏيئي نادر شاه جي وڃڻ کان پوءِ سڄيءَ سنڌ تي قبضو ڪيو. ميان صاحب سني جي جنگ ۾ عبدالله خان ’شهباز ڪوهستان‘ کي شڪست ڏيئي، ڪڇيءَ تي پنهنجو نائب مقرر ڪيو، پر نادر شاه جي زور تي براهوئي خان مير محبت خان ڪڇيءَ جو علائقو، ميان کان کسي ورتو.

سنه 1646ع ۾ انگريزن مدراس واري فئڪٽري جي بچاءَ لاءِ اتي سينٽ جارج قلعو تعمير ڪرايو هو، ميان نور محمد جي مدراس جي راجا سان دوستي هئي، سندس معرفت ميان صاحب انگريزي قلعي کان پراڻيون توبون خريد ڪيون هيون. ڪي توبون پورچوگيزن، ميان صاحب کي سوکڙيءَ طور ڏنيون هيون. ميان غلام شاه غازيءَ دائودپوٽن کي شڪست ڏني، تنهن کان پوءِ ڪڇ جي راءِ کي شڪست ڏيئي، بستا ۽ لکپت جا بندر فتح ڪيا هئا. انهن فتحن جي صلي ۾ احمد شاه کيس ’شمس الدولت‘ جو خطاب ڏنو. پاڻي پٽ جي ٽينءَ جنگ کان پوءِ 1762ع ۾ احمد شاه ديره جات (پنجاب) جو علائقو به ميان غلام شاه جي سپرد ڪيو هو، جنهن مٿان ميان جا نائب حڪومت هلائيندا هئا. سندس ڏينهن ۾ ديره جات جي ناهرن شڪست کاڌي.

واپار:

ميان غلام شاه شاهبندر تعمير ڪرايو، جنهن جي وسيلي سنڌ جو واپار بمبئي، سورت ۽ بندر عباس تائين هلڻ لڳو، سنڌ جي واپار کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ميان صاحب ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ٺٽي ۾ واپار جي ڪوٺي وجهڻ جي اجازت ڏني، پڻ پنهنجن اهلڪارن کي هدايت ڪيائين ته انگريز ايجنٽن سان نرمائيءَ سان پيش اچن، کين سهوليتون ڏين، جيئن سنڌ جو واپار ترقي ڪري. انگريزن جي درآمد مال تان، ميان صاحب محصول معاف ڪيو هو، مگر روانگيءَ جي شين تي کانئن محصول ورتو ويندو هو.

سنه 1764ع ۾ 38526 رپين جو مال سمنڊ رستي بمبئي کان شاهبندر پهتو. سنڌ جو مال ٺٽي ۽ شڪارپور جا واپاري، ملتان جا صراف، حيدرآباد جا لوهاڻا ڀائيبند ۽ ميمڻ واپاري ٻاهرين ملڪن ڏانهن نيڪال ڪندا هئا. انگريز ايجنٽ ساليانو ڏه هزار مڻ ڪلمي شورو سنڌ مان خريد ڪندا هئا. شاهبندر، ساڪري، ۽ بٺوري ۾ انگريزن شوري کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪارخانا کوليا هئا. خشڪيءَ رستي قنڌار ۽ خراسان جي واپارين کي اڍائي رپيا في سيڪڙو مال تي محصول سنڌ سرڪار کي ڏيڻو پوندو هو. خراسان جا واپاري هر سال ڏهن هزارن رپين جو اوني ڪپڙو سنڌ جي شهرن مان خريد ڪندا هئا.

ميان غلام شاه جو تجارتي ايجنٽ بمبئي ۾ رهندو هو، جتان جارجيا جا ٻانها، حبشي ٻانهيون، گهڙيال، واچون ۽ اوني ڪپڙو ميان لاءِ خريد ڪندو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان معاهدي ڪرڻ کان پوءِ ميان غلام شاه هر سال 45 هزار رپين جو اوني ڪپڙو ۽ ايراني ريشمي ڪپڙو انگريزي ايجنٽ کان خريد ڪندو هو. سندس ڏينهن ۾ آسودگيءَ جو دور هو. ميان سرفراز خان ڪوٺي ٺٽي مان کڻي ڇڏي. ميان عبدالنبي خان قنڌار کي سالياني ڍل پهچائي نه سگهيو، جنهن ڪري تيمور شاه پاران مدد خان پٺاڻ سنڌ تي ڪاهي، ڦرلٽ ڪئي، جنهن ڪري سنڌ جا وسندڙ شهر ۽ ڳوٺ پٺاڻن ڦري ويران ڪري ڇڏيا ۽ سنڌ ۾ ڏڪر پئجي ويو.

ڪلهوڙن جا اهلڪار:

ڪلهوڙن جا اهلڪار ۽ درٻاري امير تجربيڪار هئا. مير اسد الله ولد مير لطف الله بن مير مخدوم هاشم اصفهاني، ميان نور محمد جو مير منشي هو. مير محمد اڪرم ساڪن لوهري ميان نور محمد پاران بکر جو ناظم هو. هن جا پٽ مير سراج الدين، مير معين الدين ۽ مير نورالدين علميت ۽ فضيلت ڪري بزرگ هئا. حڪيم عبدالرئوف، ميان نور محمد وٽ منصبدار هو. حڪيم صاحب جو پٽ شيخ ڪرم الله ميان غلام شاه جي سرڪار ۾ عهديدار هو ۽ پيءُ وانگر علم طب ۾ ماهر هو. حڪيم عبدالرئوف اڳ سيويءَ ۾ خانپور جي بختيار خان وٽ نوڪر هو، فن انشا ۾ بي نظير هو.ميان غلام شاه جي درٻار جي دفتردارن مان سيد حاجي نور محمد علم طب ۾ ماهر هو، سندس پٽ سيد حاجي عبدالڪريم به مشهور ٿي گذريو. حڪيم محمد رئوف جو ڀاءُ محمد حفيظ به ميان غلام شاه وٽ نوڪر هو. مير لطف الله عرف متارو ولد سيد عبدالڪريم، جو شاه صدر لڪياريءَ جي اولاد مان هو، پهريائين ڪلهوڙن پاران دهليءَ جي درٻار ۾ سفير ٿي ويو، پوءِ ميان نور محمد جو وزير ٿيو. سندس تاريخ وفات محمد پناهه راجا ٺٽويءَ هن ريت چئي آهي:

 

”هرڪه آمد بر سر قبرش بتاريخ وفات، رحمت ايزد بجان مير لطف الله گفت“

 

ديوان گدومل ڪلهوڙن پاران خراسان ۽ قنڌار جي درٻارين تائين سفارت جي ڪم تي مامور رهيو. ڪلهوڙن جي درٻار ۾ شعراءِ ڪرام کي قصيدن جي عيوض انعام ملندا هئا. مير علي شير قانع ٺٽوي، وقت جي شاعر ۽ ’تحفة الڪرام‘ جي صاحب، کي ڪلهوڙن جي درٻار مان وظيفو ملندو هو. ميان نور محمد وٽ شاهي ڪتبخانو هو. سندس سمورا ڪتاب نادر شاه ڦري، ايران ڏانهن کڻي ويو هو. ميان صاحب، سنڌ جي شاعرن جي سرتاج شاه ڀٽائي رحه کي مولانا روميءَ جي مثنوي جو نسخو ڏنو هو. درٻار جو ڪاروبار پارسي زبان ۾ هلندو هو.

سڪا:

ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ سنڌ اندر مغليه، گجرات، ايران، گولڪنڊه، بيجاپور، پرتگالي ۽ قنڌاري سڪا چالو هئا. مٿين سڪن مان، مغلن ۽ دکن جي اسلامي رياستن جي سڪن جو سون خالص هو ۽ مغلن جي رپين جي چاندي خالص هئي. سورت جو سون ولايت ۾ 12 کان 14 في صدي منافع تي وڪامندو هو. سنه 1774ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني گنسيٽ نالي گوئا جي هڪڙي سوناري کان پنهنجو سڪو تيار ڪرايو هو. سنڌ جا واپاري ڪمپنيءَ جا ڪلدار خوشيءَ سان وٺندا هئا.(1) غازي احمد شاه پنهنجو سڪو تيار ڪرايو هو، جنهن تي هيءَ عبارت لکيل هئي:

”حڪم شد از قادر بي چون باحمد پادشاه

سڪه زن بريسم و زراز موج ماهي تابماه“

تيمور شاه جي سڪن تي هيٺين عبارت لکيل هئي:

”چرخ مي آرد طلا و نقره از خوشيد و ماه

تا ڪند بر چهره نقش سڪه تيمور شاه.“

مشاهير ۽ علمي حالت:

ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي آغاز وقت سنڌين جون مغلن سان جنگيون لڳيون، تنهن کان پوءِ نادر شاه سنڌ تي ڪاهي آيو. سنڌ ۾ فقط ميان غلام شاه ’صمصام الدوله‘ جي ڏينهن ۾ امن امان ۽ آسودگيءَ جو دور رهيو. کانئس پوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اڻبڻت ڪري سنه 1775ع ۾ انگريزن سنڌ سان واپار بند ڪري ڇڏيو. سنه 1780ع ۾ افغانن مدد خان جي اڳواڻيءَ هيٺ سنڌ تي ڪاهي، سنڌين کي بي درديءَ سان ڦري مفلس ڪري ڇڏيو. انگريزن جي عسڪريت ۽ ٻيڙو برصغير هند تي سمنڊن سميت ڌاڪو ڄمائي بيٺو هو. مٿين انقلابن هوندي به جنت السنڌ جي خاڪ پاڪ مان بلند پايه بزرگ، شاعر ۽ اهل الله پيدا ٿيا، جن جي اجتهاد جو آواز حرمين شريفين کان وٺي هند جي علمي ادارن تائين پهتو.

اهڙيءَ طرح سنڌي شاعرن جي بذله سنجين ۽ جادو ڪلامين جي ڪري سنڌ جي ادبي محفل اهڙي رونق ورتي، جو موجوده ترقيءَ جو دور شاندار ماضيءَ جي ان زرين عهد اڳيان ڦڪو پيو لڳي. اهو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو زمانو هو، جڏهن شعراءِ ڪرام سنڌي زبان کي حيات جاويد جو جامو پهرايو. سنه 1742ع ۾ نادر شاه جي ڪاهه وقت ٺٽي جو اڳوڻو اوج مٽجي چڪو هو، تاهم هن شهر ۾ ويهه هزار ڪوري ۽ چاليهه هزار مختلف هنرن جا ڪاريگر، سٺ هزار دوڪاندار ۽ چار سؤ اسلامي علمن جا مدرسا موجود هئا.(1) انهن ادارن ڪري سنڌي زبان زنده ٿي. سنڌ ۾ لاڙ کان وٺي سري تائين وک وک تي علمائن سڳورن، صوفيا اعظام ۽ شيرين مقال شعرا ڪرام جو حلقو موجود هو. اهي بزرگ ان زماني جي پيداوار آهن، جڏهن قديم تهذيب جديد تهذيب سان ٽڪرجڻ لڳي هئي ۽ زمانو سنڌ جي سياسي زوال جي باب جا ورق ورائي رهيو هو.

1_ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (متوفي 1174هه: 1760ع) جو والد عبداللطيف بن عبدالرحمان بن محمد قاسم بن خيرالدين الحارثي بٺوري شهر ۾ رهندو هو. ٺٽي ۾ پهچڻ کان پوءِ مخدوم محمد هاشم جي علمي شهرت ۽ فضيلت جو آواز ديسان ديس پهچڻ لڳو. ميان غلام شاه سندس معتقدن ۾ شامل هو. مخدوم صاحب همت سان بدعات ۽ بد رسمن جو خاتمو ڪيو. ميان غلام شاه کيس قاضي القضات جو عهدو ڏنو. سنه 1135ع ۾ مخدوم صاحب حج بيت الله جي ارادي سان مڪي معظمه ۽ مديني منوره ڏانهن ويو، جت مختلف علمائن، جيئن ته شيخ عبدالقادر صديقي مالڪي، شيخ عبدين علي المصري، شيخ ابوطاهر مدني، وغيره کان حديث ۽ ٻين علمن جون سندون ۽ اجازتون وٺي، واپسيءَ وقت سورت بندر تي سيد محمد سعدالله سورتيءَ کان بيعت وٺي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سنه 1137هه ۾ ٺٽي اچي وارد ٿيو. مخدوم صاحب اٽڪل ڏيڍ سؤ ڪتاب عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تاليف ڪري، سنڌ وارن تي هڪ ناقابل فراموش احسان فرمايو. انهن ڪتابن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1_ تفسير عم و تبارڪ (سنڌي)، 2_ تفسير سوره تبارڪ، 3_ مظهر الانوار في الصيام، 4_ حيات القادري بلطراف البخاري، 5_ فرائض اسلام فتح الڪلام، 6_ حيات القلوب، 7_ وصيت نامه 8_ الطريقه الاحمدية، 9_ تمام الغاية، 10_ السيف الجلي عن ساب النبي، وغيره وغيره. مخدوم صاحب جو مقبرو مڪليءَ تي آهي.

2_ علامه محمد معين بن محمد امين، دل قوم جي قديم ٺٽي وارن ملن جي خاندان مان هو. شاه عبداللطيف جو همعصر ۽ دوست هو. هجري 12 صديءَ جو محدث، صوفي ۽ شاعر ٿي گذريو. ٺٽي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ ولي الهند شاه ولي الله دهلويءَ جو وڃي شاگرد ٿيو. شيخ محي الدين ابن العربيءَ جو معتقد هو. نقشبندي طريقي ۾ شيخ ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد هو. سرود ۽ سماع جو شيدائي هو. عربي زبان ۾ جيڪا ڪماليت علامه کي حاصل هئي، سا سندس ٻين معاصرين ۾ گهٽ نظر اچي ٿي. پارسيءَ ۾ سندس تخلص ’تسليم‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’بيرنگي‘ آهي. سيد علي شير قانع ’مقالات الشعرا‘ ۾ سندس بيان بيحد عقيدتمنديءَ سان ڏنو آهي. سندس تصنيفات مان ڪن جا نالا هي آهن:

1_ دراسات اللبيب، جنهن جو جواب مخدوم عبداللطيف ٺٽوي لکيو، 2_ الحجة، جنهن جو رد مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ لکيو، 3_ نورالعين (امام حسين جي ماتم جي جواز ۾)، جنهن جو رد شيخ محمد حيات لکيو، 4_ رفع الشڪال، 5_ ايقاط الوسنان، 6_ وحدة الوجود الموجود، 7_ رساله اعتدالات الاربع، 8_ حاشيه زبده المنطق، 9_ الابداح، 10_ الحق الصريح، 11_ رفع العين وغيره.

3_ شيخ محمد حيات السندي مدني رحه (متوفي 1263هه: 1751ع) (جو پنهنجي وقت جو مجدد تسليم ڪيو ويو آهي) ولد ملا ڦلاريو، عادلپور گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ اڳتي هلي عرب ۽ عجم جي استاد هئڻ جي عزت حاصل ڪيائين. طلب علم لاءِ حرمين شريفين هليو ويو. شيخ ابوالحسن محمد بن محمد صادق ڪبير کان علوم حاصل ڪيائين ۽ هن جي وفات کان پوءِ مسجد نبويءَ ۾ درس حديث ۽ وعظ جي مسند جو مالڪ ٿيو. سندس خدمت ۾ شام، مصر، هندستان ۽ مراڪش جي سون علمائن حديث جي علم جي تحصيل ڪئي. علامه محمد معين وانگر سندس شاگردن جي فهرست طويل آهي. تاريخن ۾ هيٺيان نالا اچن ٿا:

شيخ احمد بن عبدالرحمان شامي، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ عبدالقادر خليل ڪدڪ، سيد عبدالقادر بن احمد، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر الله آبادي، شيخ ابوالحسن صغير، شيخ غلام حسين ٺٽوي مدني، مولانا خيرالدين محمد زاهد سورتي وغيره. منجهانئن سيد غلام علي آزاد بلگرامي مؤرخ ٿي گذريو، سندس تاريخن ’سبحقه المرجان في آثار هندستان‘ ۽ ’خزانة عامره‘ (جو 1871ع ۾ لکنؤ مان ڇپيو) تان چوٽيءَ جا مؤرخ روشني وٺن ٿا.(1) مولانا خيرالدين سورتيءَ جو ڪتاب تصوف ۽ سلوڪ متعلق ’شواهد التجديد‘ مشهور آهن. مولانا سورتيءَ 1206هه ۾ وفات ڪئي.(2) شيخ محمد حيات جي تصنيفات مان ڪن ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1_ تحفة الانام في العمل حديث النبي علية الصلواة وسلم، 2_ الا يغاف علي سبب الاختلاف، 3_ شرح اربعين نو وي، 4_ رساله رد بدعت تعزيه (ان ۾ علامه معين تي رد ڪيل آهي)، 5_ شرح ترغيب ترهيب منذري، 6_ النهي عن عشق المردان و النسوان (عشق مزاجيءَ تي رد): ان رسالي جو گهڻو حصو نواب سيد صديق حسن خان ڪتاب ’هداية السائل‘ ۾ نقل ڪيو آهي. شيخ رحه جا ڪي رسالا جناب پير صاحب جهنڊي واري جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن ۽ بلڪل ناياب آهن. شيخ صاحب مدينه منوره جي قبرستان جنت البقيع ۾ مدفن آهي.(1)

4_ شاهه عبداللطيف سيد حبيب الله جو پٽ، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو، سيد جمال شاهه جو پڙپوٽو هو. سيد جمال شاه، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ٽيون فرزند هو.(2) شاه صاحب جا وڏا متعلوي سيد سڏجن ٿا. شاه، سنڌ جو سدا جيئرو شاعر ۽ عارف ڪامل ٿي گذريو آهي. هن جي ولادت ڳوٺ کٽياڻ تعلقي هالا ۾ ٿي. سندس وڏا امير تيمور گورگانيءَ سان سياحت جي سانگي هرات کان سنڌ ۾ وارد ٿيا هئا. شاه عبداللطيف جو ننڍي هوندي کان عرفان ۽ تصوف ڏانهن لاڙو هو، ڇو ته سندس والد سيد حبيب هميشه استغراق جي حالت ۾ رهندو هو ۽ اهڙي ڪامل پيءُ جو پٽ تي وڏو اثر ٿيو، جنهن ڪري هو دنيا کي ترڪ ڪري، ’تارڪ‘ جي نالي سان پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿيو. هو اگرچه هڪ وڏو صوفي هو، پر سموريءَ زندگي ۾ ڪڏهن به نماز ترڪ نه ڪيائين، نه وري روزا ڇڏيائين. وقت جي حاڪمن مان ميان نور محمد ڪلهوڙو سندس نهايت معتقد هو. هن شاه صاحب کي مثنوي روميءَ جو نسخو به ڏنو هو.

علامه محمد معين ٺٽويءَ سان سندس گهاٽي دوستي هئي. چيو وڃي ٿو ته شاه صاحب ’اُمي‘ هو، پر سندس سينو الهامي ڏات سان ڀريل هو، جو فارسي، عربي سمجهي سگهندو هو. پنهنجي رسالي ۾ مولانا رومي رحه جي ڪن شعرن جو ترجمو ۽ قرآن شريف جون آيتون مناسب هنڌن تي ڪم آنديون اٿس. شاه صاحب 14 صفر 1165هه (1752ع) ۾ وفات ڪري ويو. سنه 1167هه (1754ع) ۾ ميان غلام شاه خان ڪلهوڙي عيدن رازي کان شاه جي ڀٽ تي سندس مقبري مٿان عاليشان گنبذ اڏايو.

شاه جو رسالو جهوني سنڌي ٻوليءَ جي خزاني سان لبريز آهي ۽ سنڌي ادب جو قابل فخر شاهڪار آهي، جنهن کي الهامي حيثيت حاصل آهي ۽ جنهن جهڙو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا پيدا ٿي نه سگهيو آهي.(1) فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ معانيءَ جي جن قانونن کي دنيا ڪلام جو حسن ۽ بيان جو زيب مقرر ڪيو آهي، سي شاه جي ڪلام ۾ موجود آهن. شاه جو رسالو سڀ کان اڳ سنه 1866ع ۾ علم السان جي ماهر ۽ سنڌي زبان جي گرامر جي ٺاهيندڙ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمنيءَ جي شهر لپسيا مان شايع ڪرايو هو. سنه 1867ع ۾ قاضي ابراهيم جو سنگي ڇاپو بمبئي مان پڌرو ٿيو. سنه 1900ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي پاران هاڻوڪي سنڌي خط ۾ رسالو ڇپيو. سنه 1913ع ۾ سنڌ جي اديب شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، تڪليف وٺي پنهنجو ڇاپو پڌرو ڪيو. تنهن کان پوءِ وقت بوقت شاه جا رسالا شايع ٿيندا رهيا.

رسالي جا ڀٽ ۽ بلڙيءَ وارا قلمي نسخا قديم آهن. شاه جي رسالي مان ڌاريا بيت ڪڍڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو سهرو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جي مٿي تي آهي. هن صاحب پنهنجي فاضل شاگرد علامه دائودپوٽي جي مدد سان شاه جي رسالي جا ٽي ضخيم جلد معنيٰ سان تصنيف ڪري، پير سيد غلام حيدر شاه سجاده نشين درگاه ڪريميءَ جي ڪوشش سان ۽ مرحوم مير عبدالحسين ٽالپر جي جهوني قلمي نسخي سان بيتن جي ڀيٽ ڪري، سنه 1924ع ڌاري سنڌ جي ڪمشنر جي پريس مان شايع ڪرايا. سنڌ جي مسلمانن پاران سندس شڪرگذاري قاضي اسدالله شاه روزانه اخبار ’الوحيد‘ ڪراچي معرفت ڪئي. شاه جي رسالن جي جلدن مان شاه ڀٽائي رحه پنهنجي نوراني جمال ۽ جلال سان نظر اچي ٿو.

5_ درويش صابر ولهاري شاه عنايت الله جو همعصر هو، صائم الدهر ۽ قائم اليل ٿي گذريو، هميشه مخلوق خدا کي درس قرآن ڏيڻ ۾ رڌل رهندو هو.

6_ شيخ عيسيٰ السندي شيخ محمد غوث گوالياريءَ جي خليفي شيخ محمد جو مريد هو. شيخ بران شطاري برهانپوري شيخ عيسيٰ جو خليفو ۽ مريد هو.

7_ درويش گل شاه قلندر اورنگا بندر ۾ صاحب ڪمال بزرگ ٿي گذريو.

8_ مخدوم جلال محمد، مخدوم معين ٺٽويءَ جو همعصر هو، علم نجوم ۾ بقراط ثاني ۽ علم طب ۾ پنهنجي وقت جو بو علي سينا ثاني ٿي گذريو.

9_ مخدوم عبدالجميل لاهري بندر واري کي ابوالفتح، محمد شريف ۽ محمد شفيع ٽي پٽ هئا. منجهانئن ابوالفتح شهزادي اورنگزيب جي ملتان واريءَ نائبيءَ جي زماني ۾ پهريان وٽس منشي ٿي بيٺو، پوءِ علمي جوهر ۽ فن انشا ۾ ڪماليت هئڻ ڪري، عالمگيري دور ۾ ’قابل خان‘ جي لقب سان ’مير منشي ڪل ممالڪ هند‘ جي رتبي کي پهتو. محمد شريف جامع علوم هو، عالمگير ڪمال پيار منجهان کيس ’فرزند‘ جو لقب ڏنو هو.

10_ ابوالفتح ولد مخدوم فضل الله، عهد عالمگيريءَ ۾ سورت بندر مٿان قاضي مقرر ٿيو.

11_ شيخ عبدالباسط، جو مخدوم علي محمد قمريءَ جي اولاد مان هو، وقت جو عالم ٿي گذريو. سندس فرزند شيخ محمد اشرف ميان محمد سرفراز خان جي درٻار جو مير منشي هو.

12_ شيخ محمد محفوظ ولد شيخ مريد سيوستاني، ميان غلام شاه جي درٻار جو وڪيل هو ۽ شاعر به هو، سندس تخلص ’سرخوش‘ هو. سندس پٽ شيخ قمرالدين، جو پڻ وڪالت تي مامور هو، تنهن جو تخلص ’عشرت‘ هو.

13_ جيئن اردو نثر ۾ سڀ کان پهريان حضرت شاه عبدالقادر دهلويءَ قرآن پاڪ جو ترجمو ڪيو، تيئن سنڌي زبان ۾ پهريائين مٽيارين جي هڪ بزرگ مخدوم ضياءَ الله (متوفي 1227هه) قرآن پاڪ جو سنڌي ترجمو تيار ڪيو، جو ڪيترائي ڀيرا بمبئيءَ مان شايع ٿي، سنڌ وارن لاءِ بيحد برڪت ۽ خير جو باعث بڻيو.

14_ حاجي فقير الله علوي بن عبدالرحمان حنفي جلال آبادي (المتوفي 1195هه) جي نسب جو سلسلو امام محمد بن حنيفي سان ملي ٿو. سنه 1150هه ۾ پنهنجي وطن مان هجرت ڪري، شڪارپور ۾ اچي رهيو، جو انهن ڏينهن ۾ دراني حڪومت جي ماتحت هو. هزارين ماڻهن سندس ظاهري ۽ باطني علمن مان فائدو پرايو. ميان سرفراز خان ڪلهوڙو، مير محمد نصير خان واليءِ قلات، غازي احمد شاه ابدالي ۽ تيمور شاه سندس مخلصن جي حلقي ۾ شامل هئا. کيس ڪتابن گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هو. سندس ڪتبخاني ۾ عرب ۽ عجم جا ناياب نسخا گڏ ٿيا هئا. هن گهڻائي ڀيرا حج ڪيو هو. عربي ۽ پارسيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. اگرچه هو وڏو صوفي هو ۽ شيخ محي الدين ابن العربيءَ جو معتقد هو ۽ علامه محمد معين ٺٽوي ’همه اوست‘ جي نعري کي بلند ڪرڻ وارو به سندس مخلص دوست هو. پر ان هوندي به جڏهن جهوڪ جي صوفي درويش عنايت الله ’همه اوست‘ جو آواز بلند ڪيو. تڏهن سڀ کان پهريائين حاجي فقير الله علوي هو، جنهن وقت جي حاڪم جو صوفي سرمست جي ’بي دينيءَ‘ ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو، حاجي صاحب جي تصنيفات مان ڪن ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1_ قطب الارشاد، 2_ طريق الارشاد، 3_ جواهر الاوراد، 4_ تڪميل المؤمنين ولاولاد، 5_ فتوحات غيبيه شرح عقاعد صوفيا، 6_ فتح الجميل في مدارج التڪميل، 7_ فتوحات الاهي، 8_ براهين النجات من صائب الدنيا والعصرات، 9_ منتخب الاصول، 10_ وثيقة الاڪابر ۽ 11_ قصيده مبروره، 12_ مڪتوبات سيد محمد وفا لڪوي (جو سندس شاگرد هو).(1)

15_ مير علي شير قانع ولد مير عزت الله ٺٽوي (المتوفي 1203هه) شڪر الاهي سادات مان هو.(2) ابتدائي تعليم کان پوءِ علامه معين الدين، مخدوم رحمت الله ٺٽوي ۽ وقت جي استاد مير حيدر ابو تراب وٽان تعليم حاصل ڪري، سنڌ تي پنهنجي تعليم جو سڪو ڄمايائين. شاعريءَ لاءِ سندس طبيعت موزون هئي ۽ ’مظهري‘ تخلص هو. شاعرانه صفات جو نه فقط ماهر هو، موجد به هو. سندس قابليت جو آواز سرائين جي درٻار ۾ پهتو، جن کيس گهرائي پنهنجو مقرب بڻايو. ميان نور محمد ۽ سندس پٽ مرادياب خان ۽ ان کان پوءِ ميان غلام شاه خان جو علمي مصاحب ٿي رهيو. ميان محمد مرادياب خان جي تخت نشينيءَ جي موقعي تي 21 اشعار نعتيه لکيا اٿس. اهو قصيدو سندس ڪتاب ’الشعرا‘ ۾ لکيل آهي. مير قانع ٺٽوي کان اڳ اهڙو قصيدو غازي اورنگزيب جي تخت نشينيءَ وقت سيد باقر گيلانيءَ لکيو هو. مير قانع ٺٽويءَ کي تاريخي علم ۾ الهامي دسترس هئي. سندس سنڌ وارن تي وڏو احسان تاريخ ’تحفة الڪرام‘ آهي، جا ٽن جلدن ۾ آهي، جن مان پويون جلد تاريخ سنڌ متعلق راءِ گهراڻي کان وٺي ميان غلام شاه جي وفات تائين آهي، تنهن کان پوءِ سنڌ جي اوليائن، صوفين، ويندي مجذوبن تائين ان ۾ ذڪر ڏنل آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن اڄ سنڌ وارن جي هٿن ۾ اها مختصر تاريخ نه هجي ها ته وٽن ڪجهه به نه هجي ها. انهيءَ تاريخ جي روشنيءَ ۾ اسين قديم سنڌ کي ڏسي سگهون ٿا. سندس تصنيفات مان چند نسخن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1_ زينت الاخلاق، 2_ نسخه غوثيه، 3_ مڪلي نامه، 4_ مثنوي ختم الملوڪ، 5_ قصاب نامه، 6_ زبده المقامات، 7_ زين الافڪار، 8_ تهذيب الطباع، 9_ مختار نامه، 10_ معيار سالڪان طريقت، 11_ قصه ڪامروپ، 12_ چهار منزله، 13_ مثنوي ڪرشمه قدرت، 14_ حديقة الاوليا، 15_ مثنوي قضا و قدرت، 16_ رساله در صناع و بدائع، 17_ روضة الانبيا، 18_ بوستان بهار، 19_ لب لباب تاريخ ڪلهوڙه، 20_ رساله شرح معما، 21_ ديوان قانع ۽ 22_ مقالات الشعرا وغيره. مٿين ڪتابن مان ڪي نظم ۽ ڪي نثر ۾ آهن.

16_ محمد محسن ٺٽوي ولد نور محمد صباغ (المتوفي 1363هه) سنڌ ۾ پارسيءَ جو باڪمال شاعر ٿي گذريو. مير مقبل اصفهاني، جو ڪجهه وقت ٺٽي ۾ اچي رهيو هو، ان کان ڪلام جي اصلاح ڪرائي، پوءِ اڳتي هلي پاڻ استاديءَ جي درجي کي پهتو. سنڌ کان ٻاهر سندس شعر دهليءَ ۽ دکن تائين پهتو. سندس همعصر شاعر ۽ غير شاعر هن جي ڪلام کي شوق ۽ آرزوءَ سان نقل ڪندا هئا. ڪجهه وقت ٺٽي جي حاڪم مير لطف علي خان جي صحبت ۾ رهيو. آخر عمر ۾ ميان نور محمد خان وٽان سندس 15 روپيا ماهوار پگهار مقرر ٿيو. سندس تصنيفات مان ڪن ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1_ عقد دوازده گوهر، 2_ طراز دانش، 3_ ديوان قصائد، 4_ اعلام ماتم يا حمله حسيني ۽ 5_ محڪ محسن وغيره. ’محڪ محسن‘ کان سواءِ سندس ٻيا سمورا ڪتاب ناپيد ٿي ويا آهن. سندس نظم ۽ شعر جا نمونا ’مقالات الشعرا‘ ۾ ڏنل آهن.

17_ حضرت محمد عابد سيوستاني انصاري (المتوفي 1258هه) مدينه طيبه جي فقيهن ۽ محدثن مان بزرگ ۽ استاد الوقت ٿي گذريو. مخدوم صاحب مخدوم عبدالواحد جي شاگردن مان هو. مخدوم محمد انس راهوجو، مخدوم عبدالرحيم سيوستاني، قاضي محمد باقر ڀٽي، مخدوم عبدالحليم بن يوسف سيوستاني، مخدوم حامد بن ڪمال الدين بن صلاح الدين بوبڪائي، قاضي اسماعيل ولد قاضي نصيرالدين متعلوي، اهي سڀئي بزرگ هڪ ٻئي جا معاصر هئا ۽ گهڻو ڪري سيوهڻ ۾ گڏ رهندا هئا.

18_ مخدوم عبدالواحد جون گهڻيون تصنيفات آهن. مثلا: 1_ ديوان واحدي ۽ 2_ انشاءَ واحدي وغيره. سندس ديوان هينئر ناياب آهي، باقي ’انشاءَ واحدي‘ جو پارسي علم ۽ ادب جو هڪ بي نظير ڪتاب آهي، اڃا موجود آهي. پاٽ ۽ سيوهڻ جا مخدوم سندس ڀاءُ ميان محمد حسن جو اولاد آهن. سندس تخلص ’واحدي‘ هو، سندس مريد به گهڻائي هئا. سنه 1224هه ۾ وفات ڪيائين. قاضي محمد شڪارپوري سندس همعصر علمائن مان هو، جنهن جا ساڻس علمي مباحثا رهندا هئا. سندس شاگرد رشيد محمد افضل سندس فتوائن کي ’بياض واحدي‘ جي نالي سان گڏ ڪيو.

19_ مخدوم خواجه محمد زمان ولد حاجي عبداللطيف نقشبندي 21 رمضان 1125هه (1713ع) ۾ تولد ٿيو. شروع ۾ پنهنجي والد وٽان قرآن شريف پڙهي، باقي ڪتاب ٺٽي ۾ مخدوم محمد صديق وٽ اچي ختم ڪيائين. ٺٽي جي رهڻ وارن ڏينهن ۾ پهريان مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي معتقدن ۾ شامل ٿيو ۽ ان کان پوءِ مخدوم محمد ٺٽويءَ جي خانقاه ۾ رهي، تصوف ۾ ڪماليت حاصل ڪيائين ۽ ان وٽ ئي خلافت جو خرقو ڍڪيائين. پوءِ ستت ئي مخدوم محمد صاحب عيال سميت هجرت ڪري مڪه معظمه ڏانهن هليو ويو ۽ خواجه محمد زمان صاحب کي پنهنجي گاديءَ تي ويهاري ويو، جتي گهڻائي ماڻهو فيض حاصل ڪرڻ لڳا. آخر ڪجهه وقت کان پوءِ ٺٽو ڇڏي لواريءَ ۾ وڃي رهيو. سندس خليفن مان 4 ماڻهو مشهور ٿي گذريا آهن: ميان عبدالرحيم گرهوڙي، حاجي طالب اگهمي، حاجي محمد صالح ڳهراڻي، حافظ هدايت الله، مخدوم صاحب 4 ذوالقعد سنه 1188هه ۾ رحلت فرمائي، پنهنجي مراقبي واري حجري ۾ دفن ٿيو. فقير گرهوڙي هڪ وڏو عالم هو.

20_ فقير عنايت الله رضوي نصرپوري، شاه ڀٽائي رحه جو همعصر ۽ بلند پايه شاعر هو، مگر شاه جهڙي شمس اڳيان هو قمر ٿي دنيا اڳيان ظاهر ٿيو. اصل روهڙيءَ جي رضوي سيدن مان هو. سندس اولاد ’شاه پوٽا‘ سڏبا آهن.

فقير عنايت الله، شاه ڀٽائي رحه جو مريد، ميان پير محمد چوڍي جو پٽ هو. پنهنجو نالو شعر ۾ عنايت الله ڄاڻايو اٿس. سندس ڪلام عبدالله خان ولد حيات خان قنڌاريءَ سنه 1893ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

21_ ڪنڊڙي شريف وارن صوفين جو سرچشمو روحل فقير ننڍپڻ ۾ ڪلهوڙن جي ملازمت ۾ گهڙيو، مگر پوءِ جلدئي دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي وڃي ميرانپور جهوڪ شريف ۾ رهيو. آخر مرشد وٽ مقبول ٿيو. وري مرشد جي هن ارشاد تي رخصت ورتائين ته ’ابا تنهنجي رهڻ جي جاءِ اها مقرر ڪريون ٿا، جتي تو کي خود بخود روڪ ٿئي!“ آخر ٿيو ته به ائين: هڪ هنڌ ڪنڊڙيءَ جي ڪنڊن ۾ پهراڻ اٽڪي پيس ۽ اتي ئي رهي پيو، پوءِ ته هن وٿاڻ تي ماڻهن جا ميلا لڳا، تان جو ڪنڊڙي شريف خاص و عام جو زيارتگاه ٿي پيو. پاڻ هڪ هنڌ فرمائي ٿو:

”ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺوسين، رانجهو رمزن وارو يار!“

22_ مير جان الله (جان شاهه) رضوي تخلص ’مير‘، شاه عنايت الله صوفيءَ جو معتقد مريد هو. جڏهن ميان يار محمد ڪلهوڙي، جهوڪ جي فقيرن تي حملو ڪيو، تڏهن مريد باصفا صوفيءَ پنهنجي مرشد کان کليل مقابلي جي اجازت گهري، مگر شاه صاحب منع ڪيس. مرشد جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ مير جان الله روهڙيءَ ۾ رهيو، جتي پوءِ وفات ڪيائين. پارسيءَ ۾ سندس ’ديوان مير‘ مشهور آهي، جو هيٺين سٽن سان شروع ٿئي ٿو:

”الهي جوش طوفان بخش چشم اشڪبارم را،

سحاب دجله افشان ڪن رگ ابر بهارم را.“


 


(1) بهاولپور وڃڻ کان اڳ، ماه رمضان ۾ روهڙي جي ڀرسان امرڪس واهه جي ڪپ تي جنگ لڳي، جنهن ۾ عطر خان، احمد يار ۽ مقصودي شڪست کائي، قلات جي خان محمد نصير خان وٽ وڃي پناهه ورتي. وري جڏهن ميان غلام شاه شاهبندر تعمير ڪرائڻ ۾ رڌل هو، تڏهن عطر خان قلات جو لشڪر وٺي عطائي خان جي اڳواڻيءَ هيٺ حاجڪان پهتو. هت ڀائرن پاڻ ۾ صلح ڪئي. غلام شاه نصرپور کان اُٻاوڙي تائين ملڪ عطر خان کي ڏنو، پر پوءِ وري پاڻ ۾ اڻبڻت پئجي وين. تحفة الڪرام: جلد _3، ص _ 113 _ 115.

Tod: The Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, P. 304.

(1) سنه 1808ع ۾، ڪپتان گرنڊلي سندريءَ جي قلعي جو معائنو ڪري ان جو نقشو تيار ڪيو هو. قلعي جي عمارت چوڪنڊي هئي ۽ هڪڙي ڪنڊ تي منارو جڙيل هو. اليگزينڊر برنس پنهنجي سفرنامي ۾ قلعي جو ذڪر ڏنو آهي. سنه 1819ع ۾ پراڻ وارو موريءَ جو ڏنل بند زلزلي جي ڪري ڊهي پيو.

E. H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sind, P. 5.

(1) ڪلمتين ۽ بلفتن جي جنگ بلوچن ۾ مشهور آهي. هڪڙي ڳوه کي ڪن بلفت ڇوڪرن ماريو هو، ڳوه هڪڙي ڪلمتيءَ جي جهوپڙيءَ ۾ پناه ورتي، مگر بلفت ڇوڪرن ڪلمتيءَ جي گهر ۾ گهڙي ڳوه کي ماري وڌو، جنهن ڪري ڌرين ۾ جنگ لڳي هئي. ڏسو شعر البلوچستان: ايم _ ايل_ ڊيمس، جنگ ڪلمتي ۽ بلفت.

(1) سيرت المتاخرين: سيد غلام حسين. هن ڪتاب ۾ سنه 1707ع کان 1782ع تائين ذڪر ڏنل آهي.

J. Sarkar: Fal of the Moghal Empire, Vol. II, PP. 285-91.

وقائع راجسٿان: مولوي نجم الغني، جلد _ 2، زڪر ڀرتپور.

نوٽ: احمد شاه ابداليءَ سان شريڪ ٿي بلوچن سکن خلاف ڇهه جنگيون ڪيون هيون. سکن سان بلوچن جي جنگ جو بيان قاضي نور محمد گنج آبوي جي ڪتاب ’جنگنامه‘ ۾ ڏنل آهي. ’جنگنامه‘ پارسيءَ ۾ نظم ڪيل 226 صفحن ۾ آهي، ان جو اصلي نسخو قلات جي شاهي ڪتبخاني ۾ رکيل آهي، جتان هڪڙي سک مؤرخ ڪرم سنگهه سنه 1906ع ۾ خالصا ڪاليج امرتسر لاءِ نقل ڪيو هو. قاضي نور محمد مير نصير خان سان مٿينءَ جنگين ۾ همرڪاب هو.

(1)  Cousins, H. Antiquities of Sind, P. 123

نوٽ: 19 صديءَ تائين اورنگا آباد ۽ شاهبندر سنڌ جي ٻن بندرن، لاهري بندر کان پوءِ واپار ۾ ترقي ڪئي. لاهري بندر معرفت ٺٽي جو واپار هلندو هو. مٿين بندرن کان سواءِ وکر سمنڊ کان مٿڀرو جتي حجامڙو ڦٽي شاخون ٿئي ٿو، سلامتيءَ جي هنڌ تي واقع هو. پهرين افغان ويڙهه وقت سرجان ڪين وکر تي فوجون لاهي، بمبئي جو لشڪر وٺي ڪابل ڏانهن روانو ٿيو هو.

J. Wood: A Journey of the Source of the River Oxus, Chp. IV, London, 1872.

(1) P. N. Khera: British Forward Policy Towards Sind. Lahore.

(2) ميان غلام شاه ٺٽي ۽ شاهبندر تي پنهنجا تجربيڪار نائب مقرر ڪيا هئا. سنه 1770ع تائين، فقير حبيب نائچ ٺٽي مٿان نائب هو. فقير مراد نظاماڻي، ميان سرفراز خان جي ڏينهن تائين ٺٽي مٿان نائب رهيو. ڪلهوڙن حاڪمن ڪن ارغونن کي به وڏا عهدا ڏنا هئا، مگر سنڌين سان سندن هلت سٺي نه هئي، تنهن ڪري کين عهدن تان هٽائي سنڌين کي عهدا ڏنا ويا. ميان غلام شاه جي ڏينهن ۾ محمد قائم ڪوڪلتاش ٺٽي جو ناظم هو، پر پوءِ عهدي تان هٽايو ويو.

(1) ميان عطر خان قيد ۾ هو. ميان محمد مرادياب خان، ميان غلام شاه جي مرڻ کان پوءِ قنڌار مان حڪومت جي سَند هٿ ڪئي هئي، مگر جنهن صورت ۾ بلوچ ميان سرفراز خان جا طرفدار هئا، ان حالت ۾ ميان محمد مرادياب دعويٰ تان هٿ کنيو.

(2) احمد شاه جو مقبرو قنڌار شهر جي وچ ۾ هڪڙي باغ ۾ آهي. گنبذ جي بلندي سٺ فٽ ۽ گولائي ٽيهه فٽ آهي. ان جي ڪنارن تي منارا آهن. عمارت تي نوي هزار رپيا خرچ لڳو هو.

(3) احمد شاه سان مير محمد نصير خان عهدنامو ڪيو هو، جنهن موجب جنگين جي وقت بلوچي لشڪر جو خرچ احمد شاه ڀريندو هو ۽ هن معاهدي موجب احمد شاه قلات جي خان کي ’بيگلر بيگي‘ جو خطاب ڏنو هو، جو اڃا تائين پشت بپشت هلندو اچي ٿو.

(4) احمد شاه پنهنجي پٽ تيمور شاه کي سنه 1757ع ۾ پنجاب، ديره جات ۽ سنڌ مٿان نائب مقرر ڪري، جهان کي سندس سپه سالار مقرر ڪيو هو. هو پيءُ جي مرڻ وقت ملتان ۽ هرات مٿان نائب هو.

(1)  M. Elphinston: An account of the Kingdom of Kabul & its dependencies in Persia, Tartary & in India, P. 558, London, 1815.

Selection from Pre-Mutiny Records of Comissioners in Sind, P. 208.

(2) J. Wood: A Journey to the Sourees of River Oxis, Chp. IV.

(3) Selection from the Records of Bombay Govt. Series, No. XVII, Bombay 1855.

(1) شاهنامو سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار: مير حسن علي خان ٽالپر، ص_ 6_10، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1938ع.

نوٽ: ڪرنل جيمس ٽاڊ پنهنجي ’تاريخ راجسٿان‘ جلد_2، لکي ٿو ته ميان سرفراز خان ٽالپرن کان سڱ گهريو هو، ان ڪري ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ عداوت پئجي ويئي. ڪرنل صاحب جو اهو بيان صحيح نه آهي. کيس بلوچيت ۽ بلوچي قبيلن جي رسمن ۽ رواجن جي پڪي خبر ڪانهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ شاهد  آهي ته ٽالپرن رندن، مرين، ڀرڳڙين، نظاماڻين ۽ قلات جي احمد زئي براهوئن مان شاديون ڪيون. ڪلهوڙا ٽالپرن جا مرشد هئا، مگر بلوچن جي نظر ۾ جدغال هئا. فقط لغارين ٽالپرن کي سڱ ڪين ڏنا هئا؛ اتفاق سان هڪڙي لغاريءَ مير شير محمد خان خاناڻيءَ کي سڱ ڏنو هو، جنهن تي لغارين ۾ فساد پئجي ويا، لغارين ڇوڪريءَ کي ماري پوءِ دم پٽيو هو. ٽالپر غير قومن مان شاديون ڪندا هئا، پر سواءِ پنهنجي قبيلي جي پاڻ ڪنهن به ڌارئي کي سڱ ڪونه ڏيندا هئا.

R. Hughes-Buller: Makran, The Rinds.

(1) نوٽ: مسقط جي امام جي بلوچن سان مائٽي هئي. امير ابو سعيد خان بليدي، جنهن عيسوي 16 صديءَ ۾ مڪران ۾ بليدين جي حڪومت جو پايو وڌو هو، سو مسقط کان آيو هو. ازانسواءِ مسقط جو هڪڙو شهزادو مير محمد نصير خان وٽ قلات آيو هو. بيگلر بيگيءَ هن کي گوادر جو بندر جاگير ڏنو هو، جو اڃا تائين مسقط جي ماتحت آهي. مسقط ۽ متره ۾ هاڻي عربن جي مقابلي ۾ بلوچن جو تعداد وڌيڪ آهي.

R. Hughes- Buller: Makran, History, "The Buledi Maliks".

A. W. Hughes: Baluchistan, Chp. History of Kalat State.

(1) ’شاهنامه‘، ذڪر لنياريءَ جي جنگ.

(1) مرزا قليچ بيگ، مير بجر خان جي شهادت متعلق لکي ٿو ته، مير صاحب ميان عبدالنبيءَ جي سازش ڪري قتل ٿيو، ميان عبدالنبيءَ خان جوڌپور جي راجا کي خون جي بدلي ۾ عمرڪوٽ ڏيڻو ڪيو هو.

Kalichbeg Faredunbeg: History of Sindh, Vol. II, PP. 180, Karachi, 1901

مير شهامت علي جو بيان آهي ته مير بجر خان، ميان عبدالنبيءَ جي والده هٿان مارجي ويو، جنهن لنياريءَ جي جنگ ۾ پنهنجي پٽ ميان غلام نبيءَ جي مرڻ جو ٻڌي، جوڌپور جي راجا کي دانهن ڏني هئي، جنهن ٻه راجپوت لالچ ڏياري روانا ڪيا هئا.

Shahamatali: History of Bahawalpur, PP. 65-66

جيمس ٽاڊ لکي ٿو ته، مير بجر خان، مارواڙ جي راجا بجيسنگهه کان سڱ گهريو هو، جنهن تي راجا ڪاوڙجي ٻه راجپوت موڪليا هئا.

J. Tod: The Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II, P. 1289.

(1) تاريخ خيرپور: شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، 1924ع، وقائع راجسٿان: جلد_2، ص_ 48_50.

(1) شاهنامه سنڌ: ذڪر چالڪ جي جنگ.

(2) ڪراچي اڳ ’ڪلاچي ڪن‘ سڏبو هو. مورڙئي مهاڻي جي افساني ۾ سندس آکاڻي ڏنل آهي. سنه 1729ع ۾ حب نديءَ جي اولهندي ڪپ کان ڪي واپاري لڏي اچي ڪراچي ۾ ويٺا، جت هاڻي پراڻو شهر آهي. سنه 1774ع ۾ ليفٽيننٽ جان پورٽر سنڌو ندي جي ڇوڙ کان وٺي ايراني نار تائين سموري ڪناري جي تحقيقات ڪئي، هو ڪراچيءَ ۾ به پهتو هو. سندس بيان موجب پراڻو شهر کاريءَ کان هڪ ميل جي مفاصلي تي هو ۽ انهن ڏينهن ۾ سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا دڙا بيٺل هئا. ٺٽو ۽ شاهبندر، سنڌ جا مکيه بندر هئا. سنه 1799ع ۾ انگريزي ايجنٽ ناٿن ڪرو پهرين عمارت ڪراچيءَ ۾ تعمير ڪرائي هئي. شهر جون ٻيون جايون ڪچيون هيون. سنه 1842ع ۾ شهر جي آبادي 12 هزارن کي پهتي هئي. سنه 1879ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽي پيئي. انگريزن جي راڄ ۾ ڪراچي، سنڌ جو ٽيون نمبر بندرگاه هو.

H. R. Gupta: Latter Moghal History of the Punjab, P. 272.

(1) تاريخ حسين شاهي: سيد امام الدين حسيني، ص _ 110 _ 113، سنه 1798ع.

(2) لب تاريخ: خان بهادر خداداد خان، زڪر مدد خان جي ڪاهه.

(1) ’شاهنامه سنڌ‘ ۾ ذڪر مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه.

(1) شاهنامه سنڌ: ذڪر جنگ هالاڻي.

(2) تاريخ بلوچيان: سردار غلام رسول خان قرائي، ذڪر کوسا، تاريخ خيرپور: ذڪر مير سهراب خان.

(1) نوٽ: سنه 1901ع واري هندستان جي آدمشماريءَ جي رپورٽ موجب سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو جملي تعداد 23 هزار هو.

Census of India 1901, Vol. L Sindh, IX, Tribes, Chp. VIII, PP. 203-250, Bombay, 1902.

(1) H.T. Sorely: Shah Abdul Latif of Bhit.

(1) تاريخ حسين شاهي: سيد امام الدين حسيني، ص_21، تاريخ افغان: احمد يادگار، ص_ 143، سنه 1835ع

Sayed Mohamed Latif: A History of the Punjab, P. 289.

H.R. Gupta: Latter Moghal History of the Punjab, P. 11

(1) عرب ۽ هند جا تعلقات: سيد سليمان ندوي، باب _ 1.

(2) ياد ايام: سيد عبدالحي، ص _ 62_63.

(1) ’الوحيد‘، سنڌ آزاد نمبر، ذڪر شيخ محمد حيات، 15 جون 1936ع.

(2) شاه جو رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي جلد _ 1، مقدمه ص، 31_32، ڪراچي، 1924ع.

(1) نوٽ: اٽڪل ٻن صدين اندر سنڌ ۾ هزارين شاعر پيدا ٿيا، ڪيترن فقيرن طبيعت کي زور ڏيئي، شاه جي تتبع ۾ ڪلام چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن مان فقير محمد صديق ۽ احسان فقير لانگاه جو ڪلام موجود آهي. ازان سواءِ متفرق طور ڪيترن شاعرن جهڙوڪ حبيب، مڱيل، ولي، ڪبير، لطف الله، قاسم، لکمير، عيسو، ايوب، صالح، ورو، عنايت کٽي، سمن، ڪيسر، لاکو، هاشم، وغيره جو ڪلام ملي سگهي ٿو. شاه صاحب کان پوءِ، انگريزي دؤر ۾ ڪئين بهترين سنڌي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن، مگر انهن سڀني جو ڪلام ۽ زبان، طرز بيان ۽ اسلوب تحرير بلڪل جدا آهي، جن جي ڪابه نسبت شاه صاحب جي ڪلام سان ناهي. سچل سرمست، سامي، بيڪس، بيدل، يوسف، صادق جا نالا هر ڪنهن ٻڌا هوندا، هرهڪ جي ڪلام ۾ پنهنجي پنهنجي خوبي ۽ لذت آهي، پر شاه ڀٽائي جهڙو هر وجه ڪامل ۽ هردلعزيز شاعر، سنڌ ۾ اڃا پيدا ڪونه ٿيو. ڏسو ’عرفان لطيف‘ سنڌي شاعري جي تاريخ از علامه دائودپوٽو، ص_ 33_39، جنوري 1949ع، حيدرآباد سنڌ.

(1) ’الوحيد‘ سنڌ آزاد نمبر-5، جون 1936ع، ذڪر حاجي فقير الله علوي.

(2) نوٽ: سنڌ جي سادات مان انجوي شيرازي، سادات مشهدي سادات شڪر الاهي شيرازي، سادات سبزواري عربشاهي، سادات بخاري، سادات امير خاني، خواجه گان علوي ۽ سادات حسيني مشهور ٿي گذريا. سادات شڪر الاهي شيرازيءَ جو شجرو قاضي نورالله شوستريءَ جي تاريخ ’مجالس المؤمنين‘ ۾ ڏنل آهي، جا تاريخ 1299هه ۾ ايران ۾ شايع ٿي، مٿينءَ تاريخ کان سواءِ مرزا غياث الدين خوند مير (المتوفي 943هه) جي تاريخ ’حبيب السير‘ ۾ ڏنل آهي، جا 1273هه ۾ بمبئي مان شايع ٿي، ان کان سواءِ ’روضة الصفا‘ مير خوند (المتوفي 903هه) ۾ ڏنل آهي، جا 1832ع ۾ يورپ مان شايع ٿي. امين احمد رازيءَ جي ’هفت اقليم‘ قلمي نسخي ۾ لکيل آهي ته قاضي سيد شڪرالله ولد سيد وجه الدين بن سيد نعمت الله بن سيد عرب شاه بن امير نسيم الدين محمد المعروف به مير ڪشاه بن امير عطاءُ الله جمال الدين محدث بن فضل الله بن عبدالله الحسني الاسڪي شيرازي پهريائين هرات کان قنڌار پهتو، پوءِ شاه بيگ ارغون سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ۽ مرزا شاه حسن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جو قاضي مقر رٿيو. تحفة الڪرام: جلد -3، ص_ 193.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org