سنڌ جون عربي رياستون:
غازي محمد بن قاسم جي عربي لشڪر ۾ قريش، بنو ڪلب،
بنو قيس، بنو اسد، بنو تيم، ربيع، شيباني، عماني،
يمن ۽ حجاز جا شريف مجاهد هئا، جن مدائن ۽ برموڪ
جهڙن خونريز معرڪن ۾ قيصر ۽ ڪسريٰ جي تختن کي
صفحهءِ هستي تي اونڌو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي لشڪر
پنهنجو زالون ۽ ٻار پاڻ سان ڪونه آندا هئا. فتح
سنڌ کان پوءِ جڏهن سليمان بن عبدالملڪ تخت تي
ويٺو، تڏهن سڀني قبيلن کي سنڌ ۽ مڪران ۾ رهڻ لاءِ
حڪم ڏنائين، پوءِ عربن سنڌ ۽ مڪران ۾ بيٺڪون قائم
ڪري، اتي جي عورتن سان شاديون ڪيون. وري جڏهن
يمانين (قحطانين) ۽ نزارين (حجازين) جي باهمي خانه
جنگين ڪري عربن جي طاقت سنڌ ۾ ڪمزور ٿي ويئي، تڏهن
انهن پنهنجي حفاظت لاءِ نوان شهر منصوره، (محفوظه)
۽ بيضاءِ تعمير ڪيا ۽ اتي رهڻ لڳا. انهن شهرن مان
دارالخلافه منصوره علوم ۽ فنون ۾ گهڻي ترقي ڪئي.
مٿيان شهر سنڌو نديءَ جي الهندي ڪپ تي هئا، جن جي
بچاءُ لاءِ عربن کي وقت بوقت جاٽن ۽ ميدن سان
جنگيون ڪرڻيون پيون.
منصوره:
حڪم بن عوامه ڪلبيءَ سان غازي اعظم محمد بن قاسم
جو پٽ عمرو گڏجي آيو هو، جنهن برهمڻ آباد کان ٻه
فرسخ مفاصلي تي، سنه 110هه ۾ منصوره جو شهر سنڌو
نديءَ جي هڪڙي ٻيٽ تي، دمشق جي نموني تي تعمير
ڪرايو، جو ابن حوقل جي بيان موجب هڪ ميل ڊيگهه ۾ ۽
هڪ ميل ويڪر ۾ رونق دار شهر هو.(1)
منصوره سلطان محمود غزنويءَ جي ڪاهه (سنه 401هه
/1010ع) تائين برابر ٽي صديون سنڌ جو تختگاه رهيو.
شهر جون جايون ڪاٺ جون جڙيل هيون؛ فقط جامع مسجد
پٿر جي جڙيل هئي، جا عمان جي جامع مسجد جي نموني
تي هئي. شهر کي چار دروازا هئا: 1- باب البحر، 2-
باب طوران، 3- باب سندان ۽ 4- باب ملتان.(2)
سادات ۽ علمائن جي فيض ڪري هيءُ شهر سنڌ جو دمشق ۽
بغداد هو. شهر جي چؤگرد باغات ۽ سرسبزي هئي. هتي
جا انب، ليما ۽ ڀاڄيون سستيون هيون(3).
منصوره جي رياست جون حدون ديبل کان وٺي الور
تائين رهيون. اتڪل 3 لک ڳوٺ رياست اندر هئا، جن
مان ديبل، زندريح، ڪدار، مايل، بتلي، بانيه،
سدوسان، صيمور (چيمور)، سوباره ۽ الور مکيه شهر
هئا. مٿيان شهر کيتين ۽ وڻڪار ڪري هڪٻئي سان ڳتيل
هئا. منصوره جي اميرن جي فوجي قوت مسعوديءَ جي
بيان موجب چاليهه هزار هئي. ان فوج سان اَسي هاٿي
هئا. هر هڪ سان پنجن سؤن پيادن جو دستو رهندو هو.
هاٿين مان ’منصرقلس‘ ۽ ’حيدره‘ ٻه مشهور جنگي هاٿي
هئا. بشاريءَ جن شهرن جا نالا منصوره رياست اندر
ڏيکاريا آهن، تن مان ’سوباره‘ اهميت رکي ٿو.اڳ هي
شهر کنڀات جي نار تي هندستان جو هڪ مشهور شهر هو.
هينئر منجهس فقط 6 سؤ گهر ۽ آدم ٻه هزار آهي.
مٿئين بيان موجب منصوره جون حدون ديبل کان نه بلڪ
کنڀات جي نار کان وٺي الور تائين هيون.(1)
ملتان:
ملتان اڳ منصوره جي ماتحت هو، بعد ۾ هجري 3 صديءَ
جي وچ ڌاري، آزاد رياست جي صورت اختيار ڪيائين.
ملتان جي اسماعيلي عرب اميرن ماتحت هڪ ڳوٺ هئا ۽
شهر جي مندر بيت اللذهب مان هئي جي اميرن کي گهڻي
آمدني هئي. جڏهن ڪو هندو راجا شهر تي ڪاهه ڪرڻ جو
ارادو ڪندو هو ته، عرب امير بتخاني کي ڊاهڻ جي
ڌمڪي ڏيندا هئا. غازي محمد بن قاسم هت جيڪا مسجد
تعمير ڪرائي هئي، جا اموي يادگار هئي، ان کي جعلم
بن شيبان بند ڪرائي ڇڏيو هو. بتخانو، جومحمد بن
قاسم جي ڏينهن کان موجود هو، تنهن کي جعلم ڪيرائي
هڪ جامع مسجد تعمير ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن فاطمي
خطبو جاري ڪيو هو. قنوج ۽ ديپالپور به هن رياست
اندر هئا(1).
جيئن اندلس ۾ عربن جي باهمي جنگين ڪري ڪجهه وت
المراطين ۽ الموحدين حڪومتون ڪيون هيون، تيئن
سنڌ تي به ڪجهه وقت پوئين زماني ۾ هبارين، بنو
ڪنده ۽ بنو منبه وارن حڪومتون ڪيون.
ويهند:
ويهند جي جاءِ وقوع متعلق ڪنهن به سنڌ جي مؤرخ
بيان ڪين ڏنو آهي ته هيءَ رياست ڪهڙي هنڌ تي هئي.
مولوي نور محمد نظاماڻي مرحوم ’تاريخ سنڌ‘ ڀاڱي-2،
ص – 173 تي فقط ايترو لکيو آهي ته ويهند هڪ عظيم
الشان شهر هو، جو منصوره کان به زياده آباد هو؛ ان
جي چوڌاري باغ هئا ۽ اتي سڀ ڪاشيءِ سستي هئي(1).
مسٽر عبدالغني عبدالله ’تاريخ سنڌ‘ ڀاڱي-2، صفحي 4
۽ 5 ۾ سنڌ جي خودمختيار رياستن جو ذڪر ڏنو آهي، پر
ويهند جي نالي نشان کان گويا بي خبر آهي.(2)
سنڌ جي هيءَ رياست ’گنڌارا‘ به سڏبي هئي. سندس
تختگاه ’ويهند‘، اٽڪ کان ٿورو مٿڀرو مهراڻ جي
اوڀرندي ڪپ تي هو. سندس الهندي ۾ چارسده
(پشڪالاوتي) ۽ اڀرندي ۾ تشڪلا (ٽئڪسلا) هو.
هندستان جي پراڻن شهرن مان هو. هتي جو راجا هندو
هو، پر رياست اندر مسلمانن جي آبادي هئي سلطان
محمود غزنويءَ پشاور فتح ڪرڻ کان پوءِ مٿس قبضو
ڪيو هو.(1)
توران:
شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ’چچ نامي‘ ۾ توران کي
’سٿيا‘ (وچ ايشيا) ڏيکاريو آهي.(2)
اهڙيءَ طرح ڪوفي کي شام ۾ ڏيکاريو اٿائين. توران ۽
قيقان، جهالاوان جا نالا هئا، جنهن جو تختگاه
قصدار هو. سنه 375هه ۾ بشاري مقدسيءَ جي ڏينهن ۾
هتي جو حاڪم معين بن احمد هو. قصدار ٻن حصن ۾
ورهايل هو، ڇاڪاڻ ته شهر جي وچ ۾ هڪڙي وادي هئي:
هڪڙي حصي تي امير جو محلات ۽ قلعو هو ۽ ٻئي حصي تي
سوداگرن جون عمارتون هيون. شهر جو هي حصو ’بودين‘
سڏبو هو. قصدار ننڍو شهر هو، پر بي حد رونق وارو
هو. خراسان، سنڌ ۽ مڪران جي وچ ۾ هئڻ ڪري، وڏي
قافله سراءِ ۽ واپار جو مرڪز هو(3).
ياقوت هن شهر جو نالو ’قيقان‘ ڏنو آهي(4).
عربن ’بيضا‘ جو شهر به هن رياست جي سنڌ واري سرحد
تي تعمير ڪرايو هو. سنه 375هه ۾ سلطان سبڪتگين هن
رياست تي قبضو ڪيو.
مشڪي:
هيءَ جهالاوان ۽ مڪران جي وچ ۾ وڏي رياست هئي. هتي
جو حاڪم مظاهر، خارجي هو. سلطان مسعود بن محمود
مشڪي تي قبضو ڪيو.(1)
مڪران:
مڪرانات هونئن ته وڏو علائقو هو، پر سندس ڪيچ
مڪران واري حصي تي عيسيٰ بن معدان حڪومت ڪندو هو.
سندس تختگاه ڪنزپور هو، جنهن تي عربن ’قنزبون‘
نالو رکيو هو، ان جا ڦٽل نشانو هاڻوڪي پنجگور شهر
جي ويجهو آهن(2).
قنزبون وسعت ۾ ملتان جيڏو هو. هتي جو کجور جو حلوو
قانيذ هينئر به مشهور آهي. هتي ڪرم آباد (خرم
آباد) مکيه شهر آهي، جو هينئر البت ويران آهي، اڳ
مردم خيز شهر هو ۽ باغات ڪري مشهور هو. سلطان
مسعود سڄي مڪران تي قبضو ڪيو هو.
جيئن اندلس ۾ ٽن صدين گذرڻ بعد عربن جي باهمي
جنگين ڪري، اتي ننڍڙيون رياستون قائم ٿيون هيون،
تيئن سنڌ ۾ عربن جي باهمي جنگين ڪري، ٽن صدين گذرڻ
بعد، سنڌ جي عظيم الشان سلطنت ننڍڙين رياستن ۾
ورهائجي ويئي. اندلس جي عربن عيسائين جي ڪاهُن جي
مقابلي ۾ ڪو وقت آفريڪا جي بربرن کان مدد ورتي
هئي، ليڪن سنڌ جي عربي رياستن کي ترڪن جي حملي کان
ڪابه بيروني اسلامي طاقت بچائي نه سگهي.
عربن جي ڏينهن ۾ سنڌ جون حالتون:
سنڌ ۾ جيڪي به قديم توڻي جديد تاريخون آهن، تن م
عربن جي زماني جي سنڌ جي سياسي، تمدني، اقتصادي،
ادبي، صنعتي ۽ تجارتي حالتن تي ڪوبه بيان ڏنل ڪونه
آهي. ’تحفة الڪرام‘ جهڙيون تاريخون خاموش آهن.
’تاريخ سنڌ‘ ڀاڱي-3 ۾ مسٽر عبدالغني عبدالله عربن
جي سنڌ تي حڪومت نسبت لکيو آهي ته:
”عرب ڪوهستان ۽ بيابان جا رهاڪو هئا، جن کي زرخيز
زمينن جو قدر ۽ قيمت معلوم نه هئي؛ تنهن ڪري ڪنهن
به فتح ڪيل ملڪ جي زمين جي ملهه جي جاچ جوچ ڪانه
ڪندا هئا ۽ جيڪي به رپيا زمين جي عيوض رعايا کين
ڏيندي هئي، سي غنيمت ڪريو ڄاڻندا هئا.... الخ“(1)
ڪنهن قوم يا ملڪ جي تاريخ لکڻ کان اڳ مؤرخ تي فرض
آهي ته پهريائين اُن قوم ۽ ملڪ جو گهرو مطالعو ڪري
۽پوءِ قلم هٿ ۾ کڻي. ميان عبدالغني، انگريز مؤرخ
ايليٽ بدران، جيڪر عرب جاگرافي دانن ۾ مؤرخن جي
ڪتابن جي ورق گرداني ڪري ها، ته جيڪر مٿئين قسم جو
بيان هرگز ڪونه ڏئي ها.
جيڪي دوست علم التاريخ سان دلچسپي رکن ٿا، سي
تسليم ڪندا ته اسلام کان گهڻو اڳ عرب صحرائي يا
وحشي هئا، ليڪن صحرائي زندگي رکندي به سندن تمدن
دنيا ۾ جهوني هئي ۽ مهذب دنيا سان سندن تجارتي
تعلقات قائم هئا. ڏکڻ ۾ يمن تي بنو سبا وارن جي
حڪومت هئي، جنهن جو تختگاه مارب حضرت سليمان جي
تختگاه بيت المقدس سان ڪلهو هڻندو هو. بنو حضرموت
وارا عرب هندستان جي تجارت جا ملڪ هئا. حيره تي
المناذره وارن جي حڪومت هئي، جا ساساني شهنشاهت
سان ڪلهو هڻندي هئي.حيره جي محلات، قصرخورنق ۾
ساساني شهزادا تعليم وٺندا هئا. بحرين جا عادارام
جن شام جي ڪناري کي وسائڻ کان پوءِ سمنڊن جي واپار
تي قبضو ڪيو هو، تن کان هندستان جي شريف آرين
خروشتي خط لکڻ سکيو هو.
اُتر عرب ۾ بنو غسان وارا، جن جو تختگاه بصريٰ،
رومة الڪبريٰ سان ڪلهو هڻندو هو، اتر اولهندي وارا
نبطي، جن جو تختگاه پطريٰ هو، جن جي خون آشام
ترارين روم جي هولناڪ فاتحن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا
هئا، مصر جي هيڪسوس خاندان جا فرمانروا جي ’ڌنار‘
بادشاه ڪوٺبا هئا، جن مصر اسفل ۽ مصر صعيد تي
حڪومت ڪئي هئي، سي عرب صحرا نشين هئا؛ حجاز جا
قريش واپار جا مالڪ هئا، اهي مڪه جي بتخاني جا
متولي هئا، جو سڄي عرب ۾ متبرڪ مندر هو: صنعا،
حيره، بصريٰ ۽ پطريٰ جا آثار اڄ به پنهنجي خاموش
زبان سان عربن جي تمدني صلاحيت جي شاهدي ڏين ٿا.
منجهانئن يمن جو سدِ مارب دنيا جي قديم عجائبات ۾
شمار ٿئي ٿو.(1)
اسلام عربن کي عالمگير اخوت جي مالا ۾ منسلڪ ڪري،
کين انصاف، نيڪي ۽ رواداريءَ جو سبق سيکاريو. جنهن
زماني ۾ عربن پنهنجون فتوحات شروع ڪيون، ان وقت
مشرق ۾ ايراني ۽ هندي آريائي تمدن ۽ مغرب ۾ يوناني
تمدن جاري هو: سندن حڪومتن جو ڏيئو صبح ڪاذب جي
لطيف جهوٽن لڳڻ ڪري ٽمڪائي رهيو هو. نئين دنيا تي
نئين سر جاڳيل عرب قدم رکڻ سان، هرهڪ شيءِ کي ڏسي
متاثر ٿيا ۽ نهايت شوق سان محڪم ارادي سان دنيا جي
علوم، فنون کي نهايت تيزيءَ ۽ دقيق نظر سان
تحقيقات جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ لڳا.ايتري قدر جو هنن
ايران، هند، مصر ۽ يونان جي برباد ٿيل علمي محفلن
کي ٻيهر صفحهءِ هستي تي زندگي ڏياري، هڪ نئين
تهذيب جو دنيا ۾ بنياد وڌو. عربي فتوحات ڪري جيئن
سنڌ بابِ اسلام بنجي ويو، تيئن هي ملڪ هڪڙي معلم
جي حيثيت ۾ ساري هندستان جي رهنمائي ڪرڻ لڳو. اهڙي
تقيءَ جو سبب عربن۽ هندن جي اتحاد جو نتيجو هو.
عربي دؤر اندر هندن ۽ مسلمانن جا تعلقات اهڙا
مضبوط ٿي ويا، جن جو مثال هندستان بلڪ قومن جي
تاريخ ۾ ٻئي ڪنهن به دؤر ۾ لڀي نه ٿو سگهي.
عربن کان اڳ سنڌ تي برهمڻن جي حڪومت هئي، جن کي
منوشاستر جي قانونن موجب ٻين ذاتين تي فوقيت حاصل
هئي.بلڪ خون جو ڏوه به کين معاف هو. چچ پنهنجي
رعايا، لوهاڻن ۽ جاتن ٻن مکيه قومن تي، جيڪي ٻڌ جا
پوئلڳ هئا، جيڪي سخت قانون نافذ ڪيا هئا، سي هن
ريت هئا:
1- مصنوعي ترار کان سواءِ اصلي ترار ڪوبه نه کڻي،
2- شال، مخمل ۽ ريشم جا ڪپڙا هو بلڪل نه ڍڪين، پر
جيڪڏهن ڍڪين ته فقط ڳاڙهي يا ڪاري رنگ جا هجن، 3-
گهوڙي تي سنج نه رکن، اگهاڙي پٺيءَ چڙهن، 4- مٿو ۽
پير هميسه اگهاڙا رکن، جتي، ٽوپي يا پڳ نه پائين،
5- ٻاهر نڪرن ته ڪتو ساڻ هجين، 6- مل جي سردارن کي
سندن بورچيخانن لاءِ ٻارڻ جون ڪاٺيون موجود ڪري
ڏين، 7- جاسوسي ۽ قاصدائيءَ جو ڪم بجا اڻين ۽ جنهن
ڪم تي مقرر ڪجن، سو سچائي سان ڪن ۽ 8- ملڪ تي ڪو
غنيم حملو ڪري، ته حڪومت جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي لڙائي
ڪن. اها سوسائٽيءَ جي حالت هئي. يعني رعايا شهري
حقوق کان محروم هئي، عوام تي فرض هو ته حڪمران
طبقي لاءِ حيوانن کان وڌيڪ محنت ڪن، مندر جن ۾
ڪافي تعداد ۾ ديوداسيون رهنديون هيون ۽ جتي بتن جي
پڄا پاٺ ٿيندي هئي، سي منافقيءَ ۽ غلط ڪاريءَ جا
اڏا هئا(1).
عورتن لاءِ جيئري چکيا تي چڙهي سڙي مرڻ عزت جي
نشاني هئي(2)،
بعض ماڻهو بتن اڳيان آپگهات ڪندا هئا ۽ هن
قبيح رسم کي ٻليدان سڏيندا هئا(3).
واپار جي ڪا سلامتي ڪانه هئي.خشڪيءَ تي جاٽ، ميد ۽
بلوچ ڌاڙا هڻندا هئا، ته سمنڊن تي دريائي ڌاڙيل لٽ
مار ڪندا هئا(4).
رعايا ۽ حڪمران طبقي ۾ اتفاق ڪونه هو. اهوئي سبب
هو جو نيرن ڪوٽ جي سمينن حجاج کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ
دعوت ڏني هئي.
ڍلون:
عربن جيڪو سنڌ جو علائقو فتح ڪيو هو، سو ايراضيءَ
۾ ’معصومي‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ جي ڏنل حدن موجب،
تقريبا هاڻوڪي مغربي پاڪستان جيترو هو. فاتح عربن،
هندن کي مذهبي آزادي ڏيڻ کان سواءِ سندن اڳوڻين
جاگيرن ۽ رياستن کي بحال رکيو، بتخانن جي پروهتن
کي مندرن جي خرچ لاءِ نيون جاگيرون عنايت ڪيون ۽
هندن کي اهل ڪتاب جا حقوق ڏنا. عرب هن ملڪ ۾ نو
وارد هئا، تنهن ڪري هندن عهدن تي بحال رکيائون.
بتخانن جا بت جواهرات ۽ ياقوت جا جڙيل هئا، مگر
عربن معاهدي جي شرطن تي پائبند رهي بتخانن سان ڪا
ڇيڙڇاڙ ڪانه هئي، بلڪ هرهڪ شهر ۾ مسلمانن جي عبادت
لاءِ جامع مسجدون تعمير ڪيون.(1).
عرن کي سنڌ مان چئن قسمن جي اُپت هئي:
1- زمين جي اپت مان حصو، جو ابتدا ۾ پيدائش جي
مدنظر تي وصول ڪندا هئا. جيڪڏهن زمين کي درياءَ يا
ڪنهن ڍوري مان پاڻي ملندو هو، ته ان جي اپت جو ٻه
ڀاڱي پنج حصو ڍل طور وٺندا هئا، باغن جي اپت تي هڪ
ڀاڱي ٽيون حصو؛ چرخيءَ جي پوک تي ڏهون حصو؛ باراني
پوک تي چوٿون حصو، ڍل وٺندا هئا، انگور ۽ مڇيءَ جي
اپت تي پنجون حصو محصول وٺندا هئا: 2- في آسامي،
3- گمرگ (ڪسٽم)، 4- مختلف قسمن جون ڍلون، مثلا
سونارن، عريضي نويسن، دڪاندارن، چاڪين، گهرن جي
مالڪن، بلڪ نڪاح ڪرڻ وارن تي به ڍل مقرر هئي. اهي
ماهور ڍلون هيون، جن کي عام طور ’مال هلالي‘
سڏيندا هئا.(1)
هندو رعايا ’ذمي‘ شمار ٿيندي هئي؛ سندن مال ۽ جان
جي حفاظت لاءِ حڪومت ذميوار هئي، جنهن جي بدلي ۾
کين ’جزيه‘ ڏيڻي پوندي هئي. دولتمند طبقي کي
ساليانو 48 درهم، وچين طبقي کي 24 درهم ۽ هيٺين
طبقي ورن مان هرهڪ کي 12 درهم ڏيڻا پوندا هئا.
مٿيون قانون فقط سنڌين لاءِ مخصوص نه هو، پر عرب
جيڪو به ملڪ فتح ڪندا هئا، اتي جي رهاڪن کي ٻه شرط
پيش ڪندا هئا: اسلام يا جزيه. زالون، ٻار، ضعيف،
نادار ۽ نومسلم مٿينءَ ڍل کان آزاد هئا. هنن ڍلن
جي مقابلي ۾ مسلمانن کي اڍائي رپيا فيصد، بعض
حالتن ۾ ساڍا ٻارهن فيصد بيت المال ۾ ڏيڻو پوندو
هو.(2)
زمين جا حقوق:
حجاج جي زماني ۾ ذمين سان سختيون ٿينديون رهيون،
ڇاڪاڻ جو حجاج جي پاليسي جابرانه هئي. حضرت عمر بن
عبدالعزيز رضه، دمشق جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ،
سلطنت جي عاملن کي هيٺيون فرمان موڪليو، جنهن موجب
سنڌ جي هندن کي وڌيڪ رعايتون مليون، جن جو تفصيل
هيٺ ڏيون ٿا:
1- زمين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي، جيئن
مسلمانن جي.
2- ذمين جي مذهبي عمارتن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ سندن
مذهب ۾ ڪنهن به قسم جي دست اندازي نه ٿئي.
3- جزيه جي وصوليءَ ۾ ڪنهن به قسم جي زيادتي نه
ڪئي وڃي، بلڪ رعايتون ڪيون وڃن.
4- عام جمهوري حقن جي لحاظ سان ذمين جا حق مسلمانن
وانگر مساوي قرار ڏنا وڃن.
مٿئين فرمان موجب، هندن کي اختيار ڏنو ويو ته ڍلون
نقدي صورت ۾ يا جنس جي صورت ۾ ڏين.(1).
نه ته اڳ مسلمان ذمين کي ناقابل برداشت تڪليفون
ڏيندا هئا ۽ سختيءَ سان کانئن ڍلون وصول ڪندا
هئا. حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه کان اڳ حجاج جهڙو
ظالم بصره جو حاڪم هو. سندس ڏينهن ۾ علافين کي
مڪران ۾ هڪڙي ئي ڏوهه ڪرڻ ڪري سڄي عمر ديسان ديس
ڀٽڪڻو پيو هو. حضرت عمر عمال کي حڪم صادر فرمايو
ته ذمين سان رعايتون ڪن، بلڪ انهن مان جيڪي ضعيف
آهن، تن جي اخلاقي مدد ڪن ۽ کين مالي امداد ڏين.(2)
مٿئين حڪم موجب مسلمانن جيڪي به ذمين جون زمينون
ڦٻايون هيون، سي کين موٽائي ڏيڻيون پيون؛ جن نه
موٽايون تن کي معاوضو ڀري ڏيڻو پيو. اڳ مجرمن کي
قتل جي سزا ملندي هئي. وليد بن عبدالملڪ جي زماني
۾ گهڻائي محض شڪ ڪري قتل ٿيڻ لڳا. حضرت عمر بن
عبدالعزيز رضه اهڙي جابرانه ڪارروائيءَ کي خلاف
سنت قرار ڏنو.(1)
عمال کي تاڪيد ڪيوويو ته رعايا سان انصاف سان پيش
اچن. اڳ بيگر جو به رواج هو. حضرت عمر بن
عبدالعزيز رضه ان جو سختيءَ سان انسداد ڪيو. مذهب،
حڪومت، اخلاق توڻي قانون، هنن سڀني اجتماعي ادارن
جو آخري مقصد هن ريت آهي ته رعايا خوشحال رهي ۽
فاغ الباليءَ سان زندگي بسر ڪري. حضرت عمر بن
عبدالعزيز رضه فقط اڍائي ورهيه خلافت تي مسند آرا
رهيو، مگ مٿئين قليل عرصي اندر سلطنت اندر جيڪي به
مفلس هئا، تن جا نالا سرڪاري طور رجسٽر ڪيا ويا ۽
انهن لاءِ وظيفا مقرر ٿيا. نوبت ايتري کي پهتي جو
سرڪاري خزانو خالي ٿي ويو(2).
مفلس ۽ نادارن لاءِ وليد بن عبدالملڪ لنگرخانا
جاري ڪيا. اهو سلسلو يزيد بن عبدالملڪ تائين
قائم رهيو. زرعي زمينن جي پيمائش جو انتظام قائم
ڪيو ويو ۽ سلطنت جي بجٽ تيار ٿي ته ڏسجي ته ڪهڙن
ڪهڙن صوبن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو ۽ ڪهڙن ڪهڙن صوبن
جي آمدنيءَ ۾ کوٽ پيئي. حڪومت جي آمدنيءَ جا
ذريعا: 1- خراج، 2- عشر، 3- جزيه ۽ 4- زڪوات جي
صورت ۾ هئا.
سنڌ جي سالياني اُپت:
سنڌ جي سالياني اپت جا انگ اکر فقط مامون جي ڏينهن
جا ملي سگهن ٿا، جي هن ريت آهن:
1- مڪران، چار لک درهم، 2- سيستان، چاليهه لک
درهم، 3- سنڌ، هڪ ڪروڙ پندرهن لک درهم ۽ عود هندي
ڏيڍ سؤ رطل.(1)
ان حساب سان سنڌ جي سالياني اپت چوويهه لک
رپيا هئي.(2)
بعض تاريخن ۾ ستاويهه لک رپيا ڏيکاريل آهي. مٿين
اپت نزارين ۽ يمانين جي فسادن ڪري گهڻو گهٽجي
ويئي. جاتن ۽ ميدن سان سنده جنگين لڳڻ ڪري، سنڌ جي
عمال کي فوجي اخراجات لاءِ پئسي جي ضرورت محسوس
ٿيڻ لڳي. ان سبب ڪري جڏهن مامون سنڌ جي گونرري بشر
بن دائود جي سپرد ڪئي، تڏهن هن کي ٻارهن هزار درهم
ساليانو شاهي خزاني ڏانهن رواني ڪرڻ لاءِ شرط وڌو
هئائين.
عدالتي کاتا:
محمد بن قاسم پراڻي نظام کي قائم رکيو هو، مگر
جيڪي نامناسب قانون برهمڻ راجائن رعايا تي نافذ
ڪيا هئا ۽ اسلامي مساوات ۽ انصاف جي خلافت هئا، سي
هن سمورا موقوف ڪري ڇڏيا. هو سنڌ ۾ فقط چار ورهيه
مس رهيو هو، مگر مٿئين قليل عرصي ۾ هن اهڙو شاندار
مثال قائم ڪيو، جو ترڪ ۽ افغان فاتحن جي مقابلي ۾
سندس نظم ۽ نسق سنڌ اندر، انصاف ۽ رواداريءَ جي
لحاظ سان هڪ بهترين مثال هو. اهوئي سبب آهي، جو
معزول ٿي سنڌ ڇڏڻ وقت، بلاذريءَ جي بيان موجب، سنڌ
۽ هند جا ماڻهو سندس انصاف ۽ رواداري ۽ احسانن کي
ياد ڪري روئڻ لڳا! بلڪ ڪيرج جي رهاڪن سندس يادگار
لاءِ هڪڙو مجسمو کڙو ڪيو هو. عدالتي کاتو قاضين جي
نگرانيءَ هيٺ هو، جي وقت جا وڏا محدث هئا. قاضي
ابو معثر نجيح السندي، جو هجري ٻي صديءَ ڌاري ٿي
گذريو، سو فن سيرت جو امام هو. قاضي ابي الشوراب
جي علميت ڪري عراق تائين هاڪ پيل هئي. منصوره جي
حاڪم ابوالمنذر جو وزير رياح جنهن سان مسعودي
ملاقات ڪئي هئي ۽ سندس پٽ، جيد عالم هئا.
هندو پنهنجو فيصلو پنچائتن جي ذريعي ڪندا هئا. بعض
حالتن ۾ وقت جا گورنر سختيون به ڪندا هئا. مثلا،
عمران بن موسيٰ برمڪيءَ جي زماني ۾ جڏهن قيقانا جي
جاتن فساد ڪيو هو، تڏهن عمران کين سزا طور هميشه
پاڻ سان گڏ ڪتن کڻي هلڻ لاءِ حڪم ڏنو هو. بلاذريءَ
جو بيان آهي ته ڪتن جي قيمت ايتري وڌي ويئي هئي،
جو في ڪتو پنجاه درهمن تي وڪامڻ لڳو هو.(1)
مامون جي ڏينهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن ۾ آزاديءَ جي
ايتري قدر لهر پئجي ويئي هئي، جو جڏهن به صوبي جو
ڪو گورنر جابرانه پاليسي اختيار ڪندو هو، تڏهن
رعايا متفق ٿي کيس صوبي کان ٻاهر لوڌي ڪڍندي هئي.
حقيقت ۾ مامون جي ڏينهن ۾ رعايا عمال جي پرواهه
ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي. ڪوبه عرب سردار ڪو شهر فتح ڪندو
هو ته خليفي پاران حڪومت ڪرڻ جي کيس سند ملندي
هئي. مامون، فضل بن ماهان کي ’سندان‘ تي حڪومت ڪرڻ
لاءِ اهڙي طرح ئي سند ڏني هئي. خليفن جو نالو
پوئين زماني ۾ فقط خطبن ۾ جاري هو. ’سندان‘ جو شهر
ابن حوقل جي سنڌ جي نقشي ۾، لاڙ ۾ سمنڊ جي ڪپ تي
ڏيکاريل آهي.
ٽپال کاتو:
عربن جي ڏينهن ۾ ٽپال کاتو ’بريد‘ سڏبو هو. هر هڪ
منزل تي ٻارهن ميلن کان پوءِ تيز رفتار گهوڙا
حڪومت پاران مقرر هئا. صوبن جو احوال قاصدن ذريعي
مرڪزي حڪومت کي ملندو هو. فتح سنڌ جو نقشو حجاج بن
يوسف ئي رٿيو هو، غازي محمد بن قاسم سندس احڪامن
جي پيروي ڪندو رهيو. ان قسم جا احڪام وٽس ٽپال
رستي پهچندا هئا. تپال کاتي جو وڏو عملدار ’صاحب
بريد‘ سڏبو هو. عباسي دؤر ۾ ٽپال جو ڪم ڪبوترن
ذريعي به هلندو هو، ڪبوترن جو رواج معتصم جي زماني
۾ رائج ٿيو.
محتسب:
محتسب شهرن جي نگراني ڪندو هو. وٽس پيادن جو دستو
رهندو هو، جن سان محتسب شهر جي بازارين ۾ گشت ڪندو
هو. جيئن واپاري تور ۽ ماپ يا شين جي اگهن ۾ خيانت
نه ڪن يا مسجدين ۽ بازارين ۾ ڪو خلاف شريعت
ڪارروائي نه ڪري. لاڏو جانورن جي نگرانيءَ جو ڪم
به سندس سپرد هو، ته ڏسي ته مٿن حد کان زياده ته
بار ڪونه ٿو لڌيو وڃي!مسجدين جي معاملن تي به چڪاس
رکندو هو، متان ڪو معلم شاگردن سان سختي ڪري.
جيڪي مٿئين قسم جا ڏوهه ڪندا هئا، تن کي محتسب
سزائون ڏيندو هو. صوبن جا عامل هرهڪ مسئلي تي بصري
جي والين کان اجازت وٺندا هئا. مشرقي ملڪ جهڙوڪ:
ايران، خراسان، سجستان، ڪرمان، سنڌ ۽ ڪابل بصري جي
واليءَ جي ماتحت هوندا هئا. بصري جو والي درٻار جي
وزيراعظم کان اجازت وٺي صوبن تي عامل مقرر ڪندو
هو. وزيراعظم وري خليفة المسلمين کان فيصلي لاءِ
اجازت وٺندو هو. عباسي دؤر اندر وزيراعظم جو لقب
’ذوالرياستين‘ هو. يعني ’صاحب الحرب والقلم‘(1).
پوليس:
پوليس جو وڏو عملدار ’صاحب الشرطه‘ سڏبو هو. هرهڪ
شهر ۾ پوليس جو انتظام هو. شهرن کي مضبوط عالم
پناهون ڏنل هيون. حمله آورن کي مجال نه هئي، جو
آسانيءَ سان شهر اندر گهڙي سگهن. اوهين اڳ پڙهي
چڪا آهيون ته هارون الرشيد جي ڏينهن ۾، جڏهن عربن
سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ گهريو ٿي، تڏهن مغيره
مهلبي منصوره تي قبضي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر شهر
وارن عالم پناه جا در بند ڪري ڇڏيا هئا، ان ڪري هو
ڪامياب ٿي نه سگهيو هو(2).
عالم پناهُن کي ٻاهران خندقون ڏنل هيون.
جيلخانا:
فتوحات سنڌ وقت عرب جڏهن ڪو شهر فتح ڪندا هئا،
تڏهن دشمن جي لشڪر کي هٿيارن ڇڏڻ لاءِ حڪم ڏيندا
هئا. رعايا کي عام معافي ڏيئي امن امان ۾ رهڻ لاءِ
حڪم ڏيندا هئا. عام معافي نامي کان پوءِ جيڪڏهن ڪو
سرڪشي ڪندو هو يا هٿيار پيش نه ڪندو هو، ته ان کي
’الحرب‘ سڏيندا هئا. کين قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن
زالن ۽ ٻارن کي بطور قيدين جي پاڻ وٽ رکندا هئا(1).
فتوحات کان پوءِ جڏهن اسلامي حڪومت جو سنگ
بنياد پيو، تڏهن اخلاقي ڏوهارين لاءِ جيلخانا
تعمير ٿيا. ديبل سينٽرل جيل هو. اسلامي دؤر ۾ سڀ
کان پهريائين خلافت حيدريءَ جي ڏينهن ۾، قيدين کي
رعايتون مليون. مثلا نادار قيدي جن جو نه ڪو مٽ هو
نه مائت، تن کي بيت المال مان کاڌو ڪپڙو ملڻ لڳو(2).
خلافت راشده کان پوءِ جڏهن شخصي حڪومت جو دؤر شروع
ٿيو، تڏهن مٿين قانون ۾ خرابيون پيدا ٿي ويون. خاص
ڪري حجاج بن يوسف جي زماني ۾ جڏهن ڪو لاوارث قيدي
مرندو هو، تڏهن سرڪاري حڪم موجب سندس لاش ٻن ڏينهن
تائين جيل ۾ پيو سڙندو هو ۽ ٻيا قيدي خيراتون پني
سواءِ غسل ۽ ڪفن جي جنازي کي دفنائيندا هئا. وليد
بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ معمولي شڪ ماتحت ڏوهارين
کي موت جي سزا ملندي هئي.بعض مجرمن کي ٽن ٽن سؤن
درن لڳڻ جي سزا مندي هئي. حضرت عمر بن عبدالعزيز
مٿينءَ سخت گير پاليسيءَ جو خاتمو ڪري، قيدين کي
مناسب رعايتون ڏنيون(3).
مثلا:
1- جيلر بدديانتي ڪندا هئا، تنهن ڪري قيدين کي
کاڌي بدران نقد درهم ملڻ لڳا(1).
2- جيل خانن ۾ زالن قيدياڻين کي سرڪار پاران برقعا
مليا. 3- قاتلن لاءِ ڌار طبقو قائم ڪيو ويو؛
سندن پيرن ۾ ٻيڙين وجهڻ جو حڪم هو.4- جيڪي قرض ادا
ڪري ن سگهيا ۽ ان جرم ۾ قيد هئا، تن کي اخلاقي
ڏوهارين کي ڌار رکيو ويو. 5- نماز وقت ۽ رات جو
سمهڻ وقت عام قيدين جون ٻيڙيون لاهڻ لاءِ حڪم
هو.6- بيمار قيدين کي سرڪاري شفاخاني مان دوا ملڻ
لڳي. 7- فوتين جي دفن ۽ ڪفن جو خرچ بيت المال مان
ٿين لڳو. 8- دُرن هڻڻ جي سزا گهٽائي ويئي. 9- عمال
کي حڪم مليو ته پاڻ وڃي جيل خانن جو معائنو ڪن.(2)
معتصم عباسيءَ جي ڏينهن ۾، عنبسه بن اسحاق ديبل جي
مندر جي هڪڙي حصي جي مرمت ڪرائي ان کي جيل خانو
بنايو هو(3).
مقتدر بالله جي وزير، علي بن عيسيٰ ، جيل خانن
لاءِ جدا حڪيم مقرر ڪيا هئا.
شراب تي بندش:
شراب هندو واپرائيندا هئا ۽ ان تي ڍل پيئي. خليفي
عمر بن عبدالعزيز اها ڍل بند ڪري ڇڏي. عمال کي حڪم
فرمايائون ته شهرن اندر ذمين جا جيڪي به شراب جا
دڪان آهن سي بند ڪيا وڃن.(1)
اسلام جي اشاعت:
قرآن شريف، جو اسلامي علوم ۽ فنون جو سرچشمو آهي،
سو خلافت راشده جي زماني ۾ مرتب ۽ مدون ٿي چڪو هو،
مگر اڃا منجهس نقطا ۽ اعراب ڏنل ڪونه هئا. عربن کي
سندس قرائت ۾ ڪابه دقت ڪانه ٿيندي هئي، ليڪن عجمين
کي پڙهڻ وقت گهڻي دقت ٿيندي هئي. حجاج بن يوسف
هونئن ته ظلمن ڪري مشهور هو، مگر قرآن جي اشاعت
ڪرڻ لاءِ سندس نيڪ ڪارنامو يادگار آهي. هن قرآن
مجيد ۾ نقطا ۽ اعراب ڏياري سندس گهڻائي نسخا
لکرائي مشرقي صوبن ڏانهن روانا ڪيا، جنهن ڪري نو
مسلمن کي پڙهڻ ۾ آساني ٿيڻ لڳي.(2)
قرآن جو پهريون سنڌي ترجمو:
بني اميه جي دؤر ۾ ابن جبير جو تفسير موجود هو، جو
فتح سنڌ کان ٿورو اڳ عبدالملڪ بن مروان جي ڏينهن ۾
تيار ٿيو هو.(3)
منصوره ۾ گهڻائي سنڌي عرب عالم موجود هئا، جي فن
تفسير جا ماهر هئا. ازانسواءِ هو هندي ۽ سنڌي
زبانن جا به ماهر هئا. منصوره جي هباري حاڪم
عبدالله بن عمر جي زماني ۾ الور جي راجا مهروگ
(مهروق) سنه 270هه ۾ منصوره جي امير کي لکيو ته
ڪنهن عالم کان اسلامي اعتقادات کان واقف ٿئي.
عبدالله جي حڪم سان هڪڙي سنڌي عالم اسلامي عقيدن
لکرائي کيس موڪليو ته هڪڙي قصيدي ۾ لکي راجا ڏانهن
مڪو. راجا قصيدو ٻڌي شاعر جي قادر ڪلامي ۽ لياقت
جي بي انتها تعريف ڪئي ۽ عبدالله کي لکيو ته شاعر
کي وٽس روانو ڪري. سنڌي شاعر ٽن سالن تائين راجا
جي درٻار ۾ عزت ۽ احترام سان رهي، قرآن شريف جو
سنڌي ترجمو ڪيو. وليد بن عبدالملڪ قرآن شريف جي
حافظن کي چوڌاري سلطنت اندر روانو ڪري، انهن لاءِ
وظيفا مقرر ڪيا، جيئن ماڻهن ۾ قرآن پڙهڻ جو شوق
جاڳي(1).
سليمان بن عبدالملڪ ناچ ۽ گاني تي بندش وڌي.
مسجدون:
محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ وقت وڏن شهرن جهڙوڪ
ديبل، نيرن ڪوٽ، سيوستان، برهمڻ آباد، الور،
ملتان، ديپالپور، قنوچ ۽ ويهند تائين بتخانن اڳيان
جامع مسجدون تعمير ڪرايون ۽ منجهن واعظ ۽ مؤذن
مقرر ڪيا. هندن سان جيڪي معاهدا ڪيا ويا، تن تي
مسلمان سختيءَ سان پابند رهيا. فاتح سنڌ جي نيڪي،
انصاف ۽ رواداريءَ کي ڏسي قديم رهاڪو، سمينه،
خوشيءَ سان مسلمان ٿيا(2)
ديبل ۽ ٻين شهرن مان سوين علماءَ ڪرام پيدا ٿيا،
جن جا نالا علامه سمعاني ڏنا آهن: هشام بن
عبدالملڪ جي تبليغ ڪري صغدانيا جي ترڪن جا قبيلا
مسلمان ٿيڻ لڳا.(1)
۽ جرگن جي فيصلن موجب سمرقند ۽ بخارا وارا
ترڪي قبائل مرڪز خلافت کي خراج ۽ ٻانهيون ۽ ٻانها
موڪلڻ لڳا.
سنه 349هه (960ع) ڌاري ترڪن جا ٻه لک ڪٽنب مسلمان
ٿيا(2).
سنه 435هه (سن 1034ع) ۾ ترڪن جا ڏهه هزار ڪٽنب
مسلمان ٿيا(3).معتصم
جنهن ترڪن کي ڀرتي ڪري سامره ۾ انهن لاءِ جدا
ڇانوڻي تعمير ڪرائي، سي سمورا ترڪ مسلمان ٿيا(4).
عربن سنڌ ۾ جيڪي نوان شهر- منصوره، محفوظه ۽ بيضا
تعمير ڪرايا هئا، سي دراصل اسلامي تعمير جا ادارا
هئا، جت عراق جي علمائن کان سواءِ درويشن ۽ محدثن
جي بود و باش اختيار ڪرڻ ڪري، اسلام جي اشاعت ٿيڻ
لڳي. ابن الاشعتر به هڪڙي نومسلم راجا جي ڌيءَ
سان شادي ڪئي هئي. حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه جو
زمانو سنه 99هه کان سنه 101هه (717-720ع) تائين
اٽڪل اڍائي ورهيه مس رهيو، مگر مٿئين قليل عرصي
اندر اسلام انتهائي سرعت سان سنڌ ۾ ترقي ڪئي.
سنڌ جي راجائن جو مسلمان ٿيڻ:
حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه، اسلام جي اشاعت ڪرڻ
لاءِ سلطنت جي صوبن ڏانهن واعظ مفتي وظيفن تي مقرر
ڪري روانا ڪيا، ته اتي جي رهاڪن کي فقه ۽ حديث جي
تعليم ڏين ۽ حرام حلال کان واقف ڪن(1).
هن اسلامي دنيا ۾ رهندڙ سڀني غير مسلم حاڪمن ڏانهن
اسلام جا دعوت ناما مڪا. بلاذري جو بيان هن
ريت آهي:
فکتب الي الملوک دعوهم الي الاسلام والطاعة ان
يملکهم ولهم ماللمسلمين و عليهم ما عليهم وقد کانت
بلغتهم سيرته و مذهبه فاسلم جليشه والملوک وتسموا
باسماءَ العرب.(2)
”خليفي بادشاهن کي هن شرط سان اسلام جي دعوت ڏني
ته سندن بادشاهيءَ ۾ ڪو خلل نه پوندو ۽ جيڪي
مسلمانن کي حق ڏنل آهن، سي کين ملندا، جيڪي
ذميواريون مسلمانن تي عائد آهن سي مٿن عائد
رهنديون. بادشاهه خليفي جي حسن اخلاق کان واقف
هئا، تنهن ڪري سنڌ جي راجا جئسيه (جليشه) ۽ ٻين
خوشيءَ سان اسلام قبول ڪري پاڻ تي عربي نالا
رکيا.“
ٿٻيٽ جي راجائن جو اسلام قبول ڪرڻ:
خليفة المسلمين جي حسن اخلاق جي سڀني حاڪمن کي خبر
هئي، تنهنڪري سندس دعوت کي هنن خوشيءَ سان قبول
ڪيو. ٿٻيٽ جي راجائن جو وفد دمشق جي درٻار ۾ پهتو.
خليفي وفد سان سليط بن عبدالله الحنفيءَ کي اسلام
جي تبليغ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو.(1)
جن جن ذمين اسلام قبول ڪيو هو، تن تان جزيه
معاف ٿي. عاملن کي حڪم ڏنائون ته ذمين کي اسلام
ڏانهن خوش اسلوبيءَ سان مائل ڪن. مٿين4 خيرانديش
پاليسيءَ جي ڪري، چار هزار ذمي خراسان جي عامل،
جراح بن عبدالله الحڪميءَ جي ترغيب سان مسلمان ٿيا(2).
سنڌ ۾ تبليغ جو اثر ان ڪري مفيد ثابت ٿيو، جو
حجاج جي ڏينهن ۾ عرب عملدار ذمين کان جزيه اڳاڙڻ
وقت مٿن سختيون ڪندا هئا.
حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه ذمين سان جيڪي رعايتون
ڪيون، تن جي اثر ڪري گهڻي خوشيءَ سان اسلام قبول
ڪيو. ذمين جي اسلام قبول ڪرڻ ڪري ڍلن ۾ گهٽتائي
ٿيڻ لڳي، جنهن تي عالمن خليفي کي پڪار ڪئي، کين
جواب مليو ته ڀل ڍلون گهٽجن، جيئن اسين سڀ هٿن سان
پورهيو ڪري کائون. خليفي جي نيڪنامي، ايمانداري ۽
سهڻن اخلاقن رعايا تي چڱو اثر وڌو. مامون جي ڏينهن
۾ به هڪڙي ٿٻيٽ جي راجا مسلمان ٿي پنهنجي جواهرن ۽
ياقتون سان مڙهيل بتن کي مڪه معظمه ڏانهن نذراني
طور مڪو هو. خاران جي نوشيرواني ملڪن به اسلام
قبول ڪيو.
مذهبي مناظرا:
بصرو، جو هجري 2 صدي جي وچ ڌاري مختلف مذهبن جو
مرڪز هو، اتي واصل بن عطاءَ ۽ جهم بن صفوان سان
هندو پنڊتن، جي ٻڌ هئا، مذهبي مناظرو ڪيو هو، جنهن
۾ پنڊتن هارائي اسلام قبول ڪيو هو.(1)
ان قسم جا مذهبي مناظرا سنڌ ۽ هندستان ۾ ٿيندا
هئا. امام ابوالحسن مسعودي 302هه ڌاري کنڀات ۾ آيو
هو، سندس بيان آهي ته اُتي برهمڻ راجا نووارد
مسلمانن سان مذهبي بحث ۽ مناظرا ڪندو هو.(2)
مذهبي رواداريءَ جو جذبو ايترو ڪارفرما هو، جو
هجري 2 صديءَ ڌاري جڏهن عربن جي ڪمزوريءَ ڪري سنڌ
جي ڪن حصن تي هندن ٻيهر قبضو ڪيو، تڏهن هو مسلمانن
جي مسجدين ۾ نماز پڙهندا هئا ۽ خطبن ۾ خليفن جو
نالو پڙهندا هئا. مامون پاڻ معتزلي هو ۽ سندس
درٻار ۾ حنفي، شيعا ۽ خارجي بحث ڪندا هئا.(1)
سنڌ ۾ مختلف فرقا:
سنڌ جا باشندا حنفيت جا پڪا پائبند هئا، تاهم ڪوفو
۽ بصرو، جي مختلف مذهبن ۽ ملتن جا مرڪز هئا، سي
ايران وانگر سنڌ کي به ويجها هئا ۽ اتي ڪابه مذهبي
تحريڪ يا سياسي انقلاب پوندو هو، ته انهن جو اثر
هنن پاڙيسري ملڪن تي ضرور پوندو هو. سنڌ جا گهڻائي
والي اهل بيت جا طرفدار هئا. عمر بن حفص جي زماني
۾ عبدالله اشتر سنڌين کي بني فاطمه جي اطاعت ڏانهن
مائل ڪرڻ لاءِ آيو هو. ڪيترن سنڌين سندس هٿ تي
بيعت ڪئي. سنڌ ۽ ملتان تي پهريون دفعو شيعيت جو
اثر پئجي ويو. عمان جا رهاڪو گهڻو ڪري خارجي هئا،
سي عباسي حڪومت جي ابتدائي زماني ۾ سنڌ ۾ اچڻ لڳا
۽ هتي جي ماڻهن کي حڪومت جي خلاف ڀڙڪائڻ لڳا. جيئن
ته سنه 142هه ڌاري حسان بن مجالد همداني خارجي سنڌ
جي ماڻهن کي هم خيال بنائڻ لاءِ آيو هو، پر عمر بن
حفص ۽ عبدالله اُشتر جي موجودگيءَ ۾ سندس ڳالهه نه
هلي سگهي. تنهن ڪري نااميد ٿي موصل ڏانهن هليو
ويو. خلافت عباسيه جي ڪمزوريءَ ڪري خارجين کي
قيقان ۽ مڪران جي وچ ۾ مشڪي رياست قائم ڪرڻ جو
وجهه مليو. اها رياست عربن جي پوئين زماني تائين
قائم رهي.
مامون، سنه 203هه ۾، عبدالله بن زياد جي پٽ محمد
زياد کي يمن جي حڪومت تي مقرر ڪيو هو، جنهن جي
اولاد مان، ابوالجيش جي ڏينهن ۾ يحيٰ بن حسين، جو
ابن طباطباءَ علويءَ جي نسل مان هو، يمن ۾ ظاهر
ٿي، مذهب زيديه جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي. هو سنڌ مان
يمن آيو هو، ڇو ته هن جي ڏاڏي قاسم سرزمين عرب کي
ڇڏي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. هن جو اولاد به
اتي ئي رهندو هو. مٿئين بيان مان اندازو ڪري سگهجي
ٿو ته سنڌ ۾ عرب جي معزز خاندانن جي ڪيتري قدر
آمدورفت هئي.
عمر بن عبدالله هباريءَ جي ڏينهن ۾ منصوره ۾ حضرت
علي المرتضيٰ جو اولاد گهڻي انداز ۾ موجود هو ۽
انهن ’علوي‘ بزرگن ۾ زياده شمار انهن ماڻهن جو هو،
جي پاڻ کي عمر بن علي ۽ محمد بن علي جي اولاد مان
سڏيندا هئا. بني فاطمه کي سنڌ سان گهڻا تعلقات
هئا، جي ابتدا کان هليا ٿي آيا. خصوصا زيديه فرقي
جا مانهو، جي عبدالله اشتر سان گڏ آيا هئا، هتي
گهڻا ڪٺا ٿي ويا هئا. سنڌ گويا هڪڙي جاءِ پناه
هئي. سنه 270هه (883ع) ۾ عبدالله المهديءَ جي
زماني ۾ هيشم فاطمين جو پهريون داعي سنڌ ۾ آيو هو.
عيسوي 12 صديءَ ڌاري اسماعيلين جو داعي، نور ساگر،
قلعه الموت کان تبليغ ڪرڻ لاءِ گجرات پهتو هو.سنه
386هه (996ع) ۾ جعلم بن شيبان سنڌ ۾ آيو ۽ سنه
367هه (977ع) ۾ بنو سامه قريش وارن کان سنڌ فتح
ڪري فاطمي سڪي ۽ خطبي کي سنڌ ۾ رائج ڪيو. تنهن کان
اڳ سنه 360هه ۾ عضدالدوله ديلمي اڻ سڌيءَ طرح سنڌ
تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ جامع منصوره جي ممبر تي بغداد
جي خليفي جي نالي کان پوءِ عضدالدوله جو نالو به
ڪجهه عرصو جاري رهيو. هباري اميرن جو سفير به سندس
درٻار شيراز ۾ رهڻ لڳو.
غرض ته جيڪي به فرقا اسلامي دنيا ۾ پيدا ٿيا،
جهڙوڪ: 1- عثمانيه، 2- علويه، 3- سبائيه، 4-
ناصبيه، 5- خوراج، 6- مجسمه، 7- جهميه، 8- قدريه،
9- شعوبيه، 10- تناسخيه، 11- مرجئه، 12- محلليه،
13- متڪلمين ۽ 14- معتزله وغيره: تن عظيم الشان
فرقن جو نه رڳو سنڌ بلڪ سڄي اسلامي دنيا تي اثر
پيو(1).
ڪوفو ۽ بصرو علمي حيثيت ڪري مديني مناروه جا همسر
هئا. مٿيان شهر سنڌ کي ويجها هئا. انهن شهرن ۾
شيخ الاسلام ۽ سيد الحفاظ سفيان ثوري (المتوفي
161هه)، امام حافظ حماد بن سلمه (المتوفي 167هه)،
محدث حماد بن زيد (المتوفي 179هه)، محدث هيشم،
وڪيع بن جراح ۽ عبدالرحمان بن مهدي فقه ۽ حديث جا
امام ٿي گذريا. ڪوفي ۽ بغداد کان پوءِ، بغداد
دارالامارات جت امام ابو حنيفه ڪوفي (المتوفي
150هه)، امام احمد بن حنبل شيباني (المتوفي 241هه)
۽ امام شافعي (المتوفي 204هه) اهل سنت جا امام ٿي
گذريا. خراسان ۾ امام دائود سجستاني فقه ۽ حديث جو
امام ٿي گذريو ۽ سندس فيض اسلامي دنيا کي پهتو.
سنڌ جي علمي محفل:
عربن کي خبر هئي ته فاتح قوم جا قانون مفتوح لاءِ
مفيد ٿي نه ٿا سگهن، تنهن ڪري هنن هندن جي قانونن،
رسمن، رواجن ۽ مذهب کي آزادي ڏيئي برقرار رکيو-
جيئن انهن مصر ۽ اندلس وارن کي آزادي ڏني هئي. پاڻ
فاتح هئا، مگر جيسين ملڪ مان پوريءَ طرح واقف ٿين،
تيسين عربي سادگيءَ تي ڪاربند رهي، مفتوح قوم
اڳيان شاگرد ٿي رهيا. سنڌ تي عربن صدين تائين
حڪومت ڪئي، جنهن مان عباسي دؤر جو زمانو اتڪل اسي
ورهيه رهيو. منصوره جو بنياد بني اميه جي دؤر ۾
پيو ۽ اهو پڇاڙيءَ تائين عربن جو دارالامارات ٿي
رهيو. عربن کان پوءِ اهڙو ويران ٿي ويو، جو اڄ
منصوره جو نالو ڳولهڻ سان به ملي نه ٿو سگهي.سنڌ
جي دارالسطنت هجڻ سبب منصوره علمي لحاظ کان دمشق ۽
بغداد ثاني بڻجي ويو. ڪيترا عالم، فاضل، اديب ۽
شاعر منجهس رهندا هئا. خود عرب ۽ عراق مان ڪيئي
پنهنجي زماني جا مشهور عالم داد و دهش ۽ علمي شهرت
سبب پنهنجو وطن ڇڏي اچي منصوره ۾ مقيم ٿيا هئا.
منصوره جي عام علمي ۽ مذهبي حالت بابت بشاري مقدسي
جهڙو عالم هن ريت بيان ڪري ٿو:
”هتي جا رهاڪو لائق بامروت آهن؛ اسلام کي وٽن
نازگي آهي؛ اهل علم هتي گهڻا آهن، ماڻهن ۾ ذهانت ۽
ذڪاوت آهي؛ هو نيڪي ۽ خيرات ڪن ٿا. مسلمانن ۾ گهڻو
ڪري اهل حديث آهن. وڏن شهرن ۾ حنفي فقها به آهن،
ليڪن هت مالڪي ۽ حنبلي ڪونه آهن ۽ نه معتزلي آهن؛
ماڻهو سڌي ۽ صحيح مسلڪ تي آهن. نيڪ ۽ پاڪدامن
آهن.“(1)
مٿئين بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره ۾ علم جو
ڪافي غوغاءُ هو. مذهبي لحاظ کان مسلمان گهڻو ڪري
اهل حديث هئا. مختلف مذهبي فرقن جي واعظين جو وجود
نه هو، جنهن ڪري نه مذهبي اختلاف هئا ۽ نه ماڻهن ۾
فرقيبازي هئي. باشندا ذهين، سمجهو، نيڪ دل ۽ سچار
هئا.منصوره ۾ قضا جي عهدي کي وڏي اهميت هئي. عراق
۽ عرب جا مشهور عالم انهيءَ منصب لاءِ منتخب ٿي
ايندا هئا. ڪتاب ’احسن التقاسيم‘ جي ذريعي هڪ
مدرسي جو پتو پوي ٿو، جنهن ۾ قاضي ابو محمد
منصوريءَ جو درس جاري هو. سندس مذهب دائودي ظاهري
هو ۽ پنهنجي مذهب ۾ کيس امام جو درجو حاصل هو.
سندس ڪيتريون تصنيفون هيون، جن مان ڪي ته تمام
بهترين هيون. منصوره ۾ ٻيا به ڪي مدرسا هوندا، پر
تاريخ انهن جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي.
قاضي محمد بن ابي الشوراب پنهنجي وقت جو وڏو عالم
هو. عراق ۾، خاص ڪري بغداد ۾، ماڻهو سندس وڏي عزت
ڪندا هئا. بغداد جا عباسي خليفا ۽ شهزادا سندس
صحبت مان فيض پرائيندا هئا ۽ وقت بوقت سند حاجت
روائي به ڪندا هئا. سنه 283هه ۾ هو بغداد کان
منصوره جو قاضي مقرر ٿي آيو، منصوره ۾ ڇهه مهينا
کن رهيو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو.(1)
ابي الشوراب جو اولاد منصوره ۾ مقيم رهيو. کانئس
پوءِ سندس پٽ علي بن محمد ابي الشوراب منصوره جو
قاضي رهيو. سندس اولاد هجري 4 صديءَ جي شروعات
تائين منصوره ۾ رهيو.(2)
مطيع بن اياس عرب جو مشهور شاعر هو، هشام تغلبيءَ
جي زماني ۾ منصوري آيو ۽ ڪافي عرصو رهيو.(3)
ابو عباده، وليد بن عبيدالبحتري (المتوفي 284هه) ۽
شاعر ابو تمام صاحب ’حماسه‘ جو همعصر ۽ شهره آفاق
شاعر هو، ڪجهه وقت ملتان ۾ رهيو هو، منصوره جيئن
ته واٽ تي هو، تنهن ڪري ملتان ويندي ۽ اتان واپس
ورندي ضرور منصوري آيو هوندو. ازانسواءِ، منصوره
نه فقط ان وقت دارالسطنت هو، ليڪن علم ۽ ادب جو به
گهوارو هو.(1)
ابو العباس احمد بن صالح التميمي المنصوري، منصوره
جو باشندو هو ۽ پوءِ عراق وڃي رهيو، دائودي
اصفهانيءَ جي مذهب جو مشهور امام هو، فارس ۾ پهچي
هن الاثرام ۽ ان جي طبقي کان حديث جي سماعت ڪئي.
کانئس الحاڪم ابو عبيدالله الحفاظ صاحب مستدرڪ
حديث روايت ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جيڪي
عالم ڏٺا، تن سڀني ۾ هي نهايت ظريف الطبع هو.
دائودي مسلڪ جي جيد عالمن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو.
جليل القدر تصنيفون ڪيائين، جن مان ڪي ته نهايت
عمديون ۽ ضخيم هيون. سندس ڪن ڪتابن جا نالا هي
آهن: 1- المصماع ڪبير، 2- ڪتاب احادي ۽ 3- ڪتاب
التنر(2).
ابو محمد عبدالله ابن جعفر ابن مره المنصوري
التمري به جيد عالم ۽ پنهنجي دؤر جو مشهور محدث
هو. سمعاني لکي ٿو ته، سندس رنگ سانورو هو ۽ هن
حسن ابن مڪرم ۽ ان جي معاصر کان حديث جي سماعت
ڪئي. کانئس حاڪم به روايت ڪئي آهي.(3)
حڪيم ابراهيم بن فزارون بغداد جو مشهور حڪيم هو،
غسان بن عباد سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪجهه عرصو هت رهي
پوءِ واپس ويو. جيسين سنڌ ۾ رهيو، تيسين مور جو
گوشت کائيندو هو. چوندو هو ته ”خدا شاهد آهي ته
مان سڄي عمر اهڙو گوشت نه کاڌو آهي!“ غسان بن عباد
مهلبي سنه 213هه ۾ سنڌ جو والي ٿي آيو ۽ سنه 216هه
۾ واپس بغداد پهتو. سندس بيان ’تاريخ الحڪماءِ‘
(مصري ڇاپي) ۾ ڏنل آهي.
ابو ضلع منصوري السندي هجري 4 صدي ۾ منصوري ۾ ٿي
گذريو. هن شاعر پهريون وطني ترانو جوڙيو، جنهن مان
سنڌ جي فضيلت جي خبر پئجي سگهي ٿي. سندس قصيدي جون
پهروين ٻه سٽون هي آهن:
”لقد انکر اصحابي وما ذالک بالامثل،
اذا ما مدح الهندو سهم الهند في المقتل.“
سنڌي جيڪي قيد ٿي عراق ۽ عرب پهتا، تن اقليت جي
حيثيت ۾ فاتح قوم وانگر علمي ۽ سياسي مرتبا حاصل
ڪيا. سنڌين عربي دؤر ۾ علوم ۽ فنون ۾ ايترو ڪمال
حاصل ڪيو، جو وڏن وڏن عالمن سندن مسند درس تان فيض
پرايو. علامه سمعاني، ’ڪتاب الانساب‘ ۾ اوائل
صديءَ جي سنڌ جي سنڌي علمائن، فاضلن ۽ محدثن جا
نالا ڏنا آهن، جيڪي عراق ۽ عرب ۾ ’السندي‘ جي لقب
سان مشهور ٿيا. شيخ ابوبڪر اسرائيفينيءَ جي جد
اعليٰ جو لقب ’السندي‘ هو. عبدويه رازيءَ جو اولاد
جد اعليٰ جي ڪري ’السندي‘ سڏجڻ لڳو. مشهور راوي
ابو معشر بن عبدالرحمان پنهنجي وطن مالوف ڪري
’السندي‘ ۽ جاءِ قيام ڪري ’مدني‘ سڏجي ٿو. حديث،
فقه، فن مغازيءَ ۾ ماهر ٿي گذريو.
جامع ترمذي ۽ حافظ ابن حجر ڪتاب ’تهذيب التهذيب‘ ۾
۽ علامه ذهبي ’تذڪرة الحاظ‘ ۾ سندس استادن ۽ شيخين
جا نالا ڏنا آهن. امام سفيان ثوري اويسي سندس
شاگردن مان هو. سندس تصنيفات مان ’ڪتاب المغازي‘
مشهور آهي(1).
سنه 170هه ۾ وفات ڪري ويو. خليفي مهدي عباسي سندس
جنازي نماز پڙهائي. بغداد جي مقبرهءِ ڪبير ۾
سنڌ جو هي فخر مدفن ٿيو. ٽن صدين اندر اسلام جي
ابتدائي دؤر ۾ خاڪ پاڪ ’جنت السنڌ‘ مان ڪهڙا گوهر
پيدا ٿيا، تن جو اندازو ڪري سگهو ٿا. سندس لائق
فرزند ابو عبدالملڪ محمد پنهنجي زماني جي زبردست
عالمن مان هو. خليفي مهديءَ کيس مديني مان بغداد
گهرايو هو. ابو حاتم محمد بن ادريس رازي، محمد بن
ليث جوهري، ابو يعلي موصلي کانئس حديثون روايت
ڪيون آهن. سنه 244هه ۾ وفات ڪري ويو(2).
شيخ الاسلام عبدالرحمان بن عمرو امام اوزاعي انهن
ائمهءِ اسلام مان آهي، جي فقه جا امام شمار ٿين
ٿا. شام ۽ اندلس ۾ وڏي عرصي تائين سندس پيروئن جو
ڪثير تعداد هو. امام صاحب سنه 88هه ۾ ڄائو ۽ سنه
156هه ۾ وفات ڪري ويو. علامه ذهبي، حافظ بن حجر
عسقلاني هن بزرگ کي سنڌي شمار ڪن ٿا. امام
دارالهجرت مالڪ سندس شاگرد هو.(1)
سند شيخين مان امام زهري، يحيٰ بن ڪثير ۽ فتاده
وغيره کانئس روايتون ڪيون. امام اوزاعي
’السندي‘ جي مرتبي لاءِ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته
هديث جا چار امام آهن:
1- اوزاعي، 2- امام مالڪ، 3- ابوسفيان ثوري ۽ 4-
حماد بن زيد. امام وزاعي، امام اعظم رحه جو همعصر
هو.(2)
امام اوزاعي حق گوئيءَ ڪري مشهور ٿي گذريو، سندس
هڪڙو مثال فوٽ نوٽ تي ڏجي ٿو.
حافظ ابو محمد خلف بن سالم السندي (المتوفي سنه
231هه) آل مهلب جو غلام هو. مشهور حفاظ مان هو.
حافظ ابن حجر کيس ’السندي، البغدادي ۽ الحفاظ‘ جي
لقبن سان لکيو آهي. امام احمد بن حنبل رحه سندس
شاگردن مان هو. ابو نصير بن فتح بن عبدالله
’السندي‘، ’فقيه ۽ متڪلم‘ جي لقب سان شهرت حاصل
ڪئي هئي.
ابوالعطا السندي عرب جي قادرالڪلام شعراءَ جي
پهرئين صف ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس نالو ’افلح‘ ۽ سندس
پيءُ جو نالو ’يسار‘ هو.بني اميه جو غلام ٿي آيو ۽
پوءِ ابو جعفر منصُور عباسيءَ جي زماني ۾ وفات
ڪيائين. شاعر ابو تمام پنهنجي مشهور ڪتاب الحماسه‘
۾ کيس جاءِ ڏني آهي. اُموي ۽ عباسي درٻارين جو
نامور شاعر ٿي گذريو. جيتوڻيڪ سنڌي هئڻ سبب سندس
تلفظ درست نه هو، مگر سندس عربي اشعار کي خالص عرب
زباندانن تسليم ڪيو آهي. سندس شمار محزرمي شاعرن ۾
آهي. قصيدو چوندو هوته مجلس وجد ۾ اچي ويندي هئي.
نصر بن يسار اموي سندس حاجت روائي ڪندو هو.(1)
هندي علوم جي قدرداني:
علم حديث جي تدوين ۽ تاليف جو شرف بني اميه وارن
کي حاصل آهي. قرآن مجيد جا نسخا نقطن ۽ اعرابن سان
سندن ڏينهن ۾ حڪومت جي مشرقي صوبن ۾ پهتا. وليد بن
عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ جيڪو قرآن مجيد حفظ ڪندو هو،
تنهن کي سرڪار کان وظيفو ملندو هو، جيڪي ياد نه
ڪندا هئا، تن کي سزا ملندي هئي. گويا فتوحات سنڌ
جي ابتدائي دؤر ۾ قرآن پڙهڻ ۽ حفظ ڪرڻ سرڪاري حڪم
هو، انحرافي ڪندڙ کي سزا ملندي هئي(1)
اصول لغت جي تدوين به بني اميه جي دؤر ۾ ٿي.
ابوالاسود نحو جا قاعدا وضع ڪيا.(2)
ازان سواءِ فن سير ۽ مغازي جي تدوين پهريان جن
بزرگن ڪئي مثلا: امام اوزاعي، وهب بن منبه، محمد
بن مسلم الزهري، موسيٰ بن عقبه وغيره- اهي سمورا
بنو اميه جي دؤر ۾ ٿي گذريا.
بنو اُميه سلاطين مان معاويه، هشام ۽ مروان بن حڪم
جي زماني ۾ ايران، يونان ۽ مصر جي طب، فلسفي ۽
تاريخ جا ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا؛ مگر مٿيان جيڪي
به قدم کنيا ويا، سي مختصر طور هئا. عباسي دؤر، جو
علوم ۽ فنون جي ترقيءَ جو زمانو هو، ان دؤر ۾“ عرب
هندي علوم ڏانهن متوجه ٿيا. جيئن اندلس فتح ڪرڻ
کان پوءِ لاطيني ۽ يوناني ڪتابن جا هنن ترجما
ڪرايا هئا.(1)
پوءِ عرب فاتح جيڪي ابتدا ۾ محڪوم قومن جا
شاگرد ٿي رهيا، سي ڦري استاد بنجي ويا. هنن ٻين
قومن جي فنا ٿيل علمي محفلن کي دوباره زنده ڪري،
نه فقط محڪوم قومن تي احسان ڪيا، پر پنهنجي سچائي،
بي غرضي، رواداري ۽ الوالعزميءَ جو اهڙو مثال پيش
ڪيو، جنهن کي تاريخ اڃا سوڌو دهرائيندي اچي ٿي.
سنڌ تي جنهن عربي لشڪر ڪاهه ڪئي، تنهن ۾ عراقي،
شامي، يماني ۽ حجازي عملدار هئا؛ منجهن ڪي اهڙا
بزرگ به هئا، جن مجاهدن صحابه ڪرام جي صحبتن مان
فيض پرايو هو ۽ ڪن تابعين کان فيض پاتو هو. ان سبب
ڪري سندن حڪومت جا طريقا ۽ اصول خيبرلڪ جي فاتح
قومن کان نرالا هئا. سنه 132هه (749هه) ۾ خلافت جو
مرڪز دمشق کان بغداد ڏانهن منتقل ٿي ويو. عربن جو
هيءُ علمي، مذهبي ۽ سياسي مرڪز سنڌ کي بلڪل ويجهو
هو. اهڙي ويجهڙائيءَ مان عباسي خليفن پورو فائدو
ورتو. منصور، هارون ۽ مامون بغداد ۾ دارالحڪمت،
دارالتراجم ۽ رسدخانا تعمير ڪرايا هئا، جتي مختلف
قومن جا عالم ۽ حڪيم ڌارين ٻولين جي ڪتابن کي
ترجمن ڪرن لاءِ وڏي پگهارن تي مامور هئا. عباسي
وزارت عظميٰ جون واڳون برامڪه خاندان جي خانوادن
جي هٿن ۾ هيون، جي اصل هندو نسل جا هئا. هو پنهنجي
علم پروري ۽ فياضيءَ ڪري مشهور هئا.(1)
سنڌ جا رهاڪو دوائن، جڙين ٻوٽين ۽ زهر جي علم کان
واقف هئا. جيئن يونانين جي بيان ۾ پڙهي چڪا آهيون.
مٿيون علم ڌارين کان مخفي رکندا هئا، مگر سندن
طبابت جو هوڪو اسلام جي ڪاهه کان اڳ به عرب ۾
پکڙيل هو. مثلا: امام بخاري (المتوفي سنه 256هه)
پنهنجي ڪتاب ’الادب المفرد‘ ۾ صحابه ڪرام جي زماني
جو هڪڙو واقعو لکيو آهي ته، هڪڙي دفعي ام المؤمنين
حضرت عائشه بيمار ٿي هئي، سندس ڀائٽين علاج لاءِ
هڪڙي سنڌي طبيب کي گهرايو هو(1).
شيخ علي رومي ڪتاب ’محاضرة لاوائل و مسامرة
الاواخر‘ ۾ هندستان کي حڪمت جو چشمو لکي ٿو.(2)
يحيٰ بن خالد برمڪيءَ جي ڪوشش سان سنڌ ۽ هنڌ جا
ويد، حڪيم ۽ پنڊت دارالخلافه بغداد پهتا ۽ اتي جي
ادارن تي وڏن وظيفن سان مقرر ڪيا ويا. برامڪه
خاندان وارن کي عباسي خليفن وانگر علم ۽ حڪمت سان
گهڻي دلچسپي هئي. جاحظ جو بيان آهي ته، هندو جوتش،
حساب ڪتاب، طب ۽ فن بت تراشيءَ جا ماهر هئا. مشهور
مؤرخ ۽ سياح يعقوبيءَ جو بيان آهي ته هندن جي جوتش
وديا مان ايرانين، يونانين ۽ عربن فائدا پرايا(3).
بهرحال منصور، هارون، مامون ۽ معتصم جي علمي
دلچسپين ۽ برامڪه جي قدردانين ۽ فياضين جي ڪري سنڌ
مان گهڻائي پنڊت ۽ ويد بغداد پهتا، جن نجوم، هيئت،
طب، ادب ۽ اخلاق تي ڪيترا ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو
ڪيا. جاحظ (المتوفي 255هه) انهن پنڊتن ۽ ويدن جا
نالا بهله (بجيڪر)، فلبرفل (ڪلپ راءِ)، بکر، ڏاهر،
زنڪل، راجه اريڪل وغيره ڏنا آهن، جن مان گهڻا
مسلمان ٿيا هئا.
|