سرحدي واقعا:
سنڌ جي سرحد تي امن امان رکڻ لاءِ مير نور محمد
خان جوڳو انتظام ڪري ويو هو، جيئن انگريزن کي
شڪايت ڪرڻ لاءِ موقعو ملي نه سگهي. ٿر جا کوسا وقت
بوقت ڪڇ ۾ ڦريون ڪندا هئا، سندن سردار بهادر خان
کوسي کي مير صاحب ٿر مان لڏارائي اپر سنڌ ۾ رهڻ
لاءِ حڪم ڏنو ۽ ٿر جي راڻي جڳتسنگهه تي ٽالپري فوج
چڪاس رکڻ لاءِ مقرر هئي. ڪابل جي پهرينءَ ويڙهه
وقت انگريزن سنڌ، پنجاب راجپوتانا ۽ بلوچستان جي
وچ ۾ بنيادي نفاق وجهي ڇڏيا هئا. ڪراچي لاڙ ۾ ۽
بکر سري تي ٻه اهم هنڌ انگريزن جي نگراني هيٺ هئا.
سکر، شڪارپور، خان ڳڙه، ڍاڍر، شال (ڪوئٽا) ۾
انگريزن فوجي چوڪيون قائم ڪيون هيون، جتي سامان
رسد جا ڊيپو هئا. ڇتر، ڦليجي، ڀاڳ، لهڙي، قاسم جي
جهوڪ ۽ برشوري ۽ سندن عملدارن جي آرام وٺڻ لاءِ
مسافر خانا جڙيل هئا. سکر سندن فوجي مرڪز هو.
مٿئين رستي تان انگريزن جي ڪابل واري لشڪر کي
سامان پهچندو هو. مير محراب خان جي بيگناهه شهيد
ٿيڻ ڪري بلوچن ۾ ڪافي جوش هو. ڪڇيءَ جا بلوچ جن
ڪابل لشڪر جا قافلا لٽيا هئا، تن کي مير نصير خان
ثاني امن امان ۾ رهڻ لاءِ صلاح ڏني. مير شير محمد
خان ماڻڪاڻيءَ لهڙي جي دومبڪي سردار ڏانهن دعوت
نامي ۾ لکي مڪو هو ته، ”جيڪڏهن ڊومبڪي دري بولان
تي ڪاهه ڪندا ته پنج هزار ماڻڪاڻي لشڪر مدد ڪرڻ
لاءِ موڪلبو.“ انگريزي ايجنٽن کي ان قسم جي خط و
ڪتابت جي خبر هئي. مير نصير خان ثاني انگريزن جي
چوڻ تي پنهنجي بولان جي نائب مولا بخش کي ڍاڍر ۾
تاڪيد نامو مڪو هو ته هو ڊومبڪين جي سردار کي امن
۾ رهڻ لاءِ تاڪيد ڪري.
خان قلات پاران افتار خان رند هٿياربند فوجن جي
دستي سان دري بولان جي حفاظت ڪرڻ لڳو.(1)
روجهاڻ جو قلعو شڪارپور کان 26 ميلن تي خان ڳڙهه
کان ڏهن ميلن تي بلندي مير عالين جي رياست جو مرڪز
هو، سو جاني ديري جي زمينن تائين براهوئين ڦٻائي
ورتو، ان کان سواءِ هو مامل جو جهنگ به والارڻ
لڳا. جولاءِ سنه 1842ع ۾ مير نصير خان شهداداڻي
انگريزي ريزيڊنٽ ميجر آئوٽ رام کي سنڌ ۽ بلوچستان
جي حدن مقرر ڪرڻ لاءِ احتجاجي نوٽ پيش ڪيو، ليڪن
انگريزن جو سمورو ڌيان قنڌار ۽ ڪابل ڏانهن هو ۽
سندن خاص مرضي هئي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪنهن قسم
جي گڙٻڙ نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته اُتان چوپايو مال ۽
سامان رسد ڪابل جي لشڪر کي پهچندو هو ۽ دري بولان
جي سلامتيءَ لاءِ سنڌ جي سرحد ۽ ڪڇيءَ جي ميداني
قبيلن ۾ امن امان قائم رکڻ انگريزن لاءِ ضروري هو.
قنڌار، ڪابل ۽ قلات فتح ڪرڻ کان پوءِ، انگريزن جو
اقتدار ايتري قدر وڌي ويو هو، جو سرحدي بلوچي
قبيلن جي جرڳن جا فيصلا انگريزن جي چوڻ تي آغا جي
معرفت ٿيڻ لڳا. برٽش پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ آغا خان جي
معرفت بجار خان ڊومبڪي ۽ دريا خان جکراڻيءَ جي پاڻ
۾ صلح ٿي. ساڳئي وقت مير نور محمد خان جي پٽ حسن
علي خان۽ مير شهداد خان جو ملڪيت تان پاڻ ۾ تڪرار
جاڳيو ۽ نواب حمد خان لغاريءَ جي اشاري تي مير
صوبدار خان شهزادي حسن علي خان کي ڀڙڪائڻ لڳو،
ڌرين جو فيصلو مير نصير خان، ميجر آئوٽ رام معرفت
ڪرايو. غرض ته ڪراچيءَ کان وٺي ويندي ڪابل تائين
بلوچي ۽ افغان سردارن جا فيصلا انگريزن معرفت ٿيڻ
لڳا.
ڪابل جي فضا جو بدلجڻ:
لارڊ آڪلنڊ ۽ برطانوي وزير لارڊ پامرسٽن، سنڌو
نديءَ پريان هڪ هزار ميلن جي مفاصلي تي اڻ ڏٺي
ڏيهه ۾ جيڪا مفت ۾ جنگ خريد ڪئي هئي، تنهن جو
نتيجو ستت انگريزن کي ڀوڳڻو پيو. شاهه شجاع، جنهن
غيور پٺاڻن مٿان فرنگين جي چٽي مڙهي هئي، تنهن جي
روش ڪري پٺاڻن ۾ عام ناراضپو پيل هو. سڀني افغانن
تنگ ٿي، گڏجي امير دوست محمد خان جي پٽ غازي اڪبر
خان جي اڳواڻيءَ هيٺ انگريزن خلاف استقلال جو
جهنڊو بلند ڪري، گوريلا جنگ شروع ڪئي. 27 جون سنه
1839ع تي، رنجيت سنگهه 57 ورهين جي ڄمار ۾ مئو.
سندس بي وقتي موت اتحاد ثلاثه جو هڪڙو بازو ڀڃي
ڇڏيو. لاهور درٻار جي خالصا سردارن ۽ وزيرن ۾
انتشار پئجي ويو. خالصا حڪومت زوال ڏانهن قدم کڻڻ
لڳي. رنجيت سنگهه جيڪا پيشنگوئي ڪري ويو هو ته:
”عنقريب سڄي هندستان جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويندو.“ سا
درست ثابت ٿيڻ لڳي.
سنه 1840ع ۾ روسين خيوا تي ڪاهه ڪئي، جيتوڻيڪ هن
مهم ۾ روسي ناڪام رهيا، ليڪن سينٽ پيٽرسبرگ جي
ڪورٽ آف نيوا ۽ لنڊن جي ڪورٽ آف سينٽ جيمس ۾ ڇڪتاڻ
پوڻ ڪري، روس ۽ انگريز وچ ايشيا جي ميدان ۾ طاقت
آزمائي ڪرڻ لڳا. روسي حملي جي اوٽ وٺي، انگريز
هندستانين کي ’روسي خطري‘ جو خوف ڏيارڻ لڳا،
جيتوڻيڪ روسين لاءِ هندوڪش جبل ٽپڻ نهايت مشڪل ڪم
هو، سو پنهنجن ڏيڍ سؤ بيگمن سان بالا حصار قلعي ۾
عيش ۽ آرام سان رنگ رلين ۾ مشغول هو.
سر وليم مئڪناٽن ۽ سر اليگزينڊر برنس سنگينن ۽
ناڻي جي زور تي شجاع پاران پٺاڻن تي حڪومت هلائي
رهيا هئا. انگريز عملدارن پنهنجن مڊمن ۽ ٻارن ٻچن
کي به ڪابل گهرايو هو، ته ڀل گل اندام ڀوريون ڪابل
جي ٿڌين جانفرا هيرن ۽ لذيذ ميون کان لطف اندوز
رهن. هر روز شام جو ڪابل جي بالاحصار قلعي هيٺان
ڇانوڻيءَ ۾ ناچ ۽ ڊنر جون محفلون برپا ٿينديون
هيون ۽ مڊمون پيانو جي ترنم خيز سرودن تي رقص
ڪنديون هيون. خرچ ڪمپني سرڪار تي هو، مگر بيوقوف
فرنگين کي خبر ڪانه هئي ته جنهن هنڌ تي اهي آشيانو
جوڙي ويٺا آهن، ان هنڌ جي زمين جيترو گلريز ۽ روح
پرور آهي، اوترو اُن جي هيٺان هڪڙو مهيب ٻرندڙ جبل
ٻري ۽ کامي رهيو هو ۽ عنقريب ڦاٽڻ تي هو.
ستاويهين مهينن جي گذرڻ بعد، پهريائين اوچتو
منجهانئس ٿورو ٿورو دونهون نڪرڻ لڳو، تان جو اوچتو
جيئن پوءِ تيئن سڄو ڪابل جو آسمان غبار آلوده بڻجي
ويو. انگريزي ڇانوڻي، جتي هر صبح ’نئون سال‘ هو ۽
هر شام ’ناتال‘ هو، تنهن تي يڪايڪ خاموشي ڇائنجي
ويئي. اڳ انگريزي لشڪر کي دري خيبر يا دري بولان
کان، جن قافلن ذريعي سامان رسد پهچندوهو، انهن
قافلن جي سلامتيءَ لاءِ انگريزي سفير سر وليم
مئڪناٽن معرفت افغان سردارن کي ساليانو وڏيون
رقمون ملنديون هيون.(1)
مگر ٽن سالن اندر هندستان جي خزاني کي لاڳيتو کوٽ
پوڻ ڪري، مئڪناٽن اهي وظيفا بند ڪري ڇڏيا هئا.
ڪابل جي فوج تي، ڪمپني سرڪار کي ساليانو ڏيڍ ڪروڙ
رپيا خرچ ڪرڻو پوندو هو.
سنه 1840ع ۾ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن صاف لفظن ۾ سملي
جي حڪومت کي لکيو ته، ”شاه شجاع انگريزي لشڪر جي
سنگينن کان سواءِ هرگز ڪابل تي حڪومت ڪري نه
سگهندو.“ مٿئين سبب ڪري لارڊ آڪلنڊ برطانوي سفير
مقيم ڪابل کي خرچن گهٽائڻ لاءِ هدايت ڪئي. وظيفن
جي بند ٿيڻ شرط، ٻرندڙ جبل مان دٻيل باهه جا شعلا
بلند ٿيا. پٺاڻ غازي مرد انگريزي قافلن تي هٿ صاف
ڪرڻ لڳا. ڪابل ڇانوڻيءَ ۾ رسد جي قلت ڪري، هر هڪ
انگريزي سولجر توڙي ديسي سپاهي راشن گهٽجڻ ڪري
پريشان ٿيڻ لڳو. سر وليم مئڪناٽن، جنهن عهدي هٿ
ڪرڻ لاءِ گورنر جنرل کي بيوقوف بڻائي، ڪابل جي
ويڙهه جو خونچڪان ڊرامو تيار ڪيو هو، تنهن جي من
جون مرادون آخر پوريون ٿيون. کيس بمبئي جي
گورنريءَ جو عهدو مليو ۽ 20 نومبر 1841ع تي کيس
بمبئي وڃڻ لاءِ ڪابل ڇڏڻو هو. لارڊ آڪلنڊ جي گورنر
جنرليءَ جو مدو به پورو ٿيو هو، هو خزان جا ڏينهن
ڪلڪتي ۾ رهي، نئين گورنر جنرل جي اچڻ لاءِ انتظار
ڪري رهيو هو. ڪابل جي مهم کٽڻ ڪري سندس دل ۽ دماغ
فتوحات جي نشي ۾ باغ و بهار هئا، مگر هاڻي يڪايڪ
فضا جي رخ بدلجڻ ڪري، سندن سمورين خوشين ۽ اميدن
تي ناڪامي ۽ مايوسيءَ جي لهر ڇانئجي ويئي. سلمي جي
خوشنما پهاڙين ۽ ڪلڪتي جي فورٽ وليم قلعي جي
ديوارن کان وٺي لنڊن جي ليڊن هال ۽ ڊائوننگ گليءَ
تائين ماتم جون صفون ڇانئجي ويون.
2_ نومبر سنه 1841ع تي پٺاڻ غازين، سر اليگزينڊر
برنس کي سندس وچ بازار واري بنگلي ۾ ڪٺو ۽ خزانن
کي لٽيو. ساڳئي وقت غازين، شاه شجاع جي خزانچي
ڪپتان جانسٽن کي قتل ڪري ٻه لک رپيا ڦري ورتا.
برٽش فوجن جو ڪمانڊر انچيف جنرل ايلفنسٽن، ڪمپنيءَ
جو جهونو آزمودگار سپاهي هو، پر هينئر سندس دماغ ۽
عقل صفا بيڪار ٿي ويا. هن کي خبر نه پئي پيئي ته
ڇا ڪجي ۽ ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن. سر وليم مئڪناٽن،
جنرل ناٽ ڏانهن قنڌار ۽ جنرل سيل ڏانهن جلال آباد
قاصد روانا ڪيا ته فوجن سميت، جيترو جلد ٿي سگهي
ڪابل پهچن، پر مجاهدن سندن رستا روڪي ڇڏيا هئا ۽
هنن جو پهچڻ مشڪل ٿي پيو. هيڏانهن ڪابل جو لشڪر بک
وگهي پريشان ٿيڻ لڳو. آخر مئڪناٽن مجبور ٿي، اڪبر
خان کي روبرو گڏجڻ ويو ۽ کيس ٽيهن لکن رپين ڏيڻ جي
لالچ ڏيکاريائين، پر پنهنجي باڊي گارڊن سميت
افعانن هٿان اتي جو اتي مارجي ويو.
4_ جنوري سنه 1842ع تي ميجر ايلڊرڊ پاٽنجر، جنهن
اڳ هرات کي ايرانين کان بچايو هو، تنهن معرفت
پوڙهي جنرل ايلفنسٽن 6 جنوريءَ تي اڪبر خان سان
معاهدو ڪيو ته انگريزي لشڪر کي هڪدم ڪابل ڇڏي وڃڻ
لاءِ اجازت ملي. اڪبر خان سندس شرط منظور ڪيا. سخت
برف باريءَ جي موسم ۾ منجهند وقت، 15 هزار انگريز
۽ ديسي سپاهي سامان وغيره ڇانوڻيءَ ۾ ڦٽا ڪري،
ڪابل کان روانا ٿيا، مگر افغانن جي چنبن مان فوج
جو نڪرڻ محال هو ۽ هر هڪ جابلو دري ۽ سوڙهن پيچرن
کي هنن سوڙهو ڪري ڇڏيو هو. بت خاڪ ۽ نيزان جو
سوڙهو پيچرو، جو ڪابل کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي
آهي، اتان لنگهندي 3 هزار سپاهي افغانن هٿان
مارجي ويا.
اڪبر خان اچي انگريزن کي گهيرو ڪيو ۽ کين جلال
آباد تائين سلامتيءَ سان پهچائڻ لاءِ تسلي ڏنائين،
شرط اهو هو ته هو عملدارن جون مڊمون ٻارن ٻچن
سميت، وٽس ضمانت طور ڇڏي وڃن. لاچار ٻي واهه نه
ڏسي، انگريزي جنرل، ليڊي مئڪناٽن، ليڊي رابرٽ سيل
۽ ٻيون عملدارن جون نَوَ مڊمون، ٻارن ٻچن سميت
اڪبر خان جي حوالي ڪيون، جن مان ڪي حامله به هيون.
پڻ اٺن بالا انگريز عملدارن کي پاڻ وٽ نظربند رکي،
اڪبر خان لشڪر کي وڃڻ لاءِ اجازت ڏني. انگريز
سولجرن جو تعداد ان وقت فقط ساڍا چار سؤ باقي وڃي
بچيو هو. جلد لڪ وٽ پهچڻ وقت اڪبر خان وري اچي
لشڪر کي گهٽيو. هن گهمري جنرل ايلفنسٽن ۽ برگيڊيئر
شليٽن کي نظربند ڪيائين. هاڻي لشڪر ۾ فقط ويهه
عملدار ۽ 45 سولجر باقي وڃي بچيا هئا، جي پڻ
گندامڪ ڇڏڻ کان پوءِ ناس ٿي ويا. پندرهن هزارن
فوجن مان فقط هڪڙو انگريز ڊاڪٽر برائڊن سلامتيءَ
سان جلال آباد پهتو، جنهن دردناڪ حادثي، تباهي ۽
عملدارن ۽ مڊمن جي گرفتاريءَ جي خبر انگريزن کي
ڏني. اهڙي ذليل شڪست اڳ هندستان اندر انگريزن ڪڏهن
به ڪين کاڌي هئي.(1)
سندن 94 بالا عملدار ۽ يارهن مڊمون ٻارن ٻچن سميت
اڪبر خان وٽ نظربند هئا، جا ڳالهه انگريزن لاءِ
بدناموسيءَ ۽ شرمساريءَ جو باعث هئي. بدبخت شاه
شجاع، جنهن کي تخت تي ٿاڦڻ لاءِ انگريزن ايڏا
ڪشالا ڪيا، سو پاڻ به سندن موجودگيءَ وقت ڪابل ۾
غازين هٿان مارجي ويو.
لارڊ آڪلنڊ شرم کي پرچائڻ لاءِ پڌرائي ڪئي ته ڪابل
جي شڪست عارضي آهي. ڪمانڊر انچيف سر جئسپر نڪلس جي
مرضي هئي ته جنرل ناٽ ۽ جنرل سر رابرٽ سيل قنڌار ۽
جلال آباد کان سلامتيءَ سان نڪري اچن، مگر سوال هو
ته هولناڪ شڪست جي بدناميءَ کي ڪيئن مٽائجي؟
انگريزن شيطاني هٿيارن جي زور تي جيڪو دٻدٻو قائم
ڪيو هو، تنهن کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو هو.(1)
قلات جي قلعي تي انگريزن جي قبضي کي بلوچستان جا
براهوئي ۽ بلوچ سردار پنهنجي قومي وقار لاءِ بي
عزتي سمجهڻ لڳا. انگريزن جي قلات تي قبضي ڄمائڻ
کان پوءِ سنه 1841ع ۾ ڪپتان لي ميسوريئر سون
مياڻيءَ کان وٺي قلات تائين سروي ڪرڻ تي مقرر ٿيو.
سڀ کان پهريائين انگريزن خلاف سراوان جي سردارن
مان سردار محمد خان شهواڻيءَ استقلال جي جهنڊي کي
بلند ڪيو، پوءِ فاران جي نامور سردار مير آزاد خان
نوشيروانيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ براهوئي قبيلن قلات
جي قلعي تي گهيرو ڪيو. ليفٽيننٽ لوڊي گرفتار ٿي
قتل ٿي ويو ۽ مير شاهنواز خان جان بچائي پهريائين
لاڙڪاڻي پهتو، پوءِ شڪارپور ۾ رهڻ لڳو ۽ کيس
انگريزي ريزيڊنٽ ميجر آئوٽ رام کان هڪ هزار رپيا
ساليانو وظيفو ملڻ لڳو. مير نصير خان قلات جو حقي
وارث گاديءَ تي ويٺو.
ڪابل ۾ انگريزن جي شڪست جو ٻڌي ڪاڪڙن، مرين ۽
براهوئين انگريزن خلاف هٿيار کنيا. ملتان جي خالصا
نائب ديوان سانوڻ مل جا ايلچي مرين جي سردار دودا
خان وٽ پهتا ته انگريزن خلاف گڏيل محاذ کڙو ڪجي.
رنجيت سنگهه جي مرڻ کان پوءِ سانوڻ مل ملتان جو
خودمختيار حاڪم هو. ميجر ڪلبرن ڪاهان تي ڪاهه ڪرڻ
وقت مرين جي سردار دوداخان کان شڪست کائي مارجي
ويو. مير نصير خان شهداداڻيءَ بگٽين جي سردار
بيبرڪ کي انگريزن خلاف هٿيار کڻڻ لاءِ دعوت نامو
مڪو، مير شير محمد خان ماڻڪاڻي به موقعي تي
انگريزن سان جنگ ڪرڻ جي فائدي ۾ هو. انگريزي
ايجنٽن کي مٿين سمورين ڳالهين جي خبر هئي.(1)
هندستان توڙي انگلينڊ ۾ انگريزن جي شڪست کائڻ تي
گرما گرم بحث جاري هئا، مگر هندستانين کي خبر هئي
ته انگريزن جا پير ڪيتري قدر هندستان ۾ مضبوط هئا.
28 فيبروري سنه 1842ع تي ٻن ڪروڙن جي کوٽ وجهڻ ۽
ڪمپني سرڪار کي قرضن هيٺ زيربار ڪرڻ کان پوءِ لارڊ
آڪلنڊ پنهنجي پيشانيءَ تي شڪست جو داغ هڻي، ولايت
ڏانهن روانو ٿيو. هندستان جي گورنر جنرلن مان لارڊ
ائمهرسٽ پهريون هو، جنهن ڪمپني سرڪار کي برما جي
جنگ وقت 13 ڪروڙ رپين جي قرض هيٺ آندو هو، ٻيو
لارڊ آڪلنڊ هو، جنهن پٺاڻن سان مفت ڪابل جي جنگ
ڇيڙي، ڪمپنيءَ کي نقصان هيٺ آندو.(2)
سندس جاءِ تي لارڊ ايلنبرو گورنر جنرل ٿي آيو، جو
اڳ ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن جو صدر هو. نئون گورنر
جنرل مسلمانن جو سخت ويري هو. وير رکڻ جو سبب سندس
مڊم هئي، جنهن جو دمشق جي هڪ بدوي شيخ امير مجول
المضرب سان آشنائيءَ جو رستو هو.(3)
هندستان پهچڻ کان پوءِ ايلنبرو اڳيان ٻه مکيه ڪم
هئا: 1_ ڪابل جي ويڙهه کي ختم ڪرڻ ۽ 2_ انگريزن جي
پيشانيءَ تان شڪست جو داغ مٽائڻ.(4)
لارڊ آڪلنڊ ولايت اسرڻ کان اڳ، 4_ جنوري سنه 1842ع
تي، 3 هزار تازه دم فوج جنرل پولڪ جي اڳواڻيءَ هيٺ
دري خيبر کان ڪابل ڏانهن رواني ڪري ويو هو. سکن
پاران گلاب سنگهه ڊوگري به انگريزي لشڪر کي مدد
ڏني.
15_ اپريل تي جنرل پولڪ جلال آباد پهتو، جتي رابرٽ
سيل قلعي کي مضبوطي سان جهليو بيٺو هو. جنرل ناٽ،
جو قنڌار ۾ هو، تنهن ڏکڻ طرف کان ڪابل تي ڪاهه
شروع ڪئي. 12 اڪٽوبر تي انگريزي لشڪر ٻن طرفن کان
ڪابل پهتو. اڪبر خان شڪست کاڌي ۽ انگريزن ٻيهر
ڪابل تي قبضو ڪيو. انگريزن پٺاڻن کان انتقام وٺڻ
لاءِ قنڌار ۽ جلال آباد کان وٺي ڪابل تائين جيڪي
به رستن تي ميون جا باغ هئا، سي ويران ڪري ڇڏيا.
ڪابل جي مشهور ’چارڇته‘، بازار، جا اورنگزيب جي
جوڙايل تاريخي يادگار هئي، تنهن کي ساڙائي
ڇڏيائون. پوءِ انگريزي عملدار، مڊمن ۽ ٻارن ٻچن کي
هٿ ڪري، ڪابل خالي ڪري، هندستان ڏانهن موٽيا. واٽ
تي جنرل ناٽ جي سولجرن غزنيءَ وٽان لنگهندي، سلطان
محمود غزنويءَ جي مقبري جا در پٽرائي، هُلايائون
ته اهي سومناٿ جي مندر جا در هئا.(1)
امير دوست محمد خان، جو ان وقت شاهي حرم سميت
ڪلڪتي ۾ نظربند هو، تنهن لاءِ لارڊ آڪلنڊ ساليانو
2 لک رپيا وظيفو مقرر ڪيو هو. امير جي بلند شخصيت
کان انگريز واقف هئا، کيس لارڊ ايلنبرو آزاد ڪري،
ڪابل ڏانهن روانو ڪيو. گورنر جنرل اعلان ڪيو ته
”انگريزن کي وڌيڪ ملڪن فتح ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي.“
پهرينءَ افغان ويڙهه جو ڊرامو ختم ٿيو. هاڻي
هندستان جي ’مرد بيمار‘ سنڌ جو وارو هو.
ميرن جي خلاف انگريزن جا ارادا:
سنه 1839ع ۾ ميرن، وليم مئڪناٽن ۽ سر جان ڪين جا
ڳرا شرط منظور ڪري، سنڌ ۾ انگريزن جي اقتدار کي
منظور ڪيو هو. برٽش ريزيڊنٽ مقيم حيدرآباد جي صلاح
۽ مشوري کان سواءِ ميرن کي حڪومت هلائڻ جي مجال
ڪانه هئي. ڪراچي ۽ بکر انگريزي جهنڊي هيٺ هئا.
ڪابل جي ٽن سالن واريءَ ويڙهه ۾ مير، انگريز سان
هر طرح سان وفادار ٿي هليا. انڊس آرميءَ کي سامان
رسد پهچائڻ سميت انگريزن کي سندن آگبوٽن لاءِ سنڌو
نديءَ جي ٻنهي ڪپن تان جلائو ڪاٺيون وڍڻ جي اجازت
مليل هئي. انگريزي لشڪر جي افغانستان ۾ تباهيءَ
کان پوءِ، لاهور جي خالصا درٻار ۽ ٽالپرن جي درٻار
۾ اميد جي جهلڪ جا ترورا نظر اچڻ لڳا هئا، ان
هوندي به ٽالپرن ٽن هزارن اٺن ۽ بيل گاڏين سان
جنرل ناٽ کي مدد ڏني هئي، جن وسيلي هو ٻيهر ڪابل
تائين پهتو هو. ايتريءَ وفاداري ۽ امداد ڪندي به
ميجر آئوٽ رام، گورنر جنرل کي ڪائونسل اڳيان ميرن
جا اهي خط پيش ڪيا، جيڪي انهن ٽن ورهين جي عرصي
اندر بلوچي سردارن ڏانهن روانا ڪيا هئا.
ميجر آئوٽ رام جي مرضي هئي ته ٽالپرن سان ڪو نئون
’عهدنامو‘ ڪجي، مگر لارڊ ايلنبرو جي مرضي هئي ته
انگريزن جي وڃايل فوجي قوت کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ
سنڌ جي ٽالپري حڪومت جو خاتمو ڪجي.(1)
گورنر جنرل پوليٽيڪل ايجنٽن جي رپورٽن تي ڪو ڌيان
ڪونه ڏنو. مثلا ڪپتان راس بيل ڍاڍر جي پوليٽيڪل
ايجنٽ پنهنجي رپورٽ ۾ ڏيکاريو هو ته جيتوڻيڪ مير
محراب خان ثانيءَ ۽ سندس سردارن رشيد خان ۽ محمد
صادق خان، مير نصير خان شهداداڻيءَ ڏانهن مدد
گهرڻ لاءِ خط روانا ڪيا هئا، ته به مير صاحب
معاهدي جي شرطن تي وفاداريءَ سان پابند رهيو هو.(1)
ساڳيءَ طرح ميجر جان جيڪب، جو پهرينءَ افغان ويڙهه
وقت خانڳڙهه کان دري بولان تائين انگريزي قافلن جي
حفاظت لاءِ بي قاعدي سوار فوجن مٿان عملدار هو، سو
به ٽالپر ميرن جي فائدي ۾ هو.(3)
29_ جون سنه 1842ع تي، ميجر جان جيڪب، ميجر آئوٽ
رام کي روجهاڻ جي قلعي جو معائنو ڪرايو. خان قلات
پاران بجار خان ڊومبڪي ۽ دريا خان جکراڻي، خيرپور
درٻار جي وڪيلن سان گڏيا. انگريز عملدارن کي معلوم
هو ته مامل جو جهنگ ۽ روجهاڻ جو قلعو، ٻئي ٽالپرن
جي ملڪيت آهن، جن تي براهوئين ناجائز قبضو ڄمايو
آهي. مٿيان ٻئي هنڌ ٽالپري سرڪار کي موٽي مليا.
گورنر جنرل ۽ انگريز عملدارن جي روش متعلق هڪڙي
انگريز مسٽر چارلس ڊلڪي ان زماني جي هڪ انگريزي
اخبار ’گريٽر برٽن‘ ۾ لکيو هو ته:
”انگريز فوجي بالا عملدار، جڏهن کاڌي جي ميز تي
ويهن ٿا، تڏهن اها گفتگو ڪن ٿا ته فلاڻو نواب يا
فلاڻو راجا مالدار آهي، خاص ڪري ٽالپرن متعلق چون
ٿا ته، وٽن سون ۽ چانديءَ سميت گهڻي جواهرات آهي.
سندن چوڻ آهي ته سنڌ جا بندر اتر هندستان ڏانهن
مال پهچائڻ لاءِ بيحد ڪارائتا آهن.!“
لارڊ ايلنبرو جي مرضي هئي ته سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا
کان وٺي فيروزپور تائين سڄي ملڪ تي قبضو ڪجي.
گورنر جنرل ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي ستن آگبوٽن
رواني ڪرڻ لاءِ لکيو. ڪراچي، بکر ۽ سکر تي انگريزن
جي قبضي هئڻ ڪري، آغا خان جي تحريڪ سان، گهڻا بلوچ
سردار ۽ سنڌي زميندار جيڪي اڳ ميرن جا دست ۽ بازو
هئا، سي هينئر کانئن ڇڄي ڌار ٿي ويا. جڏهن انگريزن
ڏٺو ته هاڻ ميدان سندن اڳيان بلڪل صاف آهي ۽ فضا
سازگار آهي، تڏهن لارڊ ايلنبرو، جنهن ڪابل جي
ويڙهه جي خاتمي کان پوءِ پنهنجي پڌرائيءَ ۾
ڏيکاريو هو ته انگريزن کي وڌيڪ ملڪ وٺڻ جي ضرورت
ڪانهي ۽ هو هندستان جي اندروني سڌارن لاءِ ڪوشش
وٺندو، تنهن جي اها پڌرائي محض پبلڪ جي اکين ۾ ڌوڙ
وجهڻ ۽ کين فريب ڏيڻ لاءِ هئي. افغان ويڙهه جي
خاتمي کي اڃا ڇهه مهينا مس گذريا هئا، ته هو سنڌ
جي ميرن خلاف قدم کڻڻ لڳو. سندس سنڌ تي قبضي ڪرڻ
جو مطلب هي هو ته هندستاني رعايا، برٽش فوجي قوت
کان مرعوب رهي. سنڌ جي ڪاهه دراصل پنجاب تي قبضي
ڪرڻ لاءِ انگريزن جو ابتدائي قدم هو.
سر چارلس نيپئر:
عقابي اکين وارو ۽ نڪ مڙيل سر چارلس نيپئر سنه
1782ع ۾ لنڊن جي وائيٽ هال ۾ ڄائو. هن کي ٻيا ٽي
ڀائر هئا ۽ اهي پڻ انگريزي لشڪر ۾ سپاهي هئا.
منجهائن فاتح سنڌ، فرعون دماغ سر چارلس نيپئر
شاعرانه مزاج به رکندڙ هو. ڪي انگريز مؤرخ لکن ٿا
ته، سندس اشعار ادبي لحاظ سان وارن هيسٽنگس ۽ سر
جان مالڪوم کان بهتر هئا.(1)
منجهانئن وليم نيپئر ’تاريخ جنگ اسپين‘ تصنيف ڪئي
هئي، جا سنه 1828ع ۾ شايع ٿي. اين_ ايف_ پي نيپئر
ڪتاب ’فتح سنڌ‘ تصنيف ڪيو، جو سنه 1845ع ۾ لنڊن
مان شايع ٿيو. چارئي ڀائر ڊيوڪ آف ايلنگٽن ۽ سر
جان موئر جي اڳواڻيءَ هيٺ اسپين ۾ نيپولين
بوناپارٽ جي فوج سان لڙيا هئا. ڊيوڪ آف ويلنگٽن،
سر چارلس نيپئر کي چونڊي هندستان ڏانهن موڪليو هو.(2)
سنه 1841ع ۾ سر چارلس نيپئر بمبئي پهتو ۽ پوني جي
فوج ۾ عملدار مقرر ٿيو. ان وقت سندس عمر سٺ ورهيه
هئي. جيتوڻيڪ هو پيرسن هو، مگر اڻ ٿڪ، آزمودگار،
خوش طبَع، تند مزاج ۽ دل جو ڪٺور سپاهي هو. خود
لارڊ ايلنبرو جو چوڻ هو ته: ”سر چارلس نيپئر هڪ
جهنگلي هاٿي آهي، جنهن کي سڌرڻ لاءِ ڏهه ويهه
سيکاريل هاٿي کپن.“ ڪابل جي ويڙهه ختم ٿي چڪي هئي،
روسين ۽ ايرانين جي ڪاهه جا افسانا سرد پئجي ويا
هئا، برطانوي ٻيڙو ايراني نار تي قبضو ڪري چڪو هو،
ڪرنل اسٽسيءَ جي ڪوشش سان خان قلات مير نصير خان
ثانيءَ جو انگريزن سان ٺاهه ٿي چڪو هو، رنجيت
سنگهه جي مئي کان پوءِ خالصن ۾ نفاق پيل هو،
هندستان جي ڪنهن به نواب يا راجا کي مجال نه هئي
جو انگريزن ڏانهن اک کڻي سگهي. لارڊ ايلنبرو کين
صاف لفظن ۾ چتاءُ ڏيئي ڇڏيو هو ته ڪوبه ٻڙڪ ڪڍندو
ته ان کي تخت تان لاهي، سندس ملڪ تي قبضو ڪبو.(1)
لارڊ ايلنبرو ميجر آئوٽ رام جهڙي صلح پسند ريزيڊنٽ
کي حيدرآباد مان بدلي ڪري سر چارلس نيپئر جهڙي
چيڙاڪ ۽ ڪٺور کي سموريون اختياريون ڏيئي، سنڌ
ڏانهن مڪو. کيس خفيه طور تاڪيد ڪيائين ته مير
عهدنامي جي شرطن تي سختيءَ سان پابند آهن، ان ڪري
هو وڃڻ شرط ڪو اهڙو سخت قدم کڻي جيئن ميرن کي جوش
اچي ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ٿين. مير علي مراد خان
جي ڀائرن سان اڳي ئي نااتفاقي هئي، ان سبب ڪري سر
چارلس نيپئر پهريائين سهراباڻي سرڪار جي خاتمي ڪرڻ
جو ارادو ڪيو.(2)
سر چارلس نيپئر پهچڻ شرط گورنر جنرل کي لکيو ته،
ميرن کي شڪست ڏيڻ بلڪل آسان ڪم آهي، مگر جنهن صورت
۾ انگريزن جا پير ڪابل جي ويڙهه ۾ سوگها ٻڌل هئا،
ان ڪري گورنر جنرل کيس صبر ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي
هئي.(1)
9 سيپٽمبر 1842ع تي، سر چارلس نيپئر زنوبيا جهاز ۾
چڙهي، 14 سيپٽمبر تي ڪراچيءَ پهتو. واٽ تي طاعون
جي بيماريءَ ڪري سندس 2 سؤ سپاهي جهاز تي مري ويا.(2)
نئين ريزيڊنٽ کي گورنر جنرل پاران مڪمل اختياريون
مليل هيون، ان ڪري هن معاهدي جي شرطن جي ڪا پرواهه
ڪانه ڪئي. سندس ڪافر ماجرائن ڪري بلوچي غيرت جوش
کاڌو ۽ نوبت جنگ کي پهتي.(3)
ڪابل پهچڻ کان اڳ، وليم مئڪناٽن ميرن تي جيڪا 25
لک رپين جي چٽي مڙهي هئي، تنهن مان 3 لک رپيا ميرن
ڀري ڏنا هئا. جيسين باقي رهيل رقم ڀري ڏين،
تيستائين گورنر جنرل، سر چارلس نيپئر کي سنڌو
نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي انگريزي فوجن لاهڻ لاءِ حڪم
ڏنو، مگر سر چارلس نيپئر جي مرضي هئي ته روهڙي،
سکر، بکر ۽ ڪراچيءَ تي مستقل طور انگريزن جو قبضو
رهي. ڪراچيءَ پهچڻ شرط هن ميرن تي هيٺيان الزام
مڙهيا:
1_ ميرن سنه 1839ع واري معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي،
ملتان جي حاڪم لالا مولراج سان خط و ڪتابت ڪئي
آهي.(1)
2_ قلات جو بيگلر بيگي۽ مير، انگريزن کي عيسائي
ڪافر تصور ڪري، جنگ لاءِ تياريون ڪري رهيا آهن.
3_ رنجيت سنگهه جي مئي کان پوءِ ميرن سکن سان ناتو
رکڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان جي ثبوت ۾ ڪي خط هٿ لڳا
آهن.
4_ خيرپور ۽ حيدرآباد جي درٻارن تي فتح محمد
غوريءَ جو رسوخ آهي، جو انگريزن جو دشمن آهي.
5_ ٽالپر ميرن مان مير علي مراد خان ۽ مير صوبدار
خان کان سواءِ ٻيا سمورا مير، انگريزن کي پنهنجو
دشمن سمجهن ٿا.
مٿيان سمورا الزام بي بنياد هئا. ان ۾ شڪ ڪونهي ته
ميرن ملتان جي نائب (ناظم) لالا مولراج معرفت
لاهور جي خالصا درٻار سان خط و ڪتابت ڪئي هئي،
جنهن لاءِ 1839ع واري معاهدي جي فقري اٺين موجب
پاڙيسري حڪومتن سان دوستانه خط و ڪتابت ڪرڻ جو
ميرن کي حق هو. قلات جي احمد زئي حڪمرانن سان ميرن
جي مائٽيءَ جو رستو هو. جيڪڏهن ساڻن دوستانه خط و
ڪتابت ڪئي هئائون ته ان مان انگريزن کي ڪهڙو خطرو
ٿي سگهيو ٿي! ڍاڍر جو پوليٽيڪل ايجنٽ ڪپتان راس
بيل، گورنر جنرل کي ميرن جي وفاداريءَ لاءِ ڪي
ڪاغذ پيش ڪري چڪو هو.
فتح محمد خان غوري، خيرپور جو وزيراعظم جهونو ۽
ايماندار وزير هو. هينري پاٽنجر، اليگزينڊر برنس
توڙي آئوٽ رام سان سندس دوستي هئي. جڏهن ڪو
انگريزي وفد، خيرپور جي ميرن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ
ايندو هو ته ميرن کي سوکڙين ڏيڻ سان گڏ ڪمپني
سرڪار، فتح محمد غوريءَ لاءِ به سوکڙيون رواني
ڪندي هئي. خيرپور جي وزير جي قابليت ۽ شخصيت جي
مٿيان انگريزن عملدار تعريف ڪندا هئا. باقي رهيو
سوال مير علي مراد خان ۽ مير صوبدار خان جي
انگريزن سان وفاداريءَ جو، ان لاءِ ايترو لکڻ ڪافي
ٿيندو ته ٻنهي اميرزادن کي پڳ لاءِ ٻين ميرن سان
تڪرار هو، ان ڪري ٻئي ڄڻا انگريزن جا گويا جاسوس
هئا، جن جي معرفت انگريز گهڻن بلوچي سردارن کي
رشوتون ۽ دم دلاسا ڏيئي، ميرن خلاف ڦيرڻ ۾ ڪامياب
ٿيا هئا.(1)
گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو، ميجر آئوٽ رام کي لکيو
هو ته، ميرن تي دٻاءُ وجهي سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙه جا
پرڳڻا بهاولپور جي نواب کي ڏياري، مگر ميجر آئوٽ
رام، گورنر جنرل جي وعده شڪن پاليسيءَ سان متفق
ڪونه هو، انڪري ايلنبرو کيس بدلي ڪري، سر چارلس
نيپئر جهڙي ضدي عملدار کي ريزيڊنٽ ڪري مڪو.(1)
انگريزن جا نوان شرط:
25_ سيپٽمبر سنه 1842ع تي، سر چارلس نيپئر
حيدرآباد پهتو. ميرن دستور موجب سندس سواريءَ لاءِ
ريشمي پالڪي ۽ سندس عملي لاءِ قيمتي پاکڙن سان اٺ
روانا ڪيا. درٻار ۾ وارد ٿيڻ وقت، نئين ريزيڊنٽ جي
آمد جي خوشيءَ ۾ مٺايون ورهايون ويون، مگر ضدي
فرنگيءَ درٻار ۾ پهچڻ کان اڳ هڪڙو سخت لفظن ۾ خط
ميرن ڏانهن مڪو، جنهن ۾ هن لکيو ته، ”ڪراچيءَ جي
ٽالپري نائب، انگريزي ڇانوڻيءَ ۾ ماڻهن کي رهڻ کان
منع ڪئي آهي ۽ انگريزن جي مال تي زوريءَ محصول
مڙهيو آهي، وغيره!“ ياد رهي ته نئين معاهدي جا
شرط، جيڪي ميجر آئوٽ رام مرتب ڪري گورنر جنرل
ڏانهن منظوريءَ لاءِ مڪا هئا، سي گهڻو نرم هئا،
انهن شرطن کي لارڊ ايلنبرو رد ڪري خفيه طور نوان
شرط سر چارلس نيپئر ڏانهن مڪا هئا. نيپئر، ميرن جي
گڏيل قوت جو اندازو سٺ هزار فوج ۽ ٽيهه توبون
لڳايو هو. مٿيون اندازو جيتوڻيڪ هڪ حد تائين صحيح
هو، پر ميرن ۾ اتحاد بدران انتشار پيل هو. خود
نيپئر جي مرضي هئي ته ميرن جي اجتماعي قوت کي ڀڃي
ڪمزور ڪري، ان ارادي سان پهريائين سهراباڻي سرڪار
جي قوت کي ڀڃڻ جو محڪم ارادو ڪيو ۽ جنگ جا شعلا
سنڌ اندر پهريائين سري ۾ بلند ٿيا. جنگ کي ڇيڙڻ
لاءِ سر چارلس نيپئر، ميرن کي هيٺان شرط پيش ڪيا:
1_ ميرن 23 لک رپيا اڃا ڪونه ڀريا آهن، تنهن ڪري
ڪراچي، ٺٽو، سکر ۽ بکر هڪدم انگريزن جي حوالي ڪن.
2_ آنربل ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا ڪلدار سنڌ ۾ چالو
رهندا ۽ ٽالپرن لاءِ انگريز نئون سڪو تيار
ڪرائيندا، جن تي هڪڙي پاسي کان راڻي وڪٽوريا جي
تصوير هوندي.
3_ سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي هڪ سؤ يارڊن تائين
انگريزن کي جلائو ڪاٺين وڍڻ جو حق رهندو.
4_ سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙي جا پرڳڻا، سهراباڻي سرڪار
هڪدم بهاولپور جي نواب کي حوالي ڪري، ازانسواءِ
سکر، بکر ۽ سندس ڀر وارا ٻيٽ انگريز جي حوالي ڪري.
امام ڳڙهه جو قلعو:
ڊسمبر سنه 1842ع ۾ فرعون دماغ نيپئر، سبزل ڪوٽ ۽
ڀنگ ڀاڙي تي قبضي ڪرڻ جي بهاني سان اتر سنڌ ڏانهن
روانو ٿيو. رواني ٿيڻ کان اڳ، هن مير صوبدار خان،
مير فضل علي خان ۽ مير غلام شاه سان ملاقاتون
ڪيون. مير صوبدار خان پاڻ کي پڳ جو مالڪ سمجهندو
هو، ساڳيءَ طرح مير علي مراد خان پنهنجي ڀاءُ مير
رستم خان سان پڳ تان تڪراري هو، حالانڪ سندس
نونهار جي معاهدي موجب مير رستم خان کيس موٽائي
ڏني هئي. مير رستم خان کي مير سهراب خان جيئري پڳ
جو مالڪ مقرر ڪري ويو هو ۽ مير رستم خان پنهنجي پٽ
مير محمد حسن کي وليعهد مقرر ڪيو هو. سکر پهچڻ کان
اڳ نيپئر مير رستم خان کي ساڻس روبرو ملاقات ڪرڻ
لاءِ لکيو هو. وري جڏهن سکر پهتو، تڏهن مير علي
مراد خان پنهنجي ڀاءُ خلاف انگريز جنرل وٽ دانهن
کڻي ويو ۽ فرنگيءَ کي سونهري موقعو هٿ لڳي ويو. هن
علي مراد خان کي دلاسو ڏنو ته سنڌ فتح ڪرڻ بعد
سندس حقن متعلق غور ڪيو ويندو.
ٻڍڙي مير رستم خان کي اچي خوف جاڳيو ته متان فرعون
دماغ فرنگي کيس ملاقات ڪرڻ جي بهاني سان گرفتار
ڪرائي. ان خوف ڪري هو چند جان نثارن، خزاني ۽ شاهي
حرم سميت ٿر جي ويران قلعي امام ڳڙهه ۾ وڃي
لڪو.مٿيون قلعو مير محمد خان جي جاگير ۾ هو، جتي
بارود رکيل هو. سهراباڻي سرڪار جا جيڪي به نوجوان
اميرزادا هئا، سي انگريزن جي خلاف ٿي بيٺا، سندن
هٿياربند دستا دارالخلافه خيرپرو جي آس پاس پهچي
ويا. مير علي مراد خان گهر جو ڀيدي هو، سندس
رهنمائيءَ سان نيپئر سڀني دستن کي شڪست ڏيئي
پنهنجي رستي کي صاف رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ٽالپر اميرن
کي گهڻي عرصي کان اميد هئي ته جيڪڏهن انگريز سندن
خلاف هٿيار کڻندا ته برهاوئي، بلوچ ۽ پٺاڻ سندن
مدد لاءِ ميدان ۾ نڪري ايندا، مگر هاڻ کين پڪ ٿي
ويئي ته اها سندن محض خوش فهمي هئي. جيئن لوئر سنڌ
جي جوکين ۽ نومڙين، انگريزن جو طرف ورتو هو، تيئن
اپر سنڌ ۾ چانڊين جو سردار جنهن کي ٽالپرن سان
روايتي دشمني هئي، انگريزن سان ٻانهن ٻيلي ٿي
بيٺو.
مير رستم خان ۽ سندس پٽ مير محمد حسن خان وٽ امام
ڳڙهه جي ڪوٽ ۾ 3 هزار لشڪر، ست توبون ۽ بارود جو
ڪافي ذخيرو موجود هو. سندن مرضي هئي ته سنڌ جي
حفاظت ڪرڻ لاءِ قلعي کي فوجي مرڪز جوڙي، انگريزن
سان لاڳيتي جنگ جوٽجي. هيڏانهن سر چارلس نيپئر 3
سؤ سوار، اڍائي سؤ پيادا اٺن تي چاڙهي، ڏهه اٺ
سامان رسد سان ڀرائي، اَسي اٺن تي ساندارن ۾ پاڻي
ڀرائي، مير علي مراد خان کي ساڻ ڪري، اَٺن منزلن
ڪرڻ کانپوءِ اَٺين ڏينهن امام ڳڙهه پهتو. سندس اچڻ
جو ٻڌي مير رستم خان خزاني، حرم ۽ توبن سميت ڪوٽ
کان نڪري ٿر ڏانهن ڀڄي ويو. فاتح انگريز پهريائين
قلعي تي توبزني ڪئي، ڀاءُ جي خلاف پهرين توب مير
علي مراد خان ڇوڙي حق نمڪ ادا ڪيو، توبزني ڪرڻ بعد
ميجر ويڊنگٽن بارود جون چوويهه کاڻيون ساڙائي قلعي
کي اڏائي ڇڏيو.
مير رستم خان:
مير رستم خان ضعيفيءَ جي حالت ۾ ٿر جي مسافري ڪندو
هليو، رستي تي مير محمد حسن خان جي والده اُٺ تان
ڪري پئي ۽ سندس هڪڙي ٻانهن ڀڄي پئي. مير صاحب بي
يار مددگار دربدر ٿيندو، پنهنجا زيور وڪڻندو،
گذران ڪرڻ لڳو.(1)
آخر ٿرن ۽ برن کي جهاڳيندو حيدرآباد پهتو. سمورا
ٽالپر همدردي ڪرڻ لاءِ وٽس آيا ۽ کيس مدد ڏيڻ لاءِ
انجام ڪيائون. ان موقعي تي فقط مير صوبدار خان ۽
مير شهداد خان غير حاضر رهيا. مٿيون واقعو 12
جنوري 1843ع تي ٿي گذريو. سر چارلس نيپئر جي گناهه
تي پردي وجهڻ لاءِ سندس ڀاءُ امام ڳرهه جهڙي ويران
ڪوٽ کي غير معمولي اهميت ڏيندي، ڪتاب ’فتح سنڌ‘ ۾
’سنڌ جو جبرالٽر‘ لکي ٿو.
نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ متعلق جيڪو پروگرام رٿيو هو،
تنهن جو پهريون باب سندس مرضيءَ مطابق ختم ٿيو ۽
لنڊن جي دارالعلوم ۾ ڊيوڪ آف ويلنگٽن سندس مٿئين
ناروا فعل جي ساراهه ڪرڻ لڳو. امام ڳڙهه جي ڪوٽ تي
ڪاهه ڪرڻ مان خاص اها مراد هئي ته ٽالپرن کي خبر
پئجي وڃي ته انگريزي لشڪر لاءِ ٿرن ۽ برن تي ڪاهه
ڪرڻ بلڪل آسان ڪم هو.(1)
امام ڳڙهه جي ڪوٽ مان هٿ ڪيل مال سر چارلس نيپئر
سپاهين ۾ ورهائي، 23 جنوري 1843ع تي حيدرآباد
ڏانهن روانو ٿيو ۽ واٽ تي پنهنجي حڪم سان درياءَ
جي ٻنهي ڪپن تي ڪاٺيون وڍرائڻ لڳو.ميرن کيس منع
ڪئي، هن جواب ڏنو ته: ”نه فقط ٻيلن جون ڪاٺيون
وڍرائيندس، پر دارالخلافه حيدرآباد کي
ساڙائيندس!“.(2)
ريزيڊنسيءَ تي ڪاهه:
پير ابوبڪر ڳوٺ وٽ منزل ڪرڻ کان پوءِ سر چارلس
نيپئر، شهداداڻي ۽ ماڻڪاڻي ميرن کي چوائي مڪو ته
پيش پوڻ ۽ شرطن کي قبول ڪرڻ لاءِ پنهنجا ايلچي وٽس
روانا ڪن. ميجر آئوٽ رام جنهن کي لارڊ ايلنبرو
سندس نرم سڀاءَ ڪري حيدرآباد ريزيڊنسيءَ مان منتقل
ڪيو هو، سنڌي زبان جو ڄاڻو هو، ان سبب ڪري سر
چارلس نيپئر جي چوڻ تي هن کي ايلنبرو ٻيهر
حيدرآباد جو ريزيڊنٽ مقرر ڪيو هو. فرنگين جي
فرعونيت ۽ ناروا ڪارروائين ڪري سڄيءَ سنڌ جي بلوچن
۾ عام ناراضپو هو. تنهن هوندي به مير محمد نصير
خان پنهنجي وفادار وزير مرزا خسرو بيگ کي سر چارلس
نيپئر سان ملاقات ڪري ٺاهه جي رستي ڳولهڻ لاءِ
روانو ڪيو. نيپئر سان مرزا صاحب ڀرين وٽ ملاقات
ڪئي ۽ هن کي تسلي ڏنائين ته مير هر حال ۾ سندس
شرطن کي منظور ڪرڻ لاءِ تيار آهن، بشرطيڪ مير
رستم خان کي سندس حق موٽائي ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ ته مير
صاحب بيگناهه هو.
مرزا صاحب فرنگي جنرل کي ذهن نشين ڪرايو ته مٿيون
فيصلو بلوچي جرڳي ۾ ٿيو آهي. سر چارلس نيپئر وزير
جي ڳالهين تي غور ڪرڻ بدران تپي ڳاڙهو ٿي ويو ۽
ورندي ڏنائين ته: ”ڏسان ڪيئن بلوچن جون تراريون
انگريزي بندوقن سان مقابلو ڪن ٿيون!“ مرزا صاحب به
ترت جواب ڏنس ته: ”بلوچن کان سنڌ فتح ڪرڻ حلوو
کائڻ ناهي!“ ان وچ ۾ سر چارلس نيپئر، ميجر آئوٽ
رام کي آگبوٽ تي چاڙهي حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو
ته ٽالپر ميرن کان بروبرو وڃي شرطن کي قبول ڪرڻ
لاءِ مطالبو ڪري. حيدرآباد پهچڻ وقت ميرن، ميجر
آئوٽ رام ڏانهن سوکڙيون روانيون ڪيون، پر ميجر فقط
مير صوبدار جي سوکڙين کي قبول ڪري باقي سڀ موٽائي
ڇڏيون. ڇو ته محرم جو مهينو هو، ميرن ڏهين محرم
گذرن بعد معاهدي جي ڪاغذن تي دستخط وجهڻ لاءِ
ريزيڊنٽ کي انجام ڏنو. مقربان بارگاه مان غلام
محمد خان، اختيار خان لغاري، مير غلام شاه شاهواڻي
۽ ٻين بلوچي سردارن مير نصير خان کي انگريزن سان
جنگ ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ درٻار جي صلاحڪارن مان
آخوند محمد بچل ۽ نواب محمد خان جنگ جي خلاف هئا.
ان وچ ۾ ميجر آئوٽ رام ۽ ليفٽيننٽ برائون ڏيڍ سؤ
سولجرن سان ريزيڊنسيءَ ۾ پهتا.(1)
محرم جي ڏهين تاريخ گذرڻ بعد ريزيڊنٽ معاهدي جا
ڪاغذ ميرن ڏانهن روانا ڪيا. مير غلام محمد خان
لغاري، جو ان وقت ڪچهريءَ ۾ موجود هو، تنهن
فرنگيءَ جي قاصد کان ڪاغذ وٺي ڦاڙي ڦٽا ڪيا.
هوڏانهن سر چرلس نيپئر حيدرآباد ڏانهن ايندي، واٽ
تي حيات خان مريءَ کي بي گناهه مارائي ڇڏيو. مٿئين
واقعي کان پوءِ بلوچن ۾ اهڙو تاءُ پيدا ٿيو، جو
اٽڪل ٽيهن هزارن بلوچن جو انبوهه حيدرآباد ۾ اچي
گڏ ٿيو. مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان ڪڏهن
انگريزن ڏانهن ويا ٿي ۽ ڪڏهن بلوچن سان شريڪ پئي
ٿيا. 15 فيبروري تي اٽڪل 15 هزار بلوچن جي هجوم
ريزيڊنسيءَ تي ڪاهه ڪئي. خوش قسمتيءَ سان ڪرنل
آئوٽ رام سولجرن جي سنگينن جي سايي هيٺ درياءَ
ڏانهن ڀڳو، جتي هر وقت آگبوٽ تيار بيٺل رهندا هئا،
هڪڙي جهاز تي چڙهي ڀڄڻ لڳو ته مير نصير خان جو
ايراني بورچي مشهدي، جو گوله اندازيءَ ڪري مشهور
هو، تنهن آگبوٽ مٿان توبزني شروع ڪئي، مگر ريزيڊنٽ
عملي سوڌو سلامتيءَ سان نڪري ويو.(1)
مياڻي جي جنگ:
بلوچي قومي روايتن ۾ اهو ناممڪن هو ته سواءِ جنگ
ڪرڻ جي بلوچي امير دشمن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪن ۽ وري
دشمن به اهو جو کين بار بار جنگ لاءِ للڪاري رهيو
هو. دشمن جي ارهه زورائيءَ ڪري بلوچن جي صبر جو
پيمانو لبريز ٿي چڪو هو. 16 فيبروري سنه 1843ع تي
سر چارلس نيپئر هال کان مٽياريءَ پهتو. وٽس 28 سؤ
سپاهي ۽ 12 توبون هيون. ٻئي طرف بلوچي لشڪر جو
تعداد ٻاويهه هزار هو، جنهن وٽ 15 توبون هيون. سنڌ
جو لشڪر ڦليليءَ جي ڪپ تي مياڻيءَ وٽ گڏ ٿيڻ لڳو.
پر ايڏي لشڪر کي گولي بارود پهچائڻ لاءِ ڪو جوڳو
انتظام ڪيل ڪونه هو. انگريزي لشڪر ۾ بمبئي، پوني ۽
مدراس جا ديسي سپاهي هئا، جن مٿان سر چارلس نيپئر
ڪمانڊر هو، سندس ماتحت ڪپتان جان جيڪب، ڪپتان هٽ،
ميجر جئڪسن، ليفٽيننٽ ويڊنگٽن، ميجر پيني فادر،
ليفٽيننٽ مئڪمروڊ (نيپئر جو اردلي) ميجر وائلي،
ڪپتان ٽڪر، ليفٽيننٽ ڪرنل پئٽل، ميجر سٽوري، ڪپتان
ٽامس، ميجر مئڪوزسن (نيپئر جو سيڪريٽري) ڪپتان
ويمس، ڪپتان ڪوڪسن، ليفٽيننٽ مارسٽن، ڪپتان گئرٿ
وغيره عملدار هئا.
ٽالپري لشڪر ۾ شهداداڻي، چاڪراڻي، خاناڻي ٽالپر
هئا. بجراڻي ۽ محمداڻي عين موقعي تي غير حاضر
رهيا. مير نصير خان ڪلمتين جي سردار ملڪ ابراهيم
خان کي چوائي مڪو هو ته نومڙين ۽ جوکين سان گڏجي
انگريزن سان جنگ ڪن. ڪلمتي سردار چئن سون جي دستي
سان جنگ ڪرڻ نڪتو، مگر جوکين جي سردار ڄام خان ۽
نومڙين وٽان وٽس ڪابه ڪمڪ ڪانه پهتي. تنهن ڪري
ابراهيم خان به ماٺ ڪري وڃي گهر بيٺو. ساڳيءَ طرح
ماڻڪاڻي به غير حاضر رهيا. باقي بلوچي قبيلن مان
نظاماڻي، باگراڻي، مري، جمالي، چانگ، گوپانگ،
جتوئي، قرائي، رند، لاشاري، ڀرڳڙي ۽ ڇلگري موجود
هئا. بلوچي قبيلن کان سواءِ کوکر، کٽياڻ، سومرا،
خاصخيلي ۽ ٻيا ڪيترائي قبيلا سنڌ جي جهنڊي هيٺان
گڏ ٿيا. سنڌ جا سادات به جهاد جي شوق سان جنگ ۾
شريڪ ٿيا.
مير جان محمد خان خاناڻي لشڪر جو سپه سالار هو.
سندس ماتحت مير غلام شاه شاهواڻي، سيد عبدالله،
ابراهيم خان، نواب احمد خان لغاري، غلام محمد خان
لغاري، بختيار خان، بهاول خان رند، مورو خان چانگ
۽ سيد فتح محمد شاه لڪياري فوجي سردار هئا. مير
غلام شاه نائب سپه سالار هو. ٽالپري توبخاني مٿان
هوش محمد قمبراڻي حبشي، مشهدي ايراني ۽ مسٽر هاويل
(انگريز) نگراني ڪرڻ تي مامور هئا. ميرن جو لشڪر
انگريزي لشڪر کان ست گهمرا تعداد ۾ وڌيڪ چيو وڃي
ٿو مگر سندس هٿيار فرنگين جي مقابلي ۾ ناقص هئا.
انگريزن جو لشڪر باقاعدي تربيت يافته هو، ٽالپرن
جو لشڪر قواعد ۽ تربيت کان غير واقف هو. ميرن جي
توبن جي ڊيگهه فقط 3 فوٽ هئي ۽ سندن منهن جي
گولائي ٽن انچن جيتري هئي. بندوقون پراڻي زماني
جون ڀرمار هين. انگريزي توبون نئين نموني جون
ڪلدار هيون. انگريزي سپاه جا سولجر توڙي ديسي
سپاهي قواعد دانيءَ ڪري وڌيڪ چست ۽ چالاڪ هئا.
انگريزي لشڪر سان زخمين جي ملم پٽي ڪرڻ لاءِ
ڊاڪٽرن جو عملو هو ۽ فوج لاءِ خندقن جوڙڻ ۽ گولي
بارود پهچائڻ لاءِ سفرمين جو باقاعدي دستو هو.
ٻنهي فوجن جي درميان فقط سو يارڊن جو مفاصلو هو.
مير نصير خان کي زرهه پاتل هئي. سندس ساڄي ۽ کاٻي
پاسن کان مير رستم خان، مير حسين علي خان ۽ مير
شهداد خان همراهه هئا، سندن فوج جي بچاءَ لاءِ
ڦليليءَ جي ٻنهي ڪپن تي گهاٽا جهنگ هئا. ان وقت
ڦليليءَ جو پيٽ سڪل هو ۽ ڪشادو هو. چانڊين جو
سردار ڏهه هزار لشڪر سان ڪجهه مفاصلي تي انگريزن
کي مدد ڏيڻ جي ارادي سان تيار بيٺل هو!
17 فيبروري 1843ع تي صبح جو سوير، جنگ جو طبل وڳو.
پهريائين انگريزي لشڪر جو هڪڙو دستو ميدان ۾ آيو،
ان لاءِ ته بلوچي لشڪر، جيڪو پٺيان جهنگن ۾ لڪل
هو، سو نڪري نروار ٿئي، توبن ۽ بندوقن جي ڇٽڻ سان
جانباز بلوچن نهايت بي ڊپائيءَ سان گولين ۽ سنگينن
جو مقابلو ڪيو. شروعات ۾ مير جان محمد خان اهڙي
سياڻپ ۽ هوشياريءَ سان وڙهيو، جو سر چارلس نيپئر
کي جنگ هارائڻ جي پڪ ٿي ويئي. انگريزي سوار دستن
ساڄي ۽ کاٻي کان حملا ڪرڻ شروع ڪيا. مير جان محمد
بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿيو. مير غلام شاهه هڪدم
فوج جون واڳون سنڀالي ورتيون. رسالدار جان جيڪب هڪ
هزار سوارن سان ڦليليءَ جي پيٽ تي ڪاهي آيو ۽ يڪدم
عياريءَ سان موٽ کائي ڀڳو. بلوچن دوکو کاڌو، هنن
سمجهيو ته انگريزي لشڪر ۾ ڀاڄ پئي آهي، ان ڪري
سندن صفون ٽٽي پيون ۽ بي باقاعدگيءَ سان انگريزي
سوار دستي پٺيان ڌوڪيندا ڦليليءَ جي ڪناري وارو
بند ٽپي ويا.
انگريزن جو توبخانو، جو بند پٺيان لڪل هو، تنهن
مٿن گولن جي برسات وسائڻ شروع ڪئي، جا سانده ٽن
ڪلاڪن تائين جاري رهي. جانباز دوبدو جنگ ڪندي داد
شجاعت ڏيڻ لڳا. فتح ۽ شڪست جي گهمسان ۾ ڪابه خبر
ڪانه پئي، مگر هڪڙو گولو ٽالپرن جي بارود خاني کي
لڳو، جنهن ڪري سمورو بارود سڙي ويو. ٻن پهرن کان
پوءِ پهريائين لغارين جي هڪ دستي ۾ ڀاڄ پئي، پوءِ
ٺوڙها ڀڳا، بعد ۾ بهاول خان رند ميدان ڇڏي ڀڄي
ويو. سندس پٺيان نواب احمد خان لغاري مير جي
خدمتگار سومار کان جهنڊو کسي ميدان مان نڪري هليو
ويو. مير نصير خان ۽ مير شهداد خان جي آخري دم
تائين وڙهڻ جي مرضي هئي. مگر سندن فوجي دستا هڪ
ٻئي پٺيان ميدان ڇڏي ڀڄڻ لڳا. اٽڪل چار هزار دستا
اهڙيءَ طرح سواءِ حڪم ملڻ جي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا.
هڪڙو توب جو گولو مير صاحب اڳيان اچي ڦاٽو، جنهن
ڪري مير جو خدمتگار سليمان شهيد ٿي ويو. ايئن
معلوم پئي ٿيو ته سنڌ جو لشڪر گهيري ۾ هو. چانگ،
گوپانگ، مير ۽ نظاماڻي اڃان ميدان ۾ منهن ڏئي لڙي
رهيا هئا. ميرن جي توبچيءَ مسٽر هاويل جي نمڪ
حراميءَ ڪري توبخاني تي دشمنن قبضو ڪري ورتو. سر
چارلس نيپئر ذري گهٽ هڪڙي بلوچ هٿان مارجڻ تي هو،
مگر ليفٽيننٽ مارسٽن ڦڙتائي ڪري کيس بچائي ورتو.
پڇاڙيءَ ۾ مير حسين علي خان به ميدان ڇڏي ڀڄي ويو.
آخر حالتن کي بدليل ڏسي، مير نصير خان ٻارهن سؤ
سوارن جي حفاظت هيٺ ميدان مان نڪري، سلامتيءَ سان
حيدرآباد جي قلعي ۾ پهتو.
ٽن ڪلاڪن جي دوبدو خونريز جنگ ۾ انگريزن جا فقط 27
سپاهي مئا ۽ زخمي ٿيا. سندن عملدارن مان ميجر
ٽيزڊل، ميجر جئڪسن، ڪپتان ميڊي، ڪپتان ٽيو، ڪپتان
ڪوڪسن ۽ ليفٽيننٽ ووڊ مارجي ويا، ليفٽيننٽ پيني
فادر، ميجر وئلي، ڪپتان ٽڪر، ڪپتان ڪانوي،
ليفٽيننٽ هارڊنگ ۽ فيري زخمي ٿيا. اٽڪل ويهه
انگريز عملدار مارجي ويا. جن مان چار ميداني پيادل
فوج جا عملدار هئا. ٽالپري فوج مان اٽڪل پنج هزار
جانباز شهيد ٿيا.(1)
مير جان محمد خان، تلاه خان نظاماڻي، غلام حسين
خان، عبدالله خان، علي بخش خان، گوهر خان حاجي
زئي، نصير خان چانگ، مير غلام شاه، مير مبارڪ خان
بهاراڻي ۽ ٻيا دلاور مڙس مردانگيءَ جو ثبوت ڏيئي
شهيد ٿيا. ٽن ڪلاڪن جي دوبدو جنگ ۾ فقط هڪڙي آئرش
سولجر هڪڙي بلوچ کي ڇاتيءَ واري سنگين هنئي هئي،
مگر بلوچ جي ترار جي وار کان هو بچي ڪونه سگهيو
هو. ٻنهي جا لاشا گڏ پيل هئا. مياڻيءَ جي جنگ جو
ذڪر ڪندي ڪپتان پوسٽنس پنهنجي تصنيف ’پرسنل
آبزرويشنس آف سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌ جا باشندا هتي انگريز حمله آورن خلاف ايئن
لڙيا، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي اهڙيءَ شيءِ لاءِ
وڙهندو آهي، جا کيس زندگيءَ کان بدرجها عزيز هجي.“
سنڌ جي باشندن انگريزن خلاف حيدرآباد جي ٻاهران
مياڻيءَ جي جنگ ۾ پنهنجي آزاديءَ لاءِ جيڪو شاندار
مقابلو ڪيو، ان جو مثال قومن جي تاريخ ۾ هڪ شاندار
يادگار آهي.
ٽالپرن جي شڪست متعلق ليڊي برٽن جو بيان آهي ته،
”انگريزن، ميرن جي توبچين کي اڳواٽ رپيا ڏيئي
پنهنجي طرف ڪري ڇڏيو هو، انهن جنگ جي ميدان ۾ توبن
جا منهن مٿي ڪري گولا ڇوڙيا هئا. ٻيو ته فوج جا
سردار عين جنگ جي موقعي تي ميدان ڇڏي ويا.“(1)
مياڻيءَ جي شڪست جي ٻئي ڏينهن ڏهه هزار بلوچي لشڪر
ٻيهر ميدان ۾ گڏ ٿيو، اٽڪل ڏهه هزار وڌيڪ لشڪر
ڀروارن ڳوٺن ۾ موجود هو، مگر جنهن صورت ۾ ميرن
سندن رهنمائي ڪانه ڪئي، تنهن ڪري هو موٽي گهرن
ڏانهن هليا ويا. مياڻيءَ جي جنگ فقط ٽي ڪلاڪ هلي،
پر ان جو شمار هندستان جي فيصلي ڪن خونريز جنگين ۾
ٿئي ٿو.(1)
ميرن جو پيش پوڻ:
18 فيبروري 1843ع جي صبح جو سوير، سر چارلس نيپئر
ميرن کي پيش پوڻ لاءِ چوائي مڪو. هن ڌمڪي ڏني ته
جيڪڏهن مير پيش پوڻ ۾ دير ڪندا ته حيدرآباد جي ڪوٽ
کي امام ڳڙهه جي قلعي وانگر مسمار ڪبو. مير نصير
خان پنجن ميرن سان پنهنجون تراريون ڇوڙي، انگريز
فاتح اڳيان پٽ تي رکيون. سر چارلس نيپئر سندن
چيلهه سان تراريون ٻڌي کين چيو ته پنجويهن ڏينهن
اندر سندن فيصلو ٿيندو ۽ ملڪ کين موٽي ملندو، پر
فرنگيءَ جو هيءُ انجام به اڳين سڀني انجامن وانگر
ڪوڙو هو. ان موقعي تي ڪرنل آئوٽ رام به موجود هو،
جو ٻن ڏينهن کان پوءِ آخري فيصلي ڪرڻ لاءِ بمبئي
ڏانهن روانو ٿيو.
نيپئر، جنهن ميرن کي ملڪ موٽائي ڏيڻ لاءِ چيو هو،
تنهن سندن هٿيارن ڦٽي ڪرڻ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ
ميرن کي ريزيڊنسيءَ جي ڀر ۾ هڪڙيءَ جاءِ ۾ نظربند
ڪري مٿن پهرو ويهاريو. ان کان پوءِ نيپئر پنهنجي
منشي علي اڪبر کي ميرن ڏانهن مڪو ته هو قلعي کي
ڏسڻ چاهي ٿو. مير نصير خان، آخوند محمد بچل، ديوان
ميٺارام ۽ خدمتگار بهادر کي فاتح جنرل سان همراهه
ڪري قلعي ڏانهن روانو ڪيو.
فرنگين جي لٽ مار:
سر چارلس نيپئر ٻن ريجمينٽن سان قلعي ۾ وارد ٿيو.
هن پهريائين برٽش جهنڊي کوڙن جي رسم ادا ڪئي، پوءِ
شاهي خزانا لٽڻ شروع ڪيا. جن لاءِ انگريز وڏي عرصي
کان منتظر هئا. فرنگي عملدار، مير ڪرم علي خان جي
حويليءَ ۾ گهڙي وفادار وزير مرزا خسرو بيگ کي
ڳچيءَ کان جهلي ساڻس بدسلوڪيءَ سان پيش آيا. حرم
جي بيگمن انگريزن جي فرعونيت کي ڏسي، نيپئر کي
چوائي مڪو هو ته کين ٽن ڪپڙن ۾ شهر ڇڏڻ لاءِ
پالڪين ۾ وڃڻ جي اجازت ڏي، پر هن مغروريءَ سان
انڪار ڪيو ۽ منشي علي اڪبر سميت زبردستيءَ سان
حويليءَ اندر گهڙيو. جيڪي به سون ۽ چانديءَ جا
برتن، زر ۽ زيور کين هٿ لڳا، سي لٽيا ويا. بيگمن
جا زبردستيءَ بدن تان زيور لاٿا ويا. اٽڪل 15 لک
رپين جو مال مير ڪرم علي خان جي حويليءَ مان لٽيو
ويو. بيگمن حويلي ڇڏي پنج ڪوهه پيادل پنڌ ڪري هڪڙي
ڳوٺ ۾ وڃي پناهه ورتي.
22 فيبروريءَ تي مير محمد خان کي قلعي کان ٻاهر
ڪڍي ٻين ميرن سان نظر بند رکيو ويو ان کان پوءِ،
مير نور محمد خان جي حويليءَ کي لٽيو ويو، بيگم
کٿڙ جي ڳوٺ ۾ وڃي پناهه ورتي. پوءِ سندس حويليءَ
کي لٽيو ويو. مير صوبدار خان جنهن کي هميشه پڳ ٻڌڻ
جو سوداءُ لڳل هو، تنهن جي بيگمن جا به زيور
لهرايا ويا. سندس پٽ شهزادي مير فتح علي خان جي
هٿن ۾ ٻه قيمتي ڪنگڻ هئا، سي لهرايا ويا! حرم جي
بيگمن جي ڀڄڻ وقت اتفاق سان هڪڙي عورت جي چيلهه
سان ڪي رپيا ٻڌل هئا، جي نڪرڻ وقت دورازي تي ڪري
پيا، هڪدم ان کي گرفتار ڪري سندس ڪمربند کي سولجرن
ڪپيو. پوءِ هر هڪ عورت کي ڌار ڌار بيهاري سندس نڪن
۽ ڪنن مان زيور لاٿا ويا. ڪنهن به شخص کي ڪوٽ اندر
اچڻ جي اجازت ڪانه هئي.
مير نصير خان ۽ مير نور محمد خان جا ديرا اڃا قلعي
اندر هئا. مير نصير خان جا پٽ شهزادو مير حسن علي
خان ۽ مير عباس علي خان پاڻيءَ ڪاڻ محتاج هئا. جن
جن حويلين جا در بيگمن خوف ڪري پوري ڇڏيا هئا، تن
کي سولجرن ڀڃي، اندر گهڙي، بيگمن جا زيورات لٽيا.
بلڪ حرم جي خواتين جي بدن تي جيڪي ريشمي وڳا پاتل
هئا، سي به زبردستي سان کانئن لهرايا ويا. مير نور
محمد خان جي بيگم هڪڙي ٻانهيءَ کي ڪپڙا ڏيئي بازار
ڏانهن روانو ڪيو ته انهن کي وڪڻي کاڌو خريد ڪري
آڻي، ان کي قلعي جي در تي منشي محمد حسين مار ڏئي
کانئس ڪپڙا ڦري ورتا.
ان واقعي کان پوءِ فرنگي جنرل ٻه عورتون قلعي جي
در تي بيهاري ڇڏيون. جيڪي لنگهندڙن عورتن جي تلاشي
وٺڻ لڳيون. شهزادا جن جا حلق اڃ ڪري خشڪ ٿي رهيا
هئا، تن کي هڪڙي بهشتيءَ هڪڙي پاڻيءَ جي مشڪ جنرل
جي حڪم سان پهچائي، جا هنن سڀني لاءِ ڪافي نه هئي.
تنهن کان سواءِ مرزا خسرو بيگ جي حويليءَ کي لٽيو
ويو. نيپئر، مرزا صاحب تي اهو الزام مڙهيو ته
ڪپتان مئڪفرن کي سامهون پيو هو. مٿئين بهاني سان
هن کي گرفتار ڪرائي، کيس ايتري مارڪٽ ڪرايائين، جو
وزير بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن سر چارلس
نيپئر مذاق طور وٽس حلوي جي رڪابي رواني ڪئي، جنهن
تي مرزا صاحب جواب ڏنو ته، ”دنيا جو حلوو مردار
آهي، مون وٽ روحاني غذا موجود آهي.“ پوءِ مرزا
صاحب کي نوڙيءَ سان ٻڌرايائين ۽ مٿس زور زبردستي
ڪرڻ لڳو ته مير ڪرم علي خان جي مخفي خزانن جي خبر
ٻڌائي ته ڪٿي پوريل هئا. حالانڪ مرزا صاحب کي ان
باري ۾ ڪا خبر ڪانه هئي، زيور ۽ جواهرات کان سواءِ
اٽڪل ڏهن لکن پائونڊن جيترو خزانو فرنگين کي قلعي
جي لٽ مار مان هٿ لڳو. هر هڪ انگريزي سولجر ۽ ديسي
سپاهيءَ کي ڪافي حصو مليو. سر چارلس نيپئر کي ستر
هزار پائونڊ حصي ۾ مليا.(1)
شمس العلما مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته، ان شام جو
حيدرآباد جي ماڻهن آسمان تي پڇڙ تارو ڏٺو، جو گهڻا
ئي ڏينهن شام جو نڪرندو هو، پوءِ آهستي آهستي گم
ٿي ويو. ان سماوي علامت مان هر ڪنهن ايئن ڄاتو ته
سنڌ ۾ آزاد قومي حڪومت ختم ٿي ۽ فرنگي انگريز جو
راڄ شروع ٿيو.(2)
دٻي جي خونريز جنگ:
سهراباڻين ۽ شهداداڻين جو خاتمو ٿي چڪو هو، پر مير
شير محمد خان ماڻڪاڻي، سر چارلس نيپئر جي جگر ۾
اڃا ڪنڊي وانگر چڀيل هو، ڇاڪاڻ ته مير شير محمد
خان حيدرآباد کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي 25 هزار
فوجين سان ڇانوڻي هنيو ويٺو هو. نواب احمد خان
لغاري، هوش محمد قمبراڻي ۽ ٻيا گهڻا جانباز سپاهي،
جيڪي مياڻيءَ جي جنگ مان بچيل هئا، سي مير شير
محمد خان جي لشڪر سان اچي گڏيا هئا.(1)
دٻي جي جنگ کان 18 ڏينهن اڳ، نيپئر حيدرآباد جي
ميرن کي ڌمڪي ڏني هئي ته:
”مونکي وڌيڪ تڪليف نه ڏيو ۽ مير شير محمد خان جو
طرف ڇڏي ڏيو، نه ته اوهان کي قيد ڪري جهاز تي
چاڙهي سنڌ کان ٻاهر روانو ڪبو ۽ اها سزا اوهان
لاءِ جوڳي ٿيندي، توهان کي خبر هوندي ته جڏهن ڪو
هار کاڌل شخص فاتح جي خلاف قدم کڻندو آهي، تڏهن
فاتح کي گهڻو غصو لڳندو آهي.“ نيپئر کي سندس ضمير
کائي رهيو هو ته متان حيدرآباد جا نظربند مير يا
ميرزادا مخفي طرح مير شير محمد خان کي مدد ڪن.
هوڏانهن مير شير محمد خان، نيپئر کي لکيو ته:
”لشڪر سميت پيش پئي آڻ قبول ڪر، نه ته بهادر بلوچي
لشڪر هٿان تباهه ٿي ويندين!“ مياڻيءَ جي جنگ کان
پوءِ نيپئر هڪ هفتي تائين مير شير محمد خان جي نقل
۽ حرڪت متعلق خبرچار معلوم ڪئي ۽ ڇهن مهينن جو
سامان گڏ ڪري هڪڙي قاصد معرفت مير شير محمد خان
ڏانهن چوائي موڪليائين ته، ”سڀاڻي توتي ڪاهه ڪندس،
بهتر ايئن آهي ته سواءِ ڪنهن شرط جي اچي پيش پئي
آڻ مڃ. آءٌ تو سان عزت سان گڏبس!“
24 مارچ 1843ع تي، سر چارلس نيپئر فوجن جي صف
آرائي ڪئي. ان وقت لارڊ ايلنبرو جي قاصد هڪڙو مهر
لڳل لفافو کيس پيش ڪيو. قاصد جنرل کي زباني چيو ته
ٻن مهينن تائين سنڌ جي سرحدن کي مضبوط جهلي بيهو،
جيئن ميرن کي ڪا بيروني مدد ملي نه سگهي. پيرسن
جنرل ڏڪندي ڏڪندي لفافو کوليو، جنهن ۾ لکيل هو ته،
مياڻيءَ جي فتح متعلق توکي فوج سميت مبارڪباد ڏجي
ٿي، توهان مان هر هڪ لاءِ وڏا انعام ۽ خطاب توهان
جو انتظار ڪري رهيا آهن.“ سر چرلس نيپئر پنهنجن
سپاهين اڳيان خط پڙهي ٻڌايو، جنهن تي سپاهين نعرا
هنيا. پوءِ طوفان وانگر اَٺ ميل پنڌ لتاڙي صبح جو
اٺين بجي پنج هزار فوجين سان سر چارلس نيپئر، دٻي
وٽ پهتو.
مير شير محمد خان جو لشڪر هڪڙي سڪل واهه جي پيٽ ۾
ٻن خندقن ۾ بيٺل هو. هرهڪ خندق ويهه ٻاويهه فوٽ
ويڪر ۾ هئي، توبخاني مٿان هوش محمد قمبراڻي اڳواڻ
هو، جنهن مياڻيءَ جي جنگ ۾ بهادري ڏيکاري هئي.
پيادل لشڪر مٿان نواب احمد خان لغاري سپه سالار
هو، جو انگريزن کان آخري انتقام وٺڻ لاءِ مير شير
محمد خان جي لشڪر سان اچي گڏيو هو.
بلوچن جي هار:
انگريزي لشڪر پهريائين کاٻي پاسي کان توبزني شروع
ڪئي، پوءِ سوار لشڪر بلوچن تي ڪاهه ڪئي، جن جي
اڳواڻي سر چرلس نيپئر ڪري رهيو هو. سڪل ناري جا ڪپ
ڦليليءَ کان گهڻو مٿي هئا، جنهن ڪري بلوچي سپاهين
کي مٿي چڙهي مقابلي ڪرڻ ۾ گهڻي دقت محسوس ٿيڻ لڳي.
هوڏانهن انگريزي لشڪر لاءِ اچڻ وڃڻ راند هئي.
مياڻيءَ وانگر دٻي جي جنگ به ٽي ڪلاڪ جاري رهي.
انگريزي توبخاني جي آتش فشانيءَ ڪري سڄو آسمان
دونهين سان ڍڪجي ويو. مير شير محمد خان فوجن کي ٻن
حصن ۾ ورهائي، پاڻ نگراني ڪرڻ لڳو، مگر مسلسل
توبزنيءَ ڪري بلوچن جون صفون ٽٽي پيون. اٽڪل پنج
هزار مجاهد مردانگيءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. هوش
محمد، مير شير محمد خان کي ميدان مان نڪري وڃڻ
لاءِ صلاح ڏني، مگر هن انڪار ڪيو. بنهه آخر ۾ نواب
احمد خان لغاريءَ جي چوڻ تي ساڻس گڏجي ميدان مان
نڪتو. هوش محمد آخري دم تائين وڙهندي هڪڙي آئرش
سولجر هٿان شهيد ٿي ويو.(1)
ڪپتان، ڪوٽ ماڻڪاڻين جي جهنڊي تي قبضو ڪري ورتو.
عمرڪوٽ ۽ شهدادڪوٽ جا معرڪا:
دٻي جي ميدان کان نڪرڻ کان پوءِ، مير شير محمد خان
مير پورخاص جي قلعي ۾ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو، جو
حيدرآباد کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي هو ۽
ماڻڪاڻين جو تختگاه هو. حيدرآباد کان هڪ سؤ ميلن
جي مفاصلي تي عمرڪوٽ جو مضبوط قلعو به هو، مگر
ٽالپرن جي شڪست جو ٻڌي، هاڻي سنڌ جا زميندار ميرن
کان منهن ڦيرائڻ لڳا، هر هڪ جي دل تي فرنگي ڀورن
جي هيبت جو سڪو ڄمي ويو. مير شير محمد خان رعايا
جو رخ بدليل ڏسي، ضروري اسباب سميت عمرڪوٽ جي قلعي
۾ پهتو، جتان هڪ هفتي تائين مقابلو ڪندو رهيو،
پوءِ ٿر ڏانهن نڪري ويو ۽ نيٺ انگريزن عمرڪوٽ جي
قلعي تي جهنڊو چاڙهيو.
21 اپريل 1843ع تي سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي،
ليڪن مير شير محمد خان جي موجودگيءَ ڪري سندس دل
بي آرام هئي. مير صاحب سان نواب احمد خان لغاري
ساڻ هو، جنهن جو رسوخ لاهور جي خالصا درٻار تائين
هو. پنجاب جا لغاري، انگريزن جا طرفدار هئا،
(2)
ازانسواءِ ديره جات جي کوسن ۽ گورچاڻين جي خلاف،
هو لالا مولراج جي طرف هئا،(3)
بلڪ قلات جي درٻا رتائين لغارين جي سردار جو رسوخ
هو.(1)
سنڌ جي انگريزي لشڪر ۾ بمبئي ۽ بنگال جا سپاهي
هئا، جن مان بنگال جا سپاهي قدري نٽائڻ لڳا. ٻئي
طرف سنڌ ۾ افواه گشت ڪرڻ لڳا ته خالصن ۽ سنڌيا جو
لشڪر انگريزن تي ڪاهه ڪندو.
رنجيت سنگهه جي مرڻ کان پوءِ خالصن جو پاڻ ۾ نفاق
پيل هو. بلوچ شڪست کاڌل هئا، تنهن ڪري مٿين
افواهَن سان دلين کي تسلي ڏيڻ لڳا. نواب احمد خان
لغاري سرحد جي بلوچن کي ڀڙڪائڻ لڳو.(1)
مير شير محمد خان جي ناڪه بندي ڪرڻ لاءِ سر چارلس
نيپئر، ڪرنل رابرٽ کي سکر کان سنڌو نديءَ جي ساڄي
ڪناري سان سيوهڻ وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو. ٻئي هڪڙي
عملدار کي حيدرآباد کان روهڙيءَ ڏانهن روانو
ڪيائين. جاسوسن نيپئر کي خبر ڏني هئي ته مير شير
محمد خان وٽ اڃا ڏهه هزار لشڪر آهي، حالانڪ مير
صاحب وٽ فقط چار هزار لشڪر هو ۽ 3 توبون هيون.
نيپئر ڪپتان جان جيڪب کي هڪڙي مختصر فوجي دستي سان
ٻن توبن سميت هالن ڏانهن روانو ڪيو، جتان 17 ميلن
جي مفاصلي تي مير شير محمد خان هڪڙي قلعي ۾ مقيم
هو. مير صاحب جو ڀاءُ مير شاه محمد خان سيوهڻ کان
14 ميلن جي مفاصلي تي مختصر فوج سان خندقن ۾ جنگ
ڪندي گرفتار ٿي ويو.
14 جون 1843ع تي مير شير محمد خان دشمن سان هڪڙي
واهه جي ڪپ تي آخري مقابلو ڪيو، پر پوءِ فضا جو رخ
بدليل ڏسي نواب احمد خان لغاريءَ جي رهنمائي هيٺ
اتر سنڌ جي بليدين، جمالين ۽ ڊومبڪين جي ڳوٺن کان
ٿيندو پنجاب پهتو. خالصن جي شڪست کائڻ کان پوءِ
پنجاب جي گورنر سر جان لارينس جي سفارش سان نواب
صاحب کي سنڌ ۾ موٽي اچڻ جي اجازت ملي هئي. اهو
بيان موقعي سر ڏبو.
ٽالپرن جي حيدرآباد مان روانگي:
مير، جيڪي حيدرآباد ريزيڊنسيءَ جي ويجهو محبوس
هئا، تن سان انگريزن فاتحن، نهايت ناروا سلوڪ ڪيو.
ميرن کان سندن سواريءَ جا وهٽ، بسترا ۽ ڪتاب کسيا
ويا. کين اڻ پورو ۽ اڻ سهائيندڙ کاڌو ڏنو ويو. 6
ربيع الاول سنه 1259هه (1843ع) تي، گورنر جنرل
لارڊ ايلنبرو جي حڪم موجب سر چارلس نيپئر، ميرن کي
جلاوطنيءَ جو حڪم ٻڌايو، پڻ کين حڪم ڏنائين ته
ديرن کان ٻاهر ڪڍو. مرزا خسرو بيگ شاهي ديرن کي
پهريائين ٽنڊي سائينداد ڏانهن وٺي ويو. اُتي اتفاق
سان مرزائن جي گهرن کي باهه لڳي، جنهن ۾ سندن گهڻي
ملڪيت جواهرات سميت نذر آتش ٿي ويئي، جنهن ڪري
مرزا مفلس ٿي ويا. پوءِ حيدرآباد پريان، ڦليليءَ
جي ڪپ ڀرسان، نواب محمد خان ٺوڙهي جي ڳوٺ (ٽنڊي
ٺوڙهي ۾) رهڻ لڳا، جو اڄ به مرزائن جو ڳوٺ سڏجي
ٿو. مير صاحبن جي خدمتگارن مان گهڻن وفادارن ميرن
سان گڏجي وڃڻ لاءِ نالا ڏنا، جن کي انگريزن وڃڻ
لاءِ اجازت ڏني. مير نصير خان، مير حسين علي خان،
مير محمد خان، مير يار محمد خان، مير شهداد خان،
مير صوبدار خان اڳي ئي نظربند هئا.
31 مئي 1843ع تي ڪپتان برائون ويهن سولجرن سان
اميرزادن مان مير عباس علي خان، مير فتح علي خان،
مير محمد علي خان ۽ مير مراد علي خان کي گرفتار
ڪري ڪئمپ ڏانهن وٺي آيو. پوءِ اتان سڀني کي
’نمرود‘ جهاز تي چاڙهي ڪپتان گارڊن جي نگرانيءَ
هيٺ، بمبئي ڏانهن روانو ڪيو ويو، جتي ملبار ٽڪريءَ
تي مير صاحب هڪڙي بنگلي ۾ رهڻ لڳا. بمبئي جي گورنر
ساڻن ملاقات ڪئي. ستت چؤماسي موسم اچڻ ڪري ميرن کي
بمبئي کان 24 ميلن جي مفاصلي تي سامور ڳوٺ ۾ رهڻ
لاءِ منتقل ڪيو. پوءِ هر فرد لاءِ وظيفا مقرر ڪيا
ويا، مگر اهي سندن گذران لاءِ ناڪافي هئا. ميرن
پهريائين وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر پوءِ کين لاچار
قناعت ڪرڻي پئي.
محرم 1260هه (1844ع) ۾، اٽڪل ڏهن مهينن گذرڻ بعد
مير صاحبن کي جهاز وسيلي ڪلڪتي ڏانهن اماڻيو ويو،
جتي گورنمينٽ هائوس ۾ گورنر جنرل ساڻن ملاقات ڪئي.
مير شهر کان ٻاهر هڪڙي بنگلي ۾ رهندا هئا. مهيني
گذرڻ بعد، مير حسين علي خان، مير محمد خان، مير
شاه محمد خان، مير يار محمد خان کي هزاري باغ جهڙي
ويران ڳوٺ ۾ رهڻ لاءِ حڪم مليو. ان وچ ۾ مير رستم
خان پوني ۾ وفات ڪئي. مير شهداد خان، جنهن کي سر
چارلس نيپئر، ڪپتان اِنس جي قتل جي ڏوهه ۾ سورت ۾
نظربند رکيو هو، تنهن کي گورنر جنرل بي ڏوهي
ٺهرائي، ڪلڪتي ڏانهن روانو ڪيو. مير صاحبن کي
مخصوص ايراضيءَ ۾ شڪار ڪرڻ ۽ وقت بوقت پاڻ ۾
ملاقات ڪرڻ جي اجازت هئي.
سرحدي بلوچ:
سنڌ انگريزن تازو فتح ڪئي هئي ۽ ان کي ڌار علائقو
شمار ڪري، سر چارلس نيپئر گورنر جي حيثيت سان مٿس
فوجي حڪومت هلائڻ لڳو. هو سڌو سنئون گورنر جنرل جي
ماتحت هو. انهي سال هڪڙو سرڪاري اعلان پڌرو ٿيو ته
سنڌ تي برطانوي راڄ قائم ٿي چڪو آهي، ڪوبه ماڻهو
سرڪار جي خلاف قدم کڻندو ته سندس جان ۽ مال جو خير
نه هوندو. فيبروري 1843ع ۾ هڪڙي پڌرائي موجب جن به
زميندارن يا جاگيردارن گورنر جي خدمت ۾ حاضر ٿي
وفاداريءَ جي خاطري ڏني، تن کي سندن املاڪان تي
متصرف ڪيو ويو. انهيءَ سال سموريءَ سنڌ کي ٽن ضلعن
۾ ورهايو ويو: 1_ ڪراچي، 2_ حيدرآباد ۽ 3_
شڪارپور. جن تي ميجر هينري پريڊي، ڪپتان راٿبورن ۽
ڪپتان گولڊ لي فوجي عملدار، ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا.
سندن ماتحت نائب ڪليڪٽر، ڪاردار ۽ سزاولڪار مقرر
ٿيا.
اتر سنڌ جي بلوچي قبيلن مان بليدي، بگٽي، ڊومبڪي ۽
جکراڻي سنه 1845ع تائين انگريزن سان گوريلا نموني
جنگ ڪندا رهيا، ڇاڪاڻ ته انگريزن فقط چانڊين ۽
جتوئين جي جاگيرن کي تسليم ڪيو هو. برسات نه پوڻ
جي صورت ۾ سرحدي بلوچ، جن جو گذران ڦرلٽ تي هو، تن
جي ڪاهُن جو سلسلو لڪي جبلن تائين جاري رهندو آيو.
نيپئر جي دور جو زمانو هنگامي هو، وٽس 15 هزار
لشڪر ۽ اڍائي هزار مسلح پوليس چوڪين تي مقرر هئي.
ڊومبڪين ۽ جکراڻين جي سردارن، بجار خان ڊومبڪيءَ ۽
دريا خان جکراڻي جو پيشو ڦرلٽ هو. تنهن کان سواءِ
درگي خان، رحمت خان، ترڪ علي ۽ نوبت خان نالي
چڙهيا ڌاڙيل هئا. مير عالي بليدين مان سردار علي
شير، رامو خان، پيارو خان، شير محمد خان ڦرلٽ تي
گذر ڪندا هئا. شير ڳڙهه ۽ جهل سندن ٻه مشهور قلعا
هئا.
بگٽي شڪارپور تائين ڌاڙا هڻندا هئا. سر چارلس
نيپئر کين پنڊاري سڏيندو هو. نيپئر، چانڊين جي
سردار ولي محمد خان جي مدد سان ۽ مير علي مراد خان
جي چئن هزارن فوجن سان سرحدي بلوچن جو مقابلو ڪيو.
جتوئين جي سردار به انگريز فاتح کي مدد ڏني. ڪرنل
جان جيڪب ۽ ليفٽيننٽ ميري ويدر جيڪب آباد ڇانوڻيءَ
تي مقرر ٿيا. سنه 1844ع ۾ نواب ولي محمد خان
چانڊئي، نوبت خان ڌاڙيل کي گرفتار ڪرائي، انگريزن
جي حوالي ڪري، لارڊ ايلنبرو جي سفارش سان هڪ هزار
رپيا انعام کٽيو. جتوئين کي پڪ هئي ته انگريز،
ڪنڌڪوٽ سندن حوالي ڪندا، پر معاملو برعڪس نڪتو.
جکراڻي شهسواريءَ ڪري مشهور هئا، سندن سردار دريا
خان جکراڻي سڀ کان وڌيڪ ڌاڙا هنيا هئا، تنهن کي
جان جيڪب انعام جي لالچ ڏياري. دريا خان، سر چارلس
نيپئر وٽ اچي پيش پيو، جنهن امن امان سان رهڻ جي
شرط عيوض کيس جاني ديري ۾ جاگير ڏني. ڊومبڪين کي
رندواهي ۽ نوازو ۾ جاگير ملي. مير عالين پيش پوڻ
کان انڪار ڪيو. سندن سردار شير علي خان سنه 1845ع
۾ سر چارلس نيپئر سان وڙهندي شهيد ٿيو. بگٽين، جان
جيڪب تي ڪاهه ڪئي ۽ سندن ڇهه سؤ جوان مارجي ويا ۽
هڪ سؤ قيد ٿيا. جيڪب آباد سرحد تي هئڻ ڪري، سنڌ جو
چوٿون ضلعو، اپر سنڌ فرنٽيئر قائم ٿيو. جان جيڪب
ڪنڌڪوٽ وارا جهنگ وڍرائي، بلوچن کي زمينون ڏيئي،
ضابطي ۾ آڻي، کين بي هٿيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
بلدڪو ۽ جتوئڪو ٻه بلوچي رياستون سنه 1853ع ۾ لارڊ
ڊلهائوسيءَ جي زماني ۾ شڪارپور ضلعي سان شامل ڪيون
ويون.
ميرن جون درخواستون:
سنه 1260هه ماهه شوال (1844ع) ۾ بيگم ڪرم علي خان،
بيگم نور محمد خان، بيگم نصير خان، بيگم صوبدار
خان، بيگم مير محمد خان سموري روئداد، جنهن ۾ سندن
زيور کانئن ڦريا ويا هئا، سا راڻي وڪٽوريا اڳيان
لکي پيش ڪئي. انهن درخواستن ۾ لکيل هو ته انگريزي
عملدارن ساڻن جيڪي عقوبتون ۽ ناانصافيون ڪيون تن
لاءِ جاچ ڪرڻ کپي. بيگمات جي وڪيلن آخوند حبيب
الله، ديوان ميٺارام ۽ ديوان ڏيارام سمورا ڪاغذ 30
مارچ 1845ع تي راڻي وڪٽوريا اڳيان پيش ڪيا، پر
سندي اپيلن تي نه حڪومت ڌيان ڏنو، نه وري برٽش
پارليامينٽ ڪو تدارڪ ڪيو.(1)
لارڊ ايلنبرو انگريز فوجي عملدارن کي افغانستان،
بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ڇوٽ ڇڏي، جيڪي جنگيون ڪرايون، تن
جي ڪري ڪمپنيءَ جي خزاني تي گهڻو بار پيو. ميرن
سان هن جيڪا ضدي پاليسي اختيار ڪئي، ان باري ۾
هندستاني پريس ۽ رعايا ۾ عام ناراضپو پئجي ويو.
جيتوڻيڪ گورنر جنرل ڪابل جي ويڙهه ۽ سنڌ جي جنگين
۾ ڪامياب ٿيو هو، مگر ساڳئي وقت انگريزن جي آفيم
جي سوال تي چين سان جنگ لڳل هئي. اهوئي سبب هو جو
ڪمپنيءَ جا ڊائريڪٽر سندن ضدي پاليسيءَ جي خلاف
هئا.(2)
انگيلنڊ جي وزيرن، جن ٿورو اڳ ڪمپنيءَ کي واپار
لاءِ چارٽر ڏنو هو تن ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي
صلاح ڏني ته ايلنبرو کي سندس فوجي بالا عملدارن
سميت واپس گهرايو وڃي. جيڪڏهن مسٽر ولبر فورس،
ايلنبرو جو صلاحڪار نه هجي ها ته، شايد اڃا هو
وڌيڪ بدنام ٿئي ها.
پهرين آگسٽ سنه 1844ع تي ايلنبرو ولايت ڏانهن ويو،
سندس جاءِ تي سندس مائٽ لارڊ هارڊنج گورنر جنرل
مقرر ٿي آيو.(1)
ايلنبرو جي لنڊن پهچڻ کان پوءِ هڪڙي پاسي ليڊن هال
جي ڊائريڪٽرن مٿس مقدمي هلائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو،
ٻئي پاسي ڊائوننگ اسٽريٽ جي ايوان جا سياسي مدبر
سندس بچاءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳا. سر دست ڊائريڪٽرن
مٿس هيٺيان پنج سنگين الزام مڙهيا:
1_ افغانستان ۾ وڌيڪ دخل ڏيڻ لاءِ هندستان جو
ڪمانڊر انچيف توڙي ٻيا فوجي ماهر منڍ کان خلاف
هئا، 15 هزار انگريزي لشڪر چٽ ٿيڻ کان پوءِ، برٽش
حڪومت افغانستان کي خالي ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو،
ڇاڪاڻ ته ڪابل جي ويڙهه تي لارڊ آڪلنڊ 13 ڪروڙ
رپيا خرچ ڪري چڪو هو، جنهن ڪري آنريبل ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي خزاني تي ناقابل برداشت بار پيو هو.
لارڊ ايلنبرو افغان ويڙهه کي جاري رکي، حڪومت هند
کي وڌيڪ ٻن ڪروڙن جي نقصان هيٺ آندو. ساڳئي وقت
چين سان جنگ لڳل هئي، جنهن جي خرچ جو ذمو به حڪومت
هند تي هو. غزنيءَ جي مقبري جي دروازن کي پٽرائڻ
واري سندن ناجائز فعل کي ڊائريڪٽر سندن ديوانگي
تصور ڪرڻ لڳا.
2_ قلات جو بيگلر بيگي مير نصير خان صلح ڪرڻ لاءِ
آماده هو، جنهن لاءِ ڪرنل سٽيسي سفارش به ڪئي هئي،
پر ايلنبرو سندس سفارش تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو هو.
3_ ٽالپر امير معاهدي جي شرطن تي پائبند هئا، مگر
ايلنبرو ملڪ گيريءَ جي هوس ۾ ڦاسي، سر چارلس نيپئر
کي ميرن سان مفت ڦٽائڻ ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو،
جنهن ڪري ڪمپنيءَ سرڪار کي اڍائي ڪروڙ رپين جو
نقصان کڻڻو پيو. نيپئر کي سٺ لک رپيا لٽ مار مان
حصي ڏيڻ کان پوءِ ايلنبرو پنهنجن گناهَن کي لڪائڻ
لاءِ ظاهر ڪيو ته سنڌ ملڪ جيڪو ڪمپني سرڪار سان
لاڳو ٿيو آهي، سو مصر وانگي زرخيز ملڪ آهي.(1)
ڊائريڪٽرن کي خبر آهي ته انگريزن، مير علي مراد
کي هٿيو بنائي ميرن سان جنگ ڇيڙي، حالانڪ مير
آخرين معاهدي جي شرطن کي منظور ڪرڻ لاءِ هر حال ۾
تيار هئا.
4_ سنڌ فتح ٿيڻ بعد، ڪمپني سرڪار خرچن کي گهٽائڻ
لاءِ سنڌ جي لشڪر جو پگهار گهٽايو، جنهن ڪري
سپاهين بغاوتون ڪيون، جن جو اثر هندستان جي ٻين
ڇانوڻين تي پيو، اهڙين بغاوتن لاءِ گورنر جنرل
ذميوار هو.(1)
|