سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 5

صفحو :11

 

باب پنجون

شاهه بيگ ارغون:

سنه 928هه (1521ع) ۾ شاهه بيگ اگهم ڳوٺ ۾ وفات ڪئي. هو وڏو عالم، فاضل ۽ نيڪ بخت حاڪم ٿي گذريو. قنڌار واري زماني ۾ علمائن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. علم نحو جي ڪتاب ’ڪافيه‘ جي شرح، ’عقائد نفسي‘ جي شرح ’مطالع منطق‘ جي شرح ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا عربيءَ ۾ تصنيف ڪيائين. مهدي جونپوري سان علمائن جي روبرو قنڌار ۾ بحث ڪيو هئائين.(1) بکر جي سادات کي روهڙيءَ ۾ جاگيرون ڏيئي، الور جي ڦٽل قلعي جون سرون گهرائي، بکر جي قلعي جي مرمت ڪرايائين. بکر جي آس پاس جيڪي بلوچ رهندا هئا، جن سمن جي ڏينهن ۾ ڪيتريون ئي بغاوتون ڪيون هيون، تن وٽ وڃي مهمان ٿيو، پوءِ راتو رات مٿن حملو ڪري سندن زور ڀڳائين.

ڄام صلاح الدين جي سؤٽ سان مظفر شاه حليم بن محمود شاه، گجرات جي حاڪم شادي ڪئي هئي. مظفر شاه، علامه محمد بن محمد يحيٰ جو شاگرد هو ۽ حديث علامه جمال الدين محمد بن عمر بحرق کان پڙهيو هو. سپه داريءَ ۽ سلطانيءَ ۾ ماهر هو.ڄام صلاح الدين، جو دريا خان کان دوکي ۾ جنگ هارائي گجرات ڏانهن ڀڄي ويو هو، سو مظفر شاه حليم کان مدد وٺي شاه بيگ ارغون جي غير حاضريءَ ۾ سوڍن ۽ جاڙيجن جو ڏهه هزار لشڪر وٺي، ٺٽي تي ڪاهي آيو. ڄام فيروز، علاءُ الدين بن مبارڪ کي سيوهڻ جي مغل نواب ڏانهن سفير ڪري مڪو. مرزا شاه بيگ پنهنجي پٽ مرزا شاه حسن کي شال مان لشڪر ڏيئي، ڄام فيروز جي مدد لاءِ مڪو.

سنه 927هه (1520ع) ۾ مرزا ٺٽي پهتو. جوڻ جي شهر وٽ خونريز جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين ۽ سندس پٽ هيبت علي مارجي ويا، سندن لشڪر پوءِ ميدان ڇڏي ڀڳو. ڄام فيروز، هڪ عريضو قيمتي سوکڙين سميت قاضي قاضن جي معرفت شاه بيگ ڏانهن بکر جي ڪوٽ ۾ پهچايو. شاه بيگ گجرات فتح ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو.(1)

مرزا شاه حسن:

شاه بيگ جو گجرات فتح ڪرڻ جو منڍ کان ارادو هو، پر سندس عمر وفا نه ڪئي. سندس وفات کان پوءِ رمضان مهيني ۾ مرزا شاه حسن جي تاجپوشيءَ جي رسم نصرپور ۾ ادا ڪئي ويئي. عيد ڏينهن خطبو سلطان ظهيرالدين بابر جي نالي تي پڙهيو ويو، جو ان وقت ڪابل ۽ قنڌار جو حاڪم هو. شاه بيگ جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز وري سڄيءَ سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ خيال پچائڻ لڳو. ظاهري طور قاضي قاضن ۽ حافظ رشيد، ڄام پاران تاجپوشيءَ جي موقعي تي تحفا کڻي اچي، مرزا شاه حسن کان معافي گهري پيش پيا، مگر مرزا کي ڄام جي ارادن جي خبر هئي، تنهن ڪري ٺٽي ڏانهن اُسهيو. ڄام فيروز پهريان ٺٽو خالي ڪري ويو، پر پوءِ سندس وزير ماڻڪ ۽ناٺيءَ، شيخ ابراهيم ٻيڙين تي فوج چاڙهي مرزا سان مقابلو ڪيو. سخت جنگ کان پوءِ مغلن جي سوڀ ٿي.(1)

شڪست کائڻ کان پوءِ ڄام فيروز ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو، جتي لشڪر گڏ ڪري پنجاه هزار سوار ۽ پيادن جو لشڪر وٺي وري ٻيهر ٺٽي ڏانهن هليو. چاچڪن جي ڳوٺ ۽ راهمڪي بازار جي وچ ۾ ڪاري ڪاٻاري (کاري کٻڙلوءِ) وٽ ٽئين درويش جي پيشنگوئيءَ موجب تيرن ۽ ترارين جي جنگ لڳي، ڄام فيروز هزارين ماڻهو مارائي ڪڇ ڏانهن مايوس ٿي موٽي ويو. سنه 1523ع ۾ سمن جي صاحبيءَ جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو ۽ ارغونن سڄيءَ سنڌ تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪڇ کان گجرات ڏانهن ويو، جتي بهادر شاه گجراتيءَ کيس اميرن ۾ داخل ڪيو ۽ باقي عمر جا ڏهاڙا اُتي گذاريائين. مرزا شاه حسن ٺٽو فتح ڪرڻ کان پوءِ هالڪنڊي ۽ سيوهڻ کان ٿيندو بکر پهتو.

ملتان تي ڪاهه:

بابر بادشاهه ڪابل کان پنجاب تي ڪاهون ڪندو هو. پنجاب جو حاڪم دولت خان لوڌي به بابر جو طرفدار هو. بابر، مرزا شاهه حسن کي اُچ ۽ ملتان تي قبضي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. گويا سنه 930هه (1523ع) ۾ پنجاب تي بابر جو قبضو هو. ملتان جو حاڪم محمود شاهه لانگاهه ڪمزور هو، البته سهراب خان دودائيءَ جي زور تي سندس حڪومت ۾ اڃا ٿورو دم هو. شاهه حسن اُچ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ڏراور جي قلعي تي قبضو ڪيو، جتان کيس گهڻو خزانو هٿ لڳو. ڏراور تي قبضو ڪري شاه حسن ملتان جي قلعي جي ديوارن هيٺان پهتو. سلطان لانگاه خوف کان شيخ بهاءُ الدين قريشيءَ وقت جي وڏي صوفيءَ ۽ مولانا بهلول کي صلح ڪرائڻ لاءِ شاه حسين ڏانهن روانو ڪيو، مگر ارغون حاڪم سندن مٺين ڳالهين تي ڪين مڙيو. آخر ٻي واه نه ڏسي، سلطان محمود لانگاه اَسي هزار جتن، رندن، دودائن، قرائن ۽ چانڊين بلوچن جي لشڪر سان مغلن جو مقابلو ڪيو، پر شڪست کاڌائين. سندس پٽ ۽ ڌيءُ جي صغير هئا قيد ٿي ويا، جن کي شاه حسن، مسڪين خان ترخان جي حوالي ڪري، کيس تاڪيد ڪيو ته ٻارن جي سنڀال اولاد وانگر ڪري.

سنه 931هه (1524ع) تائين سلطان محمود لانگاه حڪومت ڪري وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ سلطان حسين شاه ثاني ملتان جو حاڪم ٿيو. صغير هئڻ سبب حڪومت جون واڳون شيخ شجاع الملڪ بخاريءَ جي هٿ ۾ رهيون، جو سلطان محمود جو ناٺي هو. شيخ شجاع ٻيهر قلعي اندر رهي مغلن جي مقابلي ڪرڻ جي رٿ ڪئي، جا ڪارگر ثابت نه ٿي، ڇاڪاڻ ته لانگاه جو سپه سالار لنگر خان، جو دراصل هن خاندان جو غلام هو ۽ جنهن سلطان محمود شاهه کي زهر ڏيئي ماريو هو، سو غداري ڪري وڃي شاه حسن ارغون سان گڏيو. شاه حسن ارغون قلعي تي گهيرو ڪيو، جو برابر هڪ سال تائين جاري رهيو. ملتان وارن جو گهيري ڪري اهڙو حال تنگ ٿيو، جو ڪتا ۽ ٻليون به کائڻ لڳا. آخر تنگ ٿي سلطان حسين شاهه سنه 932هه (1525ع) ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا.

ارغونن شهر تي قبضو ڪري لٽ مار شروع ڪئي، ايتري قدر جو مولانا ابراهيم صدر جامع جامعي ۽ سندس پٽ مولانا سعدالدين لاهوريءَ جي حويلي به لٽيائون. سترهن سالن کان وٺي ستر سالن تائين جيڪي به قيدي هئا، سي مغلن ماري ڇڏيا. ملتان بلڪل ويران ٿي ويو. شاه حسن، ملتان خواجه شمس الدين جي حوالي ڪري، لنگر خان کي سپه سالار مقرر ڪري، سنڌ ڏانهن موٽيو. سنه 932هه (1526ع) ۾ بابر ابراهيم لوڌيءَ کي پاڻيپٽ جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي دهلي ۽ آگرو فتح ڪيا. لنگر خان مدبر ۽ هوشيار هو.پهريائين ملتان جي ويرانيءَ کي مٽائي، ماڻهن جون دليون کٽي جڏهن پنهنجي طاقت مضبوط ڏٺائين، تڏهن خواجه شمس الدين کي ملتان مان بي دخل ڪري، اُتي پاڻ قبضو ڄمائي ويٺو. سنه 937هه (1530ع) ۾ بابر وفات ڪئي. کانئس پوءِ نصيرالدين همايون سندس پٽ دهلي ۽ آگري جي تخت تي ويٺو. همايون پنجاب جو صوبو پنهنجي ڀاءُ مرزا ڪامران جي سپرد ڪيو. ڪامران لنگر خان کي لاهور گهرائي، کيس ڪابل جو گورنر بنائي، ملتان مغليه شهنشاهت سان گڏائي ڇڏيو.

گجرات تي ڪاهه:

ملتان کان موٽڻ بعد مرزا حسن ۽ سلطان محمود بن فاضل ڪوڪلتاش گڏجي گجرات تي ڪاهه ڪئي ۽ پٽن ۽ راڌنپور تائين گجرات ۾ ڦر ڪرايائون. سندن غير حاضريءَ ۾ وري سنڌ ۾ ڪلمتين ۽ جتوئين ٺٽي کان وٺي بکر تائين ڦرلٽ شروع ڪئي. مرزا قاسم بيگلار، مرزا شاه حسن کي خبر پهچائي، جنهن ڪري شاه حسن گجرات جي حاڪم محمود شاه ثانيءَ کان هڪ لک فيروز شاهي سڪا پاڻ لاءِ، ٽيهه هزار سڪا سلطان محمود لاءِ وٺي سنڌ ڏانهن وريو.(1) محمود ثاني مخير باشاهه ٿي گذريو، هن مڪي معظمه ۾ باب العمره جي متصل هڪڙو عظيم الشان مدرسو تعمير ڪرايو، جنهن ۾ علامه شهاب الدين ابن حجر مڪي ۽ عزالدين عبدالعزيز زمزمي تدريس تي مقرر هئا. محمود ثاني کنڀات بندر جي آمدني هڪ لک اشرفيون ساليانو حرمين ڏانهن روانيون ڪندو هو.

همايون جو سنڌ ۾ اچڻ:

همايون کي افغانن جي بغاوت کي مٽائڻ لاءِ جونپور ۽ چنارڳڙه وڃڻو پيو، جتي فريد خان (شير شاه) کي مطيع ڪري موٽيو. فريد خان سوري پٺاڻ، سهسرام (بهار) جو زميندار هو. سنه 939هه (1532ع) ۾ همايون گجرات ڏانهن ويو، ڇاڪاڻ ته بهادر شاه گجراتيءَ ڪن باغي مغلن کي پاڻ وٽ پناه ڏني هئي. همايون کنڀات تائين پهتو هو ته بهار ۾ فريد خان جي ٻيهر بغاوت جون وٽس خبرون پهتيون. هو آگري ڏانهن موٽي آيو ۽ ڪجهه فوج وٺي بهار ڏانهن ويو. فريد خان خزاني ۽ ٻارن ٻچن کي رهتاس جي مضبوط قلعي ۾ رکي، پاڻ ٽڪرين ۾ وڃي لڪو. همايون بنگال تائين آسانيءَ سان پهتو، ليڪن برسات جي مند اچڻ ڪري، هن لاءِ واپس موٽڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو.

هوڏانهن فريد خان ٽڪرين مان نڪري ساڻس صلح لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لڳو. همايون سندس درخواست منظور ڪئي، مگر هڪڙيءَ رات گنگا جي گهاٽ وٽ مغليه لشڪر کي غافل ڏسي، فريد خان مٿن اوچتو حملو ڪري، هزارين مغل سپاهي ماري وڌا. همايون ٿورن ساٿين سان جان بچائي آگري ۽ دهليءَ پهتو، جتان ترت ئي نڪري لاهور پهتو، مگر ڀائرن کيس ڪا مدد ڪانه ڏني، تنهن ڪري لاچار فريد خان کان جان بچائي ٻيڙين جي ذريعي لاهور کان ملتان پهتو. فريد خان سندس پٺيان پنجاب تائين ڪاهي آيو ۽ پوءِ واپس موٽي دهليءَ ۽ آگري تي قبضو ڪري، پاڻ کي شير شاه جي لقب سان سڏائڻ لڳو.

همايون جو سنڌ ۾ اچڻ:

ملتان جي هڪڙي بلوچ جاگيردار، بخشي خان معزول شهنشاه همايون کي اناج سان ٻيڙيون ڀرائي درياءَ رستي سلامتيءَ سان بکر ڏانهن روانو ڪيو. همايون بخشي خان کي خلعت ۽ نقارو روانا ڪري ’جهان خان‘ جو لقب ڏنو. بکر جي واليءَ سلطان محمود ڪوڪلتاش، قلعي جا در بند ڪري ڇڏيا. همايون قلعي جي ڀر ۾ هڪڙي باغ ۾ قيام فرمايو، جو شاه حسين جي ماٽيلي ڀاءُ، مير سمندر پاڻ تيار ڪرايو هو. همايون مير سمندر معرفت، مرزا شاه حسن کي چوائي مڪو ته: ”منهنجو ارادو گجرات وڃڻ ڏانهن آهي، مگر جنهن صورت ۾ آءٌ هڪڙي ضرورتمند جي صورت ۾ تنهنجي ملڪ ۾ وارد ٿيو آهيان، ان صورت ۾ توتي فرض آهي ته اچي خدمت ۾ حاضر ٿيءُ.“

مگر مرزا شاه حسن پنجن مهينن تائين شهنشاه کي حيلن ۽ بهانن سان ٽاريندو رهيو. همايون مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي روهڙيءَ جي ويجهو چار باغ نالي هڪڙي عمدي باغ ۾ شاه حسن جو انتظار ڪرڻ لڳو. معزول شهنشاه جي اها حالت هئي، جو آخر اَنّ نه ملڻ سبب سندس ڪئمپ جا ماڻهو اُٺ ۽ گهوڙا ذبح ڪري کائڻ لڳا. ڪي وري تنگ ٿي بادشاهه کي ڇڏي ڀڄي ويا. مرزا شاه حسن کي خبر هئي ته همايون جي طاقت روزمره گهٽجي رهي آهي، ان سبب ڪري ملاقات ڪرڻ کان نٽائيندو رهيو.

جن ڏينهن ۾ همايون چار باغ ۾ مقيم هو، انهن ڏينهن ۾ مرزا هندال مهراڻ ٽپي قنڌار وڃڻ جي ارادي سان روهڙيءَ وٽ پهتو هو. همايون پنهنجي والده کي ڏسڻ جي ارادي سان مرزا هندال جي منزل گاه تي پهتو. والده سان ملاقات ڪرڻ وقت سندس نظر حميده بانو بيگم تي پئجي ويئي، جا حضرت احمد ڄام زنده پير جي اولاد مان هئي.(1) نظر پوڻ سان همايون جي دل ديواني ٿي پيئي، مگر حميده بانو بيگم جي خاندان سان مغليه شاهي خاندان کي عقيدتمنديءَ جو رستو هو، ان ڪري چاليهن ڏينهن تائين ڇڪتاڻ رهي، آخر حميده بيگم بانو شادي ڪرڻ تي راضي ٿي. مرزا هندال ان وقت پاٽ جي شهر ۾ هو. هي شهر دادو ضلعي ۾ مهراڻ جي ڪپ کان ويهن ميلن جي مفاصلي تي اولهندي طرف هو.

جمادي الاول مهيني جي سومر ڏينهن ٻن پهرن جو سنه 948هه ۾ همايون جو نڪاح حميده بانوءَ سان مير ابوالبقاءَ پڙهيو، جنهن کي همايون ٻه لک رپيا ڏنا. ٽن ڏينهن تائين پاٽ ۾ قيام فرمائڻ کان پوءِ همايون ٻيڙين تي چڙهي بکر پهتو. مرزا هندال، يادگار ناصر کي همايون وٽ ڇڏي، قنڌار ڏانهن روانو ٿيو. همايون پاڻ به پوءِ سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو.

همايون جڏهن لاهور کان نڪتو هو، ان وقت سندس فوج ۽ نوڪرن جو  تعداد ويهه لک هو، جن مان گهڻا بک جي وگهي تنگ ٿي کيس ڇڏي هليا ويا، مگر جيڪي وفادار يا جان نثار هئا، سي هجر حال ۾ آقا سان شريڪ ۽ مددگار هئا. سيوهڻ جي مضبوط قلعي تي مير علي ڪوٽوال هو، جو اڳ همايون وٽ نوڪر هو. همايون کي پڪ هئي ته مير علي قلعي جو در پٽيندو، پر هو اٽلندو قلعي تي توبون چاڙهي، مقابلو ڪرڻ لڳو. همايون جي فوج خندقن جي وسيلي مقابلو ڪندي قلعي جو هڪڙو برج ڪيرائي وڌو، مگر قلعي تي قبضو ڪرڻ مشڪل ڪم هو.ٻئي طرف ان مهانگائيءَ سبب همايون جا ماڻهو ڀڄڻ لڳا، جن کي مرزا شاه حسن گرفتار ڪرائي ٻيڙيون ڀرائي سمنڊ ۾ ٻوڙائڻ لڳو. اٽڪل ڏهه هزار همايون جا ماڻهو اهڙيءَ طرح مرزا ارغون سمنڊ ۾ ٻوڙايا. همايون اٽڪل ست مهينا سيوهڻ ۾ رهيو. سندس لشڪر ههڻو گهٽجي ويو. مرزا شاه حسن ٻيڙين تي توبون رکائي ٺٽي کان سيوهڻ پهتو. همايون جي ٻيڙي ۽ سامان کي ڦرڻ کان پوءِ ان معزول شهنشاه کي سيوهڻ مان نڪري وڃڻ لاءِ چوائي مڪو.

همايون بکر ڇڏڻ وقت مرزا يادگار ناصر کي پنهنجي طرفان قائم مقام ڪري ويو هو. همايون جي غير حاضري ۾ مرزا شاه حسن يادگار ناصر کي چوائي مڪو ته، ”جيڪڏهن تون همايون کي بکر کان ڀڄائي ڪڍندين، ته آءٌ توکي بکر حوالي ڪرڻ سميت پنهنجي ڌيءُ جو به توسان نڪاح ڪرائيندس.“ همايون سيوهڻ کان جڏهن بکر پهتو، تڏهن مرزا يادگار ناصر ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿيو. همايون پهريائين مڪي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر پوءِ جوڌپور جي راجا مالديو جو وعدو کيس ياد آيو، جنهن معزول شهنشاه کي مدد ڏيڻ جو انجام ڪيو هو، تنهن ڪري همايون بکر جي پچر ڇڏي پهريان ڏراور جي قلعي تي قبضو ڪيو. هتي گاه ۽ داڻي جي تنگي محسوس ڪري، جيسلمير ڏانهن روانو ٿيو. اتي جي راجا سان جنگ ڪيائين. راجا شڪست کاڌي پر همايون جا گهڻا جان نثار مئا ۽ زخمي ٿيا.

جيسلمير کان سٺ ڪوهه هڪڙي ڏينهن ۾ ڪرڻ کان پوءِ همايون ساتلمير پهتو، پر هتي جا راجپوت کيس تنگ ڪرڻ لڳا. هتان مالديو جي ڦلودي پرڳڻي ۾ پهتو. راجا مالديو وٽس هڪڙي زره ۽ هڪڙو اُٺ اشرفين سان ڀريل روانو ڪري، بيڪانير جو علائقو همايون کي ڏيڻو ڪيو. مگر مالديو جي دل ۾ دغا هئي، وٽس شيرشاه سوريءَ جو ايلچي پهتو هو. هو شهنشاهه کي گرفتار ڪرائڻ جي فڪر ۾ هو. مٿين خبر همايون کي بلا سرخ راجا جي ڪتابدار پهچائي، جو اڳ همايون جي شاهي ڪتبخاني جو محافظ هو ۽ هينئر راجا مالديو وٽ نوڪر هو.

ساڳئي وقت اَنگ خان، راجا جا ٻه جاسوس گرفتار ڪيا. ايتري ۾ همايونءَ کي اها خبر پهتي ته راجا مالديو لشڪر سميت ڪاهيندو اچي ٿو، پوءِ همايون جلد تياري ڪري، راجا جي پهچڻ کان اڳ سنڌ جي شهر عمرڪوٽ ۾ ڏهين جمادي الاول 949هه تي سلامتيءَ سان پهتو. سندس لشڪر راجا مالديو جي لشڪر کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. عمرڪوٽ جي راڻي همايون جو استقبال ڪري، شاهي حرم کي قلعي اندر عمدين عمارتن ۾ ويهاري، باقي همراهَن کي قلعي جي ٻاهر قيام ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني. عمرڪوٽ ۾ سستائي هئي، في رپئي چار ٻڪريون وڪامنديون هيون. عمرڪوٽ جي راڻي به بادشاهه جي خدمت ۾ چوپايو مال ۽ تحفا پيش ڪيا. همايون پنهنجي اميرن مان تردي بيگ کان اَسي هزار اشرفيون قرض کڻي، سوڍي راڻي ۽ سندس پٽن کي هٿيار ۽ خلعتون عنايت ڪيون. راڻي ٽي هزار جرار لشڪر معزول شهنشاه کي پيش ڪري خدمت ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي.

حميده بانو بيگم انهن ڏينهن ۾ حامله هئي، همايون خواجه معظم کي شاهي حرم مٿان نگراني ڪرڻ تي مامور ڪري، پاڻ سوارن جو دستو وٺي بکر ڏانهن روانو ٿيو. بادشاهه جي رواني ٿيڻ کان پوءِ ٽئين ڏينهن، 4 رجب 949هه (15 آڪٽوبر 1542ع) آچر ڏينهن صبح جو، حميده بانو بيگم کي فرزند تولد ٿيو، جو اڳتي هلي جلال الدين محمد اڪبر اعظم جي نالي سان دنيا ۾ مشهور ٿيو. ان وقت همايون عمرڪوٽ کان 15 ميلن جي مفاصلي تي  هو. تردي محمد خان بادشاهه کي خوشخبري پهچائي.

همايون وٽ ان وقت عمرڪوٽ جي راڻي جي مدد سان ڏهه هزار لشڪر هو، اهي سورمه ۽ سنيچه قبيلن جا سپاهي هئا، جي راڻي جي ترغيب سان همايوني فوج ۾ ڀرتي ٿيا هئا. جوڻ جي شهر ۾ پهچي اُتي جي مشهور ’باغ آئينه‘ ۾، جو نهايت پرفزا هنڌ هو، منزل هڻي، اردگرد وارا ڳوٺ همايون پنهنجي عملدارن کي جاگير ڪري ڏنا. مرزا شاه حسن پاران هتي جيڪو عملدار رهندو هو، سو همايون جي خوف کان ڀڄي ويو. ٺٽو، جوڻ کان ڇهن ڏينهن جي پنڌ تي هو. همايون پنهنجي حرم ۽ ماڻهن کي عمرڪوٽ کان گهرائي، ڪي مهينا هت رهڻ لڳو. ان وقت شهزادي اڪبر جي عمر ڇهه مهينا هئي.

نومبر سنه 1553ع ۾ چاچڪن (بدين) وٽ همايون جي لشڪر ۽ مرزا شاه حسن جي لشڪر ۾ وڏي جنگ لڳي. ان جنگ ۾ همايون جي عملدارن مان شيخ علي بيگ پنهنجن ماڻهن سميت مارجي ويو ۽ مظفر بيگ ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. خالد بيگ وڃي ارغونن سان گڏيو. مرزا شاه حسن ٻيڙين تي لشڪر چاڙهي جوڻ پهتو. هر روز ارغونن جي همايون جي ماڻهن سان جنگ لڳندي هئي. همايون جي طرف جا گهڻا ماڻهو ارغونن هٿان مارجي ويا ۽ ڪي شاه حسن ڏانهن ڀڄي ويا. ان وقت خبر پهتي ته بيرم خان خانان گجرات کان چاچڪن ۾ پهتو آهي. مرزا شاه حسن بيرم خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهڻا وس ڪيا، پر هو سلامتيءَ سان اچي بادشاهه کي گڏيو. سنه 1541ع ۾ مرزا هندال قنڌار پهتو هو. مرزا عسڪري ۽ مرزا ڪامران، ان وقت غزنيءَ ۾ هئا. مرزا ڪامران جي اها مرضي هئي ته مرزا هندال کي قنڌار مان لوڌي ڪڍجي. اها هئي ڀائرن جي نااتفاقي، جڏهن همايون مصيبتن ۾ مبتلا هو. ڀائرن جي اها مرضي هئي ته همايون جي نالي خطبو نه پڙهيو وڃي، حالانڪ فردوس مڪاني بابر، همايون کي جيئري وليعهد مقرر ڪري ويو هو.

ان وچ ۾ مرزا شاه حسن، همايون کي سنڌ ڇڏڻ لاءِ صلاح ڏني، جا همايون قبول ڪئي. سوال هو ته همايون وٽ مسافري ڪرڻ لاءِ اُٺ هئا، نه وهٽ. مرزا شاه حسن همايون ڏانهن هڪ هزار اُٺ روانا ڪيا. اُٺ بلڪل وحشي ۽ جهنگلي هئا، گويا انهن ڪڏهن انسان جي شڪل به ڪانه ڏٺي هئي. ٻڌل سامان سوارن سميت ڪيرائي جهنگ ڏانهن ڀڄي ٿي ويا. هزارهه مشڪلات کان پوءِ همايون سيويءَ پهتو، مگر مرزا شاه حسن جي عملدار اتي جي قلعي جا در بادشاه لاءِ بند ڪيا. مرزا ڪامران ۽ مرزا عسڪري، همايون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بلوچن کي رشوتون آڇيون، مگر بلوچ سردارن معزول شهنشاه سان وفادار رهي، کيس هرڪا سهوليت ڏني ۽ همايون شال ۽ مستونگ جا علائقا ۽ ڪي جواهر لؤنگ خان بلوچ کي مرحمت ڪيا، جنهن جي نگرانيءَ هيٺ هو سلامتيءَ سان گرم سيل جي رستي کان ايران جي حد ۾ پهتو.(1)

امير تيمور جو شاه صفوي اردبيليءَ سان عقيدتمنديءَ جو رستو هو. وري محمد خان شيبانيءَ سان جنگين ڪرڻ وقت جڏهن بابر جي ڀيڻ کي محمد خان شيبانيءَ قيد ڪيو هو، جنهن کي شاه اسماعيل صفويءَ شيباني کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ آزاد ڪري ڪمال عزت سان بابر جي حوالي ڪيو هو. همايون جي ايران پهچڻ وقت شاه طهماسپ صفوي ايران جو شهنشاهه هو، جنهن همايون جي عزت افزائي ۽ مهماني ڪئي. پوءِ همايون کي ايراني لشڪر ڏيئي، هندستان ڏانهن روانو ڪيائين.

همايون ايراني لشڪر جي مدد سان سنه 1547ع ۾ ڪامران ۽ عسڪريءَ کان ڪابل ۽ قنڌار فتح ڪيا. شير شاه سوريءَ جا پويان بلڪل ڪمزور ۽ عياش هئا. سڪندر شاه سوريءَ جي ڏينهن ۾ دهليءَ جي حڪومت پرڳڻن ۾ ورهايل هئي. مرڪزي حڪومت جون حقيقي واڳون هيمون نالي هڪڙي هندو بقال جي هٿ ۾ هيون. همايون جڏهن لاهور فتح ڪيو، ان وقت رندن جو سردار مير چاڪر خان بن شهڪ بلوچي قبائلي لشڪر سان اچي شهنشاه کي گڏيو.(1)

سنه 962هه (1555ع) ۾ سرهند جي جنگ ۾ سڪندر شاه سوري مال ۽ خزانا ڦٽا ڪري شڪست کائي ڀڄي ويو.(2) همايون ٻيهر دهلي ۽ آگري تي قبضو ڪيو ۽ بلوچن کي دوآبه باري (لاهور) کان وٺي سمنڊ تائين جاگيرون عنايت ڪيائين. مير چاڪر خان رند کي لاهور کان وٺي ملتان تائين علائقو مليو. ستت ميرچاڪر خان رند وفات ڪئي، سندس مقبرو منٽگمري ضلعي جي ستگهرا ڳوٺ ۾ قائم آهي. سندس پٽ مير شهزاد خان پنهنجو تختگاه

مغل فرمانروائن جو شجرو


(1) مذاهب اسلام: مولوي نجم الغني رامپوري، ذڪر ميران مهدي جونپوري.

(1) جوڻ ۽ فتح باغ ٻه شهر هاڻوڪي ڦليليءَ (ريڻ واهه) جي انهيءَ حصي جي ڪپ تي، جو هينئر ڦٽي ويو آهي ۽ ’ڦٽو‘ سڏجي ٿو، هڪٻئي کان ٽن ڪوهن جي مفاصلي تي هئا. جوڻ ڪپهه جي واپار ڪري ۽ فتح باغ ميون جي ڪري مشهور هئا. همايون جڏهن سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن ٻئي شهر اوج تي هئا. ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ مدد خان پٺاڻ جي ڪاهه وقت ٻئي شهر پٺاڻن ساڙي ويران ڪري ڇڏيا.

(1) ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ 928هه (1521ع) ۾ سلطان حسين بائقارا جو پٽ شهزادو بديع الزمان شاه اسماعيل صفوي کان ناراض ٿي، استرا آباد کان سنڌ ۾ آيو. ڄام فيروز خان سندس شاهي نموني سان استقبال ڪري، کيس ٺٽي ۾ شاهي مهمان طور رهايو. شهزادو ٺٽي ۾ هڪ ورهيه رهي موٽي ايران ڏانهن ويو. ان وقت ايران تي شاه اسماعيل صفويءَ جي حڪومت هئي، جنهن محمد خان شيبانيءَ کي شڪست ڏني هئي. مغلن ۽ صفوي تاجدارن جا پاڻ ۾ سٺا تعلقات هئا، ڇاڪاڻ جو خود امير تيمور گورگاني صفوين جي جد اعليٰ شاه صفوي اردبيلي جو معتقد هو.

فرشته: جلد-2، ص-513، اردو ترجمو.

(1) تحفة الڪرام: جلد-3، ص-61. خبر نه ٿي پوي ته ’تحفة الڪرام‘ اهو بيان ڪٿان ڏنو آهي. ’فرشته‘، ’مرات سڪندري‘، ’مرات محمدي‘ ۽ ’مرات احمدي‘ مرزا شاه حسن جي گجرات تي ڪاهه ڪرڻ متعلق بلڪل خاموش آهن!

(1) ابوالحسن ابونصر حضرت احمد ڄام زنده پير اويسي سنه 441هه (1049ع) ۾ شهر جام ۾ تولد ٿيو ۽ پنهنجي وقت جو قطب ٿي گذريو. اٽڪل ٽي سؤ ڪتاب علم توحيد، معرفت، اسرار ۽ حڪمت تي تصنيف ڪيائين. اٽڪل ڇهن لکن ماڻهن سندن هٿ تي توبهه ڪئي. حضرت ابوالخير ابو سعيد وٽ حضرت ابوبڪر صديق رضه جو خرقو، جنهن کي ٻاويهن اوليائن پاتو هو، اهو خرقو حضرت ابو سعيد جي وصيت موجب، سؤ سالن کان پوءِ ابو سعيد جي پٽ، شيخ ابو طاهر، حضرت احمد ڄام جي حوالي ڪيو هو. سنه 536هه (1141ع) ۾ وفات ڪيائين. سندس تربت جام ۾ آهي.

(1) W. Erskine: Babar and Hamayun Vol. II, P. 327.

M. Elphinstone: History of India, CHP. IV, P. 467, London, 1847.

(1) L. Dames: Popular Poetry of the Baluchs, "Expedition to Delhi" PP. 32-33.

(2) درٻار اڪبري: مولانا محمد حسين آزاد، ذڪر هيمون بقال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org