سمن حاڪمن جي فهرست
1. ڄام اُنڙ |
11. ڄام ڪرن |
2. ڄام جونا |
12. ڄام فتح بن سڪندر بن تماچي |
3. تماچي (پهريون) بن اُنڙ |
13. ڄام تغلق |
4. بابينو بن اُنڙ |
14. ڄام سڪندر بن فتح خان |
5. ڄام خيرالدين |
بن سڪندر |
6. بابينو ثاني بن خيرالدين |
15. ڄام رائدان |
7. تماچي ثاني بن خيرالدين |
16. ڄام سنجر |
8. ڄام صلاح الدين بن تماچي ثاني |
17. ڄام نظام الدين (نندو) |
9. ڄام نظام الدين (پهريون) |
بن ڄام بابينه |
بن صلاح الدين |
18. ڄام فيروز شاه بن نظام الدين |
10. ڄام علي شير |
|
ڪڇ تي سمن جو قبضو:
ايليٽ ’تاريخ طاهريءَ‘ جي حوالي سان سمن جي ڪڇ تي
قبض: ڪرڻ جو جيڪو بيان ڏنو آهي، سو ٻين آکاڻين
وانگر آهي. سمن جي ڪڇ تي قبضي جو بيان ڪڇ جي نائب
ڪمشنر ڪپتان اسٽئنلي نيپئر ريڪس جيڪو ڏنو آهي، سو
ڪڇ جي راءِ جي ڪاغذن تان ڏسي ڏنو آهي. سندس بيان
هن ريت آهي:
”عيسوي 8 صدي ۾ ساموئيءَ جي حاڪم لاکا گورارا کي
ٻن راڻين مان اَٺ پٽ هئا. کيس گر راڻيءَ جي بطن
مان ’عمر‘ نالي پٽ هو. ٻي راڻي جا چاوڙا قوم مان
هئي، تنهن مان لاکا گورارا کي هڪڙو پٽ ’مور‘ نالي
هو. لاکا جي مرڻ کان پوءِ سندس وڏو پٽ عمر تخت تي
ويٺو. سندس ڀائرن مان مور ۽ مڻياڀائي گادي هٿ ڪرڻ
لاءِ عمر خلاف سازشون ڪرڻ لڳا. مور ناڪامي ڏسي
پنهنجي ناناڻن ڏانهن اولهندي ڪڇ ڏانهن هليو ويو، ۽
اتي پهچڻ شرط پنهنجي مامي واگهم چاوڙا کي ماري ملڪ
جي ان حصي جو حاڪم ٿي ويٺو. مور جي نسل مان
پوراجيءَ تائين سندس خاندان حڪومت ڪئي. پوراجيءَ
کي اولاد نه هئڻ سبب (سندس ٻه ننڍا ڀائر، ليٿو ۽
ڏيٿو، حڪومت هلائڻ جي قابل هئا) سندس راڻيءَ مور
جي خاندان مان هڪڙي شخص جاڙي کي گهرائي گادي ان جي
حوالي ڪئي. جاڙو پنهنجي ماٽيلي ڀاءُ لاکاڙ سان
گڏجي ڪڇ ويو هو. لاکاڙ عام طور لاکو ڦولاڻي به
سڏبو هو. جاڙو سنه 843هه ۾ گاديءَ تي ويٺو. لاکاڙ
جو اولاد جاڙيجا سڏبا هئا. لاکي جو پٽ ڄام راءِ
ڏنو يا رائدان سنه 1464ع ۾ ونجان جي شهر ۾ ڪڇ جو
راءِ مقرر ٿيو. هاڻوڪو ڪڇ جو راجا سندس اولاد مان
آهي.“(1)
سما سلطان:
ڄام انڙ بن بابينه:
سمن جو وڏو تعداد لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ رهندو هو. سنڌ
۾ سمن، سومرن کان تنگ ٿي، ڄام انڙ کي مڪران کان
گهرايو، جنهن سنڌ ۾ اچي سومرن جي پوئين حاڪم همير
کي قتل ڪري، سنڌ تي قبضو ڪيو، پر سيوهڻ ۽ بکر اڃا
دهليءَ جي نائبن ماتحت هئا.(1)
سيوهڻ مٿان دهليءَ پاران ملڪ رتن حڪومت ڪندو هو.
سنڌ ۾ ٻيو هڪڙو امير قيصر به دهليءَ پاران ڪنهن
ذميداريءَ جي عهدي تي فائز هو. ملڪ رتن وڏو
جاگيردار به هو. امير قيصر ۽ ڄام انڙ جي ڪن ڳالهين
تي ملڪ رتن سان اڻبڻت ٿي پيئي. ڄام انڙ ساموئيءَ
کان لشڪر وٺي آيو. پوءِ ڄام انڙ ۽ امير قيصر، ٻنهي
ڄڻن، شڪار جي بهاني سان، ملڪ رتن کي شهر کان ٻاهر
جهنگ ۾ وٺي وڃي، اتي ڪنهن بهاني سان هن کي قتل ڪري
ڇڏيو ۽ سندس ماڻهن کي ماري ڀڄائي شهر ۾ پهچي
سرڪاري خزاني کي لٽيو، جنهن ۾ ٻارهن لک دينار کين
مليا.(2)
ڄام انڙ خزانو لشڪر کي ورهائي ڏيئي، ملتان جي حاڪم
جي خوف کان ساموئي ڏانهن موٽي ويو ۽ پاڻ کي ملڪ
فيروز جي لقب سان سڏائڻ لڳا. سندس وڃڻ کان پوءِ
سيوهڻ وارن امير قيصر کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو.
ملڪ رتن جي انتقام وٺڻ لاءِ ملتان جو نائب
عمادالملڪ (سر تيز) خشڪي ۽ سنڌو نديءَ جي رستن کان
لشڪر وٺي سيوهڻ پهتو. امير قيصر قلعي ۾ وڃي لڪو.
عمادالملڪ منجنيقن سان قلعي تي گوليباري شروع ڪئي.
چاليهن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ امير قيصر تنگ ٿي
عمادالملڪ کان امان گهري. عمادالملڪ ساڻس وعدو ڪري
پوءِ ڦري ويو. امير قيصر جي جائداد لٽڻ کان پوءِ
سندس ماڻهن کي قتل ڪرائي، سندن کلن ۾ ڀوسو ڀرائي
قلعي جي ديوارن تي سندن لاش لڙڪايائين ۽ سندن
کوپرين جو شهر جي وچ ۾ ڍير کڙو ڪيائين. ابن بطوطا
جو ان وقت شهر جي هڪڙي مدرسي جي ڇت تي، رهندو هو،
سو لکي ٿو ته: ”صبح سان اٿڻ وقت لاشن کي لڙڪندو
ڏسي، منهنجي طبيعت بگڙجڻ لڳي، تنهن ڪري آءٌ ٻيءَ
ڪنهن جاءِ ۾ وڃي رهيس(1).“
هي واقعو سنه 1351ع ۾ ٿي گذريو. سنه 1334ع کان
سمن، سومرن خلاف بغاوتون شروع ڪيون. سنه 1351ع ۾
ڄام انڙ سمن جي حڪومت جو پايو وڌو. هڪڙي ڀيري،
فسادين کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڄام انڙ پنهنجي ڀائٽي،
ڪاهه بن تماچيءَ کي روانو ڪيو هو. جو فسادين هٿان
قيد ٿي ويو. ڄام انڙ عيش عشرت ۾ اهڙو غلطان هو، جو
هن ڪاهه جي خبر ڪانه لڌي، جنهن تي ڪاهه کي چڙ لڳي.
هو ڪنهن طرح سان قيد مان پاڻ کي آزاد ڪرائي، بکر
مان علي شاه ۽ ملڪ فيروز ترڪ کي وٺي آيو، جن هٿان
بهرام پور ۾ ڄام انڙ قتل ٿي ويو. پوءِ سمن ڪاهه ۽
ملڪ فيروز کي ماري ڇڏيو ۽ علي شاه بکر ڏانهن ڀڄي
ويو. ’معصومي‘ ۾ لکيل آهي ته، علي شاه ۽ ملڪ فيروز
ترڪ لشڪر وٺي ٿريءَ تي ڪاهي آيا هئا، ڄام انڙ سندس
مقابلي لاءِ نڪتو، پر واٽ تي بيماريءَ وگهي وفات
ڪيائين. ڄام انڙ ساڍا ٽي ورهيه حڪومت ڪئي.
ڄام جوناه بن بابينه:
ڄام انڙ کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄام جوناه سنه 755هه
(1354ع) ۾ گاديءَ تي ويٺو.(1)
ڄام انڙ سمن جي حڪومت جو سنڌ ۾ پايو وڌو هو، پر
اڃا دهليءَ جي ماتحت هو. ڄام جوناه عقلمند بادشاه
ٿي گذريو آهي. هن گاديءَ تي ويهڻ شرط پنهنجا دوست
۽ عزيز ساريءَ سنڌ جي جدا جدا، ڀاڱن ڏانهن روانا
ڪيا، انهي لاءِ ته ساري سنڌ سندس قبض: هيٺ رهي.
اهي ٺٽي کان منزلون ڪندا بکر پهتا ۽ بکر جي آس پاس
ڪيترائي ڳوٺ پنهنجي ماتحت ڪيائون. بکر جي ترڪن ٻه
ٽي جنگيون سمن سان ڪيون، پر سما زور پئجي ويا ۽
ترڪ بکر ڇڏي وڃي اچ نڪتا. اهڙيءَ طرح ڄام جوناه
بکر جو قلعو پنهنجي هٿ ۾ ڪيو.
ڄام تماچي اُنڙ:
ڄام تماچي، جنهن کي فرشته ’ڄام ماني‘ جي نالي سان
لکيو آهي، تنهن سلطان فيروز شاه تغلق جي مخالفت
ڪرڻ شروع ڪئي. سنه 762هه ۾، سلطان فيروز شاه سنڌ
تي ڪاهه ڪئي، پر ناڪام ٿي گجرات ڏانهن هليو ويو.
مؤرخ سراج عفيف چشم ديد حالات هن ريت بيان ڪري ٿو
ته، ڄام تماچي ۽ ڄام بابينه چاليهه هزار پيادن ۽
ويهه هزار سوار فوجن سان فيروز شاهه سان مقابلو
ڪيو، آخر فيروز شاه سامان رسد ۽ گاه جي قلت سبب
موٽي گجرات ڏانهن هليو ويو. سنه 762هه (1361ع) ۾
گجرات کان موٽڻ کان پوءِ طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو.
شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، سنڌ جي ولايت
پنهنجي خاص مريد سيد جلال بخاري اُچ شريف واري کي
مرحمت ڪئي هئي. سيد جلال بخاريءَ جو زمانو سنه
707هه کان 800هه تائين هو. سومرا ۽ سما سندس
عقيدتمند هئا. ڄام تماچي ۽ ڄام بابينه پنهنجو قاصد
اُچ ڏانهن روانيو ڪيو. سيد جلال بخاريءَ جو پوٽو
سيد جلال الدين حسين بخاري ساموئي پهتو ۽ سيد جلال
الدين جي معرفت صلح جا شرط فيصلو ٿيا.(1)
گجرات جي مظفريه سلطانن سان سما سلطانن جي
مائٽيءَ جو ذڪر سنڌ جي تاريخن ۾ گهٽ ڏنل آهي.
گجرات جا مظفريه سلطان سمن وانگر نومسلم راجپوت
هئا. فرق ايترو هو، جو سما چندرونسي هئا ۽ مظفريه
سورج ونسي ڪل مان هئا. سلطان مظفر گجرات جي مظفريه
حڪومت جي بانيءَ جي پيءُ، سڌارن، مخدوم سيد جلال
الدين حسين بخاري رحه جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي.
هڪڙي ڏينهن سلطان فيروز شاه بن سالار رجب تغلق
شڪار ڪرڻ جي سانگي ٿانيسر ۾ منزل ڪئي هئي، جتي
سڌارن ۽ سندس ڀاءُ ساڌوءَ سلطان جي مهماني ڪري، ان
موقعي تي پنهنجي ڀيڻ جي شادي سلطان فيروز سان
ڪرائي. سلطان خوش ٿي سڌارن کي وجيه الملڪ ۽ ساڌوءَ
کي شمشير خان جا لقب مرحمت ڪري، سڌارن جي پٽ مظفر
کي همايون جو لقب ڏيئي گجرات جي حڪومت سندن سپرد
ڪئي.(1)
ڄام جوناه پهريون سمو حاڪم هو، جنهن مفظريه
سلطانن سنا مائٽيءَ جو ناتو رکيو هو. ڄام جوناه جي
ٻن ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان گجرات جي حاڪم محمد شاه
سان شادي ڪئي. محمد شاه جي حرم ۾ ٻه راڻيون
هيون.هڪڙيءَ بيگم جي بطن مان کيس احمد شاه پٽ ڄائو
۽ سمه خاتون جي بطن مان فتح خان پٽ ڄائو، جو پوءِ
محمود بيگڙي جي لقب سان دٻدٻي وارو حاڪم ٿي گذريو.
ڄام جوناه جي ٻيءَ ڌيءَ سان سيد برهان الدين
عبدالله جي پوٽي سراج الدين ’شاه عالم‘ شادي ڪئي.
برهان الدين، قطب عالم مخدوم جلال الدين حسين جو
پوٽو هو.(2)
ڄام بابينه بن انڙ:
ڄام تماچيءَ کان پوءِ سمن ڄام بابينه ابن اُنڙ،
ڄام تماچي جي ڀاءُ کي گاديءَ تي ويهاريو، جنهن 15
ورهيه حڪومت ڪئي.
ڄام خيرالدين:
ڄام خيرالدين بن تماچيءَ جو سال ’تاريخ سنڌ‘
ڀاڱي-3، ص-182 ۾ 1383ع ڏيکاريل آهي. مصنف لکي ٿو
ته، ”سندس ڏينهن ۾ سلطان محمد تغلق سنڌ ۾ آيو هو.
حالانڪ محمد تغلق 752هه (1351ع يا 1352ع) ۾ وفات
ڪري ويو هو. ڄام خيرالدين، سلطان فيروز جي پيش
پيو. سلطان هن کي قيد ڪري سيوهڻ وٺي آيو، جتان
خيرالدين ٻيڙين تي چڙهي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پڪڙجي
دهليءَ ڏانهن قيد ٿي ويو. مٿيون بيان ’تاريخ سنڌ‘
ڀاڱي 3 ۾ صفحي 91 تي ڏنل آهي، مگر صفحي 146 ۽ 147
تي ساڳي تاريخ ۾ ڏيکاريل آهي ته ”ڄام خيرالدين سن
جي ڳوٺ تائين فيروز شاهه جي لشڪر کي تڪليفون ڏيندو
ويو. جيئن ته فيروزشاهه کي جلد دهليءَ پهچڻو هو،
تنهن ڪري ان ڄام خيرالدين جي گستاخيءَ تي ڪو ڌيان
نه ڏنو ۽ سيوهڻ ۽ بکر کان ٿي سڌو دهليءَ روانو
ٿيو.“
تنهن کان پوءِ ڄام خيرالدين موٽي ساموئي آيو ۽
نهايت عدل انصاف سان حڪومت هلائڻ لڳو. سندس انصاف
متعلق ’معصومي‘ ۾ لکيل آهي ته ڄام خيرالدين هڪڙي
هنڌ هڏن جو ڍير ڏٺو، پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيس ته ست
ورهيه اڳ ڌاڙيلن ان هنڌ تي گجرات جي هڪڙي قافلي کي
ڦري قافلي وارا ماريا هئا، جن جا اهي هڏا هئا. ڄام
خيرالدين اتي رهي، ڌاڙيل هٿ ڪري، مال سميت گجرات
جي حاڪم ڏانهن روانا ڪيا ۽ لکي موڪليائنس ته
”ڌاڙيلن کي جوڳي سزا ڏيئي مال وارثن کي پهچايو
وڃي.“
ڄام بابينو ثاني بن خيرالدين:
ڄام بابينه ثاني جنهن کي فيروز شاهه تغلق دهليءَ
ڏانهن وٺي ويو هو، تنهن سلطان فيروز شاهه کي اهڙو
راضي ڪيو، جو ان سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏيئي کيس
سنڌ ڏي موڪليو. سنڌ ۾ وري اچڻ کان پوءِ ساموئيءَ ۾
اچي، هن حڪومت جو نئين سر بندوبست ڪيو. ’تحفة
الڪرام‘ (جلد-3، ص-182/183) ۾ لکيل آهي ته هن 15
ورهيه حڪومت ڪئي ۽ ساموئيءَ جي شهر کي وري نئين سر
تعمير ڪرايو هئائين.
ڄام تماچي بن ڄام خيرالدين:
ڄام بابينه ثانيءَ کان پوءِ، سندس ڀاءُ ڄام تماچي
سمن جو حاڪم ٿيو. اڳ دهليءَ ۾ نظربند هو. شيخ حماد
جمالي جنهن جي خانقاه مڪليءَ هيٺان آهي، تنهن جي
دعا سان تماچي ۽ سندس پٽ ڄام صلاح الدين سنڌ ڏانهن
موٽي آيا. ٻنهي ڄڻن کي ڄام جوناهه خان خفيه طور
دهلي روانو ڪيو هو.
ٺٽي تعلقي ۾ ڪينجهر جي ڍنڍ اڄ تائين موجود آهي.
انهيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي گنڌرا (مهاڻا) رهندا هئا،
جي ڪينجهر جي آس پاس جي ڍنڍن جي مڇيءَ پيدائش
وغيره جا اجاره دار هئا. وٽن هڪڙي خوبصورت ڇوڪري
’نوري‘ نالي هوندي هئي. چون ٿا ته هوءَ دراصل ڪا
وڏ گهراڻي ڇوڪري هئي، پر ننڍي هوندي ڪنهن طرح
مهاڻن سان گڏجي ويئي هئي، جنهن پنهنجو ڪري نپايو
هوس. ڄام تماچي ڪينجهر ۾ شڪار ڪندي مهاڻن وٽ ڇوڪري
ڏٺي، سو دل ديواني ٿي پيس ۽ مهاڻن کان سندس سڱ
گهريائين. مهاڻن ان کي پنهنجي خوش نصيبي سمجهي،
نوريءَ سان سندس نڪاح قبول ڪيو. ڄام نوريءَ لاءِ
ڪينجهر جي ڪپ تي شاهي محلات ٺهرايو. مهاڻن کي ڍنڍ
جو اجارو معاف ڪيو ۽ ٻيون به ڪئين بخششون ساڻن
ٿيون. ڄام تماچي اڪثر وقت گنڌرن توڙي پنهنجي ٻئي
پورهيت عوام سان گذاريندو هو. تماچي ۽ نوريءَ جون
قبرون شيخ حماد اولياءَ جي مقبري هيٺان گڏوگڏ آهن.
هي قصو به سنڌ جو هڪ لاثاني رومانوي داستان شمار
ڪيو ويندو آهي.
ڄام صلاح الدين:
سنه 790هه (1388ع) ۾ فيروز شاهه تغلق وفات ڪئي.
سندس پويان ڪمزور هئا. محمد شاهه تغلق ثانيءَ جي
ڏينهن ۾ دکن ۾ گلبرگ ۾ علاءُ الدين حسين بهمني
حڪومت جو پايو وڌو. تنهن کان پوءِ فيروز شاهه جي
پوٽي محمد شاهه جي ڏينهن ۾ سنه 796هه (1394ع) ۾
ظفر خان گجرات ۾، خضر خان ملتان ۾، دلاور خان
مالوه ۾، ملڪ سرور خان جونپور ۾، سمن سنڌ ۾
خودمختياري حاصل ڪئي. فقط پنجاب جو علائقو نالي
طور دهليءَ جي ماتحت رهيو. ڄام صلاح الدين سنڌ جي
جدا جدا ڀاڱي ڏي فوجون موڪلي سنڌ کي پنهنجي
خودمختيار تسلط هيٺ آندو. سندس ڪي مخالف ڪڇ ڏانهن
ڀڄي ويا، جن کي هٿ ڪري جوڳيون سزائون ڏنائين.
يارهن ورهيه عدل انصاف سان حڪومت ڪري وفات ڪيائين.
ڄام نظام الدين:
ڄام صلاح الدين کان پوءِ سندس پٽ ڄام نظام الدين
گاديءَ تي ويٺو. هن تخت تي ويهڻ شرط پنهنجن چاچن،
سڪندر، ڪرن، بهاءُ الدين ۽ عامر کي جيڪي اڳ قيد
هئا، تن کي آزاد ڪري نيڪ نيتيءَ سان حڪومت ڪرڻ
لڳو. کين عهدا ڏيئي پاڻ ساموئيءَ ۾ رهڻ لڳو. ملڪ
جو گشت ڪري احوال روبرو ڏسندو وائسندو هو، ليڪن جن
چاچن سان هن نيڪيون ڪيون هيون، سي سند خلاف
اندروني سازش ڪرڻ لڳا. ڄام نظام الدين کي خبر پئجي
ويئي، سو ٿورن همراهَن سان راتورات گجرات ڏي هليو
ويو ۽ سفر ۾ ئي وفات ڪري ويو.
ڄام علي شير:
ڄام علي شير بن تماچي، جو گوشه نشين هو، تنهن کي
اميرن تخت تي ويهاريو. هو بهادر سپاهي هو، حڪومت
برجستائيءَ سان هلائڻ لڳو. سندس حڪومت اندر رعايا
آسودگيءَ سان گذر ڪندي هئي. چانڊوڪيءَ رات ۾ سير
ڪرڻ جو شوقين هو. سندس سڳا ڀائر، سڪندر ۽ ڪرن ۽
سندس ڀائٽيو فتح خان بن سڪندر، سندس خلاف منصوبا
سٽيندا هئا. هڪڙيءَ رات دستور موجب رات جو جيئن
ٻيڙيءَ جو سير ڪري موٽيو ٿي، تيئن رستي تي منصوبه
بازن کيس وڪوڙي شهيد ڪري ڇڏيو. اميرن ٻي واهه نه
ڏسي هڪڙيءَ خونيءَ ڄام ڪرڻ کي گاديءَ تي ويهاريو.
ڄام ڪرن:
ڄام ڪرن بن ڄام تماچي گاديءَ تي ويٺو، پر سما
منجهانئس خوش ڪين هئا، ڇاڪاڻ ته هن ڄام علي شير کي
جو رعايا کي پيارو هو، بيگناهه شهيد ڪرايو هو. تخت
تي ويهڻ شرط هن ڪن معزز ماڻهن کي قتل ۽ ڪن کي قيد
ڪرايو هو، تنهن ڪري سڀني کي کانئس نفرت هئي. آخر
جيئن مجلس مان اُٿي محلات ڏانهن ٿي ويو، تيئن ڪن
سربازن هن کي دروازي تي قتل ڪري ڇڏيو. هن فقط اَٺ
پهر حڪومت ڪئي.
ڄام فتح خان:
ڄام ڪرن کانپوءِ، سندس سؤٽ ڄام فتح خان بن سڪندر
گاديءَ تي ويٺو. سندس ڏينهن ۾ سنه 800هه (1398ع) ۾
امير تيمور گورگاني هندستان تي ڪاهي مٿرا ۽ بنديل
کنڊ تائين ملڪ کي ڦريو. سندس پوٽي مرزا پير محمد
اچ ۽ ملتان جا قلعا فتح ڪيا. بکر جي هڪڙي بزرگ
ابوالغيث جي سفارش سان سنڌ مغلن جي چنبي کان بچي
ويئي. سنه 1399ع ۾ امير تيمور سمرقند ڏانهن موٽي
ويو. امير تيمور دهليءَ جي حڪومت محمود شاهه تغلق
کان کسي پنجاب جي حاڪم سيد خضر خان جي حوالي ڪري
ويو. سادات خاندان سنه 817هه (1414ع) کان سنه
847هه (1443ع) تائين حڪومت ڪئي. سيد علاءُ الدين
عالم شاه پويون سيد حاڪم هو، جيڪو سنه 1450ع ۾
پنجاب جي صوبيدار بهلول خان لوڌيءَ کي دهليءَ جي
حڪومت حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو. ڄام فتح خان
15 ورهيه ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪري وفات ڪئي. وفات
کان 3 ڏينهن اڳ، پنهنجي ڀاءُ تغلق کي جانشين ڪري
ويو.
ڄام تغلق:
ڄام تغلق بن سڪندر کي شڪار جو گهڻو شوق هو. بکر ۽
سيوهڻ جي انتظام جون واڳون پنهنجن ڀائرن جي هٿن ۾
ڏيئي ڇڏيائين. امير تيمور جي موٽي وڃڻ کان پوءِ
سڄي هندستان اندر طوائف الملوڪيءَ جو دؤر هو. سمن
جي حڪومت جون واڳون ۽ حدون اٻاوڙي تائين هيون.
اڳتي ملتان جي لانگاهه سلطانن جي حڪومت هئي.(1)
ڄام تغلق جي ڏينهن ۾ بکر جي بلوچن بغاوت ڪئي، مگر
ڄام بکر ۽ سيوهڻ ۾ انتظام رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن
ڪلان ڪوٽ تي ’تغلق آباد‘ نالو رکي قلعي جو ڪم شروع
ڪرايو، جو سندس ڏينهن ۾ اڻپورو رهجي ويو.
مڪران، جهالاوان ۽ ڪڇيءَ جا جدغال، جي پهريائين
سومرن جي سرداريءَ جي ماتحت هئا، سي سومرن کان
پوءِ سمن کي سردار سمجهڻ لڳا. سمن خلاف مير عمر
ميرواڙي براهوئيءَ جهالاوان ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند
ڪيو. خاران جي نوشيرواني ملڪن به مير عمر جو طرف
ورتو. سمن شڪست کاڌي. براهوئي طاقت جون حدون
پهريون گهمرو مشڪي ۽ ڪولواه تائين پکڙجي ويون. مير
جلال خان جي اولاد مان رندن جي سردار مير شهڪ،
ڪڇيءَ جي گولا قوم کي شڪست ڏيئي، سمن کان سيوي،
ڍاڍر، جهل، حب، ناڙي، پوه، موه، گاج ۽ ڌڙي ڀنر جا
پرڳڻا فتح ڪيا ۽ پوءِ بلوچن جي ٻن مشهور قبيلن،
رند ۽ لاشار، عيسوي 15 صديءَ ۾ ڪڇيءَ جي ميدان ۾
بيٺڪون وڌيون. سيوي ۽ ڍاڍر رندن جا تختگاه شهر
سڏجڻ لڳا ۽ گنج آبه کي لاشارين تختگاه مقرر ڪيو.(2)
مير شهڪ جي وفات کان پوءِ سيوي ۽ ڍاڍر سندس پٽ مير
چاڪر خان رند جي قبضي هيٺ اچي ويا. ستت گوهر
جتڻيءَ جي سوال ڪري، مير گهرام خان لاشاريءَ ۽ رند
جي سردار مير چاڪر خان جي پاڻ ۾ ٽيهن ورهين واري
ويڙهه شروع ٿي. هن جنگ ۾ جيسلمير جي ڀاٽين، ملتان
جي ناهرن ۽ سمن لاشارين جو طرف ورتو ۽ قنڌار جي
حاڪم امير ذوالنون ارغون رندن جو طرف ورتو.
لاشارين شڪست کاڌي ۽ منجهانئن گهڻائي لاشاري لڏي
سنڌ ۾ رهڻ لڳا. مير ابوبڪر لاشاري گجرات جي شهر
پالنپور ڏانهن هجرت ڪري ويو.(1)
سلطان مظفر بن محمود شاهه گجراتي سنه 959 (1551ع)
۾ راڌنپور، نرواره، مورجپور پرڳڻا فولادي افغانن
جي مقابلي ۾ فتح خان لاشاريءَ جي سپرد ڪيا هئا.(2)
گجرات ۾ سمي ۽ وراهي ٻه ننڍڙيون بلوچ رياستون
مٿئين زماني جون يادگار هيون.(3)
امير تيمور جي وڃڻ کان پوءِ هندستان اندر اٽڪل
چويهه ڌارڌار رياستون هيون. امير تيمور دهلي،
پنجاب جي صوبيدار خضر خان جي حوالي ڪري ويو. سنه
855هه (1451ع) ۾ بهلول لوڌي دهليءَ جي تخت تي
ويٺو. خضر خان ملتان جي حڪومت شيخ الشيوخ مخدوم
بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي درگاه جي مجاور شيخ
يوسف جي حوالي ڪري ويو هو. جنهن کان راءِ شيرا،
اگني ڪل جي سولنڪي راجپوت دغا سان سنه 1443ع ۾
ملتان جي حڪومت کسي پاڻ کي قطب الدين جي لقب سان
سڏائي ويهي رهيو. سندس خاندان ’لانگاهه‘ سڏجڻ لڳو.
سمن سان سندس دوستي هئي.
ڄام سڪندر:
ڄام تغلق کان پوءِ سندس پٽ ڄام سڪندر گاديءَ تي
ويٺو، جو اڃ صغير هو. سندس ڏينهن ۾ سيوهڻ ۽ بکر جي
صوبيدارن بغاوت ڪئي. هو لشڪر وٺي بکر ڏانهن روانو
ٿيا. سندس هڪڙي عزيز، جو سندس دربان هو ۽ مبارڪ
خان سڏبو هو، جنهن اڳين ڄامن جي ڏينهن ۾ بهادريءَ
جا ڪارناما ڪيا، سو پاڻ کي حاڪم سڏائڻ لڳو، مگر ٽن
ڏينهن اندر لوڌجي ويو. ڄام سڪندر پنهنجي نائبن سان
ڳالهيون ڪري ساموئيءَ موٽيو ۽ ڏيڍ سال حڪومت ڪري
وفات ڪيائين.
ڄام رائدان:
ڄام رائدان، جو ڄام تغلق جي ڏينهن ۾ وڃي ڪڇ ۾ رهيو
هو، جيئن ته ان وقت ٻيو ڪوبه تخت لاءِ دعويدار
ڪونه هو، تنهن ڪري سڀني سمن هن کي يڪراءِ گاديءَ
تي ويهاريو. هو سٺي سڀاءُ جو ماڻهو هو. سمنڊ کان
وٺي اٻاوڙي جي ڪاجريلي ۽ ڪنڊيلي ڳوٺن تائين سنڌ تي
سندس قبضو رهيو. هن نَوَ ورهيه حڪومت هلائي. کيس
هڪڙي سمي سردار سنجر شراب ۾ زهر پياري ماري ڇڏيو.
گجرات جي مظفريه سلاطين مان سلطان مظفر جي پوٽي
سنه 1411ع ۾ زيرن العباد (احمد آباد) جو شهر تعمير
ڪرايو، جنهن ستت واپار ۽ هنر ۾ ترقي ڪئي. سنه
1459ع تائين سلطان محمود بيگڙي وڏي دٻدٻي سان
حڪومت ڪئي. سندس ڏينهن ۾ گجرات گهڻي ترقي ڪئي.(1)
سمن کي هر وقت گجرات کان خوف رهندو هو. انهن بلوچن
جا چار هزار ڪٽنب سنڌ جي ڏکڻ اوڀرندي واري ڪنڊ تي
ويهاريا هئا. بلوچ چؤپائي مال تي گذران ڪندا هئا.
برساتين جي مند ۾ اَبو ڏونگر ٽپي مالوه ۽ نربدا جي
شاداب علائقن تائين گشت ڪندا هئا. گهوڙن جو واپار
به ڪندا هئا، ان ڪري راجائن ۽ سلطانن جي درٻار ۾
کين عزت هئي.(2)
وقت سر مالدار واپاري قافلن کي ڦري ٿر جي ڀٽن ۾
مال لڪائيندا هئا، جتان گوجرن، واگهيلن ۽ ڪڇين
معرفت مال نيڪال ڪري هٿيار خريد ڪندا هئا.
مٿئينءَ روئداد ايترو زور ورتو، جو مصطفيٰ آباد ۽
احمد آباد جي وچ ۾ هلندڙ قافلا صفا بند ٿي ويا.
سلطان محمود، ملڪ جلال الدين کي احمد آباد مٿان
ڪوٽوال مقرر ڪري، بلوچن کي گوشمالي ڪرڻ لاءِ حڪم
ڏنو. ملڪ جلال الدين هڪڙي ڀيري پنج سؤ بلوچ ڌاڙيل
گرفتار ڪري سوريءَ تي چاڙهيا. سلطان محمود کي کيس
’محافظ خان‘ جو خطاب ڏنو، مگر لٽ مار جو سلسلو بند
ٿي ڪونه سگهيو. سنه 879هه ۾ سلطان محمود پاڻ مضبوط
توبخاني سان بلوچن تي ڪاهه ڪئي. بلوچن چوويهن
هزارن جي تعداد ۾ مقابلو ڪيو، پر توبخاني جي خوف
ڪري سندن سردار آڻ مڃي. سلطان محمود کين مهذب
زندگي گذارڻ جي تعليم ڏين لاءِ احمد آباد وٺي ويو
۽ ڪي علماءَ سندن تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيا. ايترين
ڪوششن هوندي به بلوچ لٽ مار کان باز ڪونه رهيا.
سنه 880هه ۾ سلطان ٻيو گهمرو مٿن ڪاهي، لٽ مار جو
مال ٿر جي غارن مان هٿ ڪيو. اڳ حج ڏانهن ويندڙ
خشڪيءَ رستي قافلا جيڪي بلوچن جي خوف ڪري بند ٿي
ويا هئا، سي وري چالو ٿيا. سلطان محمود پنهنجي
والده جي يادگار لاءِ ڀوڏيسر ۾ هڪڙي سنگ مرمر جي
مسجد تعمير ڪرائي. بعض مؤرخ لکن ٿا ته، سلطان ڪڇ ۽
ٿرپارڪر تي قبضو ڪيو هو.(1)
ڄام سنجر:
ڄام رائدان کان پوءِ ڄام سنجر گاديءَ تي ويٺو، جو
نهايت خوبصورت جوان هو. چون ٿا ته هڪڙو الله لوڪ
درويش سندس حسن تي مفتون هو، تنهنجي دعا سان هو
بادشاهه ٿيو هو. هن اَٺ ورهيه حڪومت ڪئي. فرشته جو
بيان آهي ته هن سلطان محمود بيگڙي سان مائٽيءَ جو
ناتو رکيو هو. بکر جو قاضي معروف، جو وڏو عالم هو،
سو فيصلن ڪرڻ وقت فريادي توڙي جوابدار کان رشوت
وٺندو هو. ڄام سجر سرڪاري کاتن جي نوڪرن جا پگهار
وڌائي رشوت خوريءَ کي ٻنجو ڏنو.
راءِ شيرا (قطب الدين) لانگاهه سنه 874هه (1469ع)
۾ وفات ڪئي.(1)
قطب الدين نهايت خوش اسلوبيءَ سان حڪومت هلائي.
مغلن جي ڪاهه جي ڪري ملڪ ويران ٿي چڪو هو، ان
ويرانيءَ کي مٽائڻ ۾ هن ازحد ڪوشش ڪئي. کانئس پوءِ
سندس پٽ حسين شاهه تخت تي ويٺو، جو وڏو محنتي ۽
هنر پرور هو. هن شور ڪوٽ، چنيوٽ ۽ ڌن ڪوٽ تائين
ملتان جون حدون وڌايون. ناهرن ۽ لوڌين جي خوف کان
متاثر ٿي، هن مڪران کان مير سهراب بن مير ممند بن
دودا بن مير بيگ لاشاري هوت کي گهرائي، ڪروڙ ڪوٽ ۽
ڌن ڪوٽ جو علائقو کيس جاگير طور ڏنو. ساڻس گهڻائي
بلوچ گڏ آيا، جن کي شاهه حسين بن قطب الدين لانگاه
پنهنجن فوجن ۾ ڀرتي ڪيو.
شيخ يوسف قريشي، جنهن کي قطب الدين ملتان مان
بيدخل ڪري ڇڏيو هو، سو داد رسيءَ لاءِ دهليءَ جي
حاڪم بهلول خان لوڌيءَ وٽ پهتو. بهلول لوڌي پنهنجي
پٽ باربڪ شاه جي اڳواڻيءَ هيٺ هڪڙو لشڪر ملتان
ڏانهن مڪو، حسين شاه بلوچن جي مدد سان دهليءَ جي
لشڪر کي شڪست ڏني. مير سهراب خان جي ٽنپٽن فتح
خان، غازي خان ۽ اسماعيل خان، ٽرنس اِنڊس علائقا ۽
سيتاپور ناهرن کان فتح ڪري اتي پنهنجن نالن تي
ديرا تعمير ڪيا، جي اڄ به سندن يادگار طور موجود
آهن. دودائي بلوچن اٽڪل ٽن صدين تائين ديره جات
پرڳڻي تي حڪومت ڪئي.(1)
ڄام نندو:
سنه 896هه (1490ع) ۾ ڄام نندو (نظام الدين) گاديءَ
تي ويٺو، جو نهايت ديندار حڪام ٿي گذريو آهي. ننڍي
هوندي علم سان گهڻو شوق رکندو هو ۽ اڪثر ڪتبخانن ۾
وقت گذاريندو هو. نماز ۽ عبادت جو پابند هو. سندس
ڏينهن ۾ مسجديون نمازين سان ڀريل رهنديون هيون.
ڪجهه وقت ساموئيءَ جي رهڻ کان پوءِ بکر پهتو. اتي
جي ڌاڙيل بلوچن کي سزائون ڏيئي، پنهنجي غلام دلشاد
کي بکر جو ناظم مقرر ڪري ساموئيءَ پهتو. هن جي
ڏينهن ۾ رعيت سک ۽ آرام سان وقت گذاريو. سياحن ۽
واپارين کي هر طرح سان سهوليتون مليل هيون. ملتان
جي لانگاه سلطانن ۽ گجرات جي مظفريه سلطانن سان
سندس دوستي هئي. مسلمانن سان جنگ ڪرڻ ۽ ناحق
خونريزي ڪرڻ کان کيس نفرت هئي.
ڄام نندو ساموئيءَ کان ٽي ميل پري هڪڙي ڪشادي
ميدان ۾ ٺٽي جو پايو وڌو ۽ ان کي سنه 900هه ۾
پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو. هيءُ شهر احمد آباد
وانگر، ستت علم ۽ هنر ڪري ايشيا جي صنعتي ۽ تجارتي
شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ڄام نندي جي علم پروريءَ جي
هاڪ ٻڌي خراسان ۽ ايران کان ڪيترا عالم ٺٽي ۾ رهڻ
لڳا، جنهن ڪري هي شهر ستت ايشيا جو دارالعلوم بنجي
ويو. هتي جا ماڻهو نهايت سکيا هئا، هر مهيني جي
پهرئين سومار، جمعي ۽ چوڏهينءَ تاريخ شادمانا
ٿيندا هئا ۽ انهن موقعن تي گهڻي خلق مڪليءَ تي وڃي
گڏ ٿيندي هئي. خاص ڪري برسات جي موسم ۾ مڪليءَ جو
نظارو ڏسڻ وٽان هوندو هو. ڄام نندي جو وزير لڪديز،
غلام دلشاد ۽ قبوليو نالي ڇوڪرو جو پنهنجي سمجهه،
ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ ڪري پهريان مبارڪ خان ۽
پوءِ دريا خان جي لقب سان ممتاز ٿيو، تن تي ڄام
نندي کي ايترو ڀروسو هو، جو حڪومت جي وڏن اهم
مسئلن ۾ به دريا خان کان مشورو وٺندو هو. ايتري
قدر جو وفات ڪرڻ وقت پنهنجي صغير پٽ فيروز ۽ ٻئي
عيال جي دريا خان کي پارت ڪري ويو.(1)
مير سيد محمد المعروف ميران محمد جونپوري حنفي،
حضرت امام موسيٰ ڪاظم رضه جي ٻارهين پيڙهيءَ مان
هو ۽ چئن واسطن سان خواجه نظام الدين دهلويءَ جي
خليفن مان هو ۽ شيخ دانيال جونپوريءَ جو مريد هو.
سيد ميران محمد، جو پاڻ کي مهدي سڏائڻ لڳو، سو دکن
۽ گجرات کان ٿيندو ڄام نندي جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾
پهتو. ڄام نندي سندس گرفتاريءَ لاءِ حڪم ڏنو، پر
آخر پنهنجي قابل مدارالهام دريا خان جي صلاح سان
ان کي ٺٽي مان نڪري وڃڻ لاءِ حڪم جاري ڪيائين. سيد
ميران محمد مهدي ٺٽي کان قنڌار پهتو، جتي مرزا شاه
بيگ ارغون علمائن سان سندس بحث ڪرايو. ميران مهدي
فرح ۽ وفات ڪئي. سندس مريدن مان امير ابو سعيد
بليدي مڪران ۾ مهدوي (زڪري) ترقي جو بنياد وڌو.(1)
ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم:
ڄام نندي جا ٻه ڀائر ڄام بايزيد ۽ ڄام ابراهيم
پنهنجي ڀاءُ جي بي رخيءَ ڪري ناراض ٿي ملتان جي
لانگاه حڪم حسين شاه بن قطب الدين جي درٻار ۾
پهتا. جنهن صورت ۾ هي وڏي رتبي جا سردار هئا، ان
ڪري حسين لانگاه بايزيد کي شورڪوٽ ۽ ابراهيم کي اچ
جاگير طور ڏنا. ڄام بايزيد پاڻ عالم هو ۽ سندس
درٻار ۾ عالم ۽ فاضل رهندا هئا. شيخ جمال الدين
قريشي، جو شيخ عالم قريشي جي اولاد مان هو ۽ مختلف
علوم ۽ فنون ۾ ماهر هو، سندس وزير هو. شيخ جمال
الدين جي حواس ظاهريءَ ۾ ان وقت فرق پئجي ويو هو،
مگر سندس علم ۽ فضل کي ڏسي، بايزيد، جو مذهب جو
سخت پابند هو، هن کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو هو.
هڪڙي ڀيري شور ڪوٽ ۾ محلات تعمير ڪرائيندي بايزيد
کي زمين ۾ پوريل وڏو خزانو هٿ لڳو، جو هن سمورو
سلطان حسين جي حوالي ڪيو. ان زماني ۾ ملتان گهڻي
ترقي ڪئي.
شاه حسين لانگاه پوئين عمر ۾ گوشهءِ عافيت ۾ رهي،
حڪومت جون واڳون پنهنجي پٽ فيروز خان کي سپرد ڪري،
کيس ’فيروز شاه‘ جو لقب ڏنو، مگر فيروز شاه
نالائق، بخيل ۽ تند مزاج هو. هن وزير عمادالملڪ جي
هڪڙي پٽ کي مارائي ڇڏيو، جنهن تي وزير غصي ٿي
فيروزشاهه کي زهر ڏياري ماري ڇڏيو. حسين شاه
لانگاه کي ان واقعي جي ڪري گهڻُ ڏک ٿيو. پوڙهي
بادشاهه ڄام بايزيد کي سپه سالار جو عهدو ڏنو.
بايزيد وزير عمادالملڪ باغيءَ کي گرفتار ڪري،
ايتري ناموري حاصل ڪئي، جو شاهه حسين پنهنجي پٽ
محمود شاه کي وليعهد مقرر ڪري، وزارت جو قلمدان
بايزيد کي سپرد ڪري، کيس نوجوان بادشاهه جو اتاليق
مقرر ڪيو.
سنه 908هه (1502ع) ۾ حسين شاهه انتقال ڪيو. سلطان
محمد نوجوان هو، سندس درٻار ۾ نالائق ۽ غير شرعي
ماڻهو رهندا هئا، جيڪي بايزيد جهڙي شرعي ماڻهوءَ
خلاف هر وقت سلطان کي ڀڙڪائيندا هئا، تنهن ڪري ڄام
بايزيد درٻار ڇڏي پنهنجي جاگير شورڪوٽ ۾ رهي اتان
وزارت جو ڪاروبار هلائڻ لڳو. سندس مخالف بعض
زميندارن ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جن کي بايزيد
گهرائي سندن مٿا ڪوڙائي ڇڏيا. ڪن ڏينهن گذرڻ بعد
جڏهن بايزيد جو پٽ ڄام عالم خان سلطان محمود جي
درٻار ۾ سلام ڪرڻ ويو، تڏهن وزير جي مخالف ڄام
عالم خان جو مٿو ڪوڙائي ڇڏيو. مٿئين واقعي کان
پوءِ ڄام بايزيد، پنهنجو سفير دهليءَ جي بادشاهه
سڪندر لوڌي ڏانهن روانو ڪري، سڪندر جو خطبو پنهنجي
رياست ۾ پڙهڻ لڳو. سڪندر لوڌي ڄام بايزيد ڏانهن
خلعت موڪلي، پنجاب جي حاڪم دولت خان لوڌيءَ کي حڪم
ڏنو ته بايزيد جو سلطان محمود سان صلح ڪرايو. دولت
خان لوڌيءَ بايزيد جو سلطان محمود سان صلح ڪرايو.
ڄام بايزيد باقي عمر جا ڏينهن پنهنجي رياست ۾
گذاريا.(1)
قنڌار جا ارغون:
چنگيز (تيوجن) کي چار پٽ هئا: 1- تولي خان، 2-
اوڪتائي قاآن، 3- چغتائي ۽ 4- جوجي. چنگيز خان کان
پوءِ، اوڪتائي سندس جاءِ نشين ٿيو. اوڪتائيءَ کان
پوءِ، سندس پٽ ڪئيڪ قاآن گاديءَ تي ويٺو. کانئس
پوءِ تولي خان جو پٽ منگو قاآن گاديءَ تي ويٺو.
منگوءَ کان پوءِ قوبلا قاآن چين جي تخت تي ويٺو.
جنهن پنهنجي ڀاءُ هلاڪوءَ کي ايران جو ’ايلخان‘
(بادشاهه) مقرر ڪيو هو. هلاڪوءَ کانپوءِ، سندس
اولاد ايران تي حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ قوبلا قاان جو
اولاد چين تي حڪومت هلائڻ لڳو. هلاڪوءَ جي اولاد
مان احمد نقودار پهريون مغل حاڪم هو، جنهن اسلام
قبول ڪيو هو، پر هو ارغون خان، هلاڪوءَ جي پوٽي
هٿان مارجي ويو. ارغون جو پٽ غازان خان، هلاڪوءَ
جي پوٽي هٿان مارجي ويو. ارغون جو پٽ غازان خان،
سنه
ارغونن جو شجرو:
694هه ۾ ظاهور ٿيو ۽ پاڻ تي محمود نالو رکيائين.
غازان خان جو مقبرو تبريز ۾ آهي، جو هن پاڻ لاءِ
جيئري تعمير ڪرايو هو. سندس ڀاءُ خدا بنده جو
مقبرو سلطانيه ۾ آهي. کانئس اڳ جي مغل سلطانن جي
مقبرن جو پتو پئجي نه ٿو سگهي.(1)
ارغونن جو شجرو هن ريت آهي: غازان خان بن اباقاآن
بن هلاڪو بن طولي بن چنگيز خان.
ذوالنون بيگ:
امير ذوالنون بيگ ارغون، پوئين تيموري شهزادي هرات
جي واليءَ سلطان حسين بائقارا جو امير الامرا ۽
سپه سالار هو ۽ سلطان حسين بائقارا جي پٽن مان
شهزاده بديع الزمان، جو سندس ناٺي هو، تنهن جو
اتاليق به هو.(1)
سنه 884هه ۾ امير ذوالنون بيگ ارغون، سلطان حسين
پاران قنڌار، زمين داور، ساغر، تولڪ ۽ فره جو والي
مقرر ٿيو. تنهن کان پوءِ هن استقلال جي جهنڊي کي
بلند ڪري، قنڌار پنهنجي پٽ شجاع بيگ (شاهه بيگ) جي
حوالي ڪري، ساغر ۽ تولڪ جي پڳڻن مٿان عبدالعلي
ترخان کي مقرر ڪيو. غور جو علائقو امير فخرالدين ۽
امير درويش جي حوالي ڪري پاڻ زمين داور مٿان حڪومت
هلائڻ لڳو. امير ذوالنون جي ٻيءَ ڌيءُ سان مير
بيورغ رند شادي ڪئي هئي، جو مير چاڪر خان رند
پاران قنڌار ۾ سفير ٿي آيو هو.(1)
سنه 911هه (1505ع) ۾ امير ذوالنون، سلطان حسين
پاران امير محمد خان اُزبڪ شيباني سان وڙهندي
مارجي ويو.
شاهه بيگ ارغون:
انهن ڏينهن ۾ شهزادو ظهيرالدين بابر، جنهن ٽي
گهمرا پنهنجي پيءُ جي تختگاه، سمرقند تي قبضو ڪرڻ
لاءِ ڪوشش ڪئي هئي ۽ ازبڪن کان شڪست کائي هينئر
ڪابل تي قبضو ڪيو هو، تنهن قنڌار به فتح ڪرڻ جو
ارادو ڪيو. شاه بيگ قنڌار خالي ڪري، بلوچن جي ٽيهن
سالن واريءَ ويڙهه مان فائدو وٺي، رندن جي سردار
مير چاڪر خان کان شال، پشين، گرم سيل ۽ سيوي جا
علائقا فتح ڪيا ۽ پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد کي
سيويءَ مٿان حاڪم مقرر ڪري، سنڌ ۽ گجرات فتح ڪرڻ
جو ارادو ڪيو. ڄام نندي پنهنجي قابل سپه سالار،
دريا خان، جي هٿ هيٺ سولي(؟) تي لشڪر چاڙهي مڪو.
ٻئي طرف مير چاڪر خان رند دريا خان سان گڏجي
چانڊڪي پرڳڻي ۾ ارغونن کي شڪست ڏني. سندس هٿان
سلطان محمد مارجي ويو.(2)
بکر (اتر سنڌ ۾) ۽ سيوهڻ (ڪوهستان ۾) سنڌ جا ٻه
مضبوط قلعا هئا، بلڪ هي ٻه هنگ سنڌ جون ڪنجيون
هيون. سلطان جلال الدين خوارزميءَ سنڌ فتح ڪرڻ کان
اڳ سيوهڻ جي قلعي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي.
مرزا شاه بيگ ارغون به پنهنجي تجربيڪار جرنيل مرزا
عيسيٰ ترخان کي لشڪر ڏيئي، بکر جي قلعي تي قبضي
ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. ڄام نظام الدين پاران قاضن
بکر جو نواب هو، تنهن کي موقعي سر هو مدد ڪري نه
سگهيو ۽ هن اتي لاچار ٿي قلعو ارغونن جي حوالي
ڪيو. شاه بيگ پنهنجي پاران فاضل بيگ ڪوڪلتاش کي
بکر مٿان نائب مقرر ڪري، پوءِ سيوهڻ فتح ڪيو ۽
سيوهڻ جي قلعي مٿان خواجه بيگ کي حاڪم مقرر ڪري
پاڻ شال (ڪوئٽا) ڏانهن موٽي ويو.
ڄام فيروز شاهه:
سنه 1508ع ۾ ڄام نندي وفات ڪئي. هو سنڌ جو صلح
پسند، ديندار ۽ علم پرور حاڪم ٿي گذريو آهي. هن
اٽڪل چاليهه ورهيه حڪومت ڪئي. قاضي عبدالله نالي
هڪڙو خدا پرست انسان، جنهن جي تربت مڪلي ٽڪريءَ تي
شيخ هماد جماليءَ جي قبي پٺيان آهي، تنهن جڏهن
وفات ڪئي هئي، تڏهن ان وقت جي ڪنهن ٻئي بزرگ کي
خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو هئائين ته: ”منهنجي جنازي
تي اهو شخص نماز پڙهڻ لاءِ پيش امام ٿي بيهي، جنهن
ڪڏهن به وضوءَ بنا آسمان ڏي نه نهاريو هجي يا جنهن
ڪڏهن به ڪنهن انسان جي اوگهڙ تي نظر نه ڪئي هجي،
خود پنهنجي اوگهڙ تي به نه!“
ننگر ٺٽي ۾ اهڙي ماڻهو هٿ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي پڇا
هلي. آخر ڄام نندي کان سواءِ ٻيو ڪوبه اهڙو پاڪباز
ماڻهو هٿ ڪونه آيو، تنهن ڪري ڄام نندي پاڻ پيش
امام ٿي، قاضي عبدالله جي جنازي نماز پڙهائي.
’تحفة الڪرام‘ جلد-3، ۾ ٻيا به اهڙا احوال ڄام
نندي جي علم پروري ۽ عدل پروريءَ بابت لکيل آهن:
مثال لاءِ ’رساله قطبيه‘ ۾ سيد مراد شاهه شيرازيءَ
جي احوال ۾ لکيل آهي ته، سيد صاحب هڪڙي ڏينهن رڻ
پٽ مان پئي آيو ته هڪڙيءَ قبر مان ڪو شخص نڪري،
اچي ساڻس عرض احوال ڪرڻ لڳو، چيائينس ته: ”مون کي
چورن ڦري لٽي هت شهيد ڪيو آهي، منهنجا يتيم ٻارڙا
گجرات ۾ پيا ٻاڪاريندا هوندا، وقت جي حاڪم کي
چتاءُ ڪريو ته چورن کان منهنجو مال اسباب وٺي،
منهنجن ٻارن کي گجرات ۾ پهچائي ۽ چورن کي سيکت
ڏي.“
شاهه صاحب اهو اطلاع وقت جي حاڪم ڄام نندي کي
پهچايو، تنهن تي ڄام نندي خاص بندوبست رکي چور هٿ
ڪيا ۽ ڦر وارو سمورو مال انهن کان وٺي فوتي جي
ٻارن کي گجرات پهچايائين ۽ چورن کي مناسب سزا
ڏنائين.(1)
هن عادل۽ متشرع بادشاهه جو مقبرو مڪليءَ جي پرئين
ڪناري تي آهي، جنهن جو گنبذ شڪسته ۽ خسته حالت ۾
آهي.
ڄام فيروز شاهه الڙ ۽ جا ناتجربيڪار هو. دريا خان
جهڙي تجربيڪار وفادار سپه سالار سان ڦٽائي، مغلن
سان ياراڻي رکي هئائين، جن مان مير قاسم ڪيبڪي،
سموريون خبرون خفيه طور شاه بيگ ارغون کي پهچائڻ
لڳو. ڄامن جي، ڄام نندي جي ڏينهن ۾، پاڻ ۾ اڻبڻت
هئي. ڄام ابراهيم ۽ ڄام بايزيد، ڄام نندي جا سڳا
ڀائر لانگاه سلطانن جي درٻار ۾ پهتا هئا. اهڙيءَ
طرح ڄام سنجر جي پوٽي صلاح الدين تخت لاءِ
دعويداري ظاهر ڪئي هئي، پر دريا خان ۽ ڄام نندي جي
ٻين درٻارين جي سرجوشيءَ سان صلاح الدين نااميد
رهجي ويو ۽ ڄام فيروز سنڌ جو حام ٿيو. صلاح الدين
تخت کان نااميد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ناٺيءَ سلطان
مظفر گجراتيءَ وٽ وڃي رهڻ لڳو.
ڄام فيروز نوجوان هو ۽ حڪومت جو سڀ بار سندس پاران
دريا خان نهايت ايمانداريءَ سان هلائي رهيو هو،
تنهن ڪري هو سمورو وقت حرم خاني ۾ گذاريندو هو ۽
ڪڏهن ورلي ٻاهر نڪرندو هو، جڏهن ٻاهر نڪرندو هو،
تڏهن راڳ روپ ٻڌڻ، ڇوڪرين جي ناچ ۽ مسخرن جي چرچي
بازيءَ ڏسڻ ۾ وقت صرف ڪندو هو. تنهن وچ ۾ عام سما
امير ۽ وڏا ماڻهو عام ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ لڳا.
جيڪڏهن دريا خان انهن کي ڪا هدايت ڪندو هو ته هن
کي به برو ڀلو ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ڪري دريا
خان حڪومت سنڀالڻ کان استعفيٰ ڏيئي، پنهنجي جاگير
ڪاهان ۾ وڃي رهڻ لڳو. جتي ڪيترائي عالم ۽ درويش به
رهندا هئا. دريا خان جي دست برداريءَ ۽ ڄام فيروز
جي عياشيءَ ۽ حڪومت جي ڪمن ڏانهن لاغرضائي جون
خبرون ٻڌي، ڄام صلاح الدين مظفر شاه گجراتيءَ کان
وڏو لشڪر وٺي تڪڙيون منزلون ڪندو اچي ٺٽي پهتو.
ڄام فيروز سواءِ جنگ ڪرڻ جي ٺٽي جي شهر مان نڪري
ويو. ڄام صلاح الدين ٺٽي جو تخت هٿ ڪيو. ڄام فيروز
کي سندس والده لڪائي ڇپائي، ڪاهان ۾ دريا خان وٽ
وٺي ويئي ۽ هن کي مدد لاءِ نيزاريون ڪيائين ۽ ڄام
فيروز جيڪا دريا خان جي بي قدري ڪئي هئي، تنهن
لاءِ معافي ورتائين. دريا خان هن شاهي خاندان جي
گذريل مهربانين کي ياد ڪري، وقت وڃائڻ کان سواءِ
لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. بکر ۽ سيوهڻ طرف جا گهڻائي ماڻهو
۽ بلوچن جون قومون به ڄام فيروز جي جهنڊي هيٺ اچي
حاضر ٿيون.
لشڪر کي آراسته ڪرڻ کان پوءِ، دريا خان ڄام صلاح
الدين سان وڃي روبرو ملاقات ڪئي. دريا خان جي
ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ڄام صلاح الدين صلح جو خواهان
ٿيو، پر سندس وزير، حاجيءَ ايئن ڪرڻ کان روڪيس.
نوبت جنگ کي پهتي. دريا خان ڄام جي وزير حاجيءَ
هٿان شڪست کاڌي. دريا خان جا سپاهي اٿي ڀڳا. حاجي
وزير انهيءَ فتح جي خبر صلاح الدين کي خط جي رستي
ڏني. اتفاق سان خط وارو قاصد دريا خان کي جهنگ ۾
گڏجي ويو، تنهن حاجي وزير وارو لکيل خط لڪائي، ٻيو
خط حاجي وزير پاران صلاح الدين کي لکي موڪليو،
جنهن ۾ لکيائين ته:
”دريا خان جي لشڪر پنهنجي لشڪر کي سخت شڪست ڏني
آهي، صلاح ڀري ڳالهه اها آهي ته تون پنهنجي عيال
سميت هڪدم ٺٽو ڇڏي وڃ، آءٌ توکي چاچڪان ڳوٺ ۾ اچي
گڏبس!“ خط پهچڻ شرط صلاح الدين پنهنجا ٻار ٻچا وٺي
رمضان جي تاريخ نائين، روزي ڇوڙڻ کان اڳ، ٺٽو شهر
ڇڏيو ويو. انهيءَ طرح ڄام صلاح الدين بادشاهي
وڃائي. هن فقط اٺ مهينا ٺٽي ۾ بادشاهي ڪئي. حاجي
وزير کي ڄام صلاح الدين جي ڀڄي وڃڻ جي خبر جو ٻڌي
گهڻو ارمان ٿيو ۽ هو آخر رستي تي ڄام صلاح الدين
سان وڃي مليو ۽ کيس ارمان ڀريا ڏوراپا ڏيڻ لڳو،
مگر هينئر وقت گذري چڪو هو، تنهن ڪري ٻئي
پشيمانيءَ جا هٿ ملي گجرات هليا ويا. دريا خان
حاجي وزير جي ماڻهن کي ڪڇ جي رڻ ڏانهن ڀڄائي ڇڏيو
۽ عيد رمضان جي ڏينهن ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ آندائين.
ڄام فيروز عيدگاه تي سڀني مسلمانن سان گڏجي عيد
نماز پڙهي ۽ پوءِ اچي پنهنجو اباڻو تختگاه
وسايائين.
شاه بيگ ارغون کي ڇڏي ڪيترائي مغل ڄام فيروز جي
نوڪريءَ ۾ اچي داخل ٿيا هئا. ڄام فيروز ٺٽي جي شهر
۾ هڪڙو خاص محلو انهن مغلن جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو
هو، جو ’مغل واڙو‘ سڏجي ٿو. ڄام فيروز هاڻي بي
کٽڪي حڪومت ڪرڻ لڳو، پر هن کي اچي ڊپ جاڳيو ته
دريا خان ڪنهن وقت کيس تخت تان لاهي نه ڇڏي، تنهن
ڪري ان جي زور ڀڃڻ لاءِ هو ڪيبڪ ارغون کي همراز
بنائي انهيءَ تجويز تي فخر ڪرڻ لڳو. پر اها سندس
وڏي غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي مغل ظاهري دريا خان جي
ڪمن تي چؤڪسي رکندا هئا ۽ اندروني شاه بيگ سان
سندس رستو هو. آخر انهن مغلن جي ترغيب ڏيڻ تي ئي
مرزا شاه بيگ سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ اچي سمن جي حڪومت
جو خاتمو ڪيائين.
ٽلٽيءَ جي پهرين جنگ:
ڄام نندي جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾، جڏهن شاه بيگ
سن تي پهرين ڪاهه ڪئي هئي، تڏهن آگري، چنيجا،
سَڌوجا ۽ ماڇين جي ڪوٽ وارا شهر ڦري کيس خبر پئجي
ويئي ته سنڌ دولتمند ۽ آباد ملڪ آهي. هن دفعي مير
قاسم ڪيبڪي ڄام فيروز شاه جي حڪومت ۽ انتظام جو
حال ڍرو ڏسي، مرزا شاه بيگ ڏانهن ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ
لاءِ پيغام موڪليو. شاه بيگ سيوي جي قلعي تي
پنهنجي ڀاءُ کي مقرر ڪيو هو ۽ مير فاصل ڪوڪلتاش کي
هڪڙو سوارن جو دستو ڏيئي، اڳواٽ ٺٽي ڏانهن روانو
ڪيو. هو جڏهن باغبان پهتو، تڏهن سمن جو لشڪر به
سيوهڻ کان ڇهن ستن ڪوهن جي مفاصلي تي ٽلٽيءَ وٽ
اچي ان سان دوبدو ٿيو.
سمن جي فوج جا اڳواڻ دريا خان جا ٻه پٽ محمود خان
۽ مٺڻ خان پهلوان هئا. لڙائيءَ ۾ سمن جي لشڪر جي
شڪست ٿي. پوءِ شاه بيگ، لڪيءَ جي ٽڪرين مان لنگهي،
ٺٽي کان ڇهه ميل کن پري خانواه جي ڪناري تي ڇانوڻي
ڪئي. 15- محرم سنه 926هه (1519ع) تي، درياءَ ٽپي،
هن ٺٽي شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي. دريا خان ڄام
فيروز کي پوئتي ٺٽي جي شهر ۾ ڇڏي، پاڻ لشڪر وٺي
شاه بيگ کي وڃي سامهون ٿيو. سخت جنگ لڳي، جنهن ۾
سنڌ جو سورهيه سردار، دريا خان شهيد ٿيو.
مغلن جي ٺٽي ۾ ڦرلٽ ڪرڻ:
ڄام فيروز شڪست جو ٻڌي درياءُ اڪري پار هليو ويو.
مغلن جي فوج برابر پنجن ڏينهن تائين ٺٽي جي
دولتمند شهر ۾ ڦرلٽ لائي ڏني. ڄام فيروز توڻي ٻين
آبرو وارن ماڻهن جون زالون ۽ ٻار ٻچا به مغلن کڻي
قيد ڪيا. قاضي قاضن جهڙو بزرگ عالم ٺٽي ۾ رهندو
هو، تنهن جا ٻار ٻچا به قيد ٿيا هئا، سو ٺٽي جي
گهٽين ۾ پريشان ٿيو، پنهنجا ٻار ٻچا ڳوليندو وتيو.
پوءِ ان هڪڙو درد ڀريو خط ٻئي هڪڙي ٺٽئي بزرگ حافظ
محمد شريف معرفت بيگ کي پهچايو. مرزا شاه بيگ تي
اهڙو اثر ٿيو، جو شهر ۾ پڙهو گهمارايائين ته زالون
۽ ٻار هڪدم آجا ڪيا وڃن. پوءِ پنهنجو هڪڙو تير
قاضي قاضن کي نشانيءَ طور ڏنائين. قاضي صاحب اهو
تير هٿ ۾ کڻي شهر ۾ گهمندو رهيو. تان جو ڦرلٽ بند
ٿي ويئي ۽ شهر ۾ امن امان قائم ٿيو.
ڄام فيروز پنهنجن ٿورڙن ماڻهن سان ٺٽي جي ويجهو
پيرار جي ڳوٺ ۾ وڃي ويٺو هو. هن کي حرم ۽ عيال جي
سخت ڳڻتي لڳل هئي. هوڏانهن مرزا شاهه بيگ، ڄام
فيروز جي محلات تي خاص معتبر پهريدار بيهاري ڇڏيا
هئا ۽ انهن کي ڄام جي عيال جي عزت ۽ تعظيم بجا آڻڻ
لاءِ سخت تاڪيد ڪيو هئائين. آخر ٻي واه نه ڏسي ڄام
فيروز مرزا شاه بيگ کي لکي موڪليو ته، ”آءٌ اوهان
کي پنهنجو حاڪم ۽ پاڻ کي اوهان جو محڪوم سمجهان
ٿو، اوهين جڏهن ٺٽي شهر کان ٻاهر درٻار ڪندا، تڏهن
آءٌ اچي درٻار ۾ حاضر ٿيندس.“
مرزا شاه بيگ ڄام کي درٻار ۾ اچڻ لاءِ چوائي مڪو.
ڄام فيروز پنهنجن ڀائرن ۽ خاص ماڻهن سان شاه بيگ
جي درياءَ جي ڪناري واري ڇانوڻيءَ ۾ ڀريل درٻار ۾
اچي حاضر ٿيو. ان زماني جي دستور موجب محڪومن
وانگر سند تلوار ڳچيءَ ۾ لٽڪيل هئي. مرزا شاهه بيگ
هن کي معافي ڏني ۽ هڪڙي سونهري سروپاءَ، جا سلطان
مظفر حسين کان امير ذوالنون کي ملي هئي، سا به ڄام
فيروز کي ڍڪايائين ۽ هن کي شهر ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن
وٽ رهڻ جي اجازت ڏنائين. صلحنامي ۾ لڪيءَ جي ٽڪرين
کان هيٺ ڀرو جيڪو سنڌ ملڪ جو اڌ آهي، سو ڄام فيروز
جي قبضي ۾ رهڻ ڏنو ويو ۽ لڪيءَ کان مٿي سمورو ملڪ
ارغونن پنهنجي هٿ ۾ رکيو. پوءِ مرزا شاه بيگ فوجون
وٺي سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو.
ٽلٽيءَ جي ٻي جنگ:
ٺٽي کان سيوهڻ پهچي مرزا شاه بيگ پنهنجن اميرن مان
مير عليڪا ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽
احمد ترخان کي قلعي جي سنڀال لاءِ ڇڏيو ۽ سلطان
محمود خان بن مير فاضل ڪوڪلتاش کي بکر جي قلعي تي
نائب مقرر ڪري، پاڻ شال پرڳڻي مان پنهنجو عيال وٺڻ
ويو. دريا خان جي پٽن، محمود ۽ مٺڻ، دريا خان جي
جاگير (سيوهڻ ۽ ٽلٽيءَ) جي آس پاس ماڻهو پئي گڏ
ڪيا. مرزا شاه بيگ کي سيوهڻ ۾ ئي اها سڻس پئجي
ويئي هئي، تنهن ڪري ان ڪي قاضي ۽ عالم محمود ۽ مٺڻ
ڏي نصيحتن ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا هئا، پر انهن تي
قاضين ۽ عالمن جي نصيحتن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو.
مرزا شاه بيگ پنهنجو عيال وٺي ٽلٽيءَ ويجهو آيو ته
خبر مليس ته ميان محمود ۽ مٺڻ، ڄام سارنگ، راڻو
رڻمل سوڍو ۽ ان جو ڀاءُ جوڌا سنگ سوڍو ٽلٽيءَ جي
قلعي تي قبضو ڪيو ويٺا آهن، جن سان سهتن ۽ سوڍن جو
زبردست لشڪر موجود اهي. ان طرف جو هڪڙو درويش ۽
عالم سمو مخدوم بلال به سمن جي لشڪر جو وڏو مددگار
هو.
پهريان مير فاضل ڪوڪلتاش سمن جي لشڪر سان جنگ جوٽي
۽ انهن کي گهڻو هلاڪ ڪيو. پوءِ مرزا شاه بيگ پاڻ
لشڪر وٺي جنگ ۾ گهڙيو. مغلن زور ۽ زبردستيءَ سان
ٽلٽيءَ جي ڪوٽ جا دروازا ڀڳا. سهتن ۽ سوڍن به
بهادريءَ سان جنگ ڪئي، پر نيٺ شاه بيگ سوڀارو ٿيو.
جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ شاه بيگ، مخدوم بلال تي ڏنڊ
رکيو جو هن ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ارغونن پوءِ
دغا ڪري هن درويش تي ڪفر ۽ الحاد جي تهمت رکائي ۽
پنهنجي هٿ ٺوڪين ملن کان فتويٰ وٺي، هنن سنڌ جي هن
بي مثل محب وطن کي گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪري ڇڏيو.
مخدوم صاحب جو عاليشان قبو، باغبان، دادو تعلقي ۾
موجود آهي ۽ مٿس سڀ ڪنهن ماه جي پهرئين جمعي جي
رات ميلو لڳندو آهي.
سمن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حالت:
سمن سلطانن جي ڏينهن ۾ بکر، سيوهڻ ۽ ڪاهان تعليم
جا مرڪز هئا. بکر ۽ سيوهڻ تي سمن جي ابتدائي زماني
۾ دهليءَ جي سلاطين پاران نواب حڪومت هلائيندا
هئا. سيوهڻ جي پسگردائي وارن شهرن ڪاهان، بوبڪ ۽
ٽلٽيءَ ۾ عالم، قاضي ۽ درويش رهندا هئا. ڪاهان ۾
شيراز ۽ هرات جا علماءَ، جيئن ته مخدوم عبدالعزيز
ابهري، مولانا اثيرالدين ابهري ۽ سندس پٽ مولانا
محمد رهندا هئا. اهي سنه 928هه (1521ع) ۾ ڪاهان
پهتا هئا.
ٺٽو:
سنه 900هه ۾ ٺٽي شهر جو ڄام نظام الدين، نجومين
کان ساعت ڀڇي بنياد وڌو. هن شهر بزرگان دين ۽
باوقار سلاطين جي اقبال ڪري اهڙو زور ورتو جو،
خراسان ۽ ايران ۽ عراق جي عالمن ۽ فاضلن ان کي
رونق وٺرائي. هن شهر واپار، صنعت ۽ علم ۾ ايتري
قدر ترقي ڪئي، جو دنيا جي دولت، علوم ۽ فنون ڏانهس
کڄي آيا. ٺٽو اڄ اوج وڃائي ويٺو آهي، پر سندس
مڪليءَ جا مقبرا خاموش اشارن ۾ سندس گذريل سونهري
دؤر جي اڄ به ياد ڏيارين ٿا. ملتان شاهان لانگاه
جي بيداريءَ ڪري علم ۽ هنر ۾ ترقي ڪئي. ڄام بايزيد
جي علم جي قدردانيءَ ڪري خراسان ۽ هندستان جي
مشهور عالمن ملتان کي اچي وسايو، مثلا، شيخ جمال
الدين قريشي، مولانا فتح الله، مولانا عزيز الله،
مير عماد گرديزي، مرزا شهيد، مرزا شهدا انهن ڏينهن
۾ ملتان اچي مقيم ٿيا هئا.
لانگاه حڪومت فقط 85 ورهيه جٽاءُ ڪيو، پر هن زماني
۾ انهن سلطانن جي درٻار ۾ دهلي، ڪشمير، گجرات، سنڌ
۽ خراسان جي سفيرن جي آمدورفت جاري هئي. شيخ بهاءُ
الدين قريشي ان زماني جي صوفين ۾ گهڻو ممتاز ٿي
گذريو. قاضي محمد به ان زماني جو مشهور عالم هو.
احمد آباد، ٺٽو ۽ ملتان علمي ادارن ۽ مدرسن جي ڪري
سڄي اسلامي دنيا ۾ برک هئا. ان جو مکيه سبب هي هو
جو سنڌ، گجرات ۽ سنڌ جي سمه، مظفريه ۽ لانگاه
سلطانن علوم ۽ فنون جي قدرداني ڪرڻ ۽ علماءِ ڪرام
جي حوصله افزائي ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪانه ڪئي.
اڳ سنڌ ۾ اسلام جي سادي طريقي موجب مسجدين ۾ ئي
مدرسا هئا، مگر سما سلاطين جي زماني ۾ مدرسن لاءِ
جدا عمارتون تعمير ٿيون، جن ۾ محدث ۽ بلند پايه
اديب تعليم ڏيندا هئا. ٺٽي جي مدرسن جو تعداد جيئن
پوءِ تيئن وڌندو ويو، تان جو چئن هزارن کي پهتو.
ٺٽي ۾ مدرسن جي عمارتن کان سواءِ محلات ۽ سوداگرن
جا وڏا وڏا گودام هئا. درياءُ شهر جي ڏاکڻي پاسي
کان وهندو هو. سمن فرمانروائن جا تعلقات اسلامي
دنيا سان دوستانه هئا، ان ڪري سندن ڏينهن ۾ سنڌ جي
واپار گهڻي ترقي ڪئي. احمد آباد، ٺٽي ۽ ملتان جي
وچ ۾ قافلن جي آمدورفت هئي. گجرات جي مظفريه
سلاطين سان سمن جي مائٽي هئي. ملتان جا لانگاه
سلاطين به وٽن تحفا ۽ سوکڙيون موڪليندا هئا.
شيخ مبارڪ ناگوريءَ جي وڏن به يمن کي ڇڏي ريل
پرڳڻي ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي، جتي اڳي ئي بنوالي
صوفي درويش جو آستان هو. ازان سواءِ امير تيمور
سان گڏ گهڻائي عالم ۽ سادات هرات کان سنڌ ۾ وارد
ٿيا. ائين چوڻ درست ٿيندو ته بخارا، سمرقند ۽ هرات
جي علمي مجلسن جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، سنڌ جي گاديءَ
ٺٽي اسلامي دنيا اندر دارالعلوم جي حيثيت اختيار
ڪئي. سنڌين جي مهمان نوازي ۽ حسن اخلاق کي ڏسي
اسلامي دنيا جا برگزيده بزرگ سنڌ ۾ شاديون ڪري، هن
ملڪ کي پنهنجو وطن جوڙي ويٺا، جن جو اولاد ۽ سندن
گاديون اڄ به هن ملڪ ۾ موجود آهن.
واپار ۽ فوجي طاقت:
اسين مٿي لکي چڪا آهيون ته اسلامي دنيا سان اسلامي
اخوت جي ڪري سنڌ جي واپار ترقي ڪئي. سلطان علاءُ
الدين خلجي ۽ سلطان فيروز شاه تغلق شين جا اگهه
مقرر ڪيا هئا، تنهن ڪري سنڌ اندر آسودگي ۽
سستائيءَ جو دؤر هو. سما فرمانروائن ڌاڙيلن جي بيخ
ڪني ڪري، جن جن واپارين جا مال سنڌ اندر ڌاڙيل
لٽيا هئا، سي انهن گجرات تائين سندن وارثن کي
ڌاڙيلن سميت پهچايا هئا. شين جي اگهن جي جاچ ڪرڻ
لاءِ هر شهر ۾ ناظم مقرر هئا. سمن فرمانروائن جي
فوجي قوت مضبوط هئي. انهن فوجي عملدارن کي جاگيرون
ڏنيون هيون. اوهين پڙهي چڪا آهيو ته ڌارين حمله
آورن يعني ارغونن سان سنڌي لشڪر سان هندو سوڍن سان
به گڏجي جنگ جوٽي هئي. وقت جي سنڌي بزرگن ۾ فوجي
جذبو هو. مخدوم بلال جهڙي بزرگ درويش شاه بيگ سان
جنگ ڪرڻ وقت شموليت فمائي هئي. سنڌي ۽ بلوچ، سنڌ
کان ٻاهر ملتان ۽ گجرات جي حاڪمن جي لشڪر ۾ نوڪر
هئا.
لاهري بندر:
ديول جي آخري احوال سومرن جي ڏينهن ۾ چنيسر جي
زماني ۾ ملي سگهي ٿو، جڏهن هن ديول کي تختگاه مقرر
ڪيو هو، پر ابن بطوطا جڏهن ديول کي ڏٺو، تڏهن اهو
ويران هو، زمين تي ڀڳل بتن جا پٿر هئا ۽ هڪڙي وڏي
بت جو مجسمو باقي بيٺل هو. لاهري بندر جنهن ديول
کان پوءِ ناموري حاصل ڪئي، سو ديول کان پنجن ميلن
جي مفاصلي تي سمنڊ کان ويهه ميل اندرئين پاسي
مهراڻ جي هڪڙيءَ اولهندي واري شاخ تي واقع هو، ابن
بطوطا جي بيان موجب خوبصورت ۽ مالدار شهر هو. سندس
بيان موجب ايران ۽ يمن جا جهاز مال آڻيندا هئا.
محمد تغلق هي بندر قاضي علاءَ الملڪ هراتيءَ کي
جاگير ڪري ڏنو هو. بندر جي سالياني آمدني ويهه لک
دينار هئي. ٺٽي جي بنياد پوڻ کان پوءِ به لاهريءَ
جو اقبال واپار جي ڪري ترقي ڪرڻ لڳو. شيخ ابو
الفضل ’آئين اڪبريءَ‘ ۾ لاهريءَ جي تعريف ڪري ٿو ۽
ان جي سالياني آمدني هڪ لک اٺٽيهه هزار رپيا لکي
ٿو.
سڪا:
سمن جي ڏينهن ۾ سندن پنهنجن سڪن سان گڏ دهليءَ جا
سڪا پڻ رائج هئا. ساموئيءَ جي ٻئي درويش جي
پيشنگوئيءَ ۾ درهمن جو ذڪر ڏنل آهي. امير تيمور جي
ڪاهه کان پوءِ، تيموري اشرفين ۽ رپين جو سنڌ ۽
بلوچستان ۾ رواج پئجي ويو هو. محمود بيگڙي جون
سونيون اشرفيون ۽ رپيا به تجارتي ناتن جي ڪري سنڌ
۾ چالو هئا. گجراتي رپيا سنڌ ۾ ’لاڙي‘ سڏبا هئا،
سندن قيمت ٻارهن پئسن جيتري هئي. گولڪنڊي ۽
بيجاپور جون اشرفيون سنڌ ۾ ’پگوڊا‘ سڏبيون هيون.
سنڌي زبان جي ڪيفيت:
سنڌي زبان جي ڪابه اهڙي تاريخ شايع ڪين ٿي آهي،
جنهن مان مفصل خبر پئجي سگهي ته سنڌ ۾ شاعري ڪڏهن
۽ ڪهڙي ماحول ۾ شروع ٿي؟ ڪيئن هن زبان بتدريج ترقي
ڪئي؟ ۽ سنڌي زبان جي اصل ڪهڙي ڪيفيت ۽ انداز هو؟
هن زبان ڪهڙيون ڪهڙيون صورتون بدلايون، ملڪي ۽
قومي حالتن مٿس ڪهڙو اثر ڪيو ۽ خود زبان ملڪ ۽ قوم
تي ڪهڙو اثر وڌو؟ ان ۾ شڪ ناهي ته عربن جي دؤر ۾
سنڌي زبان ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، مگر اها خبر پئجي
نٿي سگهي ته اها ڪهڙي نموني ۾ ڳالهائي ويندي هئي،
جنهن مان پتو پئجي سگهي ته ان جهوني زبان ۽ موجوده
زبان ۾ ڪيڏو فرق هو.
اهڙيءَ طرح سنڌي زبان ۽ ان جي رسم الخط جي تاريخ
تاريڪيءَ ۾ پيل آهي. سومرن جي صاحبيءَ ۾ ڪيترائي
قصا ٿي گذريا، جن کي بعد جي زماني جي شاعرن تصوف
جي زبان سان سطح تي آندو، مگر ان وقت جي سنڌي زبان
جي اصليت يا حقيقت تي ڪابه روشني پيل ڪانه آهي. ان
کان پوءِ ستت سمن جو راڄ شروع ٿيو. سنڌ لاءِ هي
زمانو علم ۽ فضيلت جو زمانو هو ۽ سمن جي بلڪل
پوئين حاڪم فيروز شاه جي وقت ۾ اسان کي ٺٽي
الحڪومت ۾ هڪ مشهور صوفي عالم ۽ فاضل، قاضي قاضن
(المتوفي 958هه)، نظر اچي ٿو، جنهن جو سنڌي ڪلام
’بيارن العارفين‘ جي ذريعي اسان تائين پهتو آهي،
جنهن مان پهريون ڀيرو اسان سنڌي زبان جي حقيقت کان
واقف ٿي سگهون ٿا ۽ چئي سگهون ٿا ته انهيءَ زماني
۾ ڪهڙي نموني جي سنڌي ڳالهائي ويندي هئي. اهو سمن
جي پڇاڙيءَ ۽ ارغون گهراڻي جي شروعات واري زماني
جو بيان آهي. ان کان سواءِ ساموئي جي قصي ۾ ستن
شهيدن (هفت تن) جون پيشنگويون، جن کي عام طرح
’ماموئي‘ (يا ساموئي) جا بيت ڪري سڏيندا آهن، سي
هي آهن:
پهريون درويش:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
ٻيو درويش:
وسي وسن آر، جڏهين وڃي ڦٽندو،
تڏهين ٻاروچاڻو ٻار، پنجين درمي وڪبو.
ٽيون درويش:
ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇه پهر،
مر مچي ماري، سک وسندي سنڌڙي.
چوٿون درويش:
مرمچي ماري، مر مچي ڪهڙا پار؟
هيٺين ڪاريون پوتيون، مٿين ڪارا وار.
پنجون درويش:
لڳندي لاڙان، سونڪو ٿيندو سري ۾،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي آڳاڻن وڻاه.
ڇهون درويش:
نيرا گهوڙا ڏٻرا، اُتر کان ايندا،
گهاگهريون گسن تي، ورهائي ويندا،
تهان پوءِ ٿيندا، طبل تاجاڻين جا.
ستون درويش:
اچي ويجها ماڙهئا! ننگر جي آڌار،
پراڻا پرار، نوان مَ اڏج نجهرا.
انهن بيتن جي صحت ۾ شڪ آهي. پر تنهن هوندي به
اقرار ڪرڻو ٿو پوي ته ڪم از ڪم پهرين، ٻين ۽ ستين
پيشنگوئي سچي آهي ۽ هر هڪ ۾ سما راڄ جي زواليت
ڏانهن اشارو آهي. جي ايئن آهي ته اهي بيت سنڌي
زبان جا سڀ کان آڳاٽا آهن. مٿئين بيان مان صاف
ظاهر آهي ته جيئن عربن جي ماتحت ۽ غزنوي ۽ غوري
سلاطين جي ماتحت رهي به سنڌي زبان ترقي ڪئي هئي،
تيئن دهليءَ جي ماتحت رهي ۽ پارسي زبان جي انتهائي
رواج هوندي به سنڌ جي صوفي درويشن ۽ عالمن سنڌي
زبان جي خاص خدمت ڪئي. سمن جي حڪومت اندر ڄام
تماچي ۽ نوريءَ جي قصي تي وقت جي شاعرن وحدت ۽ وصل
جو رنگ چاڙهيو.
مذهبي حالت:
تغلق سلطان توڙي سما سلطان شرع جا پابند هئا. تغلق
سلطانن شراب جي وڪري تي بندش وڌي هئي، انهيءَ
زماني ۾ هندتان توڙي سنڌ ۾ صوفيا ڪرام جو زور هو.
محمد تغلق صوفين کان خوفزده ٿي گهڻن کي دهليءَ کان
ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. سما سلطان اُچ جي گيلاني، بخاري
۽ ملتان جي سهرورديه مشائخ جا مريد هئا. سنڌ ۾
حنفيت جو زور هو ۽ مدرسن ۾ فقه جو دور جاري هو.
سنڌ ’عرب صغير‘، ’باب الاسلام‘ ۽ ’هندستان ۾ مرڪز
اسلام‘ هو. ويدانيت ۽ وحدانيت جي فلسفن جو به
هڪٻئي تي جيترو اثر هتي پيدا ٿيو، اهو ٻئي ڪنهن به
هنڌ ن ٿيو. صوفي سڳورن جي روحاني تبليغ ۽ تلقين
وارو اثر سڀاڳي سنڌڙيءَ جي هندو مسلمانن ۾ پيدا
ٿيو ۽ هو هڪ ٻئي کي ويجها ايندا رهيا. هڪ طرف هندو
سنياسين ۽ جوڳين تي وحدانيت جو اثر ٿيو ۽ بت پرستي
گهٽجڻ لڳي، ته ٻئي طرف ماڻهو سماع، سرود ۽ راڳ مان
مستفيد ٿيڻ لڳا. انهن برگزيده بزرگن جي ڪوشش سان
هن سرزمين جي باشندن جي خيال، قول ۽ عمل جي اتحاد
جو عملي ثبوت هيءُ اهي، جو هت ’ڇوت ڇات‘ جا فرق
ڦير، اوچ نيچ جا اختلاف ايتري قدر نه رهيا، جيترا
هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ رهجي ويا. ۽ اها تاريخي ۽
ناقابل ترديد حقيقت آهي.
واپار ۽ تجارت جي ذريعي مشرق ۽ مغرب جي مختلف
تهذيبن کي ملائي هڪ ڪرڻ لاءِ قدرت طرفان جيڪا ڪوشش
هن سنڌڙيءَ تي ٿي آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪانه
ٿي آهي. هڪ طرف ديول، لاهري ۽ ٺٽي جا بندر بحري
تجارت جا مرڪز هئا، ته ٻئي طرف سنڌ جا قافلا بين
الاقوامي تجارت جو سلسلو بخارا، سمرقند ۽ چين بلڪل
مشرق اقصيٰ تائين جاري رکندا آيا. سنڌ جي زرخيز
زمين ڪيترين ئي ومن کي ڪشش ڪري هن سرزمين تي آندو،
جن قومن پنهنجو اصل وطن وساري سنڌ کي وطن بنايو ۽
پنهنجا مذهب، فلسفا ۽ طور طريقا وساري هن ملڪ جي
درز زندگي اختيار ڪئي. جنهن جو ثٻوت هڪ طرف آثار
قديمه، بزرگن جا مقبرا، ٻئي طرف تاريخ جا ڪتاب ۽
سياحت نامه ڏيئي رهيا آهن. سنڌ جي شاندار ماضيءَ
جو اجمالي تذڪرو انهن لاءِ تازيانهءِ عبرت آهي، جي
پنهنجي سنڌڙيءَ جي بلند شان ۽ عروج اقبال کي وساري
غيرن جي تهذيب جا فريفته ٿي ويهي ٿا رهن.
سياح ۽ مشاهير:
سمن جي ڏينهن ۾ شيخ ابن بطوطا سنڌ ۾ آيو. ابن
بطوطا سنه 703هه ۾ طنجه (تانجيئر) ۾ ڄائو ۽ 22
ورهين جي عمر (725هه) ۾ اسلامي دنيا جي سير تي
نڪتو. سنه 734هه ۾ ڪشمور جي رستي کان بکر پهتو.
بکر کان سيوهڻ ۽ لاهري بندر تائين سير ڪري، ملتان
کان ٿيندو، دهليءَ پهتو. هندستان جي شهرن ۽ ٻيٽن
جو سفر ڪري، چين پهتو. سنه 755هه ۾ پنهنجي وطن
پهتو، جتي سنه 756هه ۾ هن پنهنجو ’سفرنامو‘ مرتب
ڪيو۽ سنه 778هه ۾ وفات ڪيائين. سندس سفرنامي مان
سنڌ جا مؤرخ روشني وٺن ٿا. سندس حالات چشم ديد
آهن. ڪن ڪن هنڌن تي هن غلطيون ڪيون آهن، مگر خان
بهادر مولوي محمد حسين عربي، فارسي ۽ انگريزي
تاريخن ۽ جاگرافيءَ ۽ آثار قديمه جي علمائن جي
ڪتابن ۽ رپورٽن تان ’سفرنامه‘ کي درست ڪري محققانه
نوٽن سان 1913ع ۾ (رحماني پريس دهليءَ مان) شايع
ڪرايو. ابن بطوطا سنڌ جي آسودگيءَ، سنڌين جي مهمان
نوازيءَ، علم پروري ۽ واپار جو ذڪر ڏئي ٿو. ان کان
سواءِ جن جن عالمن ۽ سنڌي بزرگن سان هن سنڌ جي
شهرن ۾ ملاقاتيون ڪيون، تن جي اسان کي خبر پئجي
سگهي ٿي. ڄام اُنڙ (ملڪ فيروز) جڏهن ملڪ رتن کي
سيوهڻ ۾ قتل ڪيو هو، ان وقت ابن بطوطا سيوهڻ ۾
موجود هو.
شيخ شمس الدين، امام عبدالله حنفي ۽ قاضي ابو
حنيفه بکر ۾ مشهور بزرگ هئا. سندن وجود جي ڪري بکر
علم جو مرڪز هو. ابن بطوطا ساڻن ملاقات ڪئي هئي.
ان وقت شيخ شمس الدين جي عمر هڪ سؤ ويهه ورهيه
هئي. انهن ڏينهن ۾ عماد الملڪ سرتيز، ترڪمان قوم
جو امير ۽ محمد تغلق جو ناٺي سنڌ جو حاڪم هو، جو
پوءِ سنه 748هه ۾ دکن ۾ علاءُ الدين، حسن بهمنيءَ
سان وڙهندي هڪڙيءَ جنگ ۾ مارجي ويو هو.ابن بطوطا
انهن ڏينهن ۾ ٽپال جي انتظام جي تعريف ڪري ٿو.
سندس بيان موجب سيوهڻ کان ملتان ڏهن ڏينهن جو رستو
هو ۽ ملتان کان دهليءَ تائين پنجاهه ڏينهن جو رستو
هو، ”مگر بادشاهه کي خبرون فقط پنجن ڏينهن ۾
دهليءَ تائين پهچن ٿيون. گهوري سوار ٽپاليءَ کي
’اولاق‘ سڏين ٿا. ٽپالي چئن ڪوهن بعد گهوڙا
بدلائين ٿا. پيادا ٽپالي هرڪار سڏجن ٿا، جيڪي في
ميل چئن چوڪين تي بدلجن ٿا. بعض سخت ڏوهارين کي
کٽن تي ويهاري چار ڄڻا ڪلهن تي کڻي دهلي درٻار
تائين پهچائين ٿا. ٽپال جو کاتو ’بريد‘ سڏجي ٿو.
بادشاهي اخبار نويس نو وارد مسافر جو احوال سندن
درآمد مال سميت دارالخلافه تائين پهچائين ٿا.“ بکر
۾ هڪڙي خانقاه جو هو ڏس ڏي ٿو، جتي مسافرن کي مفت
کاڌو ملندو هو. سنڌ جي ڪن شهرن ۾ مسافرن کي سفر
لاءِ خرچ به ملندو هو.(1)
مولانا ظهيرالدين بکري علم ۽ فضيلت ڪري بلند پايه
بزرگ هو. سلطان علاءُ الدين جو درٻاري هو. مولانا
برهان الدين، ظهيرالدين بکريءَ جو هم وطن ۽ همعصر
هو. سلطان علاءُ الدين جو درٻاري هو. سندس پٽ ڪمال
الدين آخر سنڌ جو قاضي ٿيو، جنهن کي ابن بطوطا
’قاضي قضات سند و هند‘ لکي ٿو.
خطيب بغدادي سيوهڻ جي جامع مسجد جو پيش امام هو.
شيخ ابن بطوطا وٽس حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه جو
پروانو ڏٺو هو، جو خطيب بغداديءَ جي ڏاڏي کي دمشق
جي درٻار کان مليو هو.(2)
شيخ محمد بغدادي ابن بطوطا جي سيوهڻ ۾ قيام واري
زماني ۾ مخدوم لعل شهباز قلندر رحه جي خانقاه جو
متولي هو. شيخ ابن بطوطا ساڻس ملاقات ڪئي هئي. ان
وقت شيخ بغداديءَ جي عمر هڪ سؤ چاليهه ورهيه هئي.
هلاڪوءَ جڏهن معتصم بالله عباسيءَ کي شهيد ڪيو هو،
تڏهن شيخ بغدادي، بغداد ۾ موجود هو.(1)
شيخ حماد ابن شيخ رشيد الدين جمالي هڪ وڏو بزرگ ٿي
گذريو. سدائين مُراقبي ۾ رهندو هو ۽ حجري ۾
گذاريندو هو. سندس صحبت جا سڪايل به حجري ٻاهران
ويهي ساڻس رهاڻيون ڪندا هئا ۽ وٽانئس ظاهري توڙي
باطني فيض پرائيندا هئا. سندس مريدن مان تماچي ۽
تماچيءَ جي پٽ صلاح الدين کي سندس وڏو قرب حاصل
هو. سندس مقبرو مڪليءَ تي آهي.(2)
سيد ابوالغيث بکري وڏي رتبي جو بزرگ ٿي گذريو.
امير تيمور گورگانيءَ جي پوٽي، مرزا پير محمد، اُچ
۽ ملتان جا قلعا فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ڏانهن اچڻ
جو خيال ڪيو. اُچ کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ ان بکر جي
معزز ماڻهن کي حاضر ٿيڻ لاءِ قاصد موڪليو، جن حاضر
ٿيڻ بدران جيسلمير ڏانهن هجرت ڪئي. فقط سيد
ابوالغيث بکر مان اُچ وڃي مرزا پير محمد سان
ملاقاتي ٿيو. مرزا، سيد صاحب کي ڏسي سروقد اُٿي
بيٺو ۽ هن جي تمام گهڻي تعظيم ۽ آدرڀاءُ ڪيائين.
جڏهن شاه صاحب مرزا کان موڪلائي بکر ڏي ٿي موٽيو،
تڏهن مرزا پير محمد کيس هڪڙو عمدو گهوڙو، سروپاءَ
۽ ٻيون به قيمتي سوکڙيون ۽ نذرانا ڏنا ۽ الور جي
پرڳڻو جاگير طور بخش ڪيائينس. اهڙيءَ طرح سنڌ امير
تيمور جي اُڙدي جي لٽ مار ۽ غارتگريءَ کان بچي
ويئي. ساڳيءَ طرح شيخ احمد جي چوڻ تي امير تيمور
دهليءَ جي قيدين کي آزاد ڪيو هو.
مخدوم بلال رحه ٽلٽيءَ جو ويٺل هڪ وڏو عارف ڪامل
ٿي گذريو آهي. ظاهري علمن جو وڏو علام ۽ علامه هو.
’تاريخ معصومي‘ وارو بزرگ لکي ٿو ته، هڪ دفعي
مخدوم ٻيڙي ۾ سوار ٿي سيوهڻ وڃي رهيو هو، مير بحر
خوب گاريون ڏيئي رهيو هو ۽ ڪنهن جو چيو نه ٿي
ورتائين. مخدوم صاحب ڇا ڪيو جو پنهنجي ٽوپي کڻي
سندس مٿي تي رکيائين ته مهاڻو جهٽ گارين گندن کان
خاموش ٿي ويو ۽ اُتي جو اُتي قرآن ۽ حديث جو واعظ
شروع ڪري ڏنائين. ’مقالات الشعرا‘ ۾ لکيل آهي ته،
مخدوم بلال علم حديث جو وڏو عالم ۽ تفسير جو وڏو
ماهر هو ۽ پنهنجي زماني ۾ وڏي کان وڏو عالم ليکجڻ
۾ آيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن شعر به موزون فرمائيندو هو.
جيئن فرمايو اٿس:
در راه خدا از سر قدم بايد ساخت،
سرمايه اختيار خود مي بايد ساخت.
کفر است بخود نماني بردن بجهان،
از خويش برون شده سويش مي بايد ساخت.
قاضي ڏنو سيوهاڻي، شاه حسن ارغون جو استاد، علم
حديث ۾ مخدوم بلال جو شاگرد هو ۽ کانئس سند حاصل
ڪئي هئائين. ڀانئجي ٿو ته هجري ڏهين صدي جي اوائل
۾ رحلت ڪري ويو.
مخدوم اسحاق ڀٽي هالن پراڻن جو ويٺل مخدوم عبدالله
جي اولاد مان هو. سندس ٻه فرزند مخدوم احمد ۽
مخدوم محمد وڏا نامور درويش ٿي گذريا آهن.
مخدوم احمد سماع ڪرڻ وقت وجد ۾ اچي ويندو هو.
پڇاڙيءَ ۾ مخدوم احمد نيرن ڪوٽ ۾ هڪڙي سماع جي
مجلس ۾ حاضر هو، اتي هڪڙي سوناري ڇوڪري سماع وقت
اهڙو دردناڪ بيت آلاپيو، جو مخدوم صاحب ان جي اثر
ڪري حال ۾ اچي ويو ۽ سندس روح جو پکي پڃري مان
اُڏامي ويو. سندس جنازو هالن پراڻن ۾ آڻي دفن
ڪيائون. جنازي مان ساري واٽ ذڪر جو آواز پئي آيو!
هي واقعو سنه 830هه، ڄام نندي جي ڏينهن ۾ ٿي
گذريو.
مخدوم محمد، مخدوم اسحاق ڀٽيءَ جو ٻيو نمبر فرزند
هو. هي بزرگ جهڙو ظاهري علمن ۾ اڪابر هو، تهڙو
باطني علمن ۾ به هو. سدائين سائلن جي مشڪل ڪشائيءَ
لاءِ وقت جي حاڪمن وٽ ايندو ويندو هو. هڪڙي ڀيري
ڪنهن سائل جي ڪم لاءِ ٺٽي ۾ ڄام نندي وٽ آيو. ڄام
نندي چيس ته، ”مون کي اوهان جي ڀاءُ مخدوم احمد جي
زيارت ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. هن کي جيڪڏهن ڪنهن طرح
مون وٽ آڻيو ته ڏاڍي مهرباني.“ مخدوم محمد چيو ته،
”هو نڪا منهنجي پرواهه رکي ٿو، نه اوهان جي!“
انهيءَ گفتگو ۾ هئا ته مخدوم اچي اتي سهڙيو. ڄام
نندي نهايت خوشيءَ ۽ صدق سان مخدوم احمد جي دست
بوسي ڪئي ۽ جنهن ڪم لاءِ مخدوم محمد ويو هو، سو به
بروقت پورو ڪيائين.(1)
سخي ڄام ڏاتار جو مقبرو ڳوٺ کڏڙي تعلقي سنجهوري جي
نزديڪ آهي. سندس مقبري تي زبردست ساليانو ميلو
لڳندو آهي. سندس متولي به ڄام سڏبا آهن، جي وڏي
پدويءَ وارا زميندار ۽ مريدن خادمن وارا آهن.
سخي دادواهي: هتي جي شيخ دائود کي به خلافت جو
درجو مليل هو. سندس درگاه وِهري واه جي ڪناري تي
تعلقي نوشهري فيروز ۾ آهي.
خليفو وهيون: هن بزرگ جو مقبرو نصرپور ۾ آهي.
درويش سيهڙو: هي بزرگ ’سيهڙ معارفاڻي‘ جي نالي سان
مشهور آهي. سندس مقبرو ٽنڊي الهيار جي ڀرسان آهي.
شيخ ڀريو (بريه) ويرداس هڪ وجداني مجذوب ٿي گذريو
آهي، جو اصل برهمڻ هو. ماڻهن جي ميڙ کان ٽهندو هو.
آخري ڏينهن ۾ گنجي ٽڪر تي آستانو ڪيائين، جتي
ماڻهن جا هشام سندس زيارت لاءِ ويندا هئا ۽ پڇڻ
ڳاڇڻ کان سواءِ من مرادون لهندا هئا. هميسه وادين
۾ راڳ تنواريندو ويندو هو. هن درويش سنه 903هه
(1497ع) ۾ وفات ڪئي، گنجي ٽڪر جي دامن ۾ پوريل
آهي.
شيخ طاهر جنهن کي هندو اُڏيرولعل سڏين ٿا، سندس
مقبرو حيدرآباد ضلعي ۾ آهي، سندس ميلي تي هندو ۽
مسلمان وڃن ٿا.
پير پٺي جو مقبرو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي، هندو
هن کي راجا گوپي چند جو يادگار سمجهن ٿا، عالمن جو
چوڻ آهي ته شيخ سعدي رحه جو همعصر هو، ماه ربيع
الاول جي وچ ڌاري هت ميلو لڳي ٿو.
مخدوم عبدالباقي سنه 952هه ۾ استنبول کان وار
مبارڪ روهڙيءَ آندو هو. وقت جي بزرگن مان شاه حيدر
حقاني ۽ مخدوم عبدالملڪ وار مبارڪ جي زيارت ڪئي،
وار مبارڪ جي حج جي موقعي تي مسلمان زيارت ڪرڻ وڃن
ٿا. زيارتگاه جا مجاور صديقي آهن.(1)
شيخ الاسلام حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي
خليفي موسيٰ نواب جي تبليغ سان سنڌ جي هندو قومن
مان ڏهر، مهر ۽ ڌاريجن اسلام قبول ڪيو.(2)
|