سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 6

صفحو :13

باب ڇهون

 

بلوچن ۽ مغل شهنشاهَن جا تعلقات:

بابر کان وٺي شاهجهان تائين جيڪي به مغل شهنشاه ٿي گذريا، سي بلوچن سان دوستانه ۽ فياضانه نموني هلت ڪندا هئا. عرش آشياني بابر دهلي ۽ آگري فتح ڪرڻ کان پوءِ هرهڪ سپاهيءَ بلڪ دوستن ۽ عزيزن کي ايترا انعام ۽ اڪرام ڏنا هئا، جو فوجي سپاهي کيس ’قلندري‘ جي لقب سان سڏيندا هئا.(1) همايون هرهڪ بلوچ سردار کي جاگيرون عنايت ڪيون، جن جي فهرست گذريل باب ۾ ڏيئي چڪا آهيون. سنڌ ۾ مير عليڪ کان شڪست کائڻ کان پوءِ بلوچن همايون کي مرزا شاه حسن ارغون، مرزا عسڪري ۽ مرزا ڪامران جي چنبن کان بچائي، سلامتيءَ سان ايران جي سرحد تائين پهچايو هو. قنڌار فتح ڪرڻ کان پوءِ شاه محمد قلاتي بلوچ همايون پاران قنڌار تي حڪومت هلائڻ لڳو.(2) بلوچي قبائلي لشڪر جي مدد سان همايون دهلي ۽ آگري فتح ڪرڻ کان پوءِ مير چاڪر خان، رندن جي سردار ۽ ٻين بلوچي سردارن کي پاڻ سان گڏ دهليءَ جي تخت تي ويهاري، سندن عزت افزائي ڪئي هئي.(3) عبدالرحيم خان خانان به بلوچن جي مدد سان سنڌ فتح ڪئي، جنهن جي عيوض شهنشاه جلال الدين محمد اڪبر ٺٽي جي اولهندي کان وٺي ويندي بکر تائين سنڌو نديءَ جو اولهندو ڪنارو بلوچي قبيلن کي ورهائي ڏنو. مٿيون سنڌ جو حصو سرڪاري ڪاغذن ۾ بلوچي رياست شمار ٿيڻ لڳو.

WESTHAAGICKAN "THE KINGDOM OF THE BALOCHISES OF THATTA AND BAKHAR."(1)

قنڌار جو مسئلو:

سنه 1037هه (1628ع) ۾ شاه جهان جي ڏينهن ۾ بلوچن ۽ مغلن جي دوستيءَ جي فضا جو رخ بدلجڻ لڳو. ان جو مکيه سبب قنڌار جو مسئلو هو. بلوچستان جو اتر وارو حصو شال ۽ مستونگ سميت، قنڌار سرڪار جي ماتحت هو. ڪڇي ۽ سيوستان (زوب ۽ لورالائي) بکر ۽ ملتان سرڪارين جي ماتحت هئا. سنه 1522ع ۾ بابر قنڌار ارغونن کان هٿ ڪيو هو. همايون شاه طهماسپ صفويءَ کي هي شهر موٽائي ڏنو هو. تنهن کان پوءِ سلطان حسين جي پٽن جي بغاوت ڪري، اڪبر اعظم مٿس قبضو ڪيو هو ۽ سنه 1606ع ۾ اڪبر جي مرڻ تائين قنڌار مغلن جي هٿ هيٺ رهيو.(2)

سنه 1623ع ۾ شاه عباس اعظم صفويءَ جهانگير جي ڏينهن ۾ مغليه نواب عبدالعزيز خان نقشبنديءَ کان قنڌار کسي ورتو. سنه 1027هه (1628ع) ۾ شاهجهان ٻه گهمرا قنڌار هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجن پٽن دارا شڪوه ۽ اورنگزيب جي اڳواڻيءَ هيٺ قنڌار تي فوج ڪشي ڪئي. مغليه لشڪر سخي سرور دري کان لنگهيو هو. ٻئي گهمرا بلوچن ڪاريزون ڀڃي ڇڏيون، جنهن ڪري رستا پاڻيءَ سان ڀرجي ويا. ان کان سواءِ مغليه فوجن جي سامان کي به لٽيائون. سنه 1649ع ۾ شاهجهان ملتان، بکر، سيوهڻ، ٺٽي ۽ سيويءَ مٿان اورنگزيب کي نواب مقرر ڪيو. اڳ جڏهن مغل شهنشاه لاهور ۾ درٻار ڪندا هئا، تڏهن بلوچ سردار لاهور ۾ شهنشاهَن کي نذرانا پيش ڪري، خلعتون وٺندا هئا. اورنگزيب ملتان جي نوابيءَ جي زماني ۾ نئون حڪم جاري ڪيو ته سمورا بلوچ سردار ملتان حاضر ٿي پيش پون. اهڙي حڪم کي بلوچ سردار پاڻ لاءِ بي عزتي سمجهڻ لڳا.(1)

مير عالم خان نوحاڻيءَ جي بغاوت:

ڪڇيءَ جي بلوچ سردارن مان مير عالم خان نوحاڻيءَ استقلال جي جهنڊي کي بلند ڪيو. ديره جات جي مرراڻين ۽ بکر کان وٺي ليئها تائين بلوچي رياست جنهن جو تختگاه منڪاره هو، تن سڀني شهزادي اورنگزيب جي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو، ليڪن شاه جهان جي حڪم پهچڻ کان پوءِ سڀني سردارن ملتان ۾ اچي نذرانا پيش ڪيا. اورنگزيب جي مرضي هئي ته ڪيئن به ڪري مير عالم خان نوحاڻيءَ جو زور ڀڃي. مٿينءَ پاليسيءَ جي ماتحت هو ٻين بلوچ سردارن کي دم دلاسا ڏيڻ لڳو، مگر فسادن جي باه ٺٽي تائين پکڙجي ويئي.(1)

ڪڪرالي جي نومڙين ۽ کيرٿر جي جوکين به فساد ۾ حصو ورتو. ساڻن گڏ لاڙ ۽ مڪران جي رهندڙ جدغال قومن به لٽ مار ڪرڻ جي ارادي سان فسادين سان شرڪت ڪئي، جنهن ڪري ٺٽو خطري ۾ پئجي ويو. اورنگزيب پنهنجن سپه سالارن مان ملڪ حسين ابدالي جي اڳواڻيءَ هيٺ وڏو لشڪر توبخاني سميت فسادين جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو. مير عالم خان نوحاڻيءَ شڪست کاڌي، سندس رياست جو خاتمو ٿيو.(2) ڪڇيءَ مان واندو ٿي، ملڪ حسين ابدالي ٻيڙين تي مضبوط توبخانو ۽ لشڪر وٺي، مهراڻ رستي سنڌ ۾ وارد ٿيو. نومڙين جي ٻن سردارن، ڄام هارون ۽ ڄام خطرتال ۽ جوکين جي سردار ڄام مريد خان آڻ مڃي. نومڙين ۽ جوکين لاءِ مڪران ڏانهن وڃڻ بند ٿي ويو.(3)

ملڪ حسين ابدالي لاهري بندر ۾ ڇانوڻي وجهي نومڙين ۽ جوکين جو انتظار ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته نومڙين جو هڪڙو سردار، ڄام مدو، ڏکڻ افغانستان جي جبلن کان نڪري لس ٻيلي تائين ڪاهي آيو هو. ملڪ حسين هڪڙيءَ رات اوچتو مٿس حملو ڪري، سندس خاتمو ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ ڪڪرالي جو هندو راڻو ڄام سهتو هالو، جنهن اڳ نومڙين ۽ جوکين جو طرف ورتو هو، تنهن تي اورنگزيب جي حڪم موجب ڪڇ جي راءِ حملو ڪيو، جنهن ڪري ڄام سهتي هالي مجبور ٿي، ملتان وڃي، روبرو اورنگزيب کان معافي وٺي، پنهنجي جند ڇڏائي. مٿين فسادن ۾ نومڙين، جوکين ۽ هوتن کي گهڻون نقصان پهتو، پر جوکين جو ڪڪرالي جي هندو ڄام سان دائمي وير پئجي ويو ۽ ان جو خاتمو تڏهن ٿيو، جڏهن جوکين ڪڪرالي جي هندو رياست جو هميشه لاءِ خاتمو ڪري ڇڏيو. ملڪ حسين ابدالي، فسادين کي مات ڪرڻ کان پوءِ لاهري بندر جي حفاظت لاءِ قلعو تعمير ڪرائي مٿس توبون رکائي، لشڪر جو انتظام ڪري، پوءِ ملتان ڏانهن موٽيو. بلوچن ۽ سنڌ جي شڪست جي خوشي ملهائڻ لاءِ دهليءَ جي قلعي معليٰ تي ٽن ڏينهن تائين نوبتون وڄڻ لڳيون.

مغلن جي قنڌار تي ٻي ڪاهه:

سنه 1652ع ۾ شاهه جهان ٻيون گهمرو قنڌار تي 56 هزار لشڪر، اورنگزيب جي اڳواڻيءَ هيٺ روانو ڪيو. بلوچن کي ٺارڻ لاءِ مغلن جا ايجنٽ بلوچ سردارن کي نقد ناڻو ڏيئي، اُٺ خريد ڪرڻ لڳا. ٻئي پاسي نواب سعدالله خان ڪابل کان لشڪر وٺي غزني پهتو. شهزادو اورنگزيب، ٿل ۽ چوٽيالي کان ٿيندو، خوجڪ لڪُ ٽپي، قنڌار پهتو. قنڌار انهن ڏينهن ۾ وچ ايشيا ۽ هندستان واري شاهراه تي وڏي واپار جو مرڪز هو. ساليانو 14 هزار اُٺ، مال سان ڀريل قنڌار ۽ چوٽيالي واري رستي کان لنگهندا هئا، ڇاڪاڻ جو سمنڊ جو رستو فرنگين جي آمد ڪري بند هو. مٿيون واپار افغان واپاري، بلوچي قافلن جي ذريعي ڪندا هئا. هن دفعي وري مغليه لشڪر شڪست کاڌي. سنه 1648ع ۾ هندستان جي سالياني اُپت جملي 22 ڪروڙ رپيا هئي. قنڌار جي ٻن جنگين ۾ مغل شهنشاهت جو 12 ڪروڙ رپيا خرچ لڳو هو.

دارا شڪوه جو سنڌ ۾ اچڻ:

شاهه جهان کي چار پٽ هئا: دارا، اورنگزيب، مراد ۽ شجاع. شاه جهان جي جيئري، دارا ڪابل، لاهور، ملتان، سنڌ ۽ بلوچستان مٿان حاڪم هو، اورنگزيب دکن تي، مراد گجرات تي ۽ شجاع بنگال تي حڪومت ڪندو هئا. وليعهد دارا هو، جنهن سان شاه جهان جي نهايت محبت هئي. 29 مئي سنه 1658ع ۾ سموڳڙه جي هولناڪ جنگ ۾ محمد دارا شڪوه پنهنجي ڀاءُ اورنگزيب کان شڪست کائي، خزانن ۽ توبخاني سميت همايون وانگر ڀائرن جي نااتفاقيءَ ڪري بکر جي قلعي ۾ پهتو.(1)

اورنگزيب پيءُ کي آگري جي قلعي ۾ نظربند ڪري، تخت هٿ ڪيو. دارا همايون وانگر تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ گجرات کان ٿيندو اجمير پهتو ۽ شڪست کائي ڪڇ جو رڻ ٽپي، نصرپور، هالا ۽ سيوهڻ کان ٿيندو، ايران ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيائين. چانڊڪي پرڳڻي مان لنگهندي چانڊين سندس قافلي کي لٽيو. هن سفر ۾ سندس بيگم نادره به ساڻ هئي، جا سلطان پرويز جي ڌيءُ هئي. سندس ننڍو پٽ شهزادو سپهر شڪوه به ساڻس همراه هو. جهل وٽ پهچڻ وقت مگسين جي سردار مرزا خان معزول شهزادي کي پناهه ڏني. نادره بيگم ان وقت بيمار هئي، سا ايران وڃڻ جي خلاف هئي. دارا وٽ فقط 3 سؤ غلام ۽ 4 خچر اشرفين سان ڀيل هئا. ٻيو سمورو سامان بکر جي قلعي ۾ ڇڏي آيو هو.(2)

اورنگزيب لاهور کان دارا جي گرفتاريءَ لاءِ مير بابا کي روانو ڪيو هو. بولان جي دري جي منهن وٽ ڍاڍر جو حاڪم ملڪ جيوڻ باروزي (پني) افغان هو، جنهن کي اڳ ڪنهن ڏوهه ۾ شاه جهان موت جي سزا ڏني هئي، مگر شهزادي دارا جي سفارش سان سندس جان بچي هئي. ملڪ جيوڻ شهزادي کي پناه ڏني، ليڪن اشرفين سان خچر ڀريل ڏسي سندس نيت ۾ خلل پئجي ويو. نادره بيگم جا بيمار هئي، تنهن هت انتقال ڪيو. سندس جنازي کي، شهزاديءَ جي وصيت موجب، خواجه مقال ۽ گل محمد بلوچ حفاظت سان لاهور ۾ کڻي وڃي دفنايو.

هڪ رات ملڪ جيوڻ وجهه ڏسي دارا کي سندس پٽ سميت گرفتار ڪري مير بابا جي حوالي ڪيو، جو ان وقت بکر ۾ هو. ملڪ جيوڻ به انعام جي لالچ تي قيدين جي قافلي سان دهليءَ پهتو. اورنگزيب دارا کي قتل ڪرائي همايون جي مقبري ۾ دفنايو ۽ سندس پٽ کي گواليار جي قلعي ۾ قيد رکيو، جو مغلن جي ڏينهن ۾ شاهي قيدخانو هو. اورنگزيب ملڪ جيوڻ کي بختيار خان جو سکڻو لقب ڏيئي روانو ڪيو. هو ڪڇيءَ جي ميدان مان لنگهندي بلوچن هٿان مارجي ويو.(1) چونٿا ته، جڏهن ملڪ جيوڻ دهليءَ ۾ پهتو هو، تڏهن اورنگزيب جي هڪڙي فوجي عملدار هيبت خان بلوچ جي تحريڪ سان دهليءَ جي ماڻهن مٿس پٿر اُڇلايا هئا.

بلوچن جو مغلن خلاف ٻيو گهمرو فساد:

بلوچستان وقت بوقت مغلن ۽ صفوين جي ماتحت رهيو. سنه 1590ع ۾ بلوچستان اڪبر اعظم مڪران تائين فتح ڪيو ۽ سنه 1637ع تائين دهليءَ جي ماتحت رهيو. پوءِ صفوين وري مٿس قبضو ڪيو. سنه 1648ع ۾ ٻيهر دهليءَ جي ماتحت ٿي ويو.(1) قلات تي جيڪي مغليه نواب حڪومت ڪندا هئا، سي براهوئين تي سختيون ڪندا هئا. آخوند محمد صديق لکي ٿو ته ظلم مغلن جي خصلت هئي.(2) براهوئين مان ميرواڙي پهريان براهوئي هئا، جن سمن جي صاحبيءَ جي زماني ۾ بلوچستان جي جدغالن کي شڪست ڏيئي، براهوئي ’گڏيل راڄ‘ جو بنياد وڌو هو. قلات جا قنبراڻي به انهن ميرواڙين جي شاخ هئا. براهوئين مغلن سان جيڪو عهدنامو ڪيو هو، ان موجب کين قلات جي درٻار ۾ مغليه نواب سان ملاقات ڪرڻ وقت هٿيارن کڻي اچڻ جي سخت منع هئي.(3) ليڪن مغلن جي ظلمن کان تنگ ٿي دهوار (دهدار) قوم، ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جو مصمم ارادو ڪيو.(4)

دهوار اَٽي جون خشڪ ۽ ٿلهيون مانيون پچائي ڳنڍ ۾ ٻڌي درٻار ۾ آيا ۽ مغليه نواب آغا جعفر بيگ تي، ساڻس ملاقات ڪرڻ وقت، ڍوڍن جو اهڙو وسڪارو مچائي ڏنائون، جو کيس ماري پوءِ دم پٽيائون. پوءِ مير قنبر جي اولاد مان مير ابراهيم جي پوٽي، مير حسن کي قلات جي گادي تي ويهاريائون. دهوار اڄ تائين ڊوڊڪي يعني ڍوڍن وارا سڏجن ٿا. سنه 1069هه (1659ع) ۾ اورنگزيب عالمگير پهرئين جي لقب سان دهليءَ تي تخت تي ويٺو. سندس سمورو وقت دکن ۾ مرهٽن سان جنگ ڪندي گذريو. سنڌ جا ڪلمتي، ڪڪرالي (گهوڙا ٻاري)، لاهري بندر ۽ اورنگا آباد ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا.(1)

قلات تي احمد زئين جو قبلو:

قلات جي احمد زئي خاندان وارن مان مير احمد خان سنه 1666ع ۾ پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. احمد زئي خانن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:

1. مير قنبر

17. مير احمد پهريون (1666ع)

2. مير زهرا

18. مير محراب خان پهريون (1695ع)

3. مير زرڪ

19. مير سمندر خان (1698ع)

4. مير ابراهيم

20. مير احمد خان ٻيون (1713ع)

5. مير گهرام

21. مير عبدالله خان (1716ع9

6. مير حسن

22. مير محبت خان (1730ع)

7. مير سنجر

23. مير محمد نصير خان پهريون (1750ع)

8. مير ملوڪ

24. مير محمود خان پهريون (1793ع)

9. مير قنبر (ٻيون)

25. مير محراب خان ٻيون (1816ع)

10. مير احمد

26. مير شاهنواز خان (1839ع)

11. مير سورو

27. مير نصير خان ٻيون (1840ع)

12. مير قنبر (ٽيون)

28. مير سر خداداد خان (1857ع)

13. مير احمد

29. مير سر محمود خان ٻيون (1893ع)

14. مير التاز

30. مير سر محمد اعظم جان (1931ع)

15. مير ڪيچي

31. مير سر احمد يار خان (1933ع)

16. مير التاز (ٻيون)

 

ڪلهوڙن جو آغاز:

ڪلهوڙا پنهنجو نسب حضرت عباس رضه حضور پاڪ جي چاچي کان ڇڪين ٿا. سندن ڏاڏو ميان اوڍاڻو خدا پرست هو، پهريائين مڪران ۾ پيري مريديءَ جي سلسلي کي شروع ڪيو هئائين، پوءِ سندس اولاد سنڌ ۾ رهيو. ميان اوڍاڻي جو پوٽو چنيه (جونيا)، ڀائرن جي نااتفاقيءَ ڪري، پنهنجن مريدن سميت مڪران کان نڪري، کنڀات ۾ سڪونت اختيار ڪري، اوڍيجا قوم ۾ رهڻ لڳو. هن ڏيپلي تعلقي جي ڪانگڙي جي زميندار پلال سمي جي ڌيءُ دهرا سان شادي ڪئي، جنهن جي بطن مان کيس محمد نالي پٽ ڄائو، جو ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جو ڏاڏو شمار ٿئي ٿو. چنيه بن بهليل بن ٿل بن ميان اوڍاڻي سنڌ جي ستن راڻن جي ڌيئرن سان شاديون ڪيون هيون. پوءِ روهڙي تعلقي جي پريالو  ڳوٺ وٽ چنيه ٻيلي ۾ ڪجهه وقت رهيو هو. سنه 1220ع ۾ کنڀات جي سانڪره ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين، جت دفنايو ويو. ٿل قاهره ٻيلي (لس ٻيلي) جي گوجر قوم کي شڪست ڏيئي، لس ٻيلي تي قبضو ڪيو هو.(1)  عيسوي 13 صديءَ تائين ڪلهوڙن جو فقط ايترو بيان ’تحفة الڪرام‘ مان ملي سگهي ٿو.

محمد بن چنيه بن بهليل بن ٿل بن ميان اوڍاڻي جي نائين پيڙهيءَ مان، ميان آدم شاه بکري لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جي هٽڙي ڳوٺ ۾ سڪونت اختيار ڪري، مهدوي فرقي جي تبليغ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته ميان صاحب شيخ الياس لنڪراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئيءَ جي ٻن واسطن سان سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد هو. هٽڙي ڳوٺ ۾ کٻڙ نالي ابڙو پنهنجي قبيلي سميت سندس مريد ٿيو.(2) ميان آدم شاه پنهنجي وقت جو سنڌ ۾ وڏو درويش ٿي گذريو. ملتان جي سهروردي مشائخن سان سندس دوستانه رستو هو. انهن ڏينهن ۾ مرزا عبدالرحيم خان خانان ٺٽي تي ڪاهيندو ٿي ويو، ڏس ملڻ تي ميان آدم شاه کان دعا گهرڻ آيو. ان موقعي تي کٻڙ ابڙي وجهه ڏسي فقيرن جي خرچ لاءِ مرزا کان چانڊڪي جهڙي پرڳڻي جي گهر ڪئي.(1)

مرزا خان خانان سندس عرض قبول ڪيو. چانڊڪي جهڙي زرخيز علائقي ملڻ کان پوءِ ميان جا مريد زور وٺندا ويا ۽ آس پاس جي زميندارن کي هيسائڻ لڳا. حقيقت ۾ مهدوي تحريڪ کان وقت جا حاڪم خوفزده هئا، ان ڪري ميران مهديءَ جي مريدن کي دکن ۽ دهليءَ کان وٺي افغانستان تائين وقت جي حاڪمن سخت تڪليفون ڏنيون. آخر چانڊڪي پرڳڻي جي زميندارن ميان جي خلاف ملتان جي حاڪم کي شڪايتون ڪيون، جنهن تي مغليه سپاهي ميان کي قيد ڪري ملتان وٺي ويا، جتي قيد جي حالت ۾ ملتان جو ڪوٽوال آقا شاه محمد سندس مريد ٿيو. ميان قيد ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت موجب مريدن سندس جنازي کي سکر جي لڳ اولهندي وارين ٽڪرين مان هڪڙيءَ مٿان دفنايو، جا اڄ تائين آدم شاه جي ٽڪري سڏجي ٿي.(2) ۽ عام زيارتگاه آهي. ميان آدم شاه جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان دائود پيءُ جي گادي وسائي، پر ڪو خاص ڪارنامو کانئس صادر نه ٿيو، جو تاريخ جي بيان جي قابل هجي، مگر ميان دائود جي پٽ ميان الياس مريدن ۾ گهڻو واڌارو ڪيو ۽ زور وٺڻ لڳو، مگر ستت وفات ڪيائين، سندس مقبرو ڏوڪري تعلقي ۾ انڙ آباد ويجهو زيارتگاه آهي.


 

 

 

 

ميان شاهل محمد:

ميان الياس کان پوءِ ميان شاهل محمد بن دائود بن آدم شاه پيري مريديءَ جي مسند تي ويٺو. سندس ايامڪاريءَ ۾ سندن زمينداريءَ ۽ مريدن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ميان صاحب گهاڙ واهه کوٽارايو. ابڙا مريد، جن جون گهاڙ واهه جي ٻنهي ڪپن تي زمينون هيون، تن تي ميان شاهل محمد قبضو ڪري، اهي پنهنجن مائٽن کي ورهائي ڏنيون، جنهن تي ابڙن جو وڏيرو جلال خان بکر جي مغل نواب وٽ دانهن کڻي ويو. آخر مغلن جي لشڪر سان گڏجي ابڙن ميان سان جنگ جوٽي، جنهن ۾ ميان صاحب شهيد ٿي ويو ۽ قنبر (قمبر) جي اوريان گهاڙ جي ڪپ تي کيس دفنايو ويو.

ميان نصير محمد:

سنه 1068هه (1657ع) ۾ ميان نصير محمد ولد ميان الياس وڏن جي گادي وسائي. سندس ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جي فقيريءَ جو غلغلو اڳئين کان وڌيڪ ٿيو، جنهن ڪري آسپاس جا زميندار ساڻس وڙهڻ لڳا: بلڪ بکر کان مغليه لشڪر جو وڏو ڪٽڪ وٺي مٿس ڪاهي آيا. ميان صاحب راتو رات گهڻن مريدن سميت ريگستان ڏانهن ڀڄي ويو، پر پوءِ گذران لاءِ تنگ ٿي، دادو تعلقي جي پنهورن جي ڳوٺ ڏانهن موٽي آيو. فقيرن جي خوف کان پنهورن بکر جي نواب کان مدد گهري، جنهن سيويءَ جي حاڪم مير خان کي لشڪر جو اڳواڻ ڪري مڪو. مير خان شڪست سان ميان سان صلح ڪري پنهنجي چاچي سان گڏ ميان کي عالمگير جي درٻار ڏي ڏياري مڪو.

مير خان ۽ سندس چاچي محبت جي حرفت ۽ حڪمت عمليءَ ڪري ميان صاحب ڪو وقت عالمگير قيد مان چوريءَ سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو. سندس مريد جي سندس غير حاضريءَ ۾ گهڻو تنگ ٿيا هئا، سي وٽس اچي گڏ ٿيا. پوءِ هو پنهورن جي ڳوٺ ۾ نئون ڳوٺ ٻڌي ويٺا. ميان نصير محمد پير کوڙڻ کان پوءِ چانڊڪي پرڳڻي واريءَ جاگير ۾ آبادي وڌائڻ لڳو. ان وچ ۾ بکر جي نواب مير يعقوب کي ميان صاحب هڪڙيءَ جنگ ۾ ڏاڍي شڪست ڏني. پوءِ ميان نصير محمد اهڙو زور ورتو، جو ساهتي پرڳڻي تي قبضو ڪري، هن سيوهڻ جهڙو زرخيز پرڳڻو ٺيڪي تي کنيو. سندن فقيرن مان فيروز نالي هڪڙي فقير ساهتي پرڳڻي ۾ نوشهره فيروز جو شهر تعمير ڪرايو. ميان نصير محمد، 25 سالن جي عرصي ۾ فقيرن جي هڪڙي قسم جي حڪومت کڙي ڪري، سنه 1103هه (1696ع) ۾ وفات ڪري ويو. سندس مقبرو جوهي تعلقي ۾ آهي.(1)

دائودپوٽا:

دائودپوٽا چنيه (جونيا) جي فرزند ميان محمد جو اولاد آهن ۽ ڪلهوڙن وانگي پاڻ کي عباسي سڏائين ٿا. منجهانئن دائود بهادر ٿي گذريو آهي. هن جهانگير جي زماني ۾ مهر قوم کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ جتوئين کي شڪست ڏيئي، لکيءَ جو ڳوٺ تعمير ڪرايو. لکي ۽ خانپور وارو جهنگ دائودپوٽن جو شڪارگاه هو. منجهانئن بهادر دائودپوٽي، پير سلطان شاه جي فرمائش موجب، سنه 1026هه (1617ع) ۾ شڪارپور جو شهر ٻڌو، جنهن بولان لَڪَ واري رستي تي هئڻ سبب، ستت واپار ۾ ترقي ڪئي. دائودپوٽن ٿورو وقت حڪومت ڪئي، جيئن ته سنه 1740ع ۾ نادر شاه افشار جي ايران موٽي وڃڻ وقت صادق محمد ۽ سندس پٽ نادري سپه سالار طهماسپ هٿان مارجي ويا. محمد صادق جي پٽن مان بهاول خان سنه 1749ع ۾ سنڌو نديءَ جي اوڀرندي ڪپ تي بهاولپور جو شهر تعمير ڪرايو، جو اڄ تائين عباسين جو يادگار آهي.(1)

ٽالپر:

سنڌي جي عام تاريخن ۾ توڙي انگريزي تاريخن ۾ ٽالپرن جو بيان هڪ ته مختصر ڏنل آهي، ٻيو جيڪو ڏنل آهي سو ڪلهوڙن جي زماني کان ڏنل آهي، فقط ايترو ڏيکاريل آهي ته ٽالپر سنڌ جي اتر وارين ٽڪرين کان سنڌ ۾ وارد ٿيا. مؤرخن جيئن ٻين بلوچ قبائل جي تاريخ کي نظر انداز ڪيو آهي، تيئن ٽالپرن متعلق جيڪي بيان ڏنا آهن، سي به قياسي آهن. ڪرنل جيمس ٽاڊ پنهنجي ’تاريخ راجسٿان‘ جلد-2 ۾ لکي ٿو ته، ’ٽالپر‘ سنسڪرت لفظ ’تالمر‘ مان نڪتل آهي. ’تال‘ (تر) معنيٰ کجيءَ جو وڻ ۽ ’مر‘ معنيٰ مير. سندن وطن ’تدمر‘ ڏيکاري ٿو، جنهن تي يوناني جاگرافي دانن ’پاميريا‘ نالو رکيو هو.(1) پوئين ٽالپر فرمانروا، مير نصير خان، ٽالپرن متعلق انگريزن کي جيڪو بيان ڏنو هو، سو هن ريت آهي:

”اسين ٽالپر ايراني بلوچن مان ڪونه آهيون، بلڪ عرب آهيون، اسان جو نسب امير حمزي بن عبدالمطلب کان شروع ٿئي ٿو. بعض حمزي کي حضرت علي رضه جو پٽ سمجهن ٿا. اسين حجاج بن يوسف جي زماني ۾ ڪيچ مڪران ۾ وارد ٿياسون … الخ“(2)

افسوس جو مير صاحب جي بيان مان ڪنهن نئين تحقيقات جو ٽالپرن متعلق انڪشاف پئجي نٿو سگهي. حقيقت ۾ ان قسم جي قومي روايتن مؤرخن کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن قوم وٽ اوائلي لکيل تاريخ ڪانهي، تنهن جي نئين سر تاريخ لکڻ وقت، قومي روايتن تان روشني وٺڻ ۾ مؤرخ حق بجانب آهن.

ٽالپر لفظ جي معنيٰ:

ياد رهي ته ٽالپر پنهنجي صحرائي پيشي ڪري، مٿئين نالي سان سڏجن ٿا. اهڙيءَ طرح ڪجهه ٻيا به بلوچي قبيلا پنهنجي صحرائي زندگيءَ جي ماحول موجب جدا جدا نالن سان سڏجن ٿا. ’ٽالپر‘ ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ’ٽال‘ معنيٰ وڻ جي شاخ ۽ ’بر‘ معنيٰ وڍڻ. يعني ’ٽالپر‘ معنيٰ ڪاٺير، جيئن بزدار معنيٰ ٻڪرار، گؤڦانگ معنيٰ ڳنوار، وغيره. ڪي بلوچي قبيلا پنهنجي مورث اعليٰ جي نالي تي سڏجن ٿا، مثلا، رستماڻي، رستم خان جو اولاد، بجراڻي بجر جو اولاد، نظاماڻي نظام خان جو اولاد، وغيره وغيره. ڪي قبيلا پنهنجي وطن جي نالي تي سڏجن ٿا: مثلا، بگٽي بگ جي قلعي جا رهاڪو، مگسي مگس جي قلعي جا رهاڪو، ڊومبڪي ڊومبڪ نديءَ وارا، بليدي وادي بليدا جا رهاڪو وغيره وغيره.(1)

ٽالپرن جي ڪڇيءَ کان هجرت:

عيسوي 15 صديءَ ڌاري، مير جلال خان جا پٽ ڪيچ مڪران پنهنجي ننڍي ڀاءُ هوت کي سپرد ڪري، ڪڇيءَ جي ميدان ۾ بيٺڪون جوڙي ويٺا. ان کان پوءِ، ستت سندن ٻن مشهور قبيلن رند ۽ لاشار جي ٽيهن ورهين واري ويڙهه شروع ٿي، جنهن ۾ ايام جاهليت جي عربن وانگر، سڀني بلوچي قبيلن حصو ورتو هو. ان جنگ ۾ ٽالپرن جي سردارن مير عبدالرحمان خان عرف هلهير خان، مير چاڪر خان رند جو طرف ورتو هو. ارغونن کان شڪست کائڻ کان پوءِ مير چاڪر خان رند همايون کي مدد ڏيڻ جي ارادي سان، بلوچ سردارن سميت لاهور ڏانهن روانو ٿيو. مير چاڪر خان جي لشڪر ۾ مير هيبت خان بليدي ۽ مير عبدالرحمان خان جا نالا قابل ذڪر آهن. لاهور ڏانهن ويندي، مير عبدالرحمان خان سخي سرور جي دري وٽ وفات ڪئي. کيس چوڏهن پٽ هئا.سندس وڏو پٽ تبريز خان لاشاري اميرزاده مير ابوبڪر خان سان گڏ گجرات جي شهر پالنپور (ڦولپور) ڏانهن هجرت ڪري ويو.

دهلي ۽ آگري فتح ڪرڻ کان پوءِ همايون جيئن ٻين بلوچي سردارن کي جاگيرون عنايت ڪيون، تيئن ٽالپرن کي دوآبه سنڌ ساگر ۾ جاگير ڏني. سندن صدر شهري ماڙي هو، جو هينئر ’ماڙي انڊس‘ سڏجي ٿو. جن جن بلوچن سليمان جبل جي پريان، يا ديره جات علائقي يا سنڌ جي اتر وارين ٽڪرين ۾ بيٺڪون وڌيون هيون، اهي گهڻو وقت پاڻ ۾ لڙندا رهيا. ٽالپر پهرين گورچاڻين سان لڙندا رهيا، وري جڏهن چانڊين مزارچه جي مزارين ۽ جهل جي مگسين سان جنگ شروع ڪئي، تڏهن ٽالپرن مزارين ۽ مگسين جو طرف ورتو. مٿين ويڙهه جي ڪري ٽالپر سنڌ ساگر واري جاگير کي ڇڏي مزارچه ۾ رهڻ لڳا.

مزارچه جو علائقو ڊيگهه ۾ چاليهه ميل ۽ ويڪر ۾ ويهه ميل آهي. سندس اوڀرندي ۾ سنڌو ندي، ڏکڻ ۾ اپر سنڌ، اتر ۾ ڦيتڪ درو ۽ اولهندي ۾ سليمان جبل جون شاخون آهن. هن علائقي جي هاڻوڪي گاديءَ جو هنڌ روجهاڻ اڳ ناهرن جو هو، جن کان مزارين کسيو هو. قبائلي جنگين ۾ مزارين ٽالپرن جي مدد سان چانڊين، بگٽين مرين ۽ دريشڪن کي شڪستون ڏنيون هيون. بلڪ مير چاڪر خان ٽالپرن جي مدد سان دودائي مرراڻين کي شڪست ڏني هئي.

 

 

 

 

 

ميان دين محمد:

ميان دين محمد ولد ميان نصير محمد جي ڏينهن ۾، ڪلهوڙا فقير ’سرائي‘ جي لقب سان سڏجڻ لڳا ۽ گهڻو زور ٿيا. پنهور جي هڪڙي شهر فتحپور تي سرائين قبضو ڪري ورتو، جنهن ڪري پنهور دهليءَ ڏانهن دانهن کڻي ويا، جتان هڪڙو امير، شيخ جهان، سرڪاري حڪم سان سنڌ تي ڪاهي آيو. ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ شيخ جهان مارجي ويو ۽ سرائين جي سوڀ ٿي. بکر جي نواب، الله يار خان، سرائين جي وڌندڙ طاقت کي ڏسي قنبر خان بروهيءَ جي فوج ساڻ وٺي مٿن ڪاهي ويو، پر ٿوري لڙائيءَ کان پوءِ طرفين جو پاڻ ۾ صلح ٿيو.

شهزادو معزالدين جو ان وقت ملتان جو حاڪم هو، ميان دين محمد جي زور ڀڃڻ لاءِ پنهنجي سر سنڌ تي ڪاهي آيو.(1) ميان دين محمد شهزادي جي آمد جو ٻڌي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ ميان مير محمد کي استقبال لاءِ بکر موڪليو ۽ شهزادي جي اطاعت قبول ڪري کيس راضي ڪيو. شهزادو اتان ئي پوئتي موٽي ويو، مگر سرائي دين محمد جو هڪڙو فسادي مريد، مقصودو، ميان جي مرضيءَ جي خلاف ماٿيلي کي ڦريندي وڃي اچ تائين پهتو. هن ڳالهه تي شهزادي کي گهڻو غصو آيو. ملتان ڏانهن ويندي کڻي موٽ کاڌائين، سيويءَ جي حاڪم بختيار خان پني، شهزادي جي فوجن جي مدد ڪئي.(1) معزالدين شڪارپور تي قبضو ڪيو ۽ ميان دين محمد خوف کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو.

شهزادي سرائين جي سموري پرڳڻي کي ويران ڪري ڇڏيو ۽ اٽڪل 6 مهينا سنڌ ۾ رهيل هو. ميان دين محمد ٻي واهه نه ڏسي لاچار ٿي سيوهڻ ۾ اچي پيش پيو. شهزادو سرائي کي پاڻ سان وٺي ملتان ڏانهن موٽيو. موٽندي بلوچن سندس حرم تي حملو ڪيو، پر دائودپوٽن جي مدد سان شهزادي جي حرم جو بچاءُ ٿي ويو. مٿينءَ خدمت جي عيوض شهزادي شڪارپور ۽ ڀر وارن پرڳڻن جي سند دائودپوٽن کي لکي ڏني. ملتان پهچڻ کان پوءِ شهزادي سنه 1111ع (1700ع) ۾ سرائي دين محمد کي مارائي ڇڏيو.(2)

قلات جي مدد سان ڪلهوڙن جو زور وٺڻ:

بلوچ ۽ براهوئي، مغلن جا دشمن هئا. اورنگزيب هينئر پيرسن هو. مغل شهنشاهت توڙي ايران جي صفويه خاندان وارن جي اقبال جو آفتاب هينئر نصف النهار کان لنگهي چڪو هو. سيويءَ جا باروزئي حاڪم مغلن جا مدد گار هئا ۽ ضرورت وقت مغليه لشڪر جي مدد ڪندا هئا. قلات جي خان احمد خان پهرين باروزئين سان سورهن دفعا جنگ جوٽي هئي. پورئين جنگ شيخ ڪٽنبي جي ڳوٺ وٽ لڳي هئي، جنهن ۾ معزالدين باروزئين کي مدد ڏني هئي ۽ ان ڪري مير احمد خان شڪست کاڌي هئي. سراوان، جهالاوان ۽ خاران جا علائقا قلات جي براهوئي گڏيل حڪومت ۾ شامل ٿي چڪا هئا. فقط مڪران تي گچڪي ملڪن جي حڪومت هئي، جن بليدي ميرن کان مڪران فتح ڪيو هو.(1) سنه 1696ع ۾ مير احمد خان وفات ڪئي، سندس گاديءَ تي مير محراب خان پهريون ويٺو. ميان دين محمد جي گرفتاريءَ کان پوءِ ميان يار محمد قلات ۾ پناه ورتي. ڪلهوڙن جي جاگير تي بختيار خان قبضو ڄمائي ورتو.

ميان يار محمد ٻن سالن جي غير حاضريءَ کان پوءِ مير التاز خان براهوئيءَ جي فوج وٺي سنڌ ۾ وارد ٿيو. سندس خانداني مريدن مان فقير راڄو ليکي وڏي جماعت سان اچي سرائيءَ سان گڏيو. قلات جي براهوئي لشڪر جي مدد سان ميان يار محمد منڇر کان وٺي دادوءَ تائين پنهورن جي پرڳڻي تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ چانڊڪي پرڳڻي مان باروزئي افغانن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو. بختيار خان شهزادي معزالدين وٽ ملتان ڏي دانهن کڻي ويو. شهزادي جي اچڻ جو ٻڌي ميان يار محمد پنهنجا ٻه پٽ نور محمد ۽ محمد دائود قلات ڏانهن روانا ڪيا. معزالدين ۽ باروزئين گڏجي پهريائين مير محراب خان سان جنگ ڪئي. سنه 1698ع ۾ محراب خان مغليه لشڪر سان وڙهندي شهيد ٿيو.(1)

سيويءَ کان موٽندي بختيار خان جي نيت بدليل ڏسي، شهزادي هن کي مارائي ڇڏيو. ميان يار محمد درٻيلي ۾ اچي شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. کيس عالمگيري درٻار مان ’خدايار‘ خان جو لقب مليو. ڪلهوڙا فقيريءَ مان بدلجي امير بڻجي ويا. ڪڇيءَ جو علائقو سيويءَ تائين به شهزادي سرائيءَ جي حوالي ڪيو.(1) سمن کان پوءِ ڪلهوڙا پهرين سنڌي قوم هئي، جنهن جي سردار ميان يار محمد کي سنه 1701ع ۾ مغليه درٻار کان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لاءِ پروانو مليو. هي ڪلهوڙن جي ڪاميابيءَ جو پهريون دؤر هو، ڪلهوڙن حاڪمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

ميان يار محمد خان (1112هه: 1700ع-1131هه: 1718ع)

(خدا يار خان)

2. ميان نور محمد خان (1131هه: 1718ع-1128هه: 1755ع)

(شاهنواز خان)

3. ميان محمد مرادياب (1168هه: 1755ع-1170هه: 1757ع)

خان (سربلند خان)

4. ميان محمد عطر خان (1170هه: 1757ع-1175هه: 1762ع)

5. ميان غلام شاه خان (1175هه: 1762ع-1186هه: 1772ع)

(شمس الدولت)

6. ميان محمد سرفراز خان (1168هه: 1772ع-1191هه: 1777ع)

7. ميان غلام نبي خان (1191هه: 1777ع-1196هه: 1782ع)

8. ميان عبدالنبي خان (1196هه: 1782ع)(1)

ڪلهوڙن جو پهريون تختگاه:

ميان يار محمد خان منڇر تائين علائقو پنهورن جي سردار قيصر خان کان کسيو هو. عالمگير جي ايلچي خواجه حسين ميان کي سيويءَ کان وٺي ڪنڊياري تائين ملڪ حوالي ڪري ويو. اهڙين حالتن ۾ ضروري امر هو ته ڪلهوڙن کي پنهنجو تختگاه هجي. ميان يار محمد دادوءَ کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف خدا آباد جو نئون شهر تعمير ڪرايو، جو سنه 1701ع کان سنه 1728 تائين ڪلهوڙن جو تختگاه ٿي رهيو. هن شهر جي بنياد پوڻ کان پوءِ، سيوهڻ جي حيثيث گهٽجڻ لڳي. خدا آباد جي شهر کي ٽالپرن ميان عبدالنبيءَ کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ 1781ع ۾ ساڙائي ڇڏيو. خدا آباد جا ڦٽل نشان هڪ سؤ پنجاهه ايڪڙن ۾ آهن. ميان يار محمد جي يادگار مان هڪڙي جامع مسجد سالم بيٺل آهي، ٻيو ميان جو مقبرو، جو خدا آباد کان هڪ ميل جي مفاصلي تي آهي. مٿيون ٻئي عمارتون سرائي پنهنجي جيئري ٺهرائي ويو هو.

ٽالپرن کي دعوت ڏيئي گهرائڻ:

ڪلهوڙا ڪڙمي هئا، ميان يار محمد هڪڙي هٿ ۾ ڏانٽو ۽ ٻئي ۾ ترار کڻي ملڪ فتح ڪيو هو. ميان صاحب  ٽالپرن کي دعوت ڏيئي، حڪومت جي استحڪام لاءِ فوجي واڳون سندن حوالي ڪيون. ٽالپرن مان مير آلودو خان ۽ مير مسعودو خان ميان مير محمد جا مريد هئا، جن کي ميان يار محمد دعوت ڏيئي خدا آباد گهرايو هو. رچرڊ برٽن هن واقعي کي هن ريت بيان ڪري ٿو:

”جڏهن بلوچ ڪلهوڙن جي تختگاه خدا آباد کان 15 ميلن جي مفاصلي تي پهتا، تڏهن ڪلهوڙن پنهنجن اميرن کي ايلچين طور ٽالپر سردارن جي استقبال ڪرڻ لاءِ موڪليو، جن پاڻ سان ريشمي وڳا، سون ۽ چانديءَ جي سنجن سان گهوڙا ساڻ کنيا هئا.بلوچن وٽ رڍن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ ساڻ هئا ۽ سندن ٻار ٻچا گڏهن تي سوار هئا. ايلچين مير آلودي خان لاءِ پڇا ڪئي، سندن حيرت جي ڪا حد ڪانه رهي، جڏهن انهن مير صاحب جي ڪلهي تي ڪانبو ۽ هٿن ۾ ڏاس جي ڍيري ڏٺي. پوءِ هن کي ريشمي وڳا پهرائي گهوڙي تي چاڙهي تختگاه خدا آباد ۾ وارد ٿيا.“(1)

ٽالپرن جي ڏاڏي مير سليمان خان (ڪڪي) کي مرراڻي ديري مان پنج پٽ هوتڪ، عالي، ماڻڪ، ميرڻ ۽ جيوڻ نالي هئا. وڏي پٽ هوتڪ کي ٻه پٽ، شهداد خان ۽ شهڪ خان. شهڪ جي پٽ، مير شاهوءَ، جو اولاد شاهواڻي آهن. مير عاليءَ کي ٻه پٽ، دريا خان ۽ مبارڪ خان هئا. مير ماڻڪ خان کي چار پٽ، الهيار خان، ٺارو خان، ڇٽو ۽ سائينداد هئا. مبارڪ جي پيڙهيءَ وارا خاناڻي سڏجن ٿا. حيدرآباد ۽ خيرپور وارا مير شهداداڻي آهن. ميرپورخاص وارا مير ماڻڪ خان جو اولاد آهن، ان ڪري ماڻڪاڻي سڏجن ٿا. مير شهداد خان مشهور سپه سالار ٿي گذريو. هن شهزادي معزالدين جي حڪم سان ديره جات جي مرراڻي نواب، شاهه محمد خان ولد غازي خان کي، جو اُن وقت باغي ٿيو هو، شڪست ڏيئي ناموري حاصل ڪئي. مٿينءَ خدمت جي عيوض کيس دهليءَ جي درٻار مان سنڌ ۾ ’پٽ باران‘ بطور جاگير مليو.(1) ڪلهوڙن سان گڏوگڏ ٽالپرن کي مغليه درٻار مان جاگير ملي. مير شهداد خان سرائي ميان يار محمد جي عقيدتمند مريدن مان هو ۽ مير صاحب جي فوجي لياقت ڪري ميان صاحب کيس پنهنجو سپه سالار ۽ مدارالمهام مقرر ڪيو هو.

 

 

 

 

سنڌ ۾ بلوچن جون جيڪي به سرداريون قائم هيون يا جيڪي بلوچي قبيلا سنڌ جي سرحد تي رهندا هئا، اهي ٽالپرن کي پنهنجو اڳواڻ سمجهڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙن جا سمورا فوجي عهدا ٽالپري اميرن جي هٿ هيٺ هئا. ٽالپرن جي مدد سان ميان يار محمد اپر سنڌ ۾ دائودپوٽن کان شڪارپور جو شهر ۽ مهرن کان لکيءَ جو ڳوٺ کسي ورتا. بکر جي نوابن کي مجال نه هئي، جو سرائي ميان يار محمد سان مقابلو ڪري سگهن. ميان يار محمد 18 ورهيه حڪومت ڪري، سنه 1131هه (1718ع) ۾ وفات ڪئي ۽ خداآباد واري جوڙايل مقبري ۾ دفنائيو ويو.

ميان نور محمد:

ميان يار محمد جي وفات کانپوءِ، سندس پٽ ميان نور محمد گاديءَ تي ويٺو. شروعات ۾ سندس ٻن ڀائرن ميان غلام حسين ۽ ميان محمد دائود ساڻس گاديءَ جي سوال تي جنگيون جوٽيون، پر پوءِ ڀائرن جي پاڻ ۾ صلح ٿي وئي. ميان نور محمد دائودپوٽن کي شڪارپور کان قطعي بي دخل ڪري ڇڏيو. هن واقعي کان پوءِ صادق علي خان جي پٽ بهاول خان پهرين سنڌو نديءَ جي اوڀرندي ڪپ تي بهاولپور جو شهر ٻڌي دائودپوٽن جي رياست جو بنياد رکيو.(1)

دهلي جي مغلن جي ڪمزوري:

اورنگزيب عالمگير سنه 1069هه (1707ع) ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ مغل شهنشاهت زوال ڏانهن تڪڙو قدم کڻڻ لڳي. ڏکڻ ۾ مرهٽن جي جارحانه حملن ڪري ۽ اتر ۾ سکن جي ڪافر ماجرائن ڪري، مرڪزي حڪومت ۾ ڪمزوري محسوس ٿيڻ لڳي.(1) عظيم الشان سلطنت جا مختلف حصا هڪٻئي پٺيان ڇڄندا ويا. عالمگير کان پوءِ سندس فرزند بهادر شاه (پهريون) 65 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي ڀاءُ اعظم کي جاجوءَ جي خونريز معرڪي ۾ شڪست ڏيئي، تخت هٿ ڪيو، پر پنج ورهيه حڪومت ڪرڻ کان پوءِ سنه 1124هه (1712ع) ۾ وفات ڪري ويو. هو ’شاه بيخبر‘ جي لقب سان سڏبو هو. کانئس پوءِ شهزادو معزالدين ’جهاندار شاه‘ جي لقب سان طاؤسي تخت تي ويٺو، جو هٺيلو ۽ عياش هو.

’لعل ڪار‘ نالي هڪڙيءَ نيچ عورت جي عشق ۾ اهڙو ڦاسي پيو، جو دنيا مافيها کان گويا بيخبر هو. ان کان سواءِ بازار مان لنگهندي جنهن به خوبصورت عورت تي سندس حريصانه نظر پوندي هئي، تنهن تي زبردستيءَ قبضو ڪندو هو.(1) يارهن مهينا بدناموسيءَ سان حڪومت ڪرڻ کان پوءِ تخت تان لاٿو ويو. سنه 1124هه (1713ع) ۾ اميرن مغل شهزادن مان فرخ سير کي تخت تي ويهاريو، جو ڪمزور طبيعت جو هو ۽ نيچ ماڻهن جي صحبت ۾ گذارڻ لڳو، نالائق انسانن کي وڏا عهدا ڏيڻ لڳو. سادات ڀائرن مان امير الامرا سيد حسين ۽ سندس ڀاءُ قطب الملڪ سيد عبدالله، جي تاريخن ۾ ’بادشاه ساز‘ وزير مشهور آهن، تن فرخ سير کي پهريائين انڌو ڪري پوءِ مارائي ڇڏيو ۽ کانئس پوءِ مغل شهزادن مان رفيع الدرجات کي نالي طور تخت تي ٿاڦي، اندروني توڙي بيروني انتظام پنهنجن هٿن ۾ رکي، سياه ۽ سفيد جا مالڪ بڻجي ويٺا. ٽن مهينن کان پوءِ رفيع الدرجات وفات ڪري ويو. کانئس پوءِ سيدن سندس وڏي ڀاءُ رفيع الدوله کي تخت تي ٿاڦيو، جو ٽن مهينن اندر مري ويو.

مؤرخن جو بيان آهي ته ٻنهي ڀائرن کي ’بادشاه ساز‘ وزيرن زهر ڏياري پورو ڪيو. سنه 1131هه (1719ع) ۾ ’بادشاه ساز‘ وزيرن محمد شاه کي طاؤسي تخت تي ويهاريو، جنهن ٽيهه ورهيه حڪومت ڪئي. تخت تي ويهڻ مهل سندس عمر 17 ورهيه هئي ۽ ست سال محلات جي  چئن ديوارن اندر نظربند رهيو. کيس حڪومت هلائڻ جي ڪابه خبر ڪانه هئي. رستم علي خان ’تاريخ هند‘ ۾ لکي ٿو ته، ڪوڪيءَ نالي هڪڙيءَ فقيرزاديءَ تي اهڙو موهت هو، جو سرڪاري ڪاغذن ۽ فرمانن تي به ڪوڪي مهرون هڻڻ لڳي. وڏا وڏا امير سندس معرفت شهنشاه سان ملاقاتون ڪرڻ لڳا. محمد شاه جي ٻي بيگم اڌم ٻائي به ناچڻي هئي، جا حضرت قدسيه جي لقب سان سڏبي هئي، سندس بطن مان شهزادو احمد شاه ڄائو هو. آصف جاه نظام الملڪ، جو سلطنت جو وزير هو، هڪڙي هنڌ لکي ٿو:

”مردان نڪنند خاڪ برسر چڪنند

امروز زني بجائي عالمگير است“

ان جي جواب ۾ ڪوڪي دليريءَ سان هيٺيون شعر پڙهندي هئي، جنهن مان ان وقت جي ماحول جي خبر پئجي سگهي ٿي:

”نوبت زڪيان بما ڪيان افتاد است، بازي شگرفي بميان اُفتاد است

شايد ڪه سپهر سفله رقصد زنشان، شمشير زدن بدف زنان اُفتاد است“(1)

آصف جاه نظام الملڪ پهريون صوبيدار هو، جنهن مرڪزي سلطنت جي ڪمزوريءَ کي ڏسي، دکن ۾ پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو.

سنڌ جي خودمختياري:

محمد شاه جي رنگين مزاجيءَ ڪري مغليه شهنشاهيت گهڻو ڪمزور ٿي ويئي. سمورو دکن مرهٽن ۽ آصف جاه ورهائي کنيو، بلڪ مرهٽا دکن کان چوٿ اڳاڙڻ لڳا. محمد شاه راجپوتن کي خوش رکڻ لاءِ هندن کان جزيه وٺڻ بند ڪئي، مگر جنهن صورت ۾ سلطنت جي بنياد کي اڏوهيءَ کائي کوکلو ڪري ڇڏيو هو، ان صورت ۾ جزيه جي موقوفيءَ مان ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو. جوپور ۽ جئپور جي راڻن خودمختياري اختيار ڪئي. پنجاب ۾ سکن جون منظم جماعتون راويءَ کان جمنا تائين لٽ مار ڪرڻ لڳيون. اوڌ جو نواب وزير سعادت علي خان خود مختيار هو. فقط نالي طور مغلن طرفان صوبيدار سڏبو هو.

سنه 1737ع ۾ پيشوا باجي راءِ نظام کي شڪست ڏيئي، چمبل نديءَ تائين ملڪ مرهٽا گڏيل حڪومت هيٺ آندو، بلڪ مرهٽن جا فوجي دستا جمنا تائين ملڪ کي لٽڻ لڳا. ائين چوڻ درست ٿيندو ته سڄي هندستان اندر مرهٽا طاقتور هئا. سنڌ مرڪز کان گهڻو پري هئي. بکر ۽ ٺٽي جا مغليه نواب ڪي ٽي هزاري ۽ بعض پنج هزاري رتبي وارا هئا، مگر سلطنت جي ڪمزوريءَ سبب کين مرڪزي حڪومت کان مدد ملڻ جي ڪابه اميد ڪانه هئي. ٻئي طرف ڪلهوڙن سرائين جي فوجي قوت بلوچن جي شموليت ڪري سنڌ ۾ مضبوط هئي ۽ هو پنهنجي قوت سان سنڌ ۾ پنهنجي انتظام کي مضبوط ڪرڻ لڳا.

سنه 1147ه (1734ع) ۾ ڪلهوڙن جي نامور سپه سالار مير شهداد خان ٽالپر وفات ڪئي، سندس جنازو سڪرنڊ تعلقي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو،جو قبو شهداد سڏجي ٿو. سندس فرزند مير بهرام خان پيءُ جي عهدي تي مقرر ٿيو.سنه 1736ع ۾ مغل سرڪار رضامنديءَ سان بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي جا پرڳڻا ميان محمد خان جي حوالي ڪيا. ٺٽي جو پويون نواب صادق علي خان هو، جنهن کان سرائيءَ جي ٻن نائبن شيخ عزيز الله حڪومت جون واڳون هٿ ڪيون. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو ٻيون دؤر سنه 1736ع کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن دهليءَ جي مغلن کان هنن سنڌ هٿ ڪئي.

اوائلي مغربي سياحن جو سنڌ ۾ اچڻ:

سڪندر مقدونيءَ کان پوءِ يورپ جي سفيد فام قومن مان پورچوگيز پهرين دريائي ڌاڙيل قوم هئي، جيڪا سمنڊ رستي هندستان جي رستي کي معلوم ڪري، مشرق جي اڻ کٽ دولت کي بيدرديءَ سان لٽڻ لڳي. اهڙيءَ لٽ مار کي ڏسي، مغليه دؤر ۾ ٻيا گهڻائي مغربي سياح هندستان جي سياحت ڪرڻ ۽ حالتن کي جاچڻ لاءِ آيا هئا. منجهانئن ڪي ڊاڪٽر، ڪي پادري، ڪي يورپ جي بادشاهن پاران سفير ۽ ڪي توبچي هئا، جن کي مغل شهنشاهَن پنهنجي توبخاني ۾ ڀرتي ڪيو. انهن مغربي سياحن مان ڊيوريٽ باربوسا، پرارڊ، ٽئورينر، ٿيوناٽ، برنيئر، پيٽروڊي لاوالي، گئميلي، مانڊيلسلو وغيره جا نالا مشهور آهن. سندن سفرنامن مان مغليه شهنشاهت جي ملڪي انتظام، اقتصادي، تجارتي ۽ درٻار جي رومزه جي نشست ۽ برخاست جا حالات آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهن ٿا.

مٿين سياحن مان ڪي پورچوگيز هئا، ڪي فرينچ، ڪي اطالوي ۽ ڪي ڊين لوڪ هئا. جيسين مغل شهنشاهت ۾ دم خم هو، تيسين صليب جا پرستار واپارين ۽ سياحن جي لباس ۾ رهيا، وري جڏهن شهنشاهت زوال ڏانهن رخ رکيو ۽ سلطنت جي حاڪمن خودمختياري اختيار ڪئي، تڏهن يورپ جي جهازران قومن واپارين جو لباس ڦٽو ڪري، هندستان جي دولتمند صوبن تي قبضي ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. سندن هٿيار هندستاني هٿيارن کان گهڻا ڪارگر هئا، ان ڪري هنن ستت ڪاميابي حاصل ڪئي. اهڙيءَ جدوجهد ۾ انگريز گوءِ کڻي ويا. اسان جو تعلق فقط وطن مالوف، سنڌ سان آهي، تنهن ڪري فقط انهن مغربي سياحن جو بيان ڏينداسون، جن وقت بوقت سنڌڙيءَ ۾ قدم رکيو. يورپ جي رهاڪن کي هندستاني عام طور ڦلنگي (فرنگي) سڏيندا هئا.(1)

ڊيوريٽ باربوسا:

عيسوي 16 صديءَ تائين، يورپ جي حريص قومن کي سنڌ متعلق بلڪل ٿوري خبر هئي. سڪندر مقدوني پهريون مغربي فاتح هو، جنهن ماهرن جي هڪڙي خاص جماعت معرفت سنڌ جا حالات گڏ ڪرايا هئا. کانئس اڳ ابوالتاريخ هيروڊوٽس پهريون مؤرخ هو، جنهن 408 ق-م مغربين کي سنڌ ملڪ کان روشناس ڪرايو هو. سڪندر کان پوءِ اطالوي سياح، مارڪوپولو، مشرق جي سياحت ڪرڻ آيو هو، پر سنڌ جو احوال سندس ’سفرنامه‘ ۾ ڏنل ڪونهي. البته مڪران جو هن مختصر بيان ڏنو آهي. مارڪوپولو کان پوءِ ڊيوريٽ باربوسا هڪڙي پورچوگيز، هرمز ٻيٽ کان وٺي گجرات تائين، سمنڊ جي مسافري ڪندي، سنڌ متعلق هيٺيون قياسي بيان ڏنو آهي:

”سنڌ تي عربن جي حڪومت آهي، هتي جا رهاڪو پنهنجن گهوڙن کي سڪل مڇي کارائين ٿا، هتي جا سر جا ڪانا ماڻهوءَ جا ڄنگهن جيڏا ٿلها ٿين ٿا، سنڌوندي فرات کان نڪري ايراني نار کي لتاڙي کنڀات جي نار ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.“(1)

مٿيون بيان طبعي حالتن جي بلڪل برعڪس آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مڪران جا ميد گهوڙن کي سڪل مڇي کارائيندا هئا.(2) مگر سنڌو نديءَ جو فرات مان نڪرڻ ۽ کنڀات جي نار ۾ پوڻ هن مغربي سياح جي فقط بي خبريءَ تي هڪ دليل آهي، تنهنڪري سندس ٻيا گهڻا بيان به قياسي معلوم ٿين ٿا.

ايسٽ انڊيا ڪمپني:

31 ڊسمبر 1602ع ۾ انگلينڊ جي راڻيءَ ايلزبيٿ انگريز واپارين جي هڪڙيءَ جماعت کي هندستان سان واپار ڪرڻ لاءِ پروانو ڏنو. تنهن کان ٿورو اڳ هالينڊ جي ڊچن به هڪڙي تجارتي ڪمپني کڙي ڪئي هئي. انهن ٻنهي ڪمپنين کي جدا جدا ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ سڏجڻ لڳا. ڊچن هندستان جي اوڀرندي وارن قيمتي ٻيٽن ڏانهن رخ رکيو، جتي کنڊ ۽ مصالحن جي پيداوار اڪيچار هئي. انگريزن سنه 1611ع ۾ پهريون دفعو سورت ۾ واپار جي ڪوٺي کولي. سنه 1612ع ۾ انگريزن پورچوگيز ٻيڙي کي سورت وٽ اهڙي شڪست ڏني، جو انگريز هندستان جي سمنڊن جا مالڪ بڻجي ويا. سندن واپار روزمره ترقي ڪرڻ لڳو. سنه 1615ع ۾ فقط ٻن جهازن جي مال جي محصول جي صورت ۾ کين 14 هزار پائونڊ مغليه سرڪار کي ڀري ڏيڻا پيا.(1) سندن هڪڙي جهاز تي هڪ لک چاليهه هزار پائونڊن جو هندستاني مال ڀريل هو.

ائنٿني سٽارڪي ۽ رابرٽ شرلي:

ائنٿني سٽارڪي ۽ سر رابرٽ شرلي ٻه نصيب آزما انگريز هئا، جن کي شاه عباس اعظم صفويءَ ايراني فوجن کي فوجي تعليم ڏيڻ لاءِ نوڪر رکيو هو. سنه 1608ع ۾ شاه عباس يورپ سان ايران جي تعلقاتن کي قائم ڪرڻ جي ارادي سان رابرٽ شرلي کي پنهنجو سفير مقرر ڪري، يورپ ڏانهن روانو ڪيو. ائنٿني سٽارڪي سنه 1612ع ۾ انگريزن پاران جاسوسي ڪرڻ جي ارادي سان، ڊرئگن، جهازن ۾ چڙهي ٺٽي پهتو، مگر هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته لاهري بندر تي رهندڙ هڪڙي پورچوگيز پادريءَ کيس زهر ڏيئي ماري ڇڏيو.

سر رابرٽ شرلي انگلنڊ پهچڻ کان پوءِ اتي جي بادشاه جيمس پاران ٿامس پاويل کي ’ايڪسپيڊيشن‘ جهاز ۾ چاڙهي، جنهن جو ڪپتان والٽر پيٽن هو، ايران ڏانهن سفير ڪري روانو ڪيو. ٿامس پاويل ايران ڏانهن ويندي، ٺٽي پهتو. سندس مرضي مڪران جي رستي کان ايران ڏانهن وڃڻ جي هئي، پر پوءِ بلوچن جي خوف ڪري سمنڊ جي رستي کان وڃڻ جو ارادو ڪيائين.(1) ٺٽي جي مغليه نواب، سر رابرٽ شرلي جي ايلچيءَ ڪرسٽوفرينو جو مشرقي رواداريءَ موجب استقبال ڪيو. پورچوگيز اڳي ئي واپار جي بهاني لاهري بندر ۽ ٺٽي ۾ ديرو ڄمائي ويٺا هئا، تنهن ڪري نواب انگريز ايلچيءَ کي وڌيڪ سامان گهرائڻ لاءِ صلاح ڏني، جيئن هو پورچوگيزن سان چٽاڀيٽي ڪري سگهي، مگر رابرٽ شرلي نواب جي صلاح تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ٻيڙين جي وسيلي سنڌو درياءَ تي اڳتي وڌڻ لڳو، پر نواب جي ماڻهن هن کي روڪي، ٺٽي ڏانهن موٽائي آندو.

مٿئين قسم جي اچ وڃ ۽ ڇڪتاڻ جي ڪري شرلي جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا. ٻه مهينا ٺٽي ۾ رهڻ کان پوءِ هو سڌو شهنشاه جهانگير سان گڏجڻ لاءِ آگري ڏانهن روانو ٿي ويو. جهانگير کان راهداريءَ جي پرواني وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ايران ڏانهن ويو، جتي هڪ ايراني عورت سان شادي ڪيائين.(1) مگر ايران موٽڻ کان پوءِ شاه عباس کيس سنه 1615ع ۾ نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن ڪري هو دلشڪست ٿي يورپ ڏانهن موٽي ويو ۽ واٽ تي مئو. سندس لاش کي سندس ايراني بيگم روم ۾ دفنايو.(2)

نڪولس وٿنگٽن:

آڪٽوبر 1613ع ۾ نڪولس وٿنگٽن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران نير (گُلي) خريد ڪرڻ لاءِ احمدآباد کان سنڌ پهتو. ڪڇ جو رڻ ٽپي، ننگرپارڪر ۽ نيرن ڪوٽ رستي کان ميرپور بٺوري پهتو، پر رستي تي بلوچ ڌاڙيلن سندس اسباب ڪپڙن سميت ڦري ورتو.(3) تنهن ڪري موٽي ننگرپارڪر ويو ۽ اتي جي هڪڙي هندو واقفڪار واپاريءَ کان خرچ وٺي احمد آباد پهتو. نڪولس وٿنگٽن جيڪي مسافريءَ ۾ ڏٺو، سو قلمبند ڪندو ويو.(4)

سر ٿامس رو:

سنه 1615ع ۾، انگلينڊ جي بادشاه جيمس پهرئين پاران، سر ٿامس رو، آگري ۾ سفير ٿي آيو. اڳ هو انگلينڊ  پاران قسطنطنيه ۾ سفير رهي چڪو هو، ان ڪري مشرقي رسمن ۽ عادتن کان واقف هو.هن شهنشاه جهانگير لاءِ جيڪي تحفا آندا هئا، تن ۾ تماڪ به هو.(1) 24 ڊسمبر 1615ع ۾ سر ٿامس رو ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي سنڌ متعلق هيٺين رپورٽ پيش ڪئي هئي:

”مون کي پڪيءَ ريت معلوم ٿيو آهي ته سنڌو ندي واپار ڪرڻ لاءِ مفيد آهي، ڇاڪاڻ ته لاهور کان سنڌ تائين آسانيءَ سان دريا رستي مسافري ڪري سگهبي. سنڌ جي آبهوا صحت بخش آهي، سنڌ جو نير ۽ ٻيون شيون انگلينڊ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون.“(2)

سر ٿامس جهانگير سان عهدنامي ڪرڻ ۾ سنه 1616ع ۾ ڪامياب ٿيو. صفويه فرمانروائن جي مذهبي تعصب ڪري سنين جي جان ايران ۾ سلامت نه هئي، تنهنڪري حج ڏانهن ويندڙ خشڪيءَ جو رستو هندستان جي مسلمانن لاءِ بند هو. اهڙيءَ طرح سمنڊن تي پورچوگيزن جي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ غارتگريءَ ڪري سمنڊ جو رستو به سلامت نه هو. اهوئي سبب هو جو اڪبر اعظم جي زماني ۾ علمائن حج نه ڪرڻ لاءِ فتويٰ ڏني هئي، مگر جهانگير جي ڏينهن ۾، انگريزي ٻيڙي مقامات مقدس ڏانهن ويندڙ جهازن جي سلامتيءَ جو ذمو پاڻ تي کنيو هو. مٿينءَ جوابداريءَ جي ڪري ئي، شاهي فرمان موجب، انگريزن کي سنڌ، بمبئي ۽ مدراس جهڙن صوبن ۾ واپار لاءِ ڪوٺين وجهڻ جي اجازت ملي هئي.(1)

ان کان سواءِ ڪوٺين جي بچاءَ لاءِ ڪمپنيءَ کي پوليس ۽ منصفن رکڻ جي به اجازت ملي. انگريزي سفير پنهنجن ماڻهن کي سنڌ مان نير خريد ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني. سنڌ جو نير سڄي هندستان ۾ قيمتي شيءِ هئي.(2) سورت جا انگريز ايجنٽ گهڻي عرصي کان سنڌ سان واپار ڪرڻ لاءِ منتظر هئا. انهن کي رڳو پورچوگيزن جي ريشه دوانين کان خوف هو. آگري جي درٻار مان شاهي پرواني ملڻ کان پوءِ هو بي خوفيءَ سان واپار ڪرڻ لڳا. 26 اپريل سنه 1630ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هڪڙي ديسي دلال کي واپار جو واءُ سواءُ معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. هو ٻه ڳٺڙيون ڪپڙي جون ۽ ڪجهه نير نموني طور خريد ڪري، سورت جي ايجنٽن کي ڏيکارڻ لاءِ ساڻ کڻي ويو.(1)

وليم فريملين ۽ سندس ساٿي:

سنه 1635ع ۾ هڪڙو انگريزي جهاز ڊسڪوري، لاهري بندر تي پهتو، جنهن تي وليم فريملين، جان سپلر ۽ رچرڊ موئلي، انگريزي تجارتي وفد جا ميمبر، ٺٽي پهتا. ڪمپنيءَ کين هدايت ڪري ڇڏي هئي ته ڪنهن به پورچوگيز سان ڪو تعلق نه رکن، فقط ڪپڙي جو واپار ڪن. شاهي پرواني هئڻ سبب، ٺٽي جي عملدارن وفد جو خيرمقدم ڪيو ۽ ميمبرن جي رهائش لاءِ شهر ۾ هڪڙيءَ عمارت جو انتظام ڪيو. پنج ڏينهن آرام ڪرڻ کان پوءِ وفد جي ميمبرن ڪمپنيءَ کي نصرپور جي ڪپڙي خريد ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي. نصرپور مرزا شاه حسن ارغون جي ڏينهن ۾ سنڌ جو تختگاه هو. اڳ درياءَ هتان وهندو هو. مغليه دؤر ۾ سندس اوج مٽجڻ لڳو، مگر ڪپڙي جي هنر ڪري برک هو. سورت جي انگريز ايجنٽن کي سنڌ سان دائمي واپار ڪرڻ جو ارادو هو، تنهن ڪري وفد جي ميمبرن ٻن مهينن تائين سنڌ جي شين کي جاچي ڏٺو.

ٺٽي جي نواب دولت خان به وفد جي حوصله افزائي ڪئي. ميمبرن ڪپڙو، نير ۽ آفيم پسند ڪيا. سنڌ جو ڪپڙو ڏيساورن ۾ آڳاٽي زماني کان مشهور هو. نصرپور جي هڪڙي ئي شهر ۾ ڪورين جو تعداد 3 هزار هو. 25 آگسٽ 1636ع ۾ ڪمپنيءَ جي ايجنٽن سنڌ جي شين کي پسند ڪري سورت جي ڪائونسلر کي ٺٽي ۾ دائمي طور تجارتي ڪوٺي کولڻ لاءِ حڪم ڏنو. 16 مارچ سنه 1637ع ۾ ڪمپنيءَ پاران هڪڙو ديسي دلال ٺٽي پهتو. سنڌ جا شهر واپار ڪري برک هئا، ديسي شين کان سواءِ بازارين ۾ قنڌار، ڪابل، اصفهان، تبريز، ڪشمير، لاهور ۽ ملتان جون شيون به وڪامنديون هيون. سنه 1640ع ۾ وليم فريملين ۽ جان سپلر ٻيهر ٺٽي پهتا ۽ سنه 1652ع تائين سنڌ ۾ رهي سنڌ جي وچولي حصي تائين چڪر ڏيڻ لڳا. سنه 1643ع ۾ انگريزن ڪي سوکڙيون شاهجهان ۽ شهزادي دارا شڪوه کي ڏيئي، هندستان ۾ واپار ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پروانو هٿ ڪيو.نئين پرواني موجب انگريز ايجنٽ اپر سنڌ تائين گشت ڪرڻ لڳا.(1)

سباس ٽئن مانرڪ:

فري سباسٽئن مانرڪ هڪڙو پورچوگيز پادري هو، جو سنه 1641ع ۾ شهزادي خرم (شاهجهان) کان پروانو وٺي سنڌو درياءَ رستي لاهور کان 9 ڏينهن اندر بکر پهتو. لکي ٿو ته، ”بکر جي علائقي ۾ باغات ڪري ميوا جام آهن ۽ ملڪ سرسبز آهي، سال بسال خراسان کان مال سان ڀريل قافلا اچن ٿا.“ بکر کان درياءَ رستي هو سيوهڻ پهتو. هتي مهاڻن سندس ٻيڙيءَ تي حملا ڪيا، پر وٽس بم گولا هئا، جن جي وسيلي بچي ويو. چئن ڏينهن جي دريائي مسافريءَ کان پوءِ دارالحڪومت ٺٽي پهتو. شهر جي رنڊين ۽ ناچڻين جا رنگين لباس ڏسي وائڙو ٿي ويو. شهر ۾ جيڪي به ڪپڙي ۽ چمڙي جا صنعتي ادارا هئا، سي هن گهمي ڏٺا. هڪ مهينو ٺٽي ۾ رهي، عمرڪوٽ ۽ جيسلمير واري رستي کان آگري پهتو. سندس سفرنامو سنه 1643ع ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو.

هينري گاري ۽ گلبرٽ هئريسن:

سنه 1647ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران ٻه گماشتا هينري گاري ۽ گلبرٽ هئريسن ٺٽي پهتا. سنڌ جون ديسي شيون سچيون ۽ سستيون هيون ۽ انهن جي مقابلي ۾ ولائتي شيون ساديون، مهانگيون ۽ ڪاريگريءَ جي نئين نموني هئڻ سبب هتي جي باشندن لاءِ عجيب هيون: مثلا گرم ڪپڙو، نباتون، چينيءَ ۽ شيشي جو سامان، آرسيون، واچون، گهڙيال، وڍ ڪٽ جو سامان، بارود جا هٿيار، رنگين ڇٽيون وغيره. فرنگين جا دلال ۽ گماشتا بلڪل چالاڪ ۽ عيار هئا. جنهن بندر تي پير رکندا هئا، تنهن تي مفلسن ۽ محتاجن ۾ پئسا ورهائيندا هئا. مٿينءَ قسم جي فياضيءَ جو سبب محض هن ريت هو ته، جيئن ديسي رهاڪن جو مٿن ويساه ڄمي ۽ اُهي سفيد فام حريص مڪارن کي پنهنجو خيرخواه سمجهن. نون هٿيارن جي زور تي برِاعظم هندستان جي هرهڪ پرڳڻي تي سندن ڌاڪو ڄميل هو.

سنه 1662ع ۾ انگريزن پورچوگيزن کان هرمز ٻيٽ آزاد ڪرائي، اصفهان جي درٻار تائين رسوخ حاصل ڪيو. اڳ ايراني نار جي بندرن کان هزارن جي تعداد ۾ گهوڙا هندستان جي شهرن ۾ وڪري لاءِ ايندا هئا. پورچوگيزن مٿيون واپار بند ڪري ڇڏيو هو، سو ٻيهر کلي ويو.(1) انگريزن مڪران جي بندر جسڪ تي سنه 1618ع ۾ تجارتي ڪوٺي وڌي هئي، جتان ڪرمان جي قيمتي پشم ۽ ايراني غاليچا خريد ڪندا هئا.(2) فرنگي ايجنٽ واپارين جي لباس ۾ ملڪن ۾ گشت ڪري، جاسوسي ڪرڻ کان سواءِ ماڻهن سان واقفيت رکڻ لڳا. موقعي سر ٺڳيون ڪرڻ سندن اخلاقي پيشو هو.

ڪنڊياري ۽ نصرپور جي ڪورين جون پڪارون:

سنڌ ۾ سندن خلاف پهرين ڪنڊياري ۽ نصرپور جي ڪورين وقت جي حاڪمن کي پڪارون ڪيون، ڇاڪاڻ ته انگريز ايجنٽ سنڌ جي ساده لوح ايماندار ڪورين کي اڳواٽ رپيا قرض ڏيئي، زيربار ڪري، پوءِ زبردستيءَ سندن تيار ڪيل سمورو ڪپڙو سستن اگهن تي کڻندا هئا، حالانڪ اهو ساڳيو ڪپڙو ولايت جي مارڪيٽن ۾ سٺ في صدي منافعي سان وڪامندو هو، مگر جنهن صورت ۾ ڪمپنيءَ جي ايجنٽن کي سڌو سنئون دهليءَ ۽ آگري جي درٻارين مان پروانا مليل هئا، ان حالت ۾ سنڌ جا مغليه نواب رعايا جي دانهن ڪوڪن تي ڌيان ڏيڻ بدران اٽلندو دٻاءُ جي ذريعي پڪارن کي ٻنجو ڏيندا هئا.

ٻيون ته ڪمپنيءَ جا مڪار ايجنٽ نوابن ۽ سندن بيگمن کي سوکڙيون ۽ تحفا پهچائي، پنهنجا رستا صاف رکي، پوءِ غريب سنڌي ڪاريگرن جو رت چوسيندا هئا. اڳ سنڌي ڪاريگر سکيا ستابا هئا، مگر هينئر فرنگي سفيد فام سرمائيدارن جي مڪارين ۽ ڪارستانين ڪري صفا محتاج ۽ مفلس بڻجي ويا هئا. واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ متعلق مغربي عيارن جا شرط اهڙا پيچيده هئا، جو سنڌي ڪاريگر سندن مڪر ۽ فريب جي ڄارن ۾ ڦاسي سندن سرمائي اڳيان، محتاج بلڪ سندن زرخريد غلام بڻجي ويا هئا، مگر مفلسن جي آهن ۽ بيڪسيءَ جي فريادن نيٺ ٺٽي جي سياسي حلقن ۾ بيداري پيدا ڪئي. نواب جعفر خان جي حڪم سان انگريزي سامان سان ڀريل ٻيڙيون ٺٽي ۾ لٽجي ويون. وري جڏهن قباد خان نواب مقرر ٿي آيو، تڏهن فرنگين کي دم پٽڻ لاءِ فرست نصيب ٿي. حقيقت ۾ نواب جيئن فضا جو رخ ڏسندا هئا، ان موجب قدم کڻندا هئا.

نڪولا مانوسي:

نڪولا مانوسي اطالوي، وينس جو رهاڪو هو. پهريائين هڪڙي انگريز امير، بيلومانٽ وٽ نوڪر هو، ان جي مئي کان پوءِ شهزادي دارا شڪوه جي توبخاني ۾ نوڪر بيٺو. سنه 1659ع ۾، دارا شڪوه جي بکر جي گهيري وقت نڪولا مانوسي موجود هو. قلعي فتح ڪرڻ کان پوءِ دارا پنهنجي حرم ۽ توبخاني کي پنهنجي ٻن اميرن، خواجه ۽ سيد عبدالرزاق جي نگرانيءَ هيٺ بکر ۾ ڇڏي، شيخ مصر ۽ سيف شڪن کي ساڻ کڻي گجرات ڏانهن قسمت آزمائڻ ويو هو.

نڪولا مانوسي بيان ڪري ٿو ته، بکر مضبوط قلعو هو، سندس وچ ۾ هڪڙو برج هو، جتان درياءَ جو نظارو ڏسڻ ۾ پئي آيو. دارا جي پٺيان خليل خان لاهور کان ڪاهي آيو، پر قلعو هٿ ڪري نه سگهيو. وري جڏهن ملڪ جيوڻ شهزادي کي گرفتار ڪري مير بابا جي حوالي ڪيو، تڏهن لاچار ٿي دارا جي عملي قلعو دشمن جي حوالي ڪيو. مانوسيءَ جي بيان مان فقط بکر جي جنگ جي خبر پئجي سگهي ٿي. ٻيو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ سخت ڏڪر پيو هو، جنهن ڪري ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن پنهنجي سورت جي ايجنٽ کي سنڌ مان فقط شوري (ڪلمي شورو) خريد ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني هئي. ڪمپنيءَ جا سنڌ ۾ رهندڙ ايجنٽ وليم بيل، جان ڪاڪس، سري وينر، جن سنڌ ۾ رهي مزا ماڻي ڏٺا هئا، تن واپار کي چالو رکڻ لاءِ ڪمپنيءَ سان گهڻا حيلا هلايا. پر سنه 1662ع ۾ ڏڪر پوڻ ڪري واپار صفا بند ٿي ويو.(1)

اليگزينڊر هئملٽن:

ڪپتان اليگزينڊر هئملٽن اسڪاٽلينڊ جو هڪ سيلاني سوداگر هو، جنهن سنه 1668ع کان سنه 1723ع تائين آفريڪا جي ڪپ آف گڊ هوپ کان ڦرندي جپان تائين ايشيائي ملڪن ۽ ٻيٽن جو سفر ڪيو هو. سندس سفرنامو ’نيو اڪائونٽ آف دي ايسٽ انڊيز‘ سنه 1727ع ۾ ايڊنبرا مان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو. سنه 1669ع ۾ اليگزينڊر سامان سان ڀريل جهازن سان لاهري بندر تي پهتو. سندس بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ لاهري بندر ۾ هڪ سؤ ڪاٺ ۽ مٽيءَ جا جڙيل گهر هئا. شهر جي وچ ۾ هڪڙو پٿر جو قلعو هو، جنهن تي بلوچن جي ڪاهُن کي روڪڻ لاءِ توبون رکيل هيون. هر هڪ قافلي سان بلوچ ڌاڙيلن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻن سؤ سوارن جو دستو گڏ هلندو هو.

اڳتي هلي بيان ڪري ٿو ته، هڪڙي دفعي پنجن سؤن مسلح بلوچن هڪڙو واپاري قافلو ڦريو هو. ٺٽو لاهري بندر کان چاليهه ميل پري هو. هئملٽن جنهن قافلي سان همراهه هو، تنهن ۾ 15 سؤ اُٺ مال سان ڀريل هئا. رستي تي مڪرانين قافلي تي گهيرو ڪيو، پر هئملٽن وٽ بندوقون هيون، جن کي ڇوڙڻ ڪري چور ڀڄي ويا. هن پاڻ سان ملبار کان ڏهه هزار پائونڊن جو مال آندو هو. ٺٽي جي نواب حفيظ الله خان ٺٽي پهچڻ کان پوءِ هڪ ڍڳو، پنج دنبا، ويهه ٻڪريون، ويهه ڪڪڙ، پنجاهه تتر، مٺائي ۽ ميوا مهماني طور ڏانهس مڪا ۽ ملاقات لاءِ وقت مقرر ڪيو. هئملٽن نواب کي هڪڙو آئينو، پنجن پائونڊن جي قيمت جو، هڪڙي بندوق، ٻه گلٽ ٿيل پستول، هڪڙو خنجر، هڪڙي ٿالهي ۽ ڪي ترارين جا ڦر سوکڙين طور پيش ڪيا. سنڌ ۾ هو اٽڪل 3 مهينا رهيو. پوءِ گجرات جي رستي کان موٽي ويو. سندس سفرنامي مان مغليه دؤر جي سنڌ جي خبر پوي ٿي.

هينرچ روٿ:

هينرچ روٿ گوئا جو هڪ پادري آگري کان لاهور ۽ ملتان جي رستي کان سنڌ ۾ وارد ٿيو. هو ڏهه ورهيه هندستان ۾ سنسڪرت زبان سکيو هو. پوءِ لاهري بندر کان سورت پهتو، جتان بندر عباس ۽ ازمير (سمرنا) کان ٿيندو روم پهتو هو.


(1) Stanely Lne- Poole: Mediaeual India, "Battle of Paniput" PP. 203-204

(2) تاريخ هندستان: مولوي ذڪاءُ الله، جلد-5، ص- 466.

(3) R. Hughes-Buller: Makran, Population "The Rinds".

(1) P. Saran Dr: Provincial Government of the Moghals, P. 108 Allahabad.

(2) J. Sarkar: History of Aurangzeb, Vol. I. CHP. VII, P. 31 Calcutta. 1912.

(1) سموري بيان لاءِ ڏسو ’آداب عالمگيري‘ جو ڇهن سون خطن جو مجموعو آهي. منجهانئن عالمگير جي ايام شهزادگيءَ جي ڪارنامن جي خبر پئجي سگهي ٿي. مٿيان خط عالمگيري دؤر ۾ شيخ ابو الفتح گڏ ڪيا هئا، جو منشي الممالڪ جي عهدي کي پهتو هو.

(1) مڪران کان هجرت ڪرڻ کان پوءِ نوحاڻي قبيلي جي سردار عمر خان نوحاڻيءَ ڪڇيءَ جي اوڀرندي واريءَ ڪنڊ تي نوحاڻين جي رياست قائم ڪئي هئي. رند ۽ لاشارين جي ٽيهن سالن واري ويڙهه ۾ عمر خان، لاشارين جو طرف ورتو هو. مير غازي خان مرراڻي شهزادي دارا شڪوه جو اتاليق هو.

M.L. Dames: Popular Poetry of the Balochs, "The Thirty years war."

(2) J. Sarkar: History of Aurangzeb, Vol. I, Chp. VII, P. 118

(3) آر- هيوز بلر صاحب مڪران گزيٽئر ۾ گچڪين جو بيان مسٽر اپنٿوون بمبئي سول سروس عملدار جي حوالي سان هن ريت ڏنو آهي ته مڪران جي هڪڙي بلوچ سردار، نظر محمد خان، پنهنجن عزيزن جي شڪايت تي پنهنجي پٽ کي، جنهن جو نالو ڪمال خان هو، غصي ٿي مارائي ڇڏيو. کيس هڪڙي نياڻي دليبو نالي هئي. نظر محمد وعدو ڪيو ته هو پنهنجن عزيزن مان ڪنهن کي وارث ڪونه ڪندو. هن بلوچن کي حڪم ڏنو ته ڪنهن شهزادي جي ڳولا ڪن. اتفاق سان ڪي بلوچ واپاري بڙودي ۾ واپار سانگي پهتا. انهن ڏينهن ۾ جوڌپور جو شهزادو، سمت جوارمڀدا، شڪار جي سانگي اوکامنڊل ۾ منزل انداز هو، بلوچن وجهه وٺي شهزادي کي شڪار ڪندي گرفتار ڪيو ۽ کيس مڪران وٺي ويا. شهزادو سمت امير نظر محمد جي دعوت تي مسلمان ٿيو. جنهن سان سردار پنهنجي ڌيءُ دليبو جي شادي ڪرائي، جنهن مان گچڪين جو نسل شروع ٿيو. اهي پيءُ پاران راجپوت ۽ ماءُ طرفان بلوچ آهن. تنهن ڪري شه جي لقب سان (شيخ) سڏجن ٿا. منجهانئن مل مراد ڏهون سردار هو، جنهن بليدين کان مڪران فتح ڪيو.

R. Hughes-Buller: Makran, Geneological table of Gichkis. P. 320.

(1) بکر جي قلعي تي خواجه بسنت کي دارا شڪوه حاڪم مقرر ڪيو هو، جنهن اورنگزيب جي سپه سالار خيل خان سان جنگ ڪئي هئي. دارا شڪوه شيخ محي الدين ابن العربي جو معتقد ۽ صوفي طريقي جو پابند هو. سندس ڪتاب سفينة الاولياءَ آهي، جنهن کي سندس حڪم موجب شيخ جعفر بن علي حضرمي (متوفي 1064ع) عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو.

سفينة الاولياءَ جو فارسي نسخو سنه 1900ع ۾ لکنؤ مان شايع ٿيو.

(2) F. Bernier's trauch in the Moghal Empire, Vol. I, PP-230-240. 1890

(1) J. Sarkar: History of Aurangzeb, Vo. II, P. 216.

(1) R. Hughes-Buller: Imp. Gazt. Of India, Vol. Baluchistan. P. 14.

(2) مٿيون بيان راءِ بهادر هيتوراءِ پنهنجي تاريخ ۾ آخوند محمد صديق جي فارسي ’تاريخ قلات‘ تان نقل ڪيو آهي. آخوند محمد صديق مير محراب خان شهيد جو نديم هو.

(3) دهوار يا دهدار، قلات ۽ مستونگ ۾ کيتيءَ ۽ واپار جو ڌنڌو ڪن ٿا، سندن زبان بگڙيل پارسي آهي.

(4) قلات جو قديم نالو ’قلات سيوا‘ هو، جتي سيوا خاندان جا راجائون حڪومت ڪندا هئا. راجا سهرس هن خاندان جو پويون راجا هو، جنهن کان مير قنبر قلات فتح ڪري، مٿس ’قلات بلوچ‘ نالو رکيو. سهرس جي پٽ سنجن خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، جنهن کي مير قنبر جهالاوان جي رياست مرحمت ڪئي هئي. براهوئين جا ست فرقا آهن، جن جا نالا هي آهن: (1) قنبراڻي، (2) احمد زئي، (3) ميرواڙي، (4) قلندراڻي، (5) سماعلاڻي، (6) گر گناڙي ۽ (7) گرمينگل.

A.W. Hughes: Baluchistan, Chp. History of Kalat State.

(1) لاهري بندر جو منهن شهزادي اورنگزيب جي ملتان واريءَ نائبيءَ جي زماني ۾ واريءَ سان پورجڻ لڳو، تنهن ڪري اورنگزيب سنه 1652ع ۾ اورنگا آباد نالي نئون بندر تعمير ڪرايو. جو لاهريءَ کان پوءِ ترقي ڪرڻ لڳو، پر لاهري بلڪل مٽجي ڪين ويو هو.

(1) تحفة الڪرام: جلد --3، ص 102-103

(2) رچرڊ برٽن سنڌ متعلق پنهنجي مشهور انگريزي ڪتاب جي صفحي 140 ۾ لکي ٿو ته، ڪلهوڙا اصل ۾ نومسلم چنا قوم مان هئا، جي زور وٺڻ کان پوءِ پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا، ليڪن وٽن شجرو ڪونه هو ۽ نه وري وقت جا علماءَ سندن شجرو ٺاهي سگهيا. سنڌ ۾ هڪڙو عباسي بزرگ سهرا خطيبه نالي رهندو هو، جنهن وٽ پتل جي تختيءَ تي سندس شجرو لکيل هو. ڪلهوڙن سندس ڳوٺ ساڙائي ۽ سندس مريدن کي مارائي، تختي هٿ ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو شجرو ٺاهي، پاڻ کي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو. انگريزي راڄ جي زماني ۾ هندستان جي آدمشماريءَ جي رپورٽ ۾ ڪلهوڙا ڄاموٽ شمار ٿيندا هئا.

گوجر اصل راجپوت آهن. ’تاريخ گجرات‘ جو مؤلف غلام محمد لکي ٿو ته، گوجرن جو اصل وطن جارجيا هو، جتان نڪري پنجاب ۾ انهن گوجرانوالا جو شهر ٻڌو. اتان نڪري گجرات ۾ وارد ٿي اتي سڪونت اختيار ڪيائون. سندن ئي ڪري گجرات تي اهو نالو پيو. چولاڪيا گهراڻي جي حڪومت کان پوءِ جڏهن هوئن تسانگ هندستان ۾ آيو، اُن وقت گجرات تي گوجرن جي حڪومت هئي. ڏسو ’مرات محمدي‘ غلام محمد، ص - 12

(1) ابڙا اصل راجپوت آهن، سلطان علاءُ الدين خلجي جي زماني ۾ ڪڇ جي کنڊڪلا پرڳڻي کان نڪري سنڌ ۽ ڪڇيءَ تائين پکڙجي ويا.

J. Tod: The annals and Antiquitie of Rajasthan, Vol. II. P-73.

(2) سنه 1890ع ۾ لارڊ لئنسڊائون گورنر جنرل جي ڏينهن ۾ انگريزن سرحد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ خوجڪ درو پنجن لکن پائونڊن سان تعمير ڪرايو ۽ ڪوئٽا جي قلعي ۾ هٿيارن جو ڪارخانو کوليو، ان کان سواءِ اٽڪ، راولپنڊي، فيروزپور، ملتان، شيرشاه، بهاولپور ۽ سکر جي شهرن جي ٻاهران مورچا تعمير ڪرايائون، مٿينءَ اسڪيم موجب آدم شاه جي ٽڪريءَ تي به مورچو ٺاهي، زيارتگاه کي بند ڪرائي ڇڏيائون. پهرين عالمگير جنگ وقت هوائي جهازن جي وجود ۾ اچڻ ڪري، مورچا بيڪار ثابت ٿيا، تنهن ڪري هينئر آدم شاهه جي مقبري تي سڀڪو وڃي سگهي ٿو.

(1) ميان شاهل محمد جو مقبرو قنبر (قمبر) کان 6 ميل اتر طرف گهاڙ جي ڪپ تي آهي. هي ڳوٺ فتح پور سڏجي ٿو. سنه 1188هه (1774ع) ميان غلام شاه مٿس عاليشان قبو اڏايو. ميان نصير محمد جو مقبرو خيرپور ناٿن شاه ۾ آهي، جو سنه 1130هه (1708ع) جو جڙيل آهي.

(1) دائودپوٽن مان پهريائين دائود پنجين سنه 1350ع ۾ هاڪڙي جي ويران پيٽ کي وڃي وسايو هو. تنهن کان پوءِ مبارڪ خان بلوچن جي مدد سان جيسلمير کان کاڏل جو علائقو فتح ڪري، ڏراور جي قلعي کي تختگاه جوڙيو هو ۽ ان کان سواءِ هاڪڙي جي اولهندي ۾ شاه ڳڙه، خان ڳڙه، نواب ڳڙه ۽ بهاول ننگر ڳوٺ تعمير ڪرايا هئا.

G.B. Malleson: A Historical Sketch of the Native State of India, Chp-V, P-347.

(1) J. Tod: The Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol. II. P. 73.

(2) عبرت ڪده سنڌ: سيد محمد ضامن ڪنتوري، ص – 332، ٽالپرن نسبت مير نصير خان جو بيان.

(1) بگ ۽ مگس ايراني بلوچستان ۾ ٻه قلعا آهن. ڊومبڪ ايران ۾ هڪ برساتي نئن آهي. بليدا مڪران ۾ هڪڙي وادي آهي. ڪڇيءَ جو ميدان جو دشت بيدار يعني ويران سڏجي ٿو، اڳ زرخيز هو، ’تاريخ معصومي‘ ۾ لکيل آهي ته هن ميدان ۾ ماڻهوءَ جي قد جيترا ڪپهه جا وڻ ٿيندا هئا. سيويءَ ۾ رندن جي قلعي متعلق ’تاريخ معصومي‘ ۾ عجيب ڳالهيون ڏنل آهن. رندن سيوي ۽ ڍاڍر ۾ قلعا جوڙايا، لاشارين گنجا به ۾ بيٺڪ وڌي، جتوئين ڀنڙ ۾، چانڊين ۽ بليدين ناڙيءَ کي وسايو، ٽالپرن سيويءَ ۾ بيٺڪ وڌي، گرگيجن بارکان ۾، مگسين جهل ۾ بيٺڪون وڌيون، بلوچن جي ستت وقت جي حاڪمن سان مائٽي ٿي. مير بيورغ رند، امير ذوالنون ارغون جي ڌيءَ گران ناز سان شادي ڪئي. همايون جي امير آغا حسن علي ايشڪ جي اهليه بلوچاڻي هئي. ڏسو ’تاريخ معصومي‘ ترجمو منشي ننديرام سيوهاڻي، 1861ع ڪراچي. ايل- ڊيمس: بلوچي شاعري، همايون نامه، ص – 73.

(1) اورنگزيب جي پٽ، معظم کي چار پٽ هئا، جن مان معزالدين ملتان تي ۽ عظيم الشان بنگال تي حڪومت هلائيندا هئا، باقي خجسته اختر ۽ رفيع القدر ٻئي پيءُ سان گڏ رهندا هئا.

(1) سيوي جا بارو زئي پني افغان، جن کي جادو ناٿ سرڪار ’صحرائي بگهاڙ‘ لکي ٿو، تن مان ملڪ جيوڻ کان پوءِ بختيار خان بن مرزا خان سيويءَ ۽ ڍاڍر جو حاڪم ٿيو ۽ بکر تائين علائقو سندس نگرانيءَ هيٺ هو. هن خانپور جي ويجهو بختيار پور قلعو تعمير ڪرايو هو، جنهن تي سندس ڀاءُ ملڪ الله حڪومت هلائيندو هو.

(2) Selection from the Records of Bombay Govt. No. XVII, P-13.

(1) R. Hughes-Buller: Makran History.

(1) ڪتاب درٻار تاجپوشي قلات: مولوي دين محمد کوکر، ص- 16، لاهور، 1932ع.

(1) Selections from the Records of the BombayGovt. No. XVII, CHP-Shikarpur, PP-13-14.

(1) ميان محمد سرفراز خان کان پوءِ، ٿورو وقت ميان محمد ابا خان حڪومت ڪئي. ميان عبدالنبي خان جي قلات ڏانهن ڀڄي وٺڻ کان پوءِ، ڪجهه وقت ميان صادق علي خان درويش حڪومت ڪئي.

(1) R. Burton: Sind, P. 235, London, 1851

نوٽ: رچرڊ برٽن مشهور سياح ٿي گذريو آهي. سنڌ متعلق سندس ٻه ڪتاب آهن: پهريون سنه 1851ع ۾ شايع ٿيو، ٻيو ’سنڌ زي وزيٽيڊ‘ 1877ع ۾ شايع ٿيو. سندس پوئين تصنيف انگريزيءَ ’الف اليليٰ‘ آهي، جو پنهنجي نوعيت ۾ بي نظير آهي، جو هن وقت ناياب آهي. ڏسو ’تمدن عرب‘، ڊاڪٽر گستاؤلي بان، اردو ترجمو.

(1) ميجر گولڊ سمٿ جي بيان موجب ’پٽ باران‘ شهدادپور ۽ ڪونهيرا جي وچ وارو برساتي ميدان هو، جتي تالپرن پنهنجن ديرن لاءِ ننڍا قلعا تعمير ڪرايا هئا، جن کي ’ديره جات‘ سڏيندا هئا.

(1) Shahamatli: History of Bahawalpur, PP. 19-21, London, 1848 ournal of the Bengal Asiatic Society, November 1832. Vol. P. 479, Calcutta.

(1) سکن، جن مغلن جي ڪمزوريءَ مان فائدو ورتو، تن جي پنٿ جو باني گرو نانڪ عيسوي 15 صديءَ ڌاري پنجاب ۾ ٿي گذريو. هن هندو ڌرم ۽ اسلام جي عقيدن کي گڏي وحدانيت جو سبق ڏنو. کانئس پوءِ سندس پوئلڳن مان گرو اگند گرمکي زبان ۾ ’جنم ساکي‘ تصنيف ڪئي ۽ لنگر جاري ڪيو. اگند کان پوءِ گرو امرداس ستي لڪڙيءَ جي رسم بند ڪرائي. کانئس پوءِ گرو رامداس امرتسر وارو تلاءُ کوٽرايو، جو گروءَ جو چڪ سڏجڻ لڳو. پنجون گرو ارجن هو، جنهن تلاءَ ۾ مندر تعمير ڪرائڻ کان سواءِ سکن لاءِ ’آدي گرنٿ‘ تصنيف ڪيو. کانئس پوءِ سندس پٽ هرگوبند مسند تي ويٺو، جنهن اڪال ڀنگا هري مندر اڳيان تعمير ڪرائي، سکن جي هڪڙي فوج تيار ڪئي.

سنه 1645ع ۾ ڪرتارپور ۾ سرڳواس ٿيو. گرو هرگوبند جي پٽ گرو تيغ بهادر کي اورنگزيب فساد جي ڏوهه ۾ مارايو هو. کانئس پوءِ سندس پٽ گرو گوبند سنگهه مسند تي ويٺو، جنهن 1675ع کان 1699ع تائين سکن کي منظم ڪري، کين ’سنگهه‘ جو لقب ڏنو. سندس حڪم موجب سک هٿ ۾ ڪڙو، مٿي تي ڪيس (وار) ڦڻي، ڪڇ ۾ ڪرپان نشاني طور رکڻ لڳا ۽ هو ’خالصا‘ سڏجڻ لڳا. گوبند سنگهه دکن ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ هڪڙي باغي بندا سنگهه جي اڳواڻيءَ هيٺ سکن مغلن سان جنگيون شروع ڪيون، مگر 1715ع ۾ پنجاب جي گورنر عبدالصمد هٿان بندا 740 سکن سميت مارجي ويو. راوي ۽ جمنا ندين جي وچ واري ميدان ۾ مانجها ۽ مالوه سکن جي رهائش جا ٻه مکيه هنڌ هئا. انهن مان مانجها، جهنگ راوي ۽ ستلج جي وچ ۾ آهي ۽ مالوه ستلج ۽ جمنا جي وچ ۾ آهي. سکن ۾ گهڻو تعداد جاٽن جو شامل آهي. سکن جو گرنٿ جيڪو گرو ارجن 1581ع کان 1606ع ۾ تصنيف ڪيو هو، تنهن جو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

(1) Sayed Mohamed Latif: History of The Punjab, P. 185, Calcutta, 1801.

(1) سير المتاخرين: سيد غلام حسين، جلد-2، ص- 75، ڪلڪتو، 1782ع.

(1) ’ڦلنگي‘ يا ’فرنگي‘ لفظ ’فرئنڪ‘ جي بگڙيل صورت آهي. جرمن قومن، جن عيسوي 6 صديءَ ڌاري فرانس تي قبضو ڪيو هو، تن کي ’فرئنڪ‘ سڏيندا هئا. اوائل ۾ پورچوگيز ۽ ٻيا يورپي دريائي چور هوندا هئا، ان ڪري ’فرنگي‘ معنيٰ ’دريائي چور‘.

(1) L. Demes: The Book of Durate Barbosa, PP. 106-107 (1918).

(2) R. Hughes-Buller: Makran History of The Med.

(1) سنه 1580ع ۾ پورچوگال جي حڪومت يورپ ۾ اسپين سان گڏجي ويئي، تنهن ڪري پورچوگيزن کي ڪنهن به قسم جي مدد جي ضرورت ان وقت ڪانه هئي.

A. Lyall: The Rise & Expansion of the British Dominion India, P-15, London, 1915.

C.R. Low: Historical Background of Royal Indian Navy, Part-I.

(1) H. G. Rawlinson: British Begnings in Western India, Chp. V, P-83, Oxford.

(1) F.C Danvers: The Portugues in India, Vol. I, P. 508.

(2) H. G. Rawlinson: British Begninges in Western India, P. 83.

(3) سنڌ نير جي اپت ڪري مشهور صوبو هو. سيوهڻ ۽ سن نير جي اپت ڪري مشهور هئا. آڳاٽي وقت کان ڀنڀور ۽ ڀڙوچ کان سنڌ ۾ هندستان جو نير مصر تائين وڪامڻ ويندو هو. هندستان جي نير جي مقابلي ۾ سنڌ جو نير عمدو ۽ قيمتي هو.

(4) W.W. Faster: Early travels in India, PP. 188-223.

(1) تماڪ هندستان ۾ اڪبر اعظم جي ڏينهن ۾ پهتو هو، پر هن ملڪ ۾ وڏيءَ قيمت تي وڪامندو هو. يورپ ۾ تماڪ جو بنياد 1560ع ۾ پيو، جڏهن هڪڙي ڊچ واپاريءَ، لزبن جي فرينچ سفير جان نڪاٽ کي سوکڙيءَ طور ڏنو هو. تماڪ جي پيدائش جو اصلي هنڌ آمريڪا آهي، جتان ايلزبيٿ جي ڏينهن ۾ سر والٽر ريلي انگلنڊ آندو هو.

H. Elliat: History of India, Vol. VI, PP. 165-166.

(2) W. W. Faster: The Embassy of SIR Thomas Roe, PP. 75-76

(1) مغلن جو هڪڙو جهاز جنهن تي شهنشاه جهانگير جي والده حج ڪرڻ لاءِ مڪي ڏانهن وڃي رهي هئي، اهو جهاز پورچوگيزن سمنڊ تي ڦريو هو. سر ٿامس رو کان اڳ انگلينڊ جي بادشاه جيمس پهرئين 1607ع ۾ هاڪنس کي سفير ڪري جهانگير جي درٻار ۾ آگري ڏانهن مڪو هو. سر ٿامس رو ان ڪري ڪامياب ٿيو، جو انگريزي ٻيڙي هندستان جي جهازن جي سلامتيءَ جو ذمو پاڻ تي کنيو، جنهن ڪري حج جو رستو کلي پيو.

(2) W. W. Faster: The English Factories in India (1637), P. VII Oxford, 1906.

(1) جهانگير جي ڏينهن ۾، انگريزن وٽ واپار جون ٻه ڪوٺيون هيون، سورت جو اثر ايراني نار ۽ باب المنذب تائين ڇانيل هو ۽ مدراس جي ڪوٺيءَ جي ڪري انگريزن جو اثر هوگلي ۽ مرشد آباد تائين ڄميل هو.

(1) W. H. Marclaud: From Akbar to Aurangzeb, PP. 114-190.

(1) البڪرڪ 1510ع ۾ هرمز ٻيٽ فتح ڪري، اتي قلعو اڏائي، روئي گومس کي پنهنجي پاران سفير ڪري، شاه اسماعيل صفويءَ ڏانهن مڪو هو، جنهن شاه کي پهريون اهو شرط پيش ڪيو هو ته گهوڙن جو واپار بند رهي. شاه اهو شرط منظور ڪيو هو.

(2) H. Moorse Stephen: Rulers of India, "Albuquerqe", PP. 135-137.

(1) مانوسي 48 ورهين تائين مغلن وٽ نوڪر رهيو هو، سندس لکيل بيانن تان ڪٽرو 1715ع ۾ پئرس مان مغليه خاندان جي تاريخ شايع ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org