عرب ۽ هند جا تعلقات:
اسلام جي ظهور کان هزارها ورهيه اڳ، عربن جا
هندستان سان مذهبي ۽ تجارتي تعلقات قائم هئا، يمن
۽ ايراني نار جي بندرن سان سنڌ جو واپار هلندڙ هو.
ان قسم جي جهاز رانيءَ ۽ تجارت جو ذڪر قرآن پاڪ ۾
ڏنل آهي(1).
حديثن ۽ تفسيرن ۾ جتي حضرت آدم عليه السلام جو ذڪر
اچي ٿو، اُتي متعدد روايتن ۾ ڏيکاريل آهي ته جنت
کان نڪرڻ کان پوءِ حضرت آدم عليه السلام (هندستان
جي) ٻيٽ سرانديپ (سيلون) تي لاٿو ويو، جتي جبل آدم
موجود آهي. خود حضور ص جن فرمايو ته: ”مون کي هند
جي زمين کان رباني خوشبوءِ اچي ٿي.“ هيءُ بيان
صحيح حديثن جي مقابلي ۾ اگرچه ضعيف آهي، تاهم ايئن
سمجهڻ گهرجي ته تاريخ جي زماني کان اڳ عربن جو
هندستان سان نهايت ويجهو لاڳاپو هو. ابن قتيبه جي
ڪتاب ’المعارف‘ ۾ بيان آهي ته امام زين العابدين
رضه جي والده ماجده سنڌي خاتون هئي. ازانسواءِ عرب
واپاري هزارها ورهيه اڳ بحيره قلزم، يمن، عمان جي
بندرن کان مڪران ۽ سنڌ جي بندرن کي لتاڙي کنڀات،
ٿاڻي، ڪاليڪٽ، سرانديپ، ڪاري منڊل ڪناري کان بنگال
جي اپسمنڊ کي لتاڙي، هندستان جي مشرقي ٻيٽن کان
ٿيندا چين تائين واپار ۽ مسافري ڪندا هئا. اڳ بيان
ڪري چڪا آهيون ته مهاڀارت جي زماني ۾ آريا لوڪ
عربن جي خروشطي خط ۽ زبان کان واقف ٿيا هئا(1).
ضرورت آهي ته هت بندرن جو ٿورو ذڪر ڏجي، جن سان
عرب واپار ڪندا هئا.
عدن:
يمن جي اوج لاءِ سبا جو زمانو ۽ سندن آثار آڳاٽيءَ
تهذيب لاءِ ڪافي ثبوت آهن. قريش جا واپاري يمن جي
بندرن تان سنڌ جي پيداواري خريد ڪري شام ۽ مصر
تائين نيڪال ڪندا هئا. عيسوي 12 صديءَ تائين، سنڌ
جا جهاز عدن کي مال پهچائيندا هئا(2).
حيره:
آل منذر جو تختگاه حيره، ايراني نار جي منهن وٽ هو
۽ فرات جي هڪڙي شاخ تي پُررونق ۽ دولتمند شهر هو.
علامه الاغانيءَ جي بيان موجب هتي هند ۽ چين جا
جهاز لنگر هڻندا هئا؛ يونانين حيره تي ’اپولو گوس‘
نالو رکيو هو. سنڌ جي دريائي ڌاڙيلن جي خوف ڪري
حيره جي عرب اميرن شهر کي عالم پناه ڏياري هئي.
قانه:
قانه حضرالموت جو بندر هو، بني حضر موت وارا جهاز
رانيءَ جي فن جا ماهر هئا ۽ هندستان جي واپار جا
مالڪ هئا، اسلام کان پوءِ سندن ئي بحري مسافرين
ڪري اسلام سوماترا ۽ جاوا تائين پهتو هو(3).
اُبله:
جتي فرات ۽ دجله پاڻ ۾ گڏجن ٿيون، اتان ڏکڻ ۽
اُبله جو بندر هو. هت هندستان جي عمارتي ڪاٺ جي
وڏي مڏي هئي، عربن مٿس اُبله نالو رکيو هو. هند ۽
چين جا جهاز جيڪي فرات ۽ دجله جي بندرن کي مال
پهچائيندا هئا، سي هت لنگر هڻندا هئا. ساساني
ڪسرائن سندس اهميت کي محسوس ڪري، ان جي چوگرد بحري
قزاقن کان بچاءَ لاءِ قلعو ڏياريو هو. سنه 14هه
(635ع) ڌاري بصري جي بنياد پوڻ کان پوءِ اُبله جي
سياسي ۽ تجارتي اهميت گهٽجڻ لڳي ۽ سنه 256هه ۾
بلڪل تباه ٿي ويو(1).
عيسوي 9 صديءَ ڌاري عرب واپارين جا جهاز هندستان ۽
چين تائين وڃڻ لڳا. خلافت فاروقيءَ جي زماني ۾
بحيره احمر تي جار ۽ ايراني نار تي اُبله مکيه
بندر هئا(2).
سوهار:
سوهار عمان جو مکيه بندر هاڻوڪي مسقط جي هنڌ تي
هو، واپار ڪري دولتمند هو. تغلبي شاعر اخنس جي
قصيدن مان پتو پوي ٿو ته بحرين ۽ عمان جا ڪنارا
لڪيز بن عبدالقيس جي ماتحت هئا.
سيراف:
مڪرانات جو بندر هو ۽ بصري کان هڪ هفتي جي
مسافريءَ تي هو. هجري 3 صديءَ ۾ سندس اقبال چمڪيو،
هتي واپارين جا گدام ۽ ساڳ جي ڪاٺ جون جڙيل
عمارتون هيون، جن جي چؤطرف باغات هئي(3).
سنڌ جي دريائي ڌاڙيلن جي خوف ڪري، بعض جهازن تي
پنج سؤ ملاح رهندا هئا، جي پاڻ سان بچاءَ لاءِ
آتشي مادو کڻندا هئا. ايام جاهليت جي شاعرن طرفه،
اعشيٰ، عمرو بن ڪلثوم، اخنس، امراءِ القس جي اشعار
مان به عربن جي جهازرانيءَ جو پتو پئجي سگهي ٿو.
سنه 396هه ڌاري زلزلي ڪري سيراف برباد ٿي ويو.
هجري 6 صديءَ ڌاري ياقوت جڏهن سيراف کي ڏٺو، تڏهن
منجهس برباد ٿيل عمارتن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه
هو.(1).
قيس:
سيراف وانگر قيس به ايراني نار تي مکيه بندر هو.
تيز:
تيز اڳ مڪران جي ڪناري تي سنڌ جو مکيه بندر هو، هت
چين ۽ هند جا جهاز لنگر هڻندا هئا. هينئر سندس
اقبال غروب ٿي چڪو آهي، هڪڙو ننڍو ڳوٺ آهي، جتي
ٿورا مٽيءَ جا گهر آهن.(2)
سنڌ جا بتخانا:
سنڌ جا بتخانا هندستان کان سواءِ بيروني دنيا ۾ به
مشهور هئا، هتي جي بتن جي پري پري تائين پوڄا
ٿيندي هئي. چين، ايران ۽ بابل تائين سندن ڌاڪو
ڄميل هو. سال بسال چنڊ گرهڻ جي موقعي تي راجائون
بتن اڳيان اچي سجدو ڪري بيش قيمت نذرانا چاڙهيندا
هئا. ڪي بت، سون ۽ چانديءَ جا، جواهرات سان مڙهيل
هئا، جن تي ريشمي ڪپڙا چڙهيل هئا. مندرن ۾ اڪيچار
دولت گڏ ٿيل هئي، جتان عرب ۽ ترڪ فاتحن کي بيشمار
خزانا هٿ لڳا هئا.
ديبل:
ديبل هاڻوڪي پير پٺي وٽ وڏو بتخانو هو، جتي ’ديول‘
ديو جو بت رکيل هو. مندر شهر جي وچ ۾ هو، شهر جي
ديوارين سان سمنڊ جون ڇوليون لڳنديون هيون، مندر
جو بلند گنبذ سمنڊ تان پريان نظر ايندو هو، سندس
چئني ڪنڊن تي چار وڏا برج هئا. گنبذ جي مٿان هڪڙي
گهوڙي سوار جو پتل جو مجسمو کتل هو. هڪڙي ڊگهي
بانس ۾ ڳاڙهو جهنڊو هوا ۾ ڦڙڪندو هو، شهر وارن جو
اعتقاد هو ته جيسين جهنڊو هوا ۾ ڦڙڪندو، تيسين
ڪابه طاقت شهر فتح ڪري نه سگهندي. ابو زيد سيرافي
سنه 294هه جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته سنڌ جي مندرن ۾
ديوداسيون رهنديون هيون(1).
ٻڌ جا ڀڪشو ڊگهن وارن سان اگهاڙا، ڳچيءَ ۾ انسان
جي کوپرين جون مالائون پاتل، شهرن ۾ گهمندا هئا(2).
هبروا:
خبر نٿي پوي ته سنڌ جو هي بتخانو ڪهڙي هنڌ تي هو.
بشاري مقدسي سنه 370هه ڌاري لکي ٿو ته سنڌ جي
هبروا شهر ۾ ٻه طلسمي پٿر جون مورتون بيٺل هيون،
جي ڏسڻ ۾ چانديءَ ۽ سون جا بت معلوم ٿيندا هئا،
سندن ڀر ۾ سائي رنگ جي پاڻيءَ جو چشمو هو، جتي
مريض ۽ زخمن وارا غسل ڪندا هئا. هتي جي پورهيتن جو
خرچ ديوداسيون پورو ڪنديون هيون، اهي اميراڻي
گهراڻي جون ڇوڪريون هيون. ماڻهو بتن اڳيان بيهي
دعا گهرندا هئا، هڪڙو مسلمان به بتن کي ڏسي بت
پرستي ڪرڻ لڳو هو، پر پوءِ نيشاپور وڃي وري مسلمان
ٿيو هو.
برهمڻ آباد:
برهمڻ آباد جو شهر چئن ميلن ۾ هو، هتي جي بتخاني
نووهار ۾ ٻڌ جو بت رکيل هو. جيئن بابل جي هيڪل جا
پروهت نجومي ۽ ستاره شناس هئا، تيئن برهمڻ آباد جي
مندر جا پنڊت به وڏا جوتشي هئا. چچ جهڙي ڪٽر برهمڻ
سندن اڳيان مٿو ٽيڪي مندر جي نئين سر تعمير ڪرائي
هئي. هتي جي پروهتن جو تعداد هڪ هزار هو(1).
پارينگر:
ننگرپارڪر ۾ هاڪڙي جي هڪڙيءَ شاخ تي پارينگر وڏو
بتخانو هو، جتي پارس ناٿ، جين جي اوتار جو پتلو
رکيل هو؛ هتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو. عيسوي
پهرين صديءَ تائين پارينگر جو اوج رهيو ۽ آسوڪا جي
تحريڪ ڪري هر پنجين سال اتي عظيم الشان ميلا لڳندا
هئا. هڪڙو ٻڌ جو ستوپ عمرڪوٽ وٽ به هو.
مهانگر:
گجرات ۾ دوارڪا، سومناٿ ۽ مهانگر وڏا بتخانا هئا،
منجهانئن مهانگر جي بتخاني ۾ ويهه هزار بت رکيل
هئا، وڏو بت 12 فوٽ بلند هو.
ملتان:
ڪيشپ پوري (ملتان)، جو ڪو وقت راجا هرناڪس جو
تختگاه هو، اتي ايران جي ڪسرائن آفتاب جو مندر
تعمير ڪرايو هو، منجهس آفتاب جو بت رکيل هو. ملتان
فتح ٿيڻ کان پوءِ هڪڙي برهمڻ غازي محمد بن قاسم کي
هڪڙي حوض هيٺان پوريل خزاني جو ڏس ڏنو، جو راجا
جسوين دفنايو هو. غازي موصوف کي حوض هيٺان 330
ديڳيون خزاني سان ڀريل هٿ لڳيون، جن ۾ 13 هزار 3
سؤ مڻ سون هو. سمورو خزانو جهازن رستي ديبل کان
بصري ڏانهن روانو ڪيو ويو. فتح اسلام کان پوءِ هتي
جي عرب اميرن کي آفتاب جي مندرن مان ڪافي آمدني
هئي. جڏهن ڪو هندو راجا ملتان تي ڪاهه ڪرڻ جو
ارادو ڪندو هو، تڏهن عرب امير بتخاني کي ڊاهڻ جي
ڌمڪي ڏيندا هئا(1).
بزرگن شهرياد بتخاني جو نالو آدث (آفتاب) لکيو
آهي؛ بيروني به ساڳئي نالي سان لکي ٿو.
نگرڪوٽ:
نگر ڪوٽ، ڪانگڙي ضلعي ۾ وڏو مندر هو. ان کي ساڳي
حيثيت حاصل هئي، جيتري قديم يونان جي مندر ڊبلفي
(دارالاستخاره) کي حاصل هئي. فرشته جو بيان آهي ته
ڏکين ڪمن ڪرن کان اڳ هندو بت کان مشورو وٺندا هئا.
سلطان محمود غزنويءَ کي هتان وڏو خزانو هٿ لڳو هو(1).
بلخ:
بلخ جو بتخانو، نووهار، هندستان، چين ۽ ايران وارن
لاءِ ڪعبي وانگر هو؛ سو برمڪين تعمير ڪرايو هو.
مندر جون ديواريون پختيون هيون، جن جي چئني ڪنڊن
کان هڪ سف هٿ ڊگها چار سائي رنگ جا ريشمي جهنڊا
لڳل هئا، جي پري کان نظر ايندا هئا. مندر جو گنبذ
اشبت (استن) به بلند هو. منجهس چئن ئي ڪنڊن کان
پروهتن لاءِ 360 ڪمرا جڙيل هئا(2).
هر سال بعار جي مند ۾ ميلي جي موقعي تي بتن کي
ريشم جو، جواهرات سان جڙيل، غلاف پهرائيندا هئا.
مختلف ملڪن جي ياترين کان سواءِ هندستان، چين ۽
ايران جا رجائون ۽ شهنشاه وڏي بت اڳيان سجدي ڪرڻ
کان پوءِ زر، جواهر ۽ گل نذراني طور چاڙهيندا هئا.
هت سنه 605 ق-م ۾ زردشت ڄائو هو.
باميان:
ڪابل جي اتر اولهندي طرف ڪوه بابا ۽ هندوڪش جبلن
جي وچ ۾ باميان وڏو بتخانو هو، جتي اَجنتا جي غارن
وانگر 12 هزار بت رکيل هئا ۽ اڃا موجود اهن. اهي
غار ’سماج‘ سڏبا هئا. بتخاني جي هڪڙي عمارت سوني
هئي، جنهن کي زڪريا قزويني ’بيت الذهب‘ جي نالي
سان لکيو آهي. ياقوت هر هڪ بت جو جدا جدا بيان ڏنو
آهي. حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ باميان فتح ٿيڻ وقت،
عرب فاتحن کي هتان سوين مڻ سون هٿ لڳو هو. مامون
جي ڏينهن ۾ بعض بت تحقيقات ڪرڻ لاءِ بغداد جي بيت
الحڪمت تائين پهتا هئا. ابو دلف ينبوعي جو بيان
آهي ته باميان جي بتن جي ايران، بلوچستان، سنڌ ۽
هند جا رهاڪو ياترا ڪرڻ ايندا هئا؛ چنگيز جي اُڙدن
هٿان ان بتخاني کي نقصان پهتو هو. سنه 1886ع ۾
جرنل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ اتي جي بتن جون تصويرون
شايع ڪيون هيون. ٻڌ جي زماني جا يادگار آهن(1).
سيوي:
ڪڇي علائقي جي سيوي (شبي) شهر ۾ ٻڌ جو ستوپ هو،
جنهن جي هوئن ٽسانگ به ياترا ڪئي هئي.عربن ڪڇيءَ
تي نالو به ٻڌ (بودهيه) رکيو هو. تنبوءَ جي ڳوٺ
ڀرسان، ڇلگري وٽ، ٻڌ جا ڪي آثار بيٺل آهن.(1).
هنگلاج:
هنگلاز يا هنگجا جنهن کي سنڌ جو سرتاج شاعر شاه
ڀٽائي رحه به ڏسڻ ويو هو، سو لس ٻيلي ۾ هڪڙو غار
آهي، اڳ هت هنگلاج ديويءَ جو بت رکيل هو، جنهن جي
ايلم، ديلم، بابل، يونان، مصر ۽ هند وارا پرستش
ڪندا هئا. پهريان ايلم وارا بت کي پنهنجي تختگاه،
سوسا ڏانهن کڻي ويا هئا، جتان بخت نصر بابلي ان کي
بابل جي هيڪل ۾ رکايو هو. عبراني، مصري ۽ عرب به
هن بت کي متبرڪ سمجهندا هئا. بت جو مٿيون ڌڙ عورت
جو ۽ هيٺيون حصو مڇيءَ جو هو. مٿين خيالي تصوير
يونانين ايجاد ڪري مٿس ’نانيا‘ نالو رکيو هو.
سوميري قوم ان جي يادگار لاءِ ’نينا‘ جو شهر تعمير
ڪرايو هو. اشور وارن به سندس نالي تي ’نينويٰ‘ جو
شهر تعمير ڪرايو هو. ان بيان مان سنڌ جي بتخانن جي
قدامت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو(1).
بعض يوناني باختري سڪن تي به ’نانيا‘ نالو لکيل
آهي. ان مان پتو پئجي سگهي ٿو ته سڪندر جا پويان،
جن سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ تي بيٺڪون جوڙيون
هيون، هن بت جا پوڄاري هئا. مصر وارا ان کي
اوسيريز جي ماءُ ’نت‘ جي نالي سان آسماني ديوي ڪري
مڃيندا هئا(1).
ميجر گولڊ سمڊ جنهن 19 صديءَ جي آخر ۾ لس ٻيلي ۽
مڪران جي سروي ڪئي هئي، سو هن بت کي يوناني تسليم
ڪري ٿو. هندستان جا راجائون ديويءَ کي ’مهاڪالي‘
سڏيندا هئا. قنوج جي راٺوڙ راجا، نين پال جو پوٽو
اُگرا پرڀو، جنهن سڄو لاڙ ۽ ٿر فتح ڪيو هو، هن
ديويءَ جو خاص پوڄاري هو ۽ هن ديويءَ جي عقيدتمندي
لاءِ پاڻ تي ’هنگلاج چنديلا ڪمبوج‘ نالو رکيو
هئائين. بلوچ به ديويءَ کي ’بي بي ناني‘ ڪوٺين ٿا.
اڄ هنگلاج جي آڳاٽي رونق ڪانه رهي آهي. هندو مندر
اڳيان ٻڪر بليدان ڪن ٿا ۽ لس ٻيلي جي ڄام کي
ساليانو مندر جي آمدنيءَ مان ڇهه سؤ رپيا ملن پيا.(2)
الور:
الور، پايهءِ تخت جي بتخاني ۾ هڪڙي سوار جو مجسمو
رکيل هو، جو سڄو جواهرات سان جڙيل هو. شهر وارن آڻ
مڃڻ لاءِ جيڪي شرط غازي محمد بن قاسم کي پيش ڪيا
هئا، تن ۾ هڪڙو شرط بت جي سلامتيءَ لاءِ به هو، جو
فاتح منظور ڪيو هو ۽ تنهن کان پوءِ شهر وارن قلعي
جا در پٽيا هئا(1).
قلات:
قلات ۾ سيوا قلعي جي هيٺان هڪڙو بتخانو آهي، جتي
’مهاڪاليءَ‘ جو سنگ مرمر جو بت رکيل آهي. تعجب آهي
ته بلوچستان جي بتخانن مان فقط سيويءَ جي بتخاني
جي هوئن ٽسانگ ياترا ڪئي هئي(2).
سلسليءَ جا بت:
سنڌ ۾ بت پرستيءَ جو ايترو زور هو، جو هتي جا
رهاڪو ڌارين ملڪن جا بت خوشيءَ سان خريد ڪندا هئا
۽ عربن کي ان ڳالهه جي خبر هئي. سنه 36هه ڌاري
امير معاويه رضه جي لشڪر سسلي ٻيٽ تي ڪاهي، اتان
ڪي سونا بت هٿ ڪيا هئا. اهي بت پوءِ وڪري لاءِ سنڌ
ڏانهن روانا ڪيا ويا، جتي چڱي قيمت تي نيڪال ٿيا
هئا. عربن کي هندستان ۽ اتي جي اولهندي ۽ اوڀرندي
وارن ٻيٽن جي خبر هئي. خلفاءِ راشدين جي زماني ۾
حضرت عمر رضه، هڪڙي عرب کان هندستان بابت پڇا ڪئي.
هن مختصر بلاغت آميز فقرن ۾ جيڪو جواب ڏنو هو،
سوهن ريت هو: ”اُتي جا سمنڊ موتين سان ڀريل، جبل
ياقوت جا ۽ وڻ عطر جا آهن.“
|