سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛2

صفحو :4

فتح برهمڻ آباد:

ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، سندس پٽ جئسيه وٽ محمد علافيءَ سميت 15 هزار لشڪر هو. ٻنهي کي وزير سيساگر، برهمڻ آباد جي قلعي ڏانهن وڃڻ لاءِ صلاح ڏني، جت بيشمار خزانو دفنايل هو. ابن خلدون لکي ٿو ته، برهمڻ آباد (برهنماباد) سنڌ ۾ ٻيو نمبر شهر هو، هتي جو قلعو هندستان جي مضبوط قلعن مان هو.جئسيه سنڌ جي سڀني راڻن کي ڏاهر جي مارجي وڃڻ جي خبر موڪلي، کانئن مدد لاءِ گهر ڪئي. ٻئي پاسي غازي محمد بن قاسم صوبن جي سڀني حاڪمن لاءِ پڌرائي ڪئي ته جيڪو اطاعت قبول ڪندو، تنهن کي امان ڏبي ۽ سندن مذهب ۾ ڪوبه دخل نه ڏبو ۽ سڀني جون خطائون معاف ڪبيون. ڏاهر جي وزير سيساگر، جنهن وٽ سرانديپ جا قيدي هئا، تنهن غازي موصوف جي اعلان کي غنيمت ڄاڻي معافيءَ لاءِ طلب ڪئي، جا کيس ڏني ويئي. الور ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ دهليله جي حاڪم نيويه بن ڌارن، 16000 لشڪر سان مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي پيش پيو. محمد بن قاسم وزارت جو قلمدان سيساگر جي سپرد ڪيو.

برهمڻ آباد جي قلعي کي چار دروازا هئا: 1- جر ٻيڙي، 2- ساهتيا، 3- منهڙو ۽ 4- سالباه، جن مٿان جئسيه چار سپه سالار فوجن سميت مقرر ڪيا هئا. سنڌين جي هيءَ آخري جنگ هئي. سندن فوجين جو تعداد 40 هزار هو. ماه رجب ۾ عرب لشڪر برهمڻ آباد کي ويجهو پهتو. فاتح سنڌ لشڪر کي خندقن کوٽڻ لاءِ حڪم ڏنو. ماه ذي الحج سنه 94هه (سنه 712ع) ڌاري جنگ شروع ٿي. جئسيه گوريلا جنگ شروع ڪئي ۽ سڄي علائقي کي ويران ڪري ڇڏيائين، جيئن اسلامي لشڪر کي سامان رسد ۽ جانورن لاءِ گاه ملي نه سگهي.

محمد بن قاسم پنهنجن سپه سالارن مان بنانه بن حنضله، عطيه ثعبلي، صادم بن سارم همداني، عبدالملڪ مدني ۽ ماڪا بن بسايا کي سوارن جي دستي سان روانو ڪيو. هنن اهڙي بهادريءَ سان جنگ ڪئي، جو دشمن جا پير ميدان مان اکڙجي ويا. جئسيه راجپوتانا جي صحرا ڏانهن ڀڄي ويو. محمد علافي جان بچائي ڪشمير ڏانهن ڀڄي ويو، جِت هن وفات ڪئي. سندس پويان ڪشمير ۾ رهڻ لڳا، جت هنن مسجديون تعمير ڪيون(1). ڇهن مهينن جي گهيري کان پوءِ شهر وارن برهمڻ آباد جي قلعي جا در پٽيا. محمد بن قاسم مٿن جزيه مقرر ڪري، بتخانن کي قائم رکيو. وري جن مقابلو ڪيو، سي مارجي ويا. ان کان پوءِ شهر بااثر ماڻهن جي حوالي ڪري محمد بن قاسم الور ڏانهن موٽيو.

برهمڻ آباد کي ماه محرم سنه 94هه (سنه 712ع) ۾ فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم سهتن کي امان ڏيئي، مٿن خفيف جزيه مقرر ڪرڻ کان پوءِ الور ڏانهن موٽيو، جتي ڏاهر جو ننڍو پٽ فيوفي، جئسيه جي اشاري تي جنگ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو، ليڪن الور جا باشندا، جن کي تسلي هئي ته مسلمان فاتح وعدي جا پڪا آهن، سي پيش پوڻ لاءِ صلاحون ڪرڻ لڳا. فيوفي شهر وارن باشندن جي ارادن کي معلوم ڪرڻ کان پوءِ، شهر ڇڏي ويو. محمد بن قاسم رواح بن اسد کي الور مٿان نائب مقرر ڪري، موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن محمد بن شيبان بن عثمان ثقفيءَ کي شهر مٿان قاضي مقرر ڪري ۽ کيس انصاف لاءِ تاڪيد ڪري اڳتي وڌيو.

فتح بابيا، اُچ ۽ ملتان:

بابيا جو مشهور قلعو بياس نديءَ تي هو، هتي جو حاڪم ڪڪسي بن چندر ڏاهر جو سؤٽ هو. ڏاهر سان جنگ وقت مددگار هو؛ ڏاهر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ قلعي ۾ اچي لڪو هو. هن عرب لشڪر جي پهچڻ وقت شهر کان نڪري اچي ان جو استقبال ڪيو. غازي محمد بن قاسم خوش ٿي کيس پنهنجو وزير مقرر ڪيو ۽ شهر جون مالي واڳون سندس سپرد ڪري، بياس ندي ٽپي، اُچ (اسڪلنده)(1). جي قلعي تي ڪاهه ڪئي. هتي جو حاڪم ملتان جي راجا جو ڀائٽيو هو. ستن ڏينهن تائين مقابلي ڪرڻ کانپوءِ هو ملتان ڏانهن ڀڄي ويو. اسڪلنده فتح ڪرڻ کان پوءِ اسلامي لشڪر سڪه جي قلعي تي ڪاهه ڪئي، جو راوي نديءَ جي ڏکڻ ۾ هو. هتي جو حاڪم بجيراءِ سترهن ڏينهن تائين مقابلي ڪرڻ کانپوءِ ڀڄي ويو.

محمد بن قاسم قلعي مٿان عتبه بن سلمه کي حاڪم مقرر ڪري، راوي ندي ٽپي، ملتان تي گهيرو ڪيو. ملتان جو راجا، چندر جو پٽ گرسيه ٻن مهينن تائين مقابلي ڪرڻ کان پوءِ، شهر ڇڏي ڪشمير ڏانهن ڀڄي ويو. ملتان جي آفتاب جي مندر ’بيت الذهب‘ مان فاتحن کي دفنايل خزانو 3 ڪروڙ رپيا هٿ لڳو. ياد رهي ته سنڌ جي شهرن ديبل، سيوستان، نير ڪوٽ ۽ الور مان جيڪي خزانا هٿ لڳا هئا، تن جو پنجون حصو حجاج بن يوسف ڏانهن روانو ڪيو ويو هو، باقي لشڪر ۾ ورهايو ويو هو، پر ملتان مان جيڪو خزانو هٿ لڳو هو، سو جهازن رستي ديبل ۽ بصري کان دمشق ڏانهن روانو ڪيو ويو(1). محمد بن قاسم ملتان شهر مٿان دائود بن نصر عمانيءَ کي حاڪم ۽ قلعي مٿان ازهر مدنيءَ کي سپه سالار مقرر ڪري، ڪيرج ڏانهن وڌيو. ان وقت عرب لشڪر جو تعداد پنجاه هزار هو، جنهن ۾ گهڻا سپاهي هندو هئا.

فتح ڪيرج ۽ قنوج:

ڪيرج جو راجا دروهراءِ هو، جنهن آڻ مڃي، ڪيرج فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن قاسم ديپالپور ڏانهن وڌيو، جو ملتان ۽ لاهور جي وچ ۾ وڏو شهر هو. ديپالپور ۾ جامع مسجد تعمير ڪرائڻ کان پوءِ ابن عبدالملڪ بن تميم کي شهر مٿان حاڪم مقرر ڪري، ابو حليم شيبانيءَ کي ڏهه هزار لشڪر سان قنوج فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو. غازي محمد بن قاسم جي هيءَ پوئين منزل هئي، ليڪن بعض انگريزي تاريخن ۾ لکيل آهي ته هن قنوج، راجپوتانا، چتور، ڪڇ ۽ گجرات تائين ملڪ فتح ڪيا هئا(1).

’چچنامي‘ ۾ قنوج جي راجا جو نالو چندر جهشال ڏنل آهي. ’تاريخ راجسٿان‘ ۾ محمد بن قاسم جي اُڌيپور تي ڪاهه جو ذڪر ڏنل آهي(2). ان کان سواءِ ’مختصر تاريخ هند‘ ۾ بيان آهي ته محمد بن قاسم ڪشمير کان ڪڇ، مارواڙ، راجپوتانا ۽ مالوه جي سرحد تائين ملڪ فتح ڪيا هئا(3). بهرحال سنڌ جي فتوحات مان اسلامي لشڪر کي تيرهن ڪروڙ پنجهتر رپين جو مال ۽ ٽيهه هزار غلام ۽ ٻانهيون هٿ لڳيون هيون. حجاج بن يوسف دمشق جي خزاني مان سٺ هزار درهم خرچ ڪيا هئا(4). شام جو قصر عميرا، جو اموين جو حمام هو، تنهن جي هڪڙيءَ ديوار تي راجا ڏاهر جي تصوير ڏنل آهي.

محمد بن قاسم جي موت بابت مؤرخن جون غلطيون:

’چچنامي‘ کان وٺي ’تحفة الڪرام‘ تائين سنڌ جي تاريخن ۾ لکيل آهي ته غازي محمد بن قاسم ڏاهر جي راڻي لاڏيءَ سان شادي ڪئي ۽ ڏاهر جي ٻن ڌيئرن، سورج ديوي ۽ پرمل ديويءَ کي مال غنيمت سان دمشق جي درٻار ڏانهن روانو ڪيو. شهزادين ۾ ڏاهر جي ڀاڻيجي سندر يبه هئي، جنهن جي وليد بن عبدالملڪ، عبدالله بن عباس سان شادي ڪرائي، مگر ان مان کيس ڪو اولاد نه ٿيو. راجا ڏاهر جي ڌيئرن جي سازش سان ۽ سندن دروغ بيانيءَ ڪري، خليفي مٿن اعتبار ڪري، فاتح سنڌ کي ڍڳي جي کل ۾ سبرائي مارائي ڇڏيو.

مٿئين غلط واقعي کي سڀني فارسي مؤرخن نقل ڪيو آهي. ايلفنسٽن به پنهنجي تاريخ ۾ نقل ڪندي لکيو آهي ته، سڀ فارسي مؤرخ ان ڳالهه تي متفق آهن. مولوي عبدالحليم شرر پهريون مؤرخ هو، جنهن پنهنجي ’تاريخ سنڌ‘ جلد پهرئين، 1907ع واري ايڊيشن ۾ ٿئين غلط بيان جي ترديد ڪئي. هيءَ افسانو ’چچنامي‘ ۾ محمد بن علي ۽ ابوالحسن همدانيءَ جي روايتن سان ڏنل  آهي ۽ ان افساني کي فرشته، مير معصوم، قاضي منهاج الدين جورجاني ۽ مير علي شير قانع ٺٽوي جهڙا مؤرخ اکيون ٻوٽي نقل ڪندا آيا آهن. جيڪڏهن مٿيان مؤرخ طبري، ابن اثير يا ابن خلدون جي تاريخن جي ورق گرداني ڪن ها ته جيڪر مٿين غلطي هرگز ڪانه ڪن ها.(1)

حقيقت هن ريت آهي ته حجاج بن يوسف سنه 95هه ۾ وفات ڪئي. سندس جاءِ تي سندس پٽ عبدالله بن حجاج عراق جو والي ٿيو. تنهن کان پوءِ ماه جمادي الثاني سنه 96هه (سنه 715ع) ۾وليد بن عبدالملڪ شام جي شهر ديرمران ۾ وفات ڪئي. مرڻ کان اڳ، هن پنهنجي پٽ کي وليعهد ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. ان ڪري جن جن عالمن ۽ سندن ماتحت عملدارن وليد جي تائيد ڪئي هئي، تن سليمان بن عبدالملڪ جي تخت تي ويهڻ کانپوءِ ذلت آميز سزائون ڀوڳيون. سليمان هونئن ته نهايت خوبصورت هو، ناچ ۽ راڳ کان کيس نفرت هئي، پر سخت مزاج ۽ لغويت ڪري مشهور هو.

بني اُميه دؤر جا جيڪي به جليل القدر فاتح هئا، تن سان هن ناانصافيءَ جي هلت ڪئي هئي. مثلا موسيٰ بن نصير فاتح آفريڪا ۽ اندلس، جو مروان جي خاندان مان هو، تنهن کي وليد بن عبدالملڪ، طارق بن زياد فاتح اندلس سميت، دمشق اچڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، ٻئي فاتح جڏهن مال غنيمت سميت دمشق پهتا هئا، ان ساڳئي ڏينهن وليد انتقال ڪيو هو. حضرت موسيٰ بن نصير وقت جو وڏو فاتح، فصيح ۽ بليغ خطيب ۽ واعظ هو، جنهن وقت جي سلاطين کي جهڪايو هو. سليمان سندس سموري جائداد ضبط ڪري، مٿس 2 لک دينار ڏنڊ وڌو. مٿينءَ سزا ۾ هو پويان ڏينهن بدوين ۾ نهايت مفلسيءَ سان گذاري اسي ورهين جي عمر ۾ پريشانيءَ جي حالت ۾ وفات ڪري ويو.

حضرت طارق بند زياد جهڙي بهادر فاتح کي سليمان عهدي تان لاهي ڦٽو ڪيو، پوءِ هو يمنين جي عداوت ڪري پويان ڏينهن گمناميءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. قتيبه بن مسلم فاتح فرغانه ۽ سمرقند کي، هن خراسان ۾ مارائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح حجاج بن يوسف جيڪي به عملدار مقرر ڪيا هئا، تن سڀني کي سليمان عهدي تان لاهي ڦٽو ڪيو. ساڳيءَ طرح غازي محمد بن قاسم کي به سليمان بن عبدالملڪ معزول ڪري، يزيد بن ابي ڪبشه سڪسڪيءَ کي سنڌ مٿان نائب ڪري روانو ڪيو، جنهن هن کي ٽاٽ جا ڪپڙا پهرائي، پيرن ۾ زنجير وجهي، قدين وانگر، معويه بن مهلب جي نگرانيءَ هيٺ، دمشق ڏانهن روانو ڪيو. سليمان کيس واسط جي جيل ۾ قيد رکيو، جتي عراق جي عامل صالح بن عبدالرحمان فاتح سنڌ کي طرحين طرحين سزائون ڏيئي مارائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته صالح بن عبدالرحمان کي به حجاج بن يوسف سان خصومت هئي(1).

بني اميه دؤر جا سنڌ جا گورنر:

حبيب بن مهلب:

يزيد بن ابي ڪشبه، سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ جلد وفات ڪري ويو. سليمان بن عبدالملڪ بصري جي حڪومت يزيد بن مهلب جي حوالي ڪئي، جنهن پنهنجي ڀاءُ حبيب بن مهلب کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. سندس ڏينهن ۾ جئسيه، راجپوتانا کان سنڌ ۾ وارد ٿي، برهمڻ آباد ۽ اروڙ جي قلعن تي قبضو ڪيو مگر حبيب مٿين شهرن جي باغين کي پوري سزا ڏني، جن جئسيه جي اطاعت ڪئي هئي. حبيب اڃا سنڌ ۾ هو، ته ماه صفر سنه 99هه ۾، سليمان بن عبدالملڪ دابق جي شهر ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ، حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه خلافت تي ويٺو.

عمر بن مسلم باهلي:

حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه، يزيد بن مهلب جهڙي ظالم کي گرفتار ڪرائي، عدي بن ارطات کي عراق جو والي مقرر ڪيو، جنهن حبيب بن مهلب کي معزول ڪري قتيبه بن مسلم باهليءَ جي ڀاءُ عمر بن مسلم باهليءَ کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. حضرت عمر بن عبدالعزيز سنڌ جي راجائن ڏانهن هڪڙي فرمان موجب اسلام جا دعوت ناما مُڪا. مٿينءَ دعوت تي ڏاهر جي پٽ جئسيه ۽ گهڻن هندو راجائن اسلام قبول ڪري پاڻ تي عربي نالا رکيا. ان کان سواءِ ملڪ ۾ گهڻا سڌارا ڪيا ويا ۽ سنڌ جي رعايا تان ناجائز ٽئڪسون، جيڪي حجاج مقرر ڪيون هيون، لاٿيون ويون.

عمر بن مسلم باهليءَ ڪڇ جي راجا کي شڪست ڏني. 25 رجب سنه 101هه ۾ عمر بن عبدلعزيز وفات ڪئي. کانئس پوءِ يزيد بن عبدالملڪ گاديءَ تي ويٺو. ان جي ڏينهن ۾ ابن مهلب بغاوت ڪري، اهواز، فارس، ڪرمان ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ عدي بن ارطات کي بصري مان ڀڄائي، شام تي ڪاهه ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. امام حسن بصري سند مخالفت ڪئي. يزيد بن عبدالملڪ پنهنجي ڀاءُ مسلم بن عبدالملڪ کي لشڪر ڏيئي، ابن مهلب جي مقابلي تي روانو ڪيو. عقير جي ميدان ۾ يزيد ۽ سندس ڀاءُ حبيب مارجي ويا. آل مهلب وارا بصري کان جهازن ذريعي قندابيل پهتا، مگر خلافت جي باغي هئڻ سبب سڀ هلال بن احوز هٿان مارجي ويا ۽ هلال، ابو عتبه بن مهلب ۽ عثمان بن مفصل کان سواءِ سڀني جا مٿا وڍرائي دمشق ڏانهن روانا ڪيا. يزيد بن عبدالملڪ بغاوت کي مٽائڻ کان پوءِ پهريائين مسلمه کي عراق جي حڪومت ڏني، پوءِ عمرو بن هبيره کي گورنر مقرر ڪيو. 25 شعبان سنه 105هه ۾ يزيد بن عبدالملڪ بلقاءِ ۾ وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ هشام بن عبدالملڪ دمشق جي تخت تي ويٺو(1). هي پويون اموي فرمانروا هو، جنهن دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ جيڪي دمشق جي تختتي ويٺا، تن ۾ نااتفاقي هئي، جنهن ڪري عباسي تحريڪ زور وٺندي ويئي ۽ رفتي رفتي عباسي سڄي ملڪ جا حاڪم بنجي ويا.

جنيد بن عبدالرحمان مري:

سنه 105هه ۾، هشام بن عبدالملڪ دمشق جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ ابن هبيره کي بصري جي گورنريءَ تان معزول ڪري خالد بن عبدالله قسريءَ کي عامل مقرر ڪيو، جنهن عمر بن مسلم باهليءَ کي سنڌ جي عهدي تان معزول ڪري، جنيد بن عبدالرحمان مريءَ کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. مٿيون واقعو سنه 107هه (سنه 725ع) ۾ ٿيو. جنيد بهادر ۽ مدبر حاڪم هو. سندس ڏينهن ۾ جئسيه پهريائين اندروني سازشون ڪرڻ لڳو، پوءِ لشڪر گڏ ڪري جنگ لاءِ نڪتو، جنهن ۾ آخر جئسيه پنهنجي ڀاءُ سميت گرفتار ٿي ويو ۽ ٻئي مارجي ويا.

هتان جنيد سنڌ جي سرحد ڪيرج ڏانهن وڌيو، جتي جي راجا معاهدي کي ٽوڙي بغاوت برپا ڪئي هئي، مگر مقابلي جي طاقت نه ساري ڀڄي ويو. جنيد شهر تي قبضو ڪيو. مٿينءَ مهم ۾ هڪڙو هندو راجا اشندرابيد به جنيد جو مددگار هو. سنڌ جي اندروني سازشن کي مٽائڻ کان پوءِ سرحد کي مضبوط رکي، جنيد گجرات تي ڪاهه ڪئي. مرمد (مارواڙ) کي فتح ڪرڻ کان پوءِ، مانڊل (ويرم گام)،دهنج (پٽن) ۽ ڀڙوچ گوجرن کان فتح ڪيائين. سندس سپه سالار حبيب، مالوه جي دولتمند تختگاه اجين تي ڪاهي بيشمار دولت هٿ ڪئي.

علامه بلاذريءَ جو بيان آهي ته، ”جنيد منڊل، ڀڙوچ، سمنڊ رستي کان ۽ مالوه جو تختگاه اجين خشڪيءَ رستي گجرات جي راجا کان فتح ڪيا.“ جنيد کي ايترو مال غنيمت هٿ لڳو، جو لشڪر کي انعام ۽ اڪرام ڏيڻ کان پوءِ وٽس چار ڪروڙ درهم بچي پيا ۽ اوتري رقم بيت المال ڏانهن رواني ڪري چڪو هو. جملي اٺ ڪروڙ درهم بيت المال ڏانهن مڪا هئائين ۽ اوتري رقم فوجن ۾ ورهائي هئائين.

تميم بن زيد عنبي:

سنه 111هه ڌاري جنيد سنڌ ڇڏي خراسان ڏانهن هليو ويو. خالد قسريءَ سندس جاءِ تي، تميم بن زيد عتبيءَ کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو. جنيد خراسان پهچي، طخارستان، بخارا ۽ سمرقند جي ترڪن کي شڪستون ڏنيون. سنه 116هه ۾ هن فاضله بنت يزيد بن مهلب سان شادي ڪئي، جنهن ڪري هشام مٿس ناراض ٿيو، ڇاڪاڻ جو هشام کي مهلب جي خاندان سان دشمني هئي. خليفي، جنيد کي معزول ڪري عاضم بن عبدالله بن يزيد هلاليءَ کي خراسان جو والي مقرر ڪيو.جنهن ڏينهن هو مرو پهتو، ساڳئي ڏينهن جنيد وفات ڪئي.

تميم بن زيد سست هو. سندس غفلت ڪري سنڌ جي عربن جو زور گهٽجڻ لڳو. سندس ناڪاميءَ جو وڏو سبب هن ريت هو ته سندس ڏينهن ۾ ڪنهن باهمي نااتفاقيءَ جي ڪري عربن جي قبيلن ۾ فساد پئجي ويو. هو ڪمزور جماعت جو طرفدار ٿيو؛ تنهن ڪري سنڌ جا عرب سندس مخالف ٿي بيٺا. سندن خوف ڪري عراق وڃڻ جي ارادي سان ديبل پهتو ۽ اُتي جي ’ماءِ الجواميش‘ ڍنڍ جي ڪناري تي اجل جو شڪار ٿي ويو.

حڪم بن عوام ڪلبي:

تميم کان پوءِ، خالد جي سفارش سان، حڪم بن عوام ڪلبي سنڌ جو والي ٿي آيو ۽ پاڻ سان فاتح سنڌ غازي محمد بن قاسم رحه جي فرزند عمرو کي ساڻ وٺي آيو، جو پيءُ وانگر فن سپه گيري ۾ ماهر هو. حڪم جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حالت ابتر هئي. ننڍن ڳوٺن کان سواءِ شهر جا نو مسلم سڀ مرتد ٿي ويا هئا. شهرن ۾ امن امان ڪين هو، تنهن ڪري هن سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان اوڀرندي طرف نئون شهر ’محفوظه‘ آباد ڪرايو. عمر بن محمد قاسم گهڻيون سوڀون حاصل ڪيون. سندس سوڀن جي يادگار لاءِ سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ تي هڪڙي ٻيٽ تي هڪ ٻيو ’منصوره‘ تعمير ڪرايو ويو، جو پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جو تختگاهه ٿي رهيو. سنڌ جا جيڪي به شهر دشمنن فتح ڪيا هئا، سي حڪم جي زماني ۾ عمرو فتح ڪيا هئا.

6 ربيع الثاني سنه 125هه ۾ هشام بن عبدالملڪ وفات ڪئي ۽ سندس گاديءَ تي وليد بن يزيد عبدالملڪ ويٺو، جنهن خالد قسريءَ کي عراق جي گورنريءَ تان معزول ڪري، يوسف بن عمرو کي گورنر مقرر ڪيو. يوسف ثقفيءَ خالد جي مقرر ڪيلن والين سان بدسلوڪي اختيار ڪئي. خالد، حڪم بن عوامه جو مربي هو. هوڏانهن هو عراق جي گورنريءَ کان معزول ٿي ويو ۽ هيڏانهن ساڳئي وقت حڪم بن عوامه هندن جي هڪڙي لشڪر سان سنڌ ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويو. حڪم جي ڏينهن ۾ ڪيترائي سنڌي عراق، حجاز ۽ دمشق ۾ وڃي ساڪن ٿيا هئا ۽ ڪيترائي ملازمت ۽ فوجي نوڪرين سانگي عراق ۽ شام تائين پهتا هئا. وليد ابن يزيد شرابي هو، ايتري قدر شراب جو شوقين هو، جو هن شراب جو هڪڙو حوض تيار ڪيو هو.(1)

عمر بن محمد بن قاسم:

حڪم جي شهادت کان پوءِ، يوسف بن عمرو ثقفيءَ عمرو بن محمد بن قاسم کي سنڌ مٿان والي مقرر ڪيو. سندس ڏينهن ۾ مسلمانن هندن کي شڪستون ڏنيون. سندس ڏينهن ۾ عربي زبان ترقي ڪئي. سنڌي شعراءِ ڪرام جو بيان موقعي سر ڏبو.

زيد بن عرار:

وليد بن يزيد، عمر جي رقيب زيد بن عرار کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. سندس ڏينهن ۾ رعايا ظلمن کان گهڻو تنگ ٿي. ان کان سواءِ شاهي خاندان جي فردن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو. نتيجو هي نڪتو جو 28 جمادي الثاني سنه 126هه، وليد بن يزيد قتل ٿي ويو ۽ سندس سؤٽ يزيد بن وليد بن عبدالملڪ دمشق جي تخت تي ويٺو، جو يزيد الناقص جي لقب سان سڏجڻ لڳو، مگر سندس عمر وفا نه ڪئي ۽ 20 ذوالحج 126هه ۾ وفات ڪري ويو. سندس گاديءَ تي ابراهيم بن وليد بن عبدالملڪ ويٺو. بني اميه حڪومت اندروني سازشن ڪري تيزيءَ سان تنزل ڏانهن قدم کڻڻ لڳي.

بنو هاشم جي نوجوانن پوري مضبوطيءَ سان بغاوت ۽ مخالفت جي سلسلي کي جاري رکيو، مگر هينئر اهو وقت گذري چڪو هو، جڏهن عبدالملڪ، وليد ۽ هشام جهڙا بادشاه دمشق جي تخت تي حڪومت ڪند اهئا. هينئر چوطرف بني عباس جا داعي ۽ نقيب پکڙجي ويا ۽ ابو مسلم خراساني جي خوفناڪ آواز ۽ ڪوشش جو اثر سڄي خراسان ۾ ٻڌجڻ لڳو. سنڌو نديءَ کان وٺي خراسان ۽ عراق تائين، جيڪي به قومون هيون، سي بني عباس جي طرفداري ڪرڻ لڳيون(1). ٻن مهينن کان پوءِ، 24 صفر سنه 127هه ۾، ابراهيم بن وليد، مروان بن محمد بن مروان بن حڪم جي حق ۾ خوشيءَ سان خلافت تان دستبردار ٿيو. مروان بني اميه خاندان جو پويون حاڪم هو.

باغي منصور بن جمهور:

زيد بن عرار ۽ مروان بن حڪم جي ڏينهن ۾ منصور بن جمهور هڪڙي باغيءَ سنڌ ۾ پناه ورتي، هو زيد بن عرار جو مائٽ هو. عراق مان شڪست کان پوءِ هو سدوسان پهتو، جتان ٻيڙيون جوڙائي، لشڪر گڏ ڪري، مهراڻ رستي هن نصوره جو گهيرو ڪيو ۽ سنه 136هه ۾ زيد بن عرار کي مارائي، سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي قندابيل ۽ ديبل مٿان حاڪم مقرر ڪري، بي فڪريءَ سان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو. هي پويون بني اميه هو.

بني عباس جي خلافت جو زمانو:

13 ربيع الثاني سنه 132هه (25 ڊسمبر، سنه 749ع) ۾ ابو مسلم خراسانيءَ جي ڪوشش سان ابوالعباس سفاح راءِ عامه سان خليفو ٿيو(2). ماه جمادي الثاني سنه 132هه (25 جنوري، سنه 750ع) ۾ مروان هڪ لک فوج سان شڪست کاڌي. 25 رمضان، سفاح جي چاچي عبدالله بن عليءَ دمشق جي ديوارين مٿان عباسين جو ڪارو جهنڊو کوڙيو. بني اميه وارن عاملن سنڌ تي اٽڪل چاليهه ورهيه حڪومت ڪئي، پوءِ عباسي خلافت جو دؤر شروع ٿيو. عباسي خليفا حضرت رسالت پناه ﷺ جن جي چاچي حضرت عباس بن عبدالمطلب جو اولاد هئا. سندس پهريون حاڪم سفاح، ڇهن ستن سوَن ورهين تائين حڪومت ڪرڻ واري خاندان جو باني هو.

مفلس عبدي:

عباسي شهنشاهت جي ابتدائي زماني ۾ ابو مسلم خراساني، ان حڪومت جو باني ۽ نائب خلافت هو، سو منصور بن جمهور جي چالاڪين کان واقف هو. خراسان ابو مسلم جي هٿ هيٺ هو، جو سنڌ کي ويجهو هو. ابو مسلم، مفلس عبدي سيستانيءَ کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ته وڃي منصور کي گرفتار ڪري ۽ حڪومت پنهنجي هٿ ۾ وٺي. مفلس طخارستان کان هڪ فوج وٺي سنڌ ۾ وارد ٿيو. ديبل جو حاڪم منظور سندس هٿان مارجي ويو. مفلس منصوره پهتو، پر خود منصور بن جمهور هٿان مارجي ويو.

موسيٰ بن ڪعب:

شاهي فوج جي شڪست ۽ مفلس جي مارجي وڃڻ ڪري، ابو مسلم سخت غصي ٿيو. هن سفاح کي اجازت لاءِ لکيو ۽ پوءِ هڪڙي ٻئي تجربيڪار عملدار موسيٰ بن ڪعب تميميءَ کي سنڌ ڏانهن چاڙهي مڪو، جو ويهن هزارن فوجن سان قندابيل پهتو. سندس قبيلي وارا جيڪي منصوره ۾ رهندڙ هئا، تن سان اڳواٽ خط و ڪتابت ڪري گهڻن کي پنهنجي طرف ڪيائين، پوءِ منصوره تي ڪاهي ويو. منصور هاڻي اڪيلو ٿي پيو، جنهن ڪري شڪست کائي راجپوتانا ڏانهن ڀڄي ويو ۽ وري سندس پتو نه پيو. سندس اهل و عيال جهازن تي چڙهي گجرات ڏانهن هليا ويا. سنه 134هه ۾ موسيٰ بن ڪعب سڄيءَ سنڌ تي قبضو ڪيو. هن منصوره جي مرمت ڪرائي، مسجدين ۾ اضافو ڪيو ۽ پوءِ وطن جي اڪير ۾ عراق ڏانهن هليو ويو، جتي 141هه ۾ وفات ڪيائين. ماه ذوالحج سنه 136هه (9 جون، سنه 754ع) ۾ ابوالعباس سفاح وفات ڪئي ۽ سندس ڀاءُ ابو جعفر منصور گاديءَ تي ويٺو(1). منصور، ابو مسلم کي مارائي ڇڏيو. ابو مسلم عباسين جي طرفداري ڪندي ڇهه لک ماڻهو مارايا هئا.

عينيه بن موسيٰ:

موسيٰ بن ڪعب پنهنجي پٽ عينيه کي سنڌ جون واڳون ڏيئي ويو هو، جو ابو جعفر منصور جي اجازت سان سنڌ جو والي ٿيو.هو ناتجربيڪار هو، تنهن ڪري ربيعه ۽ يمني قبيلن وارا مٿس نڪته چيني ڪرڻ لڳا، جن کي هن مارائي ڇڏيو. مٿئين فعل ڪري سندس خلاف عراق تائين پڪارون ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهن ۾ عام ناراضپو پئجي ويو، جنهن تي هو خلافت کان برخلاف ٿي پنهنجي خودمختياريءَ جي دعويٰ ڪرڻ لڳو.

عمر بن حفص عتڪي:

عينيه بن موسيٰ جي بغاوت کي مٽائڻ لاءِ منصور بصري ۾ آيو ۽ هتان عمر بن حفص بن ابي صفوه عتڪيءَ کي سنڌ جي گورنريءَ جي سند ڏيئي روانو ڪيو. سنه 142هه ۾ عمر سنڌ ۾پهتو، جتي گهڻائي اثر وارا معزز ماڻهو، جن کي عينيه تنگ ڪيو هو، سندس رفيق ٿي بيٺا. عينيه ٻي واه نه ڏسي امان گهري. عمر هن کي قيد ڪري خليفي ڏانهن مڪو.عينيه کي بچڻ جي اميد ڪانه هئي، تنهن ڪري واٽ تي وجهه وٺي سيستان ويو، جتي زرنج جي يماني عربن سندس سر وڍي منصور ڏانهن روانو ڪيو.

عبدالله اُشتر:

سفاح پنهنجي خلافت جي زماني ۾ علوين کي خاموش رکڻ لاءِ کين انعام اڪرام ڏيئي خوش رکيو هو. عبدالله بن حسن کي به سفاح گهڻو مال ڏيئي خاموش رکيو هو، مگر جڏهن منصور خلافت تي ويٺو، تڏهن علوين کي خوش رکڻ بدران منجهانئس کين خطرو مهسوس ٿيڻ لڳو. عبدالله بن حسن پنهنجن ٻن پٽن محمد ۽ ابراهيم کي روپوش ڪيو. منجهانئن محمد پنهنجي پٽ عبدالله کي جو ’الاشتر‘ جي نالي سان مشهور هو، بصري کان ڪي گهوڙا خريد ڪري ڏيئي، واپارين جي لباس ۾ سنڌ ڏانهن اثر وڌائڻ لاءِ مڪو، ڇاڪاڻ ته عمر بن حفص بن عباس جي انهن فوجي عملدارن مان هو، جي علوين جي اطاعت ڏانهن مائل هئا ۽ محمد ۽ ابراهيم جي هٿن تي بيعت ڪري چڪا هئا. منصوره وارن عبدالله جي هٿ تي بيعت ڪئي.

سنه 140هه ۾ محمد مهدي ۽ سندس ڀاءُ ابراهيم ۽ عبدالله بن حسن مثنيٰ بن حسن بن عليءَ کي سندن رفيقن سميت حج جي موقعي تي، منصور جي حڪم سان، رياح بن عثمان مزنيءَ، مديني جي عامل، گرفتار ڪرايو؛ ڇاڪاڻ جو سنڌ کان وٺي مصر تائين عباسين جي خلاف علوين بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو. مٿئين واقعي کان پوءِ عمر بن حفص، عبدالله کي هڪڙي هندو راجا جي پناه هيٺ رکيو، جنهن جي جماعت جو تعداد چار سؤ هو. مٿيون راجا حضرت عمر بن عبدالعزيز رضه جي دعوت تي لبيڪ چئي مسلمان ٿيو هو ۽ هن پنهنجي ڌيءَ جي شادي عبدالله اشتر سان ڪرائي. سنه 151هه تائين عبدالله سنڌ ۾ مٿئين راجا وٽ پناه گزين رهيو. ساڳئي سال خليفي منصور عمر بن حفص کي سنڌ مان گهرائي، مصر جو والي مقرر ڪيو. عبدالله اشتر ۽ سندس زيديه جماعت وارن جي ڪري سنڌ ۽ ملتان ۾ شيعيت جو رواج پئجي ويو.

هشام بن عمرو تغلبي:

عمر کي گهرائڻ کان پوءِ منصور سندس جاءِ تي هشام بن عمرو تغلبيءَ کي سنڌ ڏانهن روانو ڪري کيس تاڪيد ڪيو ته، سنڌ جي راجا جنهن وٽ عبدالله اشتر پناه گزين آهي، تنهن سان جنگ ڪري عبدالله کي قيد ڪري هن ڏانهن روانو ڪيو وڃي، مگر هشام پاڻ خاندان نبوت جو طرفدار هو ۽ ڪجهه وقت منصور کي حيلن ۽ بهانن سان ٽاريندو رهيو. اتفاق سان هڪڙي ڏينهن عبدالله اشتر ڏهن سوارن سان سنڌو نديءَ جي ڪناري تي سير ۽ شڪار ۾ مشغول هو ته اوچتو هشام جو ڀاءُ سفيح فوجن سميت سندس سامهون پيو. صفيح عبدالله کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ڪيو، مگر عبدالله پنهنجن رفيقن سان جوانمرديءَ سان مقابلو ڪندي همراهن سميت وڙهندي شهيد ٿيو. سندس حرم جون ٻانهيون به قيد ٿي ويون، جن مان هڪڙيءَ جي پيٽان هڪڙو پٽ هوس. هشام سڀني کي قيد ڪري، منصور ڏانهن روانو ڪيو. منصور، عبدالله جي حرم کي مديني جي عامل ڏانهن روانو ڪيو ته سندس خاندان وارن جي حوالي ڪري. مٿئين ڇوڪري جو نالو محمد هو، جو پوءِ ’ابن الاشتر‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.

هشام سڄيءَ سنڌ تي ڪشمير تائين قبضو ڪيو هو. سندس سپه سالارن مان عمر بن جمل جهازن جي دستي سان گجرات جي بندرن تي ڪاهون ڪيون ۽ مال غنيمت هٿ ڪري موٽيو. تنهن کان پوءِ هشام پاڻ جهازن جو دستو وٺي. گجرات جي بندر ڀڙوچ تي حملو ڪري، اتي يادگار لاءِ هڪڙي مسجد تعمير ڪرائي، جا گجرات ۾ پهرين مسجد هئي. منصور سندس اعليٰ قابليت کي ڏسي، ڪرمان جي حڪومت به سندس حوالي ڪئي. وري جڏهن وطن جي حب کيس کنيو، تڏهن تحفن سميت بغداد پهتو، جتي 157هه ۾ وفات ڪيائين.(1)

معبد بن خليل تميمي:

منصور سنڌ جي حڪومت معبد بن خليل تميميءَ جي حوالي ڪئي. هن جي ڏينهن ۾ 6 ذوالحج 158هه ۾ منصور وفات ڪئي ۽ سندس پٽ مهدي بغداد جي خلافت تي ويٺو. معبد جي ڏينهن ۾ جاٽن فساد ڪيو.

روح بن حاتم ۽ بسطام بن عمرو:

سنه 159هه ۾ معبد جي وفات کان پوءِ مهديءَ روح بن حاتم کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو، پر هو جاٽن جي فساد کي دٻائي نه سگهيو، جنهن ڪري مهديءَ بسطام بن عمرو کي سنڌ جي حڪومت ڏني.

عبدالله اشتر جي اچڻ ڪري سنڌ ۾ شيعيت زور ورتو، مگر ان وقت جا شيعا اهڙا نه هئا، جهڙا هينئر آهن. منجهانئن سبيه فرقي جا ماڻهو شيخين کي بدشد ڳالهائڻ ڪو ثواب نه سمجهندا هئا. شيعن ۽ سنين ڪا ٻن فرقن جي صورت اختيار نه ڪئي هئي، نه ڪي هنن پنهنجا پنهنجا ڪتاب ئي الڳ تيار ڪيا هئا. اختلاف ته ان وقت پيدا ٿيو هو، جڏهن هڪ طرف سنين، اشاعره جي اعتقاد کي پنهنجي لاءِ چونڊيو ۽ ٻئي طرف شيعن متعزله جي عقلي ۽ فلسفيانه عقيدن کي پنهنجي لاءِ رٿيو. تنهن کان پوءِ فقه، حديث ۽ سڀني ننڍن کان ننڍن مسئلن ۾ ٻنهي پنهنجي لاءِ جدا جدا ڪتاب تصنيف ڪرڻ شروع ڪيا.

مهديءَ پنهنجي خلافت جي شروعات ۾ سنه 159هه (سنه 766ع) ۾ عبدالملڪ بن شهاب کي ايراني نار کان جهازن جي رستي گجرات جي بندر باربد (ڀاڙڀوت) ڏانهن موڪليو، جو ڀڙوچ جي سامهون هو. سنه 160هه (سنه 767ع) ۾ عبدالملڪ باربد تي قبضو ڪيو، پر اتفاق سان لشڪر ۾ وبا پيئي، جنهن ڪري هڪ هزار مسلمان مري ويا.

بسطام بن عمرو هشام جو ڀاءُ هو، پر منجهس هشام جهڙي همت ڪانه هئي. هشام ايتريون فتوحات ڪيون هيون، جو عباسي دؤر ۾ ٻئي ڪنهن عامل ڪونه ڪيون هيون. مهديءَ، بسطام کي معزول ڪري، روح بن حاتم کي ٻيهر سنڌ جو والي مقرر ڪيو. غرض ته يارهن سالن جي عرصي اندر خليفي ٻارهن والي سنڌ تي مقرر ڪيا، جي پهچڻ شرط انتظام ڪرڻ کان اڳ هڪ ٻئي پٺيان معزول ٿيندا ويا. منجهانئن زبير بن عباس ته بغداد ۾ ويهي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو، جنهن ڪري سنڌ ۾ بدانتظامي وڌندي ويئي.

مصبح بن عمرو تغلبي:

سنه 161هه (777ع) ۾ مصبح بن عمرو تغلبي سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو. سندس ڏينهن ۾ نزاري (حجازي) ۽ يماني هٻئي خلاف ٿي بيٺا، جنهن ڪري سنڌ جي اسلامي حڪومت کي سخت نقصان رسيو. مصبح فسادن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو ۽ فساد جيئن جو تيئن وڌندا ويا.

ليث بن ظريف:

سنه 164هه (سنه 780ع) ۾ ليث بن ظريف سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو. هو مهديءَ جو غلام هو. ٻن سالن تائين کيس جاٽن سان جنگ ڪرڻي پيئي. آخر جڏهن سنه 165هه (781ع) ۾ وٽس جهازن ذريعي تازه دم فوجون بصري کان پهتيون، تڏهن هو جاتن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 22 محرم سنه 169هه (آگسٽ 785ع) ۾ مهديءَ وفات ڪئي، کانئس پوءِ سندس پٽ هادي گاديءَ تي ويٺو، مگر سوا سال حڪومت ڪري سنه 170هه (786ع) ۾ وفات ڪيائين. سندس مئي کان پوءِ، ابو جعفر هارون الرشيد بغداد جي تخت تي ويٺو.

سالم بن يونسي:

هارون ليث کي معزول ڪري سالم بن يونسيءَ کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. هن شائستگيءَ سان حڪومت هلائي، مگر جلد معزول ڪيو ويو.

اسحاق بن سليمان:

سنه 174هه ۾ اسحاق بن سليمان هاشمي سنڌ جو والي مقرر ٿيو، جو ديندار شخص هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ يوسف جانشين ٿيو.

طيفور بن منصور:

هارون الرشيد يوسف کي معزول ڪري طيفور بن منصور حميريءَ کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. سندس ڏينهن ۾ يمانيه ۽ نزاريه وارن جي جهڳڙي جي باهه جا شعلا اسپين تائين پهتا. سنڌ جا عرب خلافت جي ڪا پرواه ڪرڻ نه لڳا.

سعيد بن مسلم:

هارون رشيد فسادن کي مٽائڻ لاءِ طيفور کي معزول ڪري، سنڌ جي حڪومت سعيد بن مسلم بن قتيبه جي حوالي ڪئي. کانئس اڳ جابر بن اشعت طائي به ناڪام ٿي معزول ٿيو هو. سعيد آرام طلب هو؛ هن پنهنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي پنهنجي پاران سنڌ جو والي بنائي روانو ڪيو. ڪثير پنهنجن بدخصلتن سببان معزول ٿي ويو.

محمد بن عدي:

خليفي پنهنجي سؤٽ عيسيٰ بن جعفر بن منصور کي سنڌ جي حڪومت حوالي ڪئي، مگر عيسيٰ پنهنجي پاران محمد بن عديءَ کي نائب ڪري روانو ڪيو. محمد بن عدي ملتان تائين ڪاهي ويو، جتي ملتانين هٿان مال اسباب لٽائي شڪست کائي موٽيو.

عبدالرحمان:

خليفي ان کي معزول ڪري عبدالرحمان کي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو، مگر هو به بدانتظامين کي مٽائي نه سگهيو. تڏهن خليفي، ايوب بن جعفر سليمان کي موڪليو، مگر اڳين والين وانگر هو به بدانتظامين کي مٽائينه سگهيو.

دائود بن يزيد:

سنه 184هه ۾ خليفي دائود بن يزيد کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو. هن وري پنهنجي ڀاءُ مغيره کي نائب ڪري مڪو. اڃا اهو رستي تي هو ته، نزارين اهڙو فساد ڪيو، جو حڪومت کي ان جي دٻائڻ جي طاقت نه ٿي. فسادين پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته سڄيءَ سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائجي.

هڪڙو حصو قريشن کي ڏنو وڃي، ٻئي حصي ۾ قيس وارا رهن، ٽئين حصي ۾ ربيع وارا رهن ۽ چوٿين حصي ۾ نزاري رهن: باقي يمانين کي لوڌي ڪڍجي. نزارين منصوره جا در پوري ڇڏيا ۽ مغيره کي شهر ۾ اچڻ نه ڏنائون، تان جو نوبت جنگ تي پهتي. نزارين جي طاقت مضبوط هئي، تنهن ڪري يمانين کي مغيره سميت شڪست ڏنائون.مغيره ڪنهن ٻئي شهر ۾ وڃي رهيو. دائود، ڀاءُ جي شڪست جو ٻڌي، وڏي لشڪر سان سنڌ تي ڪاهي آيو. واٽ تي جيڪي نزاري نظ آيس، تن کي سيکت ڏيندو، منصوره جي ديوارين هيٺان اچي سهڙيو. ويهن ڏينهن جي جنگ کان پوءِ نزارين شهر جا در پٽيا. دائود سڀني کي جوڳيون سزائون ڏنيون. جن  جن شهرن ۾ سندن محلا هئا، سي ساڙائي ڇڏيائين. گهڻي خونريزيءَ کان پوءِ مس مس منصوره ۾ امن امان ٿيو. دائود شهرن جي هرهڪ ڪنڊ ڪڙڇ مان نزارين جون پاڙون پٽي ڇڏيون ۽ حڪومت کي دوباره مضبوط ڪيو.

شيخ ابو تراب:

خليفي هارون الرشيد جي والين مان هڪڙو شيخ ابو تراب هو، جو اولهندي سنڌ جي ساقوره (ساڪره) قلعي تي قابض هو. سندس مقبرو ٺٽي کان اٺن ميلن تي اڄ به وڏي زيارتگاه آهي، جنهن تي سنه وفات 171هه لکيل آهي. هي مقبرو سنڌ ۾ هڪ جهوني يادگار عمارت آهي.

سنه 192هه (سنه 808ع) ۾ هارون الرشيد جي سڏ تي سنڌ جا ٻه هندو طبيب، گنگا ۽ ماڻڪه، بغداد پهتا. سندن علاج ڪرڻ سان خليفي کي بيماريءَ مان شفا ٿي. سنه 205هه (820ع) ۾ دائود بن يزيد نيڪنامي حاصل ڪري وفات ڪئي. سندس پٽ بشر سنڌ جو والي ٿيو.

حاجب بن صالح:

سنه 193هه (مارچ 808ع) ۾ هارون الرشيد وفات ڪئي. سندس زماني ۾ سنڌ جي حڪومت جو ڌاڪو ڪشمير ۾ ٿٻيٽ تائين ويٺل هو ۽ هندستان جي راجائن تي عربن جو بي انتها دٻاءُ پيل هو(1). هارون الرشيد جي وفات کان پوءِ سندس ٻن پٽن، امين ۽ مامون جي وچ ۾ خانه جنگي لڳي. امين زبيده جي بطن مان هو ۽ مامون جي ماءُ ايرانڻ هئي. مٿين سببن ڪري عربن کي امين سان همدردي هئي ۽ ايرانين کي مامون لاءِ همدردي هئي. محمد امين فقط پنج ورهيه حڪومت ڪئي، پوءِ خراسان جي عامل، طاهر ذواليمين، جي مدد سان مامون جنگ کٽي. امين سنه 168هه (814ع) ۾ قتل ٿيو.(1) مامون گاديءَ تي ويهڻ شرط حاجب بن صالح کي حڪم ڏنو ته سنڌ پهچي بشر بن دائود کان حڪومت وٺي، پر حاجب ڪامياب ٿي نه سگهيو. مامون جي ڏينهن ۾ بشر بن دائود جي گورنريءَ جي زماني م سنڌ جي خزاج مان فقط ٻارهن هزار درهم بغداد جي شاهي خزاني کي پهچندا هئا.

غسان بن عباد ۽ موسيٰ بن يحيٰ:

سنه 213هه (828ع) ۾ مامون غسان بن عباد تغلبيءَ کي منصوره ڏانهن مڪو. بشر سندس اطاعت منظور ڪئي. سنڌ جي انتظام کي درست ڪرڻ کان پوءِ خليفي جي حڪم سان حڪومت جا دفتر موسيٰ بن يحيٰ بن خالد برمڪيءَ کي سپرد ڪري پاڻ عراق ڏانهن هليو ويو. موسيٰ بن يحيٰ برمڪيءَ جي ڏينهن ۾ عربي نسل جا ڪي خاندان سنڌ جي ڪن حصن تي پڪيءَ طرح حڪومت ڪرڻ لڳا، بلڪ منصوره جي واليءَ کان به آزاد هئا ۽ مرڪزي خلافت به سندن آزاديءَ کي قبول ڪيو هو.

عمران بن موسيٰ:

سنه 221هه (835ع) ڌاري موسيٰ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ عمران بن موسيٰ سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو. سنڌ جي حڪومت براءِ نام رهجي ويئي. هرهڪ شهر مٿان جدا جدا حاڪم حڪومت ڪرڻ لڳا. سندن وارن به آزاديءَ جو پروانو هٿ ڪيو. خليفي جو نالو فقط خطبي ۾ پڙهجڻ لڳو. امين ۽ مامون جي جنگ وقت سڄي ايراني نار تي جاٽن رڻ ٻاري ڏنو هو، ايتري قدر جو بصري ۽ بعداد ڏانهن ويندڙ سڙڪ تي لٽ مار ڪرڻ لڳا هئا. ميد به ساڻن شريڪ هئا. مامون، عراق جي حاڪم يحيٰ بن معاذ کي سندن سرڪوبيءَ لاءِ حڪم ڏنو، مگر جنهن صورت ۾ جاٽن جو تعداد ويهه هزار هو، ان صورت ۾ يحيٰ مجبور هو.

معتصم جي زماني ۾ عجيف بن عنبه سنه 220هه ۾ سترهن هزارن جاٽن کي گرفتار ڪري خليفي جي حڪم سان ايشيا ڪوچڪ جي سرحد تي رهڻ لاءِ حڪم ڏنو، جتي رومن هٿان مارجي ويا. سلطنت جي فسادن مان فائدو وٺي، قيقان جي جاٽن به بغاوت ڪئي، جن کي عمران بن موسيٰ قندابيل جي قلعي ۾ قيد رکيو. هڪڙي باغي عرب سردار محمد بن خليل بغاوت ڪئي. عمران بن موسيٰ قلعي تي گهيرو ڪري محمد بن خليل کي مجبور ڪري آڻ مڃرائي ۽ جيڪي به فتنه پرداز عرب سردار هئا، تن کي اتان لڏرائي جهالاوان جي شهر قصدار ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڏنو. جهالاوان کان موٽندي عمران بن موسيٰ سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ تي، هڪڙي مناسب هنڌ تي ’بيضاءِ‘ جو نئون شهر تعميرا ڪرائي، اتي ڇانوڻي وجهي، منصوره ڏانهن موٽيو.

جاٽن وانگر ميد به سرڪش قوم هئي. عمران مٿن ڪاهي ويو، مگر ميد به وڙهڻ کان ڪين ٽريا. عمران جاٽن کي حڪم ڏنو ته جيئن چچ جي زماني ۾ حاضري ڏيڻ وقت پاڻ سان نشانيءَ طور ڪتو آڻيندا هئا، تيئن هينئر به پاڻ سان ڪتو ضرور آڻين، مٿئين حڪم ڪري ڪتن جي قيمت وڌڻ لڳي. هن جاٽن کي گوشمالي ڏيڻ لاءِ سندن هٿن تي مهرون هڻايون.

عمران بن موسيٰ ميدن تي گهيري ڪرڻ وقت هڪ پٿر جو مضبوط رستو جوڙايو هو، جو ’سڪة الميد‘ سڏجڻ لڳو. اڃا گهيري کان فارغ ڪين ٿيو هو ته سنڌ ۾ يمانين ۽ نزارين جو پاڻ ۾ سخت جهڳڙو لڳو. عمران يمانين وارن جو طرفدار هو، ان دشمنيءَ ڪري نزاري سندن دشمن ٿي بيٺا. سندن سردار عمر بن عبدالعزيز هباري، جو هبار بن اسود جي نسل مان هو ۽ لياقت ۽ بهادريءَ ڪري مشهور هو، سو لشڪر وٺي اوچتو وڃي عمران تي ڪڙڪيو ۽ عمران کي قتل ڪيائين. عمر بن عبدالعزيز جو ڏاڏو حڪم بن عوانه ڪلبيءَ سان سنڌ ۾ آيو هو ۽ سندس خاندان ٽن پيڙهين کان سنڌ ۾ رهندو هو. 25 محرم سنه 198هه ۾ محمد الامين جي قتل ٿيڻ کان پوءِ مامون خلافت جي گاديءَ تي ويٺو ۽ 18 رجب 218هه تي وفات ڪيائين(1). کانئس پوءِ سندس ڀاءُ ابو اسحاق معتصم بغداد جي تخت تي ويٺو.

راجا شوپرشاد پنهنجي تاريخ ’ستاره هند‘ ۾ لکي ٿو، مامون راجپوتانا جي باپا راول تي ٻاويهه گهمرا حملا ڪيا، پر هرهڪ حملي ۾ شڪست کائي موٽيو هو. حقيقت ۾ مامون ڪڏهن به سنڌ ۾ نه آيو هو، نه وري بذات خود ڪڏهن راجپوتانا تي حملو ڪيو هئائين، البته سندس ڏينهن ۾ موسيٰ بن يحيٰ برمڪي سنڌ تي اوڀرندي واريءَ سرحد تي هڪڙي راجپوت راجا کي شڪست ڏني هئي.(1) فضل بن ماهان به سنڌ جي مشرقي سرحد پريان سندان فتح ڪري، هڪڙو هاٿي مامون جي خدمت ۾ روانو ڪيو ۽ سندان ۾ هڪڙي جامع مسجد يادگار لاءِ تعمير ڪرائي هئي. سندس پٽ محمد ستر جهازن جي آرماڙ سان ميدن کي شڪت ڏيئي، ڪالريءَ جو شهر فتح ڪيو. افسوس جو خبر نه ٿي پوي ته اهو شهر ڪهڙي هنڌ تي هو، فقط ياقوت حمويءَ جي بيان مان ايتري خبر پوي ٿي ته سندان سنڌ جي سرحد تي هو.

مامون جي ڏينهن ۾ فصل بن سهل ذوالرياستين، ڪشمير ۽ ٿٻيٽ تي ڪاهون ڪيون هيون. اتي جي بت پرست رئيسن مان هڪڙي اسلام قبول ڪيو هو. سندس بت کي قيمتي زمرد ۽ ياقوت لڳل هئا ۽ سندس مٿي تي سونو تاج هو ۽ چانديءَ جي تخت تي ويٺل هو. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ نومسلم رئيس بت ۽ تخت مامون ڏانهن روانا ڪيا ته خانه ڪعبه تي بطور نذراني جا چاڙهيا وڃن. مامون جي حڪم موجب نصير بن ابراهيم عجمي سنه 201هه ۾ مٿيون شيون مڪي کڻي ويو، جن کي پهريائين صفا ۽ مروه واري شاهراه تي رکيو ويو، پوءِ ڪعبي ۾ نذراني طور پيش ڪيو ويو.(2)

سنڌ تي طاهرين جي حڪومت:

طاهر ذواليمين، محمد الامين جي قتل ٿيڻ کان پوءِ مامون جي گاديءَ تي ويهڻ وقت، سلطنت ۾ چؤطرف فساد برپا هئا. خاص ڪري خراسان هڪ اهم صوبو هو، جتي جو لشڪر موراءِ النهر جي حفاظت ڪندو هو. 29 ذي القعده سنه 205هه ۾، مامون پنهنجي مشهور سپه سالار ۽ سياستدان، امير طاهر بن حسين بن مصعب بن زرين بن اسعد خزاعيءَ کي خراسان مٿان عامل مقرر ڪيو، جو تاريخن ۾ ’ذواليمين‘ جي لقب سان مشهور آهي(1). سندس مدد سان مامون تخت ۽ تاج هٿ ڪيو هو. سجستان ۽ سنڌ به طاهريه حڪومت جي ماتحت هئا. سلاطين خودمختيار هئا، مگر طاهر خراسان پهچڻ کان پوءِ جمادي الثاني سنه 207هه ۾ مقام مرو ۾ وفات ڪئي. طاهريه سلاطين خودمختيار هئا، فقط نالي طور مرڪزي حڪومت کي معمولي خراج ڀريندا هئا. بغداد سرڪار کي طاهرين جي موروثي حڪومت تسليم ڪرڻي پئي. هن خاندان جي فقط ٿورن اميرن جي خبر پئجي سگهي ٿي:

1- امير طاهر بن حسين، سنه جلوس 205، 2- طلحه بن طاهر، سنه جلوس 207هه، 3- عبدالله بن طاهر، سنه جلوس 213هه 4- طاهر بن عبدالله، سنه جلوس 230هه ۽ 5- محمد بن طاهر، سنه جلوس 248هه کان 249هه.

مٿئين حساب موجب طاهريه اميرن سنه 205هه کان سنه 249هه تائين حڪومت ڪئي. عباسيه سلطنت جا سمورا مشرقي مقبوضات سندن ماتحت هئا. مگر خراسان، هرات، سيستان تي سندن حڪومت قائم رهي، باقي ڪابل، غور، گرديز، بلوچستان، بلخ، شبرغان، گرجستان، بدخشان، سنڌ ۽ ملتان فقط نالي طور سندن ماتحت هئا، ڇاڪاڻ جو مٿين صوبن ۾ ننڍيون مستقل حڪومتون قائم ٿي چڪيون هيون. طاهرين جي ڏينهن ۾ ايراني شاعريءَ گهڻي ترقي ڪئي، جيئن ته منوچهري دامغاني، حنضله بادغيسي، محمود وراق ۽ فيروز مشرقي سندن درٻار جا مشهور شاعر ٿي گذريا آهن(1). محمد وراق پوئين حاڪم محمد بن طاهر جي درٻار جو شاعر هو(2).

صفاريه خاندان جي سنڌ تي حڪومت:

يعقوب بن ليث:

يعقوب بن ليث ۽ سندس ڀاءُ عمرو بن ليث سجستان ۾ ٽامي جي برتنن جو ڌنڌو ڪندا هئا، انڪري ’صفار‘ يعني ’ٺاٺار‘ جي لقب سان مشهور آهن. يعقوب بن ليث کي پنهنجي ڌنڌي کان نفرت هئي. انهن ڏينهن ۾ سجستان جي هڪڙي شخص صالح بن نصر ڪنعانيءَ، خلافت جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي، علوين جي طرفداري ڪندي، بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو. يعقوب همت وارو مڙس هو، هن باغي جماعت جو طرف ورتو ۽ آخر صالح جي مرڻ کان پوءِ هو باغي جماعت جو امير ٿيو. هن پهريائين محمد بن عبدالله بن طاهر جي هرات جي واليءَ محمد اوس کان هرات فتح ڪيو. ان کان پوءِ فارس جي گورنر علي بن حسين کان ڪرمان فتح ڪيائين. رفتي رفتي هن ايترو زور ورتو، جو خراسان جي صوبن تي هڪٻئي پٺيان قبضو ڪندو ويو.

سنه 255هه ۾، هن فارس جي دارالخلافه شيراز تي قبضو ڪيو. طاهريه وارن کي خراسان مان بيدخل ڪري پاڻ امير ٿي ويٺو. سنه 256هه ۾ بغداد جي خليفي طخارستان ۽ بلخ تي حڪومت ڪرڻ جي سند يعقوب کي ڏني. يعقوب ان تي قناعت ڪانه ڪئي، بلڪ ويو ملڪن کي فتح ڪندو. ڪابل جي رتبيل کان ڪابل فتح ڪرڻ کان پوءِ، سنه 259هه ۾ هن سڄو خراسان فتح ڪري طاهرين جي حڪومت جو خاتمو ڪري ڇڏيو(1). جملي تن صفاري اميرن حڪومت ڪئي: 1- يعقوب بن ليث سنه جلوس 253هه، 2- عمرو بن ليث 265هه ۽ 3- طاهر بن محمد بن عمرو بن ليث سنه 287هه کان سنه 291هه.

عمرو بن ليث:

سنه 261هه ۾ يعقوب سڄي فارس تي قبضو ڪيو، سندس ارادو بغداد فتح ڪرڻ جو هو، مگر 9 شوال سنه 265هه ۾ ڪنهن اوچتي بيماريءَ وگهي وفات ڪري ويو. سندس سڪا ڪابل جي جبل السراج وٽ هٿ لڳا آهن. هن پنهنجي تختگاه، زرنج ۾ محلات تعمير ڪرايا ۽ غزنيءَ جو بند به تعمير ڪرايو هو. سندس وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ عمرو بنليث خراسان، اصفهان، سجستان، ڪابل ۽ سنڌ جو حاڪم ٿيو. سنه 278هه ۾، خليفي موفق، ماوراءَ النهر جي حڪومت جي سند اسماعيل بن احمد ساسانيءَ کي مرحمت ڪئي، جنهن تي عمرو بن ليث فوج ڪشي ڪئي، مگر اسماعيل هٿان گرفتار ٿي ويو.

سنه 228هه ۾ اسماعيل، عمرو کي سمرقند جي جيل مان ڪڍي بغداد روانو ڪيو، جتي خليفي معتضد جي وفات تائين قيد ۾ رهيو، پوءِ متفڪيءَ هن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. صفاريه خاندان وارن سنه 291هه تائين حڪومت ڪئي. سندن ڏينهن ۾ ابن واصف ۽ بسام ڪرد خارجي پارسي شاعر ٿي گذريا آهن. شيخ اسماعيل صفار، فن عبارت نويسيءَ ۾ استاد ٿي گذريو. امام دار قطنيءَ ابتدائي عمر ۾ سندس علمي صحبت ڪري هن فن ۾ مهارت حاصل ڪئي هئي(1). طاهريه ۽ صفاريه خاندانن جي اميرن جو سمورو وقت خراسان ۾ جنگيون ڪندي گذريو.

عنسبه بن اسحاق:

سنه 236هه (850ع) ۾، خليفي معتصم عنبسه ابن اسحاق عتبيءَ کي سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. عمر بن عبدالعزيز هباري ان وقت سنڌ ۾ وڏي رسوخ وارو رئيس هو. تاهم خليفة المسلمين پاران موڪليل واليءَ اڳيان سواءِ اطاعت جي ٻيو ڪو چارو نظر نه آيس. عنبسه جو سمورو وقت سنڌ جي باغي رئيسن کي دٻائڻ ۾ گذريو، جن عمران جي قتل ٿيڻ کان پوءِ مختلف صوبا دٻايا هئا. عنبسه ديبل جي سڙڪ ۽ عمارتن جي مرمت ڪرائي ۽ اتي جي مشهور مندر جي هڪڙي حصي کي خلاخاني ۾ تبديل ڪيو.

هارون بن ابي خالد:

20 ربيع الاول، سنه 227هه ۾، معتصم وفات ڪئي. سندس پٽ واثق بالله گاديءَ تي ويٺو(1). 24 ذي الحج سنه 232هه ۾، واثق بالله وفات ڪئي ۽ سندس ڀاءُ متوڪل علي الله تخت نشين ٿيو. سنه 235هه (849ع) ۾ هارون بن ابي خالد مروروزي سنڌ جو حاڪم مقر ٿيو. سندس ڏينهن ۾ خلافت جو مرڪز ڪمزور ٿي چڪو هو ۽ هر هنڌ قسمين قسمين مذهبي فرقن جي باهمي رسه ڪشي ۽ سياسي طاقت لاءِ مقابلي بازيءَ جي بازار گرم هئي. سنڌ جا امير اڍائي سؤ ورهين جي حڪومت جي عرصي ۾ هينئر عياش بنجي ويا هئا. هنن جي پاڻ ۾ نااتفاقي هئي، يمانين ۽ نزارين جي جهڳڙن ڪري، عربي قوت سڀني ملڪن ۾ ڪمزور ٿيڻ لڳي. خود مرڪز خلافت تي ترڪن جو قبضو هو.

سنڌ جي هبارين جي حڪومت:

عمر بن عبدالعزيز:

هارون کي سنڌ ۾ آئي اڃا ٿورا ڏينهن مس گذريا هئا ته سنڌ جي عربي قبيلن ۾ جهڳڙا شروع ٿيا. هارون يمنين ۽ نزارين جو توازن رکي نه سگهيو. نتيجو خطرناڪ نڪتو: سنه 240هه (854ع) ۾، هارون عمر بن عبدالعزيز هباريءَ هٿان مارجي ويو ۽ عمر منصوري تي قبضو ڪيو. تنهن کان پوءِ عمر خليفي متوڪل ڏانهن درخواست موڪلي، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته جيڪڏهن سنڌ جو صوبو سندن سپرد ڪيو ويو ته هو بهترين انتظام رکي سگهندو. خليفي سندس درخواست منظور ڪئي ۽ سنڌ بغداد کان ڇڄي ڌار صوبو ٿي ويو.

هونئن ته سنڌ تي ڪيترائي عرب رئيس حڪمران هئا، جن وٽ خلافت جون سندون هيون، مگر جيڪو حصو بغداد جي ماتحت هو، سو عمر بن عبدالعزيز بهاريءَ کي ورثي ۾ مليو. طاهريه ۽ صفاريه خاندان جي سلاطين کي خراسان ۽ ايران مان سنڌ اچڻ لاءِ ڪڏهن به فرصت نصيب نه ٿي. عمر بن عبدالعزيز سياڻو هو، هن يعقوب بن ليث ٻنهي جي اطاعت قبول ڪئي، پر اسين لکي چڪا آهيون ته صفاريه جو قدم سيستان ۽ مڪران کان اڳتي وڌي نه سگهيو ۽ عمر جو اولاد پوري آزاديءَ سان سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو(1).

هن خاندان جي بانيءَ عمر بن عبدالعزيز بن منذر بن زبير بن عبدالرحمان بن هبار بن اسود جو خاندان گهڻي عرصي کان سنڌ ۾ آيو هو ۽ سنڌ جي سرزمين تي مستقل سڪونت اختيار ڪري ويٺو هو ۽ سنڌ جي سنڌي عربن ۾ سڀني کان ممتاز هو. سندن وطن ’بانيه‘ منصوره کان ٿورو مفاصلي تي هو. هي خاندان آهستي آهستي زور وٺندو ويو ۽ ايتري قدر قوت حاصل ڪري ويو جو، سنه 240هه (84ع) ۾ سنڌ جي حڪومت جو وارث بنيو. سندن تختگاه منصوره مقرر ٿيو(1). هبارين جي عراق ۾ مٽي مائٽي هئي، اتان جي قاضي ابوالشوراب جي خاندان جي ساڻن عزازت هئي. عمر بن عبدالعزيز طاهري سيستان جي صفاريه خاندان وارن جي اطاعت ۾ رهيو، مگر آخري وقت تائين بغداد جي خليفن جو جامع مسجد ۾ خطبو جاري رکيائين. سندس ڏينهن ۾ منصوره سڄي هندستان اندر عقائد اسلاميءَ جو مرڪز هو.

عبدالله بن عمر:

سنه 270هه (883ع) ۾ عمر بن عبدالعزيز هباريءَ جي مرڻ کان پوءِ عمرو بن ليث صفاريه جي ڏينهن ۾ سندس پٽ عبدالله سنڌ جو حاڪم ٿيو. کانئس اڳ، سنه 261هه ڌاري ايراني نار جي عربي ۽ عراقي ڪنارن تي، قرامطه وارن جون بغاوتون شروع ٿيون، ٻئي پاسي فاطمي تحريڪ شروع ٿي، جا پوءِ مصر تائين پکڙجي ويئي، مغرب کان وٺي مشرق تائين شيعن ۽ سنين جا تڪرار شروع ٿيا. هباري پهريون خودمختيار خاندان هو، جنهن پنهنجو سڪو سنڌ ۾ رائج ڪيو هو. عبدالله بن عمر جي زماني ۾، الور جي راجا عبدالله بن عمر کان اسلام جي عقيدن کي معلوم ڪرڻ لاءِ گهر ڪئي. عبدالله منصوره جي هڪڙي سنڌي عرب عالم کان اسلامي عقائد متعلق هڪڙو قصيدو هندي زبان ۾ لکرائي راجا ڏانهن روانو ڪيو. مٿيون عرب عالم سنڌي ۽ هندي زبانن تي قادر الڪلام هو. راجا قصيدو پڙهي خوش ٿيو، بلڪ منصوري جي امير کي لکي موڪليائين ته مٿئين عالم کي سندس درٻار ڏانهن روانو ڪري. عبدالله عرب عالم کي راجا مهروگ (مهروق) ڏانهن روانو ڪيو، جت هن ٽن سالن تائين رهي، قرآن شريف جو سنڌي زبان ۾ تفسير لکي راجا اڳيان پيش ڪيو. تفسير پڙهڻ کان پوءِ اهو راجا اندروني مسلمان ٿيو(1).

سنڌ تي بنو ڪنده وارن جو قبضو:

عبدالله بن عمر، بنوڪنده جي آزاد ڪيل غلام، صمه هٿان سنه 279هه (892ع) ۾ شڪست کاڌي. سنڌ تي ٿورو وقت بنوڪنده وارن جي حڪومت رهي(2). مگر عبدالله بن عمر وري طاقت حاصل ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو.(1) هباري خاندان وارن جي منصوره ۽ ملتان تائين حڪومت هئي، فقط مڪران تي صفاري ملڪ حڪومت ڪندا هئا. عبدالله بن عمر جي ڏينهن ۾، ملتان، منصوره کان ڇڄي هڪ ڌار حڪومت جي صورت اختيار ڪئي. پراڻي زماني جي سلطنتن ۾ دستور هو ته مذهب جي غيرسرڪاري فرقي وارا، حڪومتن جي سرحدي علائقن ۾ وڃي پناه وٺندا هئا. جيئن مجوسي ڏاهر جي ڏينهن ۾ سنڌ ڏانهن ڀڄي آيا هئا يا جيئن نسطوري عيسائي مشرقي رومن سلطنت جي حدن کان نڪري عراق جي شهر رقه ۾ پناه گزين ٿيا هئا. ساڳئي دستور، خارجين عراق ۽ عمان کان نڪري، جهالاوان جي شهر قصدار ۾ هڪڙي خارجي رياست قائم ڪئي هئي.

اهڙي طرح معتضد عباسيءَ جي زماني ۾، سنه 279-286هه ڌاري، عمان ۾ خارجين بغاوت ڪئي هئي؛ خليفي محمد بن قاسم کي سندن سرڪوبيءَ لاءِ مقرر ڪيو هو، هن خارجين کي شڪست ڏيئي پنهنجي رياست قائم ڪئي، سندس مذهب سنت جماعت هو. عمان ۽ سنڌ جي وچ ۾، بحري آمد و رفت ۽ تجارت قائم هئي. بنو سامه وارا سنڌ جي مختلف حصن ۾ گهڻي عرصي کان رهندا هئا. سندن هڪڙي غلام، فضل بن ماهان، مامون جي ڏينهن ۾، سندان ۾ رياست قائم ڪئي. محمد بن قاسم کان پوءِ، سندن پويان عمان تي قبضو رکندا آيا، پر سنه 305هه ۾ منجهن باهمي خانه جنگي شروع ٿي.

قرامطي، جي ان وقت بحرين ۾ زور وٺي رهيا هئا، تن بنو سامه وارن جي اندروني ويڙهه مان فائدو وٺي، سنه 317هه ۾ ابو طاهر قرمطيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ عمان تي قبضو ڪيو(1). بنو سامه وارا، بنو منبه به سڏبا هئا. سندن شاخون سنڌ ۽ ملتان تائين پکڙيل هيون. عمان جي حڪومت وڃائڻ کان پوءِ هنن سنه 290هه (902ع) ڌاري، ملتان تي قبضو ڪيو ۽ اتي خودمختيار ٿي رهيا(2). سڀ کان پهريان ابن رسته، سنه 290هه ۾، ملتان تي سندن حڪومت جو بيان ڏنو آهي(3). ڏهن سالن کان پوءِ، مسعودي ملتان جو سير ڪرڻ آيو ۽ لکيو اٿائين ته:

”ملتان تي سامه بن لوئي بن غالب وارن جي حڪومت آهي، جي فوجي قوت ڪري خودمختيار آهن.“ مسعوديءَ کان چاليهه ورهيه پوءِ، سنه 340هه ڌاري، اصطخري هندستان آيو. هو لکي ٿو ته: ”ملتان جا امير خطبي ۾ امير المومنين جو نالو پڙهن ٿا.“ اصطخريءَ کان 27 ورهيه پوءِ، 367هه ۾، ابن حوقل بغدادي ملتان آيو پر بنو سامه وارن جو ڪو نئون بيان نه ٿو ڏئي ۽ کيس بنو سامه وارا سني نظر آيا؛ مگر ابن حوقل کان 8 ورهيه پوءِ سنه 375هه ڌاري، بشاري مقدسي ملتان آيو ۽ لکي ٿو ته، ”ملتان جا والي شيعا آهن، آذان ۾ ’حي علي خيرالعمل‘ چون ٿا ۽ قامت ۾ ٻه دفعا تڪبير چون ٿا“(1). يعني سنه 375هه ۾، ملتان جي حڪومت اسماعيلين جي هٿ ۾ نظر اچي ٿي. ان بيان موجب بنو سامه جي مذهبي انقلاب جو زمانو 367هه کان سنه 375هه جي وچ ڌاري نظر اچي ٿو.

اسلامي دنيا ۾، خلافت عباسيه جي زاني ۾ المعتصم جي ڏينهن ۾، عباسي خلافت جي انحطاط جو زمانو شڙوع ٿيو. تنهن کان پوءِ قرامطين جي تعدين کان اسلامي دنيا تنگ ٿيڻ لڳي. مستڪفي بالله جي زماني ۾ هڪڙي ديلمي شجاع نالي ماڇيءَ جي ٽن پٽن علي، حسن ۽ احمد، جي شيعا هئا، تن اهڙو زور ورتو، جو منجهانئن عليءَ (عمادالدين) فارس تي قبضو ڪيو، حسن (رڪن الدوله) اصفهان ۽ طبرستان تي قبضو ڪيو ۽ احمد (معزالدوله) اهڙو زور وتو، جو بغداد تي قبض: ڪرڻ کان پوءِ ’امير المرائيءَ‘ جي درجي کي پهتو ۽ سنه 334هه ۾ مستڪفيءَ کي قيد ڪري خلافت جي مرڪز جو مالڪ بڻجي ويو. منجهائن عضدالدوله جنهن جو تختگاه شيراز هو، تنهن مڪران تي قبضو ڪري، بلوچن ۽ افغانن کي شڪست ڏني(1).

سنه 447هه ۾ سلجوقين هٿان آل بوريه وارن عربي سيادت کي مٽائڻ کان سواءِ وڏي عرصي تائين شيعن ۽ سنين کي باهمي جنگين ڪري پريشان ڪري ڇڏيو ۽ مذهب اسلام ۾ بعض اهڙيون شرڪيه رسمون جاري ڪيائون،جي اڄ ڏينهن تائين مسلمانن جي ڳچيءَ ۾ طوق لعنت وانگر پيل آهن. مثلا معزالدوله، 18 ذي الحج سنه 351هه ۾، بغداد ۾ عيد ملهائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان عيد جو نالو ’عيد خم غدير‘ رکيو. مٿين4 تاريخ حضرت عثمان ذوالنورين رضه شهيد ٿيو هو، تنهن ڪري شيعن ان ڏينهن تي ’خم غدير‘ نالو رکيو، دهل وڄايا ۽ خوشيون ملهايون. اڄ تائين شيعن جو عقيدو آهي ته معزالدوله جي قائم ڪيل عيد غدير جو مرتبو عيد الاضحيٰ کان به بلند آهي.

ان کان پوءِ سنه 352هه جي شروعات ۾، ابن بويه حڪم ڏنو هو ته محرم جي پهرين تاريخن تي امامن جي غم ۾ سمورا دڪان ۽ سرڪاري دفتر بند رهن، شهرن ۽ ڳوٺن جا رهاڪو ماتمي لبا سپائين، زالون ڪار اڪپڙا پهري، منهن تي مٽي وجهي، تابوتن پٺيان منهن مٿا پٽينديون، ڪپڙا ڦاڙي ماتم ڪنديون هلن. ايندڙ سال سنه 253هه ۾، ابن بويه سنين کي به شيعن جي پيروي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو اهل سنت جماعت وارا ان ذلت کي برداشت ڪري نه سگهيا، جنهن ڪري سنين ۽ شيعن ۾ گهڻي خونريزي ٿي. ان کان پوءِ شيعا هر سال مٿينءَ رسم کي عمل ۾ آڻڻ لڳا. بني بويه وارن جي حڪومت جون حدون ايران ۽ عراق تائين محدود رهيون، تاهم سوا سؤورهين اندر انهن شيعيت کي زور وٺائڻ لاءِ جيڪي ڪارروايون ڪيون، تن جو اثر سنڌ تي ضرور پوڻو هو، ڇاڪاڻ ته اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون ته نه رڳو سنڌ ۾، بلڪ سڄي هند ۽ پاڪستان اندر سني به تابوت ڪڍن ٿا.

ساڳئي زمان ۾، يعني سنه 358هه ۾ فاطمي سلطنت مصر تي قئام ٿي. سنه 361هه ڌاري، فاطمين جو تختگاه آفريڪا کان مصر منتقل ٿي آيو. ان زماني ۾ اسلامي دنيا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. اهل سلطنت جماعت وارا عباسي خلافت جي مرڪز بغداد جا طرفدار هئا ۽ شيعا مصر جي فاطمي سلطنت کي مڃڻ لڳا. ٻئي خلافتون پنهنجي اقتدار کي مختلف اسلامي ملڪن ۾ وڌائڻ جي رقيبانه ڪوششن ۾ مصروف هيون، ايتري قدر جو خود مڪي معظم ۽ مديني منور ۾ به رقيبانه ڪوششون جاري هيون. وري جڏهن ڪا نئين اسلامي رياست قائم ٿيندي هئي ته ٻنهي خلافتن جا داعي ۽ مبلغ اتي پنهنجو ڪم شروع ڪندا هئا. مٿيون زمانو عباسي خلافت جي انحطاط ۽ مصري فاطمي خلافت جي شباب ۽ اوج جو زمانو هو؛ مگر مٿينءَ ڪشمڪش ۾جيڪي به حڪومتون برپا ٿيون- مثلا بخارا جي سامانيه يا چوٿين صديءَ جي وچ ڌاري جيڪا غزنويه سلطنت قائم ٿي ۽ تنهن کان پوءِ پنجاهه ورهين گذرڻ بعد جيڪا آل سلجوق حڪومت برپا ٿي، تن سڀني بغداد جي دهليز تي مٿو جهڪايو.

علامه ابو الريحان البيروني لکي ٿو ته، جڏهن قرمطي (اسماعيلي) ملتان تي قابض ٿيا، تڏهن جلعم بن شيبان ملتان ۾ غازي محمد بن قاسم جي جوڙايل مسجد کي، اموين جي يادگار سمجهي، بند ڪرائي، ملتان جو مشهور مندر ’بيت الذهب‘ کي ڊهرائي، اتي ٻي مسجد تعمير ڪرائي(1). بهرحال ملتان تي ٽن عرب خاندانن حڪومت ڪئي: 1- منبه بن اسد، جو اسامه بن لوئي جي خاندان قريش مان هو، جنهن سنه 290هه کان سنه 340هه تائين حڪومت ڪئي، جيئن اصطخري ۽ ابن رسته بيان ڪن ٿا، 2- جعلم بن شيبان، جو بيرونيءَ جي بيان موجب قرمطي هو، جنهن جو زمانو سنه 367هه ۽ سنه 375هه جي وچ ڌاري هو،جيئن بشاري مقدسيءَ جهڙو عالم ملتان ۽ مصر جي فاطمين جي تعلقات جو ذڪر ڪري ٿو. 3- شيخ حميد ۽ سند سپٽ نصر ۽ نصر جو پٽ ابو دائود قرمطي جو (شيخ حميد) الپتگين ۽ سبڪتگين (351هه کان سنه 390هه) جو معاصر هو.(2).

هت اهو ياد رکڻ گهرجي ته قرامطه، اسماعيليه ۽ ملاحده، ٽيئي اسماعيلي شيعيت جا قسم آهن ۽ منجهن ٿورو فرق آهي. فقط سندن پيدائش جي تاريخ جدا جدا آهي. قرامطه هجري ٽين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري بحرين، عراق ۽ ايراني نار تي ظاهر ٿيا. اسماعيلي سنه 296هه ڌاري پهريائين 356هه ڌاري مصر پهتا. ملاحده، جن جو ٻيو نالو باطنيه  آهي  جي شيخ الجبال حسن بنصباح جي جماعت وارا هئا، سي سنه 483هه (سنه 1091ع) کان پوءِ خراسان ۾ ظاهر ٿيا هئا. مصر جي فاطمي خليفي الحاڪم بامرالله، شام ۾ هڪ ٻيو فرقو ’دروز‘ نالي پيدا ڪيو هو، جن جو احوال موقعي سر ڏبو. هت فقط ايترو ڏيکارڻو آهي ته ملتان جا فرمانروا اسماعيلي شيعا هئا. ملتان جو بيان هت ختم ڪري، اسين وري منصوره جي هباري خاندان ڏانهن رجوع ٿيون ٿا. اسان کي فقط هي ڏيکارڻو هو هو ته، سنه 300هه (سنه 912ع) ڌاري ابواللباب منبه بن اسد قريشيءَ ملتان تي قبضو ڪيو ۽ ملتان جي حڪومت منصوره کان ڇڄي ڌار حڪومت بنجي ويئي.

ابوالمنذر عمر بن عبدالله:

سنه 303هه (سنه 915ع) ۾، عبدالله بن عمر جي وفات کانپوءِ، سندس پٽ عمر بن عبدالله هباري منصوره جي گاديءَ تي ويٺو. مسعودي سنه 303هه ڌاري سنڌ ۾ آيو، تڏهن منصوره تي عمر بن عبدالله جي حڪومت هئي. ان زماني ۾ مسعوديءَ کي منصوره ۾ گهڻائي عرب سردار ۽ علوي سادات نظر آيا. هو لکي ٿو ته، عمر بن عبدالله جو وزير رياح هو ۽ شهر مٿان ابوالشوراب قاضي هو. عمر جو لقب ’ابوالمنذر‘ هو.مسعوديءَ هڪڙي وڏي عرب رئيس، حمزه سان ملاقات ڪئي هئي، جو بادشاهي حيثيت رکندڙ هو. علوين بابت لکي ٿو ته، هو حضرت علي بن ابي طالب جو اولاد (عمر بن علي ۽ محمد بن علي جي نسل مان) هئا. منصوره جي وزير رياح جي پٽن، محمد ۽ عليءَ سان به سندس ملاقات ٿي هئي(1). مسعوديءَ کان پوءِ سنه 367هه ۾ ابن حوقل منصوري آيو. ان وقت به هبارين جي منصوره تي حڪومت هئي.

بغداد سان سنڌ جي حڪومت کي ڪو تعلق ڪونه هو، فقط خطبي ۾ عباسي خليفن جو نالو جاري هو. سنه 375هه (985ع) ۾ بشاري منصوري آيو هو، ان وقت ديليمين جي شيعت جو اثر بلوچستان، مڪران ۽ سنڌ تي پئجي چڪو هو، تاهم خطبي ۾ عباسين جو نالو جاري هو، مگر ڪڏهن ڪڏهن عضدالدوله ديلميءَ جو خطبو به پڙهندا هئا ۽ هبارين پاران شيراز ۽ عضدالدوله جي درٻار ۾ سنڌ جو سفير رهندو هو(2). سنه 270هه (883ع) ۾ عبدالله المهديءَ جي زماني ۾ هيشم نالي فاطمين جو پهريون داعي منصوره پهتو، تنهن کان پوءِ، ٻيا دائي ايندا رهيا. فاطمي مبلغ خيفه طور ڪم ڪندا هئا ۽ ملڪ جي باشندن کي ڪميونسٽن وانگر انقلاب لاءِ تيار ڪندا هئا. کين قاهري مان ضروري احڪام پهچند اهئا، جيئن اڄ ڪلهه ماسڪو اشتراڪيت جو مرڪز آهي.

جعلم بن شيبان:

فاطمي خليفي العزيز بالله (المتوفي سنه 386هه /996ع) جعلم بن شيبان کي سنڌ ڏانهن موڪليو، جنهن سنه 367هه (977ع) ڌاري بنو سامه قريشين جي حڪومت جو خاتمو ڪري، فاطمي سڪو ۽ خطبو سنڌ ۾ جاري ڪيو. جعلم هندو راجائن سان امدادي معاهدو به ڪيو. بهرحال هبارين جي سني حڪومت منصوره تي سنه 401هه (1010ع) تائين قائم رهي، پوءِ قرامطه مٿس قبضو ڪيو. ٻنهي عربي حڪومتن تي پوءِ سلطان محمود غزنويءَ قبضو ڪيو. علامه ابن خلدون محمود غزنويءَ جي ڪاهه تائين منصوره تي هبارين جي حڪومت بيان ڪري ٿو. ممڪن آهي ته اهي ڦري اسماعيلي ٿيا هجن(1). فاطمي حڪومت مصر تي سنه 972ع کان سنه 1171ع تائين قائم رهي(2). خواجه بهاؤ الدين زڪريا ملتاني رحه هبارين جي يادگار آهي(3).


 


(1) محمد علافيءَ جي ڪشمير ڏانهن ڀڄي وڃڻ ۽ سندس پوين جون مسجدون تعمير ڪرائڻ جو بيان ’چچنامي‘ ۾ ڏنل آهي. ان جي معنيٰ ته ڪشمير ۾ اسلام سندس معرفت پهتو؛ مگر ڪشمير جي تاريخن ۾ اهڙو بيان ڏنل ڪين آهي. ڪشمير جي راجائن مان سنه 715هه (سنه 1315ع) ۾ سنيهه ديو حڪومت ڪندو هو. سندس مرڻ کان پوءِ راجا رنجن ڪشمير جي گاديءَ تي ويٺو. جنهن شاه منير نالي هڪڙي مسلمان کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو. سنه 747هه (سنه 1346ع) ۾ شاه منير ڪشمير تي قبضو ڪري، ’شمس الدين‘ جي لقب سان حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي. شاه منير پهريون مسلمان هو جو ڪشمير ۾ وارد ٿيو هو. سلاطين ڪشمير مان سنه 780هه ۾ سلطان شهاب الدين، سيد علي همدانيءَ لاءِ هڪڙي خانقاه تعمير ڪرائي. مٿين بيان موجب ڪشمير ۾ اسلام غازي محمد بن قاسم کان ٿورو پوءِ پکڙيو.جيڪڏهن محمد علافي ڪشمير ۾ پهريون مسلمان هجي ها ته ضرور ڪشمير جي تاريخ ۾ سندس ذڪر ڏنل هجي ها.

ڪشمير جي بيان لاءِ ڏسو ڪتاب ”مراة الڪونين“: مولوي غلام نبي فردوسي، ص- 495، نولڪشور، لکنؤ.

(1) ’چچنامي‘ ۾ اسڪلنده بدران ’غولڪنڊه‘ لکيل آهي، حالانڪ گولڪنڊه هاڻوڪي حيدرآباد دکن جو نالو هو.

(1) التبنيه والاشرف: مسعودي، ص 101-102. معجم البلدان: ياقوت حموي، جلد-8، ص- 201. ڪتاب الهند: بيروني، ص-116. سنه 45-1844ع ڌاري، جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي، بنگال ۾ ملتان جي مندر جو سربستو احوال شايع ٿيو هو. (صوفي پرنٽنگ پريس)

(1) J.Marchan: Abridgment of the History of India, P-18

(2) J.Tod: The Annals & Antiquities of Rajasthan, Vol.I.

(3) مختصر تاريخ هند: سيد ابو ظفر ندوي، ص-35، مولانا اڪبر شاه ’تاريخ اسلام‘ جلد پهرئين ۾ لکي ٿو ته، محمد بن قاسم سورت تائين ملڪ فتح ڪيا هئا، ڏسو ص-111.

(4) تاريخ هندستان: مولوي ذڪاءُ الله، جلد-1، ص- 246، علي ڳڙهه.

نوٽ: اُموي خليفن مان وليد پهرئين يا وليد ثانيءَ عيسوي 8 صديءَ ڌاري جيڪو قصر عميرا تعمير ڪرايو هو، جنهن جي ديوارن تي تصويرون ڏنل آهن، تن ۾ هڪڙي تصوير راجا ڏاهر جي آهي. اهي تصويرون آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهن.

(1) اخبارالاندلس: سي- پي. اسڪاٽ، جلد-1، ص 248-350، اردو ترجمو، از محمد خليل الرحمان، لاهور، 1340هه.

(1) تاريخ اسلام: مولانا اڪبر شاه، جلد-1، ص- 115.

(1) يزيد بن عبدالملڪ شرابي ۽ عياش هو. وٽس سلامه ۽ حبابه نالي بح خوبصورت ٻانهيون هيون، جن سان عيش ۽ عشرت ۾ وقت گذاريندو هو. حبابه جي مرڻ کان پوءِ ان جي غم ۾ مري ويو.

(1) بني اُميه جا ڪل 14 خليفا ٿيا. سندن زمانو 41هه کان 132هه تائين ختم ٿئي ٿو. معاويه، عبدالملڪ، وليد ۽ هشام ۾ حڪومت هلائڻ جي قابليت هئي، باقي سمورا شرابي ۽ عياش هئا.

(1) ابو مسلم خراساني اصفهان ۾ ڄائو هو ۽ ڪوفي ۾ تعليم ورتي هئائين. پوءِ ابراهيم بن محمد بن عبدالله عباسيءَ جو مددگار ٿيو، جنهن کيس ’ابو مسلم‘ جو لقب ڏنو. سنه 129هه ۾ هن خراسان جي شهر مرو ۾ عباسين جو ڪارو جهنڊو بلند ڪيو. سندس ڪوشش سان عباسي ڪامياب ٿيا، مگر سلطنت هٿ ڪرڻ کان پوءِ شعبان 137هه ۾ خليفي ابوجعفر منصور هن کي قتل ڪرائي ڇڏيو.

(2) عباسين کان شڪست کائڻ کان پوءِ مروان چند رفقن سان نيل نديءَ جي اولهندي ڪپ تي بصير نالي هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي لڪو، جتي دشمنن هٿان 132هه (15 آگسٽ 750ع) ۾ مارجي ويو. سندس پوين مان هشام بن عبدالملڪ جي پوٽي عبدالرحمان الداخل اسپين ۾ هڪ آزاد سلطنت جو پايو وڌو هو.

(1) ابوالعباس پنهنجي ظلمن ڪري ’سفاح‘ سڏبو هو، سندس پهريون تختگاه واسط هو، جو حجاج بن يوسف تعمير ڪرايو هو ۽ عراق ۾ بصري ڪوفي کان پوءِ ٽيون نمبر شهر و. سنه 136هه ۾ سفاح ڪوفي جي ڀرسان نئون شهر، مدينة الهاشميه، تعمير ڪرائي، ان کي تختگاه مقرر ڪيو، جو عام طرح ’هاشميه‘ سڏبو هو.

(1) ابو جعفر منصور دجله جي اولهندي ڪپ تي، جت اڳ ساسانين جو تختگاه مدائن هو، سنه 149هه ۾ نئون تختگاه بغداد، تعمير ڪرايو. ڪوفي ۽ بصري جي شهرن کي عالم پناهون ڏياريائين. هن ابو مسلم خراسانيءَ کي مارائي ڇڏيو، جنهن تي ابو مسلم جي هڪڙي رفيق، سنباد، نيشاپور ۾ فساد کڙو ڪيو؛ ر منصور پاران جمهور بن مرار عجليءَ هٿان همدان جي جنگ ۾ شڪست کائي، طبرستان ڏانهن ڀڄي ويو، جتي مارجي ويو. سندس ڏينهن ۾ شيعن جي هڪڙي فرقي، راونديه بغاوت ڪئي، ايتري قدر جو انهن منصور جي محلات تي گهيرو ڪيو، مگر باغي معن بن زائده هٿان مارجي ويا. سنه 155هه ۾ منصور ’رفيقا‘ جو شهر تعمير ڪرايو. سندس وزير خالد بن برمڪ نومسلم هو، جو ابو مسلم جو فوجي سردار هو. خالد بلخ جي بتخاني نووهار جو مغ زاده هو.

(1) هارون الرشيد 33 ورهيه اڍائي مهينا دٻدٻي سان حڪومت ڪئي، عباسي خليفن ۾ وڏو عالم، فاصل، بليغ ۽ فاتح ٿي گذريو. سندس درٻار ۾ گهڻا اهل ڪمال رهندا هئا، جن جي خدمتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ خليفي بغداد ۾ بيت الحڪمت جوڙايو هو. هارون، قيصر روم کي خط ۾ ’روم جو ڪتو‘ لکيو هو. فرانس جي بادشاه سان سندس دوستي هئي، جنهن ڏانهن خليفي هڪ عجيب غريب واچ رواني ڪئي هئي. سندس وزير يحيٰ بن خالد 17 ورهيه وزارت تي مامور رهيو. يحيٰ جو پٽ فضل ۽ جعفر درٻار جا مکيه صلاحڪار هئا. برمڪي پنهنجن فياضين ۽ حسن اخلاق ڪري وڏي اوج تي پتا. مکيه عهدا ۽ دولت خيز زمينون سندن قبض: هيٺ هيون، ان سبب ڪري سندن وڌندڙ طاقت کي روڪڻ لاءِ سنه 187هه ۾ هارون الرشيد برمڪين جي خاندان جو خاتمو ڪري ڇڏيو. هارون جي قبر طوس ۾ آهي.

نوٽ: برمڪين جي خاندان جي تباهيءَ جو وڏو سب هي هو، جو برمڪي اندروني طور علوين سان همدردي رکندا هئا. هارون الرشيد کي خوف هو ته متان حڪومت سندن معرفت علوين ڏانهن منتقل ٿي وڃي.

(1) محمد الامين 23 ورهين جي عمر ۾ تخت تي ويٺو، خليفي هارون الرشيد جيئري عهدنامو لکيو هو ته، امين کان پوءِ مامون تخت تي ويهي، مگر امين تخت تي ويهڻ کان پوءِ سنه 194هه ۾ پنهنجي صغير پٽ کي وليعهد مقرر ڪري وصيت نامي جي خلاف مامون جو نالو خطبي مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن ڪري ڀائرن جي پاڻ ۾ جنگ لڳي. امين عياش هو؛ هن بغداد ۾ هڪڙو ناچ گهر جوڙايو هو، جتي هزارين خوبصورت ٻانهيون قيمتي پوشاڪن سان ناچ ۽ راڳ ڪنديون هيون. بغداد ۾ محلاتن جوڙائڻ تي هن ٻه ڪروڙ رپيا خرچ ڪيو هو. نهايت خوبصورت، فياض ۽ شاعرانه مزاج رکندڙ هو. شاعر ابو نواس جو شاگرد هو. امين ۽ مامون جي جنگ حقيقت ۾ عربن ۽ ايرانين جي جنگ هئي.

ڏسو: ’المامون‘: شبلي نعماني.

(1) مامون دٻدٻي وارو باشاه ٿي گذريو. هن عباسين جي ڪاري جهنڊي بدران فاطمين جو سائو جهنڊو مقرر ڪيو ۽ خلافت عباسيه لاءِ امام علي رضا کي 201هه ۾ وليعهد مقرر ڪيو، پر امام صاحب ستت وفات ڪري ويو. مامون جي ڏينهن ۾ سنه 199ه ۾ ابن طباطبا ۽ سنه 211هه ۾ زريق، بابڪ خرميءَ ۽ ٻين بغاوتون ڪيون. مسلمانن روم تي حملا ڪيا ۽ سسلي ٻيٽ فتح ڪيو. فتوحات جون حدون ٿٻيٽ تائين پهتيون. مامون علم پرور هو. بغداد ۾ رسدخانا ۽ درالتجارب قائم ڪيائين. سندس درٻار ۾ اهل ڪمال رهندا هئا. يونان ۽ هند جا علوم عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا. مذهب تي آزادانه بحث ڪرائڻ لڳو. ’خلق قرآن‘ جو مسئلو سندس ڏينهن ۾ ايجاد ٿيو.

ڏسو: ’المامون‘: شبلي نعماني، مطبع معارف، اعظم ڳڙهه، 1926ع.

(1) فتوح البلدان: بلاذري، ص 445-446.

(2) علامه ارزقي ’تاريخ مڪه‘ ۾ پوري ڪيفيت بيان ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخن ۾ مٿيون بيان ڏنل ڪين آهي.

(1) طاهر ’ذواليمين‘ ۽ فضل ’ذوالرياستين‘، مامون جا ٻه امير هئا؛ طاهر صاحب الجيش يعني سپه سالار هو ۽ فضل وزيراعظم هو. مامون طاهر جي پٽ عبدالله کي مصر جي گورنري ڏني. ان موقعي تي طاهر پٽ کي جيڪو خط لکيو هو، سو دراصل ملڪي انتظام ۽ رعايا جي رفاه لاءِ هڪڙو بي نظير دستورالعمل هو. ان خط کي علامه ابن اثير لفظ بلفظ پنهنجي تاريخ ۾ نقل ڪيو آهي، جنهن مان طاهر جي آئين بانيءَ ۽ سياستدانيءَ جو پتو پوي ٿو. مٿيان ٻئي امير مامون جي اشاري تي مارجي ويا هئا. ڏسو ’المامون‘: شبلي نعماني.

(1) چهار مقاله: نظامي عروضي، ص-27، بمبئي 1305هه.

(2) مجمع الفصحاءِ: رضا قلي خان هدايت.

(1) سنه 259هه ۾ محمد بن طاهر، طاهرين جي پوئين امير، سيستان، ڪرمان، ڪابل ۽ فارس تي يعقوب بن ليث جي حڪومت کي تسليم ڪيو. شاعر ابو احمد عثمان بن عفان (المتوفي 255هه) يعقوب جي نالي تي جمعي جو خطبو پڙهيو. سندس شاعر محمد بن واصف سندس شان ۾ پارسي قصيدا چيا.

(1) تذڪره الحفاظ: امام شمس الدين ذهبي (المتوفي 748هه) جلد-3، ص-200، حيدرآباد دکن.

(1) معتصم بالله کان اڳ، جيڪي به عباسي خليفا ٿي گذريا، تن جو لشڪر ۾ عرب، ايراني ۽ خراساني شامل هئا، بلڪ عربن تي انهن کي ٿورو اعتبار هو ۽ مجموعي طور کين ايرانين تي وڌيڪ ڀروسو هو. معتصم پاڻ فوجي سپاهي هو؛ هن فرغانه جا هزارين ترڪ فوج ۾ ڀرتي ڪري، هنن لاءِ مخصوص لباس تجويز ڪري، بغداد کان نوي ميلن جي مفاصلي تي سرمن راءِ جدا ڇانوڻي قائم ڪري اتي پاڻ لاءِ جدا محلات ۽ جامع مسجد تعمير ڪرائي، نئين شهر کي تختگاه بنايو. سرمن راءِ پوءِ سامره سڏجڻ لڳو. معتصم ترڪن کي وڏا عهدا ڏنا، جنهن ڪري عربن جي وقار جو خاتمو ٿي ويو ۽ ترڪ سلطنت تي قبضي ڪرڻ لاءِ خواب لهڻ لڳا. حقيقت ۾ معتصم جي ماءُ ترڪ خاتون هئي. هن ايرانين جي زور ڀڃڻ لاءِ ترڪن کي فوجي عهدا ڏنا. سرمن راءِ يا سمرا، جو پوءِ ڦري سامره سڏجڻ لڳو، سنه 221هه کان سنه 279هه تائين عباسين جو تختگاه رهيو، پوءِ معتمد جي ڏينهن ۾ ٻيهر بغداد تختگاه مقرر ٿيو.

(1) سنڌ جو ڪهڙو حصو طاهريه ۽ صفاريه اميرن جي هٿ هيٺ هو، اهڙو بيان مولوي نور محمد نظاماڻيءَ ’تاريخ سنڌ‘ ۾ ڪونه ڏنو آهي. هيوزبلر جي تحقيقات مان ظاهر آهي ته مڪران تي طاهريه ۽ صفاريه ملڪن گهڻو وقت حڪومت ڪئي هئي. هيوزبلر سندن نالن جي غير مڪمل فهرست ڏني آهي، جنهن مان پتو لڳي سگهي ٿو ته مڪران تي انهن ملڪن گهڻو وقت حڪومت ڪئي هئي.

R.Hughe-Buller: Gazetteer of Makran, History "The Maliks" P-47.

(1) هبار بن اسود بن عبدالعزيٰ بن قصي القريشي آنحضرت صلعم جي صحابه ڪرامن مان هو. هبار پهريائين آنحضرت ﷺ جن جي سخت مخالفت ڪئي هئي. مگر فتح مڪه کان پوءِ ايمان آڻي سختيءَ سان شرع جو پابند رهيو. سندس ماءُ جو نالو فاحته بن قرضه قشيريه هو.

(1) عجائب الهند: بزرگ بن شهريار، ص-3، ليڊن.

(2) ابوالصمد (بنوڪنده) هڪ آزاد ڪيل غلام هو، جنهن هجري 3 صديءَ جي شروعات ۾ عمر بن حفص سان گڏجي هڪ هزار ماڻهن سان سنڌ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي.

(1) فتوح البلدان: بلاذري، ص-445، مختصر تاريخ هند: ص-39.

(1) ابن خلدون 8: جلد -4، ص- 93، مصر.

(2) فتوح البلدان: بلاذري، ص-446، ليڊن.

(3) الاعلاق النفسيه: ابن رسته، ص-135، ليڊن، 1892ع.

بعض عرب مؤرخ ابوالصمه کي سنڌ جي سما خاندان وارو ڪري لکن ٿا جو غلط آهي؛ سمورو بيان سمن جي باب ۾ ڏبو.

(1) احسن التقاسيم: بشاري مقدسي، ص – 481.

(1) عيسوي يارهين صديءَ تائين ديلمين جو مڪران تي اثر رهيو.

R. Hughes-Buller: Gazetteer of Makran, History, PP.46-47.

P.M. Sykes: Ten Thusand Miles in Persia.

(1) ڪتاب الهند: بيروني، ص – 56، لنڊن، تصنيف 424هه.

(2) مولوي عبدالحليم ’شرر‘ پنهنجي ”تاريخ سنڌ“ جلد-2، ص-9 ۽ 12 تي غلطيءَ سان لکي ٿو ته، ابو الفتح دائود ساڳيو هو، جنهن کي سنڌ ۾ سومره سڏيندا هئا. لکي ٿو ته ’سومره‘ سندن سنڌي نالو هو ۽ ابوالفتح سندس اسلامي نالو هو.

نوٽ: سنه 251هه ۾ ترڪن اهڙو زور ورتو جو عباسي خليفن مان معتز، مڪتفي، قاهر سندن هٿان ذليل ٿي مارجي ويا. اڳ خليفن جي اطاعت ڪرڻ لاءِ قسم کڻندا هئا، هينئر خليفن کي سندن اطاعت ڪرڻ لاءِ قسم کڻڻا پيا.

(1) احسن التقاسيم: بشاري، ص – 479.

(2) احسن التقاسيم: ص – 485.

(1) مروج الذهب: مسعودي، جلد-1، ص- 379.

(2) فتوح البلدان: بلاذري، ص-444، ليڊن، اسماعيلي تحريڪ جا سنڌ ۾ ٽي مرڪز هئا: ديبل، منصوره ۽ اُچ، ان تحريڪ ۾ عربن کان سواءِ سنڌ جا قديم رهاڪو به شامل هئا، جيئن دروزي خط مان خبر پئجي سگهي ٿي. مٿينءَ تحريڪ ڪري سومرن اسلام اختيار ڪيو هو.

(3) شيخ الاسلام حضرت بهاؤالدين ذڪريا ملتاني رحه کي محدث شيخ عبدالحق دهلويءَ ’اسدي‘ لکيو آهي. اهڙيءَ طرح شيخ عين الدين بيجاپوريءَ سندس نسل حضرت هبار بن اسود بن عبدالمطلب بن اسد تائين پهچايو آهي. تاريخ طاهريءَ ۾ ’شيخ سنڌ‘ لکيل آهي. ڏسو ايليٽ، بحوال ’طاهري‘، جلد-1، ص-256 ۽ فرشته، جلد-2، ص-404، نولڪشور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org