باب ٽيون
خارجي ۽ قرامطي:
عمان ۽ بحرين، بلوچستان جي آمهون سامهون آهن.
بلوچن مڪران جي ميدن کي شڪست ڏيئي، جاٽن جي مقابلي
۾ پنهنجو طرفدار ڪيو هو. سنڌ جي عربي حڪومت يمانين
۽ نيزارين جي جهڳڙن ڪري ڪمزور ٿي چڪي هئي. بلوچن ۽
ميدن گڏجي منصوره تي ڏکڻ کان ۽ جاٽن اتر کان حملا
ڪرڻ شروع ڪيا هئا. سنڌ جي ڪاهه وقت بلوچن عربن کي
مدد ڏني هئي ۽ ڪجهه وقت بني اميه سلطنت جا طرفدار
هئا، سي جلد سازشي جماعتن جا طرفدار ٿي بيٺا:
مثلا، هشام بن عبدالملڪ جي زماني ۾ بني اميه سلطنت
اندر ٽي مخالف جماعتون پيدا ٿيون هيون:
(1) شيعا جن کي پهريائين علوين سان ۽ پوءِ فاطمين
سان همدردي هئي، (2) خود بني اميه وارا، جيڪي
حڪومت جا حامي هئا ۽ حجاز تائين پکڙيل هئا ۽ (3)
خارجي، جيڪي ظاهري هلوين جا طرفدار هئا، مگر مٿين
جماعتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي تماشو ڏسندا هئا. بلوچ
جيڪي فطري جنگجو هئا، سي پهرينءَ ۽ پوئينءَ جماعت
سان شامل هئا.(1)
ڪابه انقلابي تحريڪ خراسان يا عراق ۾ منهن ڪڍندي
هئي، ته جهٽ ان جو اثر مڪران، سجستان ۽ سنڌ تي
پوندو هو. امين ۽ مامون جي جنگ وقت بلوچن خراسان
جي لشڪر ۾ ڀرتي ٿي، طاهر ذواليمين جي جهنڊي هيٺ،
مامون جو طرف ورتو هو. جاٽن، بصري ڏانهن ويندڙ سڙڪ
تي، لٽ مار مچائي ڏني هئي.(1)
هيڏانهن ميدن سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا کان وٺي ويندي
مڪران جي ڪناري تائين فساد کڙا ڪيا هئا.
ڊي بوئر، ڊچ مستشرق جي بيان موجب، سنه 281هه ۾،
ڪوفي جي هڪڙي غالي شيعي حمدان قرامطيءَ نئون مذهب
کڙو ڪيو. انهيءَ ئي سال قرامطي معتقدن مان يحيٰ بن
مهدي بحرين ۾ وارد ٿي ۽ اهڙيءَ طرح بحرين فسادن جو
مرڪز بنجي ويو. سنه 286هه ۾ ابو سعيد الجنابيءَ
کليءَ طرح بحرين وارن کي نئين مذهب جي دعوت ڏني.
سنه 287هه ۾، هن شامي لشڪر کي شڪست ڏيئي، بصري تي
قبضو ڪيو ۽ پوءِ حجر به سندس قبض: هيٺ اچي ويو.
سنه 291هه ڌاري قرامطي يمن تائين پکڙجي ويا. سنه
311هه ۾ قرامطين ابو طاهر سليمان بن ابي سعيد
جنابيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ مڪه معظمه تي ڪاهي، خانه
ڪعب مان حجر اسود پٽي، پاڻ سان عراق ڏانهن نيو ۽
ان جي نتيجي ۾ حج ڪيترا سال صفا بند ٿي ويو. آخر
خليفي مطيع بالله کين وڏي رقم ڏيئي، حجر اسود خانه
ڪعبه ۾ موٽائي آندو.
سنه 355هه ۾ آل بويه وارن عمان تي ڪاهي، قرامطين
کي شڪست ڏني. بلوچن به ڪرمان کان وٺي سنڌ جي سرحد
تائين فساد ۽ ڦرمار جي جرم ۾ بويه وارن کان شڪست
کاڌي. بويه وارن کان شڪست کائڻ کان پوءِ، قرامطين
مڪران جي ڪناري کي وسايو. ستت ئي سندن مڪران جي
رند بلوچن سان مائٽي ٿي ويئي. سندن تحريڪ بلوچستان
۾ اهڙو زور ورتو، جو مڪران کان سروان ۽ نوشڪي ۽
سيستان تائين رهندڙ بلوچن ۽ براهوئن جا قبيلا ساڻن
شريڪ ٿي ويا. تنهن کان پوءِ ميدن کي شڪست ڏيئي،
مڪران جي بندر ’ڪلمت‘ کي مرڪز جوڙي، سنڌ ۽ گجرات
جي ڪناري وارن شهرن تي ڌاڙا هڻڻ لڳا.(1)
سنه 325هه ۾ بلوچن جي مدد سان منصوره ۽ ملتان تي
قبضو ڪيائون ۽ اتي مصر جي فاطمي خليفن جي نالي تي
خطبو جاري ڪيائون. مٿيون واقعو سلطان سبڪتگين جي
غزنيءَ تي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ٿيو، سلطان
سبڪتگين سنه 366هه (976ع) ۾ غزنيءَ تي قبضو ڪيو
هو. جنهن صورت ۾ بخارا جي سمانيه سلاطين، غزنيءَ
جي ترڪي سلاطين ۽ سلجوقي سلاطين جو بغداد جي عباسي
خلافت ۾ اعتقاد هو، ان صورت ۾ فاطمين جو اثر مشرقي
اسلامي دنيا تان ستت مٽجي ويو.(1)
جنهن جو هي اثر ٿيو جو سنڌ ۾ قرامطين جو زور جلد
ئي ٽٽي پيو.
غزنوي خاندان:
عربن ۽ وچ ايشيائي فاتح مسلمانن ۾ فرق هو. جيتوڻيڪ
وچ ايشيا کي قتيبه بن مسلم (86هه) فتح ڪيو هو، پر
عيسوي 12 صديءَ تائين اتان جا مغل ڪافر هئا.
ساڳيءَ طرح افغانستان جي وڏن شهرن تائين اسلام جو
قدم اڳي ئي پهتو هو، پر سمورا افغان اڃا مسلمان
ڪونه ٿيا هئا، ان ڪري وچ ايشيا جي فاتحن جي حڪومت
جي اصولن کي اسلامي حڪومت جي اصولن سان ڪا مناسبت
ڪانه هئي. جيتوڻيڪ غزنوي سلطنت جي آغاز کان هڪ سؤ
ورهيه اڳ، ڪابل جي بادشاه اسلام قبول ڪيو هو، تاهم
افغانن جا قبيلا سلطان محمود غزنويءَ جي زماني ۾
ئي اسلام قبول ڪرڻ لڳا هئا. خاص ڪري بلادغور جا
قبيلا هجري 4 صديءَ ڌاري اسلام جي دائري ۾ داخل
ٿيڻ لڳا هئا.
سلطان محمود غزنويءَ کان اڳ افغانستان ۾ نه ڪا
اسلامي درسگاه هئي، نه وري اسلامي تعليمات جو ڪو
رواج هو. نه وري ان طرف اسلامي علمائن ڪو توجه ڏنو
هو، عرب فاتحن هندن کي اهو درجو ڏنو هو، جو اهل
ڪتاب (ذمين) لاءِ اسلامي دنيا ۾ مخصوص هو، برخلاف
ان جي وچ ايشيا جي فاتح مسلمانن کي فقط هندن جي
مندرن کي لٽڻ جو خيال هو. هيءَ ڳالهه ڌيان جوڳي
آهي ته دهليءَ تي جن جن مسلمان خاندانن حڪومت ڪئي،
انهن مان لوڌي ۽ سُور گهراڻن کان سواءِ باقي سمورا
ترڪ نسل جا هئا.
آل غزنويه جو شجرو
آل سبگتين سلاطين جا نالا
(1) امير ناصر الدين سبڪتگين |
(366هه: 976ع) |
(2) امير اسماعيل بن سبڪتگين |
(387هه: 997ع) |
(3) يمين الدوله محمود بن سبڪتگين |
(388هه: 998ع) |
(4) عمادالدوله محمد بن محمود |
421هه: 1030ع) |
(5) نصيرالدوله مسعود بن محمود |
(421هه: 1040ع) |
(6) شهاب الدوله مودود بن مسعود |
(432هه: 1040ع) |
(7) مسعود بن مودود |
(440هه: 1048ع) |
(8) بهاءُ الدوله علي بن مسعود |
(440هه: 1048ع) |
(9) عزالدوله عبدالرشيد بن مسعود |
(440هه: 1048ع) |
(10) جمال الدوله فرخ زاد بن مسعود |
(451هه: 1059ع) |
(11) رضي الدوله ابراهيم بن مسعود |
(451هه: 1059ع) |
(12) علاءُ الدوله مسعود ثاني بن ابراهيم |
(492هه: 1098ع) |
(13) عضدولدوله شيرزاد بن مسعود |
(508هه: 1114ع) |
(14) سلطان الدوله ارسلان بن مسعود |
(509هه: 1115ع) |
(15) معزوالدوله بهرام بن مسعود |
(512هه: 1118ع) |
(16) سراج الدوله خسرو بن بهرام |
(547هه: 1152ع) |
(17) تاج الدوله خسرو ملڪ بن خسرو |
(582هه: 1186ع) |
|
|
سبڪتگين:
آل سبڪتگين سنه 366هه (976ع) کان سنه 582هه
(1186ع) تائين حڪومت ڪئي آل سمانيه جي درٻار ۾
گهڻائي ترڪي غلام هئا، جن کي سمانيه فرمانروائن
حڪومت جا وڏا عهدا ڏنا هئا. انهن غلامن مان هڪڙو
الپتگين هو، جنهن کي عبدالملڪ بن نوح (343هه:
954ع)، سنه 346هه (957ع) ۾ هرات مٿان گورنر مقرر
ڪيو هو، مگر ستت سنه 350هه (961ع) ۾ سلطان موصوف
ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي، هن کي معزول ڪري، هرات
ابوالحسن بن علي سيمجوريءَ کي سپرد ڪيو هو.
الپتگين ناراض ٿي غزنيءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي حڪومت جو
بنياد وڌو. سنه 353هه (963ع) ۾، سندس مرڻ کان پوءِ
پهريائين سندس پٽ ابو اسحاق ۽ پوءِ ٻين ٻن ترڪ
غلامن، تگين ۽ پيريءَ 14 ورهين تائين حڪومت هئي.
سنه 366هه (976ع) ۾ نوح بن منصور سمانيءَ جي حڪم
سان، پيريءَ غزنيءَ جي حڪومت الپتگين جي ناٺيءَ
امير ناصرالدين سبڪتگين جي حوالي ڪئي.(1)
سبڪتگين پنجاب جي راجا جئپال کي شڪست ڏيئي ڪابل ۽
پشاور تي قبضو ڪيو. ازانسواءِ، جئپال ساليانو خراج
ڏين به منظور ڪيو. سنه 382هه (993ع) ۾ ابو علي
سيمجوري ماوراءِ النهر ۾ بغاوت ڪئي، پر سبڪتگين هن
کي شڪست ڏني. نوح بن منصور خوش ٿي افغانستان ۽
خراسان سبڪتين جي حوالي ڪيا. هن جهالاوان تائين
ملڪ يعني سيستان، پيشين، سراوان ۽ قصدار فتح ڪيا.
امير نوح سندس پٽ محمود کي ’سيف الدوله‘ جو خطاب
ڏيئي سپه سالار مقرر ڪيو. سنه 377هه (997ع) ۾
سبڪگين ترمذ ۾ وفات ڪئي.
محمود:
سلطان محمود سنه 388هه (998ع) ۾ غزنيءَ جي تخت تي
ويٺو. سندس والده سيستان جي بلوچياڻي هئي. سنه
389هه (999ع) ۾ ايلڪ خان، عبدالملڪ بن نوح سمانيءَ
کي گرفتار ڪري ترڪستان تي قبضو ڪيو. سمانيه سلطنت
جو وچ ايشيا ۾ خاتمو ٿي ويو. جيحون نديءَ واري
مٿئين حصي تي ايلڪ خان ۽ ڏاکڻي حصي تي خراسان ۽
افغانستان سميت محمود قبضو ڪيو. جهالاوان سميت سنڌ
جي ڀاڱن تي سبڪتگين 367هه (سنه 966ع) ۾ اڳي ئي
قبضو ڪيو هو. جئپال کان پوءِ انند پال لاهور جي
تخت تي ويٺو؛ جنهن قنوج، ميرٺ، مٿرا، ڪالنجر،
مالوا، اجمير، گواليار ۽ گجرات جي راجائن ۽ ملتان
جي عرب امير جي مدد سان محمود جو مقابلو ڪيو، پر
انند پال شڪست کاڌي. محمود لاهور تي قبضو ڪري، اتي
پنهنجي هڪڙي ترڪ غلام کي صوبيدار مقرر ڪيو.
ملتان جي قرامطي عرب رياستن تي شيخ حميد ۽ سندس پٽ
نصر سنه 351هه کان سنه 390هه تائين حڪومت ڪئي. نصر
کان پوءِ سندس پٽ ابو الفتح دائود ملتان جي تخت تي
ويٺو. هن انند پال کي مدد ڏني هئي. انند پال شڪست
کائي ڪشمير ڏانهن ڀڄي ويو. سلطان محمود ستن ڏينهن
تائين ملتان جي شهر تي گهيرو ڪيو. هن ڀيري
ابوالفتح سلطان سان صلح ڪري ويهه هزار درهم ڏيڻ
لاءِ انجام ڏنو. ملتان تي پهرين ڪاهه سنه 396هه
(1015ع) ۾ ٿي سنه 401هه ڌاري سلطان ٻيو دفعو ملتان
تي ڪاهي گهڻن قرامطي اسماعيلين کي قتل ڪرائي، ڪن
جا هٿ ڪپائي، شيخ ابوالفتح دائود کي گرفتار ڪري،
غور جي قلعي ۾ قيد رکيو. ملتان تي سلطان محمود جي
هيءَ ٻي ڪاهه هئي.(1)
سلطان محمود غزنويءَ سنه 388هه (998ع) کان سنه
421هه ( سنه 1030ع) تائين 32 ورهيه حڪومت ڪئي.
مٿئين عرصي ۾ هن هندستان تي 17 دفعا ڪاهون ڪيون.
ڪشمير ۽ پنجاب فتح ڪرڻ کان پوءِ سنه 409هه (1018ع)
۾ قنوج ۽ مٿرا تي قبضو ڪيائين. سنه 413هه (1022ع)
۾ ڪالنجر جي راجا کانئس شڪست کاڌي. غرض ته جن جن
راجائن اندد پال کي مدد ڏني هئي، تن سڀني کي سلطان
شڪست ڏيئي، وٽائن گهڻو مال غنيمت هٿ ڪيو. مٿين
فتحن جي انعام ۾ کيس بغداد جي درٻار مان ’امين
الملت‘ ۽ ’يمين الدوله‘ جا خطاب، خلعت ۽ نقاري
سميت عطا ٿيا. سنه 401هه (1010ع) ۾ محمود بلاد غور
تي قبضو ڪيو ۽ سنه 417هه (1026ع) ۾ خوارزم مرغاب
فتح ڪيائين. ساڳئي سال هن سمرقند ۽ بخارا تي جهنڊو
کوڙيو. سنه 418هه (1027ع) ۾ آل سلجوق سندس آڻ مڃي.
سنه 420هه (1029ع) ۾ آل بويه وارن شڪست کائي
اصفهان سندس حوالي ڪيو.
سومناٿ تي ڪاهه ۽ منصوري تي قبضو:
چست خاندان جو سرخيل خواجه ابو احمد ابدال رحه، جو
هرات کان ٻن منزلن تي چست جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، تنهن
بزرگ سلطان محمود جي ڪمان هيٺ عام جهاد جو اعلان
ڪيو. جهاد جي سڏ تي ترڪ، افغان، بلوچ ۽ ٻيون قومون
محمود جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيون.(1)
سلطان جنهن شهر کي فتح ڪندو هو، اتي ٽن ڏينهن
تائين لشڪر کي لٽ مار ڪرڻ لاءِ اجازت ڏيندو هو.
هندستان جي ڪاهُن مان سلطان کي ايترا هندو غلام ۽
عورتون هٿ لڳيون جو خراسان ۽ ايران جي مارڪيٽن ۾
في هندو غلام جي قيمت فقط ڏيڍ رپيو هئي.(2)
سنه 416هه (1026ع) ۾ سلطان سومناٿ جي مندر تي ڪاهه
ڪئي، جو گجرات ۾ سمنڊ جي ڪناري تي هو. سومناٿ
هندستان جي وڏن مندرن مان هو، جتي هر سال چنڊ گرهڻ
جي موقعي تي 2 لک ياتري پوڄا ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا
هئا، مندر جو بت مقناطيس جي وسيلي زمين کان مٿي ۽
ڇت کان هيٺ بيٺل هو. روزانو هڪ هزار ميلن کان گنگا
جو پاڻي بت جي غسل لاءِ ايندو هو. ٻه هزار برهمڻ
پروهت ۽ ٻه سوؤ فن موسيقيءَ جا ماهر، ٽي سؤ حجام
برهمڻن جي سنوارت ڪرڻ لاءِ ۽ پنج سؤ ديوداسيون بت
جي خدمت تي مامور هيون. مندر جي خرچ لاءِ هندستان
جي راجائن جاگيرون وقف ڪيون هيون. جنگ ۾ شڪست کائڻ
کان پوءِ برهمڻ پوڄارين بت جي بچاءَ لاءِ سلطان کي
وڏي رقم آڇي، مگر سلطان قبول نه ڪندي فرمايو: ”ڀل
تاريخن ۾ سندس نالو بت فروش بدران بت شڪن ڳائجي.“
ائين چئي بت کي نيزو هنيائين ته منجهانئس جواهر
نڪري ٻاهر ٿيا. سومناٿ جي مندر مان سلطان کي
بيشمار خزانو هٿ لڳو هو.(1)
منصوري تي قبضو:
سومناٿ کان موٽندي ٿر جي رستي کان ٿيندي، درياءَ
جو ڪنارو وٺي، سلطان منصوري تي ڪاهه ڪئي، ڇاڪاڻ ته
هتي جو عرب امير به قرامطي هو. سلطان محمود جي اچڻ
جو ٻڌي عرب امير شهر ڇڏي وڃي جهنگ ۾ لڪو. سندس
گهڻائي ماڻهو غزنوي فوج هٿان مارجي ويا. ڪي درياءَ
۾ ٻڏي ويا.(2)
ابن اثير جو بيان آهي ته هبارين جو قرامطين خاتمو
ڪيو هو ۽ سلطان محمود جي ڏينهن ۾ منصوري جو حاڪم
قرامطي هو. ان زماني ۾ مصر جي فاطمي خليفن هڪڙو
سفير سلطان محمود ڏانهن موڪليو هو، جنهن کي سلطان
موصوف باطني سمجهي، گرفتار ڪرائي سنه 403هه ۾
مشهور سيد حسين بن طاهر بن مسلم علوي جي سپرد ڪيو
هو، جنهن هن کي مارائي ڇڏيو.(3)
سلطان محمود سنه 421هه (1030ع) ۾ وفات ڪئي.
غزنوي سلاطين جي علم پروري:
غزنوي فرمانروائن مان جملي سترهن بادشاهي ڪئي.
سلطان محمود 22 سالن جي عرصي اندر سلطنت جي حدن کي
سيحون درياءَ کان وٺي ايراني نار ۽ عراق تائين ۽
بحيره سزر کان گجرات تائين وڌايو هو. سندس پٽ
سلطان مسعود مڪران تي به قبضو ڪيو هو. مگر جيترو
جلد هن سلطنت ترقي ڪئي، اوترو جلد سندس تنزل ۽
انحطاط شروع ٿيو. محمود کانپوءِ سلجوقين خوب زور
ورتو. هنن قليل عرصي اندر ترڪستان، بلخ، خوازرم،
ري (طهران) ۽ اصفهان سلطان مسعود کان کسي ورتا.
بهرام شاهه بن مسعود (المتوفي سنه 547هه مطابق
1152ع) ۾ لاهور کي تختگاه جوڙيو هو، مگر لاهور به
غورين هٿان بچي نه سگهيو. (جنهن جو بيان موقعي سر
ڏبو.)
امير ناصرالدين سبڪتگين کي چار پٽ: اسماعيل، يوسف،
نصر ۽ محمود هئا. سلطان جيئن پاڻ علم پرور هو،
تيئن سندس پٽ به هنر پرور ۽ فاضل هئا. سبڪتگين جو
مير منشي شيخ مجدالدين ابو الفتح بستي (المتوفي
430هه: 1038ع) وڏو بزرگ ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سندس
ٻه ديوان، عربي ۽ فاسيءَ ۾ حقائق ۽ معارف سان ڀريل
آهن.(1)
حڪيم ابوالحسن ڪسائي (المتوفي 396هه: 1005ع) حڪيم
ناصر خسرو جو همعصر هو. ٻنهي شاعرن ۾ علمي نوڪ ٽوڪ
جو سلسلو جاري رهندو هو. حڪيم ڪسائي، سلطان محمود
جو ابتدائي زمانو ڏٺو هو.(1)
ابو المظفر نصر بن سبڪتگين (المتوفي 411هه: 1020ع)
کي عربي علوم ۾ يذطوليٰ حاصل هو. هن نيشاپور ۾
سعديه نالي مدرسو تعمير ڪرايو هو، جتي محدثين ۽
فقها درس ۽ تدريس تي مقرر هئا ۽ شاگردن کي مفت
کاڌو ملندو هو. منصوري کان پوءِ مشرقي دنيا ۾ هي
پهريون مدرسو هو. ٻيا پوءِ تعمير ٿيا.(2)
نصر بن سبڪتگين جي فرمائش سان امام ابو منصور
ثعلبي نيشاپوريءَ فن تاريخ متعلق هڪڙو ضخيم ڪتاب
’الغرر في سير الملوڪ‘ حضرت آدم عليه السلام جي
زماني کان وٺي سلطان محمود جي زماني تائين جيڪي به
قومون ٿي گذريون، تن جي احوال ۾ تصنيف ڪيو.(3)
نصرنيشاپور ۾ ٻيو هڪڙو مدرسو امام ابو اسحاق
اسرائيفني (المتوفي 418هه) لاءِ تعمير ڪرايو هو.
غزنوي سلطنت اندر ٽي شهر: (1) غزني، (2) نيشاپور ۽
(3) لاهور صدر مڪان هئا ۽ علمي لحاظ کان اسلامي
دنيا ۾ سڀ کان اول نيشاپور ۾ مدرسا تعمير ٿيا. هت
مدرسه سعديه کان سواءِ امام ابن فورڪ جو نصريه
مدرسو ۽ امام ابوالقاسم جو بيهقيه مدرسو ايتري
وسيع پيماني تي هئا، جو مؤرخ انهن کي ’”امهات
المدارس“ سڏيندا هئا. سلطان طغرل بيگ سلجوقيءَ به
هن شهر کي فتح ڪرڻ کان پوءِ هڪڙو مدرسو تعمير
ڪرايو هو.(1)
شهر غزنيءَ سلطان محمود جي علم پروريءَ ڪري وڏي
شهرت حاصل ڪئي. سلطان محمود پاڻ وڏو عالم ۽ فاضل
هو. علامه ابي الوفا قرشي (المتوفي 755هه) کيس
ائمهءِ فقها ۾ شمار ڪري ٿو. سلطان موصوف وڏن وڏن
عالمن کان شرعي تعليم ورتي هئي. فقه ۽ حديث ۾
متعدد ڪتاب تصنيف ڪيا هئائين.(2)
کيس شعر و شاعري سان خاص دلچسپي هئي. عربي ۽ پارسي
زبانن ۾ شعر گوئي ڪندو هو. سنه 410هه ۾ مٿرا جي
بتخانن کي ويران ڪرڻ کان پوءِ سلطان تختگاه غزنيءَ
۾ سنگمرمر ۽ سنگ رخام جي جامع مسجد تعمير ڪرائي،
جا آرستگيءَ جي لحاظ سان ’عروس الفلڪ‘ سڏجڻ لڳي.
جامع جي ڪتبخاني ۾ دنيا جا مفيد ۽ نادر الوجود
ڪتاب رکيل هئا.(1)
محمود جي درٻار ۾ پارسي زبان جا چار سؤ شاعر رهندا
هئا، جن مان ڪي سلطان سان جنگين ۾ هم رڪاب رهندا
هئا. منجهانئن عنصري، عضائري، عسجدي، فرخي ۽
فردوسي وغيره درٻار جا ’سبعه سياره‘ سڏبا هئا.
منجهانئن عنصري ’ملڪ الشعرا‘ هو.
هڪڙي ڀيري عضائريءَ اياز جي تعريف ۾ هڪڙي رباعي
لکي، سلطان کيس پنجاه هزار درهم عنايت ڪيا هئا.
عنصريءَ کي هڪڙي موقعي تي ويهه هزار درهم ۽
زينتيءَ کي پنجاه هزار درهم عنايت ڪيا هئائين.
مٿين فياضين جي ڪري وقت جانامور شعرا ڪرام محمود
جي درٻار ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. سلطان جي تقليد ڪندي،
ٻين امرائن به غزنيءَ ۾ محلاتون ۽ عاليشان
درسگاهون تعمير ڪرايون هيون. منصوري کان پوءِ،
اسلامي دنيا ۾ غزنيءَ، بغداد وانگر شهرت حاصل ڪئي
هئي. غزنيءَ جو شاهي ڪتبخانو سنه 550هه (1155ع) ۾
سلطان حسين غوريءَ هٿان سڙي برباد ٿي ويو.
شمس الدين ابوالقاسم احمد بن حسن ميمندي پهريائين
خراسان جو ديوان هو، پوءِ وزارت جي اعليٰ عهدي تي
پهتو. بلند پايه بزرگ هو، عربي ۽ پارسيءَ ۾ طبع
آزمائي ڪندو هو. ارڙهن ورهين کان پوءِ سلطان محمود
کي معزول ڪري، ڪالنجر جي قلعي ۾ نظر بند رکيو.
تيرهن ورهيه قيد ڪاٽڻ کان پوءِ سلطان مسعود کيس
آزاد ڪري، ٻيهر وزارت جوعهدو ڏنو. سنه 424هه ۾
وفات ڪيائين.
ابونصر بن مشڪان مشهور ۽ معروف اديب ٿي گذريو آهي.
علم ادب متعلق سندس ڪتاب ’المقامات‘ بينظير شاهڪار
آهي. مشهور مؤرخ ابوالفض بيهقي سندس شاگرد هو.
ديوان الرسالت جي عهدي تي مامور رهيو. سنه 439هه ۾
سلطان مودود جي ڏينهن ۾ وفات ڪيائين.
منوچهري (المتوفي 432هه) پهريائين امير منوچهر بن
قاموس بن وشمگير (403-421هه) جي درٻار ۾ نوڪر هو.
امير موصوف جي وفات کان پوءِ جرجان ڇڏي، سلطان
مسعود جي درٻار ۾ غزنيءَ پهتو ۽ درٻاري شاعر ٿي
رهيو. سندس ديوان فرينچ مستشرق زمرسڪي، نهايت
اهتمام سان 1887ع ۾ پئرس مان ديباچي سميت شايع
ڪيو.
ابونصر محمد بن عبدالجبار العتبي، محمود جي درٻار
جو نديم هو. سنه 412هه ۾ سلطان سبڪتگين ۽ محمود جي
هن تاريخ تصنيف ڪئي، جا ’تاريخ يمني‘ جي نالي سان
مشهور آهي. فن ادب جا علماءَ سندس عبارت کي مقامات
همداني ۽ مقامات حريري جي هم پايه تسليم ڪن ٿا.(1)
احمد انيسي (المتوفي 1027ع) مٿين4 تاريخ جي شرح
لکي، جا ’فتح الوهبي‘ جي نالي سان سنه 1286هه ۾
بولاق مان شايع ٿي. ’تاريخ يمني‘ سنه 1847ع ۾
ڊاڪٽر سپرنگر دهليءَ مان شايع ڪرائي. تنهن کان
پوءِ، جرمن پروفيسر نولد ڪي سنه 1857ع ۾ ان جو
جرمن ترجمو وائنا مان شايع ڪيو. ان جو فارسي ترجمو
فارس جي حاڪم اتابڪ ابوبڪر محمد بن ايلدگز (587هه:
1191ع) جي وزير مهذب الدين ابوالقاسم علي بن حسين
جي فرمائش سان ابو شرف ناصح بن ظفر بن سعد
باذقانيءَ ڪيو، جو سنه 1272هه ۾ طهران مان شايع
ٿيو. مٿئين ترجمي تان درويش حسن ترڪيءَ ۾ ۽ جيمس
رينالڊ انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جو سنه 1858ع ۾
لنڊن مان شايع ٿيو.
امام ابو محمد عبدالله بن حسن الناصحي (المتوفي
447هه) تفسير، فقه ۽ حنفيت جو وڏو عالم ۽ اما ٿي
گذريو ۽ سلطان محمود ۽ مسعود جي زماني ۾ قاضي
القضات جي جليل القدر عهدي تي ممتاز هو. انهن
ڏينهن ۾ قرامطين جي سازش ڪري بيت الله جو رستو بند
هو، مسلمان عرصي کان حج ۽ بيت الله جي زيارت کان
محروم هئا. سلطان محمود قاضي صاحب کي امير حجاج
مقرر ڪري؛ ٽيهه هزار دينار ڏيئي، حاجين جي قافلي
سان حرمين شريفين ڏانهن روانو ڪيو، قاضي سال گذرڻ
بعد خير ۽ خوبيءَ سان حج ڪري موٽيو.(1)
امام ابو طيب سهيل بن سليمان صعلوڪي (المتوفي
404هه) نيشاپور جو قاضي هو ۽ ائمه حديث کيس ’شمس
الاسلام‘ ۽ ’شيخ خراسان‘ جي لقب سان سڏيندا هئا ۽
اختلافي مسئلا کانئس حل ڪرائيندا هئا.
ابوالخير حسن بن الخمار، اسلامي دور اولين جو
مشهور حڪيم ٿي گذريو، سنه 331هه ۾ بغداد ۾ ڄائو هو
۽ مامون خوازميءَ جو نديم هو. سنه 408هه ۾ سلطان
محمد جي خوارزم فتح ڪرڻ کان پوءِ حڪيم صاحب سلطان
سان گڏ غزنيءَ آيو. منطق، فلسفي ۽ طب متعلق هن
اٽڪل 25 ڪتاب تصنيف ڪيا هئا، جي زماني جي گردش
ڪري، هن وقت ناپيد آهن. ابن نديم سندس معاصر هو،
جنهن ڪتاب ’الفهرست‘ ۾ ٻن هنڌن تي حڪيم صاحب جو
ذڪر ڏنو آهي.(1)
حڪيم ابوالريحان البيروني محمد بن احمد مشهور
سنسڪرت دان هيئت دان ۽ محقق ٿي گذريو، سنه 363هه
(973ع) ۾ خيوا ۾ ڄائو ۽ ماه رجب سنه 440هه ۾
غزنيءَ ۾ وفات ڪيائين. شروعات ۾ خيوا ۾ آل مامون
جو نديم هو، پوءِ جرجان جي والي شمس المعاني قابوس
بن وشمگير جي درٻار ۾ پهتو، جت سنه 390هه ڌاري
ڪتاب ’آثار الباقيه‘ تصنيف ڪيائين. سنه 408هه ۾
سلطان محمود سان همراه غزنيءَ آيو ۽ ڪيترا ڀيرا
هندستان ويو، جت پنڊتن کان سنسڪرت زبان؛ ان ملڪ جي
تاريخ، جاگرافي، هيئت ۽ رياضي سکيو. سندس تصنيفات
مان ’ڪتاب الهند‘ مشهور آهي، جنهن ۾ هندن جي رسمن
رواجن جو تفصيل سان بيان ڏنل آهي، سندس ٻين ڪتابن
مان ’قانون مسعودي‘ علم هيئت تي مڪمل ۽ بهترين
ڪتاب آهي. ’آثار الباقيه في قرون الخاليه‘ ۾ قديم
قومن جو ذڪر ڏنل آهي. بيروني سنسڪرت جا اٽڪل
ويهارو ڪتاب ترجمو ڪيا. ’ڪتاب الهند‘ پروفيسر
ايڊورڊ سخاؤ جي ڪوشش سان 1888ع ۾ لنڊن مان شايع
ٿيو.(1)
ابونصر عبدالعزيز بن منشور العسجدي مرو جو رهاڪو
هو ۽ سلطان محمود عزنوي جي مشاهير شعراءِ ۾ سندس
شمار هو. فتح سومناٿ کان موٽڻ بعد، عسجدي تهنيت
طور جيڪو قصيدو چيو هو، تنهن جي پهرئين سٽ هيءَ
آهي:
تاخورده بين سفر سومنات کرد
کردار خويش را عام معجزات کرد.
سنه 432هه (1040ع) ۾ سلطان مسعود جي زماني ۾ فوت
ٿيو.(2)
ابو الحسن علي بن جولوغ الفدري (المتوفي 429هه) جو
پيءُ سيستان جي حاڪم امير احمد خلف جو غلام هو.
فرخي قسمت آزمائڻ لاءِ پهريائين ترڪستان جي
چغانيان حاڪم امير ابو ظفر جي درٻار ۾ ويو، پوءِ
سلطان محمود جي نديم عميد اسد جي سفارش سان سلطان
جي درٻار ۾ پهتو. هت سندس قسمت اهڙو ڦيرو کاڌو، جو
وڏي مرتبي کي پهتو. پارسي صنائع بدائع تي سندس
شاهڪار ’ترجمان البلاغت‘ ناپيد آهي.(1)
حڪيم مجدد الدين عارف سنائي غزنويءَ جي شريف النسب
خاندان مان هو، پير يوسف همدانيءَ جو مريد ۽ ابو
علي فارندي جو شاگرد هو، سلطان محمود جي درٻار جو
مشهور شاعر هو. سندس مثنوي ’حديقه الحقيقت‘ تصوف
جي شيدائين لاءِ نعمت آهي. مولوي رومي رحه حڪيم
موصوف جي شان ۾ فرمائي ٿو:
’ديگ جوشي گرده ام من نيم خام
از حڪيم غزنوي بشنو تمام.‘
’حديقه الحقيقت‘ کان سواءِ ’ڪنزالرموز‘ ۽
’ڪارنامه‘، حڪيم صاحب جا تصنيف ڪيل آهن. حجة
الاسلام امام غزالي رحه سندس مريد هو.(2)
احمد بن منصور الاسدي ايراني شاهي خاندان مان هو،
فردوسيءَ جو استاد هو. ’شاهنامه‘ جي جواب ۾ هن
گرساشپ نامه 458هه ۾ لکي پورو ڪيو، جنهن جو ناقص
نسخو بمبئي مان شايع ٿيو. سندس فارسي لغت 1879ع ۾
ڪوتنجن مان شايع ٿي. الاسدي ’حڪيم‘ جي لقب سان
سڏجي ٿو، 465هه ۾ وفات ڪيائين.(3)
ابوالهسن البهرامي (المتوفي 500هه)، پڻ محمود جي
شاعرن مان هو ۽ فن عروض ۽ قافيه ۾ يڪتا هو. پارسي
شعر متعلق سندس ڪتاب ’العروضين‘، ’ڪنزالقافيه‘ ۽
’خجسته نامه‘ مشهور آهن.(1)
بيهقي (المتوفي 470هه) سلطان محمود جي زماني ۾ ٿي
گذريو. سندس ڪتاب ’تاريخ آل عزني‘ ٽيهن ننڍن جلدن
۾ آهي. هي ڪتاب پروفيسر مارلي 1862ع ۾ ڪلڪت مان
شايع ڪيو ۽ 1323هه ۾ طهران مان شايع ٿيو.
حڪيم ابوالقاسم منصور الفردوسي طوس جو مالدار
دهقان هو. سندس علمي ڪارنامو ’شاهنامه‘ آهي:
’شاهنامه‘ جي موضوع تي اڳ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ٿي
چڪا هئا، فردوسيءَ فقط انهيءَ موضوع کي نظم ۾ ادا
ڪري جس کٽيو. نظامي عروضي سمرقندي لکي ٿو ته،
فردوسي ’شاهنامه‘ طوس ۾ لکي پوءِ غزني پهتو هو؛ 35
سالن جي محنت کان پوءِ سنه 400هه ۾ لکي پورو ڪيو
هئائين. فردوسي سنه 322هه ۾ ڄائو ۽ 45 ورهين جي
عمر ۾ ’شاهنامه‘ لکڻ شروع ڪيو هئائين. محمود جي
درٻار ۾ خواجه احمد حسن ميمندي سندس سرپرست هو.
درٻار جا گهڻائي مدبر سندس خلاف هئا، جن اهو ظاهر
ڪيو ته هو رافضي آهي. سلطان محمود ڪٽر حنفي هو،
تنهن غصي ٿي ’شاهنامه‘ جي صلي ۾ فردوسيءَ ڏانهن
ڇهه هزار درهم مڪا، جي فردوسيءَ بروقت خيرات ڪري
ڇڏيا، پوءِ سلطان جي خوف کان طوس ڏانهن ڀڄي ويو.
ڪن ڏينهن کان پوءِ سلطان، وزير حسن ميمنديءَ جي
سفارش تي، مٿس راضي ٿي وٽ سٺ هزار دينار وعدي
مطابق روانا ڪيا، پر قاصد جنهن ڏينهن طوس جي ڳوٺ
طبران ۾ پهتو، ان ساڳئي ڏينهن ڳوٺ جي رودبار
دروازي کان ماڻهو فردوسيءَ جو جنازو کڻي نڪتا. کيس
هڪڙي ڌيءُ هئي، جنهن به انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو.
آخر سلطان جي حڪم موجب خواجه ابوبڪر ڪرامي،
فردوسيءَ جي يادگار لاءِ مرو ۽ نيشاپور جي وچ ۾
مٿينءَ رقم مان هڪڙي قافله سراءِ تعمير ڪرائي، جا
اڄ به موجود آهي(1)
فردوسي سنه 411هه ۾ وفات ڪئي.
علامن ابن اثير ’مثل السائر‘ جي خاتمي ۾ لکي ٿو
ته، ’شاهُنامه‘ ايرانين لاءِ قرآن آهي.
ايران ۾ پارسي شاعريءَ جي آغاز کان عربي الفاظ
شاعرن جي ڪالمن ۾ گڏجي ويا. عباسي مروزي، رودڪي ۽
ابو شڪور بلخيءَ جا ڪلام عربي لفظن سان ڀريل آهن.
شيخ ابو علي سينا ’حڪمت علائيه‘ لکڻ وقت خالص
پارسي لکڻ جو قصد ڪيو هو، پر ڪامياب ٿي ڪونه
سگهيو. فردوسيءَ ’شاهنامه‘ ۾ سٺ هزار شعر چيا آهن
۽ ان ۾ عربي الفاظ نه هئڻ جي برابر آهن. خالص
پارسيءَ ۾ شعر چوڻ جي ابتدا دقيقيءَ ڪئي، پر هن
جملي فقط هڪ هزار شعر چيا آهن.(2)
ابو العلا عطا بن يعقوب المعروف بناڪوڪ (المتوفي
491هه) سلطان ابراهيم جو ڪاتب ۽ مشهور اديب ٿي
گذريو. سندس عربي ۽ پارسيءَ جي ٻن ديوانن عرب ۽
عجم ۾ مقبوليت حاصل ڪئي. سندس مشهور قصيدو شاعر
اعشيءَ جي جواب ۾ حضور سيد المرسلين ﷺ جن جي فضائل
جي بيان ۾ آهي.(1)
سلطان ابراهيم ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي کيس لاهور
جي قلعي ۾ قيد ڪيو، جتي اَٺن سالن تائين محبوس
رهيو؛ پوءِ سلطان موصوف جي مدح ۾ هڪڙو قصيدو
لکيائين، جنهن تي سلطان خوش ٿي کيس آزاد ڪيو.
امام فخرالدين محمد بن محمود بن احمد نيشاپوري،
علوم دينيه ۾ وقت جو امام مڃبو هو. سنه 529هه ۾
غزنيءَ ۾ آيو. سلطان بهرام شاه سندن بيحد عزت ۽
تعظيم ڪندو هو. سنه 539هه ۾ جڏهن سلطان سنجر
سلجوقيءَ، سلطان بهرام شاه تي ڪاهه ڪئي، تڏهن امام
صاحب جي ڪوشش سان طرفين ۾ صلح ٿيو هو. امام صاحب
علوم ۽ فنون تي متعدد ڪتاب لکيا. ان زماني ۾ هيءَ
خبر مشهور ٿي ته بلاد مغرب ۾ ڪنهن عالم پنجاه جلدن
۾ ڪلام الله جو تفسير لکيو آهي؛ ان جي جواب ۾ امام
صاحب فقط هڪڙيءَ آيت جو تفسير سؤ جلدن ۾ لکيو ۽
پنجاه جلدن ۾ ’خلق الانسان‘ جون معانئون بيان
ڪيون. سندس ٻين تصنيفات مان ’بصائر يمني‘ پارسي
زبان ۾ ڪلام الله جو ضخيم تفسير آهي؛ ٻيو ڪتاب
’جهان آرا‘ جو ’الغرر والسير‘ جو ترجمو آهي ۽ ٽيون
ڪتاب ’صحيفهءِ اقبال‘ آهي، جنهن ۾ ترار ۽ قلم جو
معرڪو بيان ڪيل آهي.(1)
سنڌ تي غزنوي گورنرن جي حڪومت:
سنڌ تي غزنوي گورنرن جي حڪومت جو زمانو ڪنهن به
سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخ ۾ ڪونه ڏنل آهي، بلڪ
’تاريخ سنڌ‘ (ڀاڱي-3) جو مصنف ايبٽ جي حوالي سان
لکي ٿو ته، ”عربن جي حڪومت پوري ٿيڻ کان پوءِ
سانده پنج سؤ ورهين تائين سنڌ جي تاريخي حقيقتن تي
اهڙو پردو چڙهيل آهي، جنهن جو مثال ٻئي ڪنهن به
ملڪ جي تاريخ ۾ نه ملندو....“(1)
مگر ايئن ناهي. مؤرخن ان باري ۾ جيڪڏهن تحقيقات
ڪانه ڪئي ته اها سندن ئي غلطي آهي. اهي ’معصومي‘،
’طاهري‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ تي الزام مڙهي نه ٿا
سگهن. سلطان مسعود بن محمد سنه 421هه (1030ع) ۾
ڪيچ مڪران جو صوبو فتح ڪيو. سندس ڏينهن ۾ سنڌ
لاهور جي گورنر جي ماتحت هئي. سنه 426هه (1034ع) ۾
لاهور جي واليءَ احمد بغاوت ڪئي، مگر سلطان مسعود
جي هندو سپه سالار ناٿ کان شڪست کاڌائين. سلطان
پنهنجي پٽ کي لاهور جو گورنر مقرر ڪيو ۽ اياز کي
سندس اتاليق مقرر ڪيو. سندس ڏينهن ۾ ملتان وارن
فساد ڪيو. سنه 430هه (1038ع) ۾ سلطان مسعود،
سلجوقي ترڪن کان شڪست کائڻ کان پوءِ لاهور کي
تختگاه مقرر ڪيو، پر سندس سردار ساڻس مٿئين فيصلي
تي متفق نه هئا، تنهن ڪري سردارن کيس قيد ڪري،
سندس ڀاءُ محمد کي قيد مان ڪڍي، غزنيءَ جي تخت تي
وهاريو. سلطان محمد سنڌ، ملتان ۽ لاهور جي حڪومت
پنهنجي پٽ جي حوالي ڪئي.
سنه 432هه (1041ع) ۾ مسعود جي پٽ شهزادي مودود
غزنيءَ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ابونصر محمد بن احمد
کي لاهور جو گورنر مقرر ڪري، ملتان ۽ سنڌ جا صوبا
به سندس حوالي ڪري ڇڏيا. ابو نصر سڄي سنڌ جو دورو
ڪري، هانسي ۽ ٿانيسر تائين انتظام مضبوط ڪري،
غزنيءَ موٽيو. سندس موٽي وڃڻ کان پوءِ سنڌين ۽
ملتانين بغاوت ڪئي. تنهن کان سواءِ دهليءَ جي راجا
هانسي ۽ ٿانيسر تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ نگر ڪوٽ تي
قبضو ڪيو.
سنه 440هه (1048ع) ۾ سلطان پنهنجي پٽ ابوالقاسم
محمود کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪري، لاهور ڏانهن روانو
ڪيو. سلطان جو ڪوٽوال ابو علي سنڌ، ملتان، پشاور ۽
ڪشمير جي باغين کي شڪستون ڏيئي غزنيءَ موٽيو.
سنه 441هه (1049ع) ۾ سلطان مودود وفات ڪئي. سندس
ٽن سالن جو پٽ غزنيءَ جي تخت تي ويٺو، مگر سلطنت
جي اراڪين کيس تخت تان لاهي سلطان علي بن مسعود کي
تخت تي ويهاريو، جنهن پشاور کان ديبل تائين ملڪ تي
قبضو ڄمايو.
عبدالرزاق بن احمد ميمندي جنهن کي سلطان مودود
سيستان جو والي مقرر ڪيو هو، تنهن عبدالرشيد بن
محمود کي، جو بست جي قلعي ۾ قيد هو، قيد مان ڪڍي
غزنيءَ تي تختگاه تي ٿاڦيو. سنه 443هه (1051ع) ۾
سلطان عبدالرشيد هندستان سنڌ جي حڪومت نوشتگين
ڪرخيءَ جي حوالي ڪئي.
سنه 492هه (1098ع) ۾ سلطان مسعود بن ابراهيم،
طغاتگين کي پنجاب ۽ سنڌ جي حڪومت حوالي ڪئي.
طغاتگين سنڌ ۾ امن قائم رکڻ کان پوءِ گنگا نديءَ
پريان ڪاهون ڪيون ۽ مال غنيمت هٿ ڪري لاهور موٽيو.
سنه 508هه (1114ع) ۾ سلطان مسعود بن ابراهيم جي
انتقال کان پوءِ، سندس پٽ ارسلان شاه تخت تي ويٺو،
جنهن سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومت محمد باهليم جي سپرد
ڪئي. مگر ارسلان شاهه ستت سلطان سنجر سلجوقيءَ کان
شڪست کائي مارجي ويو.
سنه 511هه (1117ع) ۾ سلطان ابراهيم جو پوٽو بهرام
شاهه، سلطان سنجر جي مدد سان غزنيءَ جي تخت تي
ويٺو. سندس ڏينهن ۾ محمد باهليم بغاوت کڙي ڪئي،
جنهن تي بهرام شاهه پنجاب تي ڪاهي آيو. سنه 514هه
(1120ع) ۾ محمد باهليم سندس هٿان گرفتار ٿي ويو،
پر سلطان کيس معافي ڏيئي سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومت
ٻيهر سندس سپرد ڪئي. محمد باهليم هندو راجائن کي
شڪست ڏيڻ کان پوءِ، ٻيهر بغاوت ڪئي. ملتان وٽ جنگ
لڳي، جنهن ۾ محمد باهليم مارجي ويو. بهرام شاهه
حسين ابن ابراهيم علوي کي سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومت
حوالي ڪري غزنيءَ موٽيو. ستت ئي پوءِ بهرام شاهه،
علاءُ الدين غوريءَ کان شڪست کائي پنجاب ڏانهن ڀڄي
آيو، جت 947هه (1152ع) ۾ شڪست جي غم جي ڪري مري
ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ خسرو شاهه لاهور جي تخت
تي ويٺو.
سلطان محمود جي وفات کان پوءِ سندس پوين جي
ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي، راجپوت راجائن وقت بوقت
پنجاب تي ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون. سندس رياستن جو
سلسلو سنڌ، پنجاب ۽ راجپوتانا ۾ قائم هو. سنڌ جي
بعض رياستن کي جزيه جي عيوض عربن بحال رکيو هو.
اهي رياستون بعد ۾ غزنوي سلاطين کي خراج ڀرينديون
هيون. غزنوي سلاطين جي ڪمزوريءَ ڪري هنن رياستن جا
حوصلا ايتري قدر وڌي ويا هئا، جو هنن هڪڙي ڀيري
گڏجي لاهور تي قبض: ڪرڻ لاءِ زور آزمائي ڪئي هئي.
عام طور سنڌ جي تاريخن ۾ بلوچن جو ذڪر ڪلهوڙن جي
صاحبيءَ کان ڏنل آهي. اسين پهرئين باب ۾ بيان ڪري
چڪا آهيون ته بلوچن جا سنڌ سان لاڳاپا گهڻو اڳ
قائم ٿيا. سندن بيٺڪون مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي ديبل
کان وٺي هانسي ۽ حصار تائين هيون. غزنوي دؤر اندر
دهليءَ تي تومارن، اجمير تي چوهاڻن، قنوج تي
راٺوڙن ۽ گجرات تي واگهيلن جي حڪومت هئي. خسرو
شاهه بن بهرام شاهه سنه 555هه (1160ع) ۾ وفات ڪئي.
سندس ڏينهن ۾ سنه 551هه (1156ع) ۾ راول جئيسل
ڀاٽيه، جيلسمير جو شهر تعمير ڪرايو. سندس رياست
جون اولهندي واريون حدون اراولي ٽڪرين تائين هيون.
سندس پٽ سالا باهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ راجپوتن جو
لشڪر تيار ڪيو. سنڌ ۾ طوائف الملوڪيءَ جو دؤر هو ۽
هندو راجا ٻيهر سنڌ تي قبضي ڄمائڻ لاءِ منتظر هئا.
عين انهيءَ وقت بلوچن پنهنجي سردار خضر خان جي
اڳواڻيءَ هيٺ جيسلمير تي ڪاهه ڪئي. سالاباهن ٽن
سؤن راجپوت جوڌن سان مارجي ويو. بلوچن ڏراوڙ جي
قلعي تي قبضو ڪيو.(1)
خسرو شاهه لاهور جو پويون غزنوي سلطان هو. هندستان
اندر جيڪي صوبا غزنوي حڪومت جي ماتحت هئا، تن تي
هو حڪومت هلائڻ لڳو، مگر سنه 582هه (1186ع) ۾ شهاب
الدين غوري هٿان قيد ٿي ويو ۽ غزنوي حڪومت جي
پڄاڻي ٿي.
سنڌ ۾ اردو زبان جي ابتدا:
سنڌ ۾ عربي فتوحات ڪري سنڌي زبان ۾ عربي الفاظ
گڏجي ويا. ازانسواءِ اُبله، سيراف، تيز ۽ شيراز
کان جيڪي ايراني سوداگر سنڌ ۾ آيا، تن جي زبان
پارسي هئي. مڪران، منصوره ۽ ملتان ۾ پارسي زبان
تجارتي تعلقات ڪري چالو هئي. عربن ۾ دستور هو ته
جنهن ملڪ ۾ بيٺون جوڙي ويهندا هئا، اتي جي زبان کي
عربي حرفن ۾ لکند اهئا. غزنوي حڪومت جو سنڌ تي سنه
1186ع تائين قبضو رهيو. غزنوي فوجن ۾ افغانستان،
ترڪ، ايراني، بلوچ ۽ هندو سپاهي هئا، جن جي زبان
پشتو، پارسي، ترڪي، بلوچي، پنجابي، ملتاني ۽ سنڌي
هئي. مٿين زبانن جي ميل جول ڪري هڪ نئين گڏيل زبان
جنم ورتو، جنهن لاءِ شايد ائين چئي سگهجي ٿو ته
اها ئي زبان اڄوڪيءَ اردو ٻولي جي ابتدائي شڪل
هئي. غزنوي فوجن ۾ گهڻائي هندو عملدار هئا، مثلا:
ناٿ، تلڪ، وغيره.مٿئين ميلاپ ڪري غزنوي دؤر جي
شاعرن، جهڙوڪ، حڪيم سنائي ۽ مسعود سعد سلمان جي
اشعار ۾ هندي الفاظ گڏيل آهن. سلطان محمود جي سڪي
تي هندي عبارت لکيل هئي.(1)
سنه 413هه ۾ سلطان محمود ڪالنجر جي قلعي تي گهيرو
ڪيو، ان وقت اتي جي راجا نندا ٽي سؤ هاٿي ۽ هڪڙو
هندي زبان ۾ قصيدو لکي سلطان جي خدمت ۾ پيش ڪيو.
درٻار ۾ جيڪي عرب، ايراني ۽ هندو عالم هئا، تن
سلطان کي قصيدو پڙهي ٻڌايو. علمائن قصيدي جي تعريف
ڪئي. سلطان خوش ٿي راجا کي سمورو ملڪ واپس ڏيڻ سان
گڏ پنهنجي پاران چوڏهن قلعا مرحمت ڪيا.(2)
غزنوي سلاطين پنهنجي هندستاني مقبوضات جو تختگاه
لاهور مقرر ڪيو هو، جو اهڙيءَ طرح غزنيءَ ۽
نيشاپور وانگر علوم ۽ اسلامي تبليغ جو مرڪز بنيو.
شيخ اسماعيل پهريون مبلغ هو، جنهن سنه 1005ع ۾ هتي
اسلام جي تبليغ شروع ڪئي، هر جمعي ڏينهن سندس واعظ
ٻڌي هزارن جي تعداد ۾ هندو اسلام قبول ڪندا هئا.(1)
شيخ اسماعيل کان پوءِ وڏو نامور اولياءُ شيخ علي
بن عثمان هجويري رحه (داتا گنج بخش) لاهور ۾ ٿي
گذريو. شيخ موصوف سنه 1009ع ۾ غزنيءَ ۾ تولد ٿيو.
سلطان مسعود جي زماني ۾ ٻن ساٿين سان گڏجي لاهور ۾
آيو. سندس دعوت تي اتي جو راجا راءِ راجو مسلمان
ٿيو، جو سلطان مودودو بن مسعود پاران لاهور جو
حاڪم هو. شيخ علي هجويري رحه جو شمار هندستان جي
اوائلي صوفين ۾ آهي. سندس زمانو اسلامي تصوف جو
ٻيو دؤر هو. شيخ موصوف سنه 415هه (1072ع) ۾ لاهور
۾ وفات ڪئي.(1)
سلطان الهند خواجه غريب نواز رحه سندن شان ۾
هيٺيون بيت چيو آهي:
”گنج بخش هر دو عالم مظهر نور خدا،
کاملان را پير کامل نقصان را رهنما.“
مسعود سعد سلمان جنهن کي مولانا آزاد بلگراميءَ
همداني لکيو آهي، سو لاهور ۾ ڄائو هو. سعد بن
سلمان اٽڪل سٺ ورهين تائين سلاطين غزنويءَ پاران
پنجاب ۾ رهيو ۽ پنجن سلاطين جي تعريف ۽ قصيدا
چيائين. سنه 429هه ۾ سلطان ابراهيم، سيف الدوا، کي
پنجاب ۽ سنڌ مٿان گورنر مقرر ڪيو هو. اهڙيءَ ريت
مسعود جوانيءَ ۾ سيف الدوله جي درٻارين ۾ شامل
ٿيو. وري جڏهن سلطان ابراهيم ڪنهن ڳالهه تان غصي
ٿي سيف الدوله کي قيد ڪيو، تڏهن مسعود به ساڻس گڏ
ڏهه ورهيه قيد ۾ رهيو، پوءِ امير ابوالقاسم جي
سفارش سان هو آزاد ڪيو ويو.
سلطان مسعود جڏهن پنهنجي پٽ عضدالدوله شيرازد کي
هندستان جو گورنر مقرر ڪري، ابو نصر فارسيءَ کي
سندس نائب سپه سالار ڪري مڪو، تڏهن ابو نصر سان
دوست يهئڻ ڪري مسعود سعد جالنڌر مٿان صوبيدار مقرر
ٿيو. سندس 492هه ۾ ڪنهن ڏوهه ۾ سلطان مسعود ابو
نصر کي قيد ڪيو، تڏهن مسعود سعد به ساڻس قيد ۾
رهيو. اٺن ورهين کان پوءِ ثقة الملڪ طاهر بن علي
مشڪان جي سفارش ڪري، هو وري سنه 500هه ۾ آزاد ٿيو.
آزا دٿيڻ کان پوءِ مسعود سعد باقي عمر گوشه نشين
رهي، سنه 515هه ۾ انتقال ڪيو. سندس ٽي ديوان:
هندي، پارسي ۽ عربيءَ ۾ هئا، جن ان فقط پارسي
ديوان موجود آهي، جنهن ۾ 15 هزار اشعار آهن. عربي
۽ هندي ديوان هن وقت غائب آهن.(1)
ابوالفرج بن مسعود الروني لاهور جي ڳوٺ رونيءَ جو
رهاڪو هو. سلطان ابراهيم جي زماني جو مشهور شاعر
هو ۽ وزير مملڪت خواجه ممد بن بهروز بن احمد جو
نديم هو. ملا عبدالقادر بدايوني هن ريت لکي ٿو:
”استاد الفرج روني هم مداح سلطان ابراهيم بود،
وهم مداح سلطان مسعود و قصايد بسيار بنام ايشان،
و ديوان اوست ورون نام ديهي ست از توابع لاهور،
و درين روزگار گويا خراب استِ و اثري ازو باقي
نمانده.“(1)
سنڌ ۾ عربي نسل جا ماڻهو:
غزنوي حڪومت جون حدون ڪشمير کان وٺي مڪران تائين
هيون، جن جن عرب سردارن ۽ جاگيردارن مان غزنوي
سلاطين کي خطرو هو، تن کي هن سنڌ مان لڏائي ڇڏيو،
فقط هيٺ بيان ڪيل ۽ ٻيا اهڙا عرب خاندان سنڌ ۾ رهڻ
ڏنائون، جن مان مقابلي جو خطرو ڪونه هُئن: جهڙوڪ،
قاضي، مڪتبن جا آخوند، هنرمند ڪاريگر ۽ ڪاشتڪار
(جي گهر ٻار ڪري ويهي رهيا هئا) اهڙيءَ طرح
جهالاوان ۽ مڪران جي خارجي عربي رياستن جو به انهن
هٿان خاتمو ٿيو هو.
(1) ثقفي: هي پشت بپشت الور ۽ بکر جا قاضي هئا.
موسيٰ بن يعقوب ثقفيءَ کي غازي محمد بن قاسم پاڻ
سان آندو هو ۽ الور فته ڪرڻ بعد هن کي اُتي جو
قاضي مقرر ڪيو هئائين. سنڌ فتح ڪرڻ جو احوال جنهن
شخص پهريائين عربي زبان ۾ لکي هو، سو قاضي موسيٰ
بن يعقوب جو پڙپوٽو قاضي اسماعيل بن علي بن محمد
بن قاضي موسيٰ هو، سندس لکيل تاريخ جو نالو ’منهاج
المسالڪ‘هو.
(2) بني تميم: يعني تميم جو اولاد، جي هن وقت ٿهيم
سڏبا آهن.
(3) بني مغيره: يعني مغيره جو اولاد، جي هن وقت
موريا سڏبا آهن.
(4) عباسي: حضرت عباس رضه (حضرت نبي ڪريم ﷺ جن جي
چاچي) جو اولاد، عباسي خلافت جي خاتمي کان پوءِ به
ڪيترائي عباسي سنڌ ۽ مڪران ۾ رهجي ويا، جي گهڻو
ڪري قضا جو ڪم يا مڪتبن ۾ تعليم ڏيڻ جو ڪم ڪندا
هئا. سنڌ ۾ ڪلهوڙا به پاڻ کي عباسي سڏائين ٿا!
(5) صديقي: يعني حضرت ابوبڪر صديق رضه جو اولاد.
(6) فاروقي: يعني حضرت عمر الفاروق رضه جو اولاد.
(7) بني حارث: يعني حارث جو اولاد، سنڌ جا پنوهر
پاڻ کي بني حارث قبيلي سان ڳنڍين ٿا!
(8) منگي: يعني بني تميم جو اولاد، يعني تميم جي
هڪڙي شاخ.
(9) جبريه: جنمان شيخ طائي درويش هالاڻي وارو هو.
(10) بني اسد: يعني اسد جو اولاد، جي اسدي سڏبا
آهن. شيخ تراب درويش فتح پور وارو انهن مان هو.
(11) بني عتبه: عتبه جو اولاد، قاضي برهام فتحپور
وارو انهن مان هو.
(12) بنوالي: اهي صوفي درويش هئا، جن مان ڪيترائي
فقير ريل پرڳڻي ۾ رهندا آهن.
(13) بني حاڪم: حاڪم جو اولاد، سنڌ جا باجار ۽
جهانگار پاڻ کي بني حاڪم چوائين ٿا!
(14) بني جريمه: جريمه انصاري جو اولاد. سنڌ جا
سپيا پاڻ کي بني جريمه چوائين ٿا!
(15) انصاري: مدينه منوره وارن انصارن جو اولاد.(1)
سنڌ جا سماٽ قبيلا:
عربن ۽ بلوچن کان سواءِ، ٻيون جيڪي ديسي قومون سنڌ
۾ رهنديون هيون، جي درجي بدرجي اسلام ۾ داخل
ٿينديون آيون، تن کي سماٽ يعني سما قوم جون شاخون
سڏبو آهي. انهن قومن جو تفصيلوار بيان ’تحفة
الڪرام‘ جلد-3 ۽ ’چچ نامه‘ جلد-2 ۾ هن ريت ڏيکاريل
آهي(1):
’تحفة الڪرام‘ ۾ سمن کي سام بن نوح نبيءَ جو اولاد
ڏيکاريل آهي. فارسي تاريخن جا بيان افسانن وانگر
آهن. بهرحال ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيل آهي ته سام کي
چار پٽ هئا: 1- ٻڌا 2- سنگها، 3- ڀاڳرت ۽ 4- همهر.
ٻڌا کي سورهن پٽ هئا: ٻڌ، سورهه، سهته، اکيل،
اونار، امرهه، بزير ۽ ٻيا سندن اولاد کي راٺوڙ
سڏيندا آهن. سنگها ۽ همهر جي اولاد کي تودر سڏيندا
آهن. ڀاڳرت جو پٽ ڏيرو، ڏيري جو پٽ اجيپار، اجيپار
جو پٽ دسرٿ. دسرٿ کي ٽن راڻين مان چار پٽ ٿيا: 1-
رام 2- لڪشمڻ، 3- ڀرت ۽ 4- چترگهن. ڀرت کي چار پٽ
هئا: پرهار جنسپا، ڪوريجا، ناهيه، چترگهن جو اولاد
چارڻ سڏجن ٿا.
لڪشمڻ کي ڪو اولاد ڪونه هو، رام کي هڪڙو پٽ هو
نواڪس، نواڪس جو پٽ هو اتت، اتت جو پٽ هو نرگت،
نرگت جو پٽ هو ڪن، جنهن جي نالي ڪن شهر سڏبو هو.(2)،
ڪن جو پٽ هو راجا سنبوت. راجا سنبوت کي چار پٽ
هئا: 1- سام، 2- بارڪره، 3- هنرت؛ جنهن کي دکن به
سڏيندا آهن ۽ 4- ماوه. انهن مان سام کي هڪڙو پٽ هو
جادم، جنهن کي وري چار پٽ هئا: 1- هسپت، جنهن جو
اولاد سنڌ جا سما، 2- ڪجپت، جنهن جو اولاد آهن
چندا، 3- ڀوپت جنهن جو اولاد آهن سنڌ جا ڀٽي ۽ 4-
جوراسمه، جنهن جو اولاد راءِ ڏياچ هو، جنهن چارڻ
ٻيجل کي سِر وڍي ڏنو هو. جادم جي چئن پٽن مان هسپت
کي هڪڙو پٽ هو؛ جنهن جو نالو زبدري هو. زبدريءَ جو
پٽ نيٿ هو، جنهنجو پٽ راڻو نوتيار هو، نوتيار جو
پٽ اوڍر هو، اوڍر جو پٽ ائوڌ هو، ائوڍ جو پٽ
لاکيار هو، لاکيار جو پٽ لاکو هو. لاکو بادشاهه
ٿيو ۽ کيس (پهرئين راڻي مان) ٻه پٽ هئا: 1- اوڌ،
جنهن کي اولاد ڪونه هو، مگر سندس رهڻ جو هنڌ سندس
نالي پٺيان اوڌ ملڪ سڏجي ٿو، 2- مهر؛ جنهن کي وري
چار پٽ هئا: 1- انڙ، 2- ستيا، 3- وديتر پاٺاري، 4-
ورهه ۽ 5- ساند لاکو راجا پيريءَ ۾ وري پرڻيو هو،
ان گهر مان چار پٽ ٿيس: 1- انڙ، 2- ڇٽو، 3- ڦل
لاکو ۽ 4- مناهيو.
ڇٽي کي ٽي پٽ هئا: 1- بابڙو، (2) دنڪنا ۽ (3) ڪلة.
ڦل لاکي جو پٽ هو ڪلاني، لاکي جي وڏي پٽ انڙ کي
هڪڙو پٽ هو لاکو، انهيءَ لاکي جو پٽ سمو، سمي جا
وري ٻه پٽ هئا: 1- ڪاڪو ۽ 2- جکريو. ڪاڪي پوٽا
مسلمان انهيءَ ڪاڪي جو اولاد آهن ۽ جکرا مسلمان
جکريه جو اولاد آهن. ڪاڪا پنهنجي رياست ڪاڪ جو
حاڪم هو. سندس ٻه پٽ هئا: 1- پلي ۽ 2- رائدن.
پليءَ جي اولاد مان مسرق سمو پنهنجي ڪٽنب جو سردار
هو. رائدان کي نَو پٽ هئا: (1) سمو، جنهن جو اولاد
سميجا هو، (2) نوتيار، جنهن جو اولاد نوت آهن (3)
لاکو جنهن جو اولاد لنجار آهن. سنڌ جو مشهور درويش
مخدوم ساهڙ لنجار انهيءَ قوم مان هو. (4) ابڙو،
جنهن جو ولاد ڦل ناهيا ۽ ڏاهر ناهيا، (5) ناهيو،
(6) چنيسر، جو پنهنجي وقت جو مشهور ماڻهو هو، (7)
مناهيو، (8) ڪوريو، جنهن جو اولاد ڪوريجا اهن (9)
پلي، جو پنهنجي قوم جو سردار هو. پلي بن رائدان کي
وري ٻه پٽ هئا: 1- اوڍو، جنهن جو اولاد اوڍيجا،
بهريا ۽ ڪدريه پوٽا آهن ۽ 2- ساند، جو پنهنجي قوم
جو سردار ٿيو هو. ساند پليءَ جا ست پٽ هئا.
1- ڪاڪا، جنهن جو اولاد ڪاڪيجا پوٽا اهن، 2- جاڙو،
جنهن جو اولاد جاڙيجا ۽ جاڙا اهن، 3- وارهه، 4-
چنيجا، 5- هنڱورا، جنهن جو اولاد هنڱورجا اڍيجا،
جڳسي ۽ ڌونرا آهن، 6- ديراه، جنهن جو اولاد ڪڇ
وارا سما آهن ۽ 7- ٻاهوٿي. ٻاهوٿيءَ کي پنج پٽ
هئا: 1- هالو، جنهن جو اولاد هالا آهن، 2- هنڱورو،
جنهن جو اولاد ڌونرا هنڱورا چاره هنڱورا ۽ رامديه
آهن، 3- ساهڙ، جنهن جو اولاد ساهڙ سما آهن، 4-
چيلاريا، جنهن جو اولاد نهڙيا آهن ۽ 5- ڄام هاپر،
ڄام هاپر جا ٻه پٽ هئا: (1) راموجا ۽ (2) ڄام
جوناه. ڄام جوناه جو پٽ ڪدراهو هو، جنهن کي 3 پٽ
هئا: (1) ساند، جنهن جو اولاد رهوما، لاکٽيا ۽
جکرا آهن، (2) سومرو ۽ (3) لاک ڄام. لاک ڄام جو پٽ
هو ڪاها، جنهن جو پٽ هو لاکو، ڪاهاجي وفات بعد کيس
پٽ ڄائو هو، ان جو نالو به ڪاها رکيو هئائون. لاکا
کي ٻارهن پٽ هئا.
(1) ڄام جوناه، جنهن جو اولاد سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ
هو، جو ساموئي شهر ۾ رهندا هئا، (2) انڙ جو پهرين
ماڻهن تي راڄ ڪندو هو ۽ بنان اولاد جي مري ويو،
(3) پلي، جنهن جو اولاد ڦل سما آهن، (4) ڪاها، جو
سودياري سمن جو وڏو بزر هو، (5) اوٺا، جنهن جو
اولاد ساها سما، اوٺا سما ۽ سيکاٺ سما آهن، (6)
جيسر، جنهن جو اولاد ڀيپريا آهن، (7) منگر، (8)
ابڙو، جنهن جو اولاد ابڙيجا آهن، (9) هنڱورو ڪنور،
جو سهيجا قوم جو سردار هو، (10) سلطان، جنهن جو
اولاد سلطان اوٺا آهن،(11) رائدان ۽ (12) لاکو.
هنڱوري ڪنور کي ٽي پٽ هئا: 1- ڏيسر، 2- مينها ۽ 3-
مريديو، ڏيسر کي پنج پٽ هئا: ڪاها، هالار، رڪن،
هڱورو ۽ جوناه.(1)
عربن جي حڪومت جي زماني جون هندو رياستون:
ڀنڀور - جتي هن وقت ميرپورساڪرو ۽ گهوڙا ٻاڙي
تعلقا آهن، اُتي هڪ قديم رياست هئي، جا محمد بن
قاسم کي جزيه ڀري ڏيڻ سان قائم رهندي آئي. اها
رياست ڀنڀور هئي، جنهن جو بيان اڳ ڏيئي چڪا آهيون.
خليفي هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ هجري 171 (787ع) ۾
هي شهر ناس ٿي ويو. سندس ڦٽل نشانن مان ثابت ٿئي
ٿو ته هي شهر تمام وڏو ۽ وسندو هو، سنڌو نديءَ جي
هڪڙي شاخ تي بندر هو. سنڌي شاعريءَ ۾ هن شهر جو
نالو گهڻو ڳائجي ٿو. سسئي هن شهر ۾ نپني هئي. هوءَ
نومسلم برهمڻ زادي جي هئي. سسئي پنهونءَ جو قصو،
جو هن وقت مختلف زبانن ۾ شايع ٿي چڪو آهي، سو
سرزمين ’جنت السنڌ‘ جو مشهور قصو آهي.
صفاريه ۽ مظفريه ملڪن جي مڪران تي حڪومت ڪرڻ کان
پوءِ ڪيچ مڪران تي هوتن جي حڪومت شروع ٿي. هوتن جو
وطن يونانين ’اورٽي‘ ڏيکاريو آهي، جنهن جون حدون
حب نديءَ کان شروع ٿي، پرالي نديءَ تائين هيون،
جنهن کي هينئر لس ٻيلو سڏين ٿا. هتي جا رهاڪو
راجپوت هئا ۽ هنگلاج جي ديويءَ جا پوڄاري هئا.
محمد بن هارون جي تبليغ ڪري مسلمان ٿيا هئا. رند
بلوچن جو ڏاڏو مير جلال خان حلب کان نڪري عمان کان
جهازن ذريعي جمپور ۽ سيستان ۾ وارد ٿيو، پوءِ
مڪران پهچي ڪيچ فتح ڪري ان کي پنهنجو تختگاه مقرر
ڪيائين ۽ هڙو قلعو ڪيچ نديءَ تي تعمير ڪرايائين.
جيئن ترڪ قبيلن جي جهنڊن تي مختلف جانورن جون
شڪليون نڪتل هيون، تيئن مير جلال خان جي جهنڊي تي
چيتي جي تصوير نڪتل هئي، جو مزار سڏبو هو. سندس
جهنڊي هيٺان 44 بلوچن جا بولخ هئا. ڪيچ تي قبضي
ڪرڻ کان پوءِ هن ٻه شاديون ڪيون: سندس پهرين زال
مرزا جهان بيگ مغل جي ڌيءُ هئي، جنهن مان کيس ٽي
پٽ رند، لاشار ۽ قرائي ۽ هڪڙي ڌيءَ جتو هئي، ٻي
شادي هوتن مان عجوبه نالي هڪڙيءَ رقاصه سان ڪئي
هئائين؛ جنهن مان کيس هڪڙو پٽ هوت ڄائو.(1)
مير جلال خان جي وفات کان پوءِ هوت ڪيچ جو حاڪم
ٿيو. ماءُ طرفان راجپوت هو؛ انڪري سندس لقب به
’آري ڄام‘ هو، حڪمراني ڪرڻ کان سواءِ هوت سنڌ،
گجرات ۽ دکن تائين قافلن جي ذريعي خشڪ ۽ تر ميون،
خوشبودار جڙين ٻوٽين، کجور ۽ گهوڙن جو واپار ڪندا
هئا. سندس هڪڙي سردار مير عاليءَ کي، جو هوت جي
پيڙهيءَ مان هو؛ چار پٽ هئا: هوتي، نوتي، چنري،
ڀنو (پنهون)(2).
سسئي، جنهن جي برهمڻ پيءُ کي نجومين اڳ چئي ڇڏيو
هو ته سندس ڌيءُ جو انگ هڪڙي مسلمان سان لکيل آهي،
تنهن ڌيءَ کي هڪڙيءَ صندوق ۾ وجهي درياهه ۾ لوڙهي
ڇڏيو هو. اها صندوق ڀنڀور جي هڪڙي مسلمان ڌوٻيءَ
کي هٿ لڳي هئي، جو بي اولاد هو، تنهن سسئيءَ کي
ڌيءَ ڪري نپايو.
هڪڙي ڀيري پنهون پنهنجن ڀائرن سان قافلي سميت
ڀنڀور واپار سانگي پهتو. سسئيءَ پنهونءَ جي حسن کي
ڏسي، مٿس مفتون ٿي، کيس ڀائرن سميت پاڻ وٽ مهمان
ڪري رکيو، مگر پنهونءَ جي ڀائرن کي اها ڳالهه نه
وڻي. هو راتورات کيس اُٺ تي چاڙهي ڪيچ ڏانهن راهي
ٿيا. صبح جو سسئيءَ مهمانن کي اوطاق ۾ نه ڏسي، ڪيچ
جي واٽ ورتي. واٽ تي هڪڙي ايلپنهوار مٿس بدنظر
وڌي. سسئيءَ ڌڻيءَ کي ٻاڏايو، جنهن تي زمين ڦاٽي
پيئي ۽ هوءَ اندر گهڙي ويئي.اهڙيءَ طرح پنهون به
سندس ڳولا ڪندي ان هنڌ تي پهتو، جت ڌڻيءَ جي حڪم
سان وري به زمين ڦاٽي پيئي ۽ عاشق ۽ معشوق هميشه
لاءِ پاڻ ۾ وڃي گڏيا.(1)
سڀ کان پهريائين سيد مير معصوم بکريءَ قصي کي
پارسيءَ ۾ نظم ڪري مٿس ’مثنوي حسن و ناز‘ نالو
رکيو. تنهن کان پوءِ مغل شهنشاهه محمد شاهه جي
ڏينهن ۾ کٽياڻ جي قاضي مرتضيٰ سورٺيءَ کي ٻيهر
پارسيءَ ۾ نظم ڪري، محمد شاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيو.
سندس ڪتاب ۾ ملتان جي هڪڙي درويش اسماعيل متعلق
عجيب و غريب قصو ڏنل آهي ته مٿيون درويش سسئي
پنهونءَ جي قبر تي پهتو ۽ ٻنهي عاشق ۽ معشوق جو
جيئري ديدار ڪيائين. والله اعلم. مير فتح علي خان
ٽالپر ٽيون دفعو قصي کي مولانا جاميءَ جي يوسف
زليخا جي طرز تي پارسيءَ ۾ نظم ڪرايو. پنجاب جي
شاه وارث شاه، جو احمد شاه ابداليءَ جي ڪاهُن وقت
موجود هو، تنهن قصي کي پنجابي جامو پهرايو. سنه
1862ع ۾ سنڌ جي نائب ڪمشنر ميجر سر فريڊرڪ گولڊ
سمڊ پهريون دفعو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سنه 1882ع
۾ ٻيو دفعو بمبئي سول سروس جي هڪڙي عملدار مسٽر
ٽي- هارٽ ڊيوس اُن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو.(1)
بلوچن ڀنڀور جي يادگار لاءِ سري جبلن جي هڪڙي
چوٽيءَ تي ڀنڀور نالو رکيو.(2).
الور – غازي محمد بن قاسم، سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ،
الور کي سنڌ جو تختگاه مقرر ڪيو. دمشق جا بني اميه
گورنر الور ۾ رهندا هئا. هشام بن عبدالملڪ جي
زماني ۾ جيئن دمشق درٻار جي سڀني صوبن ۾ بغاوتون ۽
بدامني پئجي ويئي، تيئن سنڌ جي صوبي اندر عرب
زميندارن ۽ جاگيردارن ۾ اهڙي خانه جنگي پيدا ٿي،
جو سنڌ جو گورنر تميم گورنريءَ تان هٿ کڻي الور
مان نڪري هليو ويو ۽ ساڻس گڏ ٻي ابه ڪيترائي عرب
عملدار ۽ سردار سنڌ ڇڏي هليا ويا. انهي وقت ۾ جيئن
ڪي ديسي قومون جي مسلمان هيون، تن جا سردار
پنهنجون پنهنجون رياستون بڻائي ويهي رهيا، تيئن ڪي
هندو راجڪمار به پنهنجون پنهنجون رياستون بنائي
ويهي رهيا. انهن رياستن ۾ مکيه الور هئي. وري جڏهن
عربن منصوري کي تختگاه جوڙيو تڏهن هندن جون ڪي
رياستون خاج ۽ جزيه جي عيوض هنن قائم رکيون، جن
مان الور جي هندو رياست به هڪ هئي، جا پوءِ سومرن
جي حڪومت واري زماني تائين قائم هئي.
’تاريخ طاهري‘ جو بيان آهي ته، ”الور ۽ محمد طور
جي وچ ۾ جيڪو پرڳڻو هوندو هو، تنهن جو حاڪم راجا
دلوراءِ ڏاڍو ظالم ۽ زاني هو. سڀ ڪنهن رات ڪنهن نه
ڪنهن ڪنواريءَ ڇوڪريءَ سان هم بستر ٿيندو هو. تنهن
کان سواءِ ڪا به سهڻي زال ڏسندو يا ٻڌندو هو ته
زبردستيءَ سان ان کي پنهنجي بستري تي آڻيندو هو.
هندستان جي مال جا جهاز جيڪي ديبل ڏانهن ويندا
هئا، تن جي سوداگرن کان اڌ محصول طور اڳاڙيندو هو.
قضا سان هڪڙو سوداگر سيف الملوڪ هندستان کان حج جي
ارادي سان مڪي ڏانهن ٿي ويو. سندس زال بديع الجمال
ڏاڍي خوبصورت هئي، جنهن کي راجا جا عملدار حيلن
سان راج اوٽ پهچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. سيف الملوڪ
ٽن ڏينهن تائين مهلت گهري. ان عرصي ۾ هن رات جو
ڪاريگرن کان مهراڻ کي پٿرن جو بند ڏياريو، جنهن
ڪري درياءَ هاڻوڪي بکر، سيوهڻ ۽ لڪي جو رخ اختيار
ڪيو ۽ الور ويران ٿي ويو.“(1)
ان ۾ شڪ ناهي ته هاڪڙو سنڌو نديءَ جي هڪڙي شاخ هو،
جنهن تي الو، امرڪوٽ ۽ پارينگر بندر هئا، مگر
هاڪڙو ايرانين يا يونانين جي ڪاهه کان گهڻو اڳ
مٽجي چڪو هو: مثال لاءِ جيڪڏهن مهراڻ جي هاڻوڪي
بکر، سيوهڻ، پٽالا (نيرن ڪوٽ) واري وهڪ نه هجي ها
ته سڪندر مقدوني يا ان کان اڳ دارا اعظم جا جهاز
سيوهڻ يا پٽالا بدران الور کان پارينگر وڃن ها ۽
اهڙيءَ طرح بکر جو قلعو به عباسي دؤر ۾ جڙي نه
سگهي ها. ٻيو ته ديبل جو بندر سنڌونديءَ جي ڏکڻ
اُلهندي ڊيلٽا واري ڪناري تي واقع هو ۽ هاڪڙو ڏکڻ
اوڀر ۾ ڪچ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هت اهو به ياد رکڻ
کپي ته دارا ۽ سڪندر سنڌو نديءَ جي قديم وهڪري جي
تحقيقات ڪرڻ لاءِ جاچ ڪميٽيون مقرر ڪيون هيون. خاص
ڪري يوناني ماهرن هاڪڙي جو قديم پيٽ ڳولي لڌو هو،
جنهن تي انهن هڪ هزار ڦٽل ڳوٺن ۽ شهرن جا ويران
نشان ڏٺا هئا، جي ڪو وقت وسندڙ شهر هئا.(1)
ان ڪري ان ۾ شڪ ناهي ته الور زلزلي ڪري ويران ٿي
ويو هوندو. باقي جو ’طاهريءَ‘ جو بيان آهي ته سنڌو
نديءَ رخ بدلايو، سو قابل اعتبار ناهي. ريورٽيءَ
جي بيان موجب، سنڌو نديءَ سنه 335هه (941ع) ڌاري
بکر ڏانهن رخ بدليو هو: يعني سلطان سبڪتگين کان 31
ورهين اڳ اهو واقعو ٿي گذريو! وري ’سنڌ گزيٽيئر‘ ۽
دلوراءِ جو زمانو سنه 1221ع ڏنل آهي، يعني سلطان
التمش جو زمانو(2)!
هوڏانهن ’لب تاريخ‘ جو صاحب بکر جي قلعي جي تعمير
جو زمانو سنه 334هه ڏيکاري ٿو(3)!
جي-ايبٽ وري مهراڻ جي رخ بدلائڻ جو زمانو 492هه
ڏيکاري ٿو.(4)
مهراڻ جهڙي درياءَ کي ٽن ڏينهن ۾ بند ٻڌڻ به غير
ممڪن آهي، جڏهن اسين ڏسون ٿا ته موجوده مشينن جي
زماني ۾ بئراج جهڙيون پليون تعمير ۾ ڏهه ڏهه سال
وٺن ٿيون. اسان جي خيال ۾ خود زلزلي سبب به صفا
برباد ڪين ٿي ويو هو. ’آئين اڪبري‘ جي بيان موجب،
اڪبري دور ۾ الور بکر جي ماتحت هڪڙي محال هئي،
جنهن ۾ ماٿيلو، بکر ۽ سکر شامل هئا. هن محال مان
غليه شهنشاهت کي ساليانو 1132150 دام، ٻه سؤ سوار
۽ پنج سؤ پيادا بطور خراج ملندا هئا. محققن جو
فيصلو آهي ته ’طاهري‘ جا بيان افسانا ۽ آکاڻيون
آهن. جيڪڏهن مٿيون واقعو سومرن جي زماني ۾ ٿي
گذريو ته ضرور اهڙي انقلاب جو شيخ ابن بطوطا
پنهنجي ’سفرنامي‘ ۾ ذڪر ڏي ها. شيخ موصوف سومرن جي
آخري دؤر ۾ سنڌ ۾ وار دٿيو هو. جڏهن ديبل بلڪل
ويران هو ۽ ان جي بدران لاهري سنڌ جو بندر هو.(1)
’طاهري‘ جو صاحب جنهن بديع الجمال جي حسن جي تعريف
ڪري ٿو، سا لس ٻيلي جي حڪمران شهزادي هئي. سندس
تختگاه شهر، روغان، لس ٻيلي کان نَوَ ميل اتر طرف،
پورالي نديءَ تي هڪڙي ٽڪريءَ تي هو، جا پنجاه فٽ
بلند هئي. مٿئين شهر جي آثان جو چارلس ماسن،
بلوچستان جي سياحت ڪرڻ وقت، معائنو ڪيو هو. هن
اٽڪل 15 سؤ عمارتن جا نشان ۽ هڪڙي جامع مسجد جا
آثارن تي ڏٺا هئا. لس ٻيلي جي رهاڪن جي روايتن
موجب، سيف الملوڪ عرب جو سوداگر هو، نه ڪه هندستان
جو. جيئن ’تاريخ طاهري‘ وارو بيان ڪري ٿو. مٿيون
بيان مسٽر اي- ڊبليو- هيوز، ميمبر رايل جاگرافيڪل
سوسائٽي، لنڊن، پنهنجي ’تاريخ بلوچستان‘، (باب لس
ٻيلي جا قديم آثار) ۾ ڏنو آهي.(2)
’تاريخ طاهري‘ جي بيان موجب دلوراءِ جو ننڍو ڀاءُ
ڇٽو امراني ننڍي هوندي کان اسلام ڏانهن مائل هو ۽
هن قرآن شريف به پڙهيو هو. آخر حج جي زيارت ڪرڻ جي
ارادي سان مڪي ويو، جتي فاطمه نالي هڪ نيڪ بخت
ڇوڪريءَ سان شادي ڪري، سنڌ ڏانهن موٽ: آيو. سندس
فاطمه سان شادي ڪرڻ جو واقعو به عجيب ۽ غريب
پيرابي ۾ افساني وانگر ڏنل آهي. حج تان موٽڻ کان
پوءِ هو برهمڻ آباد ۾ رهڻ لڳو، جت الور جي
برباديءَ کان پوءِ دلوراءِ رهندو هو. هت وري
دلوراءِ سندس زال تي بدنظر رکڻ لڳو، جنهن ڪري ڇٽو
امراني پنهنجي زال سميت سيوهڻ ۾ رهڻ لڳو. سندس
برهمڻ آباد کان نڪرڻ کان پوءِ هي شهر به زلزلي ڪري
ناس ٿي ويو. ڇٽي امراني (همراني) جي تربت سيوهڻ ۾
زيارتگاه آهي.(1)
شاهجهان جي نواب، ديندار خان، قبر جي عمارت
جوڙائي، جنهن تي سال 1042هه لکيل آهي.(2)
درٻيلو: هن رياست جو حاڪم راڻوڀونئر سهتو راٺوڙ
هو، ديرو سندس گاديءَ جو هنڌ هو.
روپاهه: هن رياست جو حاڪم راڻو سينهڙو ولد ڌماچ
ڪريجو سمو هو، سندس گاديءَ جو هنڌ ٽانگ هو.
ماڻڪ تارو: هن رياست جو حاڪم جيسر ولد ججا ماڇي
سولنڪي هو.
سوي: هن رياست جو حاڪم وخيه ولد پنهون چنو هو.
ڀاڳناڙي: هن رياست جو حاڪم چنون ولد ڏيٿو هو.
همه ڪوٽ: هن رياست جو حاڪم جيو ولد درياه هو، سندس
گاديءَ جو هنڌ جهم هو.
برهمڻ آباد: هن رياست جو حاڪم جسوڌن آگرو هو.
مٿيون رياستون ناصرالدين قباچه جي زماني تائين
قائم هيون. ڏسو ’تحفة الڪرام‘، جلد-3.
آل شنسب جو سنڌ تي قبضو:
افغانن ۾ ٻه قومون مشهور آهن: 1- قيسي، جي بن عيص
(عبدالرشيد) جو اولاد آهن.(1)
۽ شنسبي، جي شنسب بن حريق (بلاغُر جي رئيس) جو
اولاد آهن(2).
لوڌي ۽ سور قبيلا به پوئين قوم سان گڏيل آهن. شنسب
مان محمد بن سوري شنسبي بنو اميه وارن جي خلاف،
عباسين جي مدد ڪندي، ابو مسلم خراسانيءَ جو طرف
ورتو هو. عباسين هن خاندان کي بلادغور جي حڪومت
سپرد ڪئي هئي. وري جڏهن فاطمين، عباسين خلاف
سازشون شروع ڪيون، تڏهن غوري فاطمين جي خفيه سازش
۾ شريڪ ٿيا. قرامطين جڏهن خراسان ۽ افغانستان ۾
پنهنجي تحريڪ شروع ڪئي هئي، تڏهن محمد بن سوريءَ
سلطان محمود خلاف بغاوت کڙي ڪئي هئي، مگر هڪڙيءَ
جنگ ۾ مارجي ويو.
سلطان محمود سندس پٽ ابو عليءَ کي غور جو حاڪم
مقرر ڪيو. کانئس پوءِ جيڪي به غور جا حاڪم مقرر
ٿيا. سي قرامطه جا پوئلڳ هئا. سلطان فرخ زاد بن
مسعود جي زماني ۾ مصر جي عبيدي فرمانروا، مستنصر
بالله، پنهنجي خاص مريد، حڪيم ناصر خسرو علويءَ کي
جو اسماعيلي هو، غزنوي، سلجوقي ۽ عباسي حڪومتن
خلاف اسماعيليت جي تبليغ ۽ اشاعت ڪرڻ لاءِ مصر کان
گجرات، ملتان ۽ لاهور ڏانهن دائي ڪري مڪو هو. حڪيم
موصوف سنه 444هه کان سنه 481هه تائين افغانستان ۽
خراسان ۾ اسماعيلي مزهب ۽ عبيدي سلطنت جي خدمت ڪرڻ
لڳو. ڪڏهن پاڻ کي صوفي باصفا، ڪڏهن شاعر ۽ ڪڏهن
عالم ڪوٺائڻ لڳو.(1)
غزنوي سلطنت سلطان ابراهيم غزنويءَ جي وفات
کانپوءِ ڪمزور ٿيڻ لڳي. غور جي حاڪم عزالدين حسين،
سلطان سنجر سلجوقيءَ سان نيازمندانه مراسم پيدا
ڪري، غزنوي اطاعت کان آزادي حاصل ڪئي. کيس ست پٽ
هئا: فخر الدين مسعود، قطب الدين محمد، سيف الدين
سوري، بهاءُ الدين سام، علاءُ الدين حسين، شهاب
الدين محمد ۽ شجاع الدين علي. عزالدين کان پوءِ
سنه 543هه (1148ع) ۾ سيف الدين سوري غور جي گاديءَ
تي ويٺو.
شاهان آل شنسب جي فهرست:
(1) قطب الدين،
(2) سيف الدين سوري 543هه (1148ع)،
(3) علاءَ الدين حسين (جهانسوز) 544هه (1149ع)،
(4) سيف الدين محمد 556هه (1161ع)،
(5) غياث الدين ابن سام 558هه (1163ع)،
(6) معزالدين محمد غوري 569هه (1174ع) ۽
(7) پويان 599هه کان 602هه (1201ع کان 1206ع)
تائين(1)
سيف الدين سوري:
سيف الدين، بهرام شاه غزنويءَ کي شڪست ڏيئي، پنجاب
ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو ۽ پاڻ کي سلطان جي لقب سان سڏائڻ
لڳو، مگر ٿورن ڏينهن بعد، بهرام شاهه هندن جي لشڪر
جي مدد سان سيف الدين سوريءَ ۽ سندس وزير مجدالدين
موسويءَ کي مارائي ڇڏيو.
علاءُ الدين جهانسوز:
سنه 544هه (1149ع) ڌاري علاءُ الدين ’جهانسوز‘ غور
جي گاديءَ تي ويٺو، هن بهرام شاهه کي سندس هندن جي
لشڪر سميت شڪست ڏيئي، عروس البلاد (غزنيءَ) کي
باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو. سلطان محمود، سلطان مسعود
۽ سلطان ابراهيم جي قبر کان سواءِ، باقي سڀني
غزنوي سلاطين جي قبرن کي ڊهرائي، سندس هڏيون به
ساڙائي ڇڏيائين، انهيءَ حرڪت ڪري مٿس ’جهانسوز‘
لقب پيو. هن بلادغور جي شهرن مان فيروز ڪوه کي
تختگاه مقرر ڪيو. آخر سلطان سنجر هٿان قيد ٿي
خراسان ويو.
’جهانسوز‘ جي قيد ٿي وڃڻ کان پوءِ، غوري اميرن
سندس ڀائٽيي ناصرالدين حسين ابن شجاع الدين کي تخت
تي ويهاريو. ستت ترڪان عز، خراسان تي حملو ڪيو،
جنهن ڪري سلطان علاءُ الدين کي سنجر آزاد ڪري،
بلادغور جي حڪومت موٽائي ڏني. غوري اميرن سندس خوف
کان ناصرالدين کي قتل ڪري ڇڏيو. مٿئين زماني ۾ حسن
بن صباح جي جانشين محمد بناڪيا بزرگ اميد علاءُ
الدين ڏانهن پنهنجو ايلچي مڪو. جنهن صورت ۾ سلطان
سنجر سلجوقي، ترڪان عز هٿان گرفتار ٿي ويو هو ۽
ترڪن کي اسلام سان ڪو واسطو نه هو. اهڙي ماحول ۾
علاءُ الدين ’جهانسوز‘ به قلعه الموت جي فدائي
عقيدن کي قبول ڪري، سندن نقيبن کي پنهنجي سلطنت
اندر تبليغ ڪرڻ جي ڇوٽ اختياري ڏيئي ڇڏي.
سيف الدين محمد:
سنه 556هه (1161ع) ۾ علاءُ الدين ’جهانسوز‘ جي مرڻ
کان پوءِ سندس پٽ سيف الدين محمد تخت تي ويٺو. هن
باخدا بادشاهه قلعه الموت جي ملحدن کي فيروز ڪوه ۾
گهرائي قتل ڪرايئ ڇڏيو، پر سندس سپه سالار
ابوالعباس شيش، جو اندروني فدائي هو، تنهن بادشاه
کي ترڪان عز سان وڙهڻ وقت نيزو هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.
غياث الدين:
سنه 558هه (1163ع) غياث الدين ابن سام تخت تي
ويٺو. شهاب الدين محمد، جو ان وقت باميان ۾ هو، سو
ڀاءُ کي غور جي تخت تي ڏسي، موٽي فيروز ڪوه آيو.
غياث الدين فدائين جو دشمن هو. ٻنهي ڀائرن
ابوالعباس کي گهرائي کلئيءَ درٻار ۾ کيس قتل
ڪرايو. غياث الدين پنهنجي ڀاءُ کي تگبين آباد ۽
گرم سيل جي رياست سپرد ڪئي. سنه 569هه (1174ع) ۾
ٻنهي ڀائرن گڏجي ترڪان عز کي شڪست ڏيئي غزنيءَ تي
قبضو ڪيو. مٿين فتوحات کان پوءِ غياث الدين پنهنجي
ڀاءُ کي ’معزالدين‘ جو لقب ڏيئي، غزنيءَ جي حڪومت
حوالي ڪئي. سلطان غياث الدين ملحدن جي خاتمي ڪرڻ
کان سواءِ، سلجوقين کان هرات ۽ بلخ به فتح ڪيا.
ابتدا ۾ اهل سنت جو پائبند هو، مگر پوين ڏينهن ۾
شافعي مذهب جي پيروي ڪرڻ لڳو هو. سنه 569هه ۾ وفات
ڪري ويو. کانئس پوءِ شهاب الدين گاديءَ تي ويٺو.(1)
سنڌ تي سلطان شهاب الدين جو قبضو:
سنه 532هه (1137ع) ۾ سلطان شهاب الدين غور ۾ ڄائو
هو ۽ وڏي هوندي پنهنجي ڀاءُ سلطان غياث الدين محمد
سان سلطنت جي ڪاروبار ۾ شريڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ٻئي
ڀائر ملحدن جي خلاف هئا. انهن ڏينهن ۾ اسماعيلين ۽
سومرن سنڌ ۽ ملتان تي اسماعيلي حڪومت ٻيهر کڙي ڪرڻ
لاءِ ڪوشش ڪئي. سلطان شهاب الدين هندستان تي ڪاهه
ڪرڻ لاءِ جهنڊو بلند ڪيو. سيد مير جلال الدين
ڪرمانيءَ جي دعوت تي افغانن ۽ بلوچن، ڪاهه جي فوجن
۾ حصو ورتو. سنه 571هه (1175ع) ۾ سلطان موصوف دري
بولان کان پهريان اُچ جي مضبوط قلعي تي ڪاهه ڪئي.
هتي جي هندو راجا قلعي مان مقابلو ڪيو، مگر سندس
راڻيءَ خيفه طور سلطان کان امن گهري قلعي جا در
پٽيا. راجا مارجي ويو ۽ اسلامي لشڪر اُچ تي قبضو
ڪيو. اُچ ملتان تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سلطان
ريگستان جي رستي کان گجرات تي ڪاهه ڪئي، مگر اتي
جي راجا ڀيم ديو ثاني ۽ مولراج کان شڪست کائي
موٽيو. سنڌ تي پنهنجي پاران علي ڪارماخ کي نائب
مقرر ڪري غزنيءَ ڏانهن موٽيو. سلطان شهاب الدين
ڪشمير جي راجائن جي مدد سان سنه 572هه (1186ع) ۾
غزنوي خاندان جي پوئين فرمانروا خسرو ملڪ بن خسرو
شاهه کان لاهور فتح ڪري خسرو ملڪ کي قيد ڪري
غزنيءَ ڏانهن وٺي ويو. جتي خسرو ملڪ وفات ڪئي.
سلطان شهاب الدين لاهور جي حڪومت به سنڌ جي واليءَ
علي ڪرماخ جي حوالي ڪئي.(1)
دهلي ۽ اجمير جي راجا پرٿوي راءِ جي اشاري تي
راجپوتن سنه 576هه (1190ع) ۾ ڀٽنڊا تي ڪاهه ڪئي،
مگر سلطان شهاب الدين ڀٽنڊا تي قبضو ڪيو. سندس
ارادو غزنيءَ وڃڻ ڏانهن هو، مگر پرٿوي راءِ ٻه لک
فوج ۽ ٽن هزارن هاٿين سان ٿانيسور جي ويجهو، ترائن
جي ڳوٺ وٽ، سلطان سان مقابلو ڪيو. هن جنگ ۾ سلطان
شهاب الدين ۽ سندس سپه سالار ضياءَ الدين تولڪي
شڪست کاڌي. مگر پوءِ سنه 588هه (1193ع) ۾ سلطان
جرار لشڪر سان پرٿوي راءِ جو مقابلو ڪيو. سندس
لشڪر ۾ 12 هزار بلوچ هئا. سرسوتي نديءَ جي ڪپ تي
جنگ لڳي. جنهن ۾ پرٿوي راءِ پنهنجي ڀاءُ کانديراءِ
سميت مارجي ويو ۽ اهڙيءَ ريت دهلي ۽ اجمير تي
غورين جو قبضو ٿيو.(2)
سنه 1200ع ۾ بلوچن ٻيو گهمرو جيسلمير تي ڪاهي،
کاڏل جي شهر کي لٽيو. هن دفعي سالاباهن جي پٽ راوڻ
ڪيولن ستن هزارن راجپوتن سان مقابلو ڪيو. بلوچن هن
گهمري شڪست کاڌي ۽ سندن سردار خضر سان شهيد ٿيو.(1)
عام تاريخن ۾ لکيل آهي ته سلطان شهاب الدين کي
هڪڙي ڳکڙ شهيد ڪيو، مگر حقيقت هن ريت آهي ته سلطان
کي جهلم نديءَ جي ڪپ تي سنه 602هه (1206ع) ۾
هڪڙيءَ رات جو هڪڙي فدائيءَ تنبوءَ ۾ گهڙي شهيد
ڪيو. اميرن، لشڪر جي پيش امام فخرالدين رازيءَ کي
شڪ ۾ گرفتار ڪيو، پر پوءِ ثبوت نه ملڻ ڪري امام
صاحب کي آزاد ڪيو ويو. ڳکڙ اتر اولهندي پنجاب ۾ هڪ
ڌاڙيل قوم هئي، منجهن دختر ڪشي ۽ ٻيون خراب رسمون
جاري هيون. سلطان شهاب الدين جي زماني ۾ هنن اسلام
قبول ڪيو، جنهن جي عيوض سلطان موصوف کين مٿيون
علائقو سپرد ڪيو هو.
سنڌ تي غلام سلاطين جي حڪومت:
دهليءَ تي سنه 602هه (1206ع) کان سنه 686هه
(1287ع) تائين جملي ڏهن غلام فرمانروائن 85 ورهين
تائين حڪومت ڪئي. سلطان شهاب الدين کي پٽ ڪونه هو،
تنهن ڪري پنهنجي جيئري سلطنت پنهنجن ٽن ترڪ غلامن
۾ ورهائي ويو. منجهانئن تاج الدين يلدوز کي غزني،
قطب الدين ايبڪ کي لاهور ۽ دهلي ۽ ناصر الدين
قباچه کي سنڌ ۽ ملتان ڏيئي ويو هو. شهاب الدين کان
پوءِ سندس ڀائٽيو محمود، فيروز ڪوه جي تخت تي
ويٺو، جنهن قطب الدين کي خلعت رواني ڪري، ’سلطان‘
جو لقب ڏنو.
غلام بادشاهن جو شجرو:
ناصرالدين قباچه جي سنڌ تي حڪومت:
قطب الدين، تاج الدين يلدوز جي ڌيءَ سان شادي ڪئي
هئي. قطب الدين جي ڌيءَ سان ناصر الدين قباچه شادي
ڪئي هئي. ناصرالدين قباچه قراخطائي ترڪي نسل مان
هو. هن اُچ کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو، جت مضبوط
قلعو هو.(1)
شريف ادريسيءَ سنه 1130ع ۾ جڏهن ملتان کي ڏٺو هو،
ان وقت راوي ندي شهر هيٺان وهندي هئي. سنه 606هه
(1210ع) ۾ قطب الدين ايبڪ وفات ڪئي. سندس پٽ آرام
شاهه لاهور جي تخت تي ويٺو، مگر هڪ سال کان پوءِ
تخت تان لاٿو ويو. التمش، جو ان وقت بيانه جو حاڪم
هو، سنه 607هه (1210ع) ۾ اميرن جي اتفاق راءِ سان
دهليءَ جي تخت تي ويٺو.
|