ڀاڳلپور کي مقرر ڪيو، جو ملتان جي ويجهو هو. پنجاب
۾ رندن جي رياست سنه 1810ع ۾ رنجيت سنگهه جي زماني
تائين قائم رهي هئي.(1)
مغلن جي ڏينهن ۾ بلوچي قبيلن جون بيٺڪون:
رند: ڪڇيءَ ۾ شوران سندن رياست آهي. مڪران کان
وٺي پنجاب، سنڌ ۽ راجپوتانا تائين پکڙيل آهن. سندن
منٽگمري واريءَ رياست تي 1810ع ۾ رنجيت سنگهه قبضو
ڪيو.
ڊومڪي: ڪڇيءَ ۾ لهڙي سندن رياست آهي. سنه 1845ع
تائين اپر سنڌ ۾ ڦريون ڪندا رهيا.
بليدي: هوتن کان بو سعيد بليدي مڪران فتح ڪيو هو.
ڪڇيءَ ۾ ناڙي کان وٺي بارکان تائين سندن رياست
قائم ٿي. پوءِ گرگيجن ۽ بگٽين کان شڪست کائي، اپر
سنڌ ۾ بلدڪو رياست قائم ڪيائون، جنهن جو صدر مڪان
جهل هو. هيءَ رياست 1857ع تائين قائم رهي.(1)
جتوئي: ڪڇيءَ ۾ ڀنڙ سندن رياست هئي، پوءِ سنڌ ۾
شڪارپور کان لاڙڪاڻي تائين جتوئڪو رياست قائم
ڪيائون، جا 1857ع تائين قائم رهي. مهدوي فرقي جا
پابند هئا.
مگسي: ڪڇيءَ ۾ جهل سندن رياست آهي. پنجاب ۽ سنڌ ۾
به سندن جاگيرون هيون.
ڇلگري: پهريان هرنائي جبل تي رهندا هئا، پوءِ
ڪڇيءَ ۾ ڇل گري ڳوٺ ٻڌي، هڪڙي ننڍڙي رياست قائم
ڪيائون.
چانڊيا: پهريان ناڙيءَ تي سندن رياست هئي، پوءِ
سنڌ جي اتر اولهندي ۾ چانڊڪا رياست قائم ڪيائون.
پنجاب ۽ سنڌ ۾ به سندن جاگيرون هيون. هينئر به ٿر
تائين پکڙيل آهن.(2)
کوسا: مڪران، صوبي سرحد، هانسي، حصا، کاڏل، ڀٽ
نير، ٿرپارڪر کان سابرمتيءَ تائين پکڙجي ويا.
همايون کين سون مياڻي جاگير ڏني هئي.
مري: سمن جي ارغونن کان شڪست کائڻ کان پوءِ مرين
ڪاهان ۾ رياست قائم ڪئي.
بگٽي: اُتر سنڌ جي ٽڪرين ۾ ديرو بگٽي رياست قائم
ڪيائون. 1845ع تائين اپر سنڌ ۾ ڦريون ڪندا رهيا.
سر چارلس نيپئر بگٽين کي سنڌ جا پنڊاري سڏيندو هو.
نوحاڻي: مير عمر خان نوحاڻي ڪڇيءَ جي اوڀرندي ۾
نوحاڻين جي رياست قائم ڪئي هئي، جا 1628ع ۾
شاهجهان جي ڏينهن تائين قائم رهي هئي.
ٽالپر: همايون ٽالپرن کي سنڌ ساگر دوآبه ۾ جاگير
ڏني هئي، سندن تختگاه ماڙي اِنڊس هو. پوءِ مزارين
۽ مگسين طرفان چانڊين سان جنگين ڪرڻ سبب مزارچه
علائقي ۾ لڏي ويٺا.
مزاري: اُٻاوڙي ۽ ڪشمور کان وٺي ديري غازي خان
تائين، مزارچه رياست قائم ڪيائون. روجهاڻ سندن
تختگاه آهي. ٽالپرن جي صاحبيءَ جي زماني ۾
سهراباڻي سرڪار جي ماتحت هئا.
لغاري: کورادري کان سخي سرور تائين رياست قائم
ڪيائون. چوٽي سندن تختگاه آهي.
دريشڪ: پتوڪ ۽ مسوري لَڪن کان وٺي درياءَ سنڌ
تائين، رياست قائم ڪيائون. پوءِ جاٽن سان ساندهه
جنگين جي ڪري سندن زور گهٽجي ويو.
سوري لنڊ: صوبي سرحد ۾ سوري نديءَ وارن افغانن کي
تڙي رياست قائم ڪئي هئائون.
ٽبي لنڊ: ٽبي لنڊ معنيٰ ڏکڻ وارا لنڊ، جن گٽي ۽
غپني ندين واري رياست قائم ڪئي هئي.
گورچاڻي: داجل کان وٺي درا جبل تائين گورچاڻين جي
رياست هئي.
قيصراڻي: ديري غازي خان جي اُتر کان وٺي سنڌو
نديءَ تائين قيصراڻين جي رياست هئي.
کيتراڻي: ڪڇيءَ کان وٺي بارکان تائين سندن رياست
هئي. پوءِ سليمان جبل جي اولهندي ۾ بيٺڪ قائم
ڪيائون.
بزدار: همايون بزدارن کي سنگهڙ نديءَ وارو علائقو
جاگير طور ڏنو هو.
پتافي: ديري غازي خان ۽ مظفر ڳڙهه ۾ سندن رياست
هئي، لنڊ پتافي سندن تختگاه هو.
جروار: غزني مريءَ واري شاخ آهن، لوني ۽ موسيٰ خيل
افغانن کي تڙي بيٺڪ قائم ڪيائون.
نتڪاڻي: همايون جي ڏينهن ۾ سنگهڙ نديءَ تي مهوئي ۽
منگهر وٽا قلعا تعمير ڪري، بيٺڪ قائم ڪيائون.
مرراڻي: دودائي مراڻين ٽن صدين تائين ديره جات تي
حڪومت ڪئي. ديرو غازي خان، ديرو اسماعيل خان،
کينجر، مظفر ڳڙهه، حاجي پور، عالم خان، سنجر آباد،
دائود ڪوٽ، گدائي آباد، ليئها، ڪوٽ سلطان، ڪوٽ
عادو شهر تعمير ڪرايائون، جي سندن يادگار آهن.
گوپانگ: ضلعي مظفر ڳڙهه ۾ سندن سرداري قائم ٿي،
پوءِ سنڌ ۾ لاڙ تائين پکڙجي ويا.
گرماڻي: 1450ع ۾ لوڌين کان سيتپور کسي مٿس علي پور
نالو رکيائون، پوءِ جاٽن سان گڏجي ويا.
چانگ: پهريان صوبي سرحد ۾ رهندا هئا، پوءِ فوجي
خدمتن ڪري سنڌ ۾ جاگيردار بڻجي ويا.
گبول: بليدين کان بار ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ سنڌ ۾
سڪونت اختيار ڪيائون.
ڪلوئي: همايون جي ڏينهن ۾ سنگهڙ نديءَ جي اترئين
حصي ۾ بيٺڪ جوڙي ويٺا.
قره: همايون کين بکر ۽ سکر جي اُتر اولهندي واريون
ٽڪريون جاگير ڏنيون. سرحدي بلوچن سان گڏجي
سنڌونديءَ جي اُوڀرندي ڪناري وارن شهرن کي ڦريندا
هئا.
جکراڻي: ڊومڪين سان گڏجي اپر سنڌ ۾ ڦريون ڪندا
هئا. انگريزن جکراڻين کي زمينون ڏيئي ماٺ ڪرايو.
جمالي: مرين، ڊومڪين سان گڏجي ڦريون ڪندا هئا،
ٽالپرن سندن سرداري قائم رکي ۽ انگريزن کين زمينون
ڏنيون.(1)
ڄاڻايل فهرست مان اوهين معلوم ڪري سگهندا ته دوآبه
باري کان وٺي مڪران جي الهندي واريءَ حد ۽ گجرات
تائين جيڪي به نديون، ٽڪريون، ميدان ۽ جابلو لڪ
هئا، سي بلوچن جي قبضي هيٺ هئا. انهن جيڪي قلعا
تعمير ڪيا، اتان لنگهندڙ تجارتي قافلن کان سندن
سردار محصول وصول ڪندا هئا: نه ته ٻيءَ صورت ۾
ڦرلٽ ڪندا هئا. لٽ مار جي اسباب جو پنجون حصو
پنهنجن سردارن کي پيش ڪندا هئا. بلوچ فطرتا هڪ
جنگجو قوم آهي. برهمڻ راجائن، ايراني ڪسرائن،
عربن، ترڪن، افغانن، لانگاه ۽ مغل سلاطين: جن جن
بلوچستان، خراسان يا سنڌ تي حڪومت ڪئي، تن کانئن
فوجي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻن دوستي رکي. سندن
قبيلن کي جاگيرون ڏنائون،ان لاءِ ته سرحد تي امن
امان رهي.
گهوڙن جي واپار ڪري بلوچن کي سلاطين جي درٻار ۾
عزت هئي. عباسي دؤر ۾ مامون جو زمانو عباسي خلافت
جي اوج جو زمانو هو، مگر ڪرمان وارا 4200،000
درهم، پنج سؤ يمني ڪپڙي جا ٿان ۽ 20،000 رطل کجور
سالياني خراج ۾ دارالخلافه کي ڀريندا هئا. مڪران
وارا چار لک درهم ٽي سؤ ڪپڙي جا ٿان ۽ ويهه رطل
فانيذ حلوو ڀريندا هئا.(1)
اڪبر اعظم جي زماني ۾ شال ۽ سراوان جا علائقا
قنڌار سرڪار جي ماتحت هئا. ڪڇي ۽ سيوي، بکر سرڪار
جي ماتحت هئا. بلوچ سالياني خراج ۾ ڏيڍ لک رپيا،
4،750 گهوڙي سوار، 6،400 پيادا سپاهي ڏيندا هئا،
نقد ناڻي نه هئڻ وقت خراج ۾ جنس ادا ڪندا هئا.(2)
سنڌ تي ترخانن جي حڪومت: سنه 927هه (1548ع) ۾ مرزا
شاهه حسن ارغون لا ولد انتقال ڪيو.(1)
سندس جنازو مڪي شريف ڏانهن موڪليو ويو. هو پيءُ
وانگر وڏو عالم ۽ سخن فهم شاعر ٿي گذريو. سندس
تخلص ’سپاهي‘ هو. هن ساري زندگيءَ ۾ جنگ جي ميدان
۾ ڪڏهن شڪست نه کاڌي هئي. سندس بيوه راڻيءَ سان
مرزا عيسيٰ خان ترخان شادي ڪئي هئي. ماه بيگم جو
هي ٽيون نڪاح هو. سندس پهرين شادي بابر بادشاهه
پنهنجي رضاعي ڀاءُ امير قاسم سان ڪرائي هئي، جنهن
مان ماه بيگم کي ناهيد بيگم نالي هڪڙي ڌيءَ ڄائي
هئي. تنهن کان پوءِ ماه بيگم ڪابل ڇڏي پنهنجي چاچي
شاه بيگ وٽ ٺٽي ۾ رهڻ لڳي. امير قاسم جي مرڻ کان
پوءِ پنهنجي سؤٽ مرزا شاه حسن سان شادي ڪئي
هئائين. ناهيد بيگم جڏهن سن شعور کي پهتي، تڏهن
سندس نڪاح اڪبر درٻار جي هڪڙي امير محب عليءَ سان
ٿيو.
ترخانن جو شجرو:
مرزا عيسيٰ جي پيءُ امير عبدالعليءَ کي امير
ذوالنون بيگ ارغون، ساغر ۽ تولڪ پرڳڻن مٿان پنهنجو
داروغو مقرر ڪيو هو. مرزا عيسيٰ جو شجرو هن ريت
آهي: مرزا عيسيٰ بن عبدالعلي بن عبدالخالق، شڪل
بيگ ترخان جي نسل مان هو. شڪل بيگ جو والد،
ايڪوتمر، هڪڙيءَ جنگ ۾ امير تيمور پاران وڙهندي
مارجي ويو هو. سندس مرڻ کان پوءِ امير تيمور شڪل
بيگ جي پرورش ڪري، ان کي ’ترخان‘ جو لقب ڏنو هو.
شڪل بيگ جي نسب جو سلسلو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ ارغون
خان بن اباقاآن خان بن هلاڪو بن طولي بن چنگيز سان
گڏجي ٿو.
مرزا عيسيٰ ترخان:
مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾
ورهائجي ويئي. سمنڊ کان وٺي لڪيءَ جي جبلن تائين
ملڪ مرزا عيسيٰ ترخان جي هٿ هيٺ اچي ويو ۽ سيوهڻ
کان اٻاوڙي تائين مٿيون حصو سلطان محمود بن امير
فاضل ڪوڪلتاش جي هٿ هيٺ رهيو. مرزا عيسيٰ ترخان،
شاهه بيگ ارغون جو تجربيڪار امير هو. سندس صاحبيءَ
جي ڏينهن ۾ حڪومت جي حدن اندر امن امان هو. سندس
ملڪي انتظام اعليٰ پيماني تي هو. ارغون توڙي ترخان
امير کانئس راضي هئا. ارغونن لاءِ هن وظيفا مقرر
ڪري، سندن دلجوئي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي هئي.
يورپ جي سفيد فام قومن مان پورچوگيز پهرين قوم
هئي، جنهن هندستان جي سمنڊن تي قبضو ڄمائي، لٽ مار
۽ غارتگريءَ جو پيشو اختيار ڪيو هو. اڳ مشرقي دنيا
جون قيمتي شيون، خشڪيءَ رستي شام ۽ مصر جي بندرن
کان وينس ۽ جينيوا جي واپارين جي جهازن معرفت يورپ
جي ملڪن تائين پهچنديون هيون، مگر سنه 1453ع ۾
عثماني ترڪن جي قسطنطنيه تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ،
ڄاڻايل تجارتي رستا بند ٿي ويا. ان ڪري يورپي قومن
سمنڊن جي رستي هندستان پهچڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي.
سنه 1498ع ۾ پورچوگيزن جو هڪڙو اميرالبحر
واسڪوڊيگاما، آفريڪا جي چؤگرد ڦري هندستان جي
اولهندي ڪناري تي ڪاليڪٽ پهتو.(1)
1508ع ۾ آلبڪرڪ ايراني نار تي هرمز ٻيٽ تي قبضو
ڪيو. اڳ ايراني نار ۽ هندي وڏي سمنڊ جو واپار عرب
جهازرانن جي قبضي هيٺ هو، مگر پورچوگيزن جي اچڻ
ڪري سمورا سمنڊ جا رستا موزئمبڪ، عدن ۽ ايراني نار
سميت فرنگي سفاڪن جي هٿ چڙهي ويا. حقيقت ۾ اسلامي
تهذيب ۽ ايشيا وارن جو سياسي زوال به هجري ڏهين
صديءَ ڌاري شروع ٿيو. پورچوگيزن کي روڪڻ لاءِ
گجرات، بيجاپور ۽ مصر جي مملوڪ سلاطين جي گڏيل
ٻيڙي پورچوگيزن سان مقابلو ڪيو، پر اسلامي ٻيڙي
شڪست کاڌي.(1)
هندستان جي اولهندي ڪناري تي گوئا پورچوگيزن جو
تختگاه مقرر ٿيو.(2)
سندن قوت ايتري قدر مضبوط ٿي ويئي، جو ايران جي
شهنشاهه شاهه اسماعيل صفويءَ کي فرنگي جي اقتدار
کي تسليم ڪرڻو پيو. آفريڪا کان وٺي جزائرالشرق،
باب المبذب ۽ ايراني نار تائين جيڪي به تجارتي
بندر هئا، تن تي پورچوگيزن جو قبضو ٿي ويو.
پورچوگيز دغاباز هئا. بهادر شاهه بن محمود اول، جو
932هه ۾ گجرات جي تخت تي ويٺو، تنهن جي سپه سالار،
رومي خان، سازش ڪري همايون کي گجرات تي ڪاهه ڪرڻ
لاءِ دعوت ڏيئي گهرايو. بهادر شاهه پورچوگيز غدارن
کي مدد ڏيڻ لاءِ گهرايو، جن جي هٿان 943هه ۾ اُلٽو
بهادر شاه پاڻ شهيد ٿي ويو ۽ پورچوگيزن گجرات جي
بندر ڊيو تي قبضو ڪيو، جو سنڌ کي ويجهو هو.(2)
لٽ مار، قتل ۽ غارتگريءَ کان سواءِ پورچوگيز ڪجهه
به نه ڄاڻندا هئا. سندن ڪافر ماجرائن جو احوال شيخ
زين الدين ملبار جي تاريخ ’تحفة المجاهدين‘ ۾ ڏنو
آهي. هڪڙو پورچوگيز مؤرخ الفنسوڊي سوزا پنهنجي قوم
جي سفاڪين بابت هن ريت لکي ٿو:
”پورچوگيزن هندستان جي ڪناري تي هڪڙي هٿ ۾ ترار،
ٻئي هٿ تي ظلم کڻي پير رکيو، مشرق جي اَڻ کٽ دولت
کي ڏسي سندن حواس خطا ٿي ويا، انسانن کي ڦرڻ ۽
شهرن کي ساڙڻ ۾ بنهه درندا بنجي ويا، ليڪن دولت
ايتري قدر اڪيچار هئي جو ترار ڦٽي ڪري سون ۽ چاندي
ميڙڻ لڳا، آخر اهڙي ئي حرص ۽ هوس واريون ٻيون
مغربي قومون مٿن غالب پئجي ويون.“
گذريل ڪنهن باب ۾ لکي چڪا آهيون ته ميدن کان پوءِ
ڪلمتي بلوچن جهازرانيءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيو هو. ڪلمتي
ايراني نار کان سواءِ ملبار تائين جهازراني ڪندا
هئا. گوادر ۽ ڪلمت سندن ٻه مکيه بحري مرڪز هئا. ان
کان سواءِ راس العربا وٽ سمنڊ مان سچا موتي به
ڪڍندا هئا. بنگي اسماعيل ناخدا پهريون ڪلمتي
اميرالبحر ٿي گذريو، جنهن جو مقبرو گوادر جي
اولهندي ۾ آهي. ڪتبي تي سال 873هه (1468ع) لکيل
آهي. کانئس پوءِ حمل جيهاند ڪلمتي مشهور اميرلبحر
ٿي گذريو، جنهن گوادر ۽ پسنيءَ جي ٻن معرڪن ۾
پورچوگيزن کي شڪستون ڏيئي نالو ڪڍيو. پورچوگيز
بحري جنگين ۾ گوادر ۽ پسنيءَ جي بندرن کي ساڙي ڇڏڻ
۾ ڪامياب ٿيا، مگر مڪران جا اندروني شهر سندن
غارتگريءَ کان بچي ويا.(1)
مرزا عيسيٰ خان ترخان جي جيئري سندس ٻن پٽن مرزا
محمد باقي ۽ مرزا محمد صالح جو پاڻ ۾ تڪرار جاڳيو.
مرزا باقي پهرين گجرات ڏي ڀڄي ويو، پوءِ بکر جي
حاڪم محمود ڪوڪلتاش وٽ وڃي پناه گزين ٿيو. مرزا
عيسيٰ ترخان جي مرضي هئي ته هو سلطان محمود سان
روبرو ملاقات ڪري ۽ مرزا محمد باقيءَ کي پنهنجو
وليعهد مقرر ڪري، مگر ان کان اڳ سلطان محمود خلاف
مرزا عيسيٰ ڊيو جي پورچوگيز حاڪم کان مدد گهري هئي
۽ ان وچ ۾ هو پاڻ سلطان محمود سان گڏجڻ ۽ معاهدي
ڪرڻ لاءِ بکر ڏانهن هليو ويو. سندس غيرحاضريءَ ۾
پورچوگيزن جو ٻيڙو ’پيڊرو بارليٽورولن‘ جي
اڳواڻيءَ هيٺ، سنه 1555ع ۾ لاهري بندر کان ٺٽي
پهچي ويو ۽ پهچڻ سان پهريائين شهر کي ڦري پوءِ
باهه ڏنائون، جنهن ڪري شهر جي عمارتن سان گڏ
دارالخلافه جي جامع مسجد به سڙي ويئي ۽ اٽڪل اَٺ
هزار شهري بيگناه پورچوگيز سفاڪن هٿان قتل ٿي ويا.
خود پورچوگيزن جو چوڻ آهي ته ٺٽي مان کين ايتري
دولت هٿ لڳي، جو سڄي ايشيا ۾ ٻئي ڪنهن به هنڌان هٿ
نه لڳي هين.
مرزا عيسيٰ ترخان جي موٽڻ کان اڳ هي دريائي ڌاڙيل
شهر کي تباهه ڪري ڀڄي ويا. مرزا عيسيٰ ترخان شهر
کي نئين سر تعمير ڪرايو. هن 18 ورهيه راڄ ڪري سنه
980هه ۾ دنيا فانيءَ مان رحلت ڪئي ۽ ڪوه مڪلي تي
دفن ٿيو.(1)
مرزا محمد باقي:
مرزا محمد باقي پيءُ جي وفات ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي جي
گاديءَ تي ويٺو. ماه بيگم جي مرضي هئي ته محمد
باقيءَ جي بدران ڪو ٻيو ارغون امير حاڪم مقرر ٿئي.
محمد باقي تمام سخت مزاج، بخيل ۽ ظالم هو. هڪڙي
ڀيري ارغون امير وٽس وظيفي گهرڻ لاءِ آيا، تن سڀني
کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، ان کان پوءِ سندن گهر
ڊهرائي، سندن ننڍا ننڍا ٻچا به ڪُهرائي ڇڏيائين.
ٿورا ڪي ارغون جان بچائي گجرات ڏانهن ڀڄي ويا ۽ ڪي
دهليءَ ڏانهن اڪبر بادشاهه ڏانهن ڀڄي ويا. هن
پنهنجي ماٽيلي ماءُ ماه بيگ کي ناهيد بيگم جي
موجودگيءَ ۾ ڪوٺيءَ ۾ پورائي بکون ڏيئي مارائي
ڇڏيو. سندن ظلم کان تنگ ٿي هڪڙي فوجي عملدار شاه
قاسم ارغون هڪ رات سندس خوابگاه تي حملو ڪيو، مگر
اتان هو جان بچائي درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي نڪري ويو.
اونداهيءَ ۾ شاه قاسم سندس زال کي مرد سمجهي قتل
ڪري ڇڏيو. مرزا محمد باقيءَ جو ظلم ويو وڌندو. هن
پنهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا جان بابا ۽ وقت جي عالم سيد
مير عبدالوهاب پوراني ۽ ٻين ڪيترن ماڻهن کي بي
دريغ قتل ڪرائي ڇڏيو. رعايا کان به ڳري ڍل وٺندو
هو. سندس ظلمن جون خبرون اڪبري درٻار ۾ پهچنديون
هيون.
مرزا باقي کي جڏهن معلوم ٿيو ته اڪبري امير، مجاهد
خان، ٺٽي تي ڪاهيندو بکر وٽ پهتو آهي ۽ اتي سلطان
محمود بکريءَ سان مقابلو شروع اٿس، تڏهن پنهنجي
ڌيءُ کي سيد جلال شيرازيءَ سان دهليءَ روانو
ڪيائين ته بادشاهه کيس پنهنجي زال ڪري قبول ڪري.
انهيءَ حيلي سان پاڻ کي بچائڻ گهريائين ٿي، مگر
شهنشاه اڪبر سندس ڌيءَ کي ڏسي چيو ته هيءَ خونيءَ
جي ڌيءُ آهي، تنهن ڪري کيس حرم سراءِ کان ٻاهر
رهايو وڃي. پوءِ ڇوڪريءَ کي ستت سندس پيءُ ڏانهن
موٽايو ويو. مرزا محمد باقيءَ جي ظلمن کان تنگ ٿي
مسلمان مسجدين ۾ ۽ هندو ٽڪاڻن ۾ سندس موت لاءِ
دعائون گهرڻ لڳا. تيرهن سالن جي حڪومت ڪرڻ کان
پوءِ اوچتو هڪڙيءَ رات پيٽ ۾ خنجر هڻي آپگهات ڪري
سنه 993هه ۾ مري ويو. مرڻ کان پوءِ سندس پٽ کي
گاديءَ تي ويهاريو ويو، مگر هن جو دماغ ٺيڪ نه هو،
تنهن ڪري اميرن سيوهڻ مان سندس سؤٽ مرزا جاني بيگ
کي گهرائي اختيارات حوالي ڪيا.
مرزا جاني بيگ:
مرزا جاني بيگ جو نالو تاريخن ۾ مرزا جاني لکيل
آهي، سو نؤجوان علقمند، ملڪي معاملات مان بيحد
واقف هو، ان وچ ۾ مرزا محمود ڪوڪلتاش وفات ڪري
ويو، سندس صوبو اڪبري سلطنت سان شامل ٿي ويو، جنهن
کان پوءِ اڪبر اعظم مرزا جاني بيگ کي خطبي ۾ سندس
نالي پڙهڻ ۽ سڪن تي اڪبري مهر هڻڻ ۽ پنهنجي اطاعت
ڪرڻ لاءِ خط موڪليو، جنهن تي مرزا جاني بيگ
سموريون گهرون قبول ڪري ٿوري وقت لاءِ سنڌ تان جنگ
جي مصيبت ٽاري ڇڏي. مگر اڪبر جو ارادو ئي هيءُ هو
ته سنڌ تي قبضو ڪيو وڃي، تنهن ڪري هن مرزا
عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ روانو
ڪيو.
سنه 998هه (1591ع) ۾ مرزا عبدالرحيم خان خانان بن
مرزا بيرم خان، جنهن جي ماتحت ملتان ۽ بکر هئا ۽
ان وقت شاهي حڪم موجب قنڌار ڏانهن وڃي رهيو هو،
تنهن کي خبر هئي ته ٺٽو دولتمند شهر آهي، تنهن ڪري
ملتان کان پنهنجي مضبوط جنگي ٻيڙي تي هاٿين جو
دستو ۽ توبخانو بلوچي لشڪر سان ساڻ ڪري ٺٽي ڏانهن
روانو ٿيو. لشڪر ۾ شاه بيگ خان ڪابلي، فريدون بيگ
برلاس، محمد خان نيازي ۽ سيد بهاءُ الدين بخاري
همرڪاب هئا. شير افگن استجلو، جو ان وقت ايران کان
قسمت آزمائڻ لاءِ آيو هو، سو به مرزا سان هن مهم ۾
شريڪ ٿيو. خان خانان چانڊڪي پرڳڻي کي لتاڙي سيوهڻ
جي قلعي تي ستن مهينن تائين گهيرو ڪيو.(1)
پوءِ لڪي ٽڪرين جو لنگهه لتاڙي مرزا جانيءَ سان
مقابلي ڪرڻ لاءِ ويو.(2)
مرزا جاني بيگ وٽ ٻه سؤ جهاز تير اندازن سان ڀريل
۽ مضبوط توبخانو به هو. سنڌ جي بعض بلوچن سندن مدد
ڪئي هئي. مرزا جاني بيگ درياءَ جي ٻئي ڪپ تي
نصرپور وٽ خندقون کوٽائي، اڪبري لشڪر سان مقابلو
ڪرڻ لڳو. خان خانان قرا بيگ ترڪمان کي ٿورا غوراب
ڏيئي، سيوهڻ روانو ڪيو، ان لاءِ ته قلعي تي گهيرو
جاري رهندو اچي. سيوهڻ جي آس پاس جيڪي به زميندار
هئا، تن تنگ ٿي اڪبر جي آڻ مڃي.
جيسلمير جو راول ڀيم سنگهه به فوجون وٺي عمرڪوٽ جي
رستي کان خان خانان جي مدد لاءِ آيو. مرزا جاني
بيگ ايئن ڄاتو ته خان خانان خشڪيءَ رستي کان
وڙهندو، مگر سندس خيال غلط نڪتو، ڇاڪاڻ ته خان
خانان راتورات فريدون برلاس، سيدبهاءُ الدين،
سڪندر بيگ ۽ قرا بيگ کي لشڪر غورابن سميت ڏيئي
مرزا جانيءَ سان درياءَ تي مقابلي ڪرڻ لاءِ روانو
ڪيو. روزانه جنگ لڳڻ ڪري طرفين جو سخت نقصان ٿيڻ
لڳو. ٺٽي جي پورچوگيز ايجنٽ مرزا جاني بيگ کي توبن
جي مدد ڏني هئي. جنگ جي طوالت سبب ڏڪر اهڙو منهن
ڪڍيو، جو ’فرشته‘ جي بيان موجب هڪڙي مانيءَ جي
قيمت جان کان وڌيڪ هئي.(1)
گشت زان تنگي جهاني تنگدل، گرسنه نالان و سيران
سنگدل
هرکه او ديدار نان بودي هوس قرص خورده آسمان ديدي
ويس.
اڪبري توبخاني مرزا جاني بيگ جا ست غوراب ٻوڙي
ڇڏيا. مرزا جاني بيگ جو پيءُ مرزا پائنده خان ۽
سندس ڀاءُ مرزا ابوالفتح به جنگ ۾ مارجي ويا.
پورچوگيز ايجنٽ به قيد ٿي ويو.(1)
مُلڪ تباهه ٿي ويو ۽ ڪيترا شهر ناس ٿي ويا. خود
اڪبري لشڪر جا سپاهي به بک وگهي مرڻ لڳا. ان وچ ۾
راءِ سنگ اڪبري فوج لاءِ توبخاني سميت سامان رسد
آندو ۽ عمرڪوٽ جو راجا راول ڀيم سنگهه به تازي
لشڪر سان پهتو. مرزا جاني بيگ سيوهڻ کان چاليهن
ڪوهن تي هالڪنڊيءَ ۾ خندقون کوٽائي مقابلو ڪرڻ
لڳو.
هن دفعي اڪبري لشڪر ۾ ٻيهر بک ۽ بيماريءَ منهن
ڪڍيو، مگر شهنشاه جا ٻه ايلچي، الله بخش ۽ قزاق
بهادر، موقعي تي سامان رسد ۽ خزاني سميت پهتا.
مرزا جاني بيگ بي يار مددگار هو. هن ڄاتو ته شايد
اڪبري لشڪر تنگ ٿي موٽي ويندو، مگر سندس خيال غلط
نڪتو. آخر ٻي واهه نه ڏسي هن مرزا خان خانان جا
شرط منظور ڪيا ۽ پنهنجي ڌيءُ جو سڱ مرزا خان خانان
جي وڏي پٽ ايرج مرزا کي ڏيڻ قبول ڪيائين. مرزا خان
خانان سيوهڻ جو قلعو علي عرب ۽ مقصود آقا جي حوالي
ڪري ڪجهه وقت سن ۾ رهيو، جتي مرزا ايرج جي شاديءَ
جي رسم ادا ڪئي ويئي. سنه 1001هه ۾ خان خانان
پورچوگيزن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ٺٽي کان لاهري بندر
پهتو ۽ ڪجهه وقت سمنڊ جو نظارو ڏسڻ لڳو. سندس
پاران شاه بيگ، غازي خان، جانش بهادر، خواجه خضري
ٺٽي جي انتظام لاءِ مقرر ٿيا. لاهري بندر ۾ جيڪي
پورچوگيزن جا جاسوس رهندا هئا، تن کي شهر مان تڙي
ڪڍڻ کان پوءِ فتح باغ جي انتظام کي درست ڪري، خان
خانان مرزا جاني بيگ کي سندس اهل و عيال سميت
دهليءَ ڏانهن وٺي ويو ۽ ٺٽي تي اڪبر پاران دولت
خان لوڌي حاڪم مقرر ٿيو.
اڪبري درٻار ۾ پهچڻ کان پوءِ خان خانان جي سفارش
سان جاني بيگ ٽن هزارن جي منصب تي سرفراز ٿيو ۽
شهنشاه کي خوش رکڻ جي ارادي سان دين الاهيءَ ۾
شريڪ ٿيو.(1)
اهڙيءَ طرح اَٺ ورهيه سفر ۽ حضر ۾ اڪبر جي خدمت ۾
رهي، برهانپور ۾ وفات ڪيائين. اڪبر جي حڪم سان شاه
خواجه محمد قوربيگيءَ مرزا جاني بيگ جي جنازي کي
ڪوه مڪلي تي دفنايو. مرزا جاني بيگ علم ظاهريءَ جو
ماهر هو. علم موسيقيءَ سان کيس خاص دلچسپي هئي.
پارسي ۾ شعر چوندو هو. سندس تخلص ’حليمي‘ هو.
شهنشاه اڪبر سندس گفتار ۽ شاهي اخلاص ڏسي اهڙو
متاثر ٿيو هو، جو سفر ۽ حضر ۾ مرزا جاني بيگ کي
ساڻ کڻندو هو. مرزا جاني بيگ کي ننڍيءَ عمر کان
شراب پيئڻ جي علت هئي، مگر گفتگو عقل موافق ڪندو
هو. آخر گهڻي شراب پيئڻ ڪري، سنه 1009هه ۾ وفات
ڪيائين. اڪبر سندس پٽ مرزا غازي بيگ کي سنڌ جي
رياست سپرد ڪئي.
مرزا غازي بيگ:
مرزا غازي بيگ 16 ورهين جي عمر ۾ اڪبر جي حڪم سان
ٺٽي جو نائب مقرر ٿيو. سندس ايامڪاريءَ ۾
ابوالقاسم ارغون بغاوت ڪئي، مگر مرزا غازي بيگ ان
کي انڌو ڪرائي جيل ۾ رکيو. سازش کي مٽائي اڃان مس
واندو ٿيو، ته کيس اڪبري درٻار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ سڏ
ٿيو.
سنه 1013هه ۾ آگري وڃي شهنشاه جي سلاميءَ جو شرف
حاصل ڪيائين، مگر ٻئي سال 1014هه (1605ع) ۾ اڪبر
وفات ڪئي. ان کان پوءِ جهانگير، مرزا جي وفاداريءَ
۾ ڪو شڪ نه ڏسي مٿس وڌيڪ نوازشون ڪيون. کيس ٺٽي ۽
سيوهڻ سميت ڪجهه حصو ملتان ۽ قنڌار جو به جاگير ۾
مليو. هو گهڻو وقت قنڌار ۾ رهيو ۽ اتي سنه 1021هه
۾ پنهنجي غلام هٿان زهر وگهي شهيد ٿيو. سندس جنازو
قنڌار مان آڻي مڪلي تي دفن ڪيو ويو.(1)
غازي بيگ جڏهن قنڌار ۾ آيو، تڏهن محمد اوغلان،
تنگر بردي ۽ مراد خان اُتي ظلم مچائي ڏنو هو. غازي
بيگ اچڻ شرط باغين کي شڪست ڏيئي، زمين داور ۽ گرم
سيل تي قبضو ڪري، امن امان بحال رکيو. سنه 1003هه
۾ اچ جي صوبيدار سيد بهاءُ الدين بخاري، سيوهڻ جي
نائب بختيار بيگ، بکر جي نائب ۽ جاگيردار مير
ابوالقاسم ۽ ملتان جي سپه سالار مير معصوم بکري
سيوي جو قلعو فتح ڪيو. گنجابه جي بلوچ سردارن
دائود خان ۽ درياه خان به آڻ مڃي. سنه 1004هه ۾
سڄو بلوچستان اڪبري شهنشاهت سان گڏجي ويو. غازي
بيگ جيتوڻيڪ وڏي ملڪ جو مالڪ هو مگر درويشانه سادي
زندگي گذاريندو هو ۽ الله تعاليٰ تي بيحد ڀروسو ۽
توڪل رهندي هيس. سخي وري اهڙو هو جو شام جو وٽس
خزاني ۾ پائي به ڪانه رهندي هئي. عمدو شاعر هو.
ايران جي صفويه فرمانروائن جهڙوڪ: شاه طهماسپ
صفوي، اسماعيل مرزا ۽ شاه عباس (المتوفي 1028هه)
جي ڏينهن ۾ جيئن ايراني تهذيب ۽ تمدن ترقي ڪئي،
تيئن شاعريءَ ۾ لطافت ۽ نزاڪت پيدا ٿي. صفويه
خاندان وارا فرمانروا علم پرور، سخن سنج ۽ سخن
شناس هئا، ان ڪري هو شعر ۽ سخن جو قدر ڪرڻ لڳا.
ساڳئي وقت هندستان جي تيموري سلاطين فياضين جو
درياءُ وهائي ڇڏيو هو. ٻنهي خاندان جا فرمانروا
شعر اڪرام جي حوصلي مندي ڪرڻ لاءِ رقيبانه طور
مجبور هئا، مگر فياضيءَ جي معرڪي ۾ تيموري گوءِ
کڻي ويا، ڇاڪاڻ ته تيمورين جي فياضي گهڻن ئي
ايراني شاعرن کي هندستان ڏانهن گهلي آندو. اڪبر،
جهانگير، شاهجهان شاعرانه مذاج رکندڙ ۽ نڪته سنج
هئا، جنهن ڪري شاعر فن شعر ۾ ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ
لڳا. تيموري فرمانروائن کان سواءِ سندن امير به
فياض ۽ شعرا جا سرپرست هئا. مرزا عبدالرحيم خان
خانان، مرزا عزيز، حڪيم ابوالفتح گيلاني، خان اعظم
ڪوڪلتاش، فيضي ۽ غازي بيگ جي درٻارين ۾ شعرا رهندا
هئا ۽ سندن شان ۾ قصيدا چوندا هئا ۽ انعام اڪرام
جو مٿن مينهن وسندو هو.(1)
ايران جا چوٽيءَ جا شاعر قدردانيءَ جون ڳالهيون
ٻڌي هندستان ۾ وارد ٿيا: مثلاً عرفي شيرازي، نظيري
نيشاپوري، طالب املي، مرزا صائب اصفهاني، ابو طالب
ڪليم وغيره منجهانئن طالب املي جهانگير جي درٻار ۾
ملڪ الشعرا جي رتبي کي پهتو ۽ ابو طالب ڪليم
شاهجهان جي درٻار ۾ ’ملڪ الشعرا‘ هو. ’نظيريءَ‘ کي
هڪڙي دفعي خان خانان هڪ لک رپيا انعام ڏنا هئا.(2)
خان خانان جو ڪتبخانو احمدآباد ۾ مشهور هو، جنهن ۾
عرفي، نظيري، ظهوري ۽ شڪيبيءَ جا دست خط ۾ لکيل
ديوان رکيل هئا.(3)
ايراني شاعرن جي رستي جو لنگهه قنڌار کان هو، جتي
جهانگير پاران مرزا غازي بيگ حڪومت ڪندو هو. غازي
بيگ پاڻ قابل، دريا دل درويش هو، ان کان سواءِ فن
شاعري ۾ مشهور شعرا جو هم پله هو – وقاري تخلص
هوس، ايراني شاعر سندس آستاني تي منزل ڪندا هئا.
اسد قصه خوان، ملا مرشد بروجردي، مير نعمت الله،
طالب آملي سندس تربيت جي دامن تي تعليم ورتي هئي.
سندس ديوان ’ساقي نامه‘ ۾ پنج هزار اشعار ڏنل آهن.
عبدالنبي فخرالزماني ’تذڪره ميڪده‘ جي صاحب ’ساقي
نامه‘ تان ڪي اشعار نقل ڪيا آهن. بعض هيٺ نموني
طور ڏجن ٿا:
در عهد – تو مارا همه با غير خطاب است،
سر پنجهءِ مزگان و گريبان عتاب است.
گريه ام گر سبب خنده او شد چه عجب،
ابر هر چند که گريد رخ گلشن خندد،
کجاست يک دوسه همدم که همچو موسيقار،
نشسته پهلوي هم برکشيم آوازي.(1)
ٺٽي جا مغليه نواب |
شمار |
نالو |
ڪڏهن مقرر ٿيو |
|
خسرو چرڪس |
1015هه |
|
مرزا رستم بن سلطان حسين |
1023هه |
|
مرزا مصطفيٰ خان |
1025هه |
|
شريف خان |
1028هه |
|
مرزا عيسيٰ خان |
1037هه |
|
ابو البقا امير خان |
1054هه |
|
مير عبدالرزاق معموري |
1049هه |
|
سيد ابراهيم |
1055هه |
|
لعل خان |
1057هه |
|
ظفر خان |
1063هه |
|
قباد خان |
1069هه |
|
لشڪر خان |
1071هه |
|
غضنفر خان |
1075هه |
|
عزت خان |
1078هه |
|
ابو نصرت خان |
1082هه |
|
سعادت خان |
1084هه |
|
خانزاد خان |
1090هه |
|
سرور خان |
1095هه |
|
مريد خان |
1099هه |
|
زبردست خان |
1101هه |
|
حفظ الله خان |
1103هه |
|
سعد خان |
1113هه |
|
مير امين الدين حسين |
1114هه |
|
يوسف خان |
1115هه |
|
احمد يار خان |
1116هه |
|
سعيد خان |
1120هه |
|
مهين خان |
1121هه |
|
شاڪر خان |
1123هه |
|
خواجه محمد خليل خان |
1124هه |
|
عطر خان |
1125هه |
|
مير لطف علي خان |
1125هه |
|
اعظم خان |
1128هه |
|
بائي خان |
1132هه |
|
محمود خان |
1135هه |
|
سيف الله خان |
1137هه |
|
دلبر خان |
1143هه |
|
همت دل خان |
1145هه |
|
صادق علي خان |
1149هه |
سلطان محمود بکري:
سلطان محمود بکري ولد مير فاضل ڪوڪلتاش ولد خواجه
عادل ولد خواجه احمد اصفهاني، جڏهن امير تيمور
اصفهان فتح ڪيو، تڏهن سندس پڙڏاڏو، خواجه احمد،
مرزا شاه بيگ جي ڏاڏي مير حسن ارغون کي هٿ آيو جو
اڃا صغير هو. هن کي مير حسن پٽن وانگي پالي وڏو
ڪيو ۽ سندس انهيءَ خاندان سان واسطو رهيو. سنڌ تي
جڏهن شاه بيگ ڪاهيو، تڏهن سلطان محمود ۽ سندس والد
مير فاضل فوج ۾ شريڪ هئا. ميدان جنگ ۾ محمود جون
ڪارروائيون ڏسي، شاه بيگ مٿس نهايت راضي ٿيو، جنهن
ڪري بکر جو قلعو سندس حوالي ڪيو ويو. ارغون گهراڻي
جي خاتمي کان پوءِ سلطان محمود بکر جو مستقل حاڪم
ٿيو. سنه 965هه ۾ شاه طهماسپ صفوي ايران جي شهنشاه
جهنڊو، نقارو، خلعت ۽ خان جو لقب کيس مڪو ۽ اڪبر
اعظم پاران اُچ تائين جاگيرن جو پروانو وٽس آيو.
ٻئي دفعي هن سنه 979هه ۾ شاه طهماسپ کي سوکڙيون
موڪليون، جنهن جي جواب ۾ شاه طهماسپ وري ٽيون دفعو
سلطان محمود کي ’خان خانان‘ جو خطاب موڪليو ۽ مٿس
بيحد نوازشون ڪيون. انهيءَ زماني ۾ اڪبري اوج
اقبال تي هو. ساري هندستان جا نواب، راجائون سندس
پناه ۾ اچي رهيا هئا. محمود خان ٻڍو ٿي ويو هو، پٽ
به ڪونه هوس، فقط هڪ دختر هيس، جنهن سان سندس
درخواست تي اڪبر بادشاهه شادي ڪئي. شهنشاه جي حڪم
سان سندس نينگريءَ جي وٺڻ لاءِ سنه 980هه ۾ اعتماد
خان بکر پهتو، جنهن سان بادشاه پنهنجي سهري لاءِ
جڙا دار ترار، چار هاٿي ۽ سونهري سنجن سان تازي به
موڪليا هئا. هڪ طرف سلطان محمود جي نياڻيءَ جي
بادشاهه جي غير حاضريءَ ۾ شرعي طريقي تي نڪاح
خواني ٿي ۽ ڪنوار کي بادشاه جي منزل گاه اجمير
ڏانهن روانو ڪيو ويو، ته ٻئي طرف کان اڪبري درٻار
جا امير، مجاهد خان ۽ محب علي خان، بکر تي گهيرو
وجهيو سلطان محمود تي حياتي تنگ ڪري رهيا هئا.
ماه بيگم جنهن سان سندس ڌيءَ ناهيد بيگم ٺٽي ۾
گڏجڻ آئي هئي، تنهن کي مرزا محمد باقيءَ بک جو
عذاب ڏيئي ماري ڇڏيو هو. ناهيد بيگم اهو حادثو
ڏسي، بکر ۾ پهتي ۽ مرزا باقيءَ کان وير وٺڻ لاءِ
سلطان محمود کان مدد گهريائين، جنهن تي محمود چيس
ته: ”جيڪڏهن اڪبر کان منهنجي لاءِ هميشه واسطي
حڪومت جو پروانو آڻي ڏين ته پوءِ مرزا محمد باقيءَ
تي چڙهائي لاءِ تيار آهيان.“ ناهيد بيگم اڪبري
درٻار مان محمود لاءِ پروانو وٺي آئي ۽ ان کان
سواءِ پنهنجي مڙس محب علي خان ۽ مجاهد خان اڪبري
امير سان مختصر فوج وٺي بکر ڏانهن رواني ٿي.
اٻاوڙي ۾ پهچي ناهيد بيگم سلطان محمود کي پنهنجي
آمد جو اطلاع ڏنو.
ان وچ ۾ سلطان محمود جو ارادو بدلجي ويو هو. هن
ناهيد بيگم کي مرزا محمد باقيءَ تي ڪاهه ڪرڻ کان
جواب ڪڍي ڏنو، جنهن تي ناهيد بيگم جي جماعت محمد
باقيءَ کي ڇڏي وڃي ناهيد بيگم جي ٽولي سان گڏي.
محمود بيحد تنگ ٿيو. اڪبر بادشاهه کي پنهنجي حالت
بابت عريضي موڪليائين، جنهن تي بادشاهه گيسو خان
کي بکر جو نواب ڪري موڪليو. مگر سلطان محمود ان جي
پهچڻ کان اڳ ۾ ئي جلندر جي بيماريءَ وگهي 20 صفر
سنه 982هه ۾ وفات ڪري ويو. هو بهادر، سخي مرد ۽
نيڪ خصلت حاڪم هو. قرآن شريف جي گهڻي تلاوت ڪندو
هو. ڪڏهن ڪڏهن موج ۾ ايندو هو ته پنهنجي بهادري
ڏيکارڻ لاءِ پيرن ۾ زنجير ٻڌي بکر جي قلعي تان
بيهي درياءَ ۾ ٽپو ڏيندو هو ۽ پوريءَ سلامتيءَ سان
پيرن ۾ زنجير هوندي به تري ڪناري تي اچي پهچندو
هو.(1)
سلطان محمود کان پوءِ جيڪي حاڪم بکر تي دهليءَ مان
آيا تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
بکر جا مغليه نواب |
شمار |
نالو |
ڪڏهن مقرر ٿيو |
|
گيسو خان |
982هه |
|
ترسو خان |
983هه |
|
سيد محمد امير |
983هه |
|
سيد ابو فضل |
984هه |
|
اعتماد خان خواجه سرا |
985هه |
|
فتح خان |
987هه |
|
صادق خان |
994هه |
|
اسماعيل قلي خان |
996هه |
|
شيرويه سلطان |
997هه |
|
صادق خان |
998هه |
|
مير ابوقاسم نمڪين |
1004هه |
|
مرزا خان |
1005هه |
|
سعد خان |
1009هه |
|
بقرا بيگ |
1014هه |
|
سردار خان |
1015هه |
|
قاضي خان |
1016هه |
|
سيد تاج خان |
1020هه |
|
بايزيد خان |
1025هه |
|
هوشيار خان |
1028هه |
|
مرزا محمد علي بيگ |
1031هه |
|
محمد علي فوجدار |
1038هه |
|
مرزا حسيني |
1039هه |
|
عزت خان |
1041هه |
|
سيد محمد |
1043هه |
|
اسد خان |
1045هه |
|
محمد يوسف خان |
1046هه |
|
محمد خان |
1048هه |
|
شاه قلي خان |
1049هه |
|
سيد جادن |
1050هه |
|
التفات بيگ |
1051هه |
|
محمد زمان خان |
1052هه |
|
خواجه لطف |
1058هه |
|
نواب خواجگي |
1061هه |
|
شيخ احمد |
1062هه |
|
مرزا لعل بيگ |
1065هه |
|
خواجه عبدالواحد |
1066هه |
|
خواجه محمد شريف |
1068هه |
|
باقر خان |
1069هه |
|
عبدالله خان |
1070هه |
|
خنجر خان |
1070هه |
|
شيخ ابراهيم |
1071هه |
|
سيد عزت خان |
1074هه |
|
سيد غلام مصطفيٰ خان |
1078هه |
|
سيد مير يعقوب خان |
1081هه |
|
صادق علي خان |
1085هه |
|
خدايار خان |
1087هه |
|
مير محمد اڪرم |
1090هه |
ٺٽي ۽ بکر تي تيستائين دهلي درٻار مان حاڪم مقرر
ٿيندا رهيا، جيسين مغلن ۾ طاقت هئي. سنه 1131هه
(1719ع) ۾ محمد شاه جي ڏينهن ۾ مغليه طاقت ڪمزور
ٿيڻ لڳي ۽ ڪلهوڙن جو خاندان سنڌ ۾ زور وٺڻ لڳو،
جنهن ڪري دهليءَ مان سنڌ جي نوابن جو اچڻ بند ٿي
ويو ۽ سنڌ تي بلوچن جي مدد سان ڪلهوڙا پنهنجو راڄ
ڄمائي ويٺا.
ترخانن ۽ ارغونن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حالت:
ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ جنت السنڌ جا ٻه
تختگاه ٺٽو ۽ بکر علمي لحاظ ڪري ’ارض – معموره‘
سڏجڻ لڳا. ٻنهي گهراڻن جا ترڪستان ۽ ايران سان
تعلقات هئا، تنهن ڪري گهڻن ئي خانداني بزرگن، اهل
قلم ۽ علمائن سندن فياضي ۽ علم پروريءَ جي ڪري سنڌ
۾ سڪونت اختيار ڪئي. ارغونن مان شاه بيگ، شاه حسن
۽ ترخانن مان جاني بيگ ۽ شاه بيگ، غازي بيگ توڙي
محمود ڪوڪلتاش نڪته سنج ۽ شاعرانه مذاج رکندڙ هئا.
حڪومت جي زبان پارسي هئي، تنهن ڪري ان زبان زور
ورتو. علماءَ، مؤرخ ۽ شعرا سڀ پارسيءَ ۾ طبَع
آزمائي ڪرڻ لڳا. بکر، سيوهڻ، نصرپور، ٺٽو ۽ سکر
علوم ۽ فنون جا مرڪز بنجي ويا. ان زماني جي چند
بزرگن، مشائخن، شعرا ڪرام ۽ اهل فن جا نالا هيٺ
ڏجن ٿا:
سيد صفا الترمذي، جو اصل ترمذ (بخارا) جي سادات
خاندان مان هو، سندس وڏا ترمذ کان اچي قنڌار ۾ رهڻ
لڳا، جتي هن سيد شيرين بابا ابن بابا حسن ابدال
سبزواريءَ جي دختر سان شادي ڪئي، پوءِ بکر ۾ سڪونت
پذير ٿيو ۽ بکر جي شيخ الاسلام شاهه قطب جي وفات
کان پوءِ سلطان محمود مير سيد صفا کي بکر جو شيخ
الاسلام مقرر ڪيو. مير محمد معصوم سندس فرزند هو،
جنهن جو بيان موقعي سر ڏبو.
قاضي قاضن جو خانداني بزرگ قاضي ابوالخير به بکر ۾
رهندو هو.
مير غياث الدين محمد سبزواري، خوند مير مصنف ’حبيب
السير‘ جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏهٽو مرزا
شاه بيگ جي بکر جي درٻار جو نديم هو. انهن ڏينهن ۾
نديم جو عهدو وزارت کان به مٿي هو.
مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين پهريان مرزا شاه
حسن جو نديم هو، پوءِ سلطان محمود پاران شاه
اسماعيل صفوي جي درٻار ۾ سفير ٿي ويو. فاضل ۽ بليغ
شاعر هو. سندس تخلص ’شهود‘ هو. مثنوي پرڪار
(سليمان ۽ بلقيس) جو مصنف هو.
امير شاه قاسم بيگلار بن ابوڪ بيگ بن جوجڪ بيگ،
فريد بيگلار سمرقنديءَ جو ڀائٽيو هو. سندس نسب
اميرالمؤمنين حضرت علي ڪرم الله وجه سان گڏجي ٿو.
مڪ الشعرا سوزني فرمائي ٿو:
”سمرقند يثرب شد و مکه ترمذ
ز مکه بيثرب خراميد رسيد“
امير شاه قاسم جا وڏا مڪي کان ترڪستان ۾ آيا ۽
سندن اولاد ترڪن مان شادي ڪئي. پوءِ بيگلار ارغونن
سان گڏجي ويا. امير شاه قاسم مرزا شاه حسن جي
ڏينهن ۾ سمرقند کان سنڌ ۾ وارد ٿيو، شاه حسن جهيجا
جو پرڳڻو کيس جاگير ڏنو. امير شاه قاسم عمرڪوٽ جي
راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪئي، جنهن جي بطن
مان سنه 947هه ۾ هڪڙو پٽ ابوالقاسم خان ڄائو. امير
شاه قاسم سنه 950هه ۾ همايون سان وڙهندي شهيد ٿيو
۽ ڳوٺ تورڪي وٽ سپرد خاڪ ٿيو.
ابوالقاسم خان زمان ولد شاه قاسم بيگلار پيءُ جي
مرڻ کان پوءِ ڀٽي قوم مان شادي ڪئي. اتفاق سان
جوڻيجن ڀٽي قوم تي ڪاهه ڪئي، جن سان مقابلو ڪندي
خان زمان کي منهن تي ڪي زخم رسيا. مرزا شاه حسن
کيس ڪاڇو پرڳڻو جاگير ڏنو، پوءِ ويو ترقي ڪندو.
مرزا عيسيٰ ترخان جي درٻار ۾ رهيو. وري جڏهن مرزا
محمد باقي ارغون اميرن کي مارائي ڇڏيو، تڏهن خان
زمان مرزا جان بابا وٽ ڪو وقت رهيو. وري جڏهن مرزا
جاني بيگ خان معرفت اڪبري درٻار ۾پهتو، تڏهن خان
زمان به آگري پهتو. ’بيگلار نامه‘ سندس تصنيف آهي،
منجهس ترخان گهراڻي جو بيان سنه 1017هه کان سنه
1036هه (1628ع) تائين ڏنل آهي.
مير ابوالقاسم سلطان بن ابوالقاسم خان زمان،
شجاعت، سخاوت ۽ شعر فهمي ۽ شعر گوئي ۾ لاثاني هو.
’بيگلر‘ سندس تخلص هو. سنه 969هه ۾ ڄائو هو. هن
چنيسر نامه نظم ڪيو.
مير فرخ ارغون مرزا شاه بيگ ۽ مرزا شاه حسن جي
ڏينهن ۾ شجاعت ۽ بزرگيءَ جي ڪري مشهور ٿي گذريو.
مير محمد يونس ارغون پهريان همايون جي خدمت ۾
رهيو، پوءِ مرزا شاه حسن پاران عملدار مقرر ٿيو.
شاه حسن جي وفات کان پوءِ، سلطان محمود بکريءَ جي
ملازمت ۾ رهيو.
شاه حسين تڪدري، تڪدري امرائن مان هو ۽ شاه حسن
ارغون پاران عملدار هو. جدت طبَع، ذهن ۽ اخلاق ۾
بي نظير هو. وڏو عالم ٿي گذريو. فن تاريخ ۾ محقق
هو. ’تاريخ روضة السلاطين‘ سندس تصنيف آهي.
ملا اسحاق بکري پهريائين سلطان محمود جي امرائن ۾
داخل ٿيو، پوءِ مرزا غازي بيگ جو معلم مقرر ٿيو.
مولانا يار محمد (ياري) فن انشا ۽ ظرافت جي ڪري
مشهور هو. سلطان محمود پاران همايون ڏانهن سفير ٿي
ويو.
مولانا عالم بکري ظاهري ۽ باطني علمن وارو بزرگ
هو. سندس فرزند درويش يحيٰ ريل پرڳڻي ۾ وڃي رهيو.
شاه قطب الدين بن محمد شاه طيب خراسان جو بزرگ هو.
شيبانين جي ڪاهه ڪري خراسان ڇڏي، بکر ۾ اچي رهيو،
جتي هر جمعي ڏينهن مخلوق خدا کي تقرير ڪندو هو.
مرزا شاه حسن جي ڏينهن ۾ بکر جو شيخ الاسلام مقرر
ٿيو.
شاه جهانگير هاشمي، جو شاه طيب جي اولاد مان هو،
بکر ۾ بليغ شاعر ٿي گذريو. هن ’تحفة الاحرار‘ جي
جواب ۾ ’مظهرالاثار‘ تصنيف ڪيو. حج ڏانهن ويندي
ڪيچ مڪران وٽ بلوچن هٿان شهيد ٿي ويو.
سيد ناصرالدين بن سيد نظام الدين بکر ۾ هر وقت
سرود ۽ سماع جي محفل ۾ رهندو هو. سندس پٽ رڪن
الدين حال ۽ قال وارو بزرگ ٿي گذريو.
مير عبدالله سلطان، (تخلص ’عريضي‘) ولد مير
ابوالمڪارم مرزا غازي بيگ سان گڏ جهانگير جي درٻار
۾ پهتو.
شيخ مخدوم اجل محمود جي اولاد مان قاضي شرف الدين
مخدوم بلال کان علم حديث تحصيل ڪيو هو. مرزا شاه
حسن هن کي سيوهڻ مٿان قاضي مقرر ڪيو هو. قاضي ڏنو
سيوهاڻي مخدوم بلال جو شاگرد مرزا شاه حسن جو
استاد هو.
علامه قاضي محمود ٺٽوي عباسي خليفن مان هو ۽ مرزا
عيسيٰ ۽ مرزا محمد باقيءَ جو معاصر هو. ’تذڪره
اولياءَ‘ سندس شاهڪار آهي. ان کان سواءِ قاضي وجية
الدين ’يگانه‘ قاضي عتيق الله ۽ قاضي شيخ محمد
ارغونن ۽ ترخانن جي صاحبيءَ ۾ اهل قلم ٿي گذريا.
قاضي جلال الدين بکر جو واپاري هو. آگري پهچڻ کان
پوءِ درس ڏيڻ لڳو. سندس حق پرستيءَ جو آواز درٻار
اڪبريءَ تائين پهتو. آگري جي قاضي يعقو جي
معزوليءَ کان پوءِ اتي جو قاضي مقرر ٿيو. پوءِ دکن
ڏانهن هليو ويو، اتان حج جي ارادي سان حجاز پهتو ۽
اُتي وفات ڪيائين.
شيخ صدرالدين جا ٺٽي ۾ هزارين شاگرد هئا. پهريائين
مهدي جونپوري جي مخالفت ڪرڻ لڳو، پوءِ سندس مريدن
۾ شامل ٿيو.
مخدوم رڪن الدين بلال جي خليفن مان هو. زهد ۽
تقويٰ ڪري مشهور هو. شرح اربعين ۽ شرح گيلاني ۽
ٻيا رسالا حديث ۽ سلوڪ متعلق تصنيف ڪيائين. سندس
تربت مڪليءَ تي آهي.
مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب مختلف علوم متعلق
مرزا شاه حسن جو استاد هو.
مخدوم علي قاري مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾
علم ۽ فضل جو صاحب ٿي گذريو.
سيد حسن ۽ سندس پٽ محمد طاهر خوش نويسيءَ جي فن ۾
’هفت قلم‘ جي لقب سان مشهور ٿي گذريا.
سيد رحمت الله ولد سيد ابوالقاسم بيگلار خط
نستعليق ۽ خط نسخ ٻنهي جو ماهر ٿي گذريو.
شاعر محمد مقيم جنهن مومل مينڌري جي قصي کي
پارسيءَ ۾ نظم ڪري مٿس ’ترنم عشق‘ نالو رکيو، سو
مرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبري درٻار ۾ پهتو.
ملا عبدالرشيد لاهري بندر جو رهاڪو هو ۽ مرزا غازي
بيگ جو درٻاري شاعر هو. ’خاني‘ تخلص هوس.
ملا صوفي محمد شاعر ۽ مشهور قاري ٿي گذريو. مرزا
غازي بيگ سان شعر و شاعريءَ ۾ حصو وٺندو هو.
سيد قاضي شڪر الله شيرازي، شامبنه، سيد ڪمال ۽ شاه
عبدالله حسني، مرزا شاه بيگ جي ڏينهن ۾ وڏي رتبي
وارا ٿي گذريا. ٺٽي ۾ شڪر الٰهي محلو اڄ تائين
موجود آهي. سيد شڪرالله جو بيان موقعي سر ڏبو.(1)
مير طاهر محمد نسياني بن سيد حسن قنڌاري شاعر ۽
مؤرخ ٿي گذريو. هن ’تاريخ طاهري‘ ٺٽي ۾ تصنيف ڪئي،
جنهن جو سال تصنيف 1030هه (1621ع) آهي. منجهس مرزا
غازي بيگ جي زماني تائين بيان ڏنل آهي. هن عمر ۽
مارئي جي قصي کي پارسيءَ ۾ نظم ڪري مٿس ’ناز و
نياز‘ نالو رکيو.
سيد جمال بن مير جلال الدين حسيني ’ترخان نامه‘
تصنيف ڪيو. جنهن جو سال تصنيف 5-1654ع آهي. مؤرخ
’تاريخ السند و الهند‘ ۽ ’تاريخ طاهري‘ تان روشني
ورتي آهي.
شجاع ٺٽوي جو اصل وطن شيراز هو. خط نسخ ۽ ثلث ۾
کيس ڪمال حاصل هو. سنه 999هه ۾ ٺٽي ۾ خان خانان جي
حاضريءَ ۾ پيش ٿيو. خان خانان احمد آباد ۾ وڏو
ڪتبخانو (دارالحڪمت) کوليو هو، جنهن جي انتظام
لاءِ اهل فن مقرر ٿيل هئا: مثلا، ملا محمد امين
جدول ساز، ملا عبدالرحيم عنبرين قلم، ملا مومن
محمد، محمد حسين ڪامي، غني همداني، وغيره. شجاع
ٺٽوي ترقي ڪري ڪتبخاني مٿان اعليٰ عملدار مقرر
ٿيو.
شيخ محمد مڪائي نيرن ڪوٽي وڏو اولياءُ ٿي گذريو.
ميان غلام شاه ڪلهوڙي سندس مقبري جي چوگرد قلعو
ڏياريو.
سکر جي ميرڪي سيدن جو مورث اعليٰ، مير عبدالباقي
پورانيءَ جو والد ميرڪ بايزيد، مرزا شاه بيگ ارغون
سان گڏ قنڌار مان سنڌ ۾ آيو ۽ بکر ۽ سکر مٿان شيخ
الاسلام ٿي رهيو. هو سنت جماعت جو بزرگ هو، مگر هن
وقت سکر جا ميرڪي سيد شيعو مذهب اختيار ڪري چڪا
آهن. مير عبدالباقيءَ جو مقبرو سيد محمد مڪيءَ جي
تربت جي لڳو لڳ آهي. مقبري جي عبارت شيخ قاضي شاه
محمد لکي، جنهن تي وفات جو سنه 2 شهر رمضان 1019هه
لکيل آهي. سيد ميرڪ بايزيد جي اولاد دارالحڪومت
ٺٽي تائين ناموري حاصل ڪئي. سيد مير عبدالوهاب
پوراني مرزا محمد باقيءَ هٿان شهيد ٿيو هو.
شاه خيرالله المعروف شاه خيرالدين ولد سيد احمد
بغدادي سنه 911هه ۾ بغداد ۾ پيدا ٿيو. سندس نسب
پنجن واسطن سان سيدنا شيخ عبدالقادر جيلانيءَ رحه
سان ملي ٿو. اوائل عمر ۾ بغداد مان مڪي آيو، برابر
14 ورهيه حرمين ۾ رهي علم پڙهندي فراغت حاصل
ڪيائين. پوءِ سياحت جي ارادي سان سنڌ ڏانهن نڪري
آيو ۽ مخدوم نوح رحه جي صحبت ۾ رهيو، جتان گهڻو
فيض ۽ رشد حاصل ڪيائين. پوءِ سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي
عبادت الاهيءَ ۾ مشغول ٿيو، جتي ڪيترائي اچي سندس
مريد ٿيا.
مير محمد زڪريا، مير محمد معصوم جو پوٽو سندس
معتقد مريدن مان هو. ’دليل الذاڪرين‘ ۾ لکي ٿو ته
هڪ دفعي پنهنجي فرزند کي ذڪر جي اهڙي تلقين
ڪيائين، جو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ ساهه سپرين جي
حوالي ٿي ويس، جنهن تي شاه خيرالدين هميشه افسوس
سان ظاهر ڪندو هو ته اصل تلقين وٺڻ جي طاقت ڪوبه
طالب ڪانه ٿو رکي. شاه خيرالدين جي خليفن ۾ سيد
نصيرالدين متعلوي جو به نالو اچي ٿو، جنهن شاه
صاحب جي وفات کان پوءِ مخدوم نوح جي خليفي درويش
يحيٰ رانٽيه جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو هو.
پير روضي ڌڻي سيد محمد راشد رحه جي ملفوظات ۾ هڪ
نقل آهي ته، شاه خيرالدين جي مريدن مان هڪ درويش
مهراڻ جي ڪناري تي هڪڙي جهوپڙي ٺاهي مراقبي ۾ اهڙو
محو ٿي ويو، جو درياءَ اُتان ٻيٽ ڪري ڇڏي ويو ۽
سندس جهوپڙي، واريءَ هيٺ اچي ويئي، پر هن کي سڌ به
نه رهي. هڪ دفعي شاه صاحب انهيءَ گوشه نشين مريد
کي سنڀاليو، جنهن تي کين ٻڌايو ويو ته سکر جي
ٻاهران فقير هڪ ڪوٺڙي ٺاهي عبادت ۾ وڃي مشغول ٿيو
هو، پوءِ جو پتو ڪونه آهي. شاه صاحب گهوڙي تي چڙهي
اُتي آيو ۽ جهوپڙيءَ تان واري پري ڪري ڏٺائين ته
فقير سمهيو پيو آهي. اُتي شاه صاحب سنڌي ٻولي ۾
هيٺين تڪ فرمائي:
”نه تون ڪعبو نه تون قبلو، جو رهين منجهه سجود!“
فقير جاڳي جواب ڏنو ته: ”بيخود آءٌ، ته ڪوه ڪندو
قبلو:
جن سڃاتو سلطان، پرين اُهي پاڻ، ڪرن سجدو ڪنهن
کي!“
شاه خيرالدين، آخري عمر ۾، رهڻ واريءَ ٽڪريءَ تان
لهي اچي سکر ۾ انهي هنڌ رهيو، جتي سندس مقبرو آهي.
اُتي ترخان خاندان جي مغلن جا گهر هئا، جي هنن شاه
صاحب کي نذراني طور ڏيئي ڇڏيا. سکر ۾ فقير سڌو ۽
فقير جمال الدين سندن خدمت ۾ رهندا هئا. شاه صاحب
سکر ۾ ئي 27 رمضان سنه 1027هه ۾ لا ولد هن فاني
دنيا مان آخرت جو سفر اختيار ڪيو. سندس تاريخ وفات
هيٺين قطعي جي پوئين مصرع مان ملي ٿي:
”شاه خيرالدين مة برج شرف مقابل درگاه ايزد سرمدي
سال تاريخ وصالش عقل گفت مرشد ڪامل طريق احمد“
1027هه
37. مخدوم نوح ولد مخدوم نعمت الله صديقي، اسلام
جي ڏهين صديءَ ۾ تمام وڏو بزرگ ٿي گذريو. هن ظاهري
طرح فقط 25 سيپاره قرآن جا مخدوم عربي هالائي وٽ
ياد پڙهيا هئا، مگر پوءِ سندس سينو دنيا جي سمورن
علمن سان ڀرپور ٿي ويو. مخدوم صاحب کي قرآن شريف
جي حقيقتن ۽ اسرارن تي وڏو درڪ هو ۽ قرآن شريف جو
درس به ڏيندو هو. بهاءُ الدين دلقپوش، جو سندس خاص
دوستن ۽ مريدن مان هو، ان جو دستخط قران پاڪ جو
پارسي زبان ۾ ترجمو هن وقت هالن ۾ موجود آهي، جو
ترجمو حضرت مخدوم نوح جو چيو وڃي ٿو. هي بزرگ
ايتريءَ حد تائين پرهيزگار هو، جو سموري زندگيءَ ۾
ڪنهن ڌاريءَ عورت تي نظر ڪانه پيئي هيس.
هڪ دفعي واٽ ويندي ڪنهن عورت رستو پڇيس ۽ بي
خبريءَ ۾ ان مائيءَ تي مخدوم صاحب جي نظر وڃي
پيئي، ته سندس بصارت کي سخت نقصان رسيو، جو آخر
عمر تائين رهندو آيو. مخدوم صاحب سنت جو سخت پابند
هو. هر هڪ ڳالهه ۾ سنت جو لحاظ رکندو هو. پنهنجن
معتقدن کي ’يار‘ يا ’سنگتي‘ سڏيندو هو. مخدوم صاحب
مرزا محمد باقي ترخان کان وٺي ويندي اڪبر اعظم جي
سنڌ تي قبضي ٿيڻ تائين حيات هو. عبدالرحيم خان
خانان فاتح سنڌ، ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ وقت دعا گهرڻ
لاءِ هالن ۾ اچي حاضر ٿيو هو. مغليه گورنرن مان
سيد بايزيد، ٺٽي جو حاڪم، مخدوم جو بيحد معتقد هو.
مخدوم صاحب جي نظر فيض اثر سان هزارين مرده دليون
زنده ٿيون. هو اويسي طريقي جو پير هو، جنهن ڪري
ظاهري ڪنهن به بزرگ جي صحبت ۾ رهي ڪسب ڪماليت نه
ڪيو هئائين، پر الله تعاليٰ جو وهب هو، جنهن ڪري
ولايت جي انتهائي درجي تي وڃي پهتو. مخدوم صاحب
صبح جي وقت 27 ذوالقعد سنه 982هه ۾ 72 ورهين جي
ڄمار ۾ هن دنيا مان رحلت فرمائي.
38. متعلوي ساداتن جي خاندان مان سيد عبدالڪريم
المعروف شاه ڪريم سنه 944هه ۾ تولد ٿيو. شروع
جوانيءَ ۾ زهد ۽ تقويٰ ۾ نالو ڪڍيائين. مخدوم نوح
هالائيءَ جي صحبت ۾ گهڻو فيض حاصل ڪيائين. شاه
صاحب جي عادت هوندي هئي ته رات جو اسر ويلي اُٿي
مسجد ۾ بانگ چوندو هو. صبح جي نماز جماعت سان ادا
ڪري وري اشراق جي نفلن پڙهڻ تائين ورد وظيفي ۾
مشغول رهندو هو. پنهنجي سر کيتي ڪندو هو ۽ هر
ڪاهيندو هو ۽ ان مان فقيرن کي کاڌو کارائيندو هو ۽
انهن جي خدمت ڪندو هو. ڪڏهن وٽس صفا اڻ هوند ٿيندي
هئي ته مسافرن کي گداگري ڪري به آڻي ڏيندو هو.
ڪنهن ڪنهن رات سومهڻيءَ جي نماز جماعت سان پڙهي،
بلڙي مان نڪري ويندو هو ۽ ٺٽي تائين رستي تي جيڪي
به مسجدون اينديون هيون، تن جو پاڻي ڀري پوءِ پير
پٺي تان ٿيندو، مڪليءَ جي ٽڪريءَ واري قبرستان مان
عبرت وٺي، ٺٽي جي مسجدن جو پاڻي ڀري، صبح صادق جي
وقت بلڙيءَ ۾ پهچي صبح جي بانگ ڏيندو هو ۽ ماڻهو
سمجهندا هئا ته شاه صاحب شايد هاڻي ننڊ مان اٿي
اَذان ڏني آهي. ان ريت ورهين جا ورهيه گذاري
ڇڏيائين. ميان عبدالواسع ٺٽوي سندس ڪرامات ۽
ملفوظات هڪ رسالي ’بيان العارفين‘ ۾ جمع ڪيون آهن.
شاه صاحب بزرگانه ۽ عارفانه زندگي گذاري سنه
1030هه ۾ 12 فرزند ڇڏي وفات ڪري ويو ۽ بلڙيءَ ۾
دفن ٿيو، جتي سندس اولاد جي زمينداري ۽ خانقاه
آهي.
سنڌي ٻولي:
پارسي، حڪومت جي ٻولي هئي، عام ماڻهن جي ٻولي سنڌي
هئي. گذريل بابن ۾ اوهين پڙهي چڪا آهيو ته نثر ۽
نظم پهريائين عربيءَ ۽ سنڌيءَ ۾، پوءِ پارسيءَ ۾
(خصوصاً ارغونن ۽ ترخانن جي عهد حڪومت ۾) لکڻ ۾
ايندو هو، ڇاڪاڻ ته رعيت هميشه پنهنجي حاڪمن جون
ئي رسمون ريتون اختيار ڪندي آهي. سنڌي شعر ڪڏهن
شروع ٿيو، تنهن جي پوري خبر محققن کي اڃا پئجي
ڪانه سگهي آهي، ڇو ته زماني جي خورد برد ڪري اڳين
جا دفتر اسان جي هٿن ۾ اچي نه سگهيا آهن ۽ نڪي وري
عفلت وچان پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ڪارنامن جي
سارسنڀال لڌي اٿئون.
بهرحال جيڪي هٿ لڳي سگهيو آهي، ان مان ڏسجي ٿو ته،
سنڌي شعر جا پرياڻ عيسوي 14 صديءَ يا هجري 8 صدي ۾
پڌرا ٿين ٿا، ان کان پوءِ جڏهن ترخان خاندان تي
دهليءَ جي مغل شهنشاه اڪبر اعظم ڪاهون ڪرايون، ته
ان زماني ۾ رائدان جي شهر ۾ درويش راڄو (راجه) هڪ
خدا رسيدو مست ٿي گذريو آهي، جو هميشه مٿين پيرين
اگهاڙو گهمندو هو ۽ ڪٿي به ٽِڪاءُ نه ايندو هوس ۽
جيئن زبان وهندي هيس تيئن ٿيندو هو. چون ٿا ته،
جڏهن ڪو معاملو پيش ايندو هوس تڏهن انهيءَ هنڌ
بيهي مٺي آواز سان سنڌي بيت پڙهندو هو ۽ جيڪي
چوندو هو سو ٿيندو هو. سنه 977هه (1569ع) ۾ وفات
ڪيائين.
انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ سرڪاري دفترن ۾ پارسي ڪم
ايندي هئي ۽ عربي، مدرسن ۾، پر عام ٻولي سنڌي هئي.
جو ڪجهه سنڌيءَ ۾ ٿورو گهڻو لکيو ويندوهو، سو عربي
صورتخطيءَ ۾ زيرن زبرن سان لکيو ويندوهو. ان کان
سواءِ جيئن دستور آهي ته جڏهن ڪابه زبان علمي
بڻجي، زنده رهڻ لاءِ قدم کڻندي آهي تڏهن اها
پهريائين نظم ۾ قلمبند ٿيندي آهي، تيئن سنڌي
ٻوليءَ جي حالت ۾ سنڌي شعر جي شروعات عيسوي 14 صدي
جي آخر ۽ 15 صدي جي اوائل ۾ ٿي آهي. ان کان اڳ جو
سنڌي شعر نهايت ٿورو هٿ اچي سگهيو آهي.
اڪبر جي ڪاهُن وقت سنڌي زبان جي علمي زندگيءَ جي
ابتدا جا نشان نظر اچن ٿا. مثلا، مخدوم نوح رحه
(متوفي 998هه) جو تمام ٿورو سنڌي ڪلام ملي ٿو،
انهيءَ ساڳئي زماني ۾ مخدوم محمد جعفر بوبڪائي
عربي زبان ۾ هڪ رسالو لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي
جي انهن جملن ۽ لفظن تي بحث ڪيل آهي، جن سان طلاق
پئجي سگهي ٿو. رسالي جو نالو ’حل العقود في طلاق
السنود‘ آهي. انهيءَ رسالي مان هي به اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته، اسلام جي ڏهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ ۾
سنڌي ڪيئن ڳالهائي ويندي هئي. ان کان پوءِ سيد
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي سنڌي ڪلام شهرت حاصل
ڪئي. (وفات 1030هه: 1620ع). هي شايد پهريون ئي زرگ
آهي، جنهن جو سنڌي ڪلام قلمبند ٿيو هجي، جيئن شاه
صاحب جي سوانح عمري ’بيان العارفين‘ پارسي زبان ۾
لکيل آهي، تنهن ۾ سندن صوفيانه شعر پارسي ترجمي
سان درج ٿيو آهي. ’بيان العارفين‘ ميان محمد رضا
عرف مير دريائي ٺٽويءَ سنه 1038هه ۾ شاه ڪريم جي
وفات کان ڇهه ورهيه پوءِ تصنيف ڪيو هو.
سنڌ جو واپار:
مرزا شاه حسن ملتان فتح ڪيو هو ۽ سيوي، شال،
مستونگ ويندي گرم سيل تائين علائقا ارغونن جي قبضي
هيٺ هئا. قنڌار مرزا غازي بيگ جي جاگير هو، تنهن
ڪري هرات، خراسان ۽ سمرقند جا رستا سنڌ سان واپار
لاءِ کليل هئا. سمنڊ رستي واپار لاهري بندر ۽ ٺٽي
سان چالو هو، مگر سمنڊن تي پورچوگيزن جي حڪومت
هئي. هرمز ٻيٽ ۽ گجرات جا ٻه بندر ڊمن ۽ ديو سندن
قبضي هيٺ هئا. سندن تجارتي ايجنٽ ٺٽي ۾ رهندو هو.
پورچوگيز سمنڊن تي جهازن کي ڦري ماڻهن کي قيد ڪندا
هئا، ان سبب ڪري هندستان جا سمورا حاجي مڪي ڏانهن
خشڪيءَ رستي ٺٽي ۽ مڪران جي ڪناري واري رستي کان
ويندا هئا. خراسان، قنڌار ۽ ماوراءِ النهر ڏانهن
ويندڙ رستن کان سواءِ عراق جو رستو به کليل هو.
مرزا جاني بيگ جي لشڪر ۾ عرب ۽ ڪرد سپاهي به موجود
هئا، جن نيرن ڪوٽ جي قلعي مان مغليه لشڪر سان
مقابلو ڪيو هو.(1)
ايران جا صفويه تاجدار ڪٽر شيعا هئا ۽ سنين کي
گهڻيون تڪليفون پهچائڻ لڳا، اهوئي سبب هو جو سنه
941هه (1534ع) کان وٺي سنه 961هه (1554ع) تائين
ساندهه ترڪيءَ جي سلطان سليمان اعظم ايران تي
ڪاهون ڪري آرمينا، موصل، بغداد ۽ عراق، ايران کان
کٽيا هئا. عدن به سلطان جي قبضي هيٺ اچي ويو.(2)
هندستان جي سمنڊن جي بچاءُ لاءِ سلطان سليمان اعظم
مصر کان جهازن جو دستو گجرات جي ٻيڙي جي مدد لاءِ
مڪو هو. اسلامي متحد ٻيڙي گوئا تي ڪاميابيءَ سان
مقابلو ڪري گهيرو ڪيو هو. مگر عين موقعي تي هڪڙو
پورچوگيز اميرالبحر ’جان ڊي ڪاسٽرو‘ جهازن جي دستي
سان، جن تي پنج هزار ملاح توبخاني سان هئا، اسلامي
ٻيڙي تي ڪاهي گجرات جي اميرالبحر خواجه ظفر کي
شڪست ڏني.(1)
سنه 1553ع ۾ سلطان سليمان پنهنجي اميرالبحر سيد
عليءَ کي جهازن جي دستي سان بصري کان روانو ڪيو.
سيد علي مرزا شاه حسن ارغون جي رضاعي ڀاءُ مير
سمندر معرفت مرزا شاه حسن سان معاهدي لاءِ ڳالهيون
چوريون هيون.(2)
مگر ترڪ اميرالبحر پورچوگيزن کان شڪست کاڌي. سيد
علي گجرات، سنڌ، پنجاب ۽ ڪابل کان ٿيندو استنبول
پهتو.(3)
مرزا جاني بيگ، عبدالرحيم خان خانان سان جنگ ڪرڻ
وقت پورچوگيزن کان مدد ورتي هئي ۽ ان جي عيوض کين
لاهري بندر ۽ ٺٽي ۾ واپار ڪرڻ لاءِ تجارتي ڪوٺين
وجهڻ جي اجازت ڏني هئائين.
ٻئي پاسي سلطان بهادر شاه گجراتيءَ پورچوگيز مڪارن
خلاف پنهنجي سفير محدث آصف خان کي سلطان سليمان
ڏانهن ادرنه (ائڊريانوپل) روانو ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته
پورچوگيز شهرن کي ساڙي ماڻهن کي زوريءَ عيسائي
بنائيندا هئا، جيڪڏهن ڪو بدنصيب ايماندار انڪار
ڪندو هو، ته ان کي قيد ڪري ڌارين ملڪن ۾ بطور غلام
جي وڃي وڪڻندا هئا. مرزا جاني بيگ کي شڪست ڏيڻ کان
پوءِ خان خانان بذات خود ٺٽي ۽ لاهري بندر وڃي
پورچوگيزن کي اتان تڙي ڪڍيو هو. ٺٽو ايتري قدر
دولتمند هو، جو خان خانان جي به اها مرضي هئي ته
شهر تي قبضو ڪري دولت هٿ ڪري ۽ اهڙي منصوبي ۾ سندس
اهلڪار به ساڻس هم خيال هئا.(1)
سڪا:
مرزا عيسيٰ ترخان جي ڏينهن ۾ پورچوگيز ڊالر (تنگي)
۽ گجرات جو سڪو لاڙي سنڌ ۾ رائج هو. مرزا عيسيٰ
سنڌ جو پهريون حاڪم هو، جنهن پنهنجو سڪو ’عيسائي‘
نالي جاري ڪيو هو. مرزا جاني بيگ اُن جي قيمت
گهٽائي مٿس پنهنجي نالي پويان ’ميري‘ نالو رکيو
هو.(2)
وري جڏهن اڪبر اعظم جو سڄيءَ سنڌ تي قبضو ٿي ويو،
تڏهن مغليه سڪو سنڌ ۾ رائج ٿيو. ارغونن ۽ ترخانن
جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آسودگيءَ جو دور هو. همايون مرزا
شاه حسن جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو هو، انهن ڏينهن ۾
سنڌ جي ٿر علائقي ۾ في رپئي چار ٻڪريون ملنديون
هيون. مخدوم محمد جعفر بوبڪائيءَ جو بيان آهي ته،
شاه بيگ ارغون کي باغبان جي باغن جي ائٽن تان هڪ
هزار اُٺ حملي ڪرڻ وقت هٿ لڳا هئا. همايون نامي ۾
روهڙي، بکر ۽ فتح باغ جي باغن جي تعريف لکيل آهي.
دارالخلافه ٺٽو نهايت دولتمند شهر هو، مگر مرزا
عبدالرحيم خان خانان جي ڪاهه ڪرڻ وقت جنگ جي
اينگهه ڪري سنڌ ۾ ڏڪر پيو. محمد تغلق جي ڏينهن کان
پوءِ سنڌ ۾ هي ٻيو ڏڪر هو، جنهن ۾ مانيءَ جي قيمت
جان کان وڌي ويئي هئي.
عدالتي ۽ فوجي کاتا:
ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾ سنڌ جو عدالتي کاتو
شرع مطابق هلندو هو. بکر ۽ ٺٽي جهڙن تختگاه شهرن ۾
شيخ الاسلام رهندا هئا. مٿيون عهدو ڪامل عارفن کي
ملندو هو، جيڪي سنت و جماعت جا سختيءَ سان پابند
هئا. ٻين وڏن شهرن جهڙوڪ سکر، سيوهڻ، نصرپور
وغيره، تن تي قاضي مقرر هئا، جي فقه ۽ حديث جا
ماهر هئا. مٿيان عهدا علميت تي منحصر هئا ۽ سنڌين
توڙي غير سنڌين لاءِ هڪ جهڙو کليل هئا. سماع ۽
سرود جون محفلون بکر کان وٺي لاڙ تائين برپا هيون.
سنڌ جا درويش وقت جا ڪامل ولي هئا، جن جي دهليز
اڳيان وقت جا حڪمران جهڪندا هئا.
مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاه ڪرڻ وقت
چانڊڪي پرڳڻي مان لنگهندي، ميان آدم شاه ڪلهوڙي ۽
بعد ۾ حضرت مخدوم نوح رحه کان دعا پنڻ ويو هو. سنڌ
۾ حنفيت جو زور رهيو، مگر خراسان ۽ فارس کان گهڻا
اهڙا علماءَ سنڌ ۾ وارد ٿيا هئا، جيڪي شيعا هئا.
مرزا عبدالرحيم خان خانان به شيعو هو. سنڌ ۾ علميت
جو زور هو. ٺٽي ۽ بکر ۾ بعض علماءَ فن ڪتابت ۽ نسخ
۽ نستعلق جا ماهر هئا، جيڪي خوش خطيءَ جي ڪري ’هفت
قلم‘ ۽ ’عنبرين قلم‘ جي لقبن سان سڏبا هئا.
منجهانئن گهڻن کي مرزا عبدالرحيم خان خانان پاڻ
سان وٺي ويو هو. هندن جا مندر ۽ ٽڪاڻا محفوظ هئا.
کين پنهنجي طريقي سان عبادت، پاٺ ۽ پوڄا ڪرڻ جي
اجازت ۽ آزادي مليل هئي. سندن فيصلا پئنچات ڪندي
هئي.
ارغونن ۽ ترخانن جي فوجي حالت مضبوط هئي. شاه بيگ،
مرزا شاه حسن، مرزا عيسيٰ ۽ سلطان محمود ڪوڪلتاش
بهادر سپاهي هئا. مرزا شاه حسن ڏراور ۽ ملتان جا
قلعا فتح ڪري، ملتان جي لانگاه سلاطين جو خاتمو
ڪيو هو. ارغونن ۽ ترخانن وٽ فوجي نقل و حرڪت لاءِ
سنڌو نديءَ تي ٻيڙو به رهندو هو. فوجي اميرن کي
جاگيرن کان سواءِ وظيفا به ملندا هئا. مرزا جاني
بيگ، مرزا خان خانان سان جنگ جوٽي، اڪبري فوجن جي
نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو. جيسلمير ۽ مارواڙ جي راجائن
سنڌ فتح ڪرڻ وقت اڪبري لشڪر کي سامان رسد ۽ سپاهين
سان مدد ڪئي هئي. مرزا جاني بيگ اڪبري توبخاني سان
مقابلي ڪرڻ لاءِ پورچوگيزن کان مدد ورتي هئي، ليڪن
پورچوگيز مڪار ۽ دغاباز هئا، هنن مرزا جاني بيگ کي
پوري مدد ڪانه ڏني هئي. جنگ جي ڪري سنڌ جا ڳوٺ ۽
شهر ويران ٿيڻ لڳا. ريل ۽ هالڪنڊي جهڙن پرڳڻن جون
آباد زمينون، غير آباد ٿي ويون. سنڌ ۾ ڏڪر پئجي
ويو. زميندارن تنگ ٿي اڪبري سپه سپه سالار جي آڻ
مڃي، جنهن ڪري مجبور ٿي مرزا جاني بيگ، خان خانان
اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ سنڌ تي مغلن جي حڪومت شروع
ٿي. پوءِ بکر ۽ ٺٽي هٿان دهلي ۽ آگري جي درٻارن
مان نواب مقرر ٿي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا.
فن عمارت سازي:
عربن کان پوءِ تغلق سلاطين جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ فن
عمارت سازيءَ جو آغاز شروع ٿيو. سنڌ جي جهونين
عمارتن مان شيخ عثمان مروندي مشهور لعل شهباز
قلندر جو روضو آهي، جنهن تي هن وقت جيڪي ڪتبا
موجود آهين، تن مان معلوم ٿو ٿئي ته 7 رجب سنه
757هه ۾ ملڪ اختيارالدين والي سيوستان فيروز شاه
تغلق جي زماني ۾ ولي الله شيخ عثمان مرونديءَ جي
تربت تي روضو بڻايو، جنهن کي ست ونگون ۽ ڇهه گنبذ
آهن. ٻئي ڪتبي جو مضمون آهي ته سيد جلال الدين
واليءَ سيوستان فيروز شاه تغلق جي زماني ۾ 7 صفر
757هه ۾ ولي الله علاءُ الحق علي بغداديءَ جي قبر
تي هڪ گنبذ بڻايو. اهي ٻئي ڪتبا مزار واري ڪمري جي
ٻاهرينءَ ديوار تي لڳل آهن. ’حيات نامه قلندري‘
مان معلوم ٿئي ٿو ته، سيد علي بغدادي مخدوم قلندر
جو هم سفر ۽ خليفو هو ۽ کيس سندس وزير ڪري سڏيندا
آهن.
دليءَ سان ناتن هئڻ ڪري، سمن جي ڏينهن ۾ سنڌي
ايراني ۽ هندي نموني جي فن عمارتسازيءَ کان واقف
ٿيا. انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جي سنڌ جي مضمون
نگار جو بيان آهي ته شيراز جي ڪاريگرن جي سنڌ ۾
اچڻ ڪري سنڌ جي تهذيب جو نئون دؤر شروع ٿيو. سمن
مان ڄام تماچي ۽ نوريءَ جو مقبرو ۽ ڄام نندي جو
گنبذ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي سنڌين جي فن عمارتسازيءَ
جي ثبوت لاءِ يادگار آهن. سمن کان پوءِ ارغونن ۽
ترخانن جي سنڌ تي صاحبي شروع ٿي. سندن مقبرا ڪوهِ
مڪليءَ تي خاموش زبان ۾ ٻڌائين ٿا ته، مٿيان سلطان
غير سنڌي هئا، مگر سنڌ جي خاڪ ۾ اهڙي ڪشش رکيل
هئي، جو اهي پاڻ کي غير سنڌي ڪين سمجهندا هئا، پر
سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهندا هئا ۽ سندن وصيتن موجب
سندن جنازا ڪوهِ مڪليءَ تي دفنايا ويا. مثلا مرزا
جاني بيگ برهانپور (دکن) ۾ وفات ڪئي ۽ مرزا غازي
بيگ قنڌار ۾ وفات ڪئي، مگر هزارن ميلن جي مفاصلي
تان سندن جنازن کي کڻائي مڪليءَ تي سپردخاڪ ڪيو
ويو. مرزا محمد عيسيٰ ترخان، جنهن ارغونن کان پوءِ
سنڌ تي 18 ورهيه حڪومت ڪئي، تنهن جو گنبذ مڪليءَ
تي اڏايل آهي، جنهن تي چؤگرد آيتون ۽ اشعار اڪريل
آهن. مڪليءَ جي قبرستان ۾ جيڪي مشهور مقبرا آهن،
تن ۾ مرزا محمد باقيءَ جو روضو به آهي. هن وقت
محڪمه آثار قديمه جي بي پرواهيءَ ڪري ان جو گنبذ
ڊهي پيو آهي. ان ۾ ٻه قبرون شڪسته حالت ۾ آهن.
موجوده ڊٺل گنبذ جي ديوار تي ڪوبه ڪتبو موجود ڪونه
آهي. مگر لب تاريخ جي مؤلف لکيو آهي ته انهي گنبذ
جي دروازي تي هيٺيون سٽون لکيل هيون:
”وفات يافت حضرت جنت المقامي مرزا محمد باقي ولد
مرزا محمد عيسيٰ ترخاني در تاريخ هشتم روز شنبه
شهر شوال سنه 993 هجري.“
مرزا جي قبر تي هيٺيون شعر لکيل آهي:
”زغيب آمد ندا تاريخ او گفت |
ڪه گوئي سرور سردار باقي.“ |
مرزا جاني بيگ جو مقبرو به ڪوه مڪليءَ تي مٿين
مقبرن جي لڳولڳ آهي. مرزا جاني بيگ اٺ ورهيه اڪبر
جي معزز اميرن ۾ منسلڪ رهيو ۽ بادشاه سان برهانپور
جي سفر ۾ وفات ڪري ويو. سندس جنازو ٺٽي ۾ آڻي دفن
ڪيو ويو. سندس مقبري ۾ سندس پٽ مرزا غازي بيگ جي
به تربت آهي. مقبري تي نفيس ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي.
مرزا عيسيٰ خان ولد مرزا جان بابا ولد مرزا عيسيٰ
ترخان ڪلان جي رانڪ (روضو) ڪوه مڪلي تي تمام مشهور
عمارت آهي. رانڪ جي تعمير پنهنجي حياتيءَ ۾ شروع
ڪرائي هئائين. برابر 18 ورهيه ڪم ٿيندو رهيو، مگر
ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ مرزا سنه 1054هه ۾ وفات ڪري
ويو. ’لب تاريخ‘ واري جو چوڻ آهي ته رانڪ جو پٿر
ڪرنال کان گهرايو ويو هو. رانڪ شاه جهان جي زماني
۾ اڏائي ويئي آهي. سندس نمونو مغليه آهي. انهيءَ
گنبذ تي چڙهڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ آهي، جتان مٿي چڙهي سير
ڪري سگهجي ٿو. سرخ پٿر تي تمام سنهي ۽ دلپسند
نقاضي ٿيل آهي. محرابن تي بي حد خوشخط حروفن ۾
قرآن شريف جون آيتون منقش آهن.
انهيءَ گنبذ کي چؤطرف احاطو آهي، جنهن ۾ ترخانن جي
بيگمات جا ڪيترائي مقبرا آهن، جيتوڻيڪ مٿن، شايد
پرده داريءَ جي تقاضا سبب، ڪنهن به بيگم جو نالو
لکيل ڪونه آهي. بهرحال ٺٽي جي آثار قديمه ۾ مرزا
عيسيٰ جي رانڪ هڪ بهترين عمارت آهي. زماني جي
انقلابن ڪري خسته ۽ خراب ٿي رهي آهي، تاهم مسافرن
جي جذب ۽ ڪشش قلب جو سامان گهڻو ئي رکي ٿي. انهيءَ
رانڪ جي واکاڻ ۾ ٺٽي جي هڪ شاعر (تخلص طاهر) هڪ
عجيب نظم لکيو آهي، جو هيٺ درج ڪجي ٿو:
رانڪ مرزا عيسيٰ اندر ڪوه مڪلي طرف جاست
در بهاران گوئيا سر چشمه نور خداست
در صفايش هرڪه بگمارد نظر بي شڪ و ريب
ديده ديده باليقين ميگويد انجائي داست
بي تڪلف گر ڪند ناگه گذر رضوان درو
در غلط افتاد گويد انڪه فردوس علاست
چا ديوارش اگر از شش جهت اندر صفا
باج گيرد درد و چشم منصفان الحق بجاست.
|