سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنت السنڌ

باب؛ 6

صفحو :14

مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ:

ملڪي انتظام:

مغلن جي ڏينهن ۾ سڄو هندستان صوبن، سرڪارن، پرڳڻن ۽ محالن ۾ ورهايل هو. هرهڪ سرڪار مٿان نواب حڪومت هلائيندا هئا. سنڌ ٺٽي ۽ بکر ٻن سرڪارين ۾ ورهايل هئي ۽ ٻئي سرڪارون ملتان جي ماتحت هيون. ٺٽو پنجن حصن ۽ 18 محالن ۾ ورهايل هو، سندن سالياني آمدني 29،999،991 دام هئي. چاچڪان يارهن محالن ۾ ورهايل هو، سندس سالياني آمدني 11،784،586 دام هئي. سيوهڻ 9 محالن ۾ ورهايل هو، سندن سالياني آمدني 15،546،808 دام هئي. نصرپور 7 محالن ۾ ورهايل هو، سندس سالياني آمدني 7،835،600 دام هئي. ڪڪرالو 8 محالن ۾ ورهايل هو، سندس سالياني آمدني 5،085،048 دام هئي. بکر 12 محالن ۾ ورهايل هو، سکر، بکر، الور ۽ ماٿيلو هڪڙي محال هيٺ هئا، جنهن جي سالياني آمدني 1،32،150 دام هئي.

لاهري ۽ اؤرنگا آباد سمنڊ تي سنڌ جا ٻه اهم بندر هئا. انهن مان لاهري بندر جي آمدني اڪبري دؤر ۾ ساليانو هڪ لک سٺ هزار رپيا هئي. ٺٽي سرڪار اندر جملي 54 تعلقا هئا. هرهڪ ضلعي ۾ گهڻائي تعلقا هئا. سنڌ جي جملي سالياني اپت اورنگزيب عالمگير جي ڏينهن ۾ 23،20،000 رپيا هئي.(1) ڍلن جو کاتو ’دستور عمل‘ سڏبو هو. ’مير بخشي‘ (سپه سالار)، ’بخشي‘ (خزانچي) ۽ ’محتسب‘ وڏا عملدار هئا. سندن هيٺيان عامل، قانون گو، فوجدار، ڪوٽوال، قاضي، منصف، امين، داروغا، محالڪار، چوڌري، مقادم، پٽواري، قلعيدار ۽ ٻيا عملدار هئا. ڪي نواب اُمرائن مان چونڊبا هئا ۽ ڪي منصبدار هئا، جيڪي پاڻ وٽ سوارن جو دستو رکندا هئا ۽ کين فوجي دستن رکڻ لاءِ حڪومت کان پگهار ملندو هو.(1) اُمرائن هيٺان روزندار (ڪلارڪ) هوندا هئا، جيڪي سرڪاري ڪاغذن کي مهرون هڻندا ۽ انهن جو نيڪال ڪندا هئا، کين روزانو وظيفو ملندو هو.

فوج:

مغليه فوج چئن قسمن ۾ ورهايل هئي: 1- سرڪاري، 2- منصبداري، 3- داخلي ۽ 4- عهدي. فوجن ۾ اڪثر افغان، سيد، بلوچ ۽ راجپوت ڀرتي ٿيندا هئا. سپاهين وٽ بندوقون هيون. بلوچ ڊگهين ڏاڙهين ۽ ڊگهن وارن ڪري ’جن‘ ڪوٺبا هئا. عراقي گهوڙو رکندڙ سوار جو ماهوار پگهار ٽيهه رپيا ۽ رواجي گهوڙو رکندڙ سوار کي ماهوار ٻارهن رپيا پگهار ملندو هو. پيادل سپاهيءَ کي ماهوار ويهه رپيا پگهار ملندو هو. توبخانو ٻن قسمن جو هو، هڪڙو وزندار، جن توبن کي هاٿي ڇڪيندا هئا، ٻيون هلڪو توبخانو، جو ٻيڙين جي وسيلي کڻي سگهبو هو. ڪي توبون اُن مٿان به کڄنديون هيون، جهڙوڪ، زنبورڪ ۽ شتر نال. اهي توبون تيل جون هيون.(1) صوبن جو نواب ۽ زميندار توڙي جاگيردار ضرورت وقت فوجن لاءِ سپاهي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا. ڪي پرڳڻا سالياني خراج سان گڏ مقرر تعداد ۾ سپاهي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا. جيڪي پرڳڻا سپاهي ڏيئي نه سگهندا هئا، سي نقد ناڻي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا. هرهڪ جاگيردار پنهنجن ڳوٺن ۾ ڪڙمين، واپارين ۽ هنرمندن کان ڍلون اوڳاڙيندو هو. سندن اقتدار طائف الملوڪيءَ جي زماني وانگر هو.

اورنگزيب پنهنجي ملتان جي نائبيءَ جي زماني ۾ 1649ع ۾ بلوچن کي ويڙهائي، نوحاڻين، هوتن، نومڙين ۽ جوکين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪامياب ٿيو هو. پر پوءِ سنڌ ۾ مغليه نوابن کي بلوچن سان دوستي رکڻ کان سواءِ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. ڪلمتي ويهه هزارن سوارن سان سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ حفاظت ڪرڻ تي مامور هئا. اُتر ۾ چانڊين جي ڪاهُن کي روڪڻ لاءِ ميان نور محمد لاڙڪاڻي ۾ قلعو جوڙائي مٿس توبون رکايون هيون. بليدين ۽ جتوئين، ارغونن جي ڏينهن ۾ قنڌار ۽ ملتان تائين جنگين ۾ حصو ورتو هو. سنڌ ۾ امن امان بحال رکڻ لاءِ سندن سردارن کي بخشي وظيفا ڏيندو هو، نه ته ٻيءَ صورت ۾ هو واپاري قافلن تي هٿ صاف ڪندا هئا.

ڍلن جا قسم:

مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ اندر جيڪي ڍلن جا قسم رائج هئا، تن جو رواج مغلن کان به اڳ هندستان ۾ رائج هو: مثلا، محمد تغلق ۽ فيروز شاهه جي زمانن ۾ چراهي، گلفروشي، نيلگري، ماهي فروشي ندافي، ريمان فروشي، نخود بريان گري، دوڪانانه، خمارخانه، دادبيگي، ڪوٽوالي ۽ احتساب- ڍلون رائج هيون.(1) اڪبر اعظم هندن کان جزيه ڍل وٺڻ بند ڪئي. باقي مغليه دؤر ۾ هي ڍلون رائج هيون.

1- غله بخش: زمين تي ٽن قسمن جون ڍلون هيون. (الف) اُهي زمينون، جن جي  پوک درياءَ جي پاڻيءَ تي ٿيندي هئي، يعني جي مهراڻ جي ڪپن تي هيون. اهي جيڪي واهن ۽ کوهن تي چاهي زمينون هيون، (ج) اجرا ڪلابي- جيڪي زمينون تلائن يا ڍنڍن جي پاڻيءَ تي آباد هيون، (د) جنگل شگافي- اُهي زمينون جيڪي جهنگ صاف ڪري آباد ڪبيون هيون. مغل عملدار زمينن جي پيداوار جو ٽيون حصو کڻندا هئا. ڪن ديرن مان عملدار هٿ ڪري تخميني طور ان کڻندا هئا. عملدارن جي اچڻ کان اڳ ديرن کڻڻ جي سخت منع هئي. آفيم ۽ نير جي پوکن وارين زمينن تي في جريب تي اَسي رپيا ڍل هئي. مهراڻ جي آبڪلانيءَ جي ڪري بعض دفعا ڍلون گهٽجي وينديون هيون.

شهزادي اورنگزيب جي نائبيءَ واري زماني ۾ آمدنيءَ کان خرچ وڌي ويو هو، جنهن ڪري شهزادي دهليءَ جي درٻار کان پئسن لاءِ گهر ڪئي هئي، پر شاهجهان پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. اڪثر ڍلن جي نسبت سنڌ جي مغليه نوابن جي درٻار سان اڻبڻت رهندي هئي.(1) 2- پيش ڪش: مهاجن هندو واپارين کي ساليانو پنجن کان ڏهن رپين تائين ڍل ڏيڻي پوندي هئي. 3- سرشماري: ڪاريگر مثلا، واڍا، لوهار، سونارا، رنگريز وغيره، تن کي ساليانو 31 رپيا ڍل ڏيڻي پوندي هئي. (قاضي، سادات، پيرزادن، بلوچن ۽ سرڪاري عملدارن کي ان قسم جون ڍلون معاف هيون). 4- هوائي: ٻڏل ٻيڙين جي نڪتل مال تان وٺندا هئا. 5- سر درختي: ميويدار وڻن جي آمدنيءَ مان اڌ يا ٽيون حصو سرڪار کڻندي هئي، 6- ترازو: دوڪاندارن کي وڪري تي ٽئڪس ڀرڻو پوندو هو، هر هڪ شهر تي محتسب مقرر هو، جو مقر ٿيل اگهن تي نظرداري ڪندو هو، جيئن واپاري رعايا سان ٺڳيون ڪري نه سگهن. 7- شڪار ماهي: مهاڻن کي مڇين جي شڪار ڪرڻ جي عيوض چئن آنن کان ڇهن آنن تائين ڍل ڏيڻي پوندي هئي. 8- مويشي: اُٺن، ڍڳن، خچرن، گهوڙن ۽ ڳئن جي وڪري تي في جانور لاءِ هڪ آنو ڍل ٻڌل هئي. 9- سلامتي ڪشتي: في ٻيڙيءَ تي سلامتيءَ سان پتڻ تي پهچڻ وقت چئن آنن کان ڇهن آنن تائين ڍل ڏيڻي پوندي هئي. 10- ريزڪي: واپارين کي في صدي مال جي وڪري تي پنج رپيا ٽئڪس ۽ في مڻ جي خريدار کي هڪ آنو ڍل ڏيڻي پوندي هئي. 11- پن چري: سرڪاري زمين ۽ ٻيلن ۾ چؤپائي مال جي چاراڻيءَ عيوض مالڪن کي في اُٺ تي اَٺ آنا، في مينهن لاءِ چار آنا، في رڍ ۽ ٻڪريءَ لاءِ هڪ آنو ماهوار ڍل ڏيڻي پوندي هئي. 12- اجاره شراب: نيرن ڪوٽ، سيوهڻ، شڪارپور ۾ شراب جون بٺيون هيون، جتي انگور، کجور، مشڪ، سونف، زعفران، گلاب، ڳڙ ۽ ٻٻر جي ڇوڏن مان شراب ٺهندو هو، جنهن تي بٺين وارن ۽ گتي وارن کي ڍل ڏيڻي پوندي هئي. 13- اميني: ٻن ڌرين کي ملڪيت جي فيصلي ڪرڻ لاءِ سرڪاري امين مقرر ڪرڻ وقت ڍل ڏيڻي پوندي هئي. 14- گمرگ: جيڪي گمرگ (ڪسٽم) کاتي ۾ ڍلون پياريندا هئا، تن کي مزدوريءَ طور سرڪار پاران اجورو ملندو هو. مثلا، هڪ لک رپيا ڍل ڀريندڙ کي 12 هزار رپيا اجورو (ڪميشن) ملندو هو. گمرگ کاتي جا عملدار بلوچ سپاهين جي زور تي زبردستيءَ رشوتون وٺندا هئا. انگريز واپاري نوابن ۽ سندن بيگمن تائين رشوتون ڏيئي گهٽ ڪسٽم ڊيوٽي ڀريندا هئا. لاڙڪاڻي ۾ ڪاغذن جوڙڻ جا ڪارخانا هئا. في ڪارخانيدار کي ساليانو اٺن کان ٻارهن رپين تائين ڍل ڏيڻي پوندي هئي. ڍنڍن مان بهه، مڇي ۽ پکين جي شڪار تي ڍل ٻڌل هئي. مڇين جي واپارين کي في صدي ويهه رپيا خشڪيءَ رستي ۽ درياءَ رستي في صدي پؤڻا چوڏهن رپيا ڍل ڀرڻي پوندي هئي. هن قسم جون ڍلون ميرن جي صاحبيءَ جي زماني تائين جاري هيون.(1) اهڙيءَ طرح سترهن قسمن جون ڍلون رائج هيون.

واپار جو طريقو:

ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو واپاري ايجنٽ جيڪو ٺٽي ۾ رهندو هو، سو ريزيڊنٽ سڏبو هو. سندس پگهار ساليانو 2 سؤ پائونڊ هئي. وٽس هڪڙو سرڪاري ڊاڪٽر به رهندو هو، ڊاڪٽر جي غير حاضريءَ ۾ وقت بوقت ديسي حڪيم به نوڪر رکندو هو. ٺٽي جي هڪڙي حڪيم حاجي محمود کي ڪمپنيءَ پاران 15 رپيا پگهار ماهوار ملندو هو. اهو پگهار هاڻوڪي زماني جي هزارين رپين برابر هو، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ آسودي هئي.

شين جا مقرر اگهه:

اڪبر اعظم جي ڏينهن ۾ ڪڻڪ جي في مڻ جي قيمت 12 دامَ، جوَن جي في مڻ جي قيمت 8 دام، مڱن جي في مڻ جي قيمت 18 دام، مانهه جي في مڻ جي قيمت 16 دام، کنڊ جي في مڻ جي قيمت 128 دام، لوڻ جي مڻ جي قيمت 16 دام، گيهه جي في مڻ جي قيمت 105 دام، تيل جي في مڻ جي قيمت 80 دام، مڻ جو وزن ڇويهه سير ۽ في رپئي جي قيمت چاليهه دام هئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ نه پڪيون سڙڪون هيون، نه دخاني جهاز هئا. نه وري تار برقي ۽ ريلن جو رواج هو. سنه 1659ع ۾ شاهجهان جي پٽن جي پاڻ ۾ ويڙهه لڳڻ ڪري سڄي هندستان ۽ سنڌ ۾ ڏڪر پيو. سنڌ ۾ اهو ٽيون نمبر ڏڪر هو. ٺٽي جا انگريز ايجنٽ پنهنجو مال ديسي دلالن معرفت سنڌ جي شهرن ۾ نيڪال ڪند اهئا. ڪمپنيءَ جي دفترن جا منشي سنڌي ۽ فارسي دان هئا، في منشي کي ساليانو پنجاهه پائونڊ پگهار ملندو هو. ريزيڊنٽ وقت بوقت نوابن ۽ سرڪاري بالا عملدارن سان ملاقاتيون ڪري سگهندو هو.

ڊچن جي اچڻ کان پوءِ رشوتن جي بازار ايترو گرم ٿي ويئي، جو نواب فرنگي ايجنٽن کان ريشمي ڪپڙن جا ٿان ۽ جواهرات رشوت طور وٺڻ لڳا. گويا رشوت جي به چٽاڀيٽي لڳل هئي. ڪمپنيءَ جا نوڪر خانگي طور سون ۽ چانديءَ جو واپار ڪندا هئا ۽ خوب پنهنجا کيسا ڀريندا هئا. سندن دلال سندن زور تي موجون ماڻيندا هئا يا ايئن چوڻ درست ٿيندو ته سفيد فام ڌاريءَ قوم کي سنڌ ۾ ڏسي، هندو پهريون دفعو ملڪ ۽ وطن سان غداريون ڪرڻ لڳا. بعض هندو دلال ايجنٽن سان خانگي واپار ۾ ڀائيواري ڪندا هئا.

ٺٽي ۾ مختلف واپارين جا گدام هئا ۽ سندن محلات شهر کان ٻاهر ٻيٽن تي هئا.(1) نولداس ۽ ڀيمومل ڪمپنيءَ جي ٻن سنڌي هندو دلالن جون ملتان ۽ لاهور تائين ڪوٺيون هيون. بئنڪن جو ۽ صرافڪو ڌنڌو ملتاني واڻيا ڪندا هئا. ڪمپني جو صدر شهر سوت هو، جنهن کي مسلمان ’باب مڪه‘ سڏيندا هئا. هندستان جا حاجي هن بندر کان حرمين شريفين جي زيارت ڪرڻ ويندا هئا. هندو دلال هوليءَ ۽ عيدن جي موقعي تي ريزيڊنٽن ۽ مسلمان منشين کي تحفا ڏيئي خوش رکندا هئا. اورنگزيب رشوتن کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ نوابن کي جلد بدلي ڪري سندن جاءِ تي ٻيا مقرر ڪري موڪليندو هو.

قافلي سرائون ۽ واپار:

وڏن شهرن ۾ بلوچ ڌاڙيلن جي خوف ڪري پٿرن جون پڪيون قافلي سرائون جڙيل هيون، جن ۾ وقت سر هڪ هزار مسافر وهٽن ۽ گاڏين سميت ماپي سگهندا هئا. سرائن کي فقط هڪڙو دروازو هوندو هو، جنهن کي سراءِ جو عملدار شام جو بند ڪري ڇڏيندو هو ۽ صبح جو کوليندو هو. جيڪڏهن سراءِ اندر ڪا چوري ٿيندي هئي ته عملدار تيسين در نه پٽيندو هو، جيسين چور مالڪ کي مال موٽائي نه ڏيندو هو يا ٻيءَ طرح ڪا خاطري ڪانه ٿيندي هئي. جڏهن ڪو تجارتي مال جو جهاز لاهري بندر تي پهچندو هو تڏهن پري کان توبون ڇوڙيندو هو، پوءِ هڪ سوار هڪدم ٺٽي جي واپارين کي جهاز جي آمد جي خبر پهچائيندو هو. وري جڏهن مال جا قافلا ڀرجي هلندا هئا، تڏهن سوارن جو دستو قافلي جي واٽ تي حفاظت ڪندو هلندو هو.بعض بلوچ لاهري بندر کي به ڦريندا هئا.(1)

اڪبر اعظم سنڌ جي شهرن جي واپار لاءِ لاهور ۾ خاص ٻيڙين جو دستو تيار ڪرايو هو. ٺٽي سرڪار وٽ چار هزار ٻيڙيون واپار ۽ فوجي نقل و حرڪت لاءِ موجود رهنديون هيون. في غوراب تي ٽن سؤ ٽنن جيترو مال چڙهندو هو ۽ منجهن مسافرن جي آسائش لاءِ ڪمرا پڻ جڙيل هئا. لاهور کان ٺٽي تائين هڪ هزار مڻ جو ڀاڙو اڍائي سؤ رپيا هو ۽ مال سان ڀريل في ٻيڙي کي چار رپيا سرڪاري محصول ڀرڻو پوندو هو. ڪجهه سالن گذرڻ بعد، ٺٽي جي نواب محصول وڌائي ڇهه رپيا ڪيو، جنهن ڪري ملتاني واپاري ٺٽي ۽ اپر سنڌ کي ڇڏي هليا ويا. ٺٽي ۽ لاهري بندر تي هرهڪ شيءِ جو اگهه مقرر هو.

ٽپال جو انتظام:

ٽپال جو انتظام ’هرڪاري‘ ذريعي هلندو هو. هرهڪ پرڳڻي ۽ شهر جو احوال ’واقع نويس‘ لکي دهليءَ کي پهچائيندا هئا. احمدآباد ۽ ٺٽو سڄي هندستان ۾ واپار ۽ صنعت جا مرڪز هئا. ٻنهي شهرن ۾ تجارتي سهوليت لاءِ هفتيوار ٽپال جو انتظام رکيل هو. ٺٽي کان ڀڄ، مانڊوي، گجرات، مارواڙ، پالي، جيسلمير ۽ آگري ڏانهن رستا ويندا هئا. سباسٽن مانرڪ ٺٽي کان آگري جيسلمير جي رستي کان پهتو هو. هڪڙو رستو ٺٽي کان ننگرپارڪر ويندو هو. هر هڪ تجارتي قافلي ۾ تقريبا پندرهن سؤ اٺ مال کڻندا هئا. ’تزڪ جهانگيري‘ ۾ ٽپال جي ڪبوترن جو به ذڪر ڏنل آهي.

روانگي ۽ آمدني جون شيون:

سنڌ مهراڻ جي وجود ڪري ڀاڳڀريو صوبو هو. هتان ڪپڙو، نير، ريشم، اُن، لوڻ، ڪلمي شورو، چمڙو، مڇي، گيهه، آفيم ۽ چوپايو مال روانگيءَ جون شيون هيون. انگريز مخمل، اوني گرم ڪپڙو، مسلي پٽم جون رنگين ڇيٽون، کنڊ، مصالحا ۽ ڌاتن جو واپار ڪندا هئا. مارواڙ ۽ بلوچستان کان کٿا سنڌ جي شهرن ۾ وڪري لاءِ ايندا هئا. گجرات کان ريشمي ڪپڙو، اطلس ۽ ڪيمخواب، ملتان کان رنگ، ريشمي ڪپڙو ۽ جڙيون ٻوٽيون، خراسان کان خشڪ ۽ تازا ميوا، ڪلاباتون ۽ نمدا درآمد جون شيون هيون. اڇا چانور، اپر سنڌ جي شهرن مان لاڙ جي شهرن ۾ پهچندا هئا. لاڙ مان مڇي، ڳاڙها چانور، چمڙو ۽ هٿيار اپر سنڌ جي شهرن ۾ پهچندا هئا. لاڙ وارو ڀاڱو گيهه جي ڪري مشهور هو. هر سال خراسان جا قافلا بکر ايندا هئا. بکر جو علائقو ميون جي اپت ڪري مشهور هو. رفتي رفتي دري بولان جي تجارتي قافلن جو مال شڪارپور ۾ نيڪال ٿيڻ لڳو ۽ بکر جي تجارتي اهميت جي ضعف پهچڻ لڳو. سنه 1687ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ مان 400،250 ڳٺڙيون ڪپڙي، سٽ ۽ ڇيٽن جون بمبئي ۽ سورت روانيون ڪيون هيون. سنڌ جي شهرن ۾ ايران، روم ۽ شام جون شيون وڪامنديون هيون.

سڪا ۽ سندن مٽاسٽا:

مغليه دؤر اندر سنڌ ۾ دام، جيتل، ٽنڪا، رپيا ۽ اشرفيون هلنديون هيون. بکر ۽ ٺٽي ۾ سرڪاري ضربخانا هئا. اڪبري اشرفيءَ جي قيمت 9 رپيا ۽ عالمگيري اشرفيءَ جي قيمت 16 رپيا هئي. رپين جو رواج هندستان ۾ پهريائين شيرشاه سوريءَ رائج ڪيو. مغليه سڪن کان سواءِ ايراني سڪا جهڙوڪ، ’عباسي، ’محمدي‘ ۽ ’صفويه‘ به چالو هئا. ايراني سڪن جي قيمت چار آنا هئي. گجرات جا رپيا ’لاڙي‘، بيجاپور ۽ گوڪنڊي جون اشرفيون (پگوڊا) به چالو هيون، ليڪن مغليه دؤر اندر واپارين کي ڌارين ملڪن جا سڪا سنڌ جي بندرن تي مٽائڻا پوندا هئا.

سنه 1664ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ايجنٽ جان سپلر کي سنڌي ڪپڙي جي خريد ڪرڻ لاءِ 65 هزار ايراني ’عباسي‘ سڪا سنڌ ۾ مٽائڻا پيا هئا. پرتگالي ڊالر جن کي سنڌ جي بندرن تي ’ريال‘ ۽ شهرن ۾ ’قرش‘ سڏيندا هئا، تن جو به رواج هو.(1)

سنڌ جا ڪارخانا ۽ دارالخلافه ٺٽو ننگر:

جنهن هنڌ مهراڻ اولهندي ۽ اوڀرندي وارين ٻن شاخن ۾ ورهائجي ٿو، ان هنڌ کان چار ميل مٿڀرو، سنڌو نديءَ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي، اولهندي ڪپ تي سنڌ جو تختگاه ٺٽو وڏي اوج تي پهتو هو. ڪپتان هئملٽن جو بيان آهي ته، هي شهر ٽي ميل ويڪر ۾ ۽ ڏيڍ ميل ڊيگهه ۾ هو. ’تحفة الڪرام‘ جو صاحب هن شهر کي ’ارض معموره‘ جي نالي سان لکي ٿو. ڄام نندي جي ڏينهن ۾ شهر جي آدمشماري هڪ لک ويهه هزار هئي ۽ مغل دؤر ۾ آدمشماري ٻن لکن کي پهتي هئي. هئملٽن جي اچڻ کان ٿورو اڳ، سنه 1699ع ۾ اٽڪل اسي هزار ماڻهو پليگ جي وگهي مري ويا هئا، تنهن هوندي به سندس اچڻ وقت شهر جي آدمشماري سوا لک هئي. سنڌ جو هي تختگاه شهر واپار ۽ هنر جي ڪري ايشيا جي دولتمند شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. شهر جي وچ ۾ قلعو هو، جنهن ۾ پنج هزار سوار لشڪر هر وقت تيار رهندو هو. سپاهين لاءِ قلعي اندر بئرڪون جڙيل هيون. قلعي جي ڀر ۾ نواب جو محلات هو، ٺٽو معنيٰ ’ٺٺ‘، تجمل يا اجتماع.

هئملٽن جي اچڻ وقت شهر جو اڳوڻو ٺٺ ۽ تجمل مٽجڻ لڳو هو، تاهم سندس بيان موجب شهر جي ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ اَسي هزار ڪوري ڪم ڪندا هئا. سورت ۽ احمد آباد کان هت ڪپڙو سستو هو. هي شهر واپاري لحاظ ڪري لاهور ۽ ملتان کان وڌيڪ دولتمند هو.

درياءَ جون بعض شاخون شهر تائين پهچنديون هيون، جن جي ڪپن تي واپارين جا محلات ۽ گدام جڙيل هئا. انهن گدامن ۾ واپارين جو مال ٻيڙين رستي پهچندو هو. شهر ۾ بصري، بندر عباس، سورت، ملبار، لاهور، ملتان ۽ شڪارپور جا واپاري رهندا هئا. هر مهيني ڪوه مڪليءَ تي وڏا ميلا لڳندا هئا. آسودگي ۽ فارغ الباليءَ جو زمانو هو. شهر جي ماڻهن جو گذران ڳاڙهن چانورن جي مانيءَ ۽ مڇيءَ تي هو. هتي جا رڌل پلا لذيذ هئا. هئملٽن جهڙي جهان گشت سياح ٺٽي جي رڌل پلن جي تعريف ڪئي آهي. ٺٽي جو ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو هندستان بلڪ ولايت تائين مشهور هو. هتي ڪلمي شوري جي قيمت في مڻ ڇهه رپيا هئي.

ايسٽ انڊيا ڪمپني سنه 1799ع ۾ ٺٽي، لاهري بندر ۽ اورنگا آباد ۾ ڪلمي شوري صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا هئا. اورنگزيب ڪلمي شوري جي روانگيءَ تي بندش وڌي هئي، سندس چوڻ هو ته فرنگي اُن مان بارود ٺاهي مسلمانن خلاف استعمال ڪن ٿا. مٿين بندش کان پوءِ، ڪمپنيءَ جا گماشتا سنه 1650ع ڌاري بهار مان ڪلمي شورو خريد ڪرڻ لڳا.(1) ٺٽو مڇين جي واپار جو مرڪز هو، هتان سڪل مڇي ميمڻ واپاري اپر سنڌ، عربستان، زئنزيبار ڏانهن موڪليندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ چؤپايو مال گهڻو سستو هو. عيسوي 18 صديءَ تائين ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ مان چؤپايو مال ٻاهر موڪليندي رهي. سنڌ ۾ کير، مکڻ ۽ گيهه جون گويا نهرون وهنديون هيون. ميمڻ گيهه جو به واپار ڪندا هئا. سنڌي گيهه هندستان جي شهرن ۾ مشهور هو. چؤپائي مال ۾ گهڻائيءَ سبب، پنجاب ۽ سنڌ مغليه دؤر ۾ چمڙي جي صنعت ۽ واپار جي ڪري سڄي هندستان جي شهرن ۾ مشهور هئا. ٺٽي جي چمڙي جي ڪارخانن ۾ گهوڙن جون زينون، اُٺن جا پاکڙا، ڍالون، دستانا، نرم چمڙي جي بسترن جون چادرون ۽ دسترخوان جڙندا هئا. بسترن جي چادرن تي نفيس گلڪاريءَ جو ڪم به ٿيندو هو ۽ اُهي هندستان جي وڏن شهرن ۾ وڏيءَ قيمت تي وڪامنديون هيون. چمڙي رڱڻ کان سواءِ، هتي جي ڪارخانن ۾ گيهه جا دٻا به جڙندا هئا، جن ۾ اڍائي مڻن کان وٺي پنجن سيرن تائين گيهه ماپندو هو. چمڙي جي دٻن ۾ اها خاصيت هئي، جو سڄو سال گيهه منجهن تازو رهندو هو.

ٺٽي جو چڪلو به مشهور هو، خاص ڪري مرزا جاني بيگ جي ڏينهن ۾ چڪلي گهڻو زور ورتو هو. فري سباسٽن مانرڪ ٺٽي جي رنڊين جي رنگين پوشاڪ ڏسي وائڙو ٿي ويو هو. ٺٽي جو رنگين چمڙو ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندو هو ۽ هتي جي ڪارخانن جا چمڙي جا پلنگ پوش سنڌي صنعت جو بهترين نمونا هئا.(1) ٺٽي جي لونگين، رنگين ڇيٽن ۽ بافتي جي يورپ وارن کي بيحد ضرورت هئي.(2) ولايت جي مارڪيٽن ۾ ٺٽي جو ڪپڙو سٺ في صدي منافعي سان وڪامندو هو. سڄي هندستان اندر مسلي پٽم ۽ ٺٽو رنگين ڇيٽن جي صنعت ڪري مشهور هئا.

مغليه دؤر ۾ سنڌ ۾ شين جي سستائي هئي.جيڪي به مغربي سياح هن صوبي جي سياحت ڪرڻ آيا، تن جا بيان صاف ٻڌائين ٿا ته، هڪڙو سبب هن ريت هو ته وڏن شهرن ۾ شين جا اگهه سرڪار پاران مقرر هئا. في ڪڪڙ جي قيمت هڪ آنو، في دنبي جي قيمت هڪ رپيو هئي. کنڊ، گيهه، چانور، تماڪ، آفيم جيڪي گذارن جون شيون آهن، سي سستيون هيون، سندن نرخ بيان ڪري چڪا آهيون. عياش طبقي لاءِ انگوري، زعفراني، مشڪي ۽ گلابي شراب به شهرن ۾ وڪامندو هو. نيرن ڪوٽ جو انگوري شراب مشهور هو. عربن، خلجين ۽ سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي شهرن ۾ شراب جا گتا هئا- خاص ڪري مغلن جي ڏينهن ۾ شراب جي صنعت سنڌ ۾ ترقي ڪئي. لاڙ ۽ ٿر ۾ اُٺن جي پرورش ٿيندي هئي. مغلن جي شهنشاهت اندر جوڌپور، اجمير، ناگور، بيڪانير، ڀٽنڊا، ڀٽ نير ۽ سنڌ اُٺن جي پرورش جا مکيه هنڌ هئا. مگر سنڌ ۾ اُٺن جو تعداد وڌيڪ هو. لاڙ جي هر هڪ جت وٽ ڏهه هزار اٺ هئا.(1) انگريزي ڪپڙي جي درامد ڪري ملڪ جو رواج بدلجڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته اڳ ٺٽو ريشمي لونگين جي ڪري مشهور هو، مگر فرنگين جي اچڻ کان پوءِ لونگين جو قدر گهٽجڻ لڳو.(2) جيڪي به مغربي سياح انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو سير ڪرڻ آيا، سي سنڌين جي مهمان نوازيءَ، صلاح پسندي ۽ خوش اخلاقيءَ جي بيحد تعريف ڪن ٿا.(3)

سيوهڻ:

سيوهڻ جو اوج خداآباد جي تعمير کان پوءِ گهٽجڻ لڳو، پر هي شهر نير جي اپت ۽ واپار ڪري پنهنجي مشهوريءَ کي قائم رکندو آيو. مغلن جي صاحبيءَ جي زماني ۾ هن شهر ۾ نير جي قيمت في سير اَٺ آنا هئي. ان کان سواءِ، شهر ۾ هڪ هزار ڪوري بافتي اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا. پوريءَ هڪ صديءَ تائين ٺٽو، سيوهڻ، نصرپور ۽ ڪنڊياري جي ڪپڙي جا ڪارخانا يورپ کي ڪپڙو پهچائيندا رهيا. سنه 1639ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هڪ هزار مڻ نير سيوهڻ مان خريد ڪيو. سيوهڻ جو نير سڄي هندستان ۾ برک هو. انهن ڏينهن ۾ لاهور ۽ اتان جي نير جي في پائونڊ جي قيمت اَٺ پينس ۽ احمد آباد ۾ اتان جي نير جي نوَ پينس هئي. انهن جي مقابلي ۾، سنه 1660ع ۾، سيوهڻ ۽ سن جي نير جي في پائونڊ جي قيمت، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا گماشتا، ساڍا 12 پينس ڏيندا هئا. سيوهڻ ۽ سن کان پوءِ، گجرات ۽ بيانه (آگري) جو نير عمدو هو. نير جي اُپت کان سواءِ، سيوهڻ ڪاشيءَ جي برتنن جي صنعت ڪري مشهور هو. اڄ سيوهڻ جو گذريل اوج مٽجي چڪو آهي، مگر اڃا تائين منجهس ڪاشيءَ جي برتنن تي گلڪاريءَ جو سٺو ڪم ٿئي ٿو. سيوهڻ جو مدرسو اسلامي دور ۾ مشهور هو، هتي مصر کان شاگرد تعليم وٺڻ ايندا هئا.(1)

هالا پراڻا:

هالا پراڻا به سنڌ ۾ ڪاشيءَ جي سرن جي صنعت ڪري مشهور هو. اُهي سرون گهڻو ڪري مسجدن ۽ اوليائن جي مقبرن تي لڳنديون هيون. اصفهان کان پوءِ ٻيو نمبر شهر ڪاشيءَ جي صنعت ۾ ايشيا ۾ هالا هو. اڄ به هالا ڪاشيءَ توڙي جنڊيءَ جي عمدي ڪم جي ڪري مشهور آهي.

نصرپور:

ٺٽي ۽ سيوهڻ کان پوءِ ڪپڙي جي صنعت ڪري نصرپور مشهور هو. مغلن جي ڏينهن ۾ نصرپور جو اڳوڻو اوج مٽجي چڪو هو، تاهم انهن ڏينهن ۾ ٽي هزار ڪوري جوڙيون (ديسي ڪپڙو) ۽ بافتو اڻندا هئا. خاص ڪري ٺٽي جا واپاري نصرپور ۽ درٻيلي جون جوڙيون پنجاب ڏانهن موڪلي، لاهور مان کنڊ ۽ مصري خريد ڪندا هئا. نصرپور جي جوڙين جا تاڪيا ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ڪنڊياري ۽ گمبٽ جي تاڪين کان وڏا هئا، تنهنڪري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا ايجنٽ نصرپوري ڪپڙو گهڻو پسند ڪندا هئا.

سنه 1664ع ۾ جان سپلر نصرپور جي ڪارخانن مان ڇهه هزار بافتي جا تاڪيا خريد ڪيا هئا. نصرپور ۽ گمبٽ جون سوسيون سڌو ولايت ڏانهن وينديون هيون. اڄ مهراڻ جي رخ بدلائڻ ڪري، نصرپور جو اڳوڻو اوج مٽجي چڪو آهي، مگر هتي جا کيس ۽ سوسيون اڃا به مشهور آهن. ٺٽي ۽ نصرپور جون خواتين به ڪپڙي اُڻڻ جي صنعت ۾ بهرو وٺنديون هيون.

روهڙي:

لوهڙي يا روهڙي سنه 1609ع ۾ ريشمي ڪپڙي، نير جي اپت ۽ باغات ڪري مشهور هئي. جيئن خدا آباد جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ سيوهڻ جي اهميت گهٽجي ويئي، تيئن شڪارپور جي ترقي پذير واپار، بکر ۽ روهڙيءَ جي تجارتي رونق ۽ اهميت کي گهٽائي ڇڏيو. اڳ خراسان جا قافلا سياري ۾ بکر ايندا هئا ۽ روهڙيءَ جي شهر مان ملتاني سوٽي ڪپڙو، ريشم ۽ رنگ خريد ڪندا هئا. مٿيون شيون شڪارپور جا واپاري سڌو ملتان کان گهرائڻ لڳا جنهن ڪري خراسان جا قافلا شڪارپور ۾ مال نيڪال ڪرڻ لڳا. اڄ روهڙي باغات ڪري مشهور آهي.

سنه 1697ع کان سنه 1702ع تائين پنجن ورهين اندر، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هندستان جي مغليه شهنشاهت مان اٺن لکن پائونڊن جو مال ٻاهر روانو ڪيو، ليڪن 18 صديءَ جي وچ ڌاري انگلينڊ مان مشينن جو تيار ڪيل ڪپڙو اُلٽو هندستان ۾ اچڻ لڳو، جنهن ڪري هتان جي ڪپڙي جي هنر کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو.(1)

ٺٽي جي مغليه نوابن جي علمي محفل:

ٺٽي جا اڪثر مغليه نواب علم پرور، نڪته دان ۽ قدردان هئا. مرزا رستم صفوي، عهد جهانگيريءَ جو ٺٽي جو نواب، پاڻ شاعر هو ۽ تخلص ’فدا‘ هوس. سندس پٽ مرزا مراد، جنهن کي شاهجهان التفات خان جو لقب ڏنو هو، سوبه شاعر هو. ٺٽي ۾ هزارين علماءَ ڪرام رهندا هئا، جن جو وقت جا نواب احترام ڪندا هئا. اٽڪل چار هزار علمي ادارا هن شهر ۾ هئا، جن ۾ مختلف علمن جي تعليم ڏني ويندي هئي. محقق مير عبدالرزاق، نواب امير خان جي ڏينهن ۾ جملي علمن ۾ ماهر ٿي گذريو. نواب مظفر خان جي زماني ۾، سيد ابراهيم بن مير بايزيد بخاري باڪمال عالم ٿي گذريو. نواب خانزاد خان پنجن سالن تائين ٺٽي ۾ رهيو، سندس اشعار خط نسخ ۾ آهن.

نواب مريد خان سنه 1099هه ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو. نواب مريد خان نو مسلم راجڪمار هو، ساڻس ڪي هزار راجپوت ٺٽي ۾ گڏجي آيا هئا. انهن راجپوتن نواب کي شڪايت ڪئي ته ٺٽي جا ڪاسائي ڳائو گوشت کليو کلايو شهرن جي گهٽين ۾ کڻي گهمائين ٿا، جنهن لاءِ کين منع ڪيو وڃي. نواب حفظ الله خان شاهجهان جي وزير سعد الله خان جو پٽ هو. حفظ الله خان نهايت سخي ۽ بليغ شاعر ٿي گذريو ۽ شيخ عبدالغني ٺٽويءَ جو معتقد هو. نواب مير امين الدين خان ولد سيد ابوالمڪارم سنه 1124هه ۾ نواب ٿي آيو- بلند پايه مصنف هو ۽ هر وقت علمائن جي صحبت ۾ رهندو هو: ’رشحات الفنون‘ ۽ ’معلومة الافاق‘ ڪتاب تصنيف ڪيائين.

نواب لطف علي خان نظم ۽ نثر ۾ ماهر ٿي گذريو، ’همت‘ سندن تخلص هو، شاعر محمد محسن سندس تربيت يافته هو. نواب مهابت خان بن محمد منعم خان سنه 1130هه ۾ نواب مقرر ٿي آيو، نهايت غريب پرور ۽ درويش سيرت انسان ٿي گذريو، هر وقت فقيرن جي صحبت ۾ گذاريندو هو ۽ شعر گوئيءَ ۾ ماهر هو، ’ڪاظم‘ تخلص هوس. نواب سيف الله خان ساڳئي سال ٺٽي جو نواب ٿي آيو، ساڻس بزرگن جي جماعت گڏجي آئي هئي، هن تشعيت کي زور وٺايو ۽ سندس ڏينهن ۾ ٺٽي گهڻي رونق ورتي.

مٿين نوابن عام جي ڀلي لاءِ پليون، مسجدون، حوض ۽ محلا تعمير ڪرايا، ان کان سواءِ، جهونين عمارتن ۽ قلعن جي مرمت ڪرائي.(1) مغليه دؤر جو زمانو سنڌ جي سياسي، تمدني، معاشرتي ۽ صنعتي اصلاحات جو زمانو هو.

مشاهير ۽ اهل فن:

سنڌين جو علمي معيار هميشه بلند رهيو، سنڌ جي خاڪ پاڪ مان سوين بي بها گوهر پيدا ٿيا، منجهانئن ڪن اجتهاد جي مسندن کي رونق وٺائي، ڪن سلطانن جي درٻارن ۾ وڏا مرتبا حاصل ڪيا، ڪن شعر و شاعريءَ ۾ ناموري حاصل ڪئي، ڪن علم التاريخ جو نئون باب شروع ڪيو. زمانو پاسا بدلائي رهيو آهي، مگر سنڌي عالمن ۽ صالحن جا نالا هر صديءَ آفتاب ۽ ماهتاب وانگر ضيا پاشي ڪري رهيا آهن. دارالخلافه ٺٽو سنڌ جو جهان آباد (دهلي) هو، جتي چار هزار مڪتب هئا، جن ۾ عراق، عجم ۽ خراسان جا علماءَ ڪرام درس ڏيندا هئا. ٺٽي جي اُستادن جي شاگردن هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ناموري حاصل ڪئي.

مير معصوم بن سيد مير صفا ترمذي وقت جو سياستدان، شاعر ۽ مؤرخ ٿي گذريو. سندس والد سيد صفائي، بکر جو ’شيخ الاسلام‘ هو. مير معصوم جي مرزا نظام الدين احمد مصنف تاريخ ’طبقات اڪبري‘ جي معرفت اڪبر اعظم جي درٻار ۾ رسائي ٿي. پهريائين ٻه سؤ پنجاسيءَ جي منصبداريءَ تي پهتو، بعد ۾ ملتان جو ’مير بخشي‘ (سپه سالار) مقرر ٿيو ۽ سيويءَ ۽ بلوچستان جا پرڳڻا فتح ڪيائين. سنڌ فتح ڪرڻ وقت مرزا عبدالرحيم خان خانان سان همرڪاب هو. سندس قابليت کي ڏسي، اڪبر اعظم مير محمد معصوم کي سنه 1012هه (1603ع) ۾ پنهنجي پاران شاه عباس اعظم صفويءَ جي درٻار ۾ اصفهان ڏانهن سفير ڪري مڪو، جتي هن سنڌي بزرگ پنهنجي سياستدانيءَ جو ثبوت ڏنو. ايران کان سواءِ، مالوه ۽ دکن تائين سفارت جي عهدن تي ممتاز رهيو. فن عمارت سازيءَ سان مير صاحب کي خاص دلچسپي هئي. پنهنجي وطن سکر ۽ بکر کي سينگارڻ لاءِ سنه 1007هه (1598ع) ۾ هن گنبذ دريائي تعمير ڪرايو، جو اڄ ’معصوم شاه جو منارو‘ سڏجي ٿو. ان کان سواءِ، سندس جوڙايل عمارتون ايران ۽ هندستان ۾ پکڙيل آهن. فن شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’نامي‘ هو. سندس تصنيفات مان ’تاريخ معصومي‘ سنڌ جي وچين زماني جي تاريخ آهي. سسئي پنهون جي قصي کي نظم ڪري مٿس ’مثنوي حسن و ناز‘ نالو رکيائين.

مير محمد معصوم ’خمسهءِ نظاميءَ‘ جي جواب ۾ ’خمسه‘ تصنيف ڪيو، جن مان چار ڪتاب دستياب ٿي سگهيا آهن، پنجين ڪتاب جو پتو پئجي نٿوسگهي. ان کان سواءِ فن طب تي هڪڙو ڪتاب ’طب نامي‘ به تصنيف ڪيائين. وفات ڪرڻ وقت، پنهنجي فرزند مير بزرگ لاءِ 30 لک رپيا نقد ڇڏي ويو. سندس اولاد اڄ تائين پراڻي سکر ۾ رهي ٿو سندس پونئير معصومي سادات سڏجن ٿا.

مير قاسم خان نمڪين الهروي بن ملا سبزواريءَ جو والد امام موسيٰ رضا رضه جي درگاه جو متولي هو. مير قاسم لاهور جي درٻار ۾ اڪبر اعظم جي ملازمت حاصل ڪئي ۽ چئن هزارن جي منصبيءَ کي پهتو. سندس خاندان جون قبرون بکر جي اوڀر ۾ هڪڙي ٽڪريءَ تي آهن، جنهن کي غلطيءَ سان ماڻهو ’سٿين جو ٿان‘ سڏين ٿا.

نورجهان بيگم جو پهريون مڙس، علي قلي بيگ، ترڪي خاندان استلجو جو اميرزادو هو. پهريائين شاه اسماعيل صفوي ثانيءَ جي درٻار جو فراش هو. شاه اسماعيل جي مرڻ کان پوءِ هندستان ڏانهن قسمت آزمائڻ آيو. مرزا عبدالرحيم خان خانان جڏهن مرزا جاني بيگ خلاف سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن شير افگن ساڻس همراهه هو. سيوهڻ، نصرپور ۽ ٺٽي جي جنگين ۾ هن چڱو نالو ڪڍيو. سندس اقبال جو ستارو پهريائين سنڌ ۾ چمڪيو، پوءِ اڪبري اميرن جي زمري ۾ شامل ٿيو. ميوار جي راڻي سان جنگ ڪرڻ وقت، هن بهادريءَ جو لاجواب مثال پيش ڪيو. اڪبر اعظم کيس ’شير افگن‘ جو خطاب ڏيئي، مرزا غياث بيگ جي ڌيءَ مهرالنساءِ سان شادي ڪرائي کيس بردوان جي جاگير عطا ڪئي. جهانگير جي اشاري تي قطب الدين چشتيءَ هٿان مارجي ويو. مهرالنساءِ (نورجهان) سان پوءِ جهانگير شادي ڪئي.(1)

شيخ عمر ٺٽوي پنهنجي وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو. شيخ مبارڪ ناگوري کانئس باطني علم سکيو هو ۽ سندس چوڻ تي دنيا جي سياحت ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪيو هئائين. شيخ عمر پويان ڏينهن گجرات ۾ وڃي رهيو. جتي خواجه عبدالله احرار، خطيب ابوالفضل گازروني ۽ مولانا جلال الدين دواني سندس همعصر هئا. شيخ عمر جو شمار گجرات جي علمائن ۾ آهي.(1) مرزا عبدالرحيم خان خانان جي علم پروري ۽ شعراءِ نوازي گهڻن ئي بزگن کي گجرات ڏانهن ڇڪي نيو.

(5) ملا احمد بن نصر الله ٺٽوي السندي اصل شيرازي ملن مان هو ۽ حڪيم فتح الله شيرازيءَ جي سفارش سان فتح پور (سڪري) واري اڪبري علمي مجلس ۾ علمائن جي زمري ۾ شامل ٿيو. ملا احمد شهنشاه جي حڪم سان ٻن مهينن اندر ياقوت حمويءَ جي ’معجم البلدان‘ جي ٻه سؤ جلدن مان ٻارهن جلدن جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. پوءِ هن شهنشاه جي حڪم سان اسلام جي هزار ورهين جي ’تاريخ الفي‘ تصنيف ڪئي، جنهن جا بعض جلد هن وقت رامپور جي شاهي ڪتبخاني ۾ موجود آهن. ’تاريخ الفي‘ جو ديباچو شيخ ابو الفضل لکيو. ملا صاحب پنهنجي وقت جو مؤرخ ۽ محقق ٿي گذريو.

هندستان جي تاريخ جو مصنف، حڪيم محمد قاسم بن مولانا غلام علي استر آبادي، جنهن جي ’تاريخ فرشته‘ هن وقت مؤرخن لاءِ سند آهي، سو ملا احمد جو شاگرد هو.(1) ’تاريخ الفي‘ کان سواءِ ملا صاحب ايران جي شاعر عمر خيام جي ٻن رسالن ’لوازم المنڪنة‘ ۽ ’ميزان الحڪم‘ جو محققانه انداز ۾ تفسير ۽ تبصرو ڪيو آهي، سو قابل تعريف آهي. عيسوي 19 صديءَ جي آخر ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ يورپ جا مستشرق جيڪي عمر خيام جي شخصيت جي ڳولا ڪرڻ نڪتا، تن مان روسي مستشرق والنٽائين زڪو وسڪي، فرينچ محقق هوٽسمان، ايڊورڊ برائون ۽ ڊاڪٽر ڊينيسن راس جهڙن اديبن کي ’تاريخ الفي‘ جي ڳولا ڪرڻي پيئي. سنه 1906ع ۾ پروفيسر برائون تاريخ ’ادبيات ايران‘ تصنيف ڪرڻ وقت ’تاريخ الفي‘ تان مدد ورتي. ملا صاحب پنهنجي قلمي ڪاوشن جي ڪري يورپ جي علمي آسمان تي ضيا پاشي ڪرڻ لڳو. ملا صاحب رافضي هو، تنهن ڪري اڪبري درٻار جا بعض علماءَ کيس تعصبي نگاهُن سان ڏسندا هئا ۽ ساڻس اندروني دشمني رکندا هئا. آخر هڪ رات مرزا فولاد برلاس هٿان سنڌ جو هي درخشان ستارو هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. مرزا فولاد به مٿئين ڏوهه ۾ اڪبر جي حڪم سان مارجي ويو.

شيخ قطب الدين جليسري مجذوب خراباتي هو. عيسائي پادرين سان مذهبي بحث ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اڪبر هن کي بکر جي قلعي ۾ قيد رکيو، جتي هن وفات ڪئي.(1)

شيخ مبارڪ ناگوري سنڌي عربي نسل مان هو. سندس خاندان جو جد اعليٰ شيخ موسيٰ سياحت ڪرڻ جي ارادي سان پنهنجي وطن يمن کان نڪري، گهمندو ڦرندو سنڌ جي ريل پرڳڻي ۾ پهتو، جتي هن شادي ڪئي، جنهن مان سنه 911هه ۾ شيخ مبارڪ ڄائو. شيخ مبارڪ سنڌ مان نڪرڻ کان پوءِ پهرين ناگور پهتو، پوءِ ڪجهه وقت گجرات ۾ رهڻ کان پوءِ آگري پهتو، جتي جمنا جي ڪناري تي خواجه حسين مرويءَ جو پاڙيسري ٿي رهيو. خواجه حسين، شيخ علاءُ الدوله سمنانيءَ جي خاندان مان اهل ڪمال ٿي گذريو. شيخ مبارڪ ظاهري مهدوي فرقي جو قائل هو، ان ڪري وقت جي علمائن اڪبري درٻار ۾ سندس شڪايت ڪئي. مٿينءَ دشمنيءَ ڪري شيخ صاحب ڪجهه وقت روپوش رهيو. آخر سنه 974هه ۾، سندس وڏي پٽ فيضيءَ کي شهنشاه اڪبر جي درٻار ۾ رتبو مليو ۽ شيخ جي قسمت پلٽو کاڌو. اڪبري دور جي آغاز وقت، مخدوم الملڪ عبدالله انصاري ۽ شيخ عبدالنبي وڏن رتبن تي مامور هئا. مخدوم الملڪ شير شاهي زماني کان صدر الصدور هو ۽ شيخ عبدالنبي، جو شيخ عبدالقدوس گنگوهيءَ جو ڏوهٽو هو، سو مذهبي اوقاف ۽ جاگيرن جي انتظام تي مامور هو. اڪبر اعظم فن حديث ۾ سندس شاگرد هو. ٻئي بزرگ جيتري قدر ديندار هئا، اوترو مولويانه تعصب سندن دلين ۾ ڀريل هو. مخالفن لاءِ فتوائون صادر ڪرڻ هنن لاءِ آسان ڪم هو. شيخ مبارڪ تي به هنن شيعيت جو الزام مڙهيو هو، ليڪن مرزا عزيز ڪوڪلتاش شيخ لاءِ شهنشاه کي سفارش ڪئي هئي. خود شهنشاهه به مٿين ٻنهي ملن جي زور ڀڃڻ جي فڪر ۾ لڳل هو. سنه 987هه ۾ شيخ مبارڪ اعلان ڪيو ته بادشاهه کي ’ظل الله‘ جو درجو حاصل آهي. ان موقعي تي علامه فيضي هي خطبو لکيو هو:

”بنام آن ڪه مارا سروري داد،

دلي دانا و بازوئي قوي داد،

بود و صفش ز حله فهم برتر،

تعاليٰ شانه، الله اڪبر.“

شيخ مبارڪ پنهنجي علمي ڪمال جي ڪري صدر الصدور جي رتبي کي پهتو. هو بلند پايه شخص هو، ظاهري توڙي باطني علمن ۾ ڪمال رکندڙ هو. تفسير ڪبير جي انداز تي هڪڙو تفسير چئن جلدن ۾ لکي، مٿس ’منبع العيون‘ نالو رکيائين. سنه 1000هه ۾ وفات ڪيائين ۽ آگري جي چار باغ ۾ دفنايو ويو، جو باغ بابر بادشاهه جوڙايو هو.(1)

ابو الفيض فيضي شيخ مبارڪ جو وڏو پٽ هو، سنه 954هه ۾ آگري ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم والد کان حاصل ڪرڻ کان پوءِ خواجه حسين مرويءَ کان تربيت وٺڻ لڳو. جلوس اڪبريءَ جي 24 سالن جي شهزادي دانيال جو اتاليق مقرر ٿيو. پوءِ درٻار اڪبريءَ ۾ ’ملڪ الشعرا‘ جي رتبي کي پهتو. حقيقت هن ريت آهي ته هندستان اندر ڇهن سوَن سالن جي وڏي مدي اندر فقط ٻه شاعر پيدا ٿيا، جن پارسي شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. پهريون امير خسرو ’طوطيءَ هند‘، ٻيو علامه فيضي السندي. فيضيءَ جي شان ۾ ايران جي مشهور شاعر علي نقي هڪڙو قصيدو ايران کان لکي مڪو هو، جنهن جون چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون:

مرا افگند بر نظم امورم پرتو فيضي

ابوالفيض آن گزين اڪبر و شيخ ڪبير من

اگر هستم مجير اندر سخن او هست خاقاني

و گر من مستجيرم آستان او مجير من

ڪيم با او رسد در شاعري دعويٰ هچشمي

ڪه ديرين خانقاهم من مريد اوست پير من(2)

علم ۽ فن جي خدمت ڪرڻ فيضيءَ جو خاص شوق هو. ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوقين هو، سندس قيمتي ڪتبخاني ۾ 1006 مصنفن جي هٿ اکرن سان لکيل نسخا موجود هئا، جن ۾ طب، نجوم، موسيقي، حڪمت، تصوف، تفسير، فقه ۽ حديث جا ڪتاب شامل هئا. نهايت فياض ۽ سخي هو. اهل ڪمال لاءِ سندس گهر مهمان خانو هو. ملا بدايوني، فيضيءَ کي ملحد، بي دين ۽ زنديق خطاب ڪري ٿو. حقيقت ۾ فيضي جو رتبو بلند هو. سندس مذهبي عقيدن ۽ خيالن جو سندس ديوان مان پتو پئجي سگهي ٿو. سندس ديوان ’طباشير الصبح‘ مان چند بيت هيٺ ڏجن ٿا:

ما طائر قديم نوا را نشناسيم

مرغ ملڪوتيم هوا را نشناسيم

برهان ثبتيم زما نفي بيايد

از مانعم آموز ڪه لا را نشناسيم

در ڪشف حقايق سبق آموخت ضمير هم

ترتيب دليل حکما را نشناسيم

بردانش ما انجم و افلاڪ بخندند

گر صاحب لولاڪ لما را نشناسيم

صد شکر که ما پير و اصحاب رسوليم

در شرع، د گر راه نما را نشناسيم...الخ

درويشن جو دوست هو. شيخ محدث دهلويءَ سان سندس دوستي هئي. اٽڪل هڪ سؤ ڪتاب تصنيف ڪيا هئائين، جن مان ’خمسه‘ يعني نظامي گنجويءَ جي پنجن مثنوين جو جواب سنه 1002هجري ۾ لکي پورو ڪيائين. ’مواردالڪلم‘ جو قرآن پاڪ جو غير منقوط تفسير آهي ۽ ڪلڪتي مان شايع ٿي چڪو آهي، سنه 985هه ۾ لکي ختم ڪيو هئائين. ’سواطع المهام‘ به غير منقوط تفسير سنه 1002هه ۾ تصنيف ڪيائين، جنهن تي مصنف ناز ڪري ٿو. ملا حيدر ڪاشاني ڪتاب جي تاريخ لکي. شاعرن مان ’ظهوري‘ ۽ ملڪ قمي ڪتاب جي تعريف ۾ قصيدا جوڙيا. ’انشاي فيضي‘، علامه فيضيءَ جي خطن جو مجموعو آهي، جن کي سندس ڀاڻيجي نورالدين محمد بن حڪيم عين الملڪ نقل ڪري ڪتاب تي ’لطيفه فيضي‘ نالو رکيو. هي ڪتاب فن انشا پردازيءَ تي بهترين شاهڪار آهي، جيتوڻيڪ ’طباسير الصبح‘ سندس ديوان جو نالو آهي، ليڪن سندس پوري ڪلام جو تعداد پنجاهه هزار آهي.

’لطيفه فيضي‘ حڪيم فتح الله شيرازيءَ جي ’رقعات چهار باغ‘ سان مقابلو ڪري ٿو. سنه 990هه ۾ فيضيءَ ’مهاڀارت‘ کي پارسيءَ ۾ نظم ڪري، مٿس ’رزم گاه‘ نالو رکيو هو. هن ڪم ۾ ملا عبدالقادر بدايوني ۽ ملا شيري سندس مددگار هئا. سنه 983هه ۾ فيضي، ابراهيم سرهنديءَ جي مدد سان ’اٿر ويد‘ جو پارسي ۾ ترجمو ڪيو. فيضي سنسڪرت جو به ماهر هو. هندن جي حساب جي مشهور ڪتاب ’ليلاوتي‘ کي پارسيءَ جو جامو پهريائين. سنه 1004هه ۾ اڪبري درٻار جو هي رتن وفات ڪري ويو.

شيخ مبارڪ جو ٻيو نمبر پٽ علامه ابوالفضل سنه 958هه ۾ آگري ۾ ڄائو. سنه 993هه ۾ اڪبري درٻار ۾ پهرين هڪ هزاري منصب تي فائز ٿيو، پوءِ سنه 1000هه ۾ ٻن هزارن جي منصبيءَ کان سواءِ درٻار اڪبريءَ جو ’مير منشي ممالڪ ڪل هندستان‘ به مقرر ٿيو. ابوالفضل صاحب سيف و قلم ٿي گذريو. دکن تائين فتوحات حاصل ڪيائين. شهزادي سليم الله آباد ۾ بغاوت ڪرڻ سميت پنهنجو سڪو به رائج ڪيو هو، مٿئين معاملي کي سڌارڻ لاءِ شهنشاهه اڪبر ابو الفضل کي روانو ڪيو، مگر گواليار وٽان لنگهندي شهزادي جي چرچ تي اُجين جي راجا هٿان شهيد ٿي ويو. شيخ جي جنازي کي جڏهن کڻي آيا، تڏهن شهنشاه هيٺيون بيت پڙهيو:

”شيخ ما از شوق بيحد چون سوي ما آمده،

ز اشتياق پاي بوسي بي سرو پا آمده.“

سندس تربت گواليار کان پنجن ڪوهن تي انتڙي جي ڳوٺ وٽ آهي. شيخ ابو الفضل جي تصنيفات مان ’آئين اڪبري‘ جا هن سنه 1006هه ۾ تصنيف ڪئي، ٻيو ’اڪبر نامه‘، جو ٻن جلدن ۾ آهي ۽ ٽيون ڪتاب ’رقعات ابوالفضل‘ آهي، جنهن مان سندس طبعي حالات، دلي خيالات ۽ گهرو معاملن جو پتو پوي ٿو. تيموري دور ۾ ’علامه‘ جو خطاب پهرين ابوالفضل کي پوءِ نواب سعد الله خان چنيوٽيءَ کي حاصل ٿيو. شيخ ابو الفضل جي پٽ عبدالرحمان، سعادت يار خان ڪوڪه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي؛ جهانگير کيس ٻن هزارن جي منصبي عطا ڪئي هئي.

ميان مير محمد عرف ميان مير ولد قاضي سائينڏنو سنه 957هه ۾ سيوهڻ ۾ تولد ٿيو. ڪجهه وقت ظاهري ۽ باطني علمن جي تحصيل کان پوءِ، شيخ خضر قادريءَ جو مريد ٿيو. پوءِ سنڌ ڇڏي لاهور جي ٻاهران هاشم پور واري ڳوٺ ۾ سڪونت پذير ٿيو، جو اڄ سندس نالي تي ’ميان مير‘ سڏجي ٿو. هت هزارين ماڻهو سندس مريد اچي ٿيا. هو ’ميان شاه مير‘ جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ سنه 1045هه ۾ وفات ڪيائين. مقبري سان گڏ مسجد به آهي. سندس مريدن مان ملا بدخشاني جنهن سنه 1660ع ۾ ڪشمير ۾ وفات ڪئي، تنهن جي به شاه جهان گهڻي عزت ڪندو هو. هو پاڻ شهزادي دارا شڪوه جو مرشد هو.(1) دارا شڪوه پنهنجي ڪتاب ’سفينة الاولياءَ‘ ۾ حضرت ميان مير جو خلوص ۽ محبت سان ذڪر ڏنو آهي. گهڻائي مغل شهزادا ۽ شهزاديون سندس مريد هئا.

مخدوم محمد ابراهيم عهد شاه جهاني جي ٺٽي جي نواب يوسف خان جي نالي تي ’شرح مخزن الاسرار‘ معنون ڪيو هو، جنهن ۾ هن صاحب نواب جي بيحد واکاڻ ڪئي آهي.

شيخ طيب السندي اڪبر اعظم جي زماني ۾ سيد عبدالاول حسيني شارح صحيح بخاريءَ کان احمد آباد ۾ فن حديث جي تعليم ورتي. سيد عبدالاول حسيني بيرم خان خانان جي دعوت تي بخارا کان گجرات آيو هو. استاد جي وفات کان پوءِ شيخ طيب پنجاهه ورهين تائين ايلچ پور ۽ برهانپور ۾ علم حديث جي خدمت ڪندو رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين.(1)

شيخ عبدالله بن سعد الله متقي ۽ شيخ رحمت الله بن عبدالله، ٻئي سنڌ جي علمي کاڻ جا چمڪندڙ هيرا هئا، جن کي آب داڻي جي ڪشش باب اسلام (سنڌ) کان ڇڪي احمد آباد نيو هو. سندن علميت جو ڏونڪو دهليءَ تائين وڄڻ لڳو. شيخ بهلول دهلوي سندن علم ۽ ڪمال جو ٻڌي گجرات اچي زانوي تلمذ سندن اڳيان کوڙيو ۽ پوءِ فارغ التصيل ٿي دهلي ۾ علم حديث جي تعليم ڏيڻ لڳو.

شيخ ابوالحسن بکري السندي اڪبر اعظم جي ڏينهن ۾ وڏو محدث ۽ عالم ٿي گذريو. هن مڪه معظمه ۾ تعليم ورتي هئي ۽ علامه ابن حجر مڪيءَ جو همعصر هو. شيخ ابو الحسن جي علمي ڪماليت لاءِ ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته علامه مجدالدين محمد بن طاهر فتني سندس شاگرد هو، جنهن جي تصنيفات مان لغت حديث متعلق ’مجمع بصارالانوار‘ علمائن جي راءِ موجب ’صحاح سته‘ جي شرح آهي. سندس ٻيا ڪتاب جهڙوڪ، ’المعني في اسماءَ الرجال‘ ۽ ’تذڪرة الموضوعات‘ بي مثل ڪتاب آهن. ملامه مجددالدين سنه 986هه ۾ اُجين وٽ شهيد ٿيو. سندس فرزند دور عالمگيريءَ ۾ قاضي القضات جي جليل القدر رتبي کي پهتو هو. سندس عدد ۽ بي ريا فيصلن جي شاهنَواز خان ’ماثرالامراءَ‘ ۾ تعريف ڪئي آهي.(1)

مخدوم ابو القاسم نقشبندي ٺٽوي، ٺٽي جي مشهور عامل ڪامل مخدوم آدم جي صحبت ۾ تصوف جون منزلون طئي ڪرڻ کان پوءِ شاه سيف الدين سرهندي نقشبنديءَ جي خدمت ۾ پهتو ۽ اتان فيض پرائي ٺٽي پهتو، جتي وڏا وڏا علماءَ به سندس معتقد ۽ مريد ٿيا. مخدوم محمد هاشم جهڙا بلند پايه عالم به سندس بيحد معتقد هئا. دهلي، سورت ۽ احمد آباد ۾ سندس مريد ۽ خليفا هئا. محمد شاه جي ڏينهن ۾ سنه 1138هه ۾ رحلت فرمائي ويو.

شاه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله ولد ملا يوسف ولد ملا شهاب الدين ولد مخدوم صدولانگاه – سندس وڏا بغداد کان لڏي اچي اُچ شريف ۾ رهيا ۽ اتي جي غوثيه درگاه جا مريد ٿيا. مخدوم فضل الله اُچ جي درگاه جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو. شاه عنايت الله صوفي 55-1656ع ۾ تولد ٿيو. ملتان جي ڪامل درويش شمس شاه کان چڱو ئي فيض پرايائين. هن اهل دل صاحب کيس وري حيدرآباد دکن مبارڪ شاه عبدالملڪ، هڪ الله لوڪ ڏي روانو ڪيو. سير ۽ سفر بعد اچي ميران پور (جهوڪ شريف) وسايائون. سندس فقيريءَ جي شهرت ديسان ديس پکڙجي ويئي. سندس فقيريءَ جي غلغلي بلڙيءَ جي سادات مان سيد عبدالواسع ڪريم پوٽي ۽ ڀر وارن زميندارن کي ايترو ڊيڄاريو، جو هنن وقت جي حاڪم مير لطف علي ٺٽي جي نواب کي شڪايت وڃي روبرو پيش ڪئي. هن سواءِ ڪنهن سبب جو نور محمد پليجي زميندار کي حڪم ڏنو ته هڪدم بلڙيءَ وارن جي مدد ڪري. هن اوچتو فقيرن تي ڪاهي، ڪيترائي ماڻهو شهيد ڪيا. فقيرن ظلم جي روئداد دهليءَ جي مغل شهنشاه فرخ سير کي وڃي سڻائي، جنهن خونين جون سموريون زمينون خون بها ۾ فقيرن کي ڏياريون. فقيرن ايترو زور ورتو جو گادي نشين پيرن، زميندارن، خواه علماءَ سندن وڌندڙ اثر رسوخ مان تنگ ٿي وقت جي حاڪم ٺٽي جي نواب اعظم کي چوريو، جنهن ميران پور تي ڇهه مهينا گهيرو ڪيو، مگر ڪجهه ڪين وريو. آخر کليءَ درٻار ۾ سوالن جوابن کان پوءِ، مغليه نواب فقير کي سنه 1130هه (1718ع) ۾ شهيد ڪرايو. نواب جي روبرو فقير صوفي صاحب جيڪي سوالن جا جواب ڏنا، تن کي مير علي شير قانع ٺٽوي ’مقالات الشعرا‘ ۾ نقل ڪيو آهي، جنهن مان صوفي درويش جي بزرگي ۽ ڪماليت معلوم ٿئي ٿي. مرڻ مهل سندس زبان تي هيٺيون شعر روانو:

”رهانيدي مرا از شر هستي،    جزاک الله في الدارين خيرا“(1)

مغليه دور اندر سنڌ ۾ سڌارا:

مغليه دور اندر سنڌ ۾ جيڪي حڪومت پاران سڌارا ٿيا، سي اڳ ۾ ڪونه ٿيا هئا، بلڪ سنڌ جا رهاڪو اهڙن سڌارن کان بيخبر هئا: مثلا، مسافرن لاءِ قافلي سرائون تيار ٿيون، رستن تي ٻن ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي ٽڪنڊا پٿرن ۽ سرن جا نشان کڙا ڪيا ويا، فن عمارتسازيءَ بيحد ترقي ڪئي، وڏن شهرن ۾ باغ پوکرايا ويا، حمامن جو رواج سنڌ ۾ عربن وڌو هو، پوءِ مٽجي ويو. مرزا عبدالرحيم خان خانان گجرات ۾ محمد علي معمار کان حمام تيار ڪرائي وقف عام ڪري ڇڏيا، ان کان پوءِ سلطنت جي ٻين صوبن ۾ حمامن ۽ غسلخانن جو عام رواج پئجي ويو. مسافرن جي آرام ۽ آسائش لاءِ رستن جي ٻنهي پاسن کان وڻ پوکرايا ويا، غريب حاجين کي حج ڪرڻ ۾ اڳ تڪليفون درپيش هيون، اڪبري دؤر ۾ خان خانان ٽي جهاز ’رحيمي‘، ڪريمي‘ ۽ ’سالاري‘ نالي تيار ڪرايا. جن جي ڪري غريب حاجين کي حج ڪرڻ جي موقعي تي حج گهڻي عرصي بعد نصيب ٿيو.

سنڌ هڪ زرعي صوبو هو، جنهن ۾ عربن ميوي دار وڻ پوکيا هئا، تنهن کان پوءِ مغلن عمدن ميون پوکائڻ جو رواج وڌو، جهڙوڪ صوف، ڊاک ۽ گدرا وغيره. ان کان سواءِ طرحين طرحين گلن جو رواج پيو. ’ماثر رحيمي‘ ۾ لکيل آهي ته، هندستان ۾ اڳ گدرا پٽيءَ ڪونه ٿيندا هئا، انهن جو رواج وجهڻ جو فخر خان خانان کي آهي، جنهن ايران ۽ خراسان کان ٻج گهرائي پهريائين تجربي طور گجرات ۾ پوکرايا، پوءِ ٽن سالن اندر ٻين صوبن ۾ گدرن پوکڻ جو رواج پئجي ويو. مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌي باشندا جلد سازي، جدول سازي، نقاشي ۽ فن مصوريءَ کان واقف ٿيا. ٺٽي ۾ شيراز جا بعض علماءَ رهندا هئا، جيڪي خط نسخ ۽ خط نستعليق کان واقف هئا، جن مان ڪن خوشنويسن جو بيان ڏيئي چڪا آهيون. ڪتبخانن سان گڏ مصوريءَ ۽ ڪتابن تي طلاڪاريءَ جو رواج پيو. ڪتبخانن جو رواج سما سلاطين جي ڏينهن ۾ پيو.

ڄام نندي ۽ ڄام بايزيد وٽ ڪتبخانا هئا، ان زماني ۾ ڇاپخانا ڪونه هئا، امير لوڪ خوش نويسن کان ڪتاب لکرائيندا هئا، فن ڪتابت جو رواج سنڌ ۾ عربن وڌو هو، مغلن جي ڏينهن ۾ هي فن انتهائي عروج کي پهتو. نامور اديبن ۽ انشاپردازن جو اميرن ۽ شهنشاهَن جي درٻارين ۾ قدر ٿيڻ لڳو. عهد جهانگيريءَ ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪاري خرچ سان شفاخانا تعمير ٿيا. جن ۾ جراه ۽ حڪيم مقرر هئا، فوجن لاءِ گشتي شفاخانا هئا. لاوارثن جو مال بيت المال ۾ جمع ٿيڻ لڳو ۽ اها رقم پبلڪ ورڪس تي خرچ ٿيڻ لڳي. قيدين لاءِ جيل خانا تعمير ٿيا. بکر جي قلعي ۾ ضرب خاني سان گڏ جيل خانو به هو، وغيره وغيره.

مسلمانن جي فارغ البالي ۽ جدت طلبيءَ ڪري هزارين نيون شيون ايجاد ٿيون. گويا هڪ نئين دنيا پيدا ٿي ويئي، لباس ۾ ڦيرو پئجي ويو، جهڙوڪ پيشواز، قبا، فرغل، اچڪن، سلوار، جامو، صدري، قميص، ڪلاه، ڪمربند مغليه دور جا وڳا آهن، جن جو رواج هلندو اچي ٿو. سنڌ جي ڪپڙن جي ڪارخانن ۾ نارنگي، قرمزي، ارغواني، عنابي، سوسني، زمردي رنگن جا ڪپڙا ۽ ڇيٽون تيار ٿيڻ لڳيون.(1) مغليه دور اندر عورتون برقعن ۾ پهريون دفعو ٻاهر نڪرڻ لڳيون، نه ته اڳ ڏولين جو رواج هو. ڪپڙن کان سواءِ طرحين طرحين برتنن جو رواج پيو. مثلا: آفتابه، چلمچي، ڪف گير وغيره.

مغليه دؤر جون سنڌ ۾ يادگارون:

مغليه دؤر اندر جيئن هندستان فن عمارتسازيءَ ۾ ترقي ڪئي، تيئن سنڌ جي سرزمين به عمارتن، مسجدن ۽ خانقاهُن ڪري ايتري رونق ورتي، جو اهڙي ٻئي ڪنهن به دؤر ۾ ڪانه ورتي هئائين. سنڌ جي مغليه دؤر جون عمارتون انگريزي دؤر ۾ محڪمه آثار قديمه جي نگرانيءَ هيٺ هيون.(1)

سنه 1003ع ۾، مير محمد معصوم بکريءَ پنهنجي وطن سکر ۾ ’دريائي گنبذ‘ منارو تعمير ڪرايو. سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد مير بزرگ سنه 1027هه ۾ مناري جو رهيل ڪم پورو ڪرايو. منارو هڪڙي ٽڪريءَ تي 84 فوٽ اوچو آهي. عام روايت آهي ته مناري جون پڪيون سرون الور جي قديم عمارتن مان پٽرائي آنديون هئائون مناري جي لڳ فيض محل (آرامگاه) هڪڙي هشت پهلو گنبذ سان عمارت آهي، جا سنه 1004هه ۾ جوڙائي ويئي. اها جاءِ برج جي نموني ۽ پنجاهه فوٽ کن اوچي آهي. ونگن سان چار دروازا اٿس، جن مٿان آرپار چار دريون آهن ۽ اندرئين پاسي کان گئلري اٿس. مناري جي سامهون هڪڙي چؤرس تجر آهي، جو سلطان محمود بن فاضل ڪوڪلتاش جو مقبرو آهي.

قافلي سراءِ:

پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ جيل جي ڀر ۾ هڪ هشت پهلو گنبذ آهي. سندس چؤطرف ست کوهه هئا، جي لٽجي ويا آهن، فقط هڪ موجود آهي. هيءَ عمارت جنهن جو ديوار کان گنبذ چاليهه فوٽ مٿي آهي، هڪ خوبصورت جاءِ آهي. ايئن معلوم ٿو ٿئي ته قافلي سراءِ هئي، جا سنه 1005هه ۾ تعمير ٿي هوندي. سندس اولهندي ۾ مسجد آهي.

درياءَ جي ڪپ تي ’ساڌ ٻيلي‘ سامهون مسجد منزل گاه آهي، جا مير معصوم سنه 1006هه ۾ تعمير ڪرائي. سندس ڀر ۾ هشت پهلو جاءِ آهي، جا سنه 1007هه جي جڙيل آهي. گنبذ تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آهي. اهي جايون هڪڙي باغ سان ملحق هيون. مسافرن جي آرام ۽ عبادت لاءِ جڙيل آهن.(1) شروعات  ۾ انگريزن مسجد منزل گاه واري هشت پهلو گنبذ کي سفارتخاني جي آفيس طور ڪم آندو هو. سندس ڀرسان باغ ويران آهي.

بکر جي قلعي جي اتر ۾ خواجه خضر واري خانقاه نواب ڪشلوخان تعمير ڪرائي هئي. سندس اولاهينءَ ڪنڊ تي هڪڙي مسجد شڪسته حالت ۾ آهي، جا نواب سعد الله خان بکر واري سنه 1011هه ۾ تعمير ڪرائي هئي.

روهڙيءَ جي ڪناري تي ڏکڻ – اوڀر ڪنڊ کان ٽڪريءَ تي جيڪو ’ستين جو ٿان‘ سڏجي ٿو، سو حقيقت ۾ ’قاسم خواني‘ آهي. ان ٽڪريءَ کي اڪبري درٻار جي امير ڪبير ابوالقاسم نمڪين هرويءَ پنهنجو آخري آرامگاه منتخب ڪري، مٿس ’صفحه صفا‘ نالو رکيو هو. ٽڪريءَ تي هڪ سؤ پڪيون قبرون اڪبري دور جي رسم الخط ڪتبن سان موجود آهن. ماڻهن من گهڙت روايتن سان هن ٽڪريءَ کي ستين جو ٿان نالو ڏنو آهي. پوءِ جي مؤرخن امير ابوالقاسم جي مناسبت سان هن تي ’قاسم خاني‘ نالو رکيو. قبرن جي ڪتبن مان ظاهر آهي ته سنه 1018هه کان سنه 1070هه تائين هيءَ ٽڪري قاسم خاني خاندان جي قبرستان طور ڪم ايندي رهي آهي.

روهڙي سنڌ جو قديم شهر سنه 1297ع جو جڙيل آهي. هتي جي جامع مسجد، جا وار مبارڪ ڀرسان هڪڙي پُرفزا هنڌ تي آهي، ان تي ٽي گنبذ آهن. اها اڪبر جي نواب فتح خان سنه 992هه ۾ تعمير ڪرائي. روهڙيءَ جي ڏکڻ طرف اولاهين ڪنڊ تي عيدگاه مير معصوم تعمير ڪرايو، جنهن جي اولاهين ڪنڊ تي گنبذ جڙيل آهن، جي سنه 1002هه ۾ تعمير ٿيا. بکر ۽ سکر مير معصوم جو وطن هو، جن کي سينگارڻ جو کيس هميشه شوق دامنگير رهندو هو. روهڙيءَ جي جامع مسجد انگريزي دور ۾ اتي جي مختيارڪار مرزا ڪلب عليءَ سنه 1320هه ۾ مرمت ڪرائي.

سيوهڻ ۾ عارف ڪامل لعل شهباز قلندر جو مقبرو پهريائين سلطان فيروز شاه تغلق، پوءِ مرزا جاني بيگ تعمير ڪرايو هو. پوءِ شاهجهان صاحبقران ثانيءَ جي ڏينهن ۾ نواب سيد ديندار خان بخاريءَ مقبري جي صحن کي فرش هڻائي اتي ٻه مسجدون تعمير ڪرايون. ساڳئي نواب سنه 1042هه ۾ شيخ ڇٽي امراني درويش جي مقبري تي گنبذ تعمير ڪرايو ۽ صحن ۽ ديوارن تي ڪاشيءَ جون سرون هڻايون.

ساريءَ سنڌ اندر آثار قديمه جي نظرن ۾ ٺٽي کي جيڪا اهميت آهي، سا ٻئي ڪنهن به شهر کي حاصل ڪانه آهي. هتي جي جامع مسجد شاهجهانيءَ جو نمونو مغليه آهي. بنياد مضبوط پٿر جو رکيل اٿس، ان کان پوءِ مضبوط ۽ پڪين سرن سان عمارت آهي. مسجد جي ڍڪيل حصي ۾ هشت پهلو عمارت تي هڪ وڏو گنبذ اڏيل آهي، جنهن تي رنگين ڪاشيءَ جو خوشنما ڪم ڪيل آهي. ڇت ۾ ڪل 92 گنبذ ننڍا وڏا اٿس، جن ۾ ٽي اندريان گنبذ بلڪل اهم آهن. ’لب تاريخ‘ واري جو چوڻ آهي ته هن مسجد جو ڪم مير ابوالبقا امير خان ولد نواب ابوالقاسم بکريءَ شاهجهان جي حڪم سان سنه 1054هه ۾ شروع ڪرايو ۽ ان کان پوءِ مسجد جي تڪميل سنه 1068هه ۾ ٿي. آثار قديمه (اولهندي هندستان کاتي) جي رپورٽ ۾ ڏيکاريل آهي ته مسجد جو ڪم سنه 1052هه ۾ ختم ٿيو. مٿس 9 لک رپيا خرچ ٿيو. ڪتبي تي سنه 1104هه لکيل آهي، يعني عالمگيري دور ۾ به انهي مسجد جي تعمير ٿي آهي.(1)

ٺٽي شهر جي بازار جي مهڙ واري هنڌ تي مسجد ظفر خان، مسجد خضر حيات سڏجي ٿي. دراصل سنه 1022هه ۾ جهانگير جي زماني ۾ مير عبدالرزاق حسيني المموريءَ هيءَ مسجد تعمير ڪرائي، جو سنه 1021هه ۾ مرزا رستم صفوي ٺٽي جي نواب پاران محصول اڳاڙڻ تي مامور هو.

مسجد اميرخاني ٺٽي ۾ هندن جي پاڙي ۾ ننڍي گنبذ واري مسجد آهي، جنهن کي صحن وغيره ڪجهه به ناهي، سنه 1039هه ۾ شاهجهان جي نواب ابوالقاسم امير خان تعمير ڪرائي هئي. آثار قديمه جي بي توجهيءَ ڪري ويران ٿي ويئي آهي.

ٺٽي جو عيد گاه شهر کان ٻاهر ڪوه مڪلي تي شاهي يادگار آهي. عيد گاه کي فقط مغربي پاسي کان هڪڙو دروازو آهي. نواب يوسف خان عهد شاهجهانيءَ ۾ سنه 1043هه ۾ تعمير ڪرايو. نواب يوسف خان وڏو علم پرور هو، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سندن بيحد واکاڻ ڪئي آهي. عيد گاه جي مرمت ٽالپري دور ۾ ميان الله بخش عباسي 1281هه ۾ ڪرائي.

مقبره شريف خان مڪليءَ تي دمڙيءَ جي قبي سان مشهور آهي. نواب شريف خان شريف الملڪ سنه 1035هه ۾ جهانگير پاران ٺٽي جو نواب هو. گنبذ اندر ٽي قبرون آهن، جن مان نواب يوسف خان جي سنگ مزار تي سنه 1052هه لکيل آهي. مقبره امين الدين خان: هيءُ امير سنڌجي علمي سادات خاندان مان عهد عالمگيريءَ ۾ ٺٽي جو نواب هو. مقبرو شڪسته حالت ۾ آهي. ڪتبي تي سال 1188هه لکيل اٿس.

ڪلمتين کي دهلي درٻار پاران رعايتون ملڻ:

لوئر سنڌ ۾ ڪلمتي، نومڙيا ۽ جوکيا، ٽي قومون رهنديون هيون، جن مان ڪلمتي بلوچ هئا، باقي ٻيون قومون نو مسلم راجپوت هيون، ليڪن هي ٽيئي قومون بلوچن سان تعاون ڪري بلوچ ڪنفيڊريسي جون معاون ۽ مددگار هيون. هو لاهري بندر کان ٺٽي ڏانهن ويندڙ مال جي قافلن کي ڦريندا هئا. وري جڏهن اپر سنڌ يا بلوچستان ۾ بلوچ ڪو فساد ڪندا هئا، ته فساد جا شعلا لوئر سنڌ کي به وڪوڙي ويندا هئا. اورنگزيب پنهنجي حڪومت جي ڏينهن ۾ هرهڪ تجارتي منزل تي بلوچن جون فوجي چوڪيون مقرر ڪيون هيون. منجهانئن ڪلمتي، جي حب ۽ ڪلاچيءَ (ڪراچي) جي وچ ۾ رهندا هئا، تن کي اورنگزيب لاهري کان ڀوڏسر ڏانهن ويندڙ قافلن جي حفاظت ڪرڻ تي مقرر ڪيو هو. ڪلمتين جي سردار کي دهلي درٻار کان ميرپور ساڪري ۾ جاگيرن سميت، ساليانو 9600 رپيا سرڪاري وظيفو ملندو هو. ڪلمتين جي ٻن سردارين، بابراڻين ۽ بجاراڻين جا شجرا هيٺ ڏجن ٿا:


(1) F. Bornier's Travels (1665-1668), Vol. I, P. 475

سنه 1707ع ۾ غازي اورنگزيب جي وفات وقت، مغليه شهنشاهت جي سالياني اُپت 30،17،96،859 رپيا هئي. ان زماني جي في مغليه رپئي جي قيمت موجوده زماني جي ٻن شلنگن ۽ ٽن پينسن جيتري هئي.

(1) اڪبر اعظم جي زماني ۾، منصبدارن جو جملي تعداد 66 هو. سندن سوارن جي گهوڙن کي سرڪار طرفان داغ ڏبا هئا. منصبدار جو ماهوار پگهار هڪ سؤ کان وٺي ستن سؤن تائين هو. سندن درجو اُمرائن وانگي هو.

(1) مغليه توبخاني ۾ پورچوگيز، انگريز، ڊچ، فرينچ، جرمن به ڀرتي ٿيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ديسين جي مقابلي ۾ اهي گهڻا تجربيڪار هئا. گهڻا ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوجن جا ڀڳل سپاهي هئا، جي وڏين پگهارن جي لالچ تي مغليه توبخاني ۾ نوڪري ڪندا هئا. هر هڪ فرنگي توبچيءَ کي ماهوار ٻه سؤ رپيا پگهار ملندو هو. قلعن کي بارود سان اُڏائڻ جو فن مغلن کي ڊچن سيکاريو هو. ڏسو برنيئر جو ’سفرنامو‘ جلد-1، ص 31-32.

(1) عجائب الاسفار: جلد-2، ص- 140.

(1) W. H. Mooreland: Akbar to Aurangzeb, P. 285 (1923)

(1) Bombay Government Record No. XVII, (New Series) Part-II, P. 596 (1836)

(1) J. Sarkar: Moghal Administration (Second Series) PP-71-81.

(1) قافلي سرائن ۾ وهٽن جي هئڻ ڪري گندگي رهندي هئي. بلوچ ڌاڙيلن جي ڪاهُن کي روڪڻ لاءِ لاهري بندر جي وچ شهر ۾ پٿر جو مضبوط قلعو جڙيل هو، جنهن تي توبون رکيل هيون.

(1) سنه 1662ع ۾، مغلن جي ڏينهن ۾، سنڌ ۾ سخت ڏڪر پيو، مانوسي، جو اُن وقت بکر ۾ هو، لکي ٿو ته، مکڻ جو هڪ آئونس رپئي پئي مليو، ڪڪڙ جو چوزو تيرهن رپين پئي مليو ۽ هن پاڻ ٻه گابا ڇهه سؤ رپئي ۾ خريد ڪيا.

(1) J. Sarkar: History of Aurangzeb, Vol-I, PP. 114-125.

(1) H. T. Sorely: Shah Abdullatif of Bhit, P-40, Londo. 1940.

(2) Postonl: Personal Observations on Sindh, PP-264-265, London, 1943.

(1) J. Sarkar: Moghal Administration, (Second Series), PP. 71-81, (1952).

تاريخ هند: مولوي ذڪاءُ الله، جلد -5، ص- 669.

(2) J. Burnes: A Visit to the Court of Sindh in 1828, PP. 66-67, Edinburgh, 1831.

(3) Bombay Govt. Record, No. XVIII, (New Series) Part-II, P-425, 1836.

(1) سڪندريه (مصر) جي شيخ برهان الدين اعرج جو ڀاءُ زين الدين سيوهڻ جي مدرسي ۾ تعليم وٺندو هو. شيخ ابن بطوطا معرفت شيخ برهان الدين پنهنجي ڀاءُ ڏانهن سلام مڪا هئا. اهو ئي سبب هو، جو ابن بطوطا سيوهڻ ۾ اتي جي مدرسي ۾ قيام فرمايو هو.ڏسو رحلته: ابو عبدالله محمد ابن عبدالله المعروف به ابن بطوطا، جلد -1، ص-11، مطبع وادي النيل، مصر، 1287هه.

(1) سنه 1670ع ۾ هڪڙي انگريز جوب چارنڪ، چتاناتي ڳوٺ ۾، جت مهاڻا رهندا هئا، ڪلڪتي جو بنياد وڌو. پوءِ هي شهر انگريزن جي راڄ ۾ دهلي کان اڳ هندستان جو تختگاه ٿي رهيو.

(1) سموري بيان لاءِ ڏسو ’تحفة الڪرام‘ جلد - 3.

(1) تاريخ هند: مولوي ذڪاءُ الله، جلد-5، ذڪر عبدالرحيم خان خانان (سنڌ تي ڪاهه)

(1) ياد ايام: مولوي حڪيم عبدالحي، ذڪر گجرات جا علماءِ. تاريخ هند: جلد – 5، ذڪر شيخ مبارڪ ناگوري.

(1) تاريخ فرشته: جلد-2، ص – 379، اردو ترجمو. پاڻ لکي ٿو ته ملا احمد ٺٽوي سندس استاد هو.

قاضي نصر الله قاضي قاضن جو ڀاءُ هو، سنه 947هه ۾ قاضي قاضن جي استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ مرزا شاه حسن قاضي نصر الله کي بکر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو.

(1) تاريخ هند: مولوي ذڪاءُ الله، ص – 735. مولوي صاحب لکيو آهي ته سنڌ جا ڪي سمينه برهمڻ، جي تناسخ جا قائل هئا، تن کي اڪبر بادشاه مذهبي بحث ڪرڻ لاءِ فتح پور سڪريءَ جي عبادتخاني ۾ گهرايو هو.

(1) درٻار اڪبري: مولانا محمد حسين آزاد، ذڪر شيخ مبارڪ ناگوري، مطبع لاهور.

(2) علامه فيضيءَ کان اڳ غزالي ايراني اڪبري درٻار جو مالڪ الشعراءِ هو.

شعر العجم: شبلي، جلد – 3، ص – 28.

(1) الوحيد، ’سنڌ آزاد‘ نمبر: ص 179، جون 15، سنه 1936ع، ڪراچي.

Bernier's travels, Vol I, P. 151.

(1) ياد ايام: مولانا سيد عبدالحي، ص – 34 – 72.

(1) ياد ايام: مولوي عبدالحي، ص 34 – 72.

(1) لغات لطيفي: مرزا قليچ بيگ، ص – 158، تاريخ شعراءِ سنڌ: فقير هدايت علي، ص – 19. مخدوم ابو القاسم لاءِ ڏسو الوحيد ’سنڌ آزاد‘ نمبر – 15، جون، 1936ع.

(1) سموري بيان لاءِ ڏسو، ’تزڪ جهانگير‘، جلد – 1، علي ڳڙهه، ماثر الامراءِ، شاهنواز خان، جلد – 1، ص – 103، مقالات شبلي: ص – 89، درٻار اڪبري، محمد حسين آزاد. چنار جو وڻ به پهريون دفعو ڪشمير ۾ پوکيو ويو. ’تزڪ جهانگيريءَ‘ ۾ گلن ۽ ميون کي پيوند هڻڻ ۽ فقراءِ لاءِ لنگر خانن جو به ذڪر ڏنل آهي.

(1) سنه 1870ع ۾، برٽش انڊين حڪومت آثار قديمه جو محڪمو کوليو ۽ هن اتي جي نگرانيءَ جو ڪم سر اليگزينڊر ڪننگهام جي سپرد ڪيو، جو پاڻ هندستان جي قديم جاگرافيءَ جو مصنف هو. سنه 1878ع ۾، لارڊ لٽن گورنر جنرل پوڻا چار لک روپيا مٿئين کاتي جي خرچ لاءِ منظور ڪيا. لارڊ ڪرزن جهانديده وائسراءِ هو، هن تاريخي عمارتن جي حفاظت لاءِ ’ائنشنٽ مانيومينٽ پرزرويشن ائڪٽ‘ منظور ڪرڻ کان سواءِ، آثار قديمه جي کاتي مٿان هڪ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو. پوءِ مرڪزي حڪومت جي جدوجهد کي ڏسي رياستن جي والين به آثار قديمه جو کاتو کوليو.

The Indian Year Book 1941-42. Vol. XXVIII. Chp. Archeology, Bombay.

(1) مير معصوم بکريءَ کي عمارتسازيءَ جو شوق هو، سندس يادگارون اصفهان، تبريز، آگري، فتح پور سڪري، ڌاروار، اُجين، مانڊو، برهانپور، بيانه، ناگور ۽ قنڌار ۾ آهن.

(1) انگريزي دؤر ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنه 1272هه (1855ع) ۾ سيد صابر علي شاه مرحوم ۽ ميان الله بخش شاڪرانيءَ جي معرفت چندا ڪرائي مسجد جي مرمت ڪرائي. اُن کان پوءِ سنه 1311هه (1894ع) ۾ ڪمشنر جيمس خانصاحب رسول بخش ٺٽي جي مختيارڪار معرفت جامع مسجد جي مرمت ڪرائي ۽ انهيءَ چندي ۾ سر مير فيض محمد خان مرحوم والي رياست خيرپور 4 هزار رپيا ڏنا ۽ ڪمشنر 4 هزار رپيا، ٻين معززن کان وصول ڪيا. سنڌ سرڪار چندي ۾ ڪل پنج سؤ رپيا ڏنا هئا. ’لب تاريخ‘ جي صاحب جو چوڻ آهي ته مرمت تي 20 هزار لڳا هئا. ان کان پوءِ ڪنهن به مسجد کي هٿ ڪونه لاتو آهي. سنڌ ۾ تيموري خاندان جو هميشه رهندڙ يادگار زماني جي بي وفائي تي مرثيه خواني ڪري رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org