سنه 612هه (1218ع) ۾ تاج الدين يلدوز پنجاب تي
ڪاهه ڪئي، مگر التمش کان شڪست کائي گرفتار ٿي ويو.
سنه 614هه (1217ع) ۾ ناصرالدين قبچه پنجاب تي قبضي
ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. التمش
جي وزير نظام الملڪ بن ابو سعيد جنيديءَ اُچ تي
ڪاهه ڪئي، ناصرالدين گجرات ڏانهن ڀڄي ويو، پر ٿورن
ڏينهن کان پوءِ ديبل جي رستي کان سيوهڻ جي قلعي تي
قبض: ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سنه 625هه (1228ع) ۾ التمش
بنگال جي باغين کي دٻائڻ کان پوءِ ڪامياب ٿي اوچ
جي قلعي تي قبضو ڪيو. التمش جي اچڻ جو ٻڌي،
ناصرالدين بکر جي قلعي ۾ وڃي لڪو. وري جڏهن دهليءَ
جي لشڪر بکر تي ڪاهه ڪئي، تڏهن ناصرالدين خزاني
جون ٻيڙيون ڀرائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خزانن سميت
درياءَ ۾ ٻڏي مئو. هن سنه 602هه کان سنه 625هه
تائين، جملي 23 ورهيه سنڌ تي هن حڪومت ڪئي. ڪيچ
مڪران به سندس ماتحت هو.
بکر جو قلعو:
بکر جي قلعي جو ڪڏهن بنيا دپيو، ان باري ۾ صاحب
’لب تاريخ‘ جو بيان آهي ته سنه 333هه ۾ عباسي
خليفن جي ڏينهن ۾ مهراڻ جي ٻن شاخن جي وچ ۾ تعمير
ٿيو.(1)
’تحفة الڪرام‘ ۾ سندس اڳوڻو نالو ’فرسته‘ ڏنل آهي.
هندو راڄ جي زماني ۾ سندس نالو نشان ڪونه هو. الور
جي ويرانيءَ کان پوءِ اتي جا رهاڪو لڏيندا بکر ۽
سندس پسگردائيءَ ۾ وڃي رهڻ لڳا. چون ٿا ته سيد
محمد مڪي رحه جڏهن صبح جو هن ٻيٽ ۾ داخل ٿيو، تڏهن
فرمايائين:
”جعل الله بکر تي في بقعته المبارکته“ ”يعني ته
الله تعاليٰ منهنجو صبح برڪت واري هنڌ تي ڪيو.“
مٿئين بيان موجب بکر الور جي ويرانيءَ کان اڳ آباد
ٿيو ۽ مٿس هجري ستين صديءَ ۾ بکر نالو پيو. هجري
اٺين صديءَ ڌاري ابن بطوطا لکي ٿو ته، شهر جي وچ ۾
هڪڙي خانقاه آهي، جت غريبن کي کاڌو ملي ٿو. هت
سندس ملاقات قاضي ابو حنيفه، شمس الدين محمد
شيرازي ۽ شيخ شمس الدين سان ٿي، جن مان پوئين بزرگ
جي عمر هڪ سؤ ويهه ورهيه هئي.(2)
اُچ جي علمي محفل:
ناصرالدين قباچه سنڌ تي فقط 23 ورهيه حڪومت ڪئي.
مگر مٿئين مختصر عرصي ۾ سنڌ جي علمي محفل گهڻي
رونق ورتي، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ ڳکڙن جي ظلم ڪري
۽ مغلن جي ڪاهُن جي ڪري اتر پنجاب وارو رستو بند
هو ۽ ترڪستان، افغانستان ۽ خراسان کان اچڻ لاءِ
فقط ملتان جو رستو کليل هو. جيڪي به بزرگ ان زماني
۾ سنڌ ۽ هندستان ۾ وارد ٿيا، تن کي سنڌ جي
درالخلافه اُچ ۾ ضرور اچڻو ٿي پيو. ڪيترا بلند
پايه بزرگ سادات مختلف ارادن سان عراق کان نڪري
هندستان ۾ وارد ٿيا هئا. ملتان ۽ اُچ سنڌ جا ٻه
شهر رستي تي هئا. اهڙيءَ طرح اچ جو شهر انهيءَ
زماني ۾ سنڌ جي هڪ علمي مرڪز بنجي پيو هو ۽ جيڪي
جيڪي عالم ۽ فاضل شهر جي علمي محفل جي رونق هئا.
تن جو مختصر احوال هيٺ درج آهي:
1- مولانا قطب الدين ڪاشاني وقت جو جديد عالم هو.
مولانا لاءِ ناصرالدين قباچه ملتان ۾ هڪڙو مدرسو
تعمير ڪرايو هو.
2- ناصرالدين قباچه جي ڏينهن ۾ علي بن حامد ابن
ابوبڪر ڪوفيءَ کي الور ۽ بکر جي هڪ ڏتڙيل عرب
خاندان جي بزرگن مان قاضي اسماعيل بن علي بن محمد
طائيءَ وٽان سنڌ جي عربي ۾ لکيل تاريخ ’منهاج
المسالڪ‘ (تاريخ السند و هند‘ هٿ لڳي. قاضي صاحب
الور جي قاضي موسيٰ بن يعقوب جو پڙ پوٽو هو. قاضي
موسيٰ بن يعقوب، غازي محمد بن قسم سان گڏ سنڌ ۾
آيو هو. فتح الور کان پوءِ هن کي اتي جو قاضي مقرر
ڪيو ويو هو. سندس پونئير پشت به پشت الور ۽ بکر
مٿان قاضي هئا.
مٿينءَ تاريخ، علي بن حامد ڪوفيءَ، سنه 613هه
(1216ع) ۾ اُچ ۾ ويهي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪئي ۽ مٿس
’چچنامو‘ نالو رکيائين. هيءَ سنڌ جي پهرين تاريخ
آهي، جا قباچه جي زماني ۾ پارسيءَ ۾ ترجمو ٿي.
’چچنامه‘ ۾ ’تاريخي حقائق‘ بدران روايتون ڏنل آهن
۽ بعض بيان افسانن وانگر تاريخي اٿس. بهرحال سنڌ
جي هيءَ پهرين اسلامي تاريخ آهي، جنهن مان سنڌ ۾
عربي فتوحات جي خبر پئجي سگهي ٿي.
3- قاضي منهاج الدين السراج جا وڏا سلطان ابراهيم
بن مسعود جي زماني ۾ جرجانيءَ کان غزنيءَ پهتا.
قاضي صاحب جي ڏاڏي ابراهيم بن عبدالخالق جرجانيءَ،
سلطان ابراهيم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.(1)
غزنيءَ جي تباهيءَ کان پوءِ قاضي منهاج الدين اُچ
جي درٻار ۾ پهتو. سندس مشهور تاريخ ’طبقات ناصري‘
آهي، جا سنه 1844ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿي ۽ ريورٽي
صاحب ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اُچ جي محفل
ڦٽڻ کان پوءِ قاضي موصوف التمش جي درٻار کي دهليءَ
۾ رونق ڏني.
4- سيد سديدالدين عوفي اصل بخارا کان اُچ پهتو. هن
سنڌ ۽ گجرات تائين سياحت ڪئي هئي. سندس تصنيفات
مان تذڪرو ’لباب الالباب‘ پارسي شاعريءَ جو بينظير
تزڪرو آهي، جنهن مان غزنوي سلاطين جي دؤر جي شاعرن
جي خبر پئجي سگهي ٿي. مٿيون تذڪرو ٻن جلدن ۾ سنه
1900ع ۾ ليڊن مان شايع ٿيو. نورالدين محمد عوفيءَ
جو ٻيو ڪتاب ’جامع الحڪايات‘ آهي، جنهن مان ايليٽ
جهڙا مؤرخ روشني وٺن ٿا. مٿيون ڪتاب مصنف 1211ع ۾
قباچه جي درٻار ۾ تصنيف ڪري، قباچه جي نالي کي
زنده جاويد ڪري ڇڏيو. ’جامع الحڪايات‘ جو قلمي
نسخو دارالمصنفين اعظم ڳڙه ۾ موجود آهي.(1)
5- عين الملڪ اشعري، ناصرالدين قباچه جو وزير، شعر
۽ ادب جو مربي هو، سندس معارف نوازيءَ ڪري اُچ جي
درٻار ۾ علمائن جو ميڙ رهيو.
6- ناصرالدين قباچه جي ڏينهن ۾ امير ڪبير سيد قطب
الدين المدني، حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو
ڀاڻيجو، جهاد جي ارادي سان سنڌ پهتو، جتان دهليءَ
ويو ۽ اتي سلطان قطب الدين ايبڪ ’لک بخش‘ سندس
مريد ٿيو. امير ڪبير اوڌ ۾ ڪڙه مانڪپور فتح ڪيو،
جت 528هه (1168ع) ۾ وفات ڪيائين.
7- سيد حامد السندي بخاري وڏو عالم ٿي گذريو آهي،
هن سيد امير ڪبير قطب الدين جا ملفوظات گڏ ڪيا، جن
مان سيد امير ڪبير جي سنڌ ۾ وارد ٿيڻ ۽ سندس
هندستان ۾ جهاد ڪرڻ جي خبر پوي ٿي.(2)
8- شيخ جلال الدين طبريزي بلند پايي جو بزرگ هو.
ناصرالدين قباچه سندس عقيدتمند هو. سندس ڏينهن ۾
مغلن ڪاهه ڪئي هئي، پر سيد جلال الدين ۽ خواجه
بختيار ڪاڪي جي دعا سان اُچ ۽ ملتان مغلن جي ڪاهه
۾ غارتگريءَ کان بچي ويا.
9- هندستان ۾ رضوي سيدن جي مورث اعليٰ، سيد محمد
مڪي بکريءَ جي تربت سکر ۾ ڪليڪٽريءَ هيٺان آهي ۽
عام زيارتگاه آهي. قبر جي لوڙه واري سنگ سرخ تي
سندس شجرو هيٺينءَ ريت آهي: حضرت قطب الدين سلطان
العارفين امير المؤمنين، سيد محمد مڪي بن سيد شجاع
نورالله، مضجة بن سيد ابراهيم بن سيد قاسم بن سيد
زيد بن سيد حمزه بن سيد هارون بن سيد عقبل بن سيد
اسماعيل بن اميرالمؤمنين سيدنا جعفر ثاني بن امام
علي نقي بن امام محمد تقي بن امام شاه علي موسيٰ
رضا بن موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد
باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن حضرت
اميرالمؤمنين امام المشارق المغارب اسد الله
الغالب علي بن ابي طالب رضه. تاريخ ’ائينه اوڌ‘ ۾
لکيل آهي ته سيد محمد مڪي رحه جا وڏا اصل يمن جا
رهاڪو هئا، جتان سيد محمد مڪي جهاد جي ارادي سان
ناصرالدين قباچه جي ڏينهن ۾ ٽيهن هزارن سوارن سان
بکر ۾ وارد ٿيو هو.
10- سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان شعبان المملت سيد
شمس الدين ۽ سيد ماهه مشهور ٿي گذريا آهن. سيد شمس
الدين حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني رحه کان علم
باطن حاصل ڪرڻ کان پوءِ سلطان ناصرالدين محمود بن
التمش جي ڏينهن ۾ جهونسي (الله آباد) ڏانهن ويو،
جتي سندس تبليغ سان گهڻا هندو مسلمان ٿيا. سندس
فرزند شاهه تقي الدين وڏو بزرگ ٿي گذريو. سندس
پويان اڄ تائين الله آباد ۾ آهن.
11- سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان سيد مير محمد
ثاني بکري سياحت ڪندي وڃي جونپور پهتو، جتي مخدوم
شيخ منجي شطاريءَ جي دختر سان شادي ڪيائين. سندس
تربت جونپور ضلعي جي ڳوٺ ڪمال پور ۾ آهي.(1)
مغلن جون ڪاهون:
تاتاري يافث بن نوح عليه السلام جو اولاد آهن.
يافث جي وڏي پٽ جو نالو تورڪ (ترڪ) هو، ترڪ جي
چوٿين پيڙهيءَ مان الينجا خان کي ٻه پٽ، تاتار ۽
مغل هئا، جن جو اولاد تاتاري ۽ مغل ڪوٺجڻ لڳا.(2)
سندن رولو قبيلا اتر اولهه چين جي التائي وارن
کليل ميدانن ۾ پنهنجن چوپاين جي ڌڻن سان گشت ڪندا
هئا. يورپ وارا انهن کي ’تاتاري‘ ۽ ايشيا وارا
’مغل‘ سڏڻ لڳا. يارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري،
سندن سردار تموجن (چنگيز) جنهن جو تختگاه قراقرم
هو، خاقان چين کي شڪست ڏيئي، سنه 617هه ۾ تاتاري
اڙدن سان طوفان وانگر فرغانه تي ڪاهه ڪئي. ماوراءِ
النهر جا زرخيز ۽ مردم خيز شهر جيڪي اسلام جي برڪت
سان علوم ۽ فنون جا مرڪز هئا، سي تاتاري ڪفارن
لٽي، ساڙي ويران ڪري ڇڏيا.
خيوا جي سلطان جلال الدين خوارزم شاهه، چنگيز کان
شڪست کائي غزنيءَ رستي کان سنڌو نديءَ تائين پهتو.
618هه (1221ع) ۾ چنگيز به سندس پٺيان ڪاهي آيو.
سلطان جلال الدين کي پڪ هئي ته ناصر الدين قباچه ۽
سلطان التمش سندس مدد ڪندا، پر پوءِ نااميد ٿي سنڌ
مان لنگهندي شهرن کي ويران ڪندو، مڪران ڏانهن هليو
ويو.(1)
سندس پٺيان چنگيز جو پٽ چغتائي خان ڪاهي آيو هو،
جنهن کي ناصرالدين قباچه روڪي ملتان کي بچايو هو.
سنه 1223ع ۾ چغتائي، مڪران تائين ڪاهي سڄي
بلوچستان کي ويران ڪري ڇڏيو. ماوراءِ النهر کي
ويران ڪرڻ کان پوءِ خراسان جا شهر جيڪي اسلامي
دنيا اندر علم ۽ هنر ڪري برک هئا، سي سمورا چنگيز
جي اُڙدن هٿان برباد ٿي ويا. اٽڪل هڪ ڪروڙ چاليهه
لک مسلمان تاتارين هٿان بيگناهه شهيد ٿي ويا، جن ۾
گهڻا بزرگ هئا.(2)
سنه 964هه (1227ع) ۾ ظالم چنگيز جي مرڻ کان پوءِ
سندس عظيم الشان سلطنت سندس چئن پٽن اقطائي، طوطي،
جوجي ۽ چغتائيءَ ۾ ورهائجي ويئي. مڪران کان وٺي
گومل لَڪَ تائين، سمورو ملڪ چغتائيءَ جي قبضي هيٺ
هو.
غلام سلاطين جا گورنر:
نظام الملڪ:
سنه 625هه (1228ع) ۾ سلطان التمش ناصرالدين قباچه
کان ملتان ۽ سنڌ جي حڪومت فتح ڪئي. سندس پاران
نظام الملڪ سنڌ جو والي مقرر ٿيو. هن سنڌ جو دورو
ڪري ماڻهن جون دليون هٿ ڪيون. جلال الدين خوارزم
شاهه سنڌ جي شهرن کي ويران ڪيو هو، تن کي هن ٻيهر
تعمير ڪرايو. سنه 630هه (1232ع) ۾ مالوه فتح ڪرڻ
کان پوءِ سلطان هن کي ٻيهر واپس گهرايو. نظام
الملڪ جي ڏينهن ۾ ڪمال الدين جنيديءَ جهالاوان ۽
مڪران، دهليءَ جي جهنڊي هيٺ آندا، مگر ستت مغلن
ٻيهر مڪران تي قبضو ڪري ورتو.(1)
اڳ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ اُچ هو، نظام الملڪ التمش
جي حڪم موجب بکر کي تختگاه مقرر ڪيو.
نورالدين محمود:
سنه 630هه ۾ التمش، نورالدين محمود کي سنڌ جو والي
مقرر ڪيو. سنه 633هه (1236ع) ۾ التمش وفات ڪئي.
سندس ننڍو پٽ رڪن الدين تخت تي ويٺو. مگر سمجهدار
نه هو، تنهن ڪري اميرن سندس ڀيڻ سلطانه رضه کي تخت
تي ويهاريو. رضيه جا اوصاف مردانه هئا: هيءَ پهرين
خاتون هئي، جنهن دهليءَ جي تخت تي ويهي، سنڌ کان
وٺي برهمپترا تائين، وسيع سلطنت تي حڪمراني ڪئي.
سلطان شهاب الدين، سنڌ ۽ ملتان ۾ فاطمين جي خاتمي
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. مگر سنڌ ۾ اڃا سندن بنياد
قائم هو، ڇاڪاڻ ته هو مخفي رهندا هئا. سلطانه رضيه
جي ڏينهن ۾ انور ترڪ نالي هڪڙي ملاحده سنڌ مان
نڪري، دهليءَ ۾ فساد کڙو ڪيو. دهليءَ جي جامع مسجد
بدر، جنهن سان مدرسو معزيه به شامل هو، اتي انور
ترڪ هزارين مسلح باغين جي جماعت سان علماءِ دين،
حنفي ۽ شافعي مذهب وارن جي خلاف ڳالهائڻ لڳو. سندس
فتني ڪري سوين مسلمان باغين هٿان شهيد ٿيا. آخر
بصيرالدين ايتم؛ بالارمي رحه ۽ شاعر امير ناصر
امام گڏجي جانبازن جي دستن سان ملاحدن جو خاتمو
ڪري ڇڏيو. قرامطين جي اها پوئين يلغار هئي.(1)
حسن بن صباح اسماعيلي نزاري جي حڪومت، جا قلعه
الموت ۾ سنه 483هه (1091ع) ۾ شروع ٿي هئي؛ جنهن
سڄي ايران، خراسان، افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ ۾
ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو، تنهن جو سنه 654هه (1256ع) ۾
هلاڪو خان شام تي ڪاهه ڪرڻ وقت خاتمو ڪري ڇڏيو.
مصر جي فاطمي سلطنت جو وري سلطان صلاح الدين
ايوبيءَ سنه 527هه ۾ خاتمو ڪيو.
نورالدين محمود جي ڏينهن ۾ سنه 643هه ۾ مغلن اوچتو
اچ جي قلعي تي گهيرو ڪيو. گومل دري تائين مغلن جي
حڪومت هئي. مٿيون دور هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ
هنن اڳيان کليل هو. نورالدين محمود مقابلو ڪري نه
سگهيو. مگر رڪن الدين جي پٽ مسعود شاهه مغلن کي
ڀڄائي ڪڍيو. سنه 1241ع ۾ مغل ٻيهر لاهور پهتا.
سلطان بهرام شاهه شهر کي بچائڻ جو بندوبست رکي نه
سگهيو، جنهن تي هو پنهنجي فوجي آفيسرن هٿان مارجي
ويو. اميرن رڪن الدين جي ننڍي پٽ کي تخت تي ٿاڦيو،
هو ترڪي عملدارن جي مدد سان مغلن کي شڪست ڏيڻ ۾
ڪامياب ٿيو، پر پنهنجي بداطوارن جي ڪري سنه 644هه
(1246ع) ۾ رعايا جي هٿان مارجي ويو. کانئس پوءِ،
التمش جو ننڍو پٽ ناصرالدين محمود گاديءَ تي ويٺو،
جو پنهنجي خدا پرستيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ڪري تاريخن ۾
مشهور آهي.
جلال الدين، سلطان سنجر ۽ قليغ خان:
مسعود شاهه سنڌ جي حڪومت جلال الدين کي سپرد ڪري
ويو هو. سنڌ هڪڙو سرحدي علائقو هو. سلطان
ناصرالدين محمود وڏي لشڪر سان سنڌ جي گشت تي آيو ۽
سيوهڻ تائين پهتو. بکر کان مٿي ملتان تائين ملڪ تي
سلطان سنجر کي مقرر ڪيائين، بکر کان ديبل تائين
قليغ خان کي گورنر مقرر ڪيائين، جنهن جو صدر مڪان
سيوهڻ هو.
سنه 656هه (1258ع) ۾ سلطان ناصرالدين محمود وفات
ڪئي. کانئس پوءِ سلطان غياث الدين بلبلن تخت تي
ويٺو، جو دراصل ترڪي غلام هو، جنهن کي شمس الدين
التمش خريد ڪري، شاهي آداب ۽ قانون سيکاري، ساڻس
پنهنجي ڌيءُ جي شادي ڪرائي هئي. ترڪ امير سندس رعب
کان ترڪي امير ڪنبندا هئا.
قاآن:
ملڪ ۾ امن امان برقرار ڪرڻ کان پوءِ سلطان بلبلن
پنهنجي پياري پٽ شهزادي محمد قاآن الملڪ کي سنڌ ۽
پنجاب تي حاڪم مقرر ڪيو. انهن ڏينهن ۾ اسلامي دنيا
اندر هندستان امن ۽ امان وارو ملڪ هو، مغلن جي
ڪاهُڻ ڪري ترڪستان، خراسان ۽ عراق کان نڪري، ڪيترا
شهزادا ۽ امير دهليءَ پهتا هئا، جن لاءِ سلطان
بلبلن سندن نالن تي دهليءَ ۾ محلات تعمير ڪرايا
هئا.
منصوره، غزني ۽ لاهور کان پوءِ سنڌ جي تختگاه
ملتان (قبته الاسلام) اسلامي تبليغ ۽ فيضان جو
مرڪز بنجي ويو. شهزادي محمد جي ڏينهن ۾ مخدوم سيد
جلال، شيخ الاسلام بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، شيخ
فريد شڪر گنج ۽ سيد عثمان مروندي پاڻ ۾ چار يار
هئا. هنن بزرگن جي تبليغ ۽ فيض جي ڪري هند جي قومن
مان سيال، ڀٽي، کوکر، ماڇي ۽ گهڻن ٻن اسلام قبول
ڪيو. سنڌ، گجرات ۽ بلوچستان وارن به سندن برڪتن
مان فيض پرايو. بابا فريد شڪر گنج جي تبليغ ڪري،
سترهن قومن اسلام قبول ڪيو، خاران جا مموجا به
سندس مريد آهن.(1)
سنه 683هه (1294ع) ۾ ايران تي هلاڪو خان جو پوٽو
ارغون خان حڪومت ڪندو هو. ارغون خان جي اميرن مان
تيمور خان ويهه هزار مغليه لشڪر سان لاهور ۾
ديپالپور کي ويران ڪندو، اوچتو اچي ملتان تي
ڪڙڪيو. شهزادي محمد قاآن، تيمور خان کي شڪس تڏني،
مگر ظهر جي نماز پڙهڻ وقت هڪڙي تلاءَ جي ڪناري تي
مغلن هٿان شهيد ٿي ويو. سندس درٻار جي شاعر امير
خسرو ’وسطا الحيوه‘ ۾ شهزادي جي شهيد ٿيڻ تي هڪڙو
دردناڪ مرثيو لکيو آهي، جنهن جون چند سٽون هيٺ ڏجن
ٿيون:
واقعه است اين يا بلا از آسمان آمد پديد!
آفت است اين يا قيامت در جهان آمد پديد!
راه در بنياد عالم داد سيل فتنه را،
رخنهءِ کامسال در هندستان آمد پديد!
مجلس ياران پريشان شد چو برگ گل زباد،
برگ ريزي گوئي اندر بوستان آمد پديد!
بسکه آب چشم خلقي شد روان در چار سو،
پنج آبي ديگر اندر مولتان آمد پديد!...الخ(1)
چون ٿا ته ٻن سالن کان پوءِ جڏهن امير خسروءَ
سلطان بلبن جي درٻار ۾ مٿيون قصيدو پڙهيو، تڏهن
سلطان ايترو رنو، جو صدمي کان بخار ٿي پيو ۽ ان
بخار ۾ ئي سنه 685هه (1286ع) ۾ وفات ڪيائين.(2)
شهزادو محمد قاآن، اهل علم جو قدردان ۽ سخن فهم
درويش هو. امير خسرو دهلوي ۽ گهڻائي عالم ۽ فاصل
سندس نوڪريءَ ۾ رهندا هئا. بزرگن جي صحبت جو شائق
هو. هو شيخ بهاءَ الدين زڪريا ملتاني، شيخ مسعود
شڪر گنج ۽ شيخ عثمان مرونديءَ جي صحت ۾ گذاريندو
هو. امير حسن دهلوي به سندس درٻار جو شاعر هو.
شهزادي وٽ هڪڙو بياض رهندو هو، جنهن ۾ جدا جدا
شاعرن جا ٻه هزار بيت نقل ڪيا هئائين. ٻه گهمرا
شيخ سعدي رحه کي اچڻ لاءِ دعوت ناما مڪا هئائين،
مگر شيخ موصوف پيريءَ سبب اچي نه سگهيو هو. شهزادي
ڏانهن پنهنجو هٿ لکيل نظم جو ڪتاب موڪلي چيو
هئائين ته: ”تنهنجي درٻار ۾ امير خسرو جو وجود
ڪافي آهي.“
ڪخسرو:
شهزادي جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ، بلبن پنهنجي پوٽي
شهزادي محمد جي پٽ ڪيخسرو کي ملتان ۽ سنڌ جي حڪومت
حوالي ڪئي. سلطان بلبن جي وفات کان پوءِ بنگال جي
نواب بغرا خان جو پٽ ۽ بلبن جو پوٽو، معزالدين
ڪيقباد، دهليءَ جي تخت تي ويٺو، مگر هن کي شراب ۽
ڪباب کان سواءِ ٻيو ڪوبه شغل نه هو. درٻار جي
اميرن مان فيروز خلجي تجربيڪار پيرسن عملدا رهو،
جنهن سن 686هه (1288ع) ۾ دهليءَ تي قبضو ڪيو. سنڌ
تي غلامن جي حڪومت جو دؤر ختم ٿيو.
غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حالت
فوجي ۽ ملڪي حالت:
غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ وحشتي تاتارين ۽ مغلن جا
سنڌ تي حملا ٿيندا رهيا، مگر غلام سلاطين جي ڪوششن
جي ڪري ڪفارن کي سنڌ ۾ غارتگري ڪرڻ جو گهڻو موقعو
ملي نه سگهيو. البته جلال الدين خوارزميءَ جي
لنگهڻ وقت، سنڌ ۾ گهڻن شهرن کي نقصان پهتو جيڪي
نظام الملڪ وري آباد ڪرايا. تاتارين جي حملن ڪري
غلام سلاطين ملڪ جي صنعت، حرفت ۽ زراعت تي پورو
ڌيان ڏيئي نه سگهيا. بهرحال ملڪ جي فوجي حالت بهتر
هئي. حڪومت جا صوبا جدا جدا حاڪمن جي حوالي هئا،
جن کي فوجي ۽ ملڪي ٻئي اختياريون مليل هيون. سنڌ
جو تختگاه پهريان بکر مقرر ٿيو ۽ ٻيو نمبر حيثيت
سيوهڻ کي حاصل هئي. ناصرالدين محمود سنڌ کي ٻن
گورنرين ۾ ورهايو: سري جي تختگاه بکر جون حدون
سيوهڻ تائين هيون ۽ سيوهڻ کان وٺي لاڙ جو علائقو
سمنڊ تائين سيوهڻ جي ماتحت هو. بلبن جي ڏينهن ۾،
سنڌ ۽ پنجاب جو تختگاه ملتان رهيو، جو اسلامي
تبليغ جو مرڪز هو. شهزادي محمد قاآن الملڪ جي
ڏينهن ۾ هن شهر گهڻي ترقي ڪئي. عدالتي کاتو قاضين
جي ماتحت هو. سنڌ جي قرامطين جون خفيه سازشون جاري
هيون، جن جا شعلا سلطان رضيه جي ڏينهن ۾ دهلي
تائين پهتا.(1)
واپار:
تاتارين جي مسلسل ڪاهُن جي ڪري واپار ايتري ترقي
ڪانه ڪئي. تاهم ترڪستان ۽ غزنيءَ کان قافلن ذريعي
غلامن، هٿيارن ۽ گهوڙن جو واپار جاري رهيو. سمنڊ
جو واپار عرب واپارين معرفت هلندو هو. ادريسيءَ جي
بيان موجب سنڌ مان عيسوي 12 صديءَ جي زماني ۾
لونگ، ڪارا مرچ، آبنوس، ڪافور، ناريل، ريشمي ڪپڙا،
مشڪ، گهوڙن جون زينون ۽ تراريون جهازن رستي عدن
تائين پهچڻ لڳيون.(2)
هن زماني ۾ سمنڊ رستي واپار ترقي ڪئي، ڇاڪاڻ ته
خشڪي رستي هرات خيوا، سمرقند، بخارا، مرو، بصره،
بغداد، دمشق جيڪي اسلامي تهذيب، علوم ۽ واپار جا
مرڪز هئا، سي تاتارين هٿان ويران ٿي ويا. فقط ان
ڪري سمنڊ جو رستو ئي صاف هو. ان زماني ۾ سنڌي
واپاري غرناطه تائين پهتا ۽ مشرق ۾ چين تائين
پهتا. سياحن جي سفرنامن مان ملڪ جي تجارتي ناتن جو
پتو پئجي سگهي ٿو. مثلا، شريف ادريسيءَ جو ڪتاب
’نزهة المشتاق‘ (سنه 549هه)، سرخسي جو ڪتاب ’رحلة
السرخسي‘ (سنه 593هه) ابن سعيد اندلسيءَ جو ڪتاب
’النفحة المسڪيه‘ (673هه) عبدري جو ڪتاب ’خريدة
العجائب‘ (سنه 749هه) وغيره اهي جاگرافيون ۽
سفرناما آهن، جن جي نالن جي به خير ڪا خبر آهي، نه
ئي وري اسلامي دنيا ۾ اڄ انهن ڪتابن جو نالو يا
نشان به موجود آهي.
اسين هتي عيسوي ٻارهين صديءَ جو ذڪر ڪريون ٿا، مگر
واپار ۾ مسلمانن ان کان به اڳ ايتري ترقي ڪئي هئي.
جو سيرافيءَ جو ٽين صديءَ ۾ ٿي گذريو، تنهن جو
بيان آهي ته، هڪ دفعي چين جي شهر فوچو ۾ بغاوت پوڻ
ڪري، ڏيڍ لک مسلمان شهيد ٿي ويا، جي گهڻو ڪري غير
ملڪي واپاري هئا. ابن بطوطا اٺين صديءَ هجريءَ
ڌاري هند ۽ چين ۾ غرناطه وارن سان ۽ مصر وارن سنڌ
۾ ملاقاتيون ڪيون هيون. غرض ته شريف ادريسيءَ سنڌ
جي جن شين جا نالا ڏنا آهن، تن لاءِ دنيا محتاج
هئي، ٻيو ته عرب واپارين اڳيان وري يورپ جا واپاري
محتاج هئا. مسافرن لاءِ سرائون هيون. ٽپال جي
چوڪين جو باقاعدي انتظام هو. سڪن تي عربي ۽ هندي
عبارتون لکيل هيون.(1)
علمي حالت:
غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ سنڌ جي علمي حالت بهتر
هئي. مغلن جي ڪاهُڻ ڪري خراسان، عجم ۽ عراق جي
علمائن سنڌ کي وسايو هو. بکر ۽ سيوهڻ علوم جا مرڪز
هئا، جت ڪيترائي مدرسا هئا. ابن بطوطا، جو اٺين
صديءَ جي سنڌ۾ وارد ٿيو هو، تنهن بکر ۽ سيوهڻ ۾
شيراز ۽ بغداد ۽ مصر جي عالمن سان ملاقاتيون ڪيون
هيون. حضرت لعل شهباز قلندر به سيوهڻ ۾ قيام
فرمايو، شاعريءَ جو چؤٻول به عام هو. غلام سلاطين
علمائن، محدثن ۽ فقها جي صحبتن کي پسند ڪندا هئا ۽
سندن درٻار ۾ شاعر رهندا هئا. ناصرالدين ۽ غياث
الدين بلبن پاڻ عالم ۽ فاضل هئا، شهزادو محمد، سنڌ
جو حاڪم، علم پرور ۽ پنهنجي وقت جو علامه هو.
هنن قلم دوست سلطانن جو جيتوڻيڪ سمورو وقت ڌارين
جي ڪاهُن کي منهن ڏيڻ ۾ گذري ويو، تاهم سندن دؤر ۾
علم ۽ ادب نمايان ترقي ڪئي. سلطان قطب الدين جي
ڏينهن ۾ ملڪ الڪلام بهاؤ الدين اوشي ۽ نظام الدين
حسن نظامي نيشاپوري ٻه مشهور شاعر ٿي گذريا. نظامي
نيشاپوري، شاعر نظامي عروضي جو پٽ هو، عربي ۽
فارسي ۾ قادرالڪلام هو، سندس تصنيفات مان ’تاج
الماثر‘ مشهور آهي، جنهن ۾ سلطان قطب الدين ايبڪ ۽
شمس الدين التمش جا حالات ۽ واقعات تفصيلوار ڏنل
آهن.
فخرالدين مبارڪ شاه ’فخر مدبر‘ قابل ذڪر مصنف ٿي
گذريو آهي. سندس تصنيفات مان ڪتاب ’سلسله الانساب‘
عهد قطبيءَ جي تاريخ آهي. سندس ٻيو ڪتاب ’آداب
الحرب‘ فن جنگ جي متعلق التمش جي نالي تي آهي.
دهليءَ ۾ ٻه مدرسا، معزيه ۽ ناصري مشهور هئا.
ازانسواءِ ’آداب السلاطين‘ ۽ ’ماثر السلاطين‘ جهڙا
ڪتاب به هن دؤر ۾ هندستان پهتا هئا. عهد شمسيءَ ۾
مويد جاجرمي امام غزالي جي تصنيف ’احياءَ العلوم‘
جو پارسي ۾ ترجمو ڪيو. سندس پٽ رڪن الدين فيروز
امام رازيءَ جي تصنيف ’سرمڪتوم‘ جو پارسيءَ ۾
ترجمو ڪيو. تاج الدين سنگ ريزه عهد شمسيءَ جو وڏو
شاعر ٿي گذريو، ۽ دبيرالملڪ جي منصب تي پهتو.
بخارا جي غارتگريءَ کان پوءِ امير روحاني هندستان
پهتو ۽ المتش جي قدردانيءَ جي ڪري وڏي رتبي کي
پهتو. مٿين اهل قلم عالمن کان سواءِ، ٻيا گهڻائي
شاعر ٿي گذريا، جهڙوڪ: ناري بهاءُ الدين علي ۽
استاد الشعراءِ شهاب مرهه، جن جي امير خسرو تعريف
ڪري ٿو.
هندستان جو پهريون پارسي زبان جو شاعر، امير خسرو
’طوطيءَ هند‘، ترڪي لاچين قبيلي جو فرد هو. سندس
والد سيف الدين بلخ جي امرائن مان هو، جتان هجرت
ڪري هندستان پهتو. هت امير خسرو سنه 605هه ۾، ايٽه
ضلعي جي پٽيالي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. سلطان غياثالدين
بلبن جي درٻار ۾ ترڪستان، خراسان، عراق ۽ مصر جا
اهل ڪمال ۽ شعرا رهندا هئا.(1)
خسرو به درٻار ۾ شامل ٿيو ۽ خواجه نظام الدين
اولياءَ جو مريد ٿيو. پوءِ شهزادي محمد قاآن الملڪ
واليءِ سنڌ جي درٻار ۾ ملتان پهتو. غلامن جي حڪومت
جي پڄاڻيءَ کان پوءِ تغلق ۽ خلجين جي درٻار ۾
رهيو. سنه 725هه ۾ وفات ڪيائين. بابري اُمرائن مان
خواجه مهدي سندس مقبرو تعمير ڪرايو ۽ ملا شهاب
الدين معمائيءَ ڪتبي تي تاريخ لکي:
شد ’عديم المثل‘ يک تاريخ او،
وان دگرشد ’طوطي شکر مقال‘
امير خسروءَ جي تصنيفات جي فهرست هي آهي: 1- ديوان
تحفة الصفر، 2- ديوان وسط الحيات، 3- عزة اڪمال،
4- بقيه نقيه، 5- نهاية الڪمال، 6- قرآن السعدين،
7- مطلع الانوار، 8- شيرين خسرو، 9- آئينه سڪندري،
10- ليليٰ مجنون، 11- هشت بهشت، 12- قران السعدين،
13- تاج المنعتوح، 14- نة سپهر، 15- مثنوي عشقيه،
16- افضل الفوائد، 17- اعجاز خسروي، 18- تعلق
نامه، 19- خزائن الفتوح ۽ 20- مناقب هند.(1)
حميدالدين ناگوري ’سلطان التارڪين‘ فن انشا جو
هندستان ۾ پهريون استاد ٿي گذريو. سندس ڪتاب
’طوالع شنوس‘ اسماءِ حسنه جي شرح تصوف ۽ طريقت جي
زبان سان لکيل آهي.
شمس الدين دبير شاعر ۽ درويش ٿي گذريو. سلطان ناصر
الدين جي زماني ۾ مستوفي الممالڪ جي ممتاز عهدي کي
پهتو.
ملڪ الڪلام امير فخرالدين عميد سنامي پنهنجي ڪلام
جي صفائيءَ ڪري هندستان جو ديوان الممالڪ مقرر
ٿيو.
مورخ منهاج الدين سراج ناصرالدين قباچه کان پوءِ،
بلبن جو وزير ۽ صدر جهان مقرر ٿيو.
فن عمارتسازي:
غلام سلاطين جي زماني ۾، دهلي مشرق جو روم بنجي
ويو. سلطان قطب الدين ايبڪ پرٿوي راج جي بتخاني کي
ڊهرائي، ان هنڌ تي سلطان شهاب الدين جي حڪم سان،
سنه 594هه ۾ مسجد ’قوت الاسلام‘ تعمير ڪرائي. سنه
627هه ۾، شمس الدين التمش ۾ سنه 711هه ۾ علاءُ
الدين خلجيءَ مسجد جي تعمير پوري ڪرائي. هن وقت
مسجد جا يارهن گنبذ موجود آهن، جن مان ٽي وڏا ۽ اٺ
ننڍا آهن. وسعت ۽ خوبصورتيءَ جي لحاظ ڪري هيءَ
مسجد دنيا جي عجائبات مان آهي. امير خسرو ’قرآن
السعدين‘ ۾ جيڪا هن مسجد جي تعريف ڪئي آهي، ان جو
پهريون شعر نقل ڪريون ٿا:
’مسجد او جامع فيض آله زمزمه خطبه او تابماه‘
قطب مينار دراصل مسجد ’قوت الاسلام‘ جي ڏکڻ
اوڀرندي ۾ جمعي جي آذان ڏيڻ لاءِ مينار جڙيل آهي؛
جيئن پهرين منزل جي ڪتبي مان خبر پوي ٿي. هي مينار
سلطان قطب الدين، سلطان شهاب الدين جي حڪم سان
ٺاهڻ شروع ڪيو. سنه 626هه ۾ شمس الدين التمش، سنه
770هه ۾ فيروز شاهه ۽ سنه 909هه ۾ بهلول لوڌي ان
جي مرمت ڪرائي. سنه 1803ع ۾ مينار جي مٿين ڇٽي
زلزلي جي ڪري ڀڄي ڪري پئي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
سرڪار هڪ لک رپين جي لاڳت سان ميجر رابرٽ سمٿ
معرفت سندس مرمت ڪرائي. هينئر مينار پنجن منزلن جو
آهي. جملي بلندي ٻه سؤ اٺٽيهه آهي، هي مينار دنيا
۾ سڀ کان اوچو مينار آهي.
حوض شمسي سلطان شمس الدين التمش جي نالي تي سڏجي
ٿو. ڊگهائي ۾ ٻه ميل ۽ ويڪر ۾ هڪ ميل آهي. عيد
گاهه جي طرف کان پٿر جا چبوترا جڙيل آهن ۽ هرهڪ جي
ڪنڊ تي گنبذ جڙيل آهن. حوض جي وچ ۾ منقش پٿرن جو
گنبذ جڙيل آهي. جو دومنزله آهي. پاڻيءَ سان ڀرجڻ
وقت تماشائي ٻيڙين تي چڙهي گنبذ ڏانهن ويندا هئا.
گنبذ اندر هڪڙي مسجد به جڙيل آهي. اڳ حوض ڳاڙهي
پٿر ۽ سنگ مرمر جو جڙيل هو. هينئر پٿر اکڙجي ويا
اٿس.(1)
سنڌ تي خلجين جي حڪومت:
ارڪلي خان ۽ نصرت خان خلج، ترڪ قبيلو هو. هو
پهريائين سلطان محمود غزنويءَ جي فوجن ۾ ڀرتي ٿيا،
پوءِ غورين جي ڏينهن ۾ ترقي ڪري، انهن فوجن ۾ عهدا
حاصل ڪيائون. خلجي سلطانن هندستان تي 689هه
(1290ع) کان 720هه (1321ع) تائين جملي 31 ورهيه
حڪومت ڪئي. سندن نالن جي فهرست هيءَ آهي:
(1) جلال الدين فيروز (689هه: 1290ع)
(2) ابراهيم رڪن الدين (695هه: 1296ع)
(3) محمد علاءُ الدين (695هه: 1296ع)
(4) عمر شهاب الدين (715هه: 1316ع)
(5) مبارڪ قطب الدين (716هه: 1317ع)
(6) خسرو ناصرالدين (720هه: 1321ع)(1)
جلال الدين فيروز فاضل ۽ برباد بادشاهه ٿي گذريو
آهي. هو ستر ورهين جي ڄمار۾ تخت تي ويٺو. سلطان
جلال الدين کي ٽي پٽ هئا: 1- خانخانان، جو سڀ کان
وڏو هو ۽ بادشاهه جي جيئري مري ويو هو، 2- ارڪلي
جنهن کي سلطان ملتان ۽ سنڌ جي سرحدي علائقي مٿان
حاڪم مقرر ڪيو ۽ 3- رڪن الدين، جنهن کي بادشاهه جي
مرڻ کان پوءِ بادشاهه جي بيگم تخت تي ويهاريو هو.
سنه 691هه (1291ع) ۾ مغلن پنجاب تي ڪاهه ڪئي.
سلطان لاهور وڃي مغلن کي ڪيترا ڀيرا شڪستون ڏيئي
منجهانئن گهڻا قيد ڪيا. جڏهن قيدي سندس روبرو آندا
ويا، تڏهن سلطان سڀني کي معافي ڏني. سلطان جي
رحمدليءَ کي ڏسي، سڀئي مسلمان ٿيا. ارڪلي پنهنجي
پاران نصرت خان کي سنڌ مٿان حاڪم مقرر ڪيو. ارڪلي
لياقت وارو انسان هو، هن ٻه ڀيرا سنڌ جو گشت ڪيو ۽
سنڌ جي خودمختيار سردارن کي زير ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
علاءُ الدين خلجي، سلطان جلال الدين فيروز جو
ڀائٽيو ۽ ناٺي هو، جنهن کي سلطان ڪڙه جي حڪومت ڏني
هئي.(1)
’فرشته‘ ۽ ’بدايونيءَ‘ جو بيان آهي ته علاءُ الدين
جي بيگم کيس هر وقت تڪليف ڏيندي هئي، تنهن ڪري
چاچي ۽ ڀائٽي ۾ اندروني عداوت رهندي هئي. هڪڙي
ڀيري علاءُ الدين ديوگري (دکن) تي ڪاهي، اتي جي
راجا کان ڇهه سؤ مڻ سون، ست سؤ مڻ سچا موتي، ٻه مڻ
جواهر، لعل ۽ ياقوت. الماس ۽ زمرد ۽ ٻه هزار مڻ
چاندي هٿ ڪري موٽيو، مگر سلطان ڏانهن مال غنيمت جو
حصو نه مڪو هئائين. ان سبب سلطان پاڻ ڀائٽي سان
ملاقات ڪرڻ ويو.
سنه 696هه (1292ع) ۾ ملاقات ڪرڻ وقت علاءُ الدين
جي اشاري تي هڪڙي شخص تير هڻي سلطان کي ماري وڌو.
بادشاهه بيگم پنهنجي پٽ رڪن الدين کي دهلي جي تخت
تي ويهاريو، پر شاهي لشڪر علاءُ الدين سان وڃي
گڏيو. رڪن الدين سنڌ ڏانهن ڀڄي ويو.
سلطان علاءُ الدين جو سالو سنجر (الپ خان) ۽
بادشاه جو ڀاءُ الخ خان، ظفر خان ۽ نصرت خان- هي
علاءُ الدين جا چار مشهور سپه سالار بلڪ حڪومت جا
چار رڪن هئا، جن کي ’چار يار‘ سڏيندا هئا.
منجهانئن نصرت خان سنڌ جو صوبيدار هو. سنه 697هه
(1297ع) ۾ گجرات جي راجا راءِ ڪرن واگهيلا جي وزير
ماڌوراءِ راجا کان ناراض ٿي، سلطان علاءُ الدين کي
گجرات تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ شوق ڏياريو. سلطان پنهنجي
ڀاءُ الخ خان ۽ سنڌ جي صوبيدار نصرت خان کي ويهه
هزار لشڪر سان گجرات ڏانهن روانو ڪيو. راءِ ڪرن
شڪست کائي، ڏکڻ ڏانهن ڀڄي ويو. الغ خان مال غنيمت
سان موٽيو.(1)
مٿئين سال سيوهڻ جي راجا ڇلديو (صلدي)، مغلن جي
مدد سان، سنڌ ۾ هڪڙي خودمختيار حڪومت قائم ڪئي.
مغل ڪوهستان کان راجا جي اشاري تي ڪاهون ڪرڻ لڳا.
سلطان علاءُ الدين پاران ظفر خان مغلن کي شڪست
ڏيئي، راجا کي زنجيرن سان قيد ڪري مال غنيمت سميت
دهليءَ پهتو.(2)
مغلن قتلق خواجه ابن دائود جي اڳواڻي هيٺ هيلمند
کان نڪري ٻن لکن سوارن سان دهليءَ تي ڪاهه ڪئي.
مغلن جي ڪاهُن جي خوف کان ماڻهن ڳوٺ ڇڏي اچي
دهليءَ ۾ پناه ورتي. سلطان علاءُ الدين ٽن لکن
فوجن ۽ ٻه هزار هاٿين سان مغلن کي شڪست ڏيڻ ۾
ڪامياب ٿيو، مگر سندس بهادر سپه سالار ظفر خان
مغلن سان وڙهندي شهيد ٿيو.(3)
غازي الملڪ جي سنڌ تي حڪومت:
سنه 703هه (1303ع) ۾ مغلن ٻيو گهمرو طرغي خان جي
اڳواڻيءَ هيٺ دهليءَ تي ڪاهه ڪئي. هن دفعي سلطان
اٺن هزارن مغلن جون سسيون وڍرائي هڪڙو برج کڙو
ڪيو. هن شڪست کان پوءِ مغلن کي ڪاهه ڪرن جي وري
همت ڪانه ٿي.(3)
نصرت خان سنڌ جي شهرن ۾ سرڪاري آفيسون، امين ۽
قاضي مقرر ڪيا ۽ ٽپال جو بندوبست رکيو. سلطان
علاءُ الدين ملتان ۽ سنڌ تي تجربيڪار سپه سالار
غازي الملڪ کي حاڪم مقرر ڪيو ۽ مغلن جي مسلسل
ڪاهُڻ کي روڪڻ لاءِ ملتان ۽ ديپالپور ۾ مضبوط قلعا
تعمير ڪرايائين.
دهليءَ جي سلطانن کي جڏهن فوجن جي ضرورت پوندي هئي
ته بلوچستان ۽ مڪران کان بلوچن کي گهرائي شاهي
فوجن ۾ ڀرتي ڪندا هئا. افسوس جو هندستان جي مؤرخن،
فرشته، جيمس ٽاڊ ۽ ٻين، هنن بلوچن کي، خراساني يا
روهيلا جي نالن سان لکيو آهي. سنه 1276ع ۾ راول
جئتسي جيسلمير جي گاديءَ تي ويٺو. سنڌ مان مال
غنيمت ۽ خراج، جو سرڪاري ٽن هزار خچرن ۽ گهوڙن تي
بکر کان دهليءَ ڏانهن وڃي رهيو هو، تنهن کي جئتسي
جي پوٽي همير جيلسمير جي سرحد تي لٽي ڇڏيو. سلطان
علاءُ الدين خراسان ۽ بلوچستان کان بلوچن کي
گهرائي جيسلمير سان جنگ شروع ڪئي. سانده اٺن ورهين
تائين بلوچن اجمير ۽ آسپاس وارن علائقن کي گهيرو
ڪيو ۽ راجپوتن جي ناڪه بندي ڪئي. هن ويڙهه ۾ کاڏل،
ٻاڙمير ۽ ڍٽ (سنڌ) جي راڻن ۽ ناگور جي نوابن محبوب
خان، محبت خان ۽ علي خان به ڀاٽين جو طرف ورتو.(1)
بلوچي لشڪر کي منڊور کان جيڪو سامان رسد ملندو هو،
سو راجپوت لٽڻ لڳا.(1)
اٽڪل ست هزار بلوچ هن ويڙهه ۾ مارجي ويا. سنه
1294ع ۾ جئتسيءَ جو پٽ مولراج ٽيون گاديءَ تي
ويٺو، سندس هٿان 9 هزار وڌيڪ سلطاني لشڪر مارجي
ويو، ليڪن بلوچ گهيري کي جاري رکندا آيا. مولراج
تنگ ٿي پنهنجن وزيرن، سهير ۽ بيڪمسيءَ جي صلاح سان
جوهر رسم ادا ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو. راجپوتن پنهنجن
زالن ۽ ٻارن کي هٿ سان قتل ڪيو. اٽڪل اڍائي هزار
جوان ۽ پوڙهين عورتن جوهر رسم ادا ڪئي. پوءِ
راجپوتن تلسيءَ جي پوڄا ڪري، گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڍڪي،
قلعي کان نڪري مقابلو ڪيو. 3 هزار جوڌا وڙهي وڙهي
قربان ٿيا، منجهانئن فقط گرسي ۽ ڪانور نالي ٻه
راجڪمار بچيا، جن کي نواب محبوب خان برهمڻن جي
حوالي ڪري، ناگور ڏانهن موٽيو. ناگوري نوابن مان
محبت خان ۽ علي خان ٽن سون يادو سردارن سميت مارجي
ويا. سنه 1295ع ۾ سلطان علاءُ الدين جيسلمير جي
قلعي کي مسمار ڪري دهليءَ ڏانهن موٽيو.(2)
سنه 716هه (1316ع) ۾ علاءُ الدين وفات ڪئي. کيس
چار پٽ هئا: خضر خان، شادي خان، ابوبڪر خان ۽
مبارڪ خان جنهن جو ٻيو نالو قطب الدين هو. پويون
شهزادو، ملڪ ڪافور جي مدد سان، تخت تي ويٺو.(1)
ملڪ ڪافور جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، قطب الدين، خسرو
خان هڪڙي نو مسلم گجراتيءَ کي سپه سالار مقرر ڪيو
۽ پاڻ عيش و عشرت ۾ لڳي ويو. خسرو خان چاليهه هزار
پنهنجي قوم جا ماڻهو ڀرتي ڪري، سنه 720هه (1320ع)
۾ قطب الدين کي قتل ڪرائي، پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو.
خسرو خان تخت تي ويهڻ کان پوءِ سڀني اميرن ڏانهن
خلعتون روانيون ڪيون، مگر ديپالپور جي حاڪم تغلق
شاه خلعت وٺڻ کان انڪار ڪيو.(1)
خسرو خان حڪم ڏنو ته جيڪو ڳئون ذبح ڪندو، تنهن کي
اُن جي کل ۾ سبرايو ويندو. هن حڪم ڏنو ته مسلمان
ڳئون جي تعظيم ڪن ۽ ڳئون جو پيشاب دوا طور ڪم آڻين
۽ ان جي گوبر سان گهر جون ديوارون لنبن ۽ صاف رکن.
مٿئين حڪم جي ڪري مسلمانن ۾ عام ناراضپو پئجي ويو.
تغلق جو پٽ جونا خان، جو شاهي اصطبل مٿان اعليٰ
عملدار هو، سو دهليءَ مان ڀڄي پنهنجي پيءُ وٽ
ديپالپور پهتو. غازي الملڪ سنڌ ۽ پنجاب جي لشڪر
سان، خسرو کي شڪست ڏيئي مارائي، اميرن جي رضامندي
سان بادشاهي ڇٽ پنهنجي مٿي تي رکيو.(2)
خلجي سلطانن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حالت:
خلجين جي ڏينهن ۾ سنڌ مغلن جي ڪاهُن کان محفوظ رهي
۽ سلطان علاءُ الدين جي زماني ۾ ترقي ڪيائين. ملڪ
نصرت خان ۽ ظفر خان تجربيڪار جرنيل هئا، جن سنڌ کي
بيروني ڪاهُن کان بچائي ورتو. نصرت خان سنڌ کي
ننڍن ننڍن پرڳڻن ۾ ورهائي، مٿن صوبيدار مقرر ڪيا ۽
شهرن ۾ عدالتي کاتن تي قاضي ۽ امير مقرر ڪيا. هر
هفتي سنڌ جون خبرون حڪومت جي مرڪز ۾ باقاعدي پهچڻ
لڳيون. سنڌ جي فوجي قوت بلوچن جي ڀرتي ٿيڻ ڪري
مضبوط هئي. علاءُ الدين خلجي سنڌي لشڪر جي مدد سان
گجرات فتح ڪيو هو ۽ ملڪ الغازي سنڌي ۽ پنجابي لشڪر
سان دهلي فتح ڪئي. علاءُ الدين خلجيءَ شين جا اگهه
مقرر ڪيا ۽ شين جي وڪري جي جاچ ڪرڻ لاءِ حڪومت
اندر محتسب (رئيس) مقرر ڪيا، جي بادشاهه کي
رپورٽون پهچائيندا هئا. چوپائي مال تان محصول
موقوف ڪيا ويا، جنهن ڪري گوشت سستو وڪامڻ لڳو. ان
مهانگو ٿيندو هو ته سرڪاري گدامن تان سستي اگهه تي
ملي سگهندو هو. ڪڻڪ جي في مڻ جي قيمت ساڍا ست جيتل
هئي، جن جي قيمت هاڻوڪن ٻن آنن جيتري هئي جو في مڻ
چار جيتل وڪامڻ لڳا. چانورن جي قيمت في مڻ جي 5
جيتل هئي، مانهه جي دال جي في مڻ جي قيمت 5 جيتل ۽
موٺ في مڻ 3 جيتل هئي.
غرض ته سئيءَ کان وٺي گهوڙي تائين اگهه سرڪاري
مقرر هئا. منافع خورن کي سخت سزائون ملڻ لڳيون.
مٿئين ڪم جي نگراني ڪرڻ تي خفيه ناظر ۽ جاسوس مقرر
هئا. سلطان هارين کان نقديءَ بدران اُن ڍل ۾ وٺي
گدام ڀري ڇڏيندو هو. ڏڪر جي مند ۾ به مٿين اگهن تي
اَن وڪامندو هو. زميندارن کي حڪم هو ته سرڪاري
مقرر ڪيل اگهه تي واپارين کي ان وڪڻن. سلطان التمش
کان وٺي سلطان علاءُ الدين جي زماني تائين، اهو
زمانو هو، جڏهن مغلن مشرقي ايشيا ۽ يورپ کي تاراج
ڪري ڇڏيو هو ۽ شمس الدين التمش، غياث الدين بلبن ۽
علاءُ الدين خلجي جيڪڏهن لياقت وارا فرمانروا نه
هجن ها ته جيڪر سنڌ به ويران ٿي وڃي ها.
علاءُ الدين خلجيءَ جي زماني ۾ سپاهين کي نقد
پگهار ملڻ لڳو. هر هڪ سوار جو 234 ٽنڪا (رپيا) ۽
ٻن گهوڙن وارن جو 312 ٽنڪا پگهار مقرر هو. اهڙي
طرح پنج لک سوار فوج رکڻ جو انتظام قائم هو. جهاد
۽ لٽ جي مال جي شوق سبب خوشيءَ سان ماڻهو ڀرتي ٿيڻ
لڳا. فتوحات جو سيلاب راجپوتانا، گجرات ۽ دکن
تائين پهتو. ملڪ ڪافور کي ديوگري فتح ڪرڻ وقت،
2400 پائونڊ سچا موتي، 120 پائونڊ جواهرات، 6000
پائونڊ چاندي ۽ 4000 ٿان ريشمي ڪپڙي جا مال غنيمت
۾ هٿ لڳا. ديپالپور ۽ ملتان جون مضبوط ڇانوڻيون ۽
قلعا حڪومت ۽ سنڌ جي بچاءُ لاءِ هئا.
علاءُ الدين خلجيءَ جي دؤر اندر زالون به سياست ۾
حصو وٺڻ لڳيون. ملڪه جهان ماهڪ جي ڪوشش سان ملڪ
ڪافور جي سازشن جو خاتمو ٿيو. صوبن جا گورنر جلد
جلد بدلي ڪيا ويندا هئا، جيئن رشوت خور نه بنجن.
هندن کي وڏا وڏا عهدا ملڻ لڳا. جيڪو هندو مسلمان
ٿيندو هو، تنهن کي بادشاهه اڳيان پيش ڪبو هو ۽
بادشاهه هن کي سونو ڪنگڻ ڏيندو هو، سيوهڻ جي راجا
سلديو ۽ سپه سالار خسرو بغاتون ڪيون، مگر کين پورو
نتيجو مليو.
خلجي دؤر اندر سنڌ جي واپار ترقي ڪئي. سنڌ جو
واپار عدن ۽ آفريڪا سان هلڻ لڳو. مشهور اطالوي
سياح مارڪو پولو سنڌ جي ڪناري مڪران ۽ تيز بندر
کان لنگهيو. ابوالفدا دمشقي به ان دؤر ۾ سنڌ مان
گذريو. ٻئي پنهنجن سياحتنامن ۾ لکن ٿا ته عيسوي 13
صديءَ اندر عربستان ۽ ايران جا سوداگر تيز، کنڀات
۽ ڀڙوچ جي بندرن تي گهوڙن جو واپار ڪري، اتان
ڪپهه، نير ۽ چمڙو خريد ڪندا هئا ۽ سنڌو نديءَ تي
جهاز راني چالو هئي. سيوهڻ جي راجا سلديو جي بغاوت
ڪرڻ وقت، ظفر خان ملتان کان ٻيڙين جي ذريعي فوج
وٺي سيوهڻ پهتو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي جهازن کي
زئنزيبار ڏانهن ويندي فقط ويهه ڏينهن لڳندا هئا.
موٽندي سمنڊ جي ويڪر ڪري مسافري ڪرڻ ۾ ٽي مهينا
لڳندا هئا. مارڪو پولو مڪران جي خوشحالءَ بابت لکي
ٿو ته اتي جي رهاڪن جو گذران کير، چانور ۽ گوشت تي
آهي.(1)
ديبل جي ورانيءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻن بندرن، تيز ۽
لاهريءَ، تجارت ۾ ترقي ڪئي. خلجي سلاطين جي زماني
۾ ٽامي، چاندي ۽ سون، ٽن ڌاتن جا سڪا چالو هئا، جن
تي قيمت، سال، بادشاه جو نالو ۽ ٻئي پاسي بغداد جي
خليفي جو نالو لکيل هوندو هو. علاءُ الدين خلجيءَ
جي زماني ۾ شراب جي واپار تي قطعي بندش پيل هئي،
بلڪ شراب پيئڻ سخت ڏوهه هو. سندس ڏينهن ۾ سرائون،
خانقاهون ۽ مقبرا تعمير ٿيا. ڪڇيءَ ۾ علاءُ الدين
ٽي گنبذ تعمير ڪرايا، جي سندس نالي پٺيان سڏبا
هئا.(2)
علاءُ الدين شوخ ۽ ظالم به هو، مگر علماءِ ڪرام جي
عزت ڪندو هو، سندن صحبتن کي پسند ڪندو هو. حضرت
فريدالدين مسعود شڪر گنج، ملتان جي عارف ڪامل صدر
الدين ۽ خواجه نظام الدين اولياءُ صوفيا ڪرام جون
خانقاهون آباد هيون. سندن تبليغ ۽ روحاني فيض جي
ڪري سنڌ، گجرات ۽ بلوچستان ۾ سهروردي ۽ چشتيه جي
مريدن ۽ خليفن جي خلافت جون گاديون قائم ٿيون، (جن
جو احوال موقعي سر ڏبو.)
هن ئي دؤر اندر، مغلن جي ڪاهن ڪري، گهڻائي عالم،
فاضل دهليءَ جي درٻار ۾ پهتا. سلطان جلال الدين
خلجي شاعرانه مذاج رکندڙ هو. سندس درٻار ۾ قاضي
فخرالدين ڪرمانيءَ کي وڏو رسوخ حاصل هو.(1)
هن دور جي علمائن جي فهرست ڊگهي آهي، جهڙوڪ امير
ارسان، ڪاتبي، سعد منطقي، قاضي مغيث الدين هانسوي،
صدرالدين عالي، فخرالدين قواس، حميدالدين راجا،
مولانا عارف، حڪيم عبيد، شهاب الدين انصاري ۽ ٻيا
متعدد اهل قلم ۽ شعرا ٿي گذريا. امير خسرو پنهنجو
شهرة آفاق ’خمسه‘ هن ئي دور ۾ لکيو.
علاءُ الدين جي فوجن ۾ بلوچن گجرات، چتور، جيسلمير
۽ دکن تائين جنگين ۾ حصو ورتو. اهڙي طرح بلوچ
علمائن کي هن درٻار ۾ رتبا مليا، جهڙوڪ مولان
اعلاءُ الدين ڪڙڪ، مولانا ڪمال الدين ڪولوي،
مولانا نظام الدين قلاتي وغيره. خلجين ٿورو وقت
حڪومت ڪئي ليڪن سندن قليل عرصي اندر علم ترقي ڪئي.
مؤرخ ضياءَ برني هن دؤر جو مؤرخ ٿي گذريو آهي.
سندس ’تاريخ فيروز شاهي‘ مشهور آهي، جا پوءِ ڪلڪتي
مان شايع ٿي. ضياءَ بخشي بدايوني، ٻيو مشهور مصنف
ٿي گذريو. سندس تصنيفات مان ’سلڪ السلوڪ‘، ’عشره
مبشره‘، ’طوطي نامه‘، ’گلريز‘ ۽ ’چهل ناموس‘ ڪتابن
جي خبر پئجي سگهي ٿي.
شيخ شرف الدين يحيٰ منيريءَ جو ڪتاب ’مڪتوبات‘
تصوف تي بهترين ڪتاب آهي. امير سنجري، جو مغلن
هٿان وڙهندي شهيد ٿيو هو، تنهن جي ڪتاب ’فوائد
الفوائد‘ ايتري ته شهرت حاصل ڪئي هئي، جو امير
خسرو جي ’افضل الفوائد‘ کي به ايتري نصيب ڪانه ٿي.
سندس ’ديوان‘ حيدرآباد مان شايع ٿيو. امير خسرو
’طوطيءِ هند‘ جو لقب حاصل ڪيو، ته حسن سنجري
’سعديءِ هند‘ جو خطاب حاصل ڪيو. شيخ علي حزين
پنهنجي ’تذڪري‘ ۾ هڪڙو مفصل باب هندستان جي گلا ۾
لکيو آهي؛ جيتوڻيڪ خاڪ هند ۾ مدفن ٿيو! امير خسرو
’مثنوي نة سپهر‘ ۾ هندستان جي فضيلت تي چار سؤ
ابيات ڏنا آهن ۽ حب الوطنيءَ جو ثٻوت ڏيندي خاڪ
هند کي ’جنت‘ جي نالي سان سڏيو آهي.
سنڌ تي تغلقن جي حڪومت:
اسلامي حڪومت جون حدون جيڪي اڳ صرف اتر هندستان ۽
بنگال تائين محدود هيون، سي خلجي سلطانن جي ڏنهن ۾
گجرات ۽ دکن تائين وسيع ٿي ويون. اسوڪا کان پوءِ
سلطان علاءُ الدين پهريون مسلمان فرمانروا هو،
جنهن هندستان ۾ ايڏي عظيم الشان شهنشاهت قائم ڪئي.
سندس درٻار ۾ ڌارين ملڪن جا سفير رهندا هئا. خلجين
کان پوءِ تغلق سلطانن سنه 720هه (1321ع) کان سنه
802هه (1399ع) تائين دهليءَ تي حڪومت ڪئي. سندن
نالن جي فهرست هيءَ آهي.
تغلقن سلاطين جي فهرست:
(1) تغلق خان (720هه: 1321ع)
(2) محمد تغلق (725هه: 1325ع)
(3) فيروز ثالث (752هه: 1351ع)
(4) تغلق ثاني (790هه: 1388ع)
(5) ابوبڪر (791هه: 1388ع)
(6) محمد (792هه: 1390ع)
(7) سڪندر (796هه: 1394ع)
(8) محمود ۽ نصرت (796هه: 1394ع)
امير تيمور جي ڪاه (2-801هه: 9—1398ع)
(9) محمود (ٻيو ڀيرو) (802هه: 1399ع)
تغلق ڪير هئا؟
عام هندستان جي تاريخن ۾ لکيل آهي ته ’تغلق‘ لفظ
’قتلغ‘ جي بگڙيل صورت آهي. مؤرخ تغلق سلاطين کي
’ترڪ‘ لکن ٿا، مگر ايئن نه آهي. تعجب اهو جو
’تاريخ فيروز شاهيءَ‘ ۾ تغلقن جو نسب ڏنل ڪونه
آهي. حقيقت ۾ تغلق پيءُ طرفان تاتاري يا مغل هئا ۽
ماءُ طرفان بلوچ هئا. سندن پيشو لٽ مار هو ۽ سندن
وطن خاران هو، جنهن کي مارڪوپولو ’قرونه‘ لکيو
آهي. هن خاندان جو اعليٰ امير نقودار چغتائي خان
جو ڀائٽيو هو. سندس خاندان مان امير طومان خلاف
سنه 1383ع ۾ امير تيمور پنهنجي پٽ ميران شاهه کي
روانو ڪيو هو.(1)
ڪن جديد مؤرخن هن خاندان کي بلوچ لکيو آهي.(2)
غياث الدين غازي الملڪ:
سلطان غياث الدين تغلق اصل ايلپنهوار هو، جو قسمت
آزمائيندو سلطان علاءُ الدين جي ڀاءُ الغ خان،
حاڪم سنڌ ۽ ملتان، وٽ اچي نوڪر بيٺو. الغ خان سندس
شرافت ۽ ايمانداريءَ کي ڏسي کيس امير آخور (شاهي
اصطبل جو داروغو) بنايو. اتان ترقي ڪري شاهي اميرن
۾ داخل ٿيو. هن مغلن کي اٺاويهه گهمرا شڪستون
ڏنيون، جنهن ڪري کيس ’غازي الملڪ‘ ۽ سندس پٽ محمد
جونا کي ’فخر الملڪ‘ جا لقب مليا. مغلن جي ڪاهُن
کي روڪڻ لاءِ سلطان علاءُ الدين غازي الملڪ کي
ملتان ۽ ديپالپور مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هن وقت
ملتان جي ڀرسان ’تغلق خان جو ڪٽهڙو‘ موجود آهي.(1)
تخت تي ويهڻ کان پوءِ غياث الدين تغلق ملتان مٿان
تاج الدين کي، بکر مٿان خواجه خطير کي ۽ سيوهڻ
مٿان علي شير کي مقرر ڪري، سنڌ جي انتظام کي مضبوط
ڪيو. سندس ڏينهن ۾ سومرن سنڌ جي لاڙ ڀاڱي ۾
ساموئيءَ تي قبضو ڪيو هو.(2)
سلطان غياث الدين حڪومت جي پهرئين سال رعايا مٿان
ڍلون گهٽايون ۽ شراب تي بندش وڌي. سندس حڪومت اندر
آسودگيءَ جو دؤر هو. سندس پٽ جونا خان سنه 723هه
(1323ع) ۾ دکن فتح ڪري ات جي راجائن کان خراج وصول
ڪيو.(1)
غياث الدين بنگال جي نواب کي شڪست ڏئي سنه 725هه
(1324ع) ۾ بنگال کان موٽندي پنهنجي پٽ کي حڪم ڏنو
ته هن لاءِ نئون محلات افغان پوره ۾ تعمير ڪرائي.
جونا خان جي سخاوت ۽ گهڻن غلامن خريد ڪرڻ ڪري غياث
الدين پٽ تي ناراض هو.(2)
ان سبب ڪري جنا خان احمد بن اياز گجراتيءَ معرفت
اهڙي قسم جو محلات اڏايو، جو بادشاهه ماني کائي
جيئن ٻاهر نڪتو ٿي، تيئن هاٿيءَ جي ٺوڪر لڳڻ سان
محلات ڪري پيو ۽ غياث الدين پنهنجي ننڍي پٽ محمد
سميت دٻجي مري ويو.(1)
احمد بن اياز گجراتيءَ محلات جي معمار کي، جونا
خان ’صدر جهان‘ جو عهدو ڏنو.
محمد تغلق:
سنه 725هه (1325ع) ۾ محمد جونا تغلق دهليءَ جي تخت
تي ويٺو ۽ پاڻ کي ’ابوالمجاهد محمد شاهه‘ جي لقب
سان سڏائڻ لڳو. شيخ ابن بطوطا جو انهن ڏينهن ۾
هندستان جي سياحت ڪرڻ آيو هو، تنهن کي سلطان موصوف
ڪجهه وقت لاءِ پنهنجو وزير مقرر ڪيو.
ڪشلو خان جي سنڌ تي حڪومت:
محمد تغلق، بهرام ايبه يعني ڪشلو خان کي بکر تي
حاڪم مقرر ڪري، اُچ ۽ ملتان به سندس حوالي ڪيا.
ڪشلو خان جي محمد تغلق گهڻي عزت ڪندو هو ۽ کيس
چاچو سڏيندو هو. سنه 727هه (1326ع) ۾ مغلن پنجاب
تي ڪاهه ڪئي. سلطان محمد تغلق مغلن کي شڪست ڏيئي
ڪڍيو. دکن مغلن جي ڪاهُن کان محفوظ هو، تنهن ڪري
سلطان دولت آباد (دکن) کي تختگاه مقرر ڪيو، جو
انهن ڏينهن ۾ ’ديوگري‘ سڏبو هو، مگر اميرن کي اتي
آب و هوا موافق نه لڳي، جنهن ڪري بادشاهه ٻيهر
دهليءَ کي تختگاه مقرر ڪيو.
سلطان محمد تغلق ٻيهر هڪڙي عملدار علي خططيءَ کي
ملتان روانو ڪيو ته ڪشلو خان به پنهنجي اهل ۽ عيال
کي نئين تختگاه، دولت آباد (دکن) ڏانهن روانو ڪري.
بهرحال علي خططيءَ سان ڪشلو خان جو تڪرار ٿيو،
جنهن ۾ علي مارجي ويو. تنهن کان پوءِ ڪشلو خان
ترڪن، افغانن ۽ بلوچن جو لشڪر گڏ ڪري بغاوت کڙي
ڪئي. ملتان کان ٻن منزلن جي مفاصلي تي ابوهر جي
جهنگ وٽ ڪشلو خان سلطاني لشڪر سان مقابلو ڪيو.
محمد تغلق پنهنجي پالڪيءَ ۾ شيخ رڪن الدين
ملتانيءَ جي ڀاءُ شيخ عماد الدين کي ويهاريو، جنهن
جي شڪل بادشاهه جهڙي هئي. محمد تغلق چئن هزارن
سوارن سان ميدان ڇڏي هڪڙي طرف نڪري ويو. ڪشلو خان
شيخ موصوف کي بادشاهه سمجهي قتل ڪيو، پوءِ ملتان
ڏانهن موٽيو. ايتري ۾ محمد تغلق سوارن جي دستي سان
اوچتو ملتان تي ڪاهي، ڪشلو خان جو سر وڍي شهر جي
دروازي تي لڙڪايو ۽ ملتان جي قاضي ڪريم الدين کي
به ساڳي سزا ڏني. عمادالدين جي ڀاءُ رڪن الدين ۽
پٽ شيخ صدر الدين کي سلطان هڪ سؤ ڳوٺ انعام ڏنا،
جيئن شيخ بهاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي خانقاه جو
لنگر جاري رکن. ابن بطوطا جڏهن ملتان پهتو هو، ان
وقت ڪشلو خان جو مٿو شهر جي ديوار تي لٽڪندو ڏٺو
هئائين.
ڪشلو خان جي مارجي وڃڻ کان پوءِ محمد تغلق، ’اقوام
الملڪ‘ کي ملتان ۽ سنڌ مٿان حاڪم مقرر ڪيو. اقوام
الملڪ اصل تلنگانه جو رهاڪو هوندو هو ۽ اتي جي
راجا جو اهلڪار هو ۽ سندس هندڪو نالو ’ڪٽو‘ هو.
راءِ تلنگانه سميت دهليءَ پهچڻ کان پوءِ مسلمان
ٿيو ۽ ملڪ مقبول جي نالي سان سڏجڻ لڳو. فارسيدان ۽
منتظم هو، تنهن ڪري محمد تغلق کيس ’اقوام الملڪ‘
جو لقب ڏيئي، ملتان مٿان حاڪم مقرر ڪيو. سندس پٽ
جو نالو بادشاهه، ’جونا شاهه‘ رکيو هو، جو احمد
اياز ’صدر جهان‘ جي مرڻ کان پوءِ فيروز شاهه تغلق
جي ڏينهن ۾ نيٺ وزيراعظم مقرر ٿيو هو.
سنه 752هه (1351ع) ۾ سلطان جو هڪڙو غلام، طغي،
گجرات ڏانهن ڪرنال کان ڀڄي ويو. ساڳئي وقت مالوا ۽
گجرات ۾ فساد پيا. طغي گجرات جي باغين وٽ جهوناڳڙه
۾ پناهه ورتي. وري جڏهن سلطان گجرات پهتو، تڏهن
طعي اتان ڀڄي سنڌ جي سمن وٽ ساموئيءَ ۾ پناه ورتي.
سلطان محمد تغلق ان وقت تپ دق ۾ مبتلا هو، مگر
بيماريءَ جي حالت ۾ گونڊل کان ساموئيءَ پهتو ۽
ساموئي کان 14 ميلن جي مفاصلي تي درياءَ جي ڪپ تي
منزل ڪري لشڪر کي ساموئيءَ تي گهيري ڪرڻ جو حڪم
جاري ڪيائين. هتي جي گهميل آبهوا ڪري سندس طبيعت
بگڙجڻ لڳي. سندس بيگم ڪندل جي ڳوٺ وٽ اچي ساڻس
گڏي، جنهن کي ڏسي خوش ٿيو، مگر سندس ڏينهن اچي
پورا ٿيا هئا، تنهن ڪري محرم مهيني ۾ سنه 752هه
(1350ع) ۾ هن دار فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو.سندس
سؤٽ فيروز جو مٿينءَ مسافريءَ ۾ حرمين شريفين وڃڻ
جي ارادي ساڻس همرڪاب هو، تنهن کي محمد شاهه جيئري
پنهنجو وارث مقرر ڪيو ۽ هيٺيون بيت چئي ٻڌايائنيس:
”تو سر سبز باشي به شهنشي،
ڪه من ڪرده ام سر بالين تهي!“
(فرشته، جلد-1)
فيروز شاهه تغلق:
فيروز شاهه تغلق، سلطان محمد تغلق جي لاش کي تغلق
آباد ۾ غياث الدين تغلق جي مقبري ۾ دفنائڻ لاءِ
روانو ڪيو.(1)
فيروز شاهه جي، تخت تي ويهڻ لاءِ مرضي ڪانه هئي،
پر پوءِ شيخ نصيرالدين چراغ دهلويءَ جي چوڻ تي، جو
محمد تغلق سان سفر ۾ گڏ هو، تخت تي ويهڻ قبول
ڪيائين ۽ ساڳيءَ منزل تي تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي
ويئي. فيروز شاهه تخت تي وهڻ کان پوءِ اميرن ۽
مشائخن کي خلعتون عنايت ڪري، ملڪ رڪن الدين کي بکر
مٿان نائب مقرر ڪيو. سندس ماتحت تاج الدين ڪافوري
۽ علي شير سيوهڻ مٿان حڪومت ڪرڻ لڳا. باغي طغي،
جنهن سمن وٽ پناه ورتي هئي، سو سمن ۽ جاڙيجن جي
لشڪر سان فيروز شاهه جي منزل تي ڪاهي آيو، پر
سلطاني لشڪر هٿان شڪست کائي ڀڳو. فيروز شاهه نهايت
شان شوڪت سان حڪومت ڪئي. کيس بغداد جي درٻار پاران
’سيد السلاطين‘ جو لقب مليو. باغين کان واندو ٿي،
فيروز شاهه سنڌ جي حالتن کي جاچڻ لاءِ هر روز پنجن
ڪوهن تي منزل ڪرڻ لڳو. واٽ تي ساگره ڍنڍ وٽ قلعو
اڏائي، پنهنجي عملدار نصير کي هڪ هزار فوج سان
مقرر ڪري، پوليس جو بندوبست بهرام جي حوالي ڪري،
سيوهڻ پهتو. لعل شهباز جي زيارت ڪري، اتي جي
قاضين، علمائن، متولين ۽ سردارن کي جن واٽ تي سندس
سلامي ڪئي هئي، انعام اڪرام ڏيئي، بکر، اُچ، ملتان
۽ اجوڌن جون زيارتون ڪندو، سنه 752هه (1351ع) ۾
دهليءَ پهتو.(1)
سنه 762هه ۾ سلطان فيروز شاهه سنڌ جي گشت تي آيو.
بکر ۾ ويهه ڏينهن رهي مرحوم تغلق جي روح کي شربت ۽
برف سان ختمو ڏياري، قلعي جو انتظام ڪري ساموئيءَ
پهتو.(2)
سندس اچڻ جو ٻڌي سمو ڄام خيرالدين وڃي قلعي ۾ لڪو.
سلطاني لشڪر کي گاه ۽ رسد جي تنگي ٿيڻ لڳي، تنهن
ڪري لشڪر موٽي گجرات ڏانهن هليو ويو. گجرات کان
موٽندي، فيروز شاهه ڄام سمي کي سيکت ڏيڻ جو ارادو
ڪيو. ڄام موصوف اچي سلطان وٽ پيش پيو. فيروز شاهه
کيس قيد ڪري سيوهڻ وٺي آيو. هتان ڄام ٻيڙين تي
چڙهي ڀڄڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر گرفتار ٿي ويو. سلطان
کيس قيد ڪري دهلي ڏانهن وٺي ويو. ڳچ ڏينهن کان
پوءِ فيروز شاهه ڄام خيرالدين جي پٽ ڄام جوناه کي
ساموئي ۽ ان جي پسگردائي جي حڪومت جو پروانو ڏيئي،
سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. سلطان فيروز شاهه سنه 790هه
(1388ع) ۾ وفات ڪئي. سندس پويان ڪمزور هئا، تنهن
ڪري سنڌ تي پوءِ سمن جي حڪومت شروع ٿي.
تغلق سلطانن جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حالت:
تغلق سلطانن جي ڏينهن ۾، سنڌ ملتان جي گورنري جي
ماتحت هئي، جنهن جي ماتحت بکر ۽ سيوهڻ ۾ صوبيدار
رهندا هئا. محمد تغلق جي ڪاهه وقت، سومرن جو زور
ٽٽي ويو هو. سنه 762هه ۾، جڏهن فيروز شاهه ٻيو
دفعو سنڌ ۾ آيو، تڏهن ڄام خير الدين چاليهه هزار
فوجن سان سلطان جو مقابلو ڪيو هو. پوءِ سنڌ آزاد
ٿي ويئي. سلطان تغلق ظالم، سخا ۾ مشهور ۽ علم پرور
ٿي گذريو. کانئس ٻه غلطيون ٿيون: هڪڙو ته هن دولت
آباد کي تختگاه مقرر ڪري ماڻهن کي دربدر ۽ پريشان
ڪيو ۽ ٻيو ته هڪ لک فوج خسرو ملڪ جي اڳواڻيءَ هيٺ
ٿٻيٽ رستي چين کي فتح ڪرڻ جي ارادي سان هماليه
جبلن ڏانهن رواني ڪيائين، جا فوج برساتي موسم اچڻ
ڪري جبلن ۾ بي گور ۽ بي ڪفن ناس ٿي ويئي.
3 لک ستر هزار ماڻهن تي ٻڌل جي فوج خراسان ۽
ترڪستان فتح ڪرڻ لاءِ تيار ڪرائي هئائين. مٿين
خيالي پلائن پچائڻ ڪري شاهي خزانا خالي ٿي ويا.
سلطان خزاني جي ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ ٽامي جو
سڪو سون برابر هلائڻ لڳو. هندو سونارن جعلي سڪا
ٺاهڻ شروع ڪيا، جنهن سبب رعايا شاهي سڪي کي وٺڻ
کان انڪار ڪيو. سنڌ جا شهر وسندڙ ۽ آباد هئا. شيخ
ابن بطوطا سنه 734هه ۾ ڪشمور کان لاهري بندر تائين
سنڌ جي سياحت ڪئي. هو لکي ٿو ته، ”سنڌ جي شهر
’خباني‘ ۾ خوشنما بازاريون آهن.“ ائين معلوم ٿئي
ٿو ته پوءِ هي شهر مهراڻ جي آبڪاڻيءَ ڪري ويران ٿي
ويو. ابن بطوطا سيوهڻ ۾ مدرسي ۾ رهيو هو. سندس چوڻ
موجب سنڌ جي شهرن ۾ کير ۽ مڇي جام هئي. سندس ڏينهن
۾ سنڌو نديءَ تي جهازراني چالو هئي. ديبل ويران
هو، جت ابن بطوطا هڪڙي بت جو مجمسو ڏٺو هو، جنهن
جي هيٺان هندي خط ۾ هڪڙو ڪتبو لڳل هو.
سنه 742هه کان سنه 749هه تائين محمد تغلق جي ڏينهن
۾ سنڌ ۾ سخت ڏڪر پيو. ڪڻڪ جي في مڻ سنڌ ۾ ڇهين
دينارين وڪامڻ لڳو. ’تاريخ مبارڪشاهي‘ ۾ لکيل آهي
ته سانده ستن سالن تائين برسات ڪانه پئي. هڪ سير
ڪڻڪ جي قيمت ’تاريخ فيروزشاهي‘ ۾ 16 يا 17 جيتل
لکيل آهي. ان زماني ۾ سير جو وزن 29 تولا ۽ 2 ماسا
هو ۽ مڻ جو وزن 13 سير 8 آنا هو.(1)
دهليءَ جي باشندن کي سرڪاري گدامن مان اَن ملڻ لڳو
۽ گجرات تائين سرڪاري اهلڪار تقاويون ڏيڻ لڳا، مگر
سنڌ جو صوبو سرحد تي هئڻ ڪري نظر انداز ڪيو ويو،
جنهن ڪري ملتان، مالوه، گجرات، دکن ۽ سنڌ تائين
بغاوت پکڙجي ويئي. باغي جابجا سلطاني خزاني ۽
واپارين کي لٽڻ لڳا.
ملتان ۽ دهلي جي وچ ۾ گهڻائي شهر ڏڪر ڪري ويران ٿي
ويا. مئل جانورن جون کلون پچائي، ماڻهو کائڻ لڳا.
ابن بطوطا آگره جي شهر ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي مردي جو
گوشت کائيندي ڏٺو.(2)
فيروز شاهه تغلق شين جا اگهه مقرر ڪيا. ڪڻڪ في مڻ
8 جيتل، جَوَ في مڻ 4 جيتل، دال في مڻ 4 جيتل،
چانورن جو ڏارو في مڻ 5 جيتل، گيهه اڍائي سير جي
قيمت 3 جيتل، کنڊ في سير ساڍا 3 جيتل. جيتل جي
قيمت هڪ پئسو ۽ مڻ جو وزن 14 سير پختا هئا. مٿيون
جنسون ۽ سندن اگهه ’تاريخ فيروز شاهي‘ ۾ ڏنل آهن.
تغلق سلطانن جي ڏينهن ۾ فوجي حالت بهتر هئي. اڳ
سپاهين کي ماهوار پگهار ملندو هو، پر تغلقن جي
ڏينهن ۾ فوجين کي جاگيرون ملڻ لڳيون، جنهن ڪري
سپاهي خوشيءَ سان فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لڳا. اميرن جا
درجا مقرر هئا: 1 خان، 2 ملڪ، 3 امير، 4 سپه سالار
۽ 5 جند. محمد تغلق جي درٻار ۾ اسي خاندان رهندا
هئا. مٿيان امير فوجون رکندا هئا. مثلا هڪ خان جي
ماتحت ڏهه هزار فوج رهندي هئي، سندس جاگير جي
آمدني ساليانو 2 لک ٽنڪا هئي. ’ملڪ‘ وٽ هڪ هزار
فوج رهندي هئي، سندس جاگير جي آمدني ويهه هزار
ٽنڪا سالياني هئي. ’امير‘ وٽ ٻه سؤ سپاهي رهندا
هئا. خان، ملڪ، سالار ۽ امير کان سواءِ، باقي فوجي
سپاهين کي سرڪاري خزاني مان پگهار سميت کاڌو،
ڪپڙو، گهوڙن لاءِ چارو ۽ داڻو سرڪاري ملندو هو.
فوجن ۾ ترڪ، ايراني، بلوچ (خراساني) ۽ هندستاني
ڀرتي ٿيندا هئا. سندن گهوڙا عملدا ۽ هٿيار سٺا
هئا.
شاهي سوار لشڪر جو تعداد 9 لک هو. ڪجهه بادشاهه وٽ
رهندو هو، باقي صوبن ۾ جاگيردارن وٽ رهندو هو. سنڌ
۾ وڏو جاگيردار قاضي علاءُ الملڪ خراساني هو، جو
ڪو وقت هرات جو قاضي هو. فاضل فقيه هو، جنهن کي
لاهري بندر تان ساليانو سٺ لک دينار محصول وصول
ٿيندو هو. ان مان قاضي موصوف کي ويهون حصو ملندو
هو، باقي آمدني هو بادشاهه کي پهچائيندو هو. ان
قسم جي حساب سان بادشاهه صوبن ۾ جاگيرون تقسيم
ڪندو هو. خانن، ملڪن، سالارن ۽ اميرن جي درن تي
حيثيت آهر نوبتون وڄنديون هيون.
تغلق سلطانن جي ڏينهن ۾ ٽپال جو پورو انتظام هو،
جهڙو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو. ٽپال جا قسم هئا: 1 اولاق
يعني گهوڙي سوار ٽپالي، 2 شتر سوار ٽپالي، 3 پيادا
ٽپالي ۽ 4 ڪبوتر. ابن بطوطا جي سفرنامي ۾ ٽپال جي
سرشتي جو تفصيل سان بيان ڏنل آهي. دولت آباد ۾
قيام جي زماني ۾ روزانو بادشاهه وٽ ٽپال رستي پيئڻ
لاءِ گنگا جو پاڻي پهچندو هو. ٽپال لاءِ چوڪيون
مقرر هيون، جي چبوترن وانگر هيون. ٽپالين معرفت
بادشاهه وٽ خراسان جا تر ۽ تازا ميوا پهچندا هئا.
عربي ۽ پارسيءَ ۾ تحرير جو رواج هو. هرهڪ امير ۽
وڏي سرڪاري عملدار وٽ بادشاهه پاران غلام رهندو
هو، جو اميرن ۽ عملدارن جون خبرون سرڪاري مخبر کي
پهچائيندو هو. اميرن جي گهرن جون مخفي خبرون
نوڪرياڻيون، ڀنگياڻين معرفت سرڪاري مخبر کي
پهچائينديون هيون. اهڙيءَ طرح بادشاهه کي ملڪي
خبرن کان سواءِ اميرن ۽ عملدارن جون ذاتي خبرون
دارالخلافه دهليءَ تائين پهچنديون هيون.
ملڪ ۾ شفاخانن جو به انتظام هو. محمد تغلق جي
ڏينهن ۾ دهلي جي شهر ۾ ستر شفاخانا هئا. عدالتي
کاتو قاضيءَ جي معرفت هلندو هو. وڏو قاضي ’قاضي
القضاة‘ سڏبو هو. ’صدر جهان‘ وزيراعظم جو عهدو به
ساڳيو هو. هرهڪ جي جاگير جي آمدني ساليانو سٺ هزار
ٽنڪا هئي. وزير جي عهدي کي ’صدرالاسلام‘ به چوندا
هئا. جڊيشل کاتو سندس ماتحت هو. فقرا جو آفيسر
’شيخ الاسلام‘ هو، سندس سالياني آمدني سٺ هزار
ٽنڪا هئي، سرڪاري لنگرخانن ۽ خيرات جي تقسيم جو
مال سندس معرفت ورهائبو هو. ڏڪر جي وقت غريبن کي
سرڪاري لنگرخانن مان کاڌو ملندو هو. قاضي سان گڏ
عدالت ڪرڻ وقت ’ميداد‘ به گڏ وِيهندو هو. ميرداد
درخواستون قاضيءَ اڳيان پيش ڪندو هو. سندس ساليانو
پگهار پنجاه هزار ٽنڪا هو. ’شرف الملڪ‘ مالي وزير
جو پگهار ساليانو چاليهه هزار دينار هو. انهن
عملدارن لاءِ پارسيءَ کان سواءِ عربي سکڻ لازمي
هو. قرضدارن جي جاچ سرڪاري منشي ڪندا هئا. قرض جي
وصوليءَ جي حالت ۾ ٻه حصا سرڪار کڻندي هئي، ٽيون
حصو قرض خواه کي ملندو هو. هندو ۽ مسلمان رلي ملي
هلندا هئا. ملڪي عهدا سڀني لاءِ کليل هئا. هندو
عورتون ستي لڪڙيءَ تي چڙهنديون هيون. کين مذهبي
آزادي مليل هئي.
سنڌ جا ٻه مولوي دهلي درٻار ۾ نوڪر هئا، جن کي
ڪنهن ڏوهه ۾ شيخ زاده نهاونديءَ قتل ڪرايو هو.
سنڌي مهمان نوازيءَ ڪري مشهور هئا. سندن اخلاق،
فياضي ۽ مهمان نوازيءَ جي ابن بطوطا تعريف ڪري ٿو.
سندس ڏينهن ۾ سنڌ جي شهرن ۾ خانقاهُن ۽ سرائن ۾
مسافرن کي مفت کاڌو ملندو هو. اميرن کان وٺي ويندي
خانقاهُن جي متولين ۽ درويشن تائين، سمورا پرديسين
۽ مسافرن جي سارسنڀال لهندا هئا ۽ سندن عزت ڪندا
هئا، بلڪ پرديسين کي ’عزيز‘ ڪري سڏيندا هئا.
ابن بطوطا سنڌ ۾ مهراڻ جي ڪپن تي بانس جي وڻن جو
ذڪر ڪري ٿو. انهن جهنگن ۾ هڪ سڱا گينڊا به رهندا
هئا، جن جو قد هاٿيءَ کان ٿورو ننڍو ۽ مٿو هاٿيءَ
کان وڏو هو ۽ سندن رنگ ڪارو هو. اڳ سنڌ مان بيد،
بانس، سوپاريون ۽ ڪٿو روانگيءَ جون شيون هيون.
هينئر اهي شيون ٻاهران اچن ٿيون.
ڪشلو خان جي خانقاه:
سنڌ ۾ بکر جو قلعو جيئن عباسي دؤر جي يادگار آهي،
تيئن بکر جي لڳ اوڀرندي طرف هڪڙي ننڍڙي ٻيٽ تي
ڪشلو خان جي خانقاه آهي، جنهن کي هينئر خواجه خضر
جو ٿان سڏين ٿا. اها خانقاه تغلق دؤر جي يادگار
اڃا قائم آهي.
بغداد ۽ مصر جي عباسي خليفن جا سفير تغلق سلطانن
جي ڏينهن ۾ دهليءَ جي درٻار ۾ رهندا هئا. سعيد
صرصري ۽ حاجي رجب بغداد جي عباسي خليفي پاران
فيروز شاهه تغلق لاءِ هڪ خلعت، علم، ترار ۽ منڊي
’سيد السلاطين‘ جي لقب سان آندائون، پاڻ سان
پيغمبر ﷺ جن جي قدم بارڪ جو نشان آندائون، جو
هاڻي دهليءَ ۾ شهزادي فتح خان جي قبر تي اجميري
دروازي کان ٿوري مفاصلي تي لڳل آهي، جتي هر سال 12
ربيع الاول جي موقعي تي وڏو ميلو لڳندو آهي. حاجي
سعيد صرصري سنه 757هه ۾ دهليءَ پهتو. المستنصر
بالله 623هه کان 640هه تائين بغداد تي حڪمراني
ڪئي. سندس پٽ امير غياث الدين پهريان ماوراءِ
النهر جي بادشاهه سلطان علاءُ الدين وٽ رهيو، جتان
ڪن سالن کان پوءِ صوفي محمد همداني ۽ محمد بن ابي
شرفي حرياويءَ کي محمد تغلق ڏانهن قاصد ڪري
موڪليائين. بادشاهه سندس خرچ لاءِ ٽيهه هزار دينار
مڪا. غياث الدين ترڪستان کان پهريان سنڌ ۾ آيو،
پوءِ دهلي پهتو. محمد تغلق پنهنجي ڀيڻ جي شادي
ساڻس ڪرائي.
مصر کان سيف الدين غدا ابن هبة الله دهليءَ پهتو.
سلطان محمد تغلق گجرات، انهلواڙه ۽ کنڀات کيس
جاگير طور ڏنا. اسلامي دنيا سان تعلقات جي ڪري سنڌ
جي واپار ترقي ڪئي. ابن بطوطا جي بيان موجب سنڌ جو
بندر لاهري واپار ۾ محصول ڪري رونقدار ۽ دولتمند
شهر هو، جتي يمن، فارس ۽ ڪاري منڊل جا جهاز لنگر
هڻندا هئا. جانورن جي چراگاهُن، باغات جي گلن جي
وڪري، مهاڻن کي ماهي گيريءَ، نيرولين کي ڪپڙن رڱڻ،
دوڪاندارن کي واپار ڪرڻ ۽ نشيدار شين جي وڪري تي
ڍلون ڏيڻيون پونديون هيون. غياث الدين تغلق شراب
فروشيءَ جي ممانعت ڪئي هئي. ڪوڪن جي شهر ٿاڻي کان
هڪڙي قسم جو ڪپڙو، جنهن کي ابوالفدا ’تناسي‘ لکي
ٿو، سنڌ ۾ وڪري لاءِ ايندو هو. چين، عراق ۽
سڪندريه کان ريسمي ۽ اوني ڪپڙو وڪامڻ ايندو هو.
منجهانئن سڪندريه جو ڪپڙو باريڪيءَ جي ڪري مشهور
هو. ترڪستان مان اُٺ، گهوڙا، اوني ڪپڙو، هٿيار،
غلام وڪري لاءِ ايندا هئا. معبر ڪوڪن ۽ ملبار جا
واپاري لاهري بندر ۾ رهندا هئا.
تغلق سلاطين جي زماني ۾ ٻانهن ۽ ٻانهين جي وڪري جو
عام رواج هو. معمولي ٻانهي جي قيمت اٺ ٽنڪا هئي.
حرم جي لائق رکڻ وارين ٻانهين جي قيمت 15 ٽنڪا
هئي، ليڪن تعليم يافته ڪنيز جي قيمت 2 لک ٽنڪا
تائين به وڃي پهچندي هئي. شاعر بدر چاچ هڪڙي ڪنيز
گلچهره تي عاشق ٿي پيو، سنديس قيمت 9 سؤ ٽنڪا هئي؛
بدر وٽ خريد ڪرڻ لاءِ رقم نه هئي؛ پنهنجي ارادي کي
هڪڙي قصيدي ۾ ادا ڪيو اٿس. قيصدي جو پهريون شعر هن
ريت آهي:
”قرار بيع بصد حيله بست بر نه صد، اگرچه قيمت آن
ماه صد هزار آمد!“
غلامن جي واپار جو ايترو زور هو، جو نوجوان غلام
بعض اوقات ٻن ٽنڪن تي به وڪامندا هئا.
تغلق سلطانن جي زماني ۾، دينار، ٽنڪا (تنڪه)، ٽنڪا
نصفي، دوڪاني، جيتل، عدلي وغيره سڪا چالو هئا.
طلائي دينارن جو وزن 19 گرين کان وڌيڪ هو. اهي سنه
725هه کان 727هه ۾ ضرب ٿيا. سندن هڪڙي پاسي کان
ڪلمو شهادت، ٻئي پاسي کان ’الواثق بتائيد الرحمان
محمد شاه السلطان‘ عبارت لکيل هئي. غياث الدين جي
سڪن تي ’السلطان الغازي غياث الدنيا و الدين
ابوالمظفر تغلق شاه السلطان ناصر امير المؤمنين‘
لکيل هو. محمد تغلق جي سڪن تي ’المجاهد في سبيل
الله محمد بن تغلق شاه‘ عبارت لکيل هئي. دينار
طلائي جو وزن 99 گرين هو. تنڪه پتل جا هئا، في
تنڪه جو وزن 132 گرين هو. اهي سنه 731هه ۾ دولت
آباد ۾ جاري ٿيا. محمد تغلق هنن تنڪن کي چانديءَ
جي سڪن جي قيمت تي هلائڻ لڳو. دوڪاني سڪي جو وزن
65 گرين هو. جيتل ٽامي جا پئسا هئا، في جيتل جو
وزن 74 گرين هو. طلائي تنڪه جو وزن 3 مشقال هو. في
چانديءَ جي تنڪه ۾ اَٺ هشتگانيون هيون. في
هشتگانيءَ ۾ چار سلطانيون هيون، في سلطاني جي قيمت
2 جيتل هئي. في نقرئي تنڪه ۾ 64 جيتل ٿيندا هئا.
پنجاه عدلي سڪا. عدليءَ کي پول به سڏيندا هئا. في
جيتل جي قيمت 4 فلوس هئي ۽ هشتگانيءَ جي قيمت مصر
۽ شام جي درهم برابر هئي.
اسلامي دنيا سان دوستانه تعلقات هئڻ ڪري، مٿيان
سڪا عراق، مصر ۽ شام تائين چالو هئا. وري جڏهن
محمد تغلق پتل جي سڪن کي چانديءَ جي قيمت تي هلائڻ
لڳو، ته هندو صراف کوٽا سڪا هلائڻ لڳا، جنهن ڪري
سنڌ، مالوه ۽ گجرات ۾ رعايا فساد ڪيا، بلڪ واپارين
محصول ڏيڻ به بند ڪيو. مٿين بغاوتن کي مٽائڻ لاءِ
محمد تغلق کي سانده چار سال لڳي ويا ۽ هو تپ دق ۾
مبتلا ٿي وفات ڪري ويو.
تغلق سلطان ڪافي حد تائين فاضل، خدا پرست، شرع جا
پابند ۽ علمائن، شاعرن جا قدردان هئا. ترڪستان،
عراق، عجم، بلڪ مغرب الاقصيٰ کان جيڪي به مخدوم،
شيخين يا علماءَ سندن درٻار ۾ پهتا، تن جي انهن
پوري عزت ۽ قدرداني ڪئي. بلڪ ڌارين ملڪن جي
سوداگرن کي به هو انعام اڪرام ۽ خلعتون ڏيندا هئا
فيروز شاهه تغلق پنهنجي حڪومت جي عرصي اندر پنجاه
نهرون، چاليهه جامع مسجديون، ٽي سؤ مدرسا، ٻه
خانقاهون هڪ سؤ محلات، پناهه شفاخانا، هڪ سؤ
مقبرا، ڏهه حمام، پندرهن سؤ کوهه، هڪ سؤ پليون ۽
باغ تعمير ڪرايا. سندن درٻار ۾ شاعرن مان امير
خسرو، بدر چاچ، مظهر هندي، اوليائن مان سلطان
الاولياءَ خواجه نظام الدين، خواجه نصيرالدين چراغ
دهلوي، عارف رڪن عالم، مؤرخن مان سراج عفيف، ضيا
برني، سعد منطقي، جوتشين مان گنگو برهمڻ ٿي گذريا
آهن. بادشاهه محمد تغلق هندو جوڳين جي صحبت ۾ به
رهندو هو.
سنڌ ۾ بکر ۽ سيوهڻ ۾ مدرسا هئا، جن ۾ خراسان جا
شاگرد به تعليم وٺندا هئا. خواجه نصيرالدين دهلوي،
محمد تغلق سان سنڌ جي سفر ۾ گڏ هو، بلڪ بادشاهه کي
لباس پهرائڻ جي ڪم تي مامور هو. محمد تغلق صوفين ۽
درويشن جي زور گهٽائڻ لاءِ صوفين کي پنهنجي
چاڪريءَ ۾ رکيو هو. تختگاهه دهلي، جو مشرق ۾ بغداد
۽ روم هو، سو وسعت ۾ چاليهن ميلن ۾ هو، سندس ٽن
پاسن کان ٻارهن ٻارهن هزار قدمن تائين باغات هئي،
منجهس هڪ هزار مدرسا، ٻه هزار ننڍيون وڏيون
مسجدون، ستر شفاخانا، شهر جي باشندن لاءِ پاڻي جي
انتظام لاءِ گهربل تعداد ۾ تلاءَ جڙيل هئا، جن ۾
مينهن جو پاڻي ڀربو هو.
|