انتساب
آءٌ پنهنجي هيءُ پيشڪش مخدومي، مولائي و آقائي
حضرت شمس العلماءِ
ڊاڪٽر ”عمر بن محمد دائود پوٽي“ مدضله العالي
جي نالي منسوب ڪريان ٿو،
جنهن جي توجهه ۽ تربيت جي فيض ۽ برڪت جو هي نتيجو
آهي.
گرچه از نيکان نيم، خود به نيکان بستم ام
در رياض آفرينش رشتةءِ گلدسته ام
- مولائي شيدائي
پبلشر نوٽ
سنڌ جي تاريخ جي هڪ جُلدي ڪتاب ”جنت السنڌ“ کي
سنڌي پڙهندڙن وٽ بيحد مقبوليت حاصل رهي آهي. هي
ڪتاب پهريون ڀيرو 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي پاران
ڇپيو هو. رحيمداد خان مولائي شيدائي کي بادشاهن ۽
درٻارن جي چوڌاري ڦيرڻ جي بجاءِ پنهنجي علمي ذوق
سان تاريخ جي موضوع جي لاءِ گهربل عوامي پهلوءَ کي
اڳيان رکيو. هُن ان وقت تائين موجود ماخذن جي
بنياد تي ان کي وڌ ۾ وڌ عوامي بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
مختلف دورن جي اقتصادي، تمدني، معاشرتي ۽ ادبي
حالتن تي به مناسب روشني وڌي. نتيجي ۾ هن ڪتاب کي
پڙهندڙن اکين تي رکيو ۽ هڪ ٻئي جي پٺيان ايڊيشن
شايع ٿيا.
هي تاريخي سرمايو ڪيترن سالن کان آؤٽ آف پرنٽ هو.
مولائي شيدائي مرحوم کي پٽ جو اولاد ڪونه هو. سندن
لائق نياڻي محترمه خالده خانم پنهنجي والد جو هي
علمي پورهيو سوڌي سنواري شايان شان ڇپائيءَ سان
عوام جي استفادي لاءِ مهيا ڪرڻ واسطي دامنگير هئي
۽ اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جو هُن انهيءَ
مقصد جي لاءِ سنڌيڪا کي اشاعت جي ذميداري سونپي.
اسان نهايت ئي مختصر عرصي ۾ پنهنجي وس آهر ڪوشش
ڪري سهڻي گيٽ اپ سان اوهان جي هٿن تائين رسايو
آهي.
هي ڪتاب هيستائين سنڌ جي تاريخ تي معلومات جو
ڀنڊار آهي. پر هينئر سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل
اڃان به وڌيڪ ماخذن جي پڌرائي ٿي آهي. سنڌيڪا جي
پاران ڇپايل انگريزي ڪتابن جا ترجما ان سلسلي ۾
قابل ذڪر آهن. انهن ۾ اهڙن ٻين ماخذن کي سامهون
رکي جيڪڏهن تاريخ جي شعبي سان دلچسپي رکندڙ ڪي به
محقق سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن تي ڪم ڪري وٺن ته
اها سنڌ ۽ سنڌين جي وڏي خدمت ليکبي ۽ سنڌيڪا اهڙين
ڪوشش کي پڌرو ڪرڻ پنهنجي لاءِ فخر جو باعث
سمجهندي.
نور احمد ميمڻ
چيئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي
ديباچو
سنه 1941ع ۾ ڪن دوستن جي صلاح سان مان نموني طور
’مختصر تاريخ بلوچستان‘ پنهنجي خرچ سان ڇپائي پڌري
ڪئي، ڇاڪاڻ ته بلوچستان متعلق ڪابه تاريخ اڳ سنڌي
زبان ۾ ڪانه هئي. مٿين تاريخ اگرچه مختصر هئي، مگر
ان بيحد مقبوليت حاصل ڪئي. اخبارن تعريف ڪئي،
دوستن وٽان قدرشناسيءَ جا خط پهتا، خاص طرح تڏهوڪي
بي- پي- آءِ سنڌ، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي
تاريخ کي سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۽ ٽيچرس
لائيبررين لاءِ منظور ڪري، حوصله افزائي ڪئي. تنهن
کان پوءِ، ٻيءَ عالمگير جنگ وقت جڏهن آءٌ فوجي
ڪارخاني، حيدرآباد سنڌ ۾ يارڊ سپروائيزر هوس، تڏهن
پوليٽيڪل ايجنٽ قلات معرفت، مٿينءَ تاريخ جو اُردو
ترجمو بلوچستان جي اسڪولن لاءِ بلوچستان تعليم
کاتي پاران منظور ٿيو.
منهنجو گهڻي عرصي کان ’تاريخ سنڌ‘ لکڻ جو ارادو
هو؛ ڇاڪاڻ ته سنڌ جون جيڪي به تاريخون آهن اول ته
انهن ۾ حوالا ڏنل ڪين آهن، وري جن ۾ ڏنل آهن سي
مبهم نموني ۾ ڏنل آهن. نه سنڌ جي جاگرافي متعلق
بيان ڏنل آهي، نه سنڌ جي تجارتي، صنعتي، اقتصادي
حالتن متعلق ڪجهه بيان ڏنل آهن. فقط خشڪ سياسي
بيان ڏنل آهن، ڪن تاريخن ۾ هجري سن ڏنل آهن، ته ڪن
۾ عيسوي ڏنل آهن، بعض بيان قياسي ۽ ڪي افسانن
وانگر آهن. اهڙين خامين ۽ غلطين کي مٽائڻ ۽ وطن ۽
قوم جي خدمت ڪرڻ جي ارادي سان، مون سنڌ جي مفصل
تاريخ جو هي نسخو تيار ڪيو آهي.
هن مسودي جي تيار ڪرڻ ۾ جن جن ڪتابن تان مون مدد
ورتي آهي، تن جا نالا ۽ حوالا هر هڪ صفحي هيٺان
ضروري نوٽن سان ڏنا اٿم. ڪتاب ۾ جملي اٺ باب آهن.
ضروري نقشن کان سواءِ هجري ۽ عيسوي سن به ڏنل آهن
۽ ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هر هڪ باب جي ڌار ڌار
ببليوگرافي، چٽائيءَ سان ڏنل آهي. جن جن خاندانن
سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي، تن جا شجرا ۽ فرمانوائن جي
نالن جون فهرستون به مناسب هنڌن تي ڏنل آهن. سياسي
بيانن ۽ جنگين جي حوالن ڏيڻ کان سواءِ، هر هڪ دور
جي سنڌ جي اقتصادي، تمدني، تجارتي، صنعتي ۽ ادبي
حالتن تي به مناسب روشني وڌل آهي، جيئن اصلي توڙي
نوان رهواسي پنج هزار ق-م کان سنه 1843ع تائين
پنهنجي پاڪ وطن، سنڌ، جي تاريخ جي پوري ڪيفيت ۽
فضيلت معلوم ڪري سگهن.
اڪثر اڳين مؤرخن سياسي ۽ مذهبي تعصب ڪري، اسان جي
سنڌڙي سونهاريءَ جون جيڪي تاريخون لکيون آهن، انهن
مان اسلامي دؤر ۾ فقط ڪاهُن ۽ جنگين جو ذڪر ڏنل
آهي. گويا اسلامي دؤر محض جاهليت جو دور هو. بعض
انگريز مؤرخن هن خوش نصيب صوبي کي ’ناخوش وادي‘ ۽
’بدنصيب واديءَ‘ جي نالن سان سڏيو آهي، حالانڪ
اسان جي سنڌ سڄي ايشيا ۾ زرخيز ملڪ آهي ۽ سڄي
پاڪستان اندر بچت وارو صوبو آهي. ملڪ جي اهڙين
بيمثل برڪتن ڪري مون ڪتاب تي ’جنت السنڌ‘ نالو
رکيو آهي.
ڪتاب ۾ جيڪي مون لکيو آهي، سو ٻين ڪتابن تان احوال
ڏسي ڇنڊي ڇاڻي پوءِ لکيو آهي، جنهن لاءِ جابجا
حوالا ڏنل آهن ۽ مون پاڻ کي حقيقتن جي صحت يا عدم
صحت جي جوابدارين کان آزاد رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ممڪن آهي ته مون کان غلطيون ٿيون هجن، ڇاڪاڻ ته
انسان نيٺ به ته هڪ عاجز چيز آهي. ان باري ۾ حضرت
شيخ عثمان هجويري رح جو قول آهي ته:
”انساني طبَع لاءِ باهه تي گهمڻ، علمي راه تي هلڻ
کان آسان آهي. هڪڙي جاهل لاءِ پلصراط تان هزار
ڀيرا لنگهڻ آسان ڪم آهي، ان کان جو هڪڙو عالم علمي
مسئلي کي حل ڪري سگهي.“
ان ڪري جيڪڏهن ڪا غلطي اوهان کي نظر اچي، ته مٿئين
قول مطابق مون هيچمدان کي معاف فرمائيندا. هن ڪتاب
جي شايع ٿيڻ کان پوءِ آئنده جڏهن به ڪو صاحب تاريخ
سنڌ تي قلم کڻندو، سو انشاءِ الله تعاليٰ مون عاجز
کي ڪين وساريندو، بلڪ اميد اٿم ته هي ڪتاب هڪ حد
تائين سندس رهنمائي ڪندو. آخر ۾ رب پاڪ جو شڪرانو
ادا ڪريان ٿو، جنهن پنهنجي ناچيز بندي کي قوم ۽
وطن جي هن خدمت ڪرڻ لاءِ توفيق عطا فرمائي.
وما توفيقي الا بالله العلي العظيم
’شادم از زندگيءَ خويش که کاري کردم‘
خادم
مولائي شيدائي
محرم الحرام 1369هه
سکر (سنڌ)
باب پهريون
جنت السنڌ: سر زمين سنڌ کي ’جنت السنڌ‘ جو نالو ان
ڪري ڏنو ويو آهي، جو پيداوار جي لحاظ کان هيءَ
برڪت ۽ بچت واري سرزمين آهي. ’جنت السنڌ‘، سنڌو
نديءَ ڪري، هڪڙي وادي آهي، جا هندستان جي ميدانن
مان ’انڊو گئنجيٽڪ‘ عظيم الشان ميدان جو اولهندو
حصو والاري ٿي. هيءُ ميدان جبلن جي مٽيءَ مان جڙيل
آهي، جو ڊيگهه ۾ پندرهن سؤ ميل ۽ ويڪر ۾ ڏيڍ سؤ
ميل آهي. هڪ سڌو سنئون ميدان سنڌونديءَ کان گنگا
نديءَ جي ڊيلٽا تائين پکڙيل آهي؛ منجهانئس سنڌو،
گنگا ۽ برهمپترا نديون وهن ٿيون. هي ميدان سنڌ،
پنجاب، گڏيل علائقا، بنگال ۽ آسام جا علائقا
والاري ٿو ۽ پاڪ و هند جي سڀني علائقن کان هن
ميدان وارا علائقا وڌيڪ زرخيز ۽ مردم خيز آهن. هن
۾ ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند ۽ چانهه جي پوک ٿئي ٿي. اُن جي
مشرقي حصي تي گهڻي برسات پوي ٿي، ان ڪري سندس
نظارو مغربي حصي کان وڌيڪ دلڪش آهي؛ آرين هن ميدان
تي ’سپت سنڌو‘ ۽ ’آريا ورت‘ نالا رکيا هئا. سندن
تمدن، هنر ۽ ادب هت ترقي ڪئي هئي.(1)
ايراضي ۽ آدمشماري:
موجوده سنڌ جي ايراضي 52،994 چورس ميل آهي.(1)
آگسٽ 1947ع ۾، تقسيم هند کان اڳ، سنڌ جي جملي
آدمشماري 38،87،070 هئي، جنهن مان مسلمانن جو
تعداد 28،31،000 ۽ هندن جو جملي تعداد 10،15،000
هو.
مٿين ايراضيءَ مان رياست خيرپور جي ايراضي 6،050
چورس ميل آهي.(2)
پکيڙ جي لحاظ کان، هي صوبو آسٽريا، بلغاريا،
ڊينمارڪ، هنگري، سوئٽزرلنڊ ۽ پورچوگال کان وڏو
آهي. سنه 48-1949ع ۾ هن صوبي جي جمل روينيو اُپت
843 لک رپيا هئي؛ خرچ 804 لک رپيا هو.(3)
قديم حدون:
سنه 1843ع تائين، سنڌ هڪ ڌار ملڪ هو. قديم زماني
۾، سنڌ حڪومت جون حدون اُتر ۾ درياءَ جهلم تائين
هيون ۽ ڪشمير جا بعض هيٺيان ضلعا به ان ۾ شامل
هئا. اتر ۾ درياءَ هيلمند ان جي حدبندي ڪندو هو ۽
ڏکڻ اولهندي ۾، سندس سرحد مڪران جي اولهندي ۾ نور
منشور تائين پکڙيل هئي ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ هئرس،(4)
۽ ڏکڻ اوڀرندي ۾ راجپوتانا ۽ جيسلمير جي ريگستان ۾
ڪٿي وڃي ٿي ختم ٿي: گويا هاڻوڪو سمورو مغربي
پاڪستان سنڌ اندر هو.
موجوده حدون:
سنڌ جون موجوده حدون هن ريت آهن: اتر ۾ پنجاب ۽
(سابقه) رياست بهاولپور، اوڀرندي ۾ جيسلمير ۽
جوڌپور (راجپوتانا) رياستون، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽
عربي سمنڊ ۽ اولهندي ۾ رياست قلات (بلوچستان).
نالو:
اسلامي تاريخن ۾ لکيل آهي ته ’هند‘ ۽ ’سنڌ‘ حام بن
نوح عليه السلام جا پٽ هئا، جن جي هن سرزمين تي،
سندن اولاد سميت، گهڻو وقت حڪومت رهي هئي؛ تنهنڪري
سندن نالي پٺيان ئي هن ملڪ تي سند (سنڌ) نالو پيو.(1)
آڳاٽي سنڌ جي طبعي حالت به موجوده سنڌ کان گهڻي
نرالي هئي. ڪنهن زماني ۾، ان جي چؤطرف سمنڊ جو هجڻ
ثابت آهي. ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتانا جو وڏو حصو
سمنڊ هيٺ هئا، جنهن لاءِ سانڀر جي ڍنڍ شاهدي ڏي
ٿي، اتر ۾ خزر جو سمنڊ ۽ ارل جي ڍنڍ، سيستان ۾
هامون جي ڍنڍ ۽ مڪران جون ڍنڍون شاهدي ڏين ٿيون ته
سنڌ، جنهن جون حدون ڪو وقت ڪشمير، هندوڪش، هيلمند
۽ ايران تائين هيون، سو ٻيٽ هوندو؛ تاريخن ۾
’سڪاديپ‘ سڏبو هو. اهڙيءَ طرح اتر هندستان کان
دکن، به سمنڊ ڪري ڌار هو، جو ’جمبو ديپ‘ سڏبو هو.
سنڌ جو مڪران وارو ٻيٽ، جو هينئر استالو سڏجي ٿو،
سو ’ستاديپ‘ سڏبو هو.
هندستان جا ٻيا ٻيٽ لڪديپ، سنهالاديپ (سلون)، سورن
ديپ (سوماترا)، يؤن ديپ (جاوا)، هن وقت موجود آهن.
ان زماني ۾ سمنڊ جي وسعت ڪري سنڌ ۾ جهجهي برسات
پوندي هئي، جنهن جو ثبوت موهن جي دڙي جي پڪين سرن
وارين عمارتن مان پئجي سگهي ٿو. بلڪ مڪران جي ڪن
آثارن مان ڪوڏن ۽ سنکن جا زيور به لڳا آهن. هن مان
ظاهر آهي ته اڄ کان هزارها ورهيه اڳ سنڌ هڪڙو ٻيٽ
هو، پوءِ ندين جي لَٽَ جي مٽيءَ ڪري ۽ وقت بوقت
زلزلن ڪري، سمنڊ پٺتي هٽندو ويو. تان جو سمنڊ
سُڪندو ويو ۽ راجپوتانا ۽ ٿر وارياسو بيابان بنجي
ويو. ان بيابان جي ڪري، راجپوتانا ’مارو ڀومي‘
يعني موت جي زمين سڏجي ٿو.(1)ڪن
جو بيان آهي ته، لفظ ’سنڌو‘ سنسڪرت لفظ ’سنڌاوا‘
مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ’چنڊ‘ آهي.(2)
رگ ويد، جو هندن جو پراڻو گرنٿ آهي، تنهن ۾ سنڌ جو
نالو ’سپت سنڌو‘ يعني ستن ندين وارو ملڪ لکيل آهي.
آرين لوڪن سنڌ تي ’سنڌو‘ درياءَ ڪري اهو نالو وڌو،
جنهن جي معنيٰ آهي ’سمنڊ‘.
آرين جا پاڙيسري ڀائر ايراني، س کي هه سان پنهنجي
لهجي ۾ بدلائيندا هئا، ان ڪري زند جي زبان ۾ ’سپت‘
بدلجي ’هپت‘ ۽ ’سنڌ‘ ڦري ’هنڌ‘ ٿيو. هيءُ لفظ پوءِ
رومن صرف ۽ نحو جي چرخي تي چڙهي ’اِند‘ ٿيو. هيءُ
لفظ پوءِ قلابازيون کائيندو بدلجي ’انڊيا‘ ٿيو ۽
اڃا تائين مغربي زبانن ۾ مروج آهي. مٿئين لهجي جي
ڦيرگهير ڪري آريا ’هندو‘ ڪوٺجڻ لڳا. چيني سياح
هوئن ٽسانگ، جو 629ع کان 645ع تائين هندستان جو
سفر ڪندو رهيو، سو پنهنجي سفرنامي ۾ هندستان کي
’شنتوهين‘ لکي ٿو. ’انڊ‘ يا ’هند‘ نالا ايرانين جا
جڙيل آهن. باقي ’شنتو‘ يا ’انتو‘ شايد يونانين ڪتب
آندو، جڏهن سڪندر سان گڏ هت آيا.(1)
عربن جو واپار هزارين ورهين کان هن ملڪ ۾ هلندڙ
هو. کين ’سند‘ ۽ ’هند‘ نالن جي خبر هئي. عربي
جاگرافيدانن مان ابن حوقل بغداديءَ سنڌ تي ’اشڪال
البلاد‘ ۽ گجرات تي ’زين البلاد‘ نالا رکيا هئا.(2)
هي پهريون عرب جاگرافيدان هو، جنهن سنڌ ۽ گجرات جو
نقشو تيار ڪيو هو. ابوضلع منصوري، جنهن هجري ٽينءَ
صديءَ ڌاري سنڌ جو وطني ترانو جوڙيو هو، تنهن ۾
هيءُ سنڌي شاعر سڄي ملڪ کي ’هند‘ سڏي ٿو. سندس
پهريان ٻه بيت ڏجن ٿا، جن مان هن ملڪ جي دولت ۽
خوشحاليءَ جو پتو پئجي سگهي ٿو:
لقد انکر اصحابي وما ذالک بالامثل،
اذا ما مدح الهند و سهم الهند في المقتل،
لعمري انها ارض اذا القطر بها يزل،
يصير الدر والياقوت و الدر لمن يعطل.(1)
جيئن ته اسلام جو قدم پهريائين هن ملڪ تي پيو، ان
فضليت ڪري سنڌ ’باب الاسلام‘ جي ممتاز لقب سان پڻ
سڏجي ٿي.
قدرتي حصا:
سنڌ جا قديم آثار صاف ڏيکارين ٿا ته قديم زماني
کان هي ملڪ تهذيب ۽ تمدن جو هندورو هو- جيئن نيل
جي وادي تهذيب جي ملڪه هئي. مصر جي ترقيءَ جو سبب
هن ريت هو ته سندس اولهندي کان لبيا جو صحرا ۽
اوڀرندي کان نيوبا جو رڻ پٽ ۽ اتر کان سينائي صحرا
اٿس: تيئن سنڌ جي جنت نشان واديءَ جي اڀرندي کان
ٿر جو صحرا، الهندي کان بلوچستان جي جبلن جون
ديوارون قلعي وانگر هن ملڪ جي پاسباني ڪري رهيون
آهن. اتر سنڌ کان ڪڇيءَ جو ٽڪنڊو ميدان ’دشت
بيدار‘ شروع ٿئي ٿو، جتي ڪوهن تائين رڃ لڳي پئي
آهي ۽ پاڻيءَ جو نالو نشان ڪونهي. هن ميدان کان ٻه
درا (لَڪَ) ’بولان‘ ۽ ’موله‘ شروع ٿين ٿا، جتان وچ
ايشيا ۽ ايران جي مٿانهن پٽن ڏانهن رستا وڃن ٿا،
مگر لَڪن جا پيچرا خطرناڪ هئڻ ڪري، جن جي فاتحن
اولهندي ۽ اتر طرف کان هندستان تي ڪاهون ڪيون، تن
خيبر جو رستو اختيار ڪيو، جنهن جي سامهون پنجاب جو
زرخيز ميدان آهي.
اهڙيءَ طرح ڏکڻ اولهندي ۾ مڪران جو ڪنارو بلڪل
ويران آهي، جتان لنگهندي ’اشور‘ جي پرشوڪت ملڪه
سميراس ۽ سڪندر مقدونيءَ کي اتي جي وحشي قومن کان
سخت تڪليفون پهتيون هيون.مٿين رستن جي روڪ لاءِ هن
خوش نصيب واديءَ کي مضبوط قلعا ڏنل هئا. مثلا
پنجاب کان ڪاهه ڪندڙن جي روڪ لاءِ مهراڻ جي
اوڀرندي ڪپ تي الور جو مضبوط قلعو ٽڪريءَ تي ٻڌل
هو، جنهن تي قبض: ڪرڻ لاءِ فاتح عربن کي ڪي مهينا
لڳا هئا. اولهندي کان برساتي نئن جي وهڪرن ڪري
رستا جڙيل آهن، جي دراصل ننڍڙا لَڪَ آهن- تن جي
روڪ لاءِ ڪوهستاني علائقي ۾ سيوستان (سيوهڻ) جو
مشهور قلعو هو؛ وچولي ۽ برهمڻ آباد ۽ نيرن ڪوٽ
(پاتال) جا قلعا هئا. ڏکڻ ۾ سمنڊ کان ڪاهُن جي
بچاءَ لاءِ سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا وارين مغربي شاخن
تي ديبل جو مشهور قلعو هو.
جيئن مصر قدرتي طور ٻن حصن ۾ ورهايل آهي:
(1) مصراسفل، يعني نيل نديءَ جي ڊيٽا وارو
هيٺانهون حصو ۽ (2) مصر صعيد، يعني ڏاکڻيون
مٿانهون حصو- تيئن موجوده سنڌ به ٻن حصن ۾ ورهايل
آهي: (1) ’لاڙ‘ يعني هيٺانهون حصو، جنهن جون حدون
ڏکڻ ۾ سمنڊ کان شروع ٿي سيوهڻ تائين آهن، ۽ ’سرو‘
يعني اتر وارو حصو، جولڪيءَ جي جبلن کان اتر سنڌ
جي ٽڪرين تائين آهي. سنڌ اتر کان سمنڊ تائين ڊيگهه
۾ 360 ميل آهي ۽ ويڪر ۾ اوڀرندي وارين ٿر جي ڀٽن
کان وٺي اولهندي وارين ٽڪرين تائين 170 ميلن ۾ آهي
۽ جملي پنجن حصن ۾ ورهايل آهي: (1) سرو (2) وچولو
(3) لاڙ (4) ٿر ۽ (5) ڪوهستان.
آبهوا:
هاڻوڪي سنڌ، موسمي هوائن کان ٻاهر هئڻ ڪري، هڪ خشڪ
علائقو آهي، جتي ساليانو ٽي انچ برسات مس پوي ٿي.
سري ڀاڱي جي زمين مٿانهين ۽ پڪي هئڻ ڪري ’سرو‘
سڏجي ٿي ۽ ڏاکڻيون ڀاڱو لڙيل ۽ هيٺانهون آهي، تنهن
ڪري ان کي ’لاڙ‘ چئبو آهي؛ ڪڇ جو رڻ ۽ عربي سمنڊ
ويجهو اَٿس، تنهن ڪري هن ڀاڱي جي زمين ڪلراٺي آهي.
سري ۽ لاڙ جي وچ واري حصي کي ’وچولو‘ چئبو آهي. هن
ڀاڱي جي زمين سنوت واري ۽ ڀلي آهي، ڇاڪاڻ جو
سنڌوندي هن ڀاڱي مان وهي ٿي ۽ سندس لَٽ وارو پاڻي
زمين تي پکڙجيو وڃي. اولهه وارو ڀاڱو سڄو ئي جابلو
آهي، تنهن ڪري کيس ’ڪوهستان‘ چئبو آهي. اوڀري واري
ڀاڱي تي ڀٽون لڳيون پيون آهن، تنهن ڪري کيس ’ٿر‘
يا ’ريگستان‘ سڏبو آهي. سرو سمنڊ کان پري آهي ۽
اولهه پاسي کان ويران ٽڪريون اٿس، تنهن ڪري اتي جي
آبهوا اونهاري ۾ تمام گرم ۽ سياري ۾ تمام سرد ٿئي.
وچولي جي ڳچ ڀاڱي مان سنڌو درياءَ وهي ٿو ۽ ان جي
هيٺانهين حصي تي سمنڊ جي هوا جو به اثر پوي ٿو،
تنهن ڪري هتي جي آبهوا سٺي ۽ وڻندڙ آهي. لاڙ واري
ڀاڱي کي سمنڊ ويجهو آهي ۽ زمين به هيٺانهين اٿس،
تنهنڪري اتي جي هوا گهم واري اهي؛ هيٺانهين زمين
هئڻ ڪري اتي پوسل ٿئي ٿي. ٿر ۾ واريءَ جا دڙا لڳا
پيا آهن ۽ ڪو درياءُ يا واهه ڪونه اٿس، تنهن ڪري
اتي ڏاڍيون لُڪون لڳن؛ اونهاري ۾ گرمي گهڻي ٿئي ته
سياري ۾ وري گهڻي سردي ٿئي.
ڪوهستان ۾ ٻن قسمن جي آبهوا آهي؛ ڏاکڻي حصي جي
وڻندڙ ۽ سٺي، ڇاڪاڻ ته ان کي سمنڊ ويجهو آهي، ۽
مٿئين حصي يعني جيڪب آباد ۽ سيوهڻ ۾ وري سڄي ملڪ
کان گهڻي گرمي ٿئي، ڇاڪاڻ ته سمنڊ ويجهو ڪونه اٿن
۽ ٻيو ته آسپاس واري زمين به وارياسي ۽ ٽڪرائتي
اٿن. حيدرآباد ۽ جهرڪ ٽڪريءَ تي ٻڌل آهن ۽ سمنڊ
کان گهڻو پري ڪونه آهن ۽ سندن ڀرسان سنڌو درياءَ
وهي ٿو، تنهن ڪري آبهوا سٺي اٿن. ڪوهستان ۾ جبلن
سبب ۽ ٿر ۾ واريءَ سبب برسات پوڻ تي آبادي ٿئي.
سري ۽ وچولي وارا ڀاڱا گهاٽا وسايل آهن، جو اتي
آبادي گهڻي آهي ۽ منجهن واپار جون چڱيون سهولتون
آهن. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ٿورا ماڻهو رهن ٿا، جو اهي
ڀاڱا اهڙا آباد نه آهن.
لاڙ ۾ پوسل ۽ تپاوليءَ ڪري گهڻا ماڻهو اتي رهڻ
پسند نٿا ڪن. سنڌ ۾ ڪي ايڏا اوچا جبل ڪين آهن، جي
ڪڪرن کي روڪي سگهن، تنهن ڪري مينهن بلڪل ٿورو پوي
ٿو. البته ڪراچيءَ ۾ ساليانو پنج انچ برسات پوي
ٿي. سنڌ جي زمين سمنڊ جي مٿاڇري کان اوچائيءَ ۾
هزار فوٽن کان گهٽ آهي. سنڌ جي آبهوا متعلق هڪڙي
حديث آهي؛ ’اطيب ريحا ارض الهند.‘ يعني سڀ کان
وڌيڪ خوش هوا هندستان جي سرزمين جي آهي.(1)
جبل:
سنڌ جي اولهندي وارن جبلن جو رخ اتر کان ڏکڻ طرف
آهي، جي دراصل هالار جبل جون قطارون آهن. اهي
قطارون برما ۽ آسام جي ٽڪرين وانگر آهن ۽ اراولي
ٽڪرين جي شاخن وانگر سندن ڏاکڻيون شاخون سمنڊ اندر
به آهن، اهي جبل سنڌ کي قلات ڊويزن کان ڌار ڪن ٿا.
سنڌ جي بعض حصن ۾ ٻيا به جبل آهن: مثلا:
کيرٿر، جنهن جي مکيه چوٽي ’ڪتي جي قبر‘ آهي، جا
سمنڊ جي مٿاڇري کان پنج هزار فوٽ اوچي آهي. سندس
ٻيون ٻه چوٽيون هڪڙي هنڌ ڪمان وانگر پاڻ ۾ گڏجن
ٿيون. هن جبل تي ٻه مٿانهان پٽ زراعت جي قابل آهن،
جن جي آبهوا صحت لاءِ نهايت فائديمند آهي:
(i)
ڍار (ڍرو)، جو سمنڊ جي مٿاري کان 6 هزار فوٽ بلند
آهي ۽ مٿس هڪ هزار ايڪڙ زمين زراعت جي قابل آهي.
سندس زمين جو رنگ سرخيءَ ڏي مائل آهي ۽
(ii)
دانا برج مٿانهون پٽ، جو سمنڊ جي مٿاڇري کان ساڍا
چار هزار فوٽ بلند آهي. کيرٿر ۾ بولان، مولهه،
مشڪوٽ مکيه لڪ آهن؛ ٻيا منجهس ننڍڙا لڪ به آهن، جن
مان برساتي نيون وهن ٿيون. کيرٿر تي گهڻائي جهنگلي
ٻڪر (گڊ ۽ سرهه) رهن ٿا.
ڏاڙهيارو، جيڪو کيرٿر جي اوڀرندي واري شاخ آهي.
سنه 1862ع ڌاري سنڌ جي ڪمشنر، مسٽر ايس- مئنسفيلڊ،
مٿس هڪڙو تلاءُ کوٽرايو هو.(1)
پٻ، جيڪو ڪوهيار (جهالاون) کان شروع ٿي، راس مونزي
تائين هڪ سؤ ميلن ۾ آهي- سندس چوٽيءَ جو نالو
’فراس‘ آهي. هن جبل تي چوپائي مال لاءِ گاهه جهجهو
ٿئي ٿو. سهڪڻ، مور، انڌر، مور پٻ، جيتل، لڪي
ٽڪريون ۽ ڪرو سندس شاخون آهن. انهن جبلن ۾ لوهه،
ٽامو، شيهو، گندرف، ڪوئلو ۽ تيل گهڻي انداز ۾ آهي.
انهن آتشي مادن ڪري اتي وقت بوقت زلزلا ٿين ٿا، جن
جو اثر سنڌ تي پوي ٿو.(2)
اڄ سنڌ جا جبل ويران آهن، مگر اڄ کان هڪ هزار
ورهيه اڳ سنڌ جي سمنڊ مان ياقوت ملندا هئا ۽ ان جي
جبلن ۾ اَلماس جون کاڻيون هيون ۽ اها ان جي خدائي
ڏات هئي.(1)
ڪوسي پاڻيءَ جا چشما:
کيرٿر جي اتر اوڀرندي واريءَ ڪنڊ تي، لاکي جا چشما
آهن. ازانسواءِ منگهي پير، جهمپير ۽ لڪيءَ جي ڌارڻ
وارن چشمن تي ڦٽن ۽ ڦرڙين وارا مريض غسل ڪن ٿا،
انهن چشمن تي ميلا به لڳن ٿا. پٻ جبل تي، لس ٻيلي
واريءَ سرحد تي، شاه بلال (لاهوت لامڪان) جو
زيارتگاه آهي. بشاري مقدسيءَ سنه 370هه ڌاري، سنڌ
جي ڪوسي پاڻيءَ جي چشمن ۽ منجهن مريضن جي غسل ڪرڻ
جو ذڪر ڏنو آهي.(2)
ٽڪريون:
روهڙيءَ جي ڏکڻ واريون ٽڪريون، روهڙي تعلقي ۾ 18
ميلن تائين ۽ خيرپور کان ٽيهه ميل اڳتي وڃن ٿيون.
ڪن هنڌن تي سندن چوٽين جي بلندي سمنڊ جي مٿاڇري
کان ساڍن چئن هزارن فوٽن جي بلنديءَ تي آهي. شاهه
مقصود، ڪلڪان ۽ بکر جو قلعو، جتان سنڌو ندي ٻن
ٽڪرين وچان وهي ٿي، سي مٿين ٽڪرين جون شاخون آهن.
بکر ڀرسان خواجه خضر جو آستان ۽ ساڌ ٻيلو ٻيٽ به
ٽڪرين تي آهن. سکر ۾ آدم شاهه جي ٽڪري، حيدرآباد ۾
گنجو ٽڪر، ٺٽي ۾ ڪوهه مڪلي جنهن تي بيشمار قبرون
آهن، مکيه ٽڪريون آهن. پارڪر ۾ ڪارونجهر جون
قطارون آهن، جن ۾ هڪڙي هنڌ تي ٻه چوٽيون پاڻ ۾
گڏجن ٿيون، جتان مينهن جو پاڻي ٽيهارو فوٽن جي
بلنديءَ تان آبشار وانگر هيٺ ڪري ٿو، انهيءَ هنڌ
کي هندو ’گئومک‘ سڏين ٿا.
سنڌو ندي:
سنڌو ندي، جنهن تي هن صوبي جي زندگيءَ جو مدار
آهي، سا دنيا جي وڏين ندين مان سترهون نمبر آهي.
مسلمانن جي روايتن توڙي هندن جي ڏندڪٿائن ۾، هن
نديءَ جي تعريف ڪيل آهي. مسلمانن جي روايتن موجب
جنت مان چار درياه: (1) نيل، (2) فرات، (3) جيحون
۽ (4) سيحون نڪرن ٿا، جن مان سيحون، ’سنڌو ندي‘
آهي. مٿين دريائن جي وجود ڪري مصر، عراق، ماوراءَ
النهر ۽ سنڌ، دنيا ۾ ’اَرض معموره‘ سڏجن ٿا. اهڙي
طرح رگ ويد جي ڏهين منڊل ۾ هن نديءَ جي تعريف
پنجهتر سلوڪن ۾ بيان ڪيل آهي. هيءَ عظيم الشان ندي
هماليه جبل جي ڪيلاش پربت واريءَ مانسرور ڍنڍ مان
نڪري، ڪشمير جي گلگت واري جابلو حصي کي لتاڙي،
ٻارهن هزار فوٽن جي بلنديءَ تان جتي انسان جو
لنگهه مشڪل آهي، پهريان بنجيءَ تائين اتر والهه،
تنهن کان پوءِ ڏکڻ اولهه جو رخ اختيار ڪري ٿي.
تنهن کان پوءِ پنجاب ۽ سنڌ جي ميدانن کي لتاڙيندي،
18 سؤ ميل وهي، سنڌ جي شاهه بندر وٽ عربي سمنڊ ۾
ڇوڙ ڪري ٿي(1)
سندس ساڄي ڪپ وارين شاخن مان ڪي نديون افغانستان
جي مٿانهين پٽ مان نڪري، ڪرم واديءَ کي لتاڙي ۽
هندستان جي سرحد وارن جبلن منجهان ٽپي، اچي منجهس
پون ٿيون.
انهن مان ڪڀا (ڪابل) ندي اٽڪ وٽ منجهس پوي ٿي(1)
ڪونر ۽ سوات، ڪابل نديءَ جون شاخون آهن. ڪابل
نديءَ کان پوءِ ٻيو نمبر ڪرم ندي آهي. ڪرم ندي
افغانستان جي مٿانهين پٽ جي ڏکڻ کان نڪري، ڪرم
واديءَ کي لتاڙي، سنڌونديءَ ۾ پوي ٿي. ٽوچي ندي به
ڪرم جي شاخ آهي. اڳڀرو هلي، ديري اسماعيل خان وٽ،
ڏکڻ طرف گومل (گومتي) ندي، جا برساتي آهي، منجهس
پوي ٿي. مانسرور ڍنڍ کان وٺي اٽڪ تائين، سنڌو ندي
جابلو سوڙهن پيچرن کي لتاڙي ٿي، تنهن ڪري جهازراني
ڪرڻ جي قابل ناهي؛ ليڪن اٽڪ کان پوءِ، سندس پيٽ
پنجاه گز ويڪرو آهي، پوءِ جيئن ڏکڻ جو رخ اختيار
ڪري ٿي، تيئن سندس پيٽ هڪ ميل ويڪر ۾ آهي. اوڀر
کان پنجاب جون پنج نديون: (1) وتستا (جهلم) (2)
اسڪني (چناب)، پروشني (راوي) (4) ستو دري (ستلج) ۽
(5) وياس (بياس)(1)،
مٺڻ ڪوٽ وٽ، منجهس ڇوڙ ڪن ٿيون. اڳ جمنا ۽ ستلج جي
وچان دورشادتي ٻه نديون سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون،
پر هينئر اهي ميٽجي ويون آهن. اڃا به سرسوتيءَ
واري هنڌ تي گهگهر ندي وهي ٿي، جا راجپوتانا جي
وارياسي ميدان ۾ گم ٿي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح هاڪڙو
به سنڌو نديءَ جي هڪڙي قديم شاخ هئا جا ’پنجند‘
وٽان سنڌوءَ مان نڪري، بهاولپور ۽ ٿر کي لتاڙي،
پارڪر جي پارينگر بندر ويجهو، ڪڇ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ
ڪندي هئي. پوءِ زلزلن ڪري غائب ٿي ويئي، ليڪن سندس
وهڪري جا نشان بهاولپور رياست ۽ ٿر ۾ موجود آهن.
سنڌونديءَ جا نالا:
سنڌو نديءَ تي وقت بوقت جدا جدا نالا پوندا رهيا.
’هاڪڙي‘ کان سواءِ، ڪرنل جيمس ٽاڊ پنهنجي ’تاريخ
راجسٿان‘ ۾، هن نديءَ جو نالو ’نيلاب‘ ڏيکاريو
آهي. حقيقت ۾ نيلاب پشاور کان 35 ڪوه هيٺڀرو سنڌو
نديءَ جي کاٻي ڪپ تي هڪڙو پتڻ آهي، جتي هن نديءَ
جو پاڻي واقعي نيرو آهي، تنهن ڪري نيلاب سڏجي ٿي(1).
نيلاب کان پوءِ، ڪالاباغ مکيه پتڻ آهي، جو صوبي
سرحد کي ملتان سان گڏائي ٿو(2).
اٽڪ، بکر ۽ سيوهڻ وٽ سنڌوءَ تي مضبوط قلعا ٻڌل
آهن، جن سوين انقلاب ڏٺا آهن. منجهانئن بکر ۽
سيوهڻ هينئر زبون ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ پهچڻ وقت،
سنڌو ندي ڏکڻ اولهه جو رخ وٺي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سمنڊ جي ويجهو پهچي، منجهانئس ڪيترائي ڇوڙ ڦٽي
نڪرن ٿا، جن جو سلسلو ستر ميلن تائين پکڙيل آهي.
انهن مان بگهاڙ، اوچتو يا حجامڙو ۽ پيڃاري مشهور
ڦاٽ آهن.
سنڌ ۾ سکر، روهڙي، ڪوٽڙي ۽ ڪيٽي بندر سنڌوءَ جا
مکيه بندر آهن. فاتح عربن هن نديءَ تي ’مهران‘
نالو رکيو، ليڪن هوءَ پنهنجي قديم سنسڪرت نالي
’سنڌوءَ‘ سان سڏجي ٿي. مغربي لوڪن جيئن ’هند‘ کي
ڦيرائي ’اند‘ ڪيو، تيئن ’سنڌو‘ کي به ’انڊس‘ سڏين
ٿا.
لائڊ بئراج:
سنڌ ۾ هن نديءَ تي ٽي پليون ٻڌل آهن: روهڙيءَ وٽ
بنا ٿنڀن جي لائينسڊائون پل، ٻي سکر وٽ پٿرن جي
ٿنڀن سان لائڊ بئراج پل، ٽين ڪوٽريءَ وٽ ٿنڀن واري
پل. منجهانئن ’لائڊ بئراج‘ مشهور پل آهي، جا موجود
زماني جي عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي(1).
برٽش حڪومت هن نديءَ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ سکر
وٽ انگريز انجنيئرن جي نگرانيءَ هيٺ، 4،725 فوٽ
ڊگهي، اٽڪل هڪ ميل ۾، پٿر جي ٿنڀن سان هڪڙي پُل
تعمير ڪرائي. بمبئيءَ جي گورنر لارڊ لائڊ جارج جي
نالي تي مٿس لائڊ بئراج نالو رکيو ويو. هيءُ عظيم
ڪم سنه 1923ع ۾ شروع ٿي، سنه 1932ع ۾ پورو ٿيو. پل
کي 66 فولاد جا دروازا ڏنل آهن، جي بجليءَ جي
وسيلي کڄن ۽ بند ٿين ٿا درياءَ جي کاٻي پاسي کان 4
۽ ساڄي پاسي کان 3 وڏا واهه نڪرن ٿا جن کي پڻ
دروازا ڏنل آهن، مٿيان واهه پنهنجين شاخن سميت
6،400 ميلن ۾ آهن، جن تي 2 هزار پليون ۽ دروازا
ٻڌل آهن ۽ اٽڪل 55 لک ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا. هن
عظيم الشان بند تي جملي 25 ڪروڙ رپيا خرچ لڳو.
لوور سنڌ بئراج:
لاڙ واري حصي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ حڪومت سنڌ
ڪوٽڙيءَ وٽ لوور سنڌ بئراج تعمير ڪرائڻ جو ڪم
آڪٽوبر 1948ع کان شروع ڪرايو ۽ تقريبا 23 ڪروڙ
رپيا خرچ ڪري، سنه 1955ع ۾ ان کي پايهءِ تڪميل تي
پهچايو. هن بئراج جي واهن تي اٽڪل ويهه لک ايڪڙ
زمين وڌيڪ آباد ٿئي ٿي. لوور سنڌ بئراج کان پوءِ
وري اپر سنڌ بئراج جي اسڪيم هٿ ۾ کنئي ويئي، اها
پڻ اٽڪل ويهه لک ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿي. هنن ٻن
تجويزن جي مڪمل طور عمل ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ غير
معمولي طرح سرسبز ٿي ويندي.(1)
آبڪلاني:
راجپوتانا جي ريگستان واريءَ حد کان وٺي ويندي سنڌ
جي مغربي جبلن جي 170 ميلن واري ميداني علائقي
اندر، وقت بوقت سنڌو نديءَ جدا جدا وهڪرا بدلايا
آهن. مؤرخ ايلفنسٽن جو بيان آهي ته ”دنيا جي اهڙي
ٻي ڪابه ندي ناهي، جنهن هن درياءَ وانگر پنهنجو
وهڪرو بدلايو هجي.“ سندس ٻئي ڪپ هيٺانهينءَ تي آهن
۽ سندس زمين به سخت ناهي، تنهن ڪري هن نديءَ
ڪيترائي دفعا پنهنجو پيٽ بدلايو آهي. سندس اٿل کي
روڪڻ لاءِ مشهور بيگاري، ڪشمور ۽ چَڪ بند ٻڌل آهن.
سندس آبڪاڻيءَ ڪري، وقت بوقت هن صوبي کي نقصان
پهچي ٿو. بئراج پوڻ کان پوءِ به دستور موجب اهڙو
سلسلو هلندو اچي ٿو: مثلا، بئراج پوڻ کان پوءِ 17
سالن جي عرصي اندر سنه 1929ع کان پوءِ، 1935ع،
1942ع، 1948ع ۽ 1955ع ڌاري پنج گهمرا آبڪانيءَ
ڪري، هن صوبي کي نقصان پهتو. 1948ع ڌاري هڪ لک
پنجاهه هزار ٽن چانورن جي پوک کي نقصان پهتو هو.
اهڙيءَ طرح بندن کي نئين سر ٻڌائڻ تي حڪومت کي
مالي نقصان ڌار پهتو. انڊس رِور ڪميشن، جيڪا 1901ع
کان 1930ع تائين رپورٽ پيش ڪئي هئي، تنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ ندي لکين مڻ وارِي پنهنجي
وهڪري سان گڏ آڻي ٿي ۽ هڪڙي ڏينهن ۾ ڏهه لک ٽن
واري سمنڊ ۾ ڪيرائي ٿي.(1)
حب ندي:
حب ندي جهالاوان جي ’زهري ڳوٺ‘ وٽ جبلن کان نڪري،
سنڌ ۾ لس ٻيلي جي سرحد تان سٺ ميل وهي، راس مونزي
وٽ، عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. يوناني مؤرخن مٿس
’آرابيس‘ نالو رکيو هو. سندس اوڀرندي واري حصي تي
سمنڊ تائين علائقي تي ’عربتي‘ نالو رکيو ۽ اولهندي
واري حصي تي پورالي نديءَ تائين سموري علائقي تي
’اورٽي‘ نالو رکيو هو. سيپٽمبر کان پوءِ، منجهس اٺ
انچ پاڻي مس رهي ٿو ۽ ڪن هنڌن تي منجهس اونها
تلاءَ بنجي پون ٿا.(2).
حب جا ڪنارا گهڻو اوچائيءَ تي آهن، جن تي ساوڪ رهي
ٿي. سارونه سموتري ۽ ويرا حب برساتي شاخون منجهس
پون ٿيون. حب جون مڇيون لذيذ ٿين ٿيون.
نيُون:
سنڌ جي اتر اولهندي وارن جبلن تي برسات پوڻ وقت
نيوُن وهي هلن ٿيون، جن مان ڪي سمنڊ ۾ پون ٿيون ۽
ڪي سنڌو نديءَ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. سندن سلسلو فقط سنڌو
نديءَ جي اولهندي حصي ۾ آهي. نئن ملير ڪراچيءَ جي
ڀرسان جبلن مان نڪري سمنڊ ۾ پوي ٿي، سندس پيٽ ۾
ڊملوٽ وٽ کوهه آهن، جن مان ڪراچيءَ کي پاڻي ملي
ٿو. نئن باران هملاڻيءَ کان اتر اولهندي طرف کيرٿر
جبل مان نڪري ٽيهه ڪوه وهي، ڪوٽڙيءَ کان اڍائي
فرلانگ ڏکڻ طرف سنڌو نديءَ ۾ ڇوڙي ڪري ٿي.(1)
ڍنڍون:
نئن گاج کيرٿر جي ڪمالون لڪ مان وهي اڳ اولهندي
ناري ۾ پوندي هئي؛ بئراج پوڻ کان پوءِ دادو واهه ۾
پوي ٿي. منڇر جي ڍنڍ بوبڪن جي ڀرسان، سڀ کان وڏي
ڍنڍ آهي. برسات جي مند ۾ ڪوهستان مان ڪيترو پاڻي
مليس ٿو، جو سيوهڻ جي ڀرسان ڇنڊڻ جي رستي درياءَ ۾
وڃي پوي ٿو. چاڙهه جي وقت ته درياءُ جو پاڻي به
اچيو منجهس پوي، چيڪي مٽيءَ هئڻ سبب هن جي ڪپ تي
پوک به ڏاڍي چڱي ٿئي ٿي. بدڪون ۽ ٻيا پکي به مٿس
جام هوندا آهن. شڪار جو هنڌ آهي، منجهس مڇي، پٻڻ ۽
بهه به جام ٿيندا آهن.
ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍون ٺٽي ۽ جهرڪن جي وچ ۾ ٽڪريءَ
جي تري ۾ آهن. هاليجي ڍنڍ به ٺٽي ڀرسان آهن. سومري
ڍنڍ، ٿرپارڪر ضلعي ۾، عمرڪوٽ جي ڀرسان آهي. مکيءَ
جي ڍنڍ، سانگهڙ جي اوڀرندي ۾ آهي، هيءَ ڪيترن ميلن
۾ آهي. سندس آس پاس گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، جيڪي
سرڪار هينئر ڪپرائي ڇڏيا آهن. منڇر وانگر سنڌ جي
ٻين ڍنڍن ۾ به مڇي، بهه، پٻڻ ۽ پکي ٿين ٿا، پر
ٿوري انداز ۾(1).
مڇيون:
سنڌو نديءَ جا پلا گنگانديءَ جي هلسا مڇين وانگر
لذيذ ٿين ٿا. سال بسال حڪومت کي پلن مارڻ جي ٺيڪن
مان آمدني ٿئي ٿي. مڇين جا ٻيا قسم جهڙوڪ: ڏنڀرا،
کڳا، گندڻ، سينگاريون، ملي، موراکي، پوپري ۽ شاڪر
ٿيلي آهن. حب جا پلا، ڪريا ۽ پتوهي خاص مڇين جا
قسم آهن. سنڌ ۾ سنه 72-1873ع ۾ حڪومت هند پاران
سرجن ميجر فرئنسزڊي سنڌ جي مڇين جي شڪار ۽ قسمن جي
جاچ ڪرڻ لاءِ آيو هو. هن صاحب هند سرڪار کي رپورٽ
۾ ڏيکاريو هو ته سنڌ جي برساتي نين مان 14 قسمن جي
مڇين جا قسم ملندا آهن. سنڌ متعلق پنجابين جو
پهاڪو مشهور آهي ته: ”مڇي ماني کانوَڻا، سنڌ ڇوڙ
نه جانوڻا!“
زرعي پيدائش:
سنڌونديءَ مان نڪتل واهَن ۽ ڦاٽن جي ڪري، سڄيءَ
سنڌ ۾ پاڻي چڱي انداز ۾ ملي ٿو؛ ازانسواءِ، سنڌ جي
زمين ڀلي آهي، اُس ۽ گرمي به جهجهي آهي، انهيءَ
ڪري هن ملڪ ۾ سڀ ڪنهن قسم جي پوک ٿئي ٿي. ربيع جي
پوک آڪٽوبر کان ۽ خريف جي پوک اپريل کان شروع ٿئي
ٿي. جوئر، ٻاجهري، جَوَ، ڪڻڪ، ڳاڙها ۽ اڇا چانور،
ڪپهه، ڪمند، تماڪ، ڀنگ، آفيم، نير، چڻا، مٽر، تيلي
ٻج مکيه پيداوارون آهن.ڪڻڪ سري ۾ ۽ جوئر ۽ ٻاجهري
لاڙ ۽ وچولي ۾ پيدا ٿين ٿيون. پاڻيءَ جي اٿل ڪري
درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي ٻيلا آهن، جن جو سلسلو
گهوٽڪيءَ کان شروع ٿي وچ ڊيلٽا تائين ڦهليل آهي.
اهي جهنگ ڊيگهه ۾ 3 ميل ۽ ويڪر ۾ ٻن فرلانگن کان
ٻن ميلن تائين آهن. بعض ڏهن هزارن ايڪڙن ۾ آهن.
منجهن عام طرح ٻٻر، لئي، بهڻ ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ آهن.
سري وارن جهنگن ۾ ٽالهيءَ جا وڻ به ٿين ٿا.
اڄ کان يارهن سؤ ورهيه اڳ سنڌو نديءَ جي ڪپن تي
بانس ۽ بيد جي وڻن جا گهاٽا جهنگ هئا، جن ۾ گينڊا
به رهندا هئا(1).
سنڌ ۾ ٻيلي کاتي پاران چين ۽ آسٽريليا جا وڻ به
پوکرايا ويا آهن. انهن ٻيلن مان عمارتي ڪاٺ، لاک،
کونئر، ماکي ۽ ٻيون شيون به ملن ٿيون. سنڌ ۾ نم،
پپر، بڙ ۽ گدامڙيءَ جا وڻ به جام آهن. عربن جي
ڏينهن ۾ قندابيل ۽ ديبل سڄي هندستان اندر اناج جي
واپار ڪري مشهور هئا.
سنڌ ۾ باغات ڪري ميوا، ڀاڄيون، گل ڦل جام ٿين ٿا.
انب، سنگتڙا، ناريل، ڪاٺ گدرا، ڊاک، ليمان، ڪيلا،
نارنگيون، زيتون، ڏاڙهون، صوف، توت، انجير، گدرا ۽
هنداڻا مکيه ميوا آهن. سڪرنڊ، ڏوڪري ۽ ميرپور خاص
۾ سرڪاري زرعي فارم آهن. ميرپورخاص ۾ آمريڪن ڪپهه
پوکڻ جي تجربن جو نتيجو چڱو نڪتو آهي.(2)
معدنيات:
سنڌ ۾ ڪلراٺو لوڻ، هٿرادو لوڻ، ميٽ، چانيهو ۽ کار
مکيه معدني پيدائشون آهن. اڳ الور ۾ سون ۽ چانديءَ
جون کاڻيون هيون. هيروڊوٽس سنڌ جي اتر ۽ اولهه
واريءَ سرحد تي انهن ماڪوڙين جو ذڪر ڏنو آهي، جن
جو قد لومڙين جيڏو هو. اهي پنهنجن ٻرن ۾ سون گڏ
ڪنديون هيون. کانئن بچاءَ لاءِ ماڻهو ڪتا ساڻ
کڻندا هئا(1).
سنڌو نديءَ جي واريءَ مان به سون لڀي ٿو.
جانور:
سنڌ ۾ ڳئون، مينهون، گڏه، گهوڙا، اُٺ، ٻڪريون،
رڍون ۽ دنبا مکيه چوپايا جانور آهن. اڳ سنڌ ۾ ڪارا
۽ ڀورا رڇ، گينڊا، هاٿي، مور ۽ ٻن ٿوهن وارا اُٺ
به ٿيندا هئا، جن کي عرب مؤرخ ’فالج‘ سڏيندا هئا.
ٻن ٿوهن وارا اُٺ نهايت قيمتي ٿيندا هئا، جن تي
امير سواري ڪندا هئا. سندن نسل پوءِ بلخ ۽ فارس
ڏانهن کڄي ويو(2).
چوپائي مال جي جهجهائيءَ ڪري سنڌ جو چمڙو مشهور
هو. عيسوي 18 صديءَ کان سنڌ مان چوپايو مال ٻاهر
وڃڻ لڳو. 1879ع ۾، ٻي افغان ويڙهه وقت انگريزن هن
صوبي مان ٽيهه هزار اٺ ۽ ڇهه هزار ڏاند ڪمسريٽ
لاءِ خريد ڪيا هئا. 3200 ورهي قبل مسيح سنڌ ۾ ڪڪڙ
موجود هئا. آرين لوڪن جي ڪاهُن کان پوءِ هي پالتو
پکي سنڌ کان بلخ ۽ ايران پهتا. ايرانين ۽ يونانين
جي ڪاهُن ۽ جنگين وقت، يوناني نسل جا ڪڪڙ ايران
پهتا هئا. هڪ هزار ورهيه ق-م يوناني نسل جا ڪڪڙ
ميدن ۽ ايرانين معرفت سنڌ پهتا.(1)
هنر:
سون ۽ چانديءَ جا زيور، غاليچا، ڪپڙو، مٽيءَ جا
ٿانَو، ڪاشيءَ جون سرون، جنڊيءَ جو اعليٰ ڪم،
ڀرمار بندوقون، تراريون، صندوقون، گهوڙن جون
زينون، اُٺن جا پاکڙا، چمڙو رڱڻ، چمڙي جو سامان
تيار ڪرڻ، عاج جا چوڙا، چمڙي جا دٻا وغيره، سنڌ جا
مکيه هنر آهن. سنڌ، قديم زماني کان ريشم ۽ سوٽي
ڪپڙي جي هنر کان مشهور هلندي اچي ٿي. سنڌ جون
باريڪ ململيون بابل، مصر ۽ مغربي ملڪن ۾ ’سنڌو‘ جي
نالي سان مشهور هيون. لاک جي ڪم کان به سنڌي مشهور
آهن. اڳ سنڌ ۾ رنگين غاليچا جڙندا هئا، جن لاءِ سر
جارج برڊووڊ جو چوڻ هو ته، اهي سڄي هندستان اندر
پائيداريءَ ڪري مشهور هئا. سنڌ ۾ اوني ۽ ڏاس جا
کٿا به جڙن ٿا. هينئر شيشي، شراب ۽ کنڊ جا ڪارخانا
پڻ آهن. پاڪستان جي قيام کان پوءِ هي صوبو ڪارخانن
ڪري ترقي ڪري رهيو آهي. ڪپڙي، سيمينٽ ۽ بسڪوٽن جا
عاليشان ڪارخانا پڻ کلي ويا آهن.
زبان:
فصاحت ۽ بلاغت جي لحاظ کان سنڌي زبان مملڪت
پاڪستان اندر سڀني زبانن کان برک آهي. سندس فصاحت
۽ بلاغت لاءِ ’شاه جو رسالو‘ ڪافي ثبوت آهي.
هزارين ورهيه اڳ سنڌ جي زبان سنسڪرت هئي، جا آرين
لوڪن جي رواجي ٻولي هئي؛ پوءِ رفتي رفتي بگڙجي
پراڪرت ٿي پئي، جنهن جون مکيه پنج شاخون هيون: (1)
مهاراشٽري، (2) شؤرسيني، (3) ماگڌي، (4) پئيشاچي ۽
(5) اپڀرنش. پوئينءَ پراڪرت جا ٻح قسم آهن: ناگرا
اپڀرنش ۽ وراچڊ جا پوءِ بدلجي سنڌي ٿي پيئي. عربن
جي ڪاهه کان پوءِ عربي ۽ فارسي الفاظ هن زبان ۾
اهڙا گڏجي ويا، جو لساني ماهر کان سواءِ ٻيو ڪوبه
ڪيترن جي اصليت کي سمجهي نه سگهندو. سنڌي زبان جي
صورتخطي به عربي آهي، جا سنه 1866ع ۾ هڪڙي انگريز
عملدار ڪپتان اسٽئڪ تيار ڪئي هئي. ڊاڪٽر ارنيسٽ
ٽرمپ ان جو گرامر تيار ڪيو. اڄ کان ٻه صديون اڳ
شاهه جي رسالي جي جيڪا سنڌي آهي سا موجوده سنڌيءَ
کان ٻيءَ طرح آهي.(1)
پورچوگيزن ۽ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ گهڻائي مغربي
زبانن جا الفاظ هن ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن. سنڌي
زبان زندهه زبان آهي، جنهن جون يارهن شاخون هن ريت
آهن: (1) لهندا معنيٰ اولهندي واري زبان، (2)
سرائڪي يا جتڪي، (3) کيتراڻي جا لهندا سان مشابهت
رکي ٿي، (4) اُڀي، (5) وچولي، (6) لاڙي، (7)
ٿريلي، (8) لاسي، (9) ڪڇڪي، (10) موڪاڪي يا لوڙي
چيني ۽ (11) جدغالي، مملڪت پاڪستان اندر هن زبان
جو دائرو ڪشمير کان ڪڇ تائين ۽ ٿر کان وٺي مڪران
جي دشت نديءَ تائين وسيع آهي.
قديم قومون:
دراوڙن کان اڳ سنڌ، اتر هندستان ۽ بلوچستان ۾ ڪول
۽ سنٿال قومون رهنديون هيون، جن کي راوڙن لوڌي
ڪڍيو هو. داوڙن پهريان ئي ڀونچ سمنڊ جي ڪناري کان
نڪري، ڪاليديه (عراق) ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽
پوءِ بلوچستان کان سنڌ ۾ وارد ٿيا يا پهريان ئي
هندستان کان نڪري، پوءِ عراق ۽ ڀونچ سمنڊ جي ڪناري
تي پهتا. اهو مسئلو اڃا تائين محقق حل ڪري نه
سگهيا آهن. ايترو چئبو ته سنڌ ۾ پهريان ئي
بلوچستان کان وارد ٿيا هئا، جنهن جي ثبوت لاءِ
دراوڙي زبان جا الفاظ بروهين جي ’ڪرگالي‘ زبان ۾
اڃا سوڌو شامل آهن.(1).
ازانسواءِ موهن جي دڙي مان ڪولن، سنٿالن ۽ داوڙن
جا لاشا لڌا آهن. سندن تهذيب، آثار قديمه جي ماهرن
جي فيصلي موجب، ڪاليديه، مصر ۽ ڪريٽ جي تهذيب جهڙي
هئي. ابوالتاريخ هيروڊوٽس، جو پنج سؤ ورهيه ق-م ٿي
گذريو آهي، سو سنڌ جي تهذيب جي علمبردارن کي ٽن
طبقن ۾ ورهائي ٿو: (1) ڳوٺن جا رهاڪو، (2) خانه
بدوش، جيڪي چوپائي مال سان ملڪ اندر گشت ڪندا هئا
۽ (3) ميڊ (مهاڻا) جيڪي ڍنڍن جي ڪنارن تي ڪانن جي
جهوپڙين ۾ رهندا هئا ۽ـ پکين ۽ مڇين جي شڪار تي
گذران ڪندا هئا، سندن پوشاڪ به پاڻيءَ جي گاهن مان
تيار ڪيل هڪڙي قسم جي ڪپڙي جي هئي، اهي ڪچو ماس
واپرائيندا هئا، انهن وحشين ۾ جڏهن ڪو مرندو تڏهن
ته ڪٽنب جا ڀاتي مڙدي جو ماس گڏجي کائيندا هئا.
سنڌ جي اتر اولهندي وارا ڪُرد ڍوڍي ۽ پنير تي
گزران ڪندا هئا. اولهندي علائقي پڪٽائي (سراوان) ۽
آرچوسيا (ڪوئيٽا- پشين) جا جابلو رهاڪو جنگجو هئا.
انهن قديم قومن کي ڪپڙي اُڻڻ جي خبر هئي. وٽن
هٿيار تير ڪمان هئا، جي ڪانن جا هئا ۽ سندن مٿا
لوهه جا هئا. جنگ جي وقت هو رَٿن تي چڙهي لڙندا
هئا. ڇوڪرين جون ننڍيءَ عمر ۾ شاديون ڪندا هئا.
ڪول (ڪولي) جيڪي ايراني نار کان وٺي سنڌ، گجرات،
مالوه ۽ ڪوڪن تائين پکڙيل هئا، تن جو پيشو ڦرلٽ
هو، سندن عجيب ۽ غريب رسمن جو بيان شمس العلماءَ
مولانا ذڪاءَ الله پنهنجي ’تاريخ هند‘ جلد پهرئين
۾ مفصل ڏنو آهي، جن کي مولوي نور محمد نظاماڻي
مرحوم پنهنجي ’تاريخ سنڌ‘ جلد پهرئين ۾ لفظ بلفظ
نقل ڪيو آهي. سنڌ جو پاڙيسري جابلو ۽ صحرائي ملڪ
بلوچستان، جو دراصل ايراني مٿانهين پٽ جو حصو آهي،
گومل، سخي سرور، بولان، موله درن ۽ مڪران جي ڪناري
ڪري پنجاب ۽ سنڌ سان ڳنڍيل آهي. اُتي سياري ۾ سخت
سردي ۽ برفاني هوائون لڳن ٿيون، جنهن سبب اتي جا
رهاڪو، براهوئي ۽ بلوچ، گرم ميدانن جي رهاڪن کان
سگهارا آهن ۽ هر سال سياري ۾ جبلن ۽ مٿانهن پوٺن
کان هيٺ لهي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وارد ٿين ٿا ۽ اونهاري
جي شروعات ۾ خراسان ڏانهن موٽي وڃن ٿا. هن قسم جي
لڏپلاڻ ۽ نقل حرڪت جو سلسلو اڃا سوڌو جاري آهي.
منجهائن ڪي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ دائمي طرح گهر ڪري
ويٺا آهن. پنجاب ۾ سندن تعداد 9 لک آهي ۽ سنڌ ۾
سنه 1901ع جي آدمشماريءَ جي رپورٽ موجب سندن تعداد
5،42،000 هو، جن مان خالص رند بلوچن جو تعداد هڪ
لک ستر هزار هو.(1)
قديم آثار:
سنڌ ۾ گهڻائي شهر کنڊرن جي حالت ۾ موجود آهن،
جهڙوڪ: (1) موهن جو دڙو، (2) الور، (3) برهمڻ
آباد، (4) ڀنڀور، (5) سيوهڻ، (6) سمانگر، (7)
ڪاهوءَ جو دڙو ۽ (8) هاڪڙي جي پيٽ وارا ويران شهر
وغيره. منجهانئن برهمڻ آباد جو شهر شهدادپور
تعلقي، ديهه ٻانڀڻا ۾، دلوراءِ جو دڙو سڏجي ٿو. ان
جا کنڊر نون ڪوهن ۾ آهن، جن ۾ جايون پڪين سرن جون
هيون. انهن پڪين سرن وارين جاين مان اهو انومان
ڪڍي سگهجي ٿو ته آڳاٽي وقت ۾ سنڌ ۾ مينهن گهڻو
پوندو هو. ڪن مؤرخن جو بيان آهي ته هي شهر بهمن
ايرانيءَ گستاشپ جي زماني ۾ جوڙايو هو.
سيوهڻ جو قلعو به جهونو آهي. 19 صديءَ جي شروعات
۾، ڪرنل جيمس ٽاڊ، شيخ ابوالبرڪات جي نگرانيءَ
هيٺ، هڪڙو وفد سنڌ جي تحقيقات ڪرڻ لاءِ موڪليو هو؛
وفد کي سيوهڻ جي قلعي مان هڪڙو ڪتبو هٿ لڳو هو،
جنهن تي راجا ڀرتريءَ جو نالو لکيل هو. الور، جو
اڳ مهراڻ جي اوڀرندي واريءَ شاخ جي اولهندي ڪپ تي
هو، سو چندر ونسي راجائن جو تختگاه هو.
ڪاهوءَ جي دڙي (ٿرپارڪر) ۾ ٻڌ جو ستوپ آهي. سمانگر
يا مينا نگر به يادو راجائن جو تختگاه شهر هو، جو
اِندر پرستا (دهلي) وانگر گهڻائي ڀيرا ويران ٿي
وري جڙيو؛ پويون دفعو ڄام نندي تعمير ڪرايو، جو اڄ
تائين ٺٽو سڏجي ٿو. ڀنڀور سنڌ جو قديم بندر گاهه
هو، جتان سنڌو نديءَ جي جهازن جو سامان سامونڊي
غورابن ۾ چڙهند هو. هاڪڙي تي پارينگر مکيه بندر
هو. اهڙيءَ طرح ٻيا گهڻائي وسندڙ ۽ رونق وارا شهر
هئا، جهڙوڪ ديبل جو بندر ۽ جناني شهر، جنهن جي
بارونق بازارين جو شيخ ابن بطوطه اِندلسيءَ پنهنجي
سفرنامي ۾ ذڪر ڏنو آهي. اڄ انهن شهرن جا صرف نالا
وڃي رهيا آهن ۽ فقط سندن آثار دڙن جي صورت ۾ زماني
جي ناالتفاقيءَ تي خاموشيءَ سان ماتم ڪري رهيا
آهن.
موهن جو دڙو:
مٿين سڀني آثارن مان موهن جو دڙو، جو هندستان جي
قديم آثارن جهڙوڪ: تشڪلا، سانچي، ڪارلي، هڙاپا کان
جهونو آهي، تنهن جيڪو انقلاب پيدا ڪيو آهي، ان مان
سنڌ جي جهوني اِتهاس جي خبر پئجي سگهي ٿي. موهن جو
دڙو لاڙڪاڻي کان 25 ميل اتر طرف، ڏوڪريءَ کان ٻن
ميلن جي مفاصلي تي هڪڙي جهنگ ۾ ستر فٽ بلند، 240
ايڪڙن ۾ آهي. ڄاڻوئن جو رايو آهي ته سنڌ جي قديم
تهذيب جو هيءَ عظيم الشان يادگار، سنڌو نديءَ جي
دستوري آبڪانيءَ يا زلزلن ڪري درياءَ جي رخ بدلائڻ
سبب تباهه ٿي ويو.
سنه 1922ع ۾، آثار قديمه کاتي پاران مسٽر آر- جي
بئنرجيءَ دڙي جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. هن رپورٽ
۾ ڏيکاريو ته وڏي دڙي ۾ مختلف چئن زمانن جون
عمارتون موجود آهن. قبرن مان مڙدن جا لاشا، ڪڻڪ،
جوَ، ململ جو ڪپڙو ۽ برتن هٿ لڳا آهن. قديم مصرين
وانگر سندن عقيدو هو ته مئي کان پوءِ روح کي انهن
سڀني شين جي ضرورت پوي ٿي، جي جسماني حالت ۾ ان
لاءِ گهربل آهن. عمارتن ۽ مندرن مان جيڪي هٿيار،
سڪا، زيور ۽ ٻيون شيون هٿ لڳيون آهن، اهڙيون عراق،
مصر ۽ ڪريٽ جي جهونين قبرن مان هٿ لڳيون آهن. موهن
جي دڙي بنسبت سر جان مارشل لکي ٿو:
”اسان کي اوچتو هيءَ ڳالهه معلوم ٿي ته پنج هزار
ورهيه ق-م اڳ سنڌ ۽ پنجاب جا ماڻهو متمدن ماڻهن
وانگي خوبصورت ۽ پڪين جاين ۽ شهرن ۾ رهندا هئا،
سندن تمدن، هنر ۽ ڪاريگري بلند درجي تي پهتل هئي،
سندن اکرن لکڻ جو طريقو به سڌريل ڍنگ جو هو“.(1)
قديم تاريخ:
عام طرح سنڌ جي تاريخ جو بيان يونانين جي ڪاهه کان
شروع ٿئي ٿو. فارسي تاريخن جا بيان ان کان به پوءِ
جي زماني کان شروع ٿين ٿا. ويجهي زماني ۾، مولوي
نور محمد صاحب نظاماڻيءَ پنهنجي ’تاريخ سنڌ‘ جلد
پهرئين ۾ سنڌ جي قديم تاريخ تي روشني وجهڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي، مگر هن صاحب جيڪي لکيو آهي سو مولانا
عبدالحليم شرر جي ’تاريخ سنڌ‘ جلد پهرئين، سنه
1907ع واري ايڊيشن تان ورتو آهي. ان ۾ شڪ نه آهي
ته مولانا شرر هندستان ۾ نامور مؤرخ ۽ تاريخي
افسانه نويس ٿي گذريو آهي، پر دؤر جديد جي محققن
ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته مولانا موصوف جا سنڌ
متعلق بعض بيان محض قياسي آهن. ازانسواءِ مولوي
نور محمد صاحب مرحوم انگريزدان نه هو، ان سبب ڪري
هن انگريزي ڪتابن جي ورق گرداني ڪانه ڪئي آهي.
آريا قوم:
هندن جيڪي چار قياسي جُڳ ايجاد ڪيا آهن، يعني: (1)
ست جُڳ، (2) تريتا، (3) دواپر ۽ (4) ڪَل جُڳ، تن
جي ورهين کي شمار ڪرڻ کان، برناف ۽ مئڪس ملر جهڙا
سنسڪرت دان عاجز آهن. هنن جا جهونا گرنٿ ويد آهن:
(1) رگ ويد، (2) سام ويد، (3) آٿر ويد ۽ (4) يجر
ويد. مغربي محقق سندن زمانو 900 ورهيه ق-م شمار ڪن
ٿا. ويدن کان پوءِ ٻيا گرنٿ، پراڻ آهن؛ مگر تاريخ
جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ سان انهن جا بيان محض
ڏندڪٿائون آهن، جن مان ڪوبه معتبر تاريخي احوال
ملي نه ٿو سگهي.
اهڙيءَ طرح رامائڻ ۽ مهاڀارت جي شاعرانه نظمن ۾
سنڌ وارن جي قومي ڪارنامن جي جيڪا خبر پئجي سگهي
ٿي، سا آکاڻين کان سواءِ ٻي ڪابه وقعت نه ٿي رکي.
مٿين چئن جڳن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سلطنتون ٿي گذريون،
تن جو پٽيءَ پتو پئجي نه ٿو سگهي. فقط رگ ويد مان
پنجاب جي ستن دريائن واريءَ زمين ’سپت سنڌو‘ ۽
سنڌو نديءَ جي تعريف جي خبر پئجي سگهي ٿي. جڏهن
آريا قومن جا قبيلا اتر قطب يا وچ ايشيا جي ميدانن
کان پنهنجن ڪٽنبن ۽ چوپائي مال جي ڌڻن سميت پنجاب
۾ وارد ٿين ٿا، هتان اڳتي وڌن ٿا ۽ جمنا ۽ گنگا جي
شاداب علائقن مان قديم رهاڪن، گونڊ، ڪول، سنٿال ۽
ڀيلن- کي ونڌيا جبل پريان دکن ۽ نربدا وارن علائقن
ڏانهن لوڌي ڪڍن ٿا ۽ جمنا ۽ گنگا واري شاداب
علائقن تي ’برهم ورتا‘ ۽ ’آريا ورتا‘ نالا رکن ٿا.
تڏهن سندن ٻن سورج ونسي ۽ چندر ونسي خاندانن جا
راجائون اتر ۾ هندوڪش جبل کان وٺي برهمپترا نديءَ
تائين پنهنجا راڄ کڙا ڪري، گنڌارا، مدرا، تڪشلا،
هستناپور، اندر پرستا، مٿرا، ڪامپيلا، ڪپل سندن
راڄ ۾ برهمڻ اهڙو زور وٺن ٿا، جو منو شاستر موجب
برهمڻ، کشتري، ويش ۽ شودر چار ذاتيون مقرر ڪن ٿا.
قديم دراوڙ قومن کي دشمني ۽ تعصب ڪري ’دسيو‘ يعني
غلام نالو ڏين ٿا، حالانڪ دراوڙ نووارد سفيد فام
آريا قومن کان وڌيڪ مهذب هئا. وٽن قلعا هئا، رَٿ
هئا، محلات، جهاز ۽ زيور هئا، سندن بحري واپار
ڏيساورن سان هلندڙ هو، سويمبر ۽ ٻيون رسمون جيڪي
آرين اختيار ڪيون هيون تن جا موجد دراوڙ هئا. ايڏي
نفرت ۽ تعصب هوندي به آريا دراوڙن کي مٽائي نه
سگهيا. بلڪ دراوڙن ونڌيا جبلن پريان دکن ۾ ڪالنگا،
انڌرا، چولا، چيرا ۽ پانڊيا جون زبردست حڪومتون
قائم ڪيون. اهڙي طرح آرين جي زبان ’مهاڀاشا‘
(سنسڪرت) به دراوڙي زبانن کي مٽائي نه سگهي، بلڪ
ٻن جديد ۽ قديم زبانن جي تصادم ڪري هڪ نئين زبان
پراڪرت جنم ورتو.
هن وقت دکن ۾ تيلوگو زبان ڳالهائيندڙن جو تعداد
ڪئين ڪروڙن کان وڌيڪ آهي، ۽ تامل زبان به ڪروڙين
باشندن جي آهي. مغربي محققن جي فيصلي موجب ’مها
ڀارت‘ جو زمانو 1400 ق-م ۽ ’رامائڻ‘ جو زمانو 1200
ق-م هو(1).
آرين جڏهن ذهني ۽ دماغي ترقي ڪئي، تڏهن ’اُپنشد‘
تصنيف ڪيائون، جن ۾ رگ ويد جي فلسفيانه ۽ مذهبي
ڀڄنن جي تشريح ڏنل آهي. اپنشد جو زمانو غالبا 500
ق-م هو. ’پراڻ‘ چوٿين صديءَ ۾ ايجاد ٿيا. مگر انهن
سڀني ڌرمي شاسترن مان ’منوسمرتي‘ سڀ کان پراڻو
مستند ڪتاب آهي، جنهن ۾ منوءَ جا اخلاقي، مذهبي ۽
سياسي قانون لکيل آهن.
مهاڀارت ۽ رامائڻ:
مهاڀارت ۾ آرين جي ٻن ڌرين پانڊون ۽ ڪورون جي
هستناپور جي تخت لاءِ ويڙهه جو ذڪر ڏنل آهي.
هستناپور جي زبردست سلطنت جو باني راجا ڀرت هو ۽
’مهاڀارت‘ سندس سلطنت جو نالو هو جنهن کي ’ڀارت
ورش‘ به سڏبو هو. اها ويڙهه ڪوروکشتر جي ميدان ۾
ارڙهن ڏينهن هلي گجرات جو راجا ڪرشن مهاراج پانڊون
جو مددگار هو، تنهنڪري پانڊون هستناپور ۽ اندر
پرست جي راڄڌانين تي قبضو ڪيو. ’مهاڀارت‘ ۾ 2 لک
20 هزار سٽون آهن.
اجوڌيا، ائوڌ (ڪوشل) جي تختگاه جو باني ’اڪشواڪو‘
راجا هو. هن راجا جي خاندان مان راجا دسرٿ کي
ڪيتريون ئي راڻيون ۽ پٽ هئا، جن مان رامچندر وڏو
هو. پر راجا جي ننڍي راڻي ڪيڪئي پنهنجي پٽ ڀرت کي
ولي عهد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ رامچندر کي چوڏهن ورهيه
جلاوطن رهڻو پيو. رامچندر ترهوت جي راجا جي ڌيءَ
سيتا سان شادي ڪئي، جنهن کي لنڪا جو راجا راوڻ
رامچندر جي غير حاضريءَ ۾ ڀڄائي کڻي ويو. رامچندر
۽سندس ڀاءُ لڇمڻ، دکن جي راجا سگريو جي مدد سان
راوڻ کي قتل ڪري سيتا هٿ ڪئي. رام چوڏهن ورهين جي
جلاوطنيءَ کان پوءِ اجوڌيا جي تخت تي وري اچي
حڪومت ڪئي. رامائڻ ۾ 24 هزار بيت ۽ پنجاه هزار
سٽون ڏنل آهن.(1)
’مهاڀارت‘ ۽ ’رامائڻ‘ ۽ ’منوشاستر‘ مان قبائلي
حڪومت بدران شخصي ۽ موروثي حڪومتن جو پتو پوي ٿو،
جيڪي هڪ ٻئي جي حقن کي ڇنڻ لاءِ هر وقت تيار هيون،
ملڪ گيريءَ جي هوس سميت، راجائن جون گهڻيون شاديون
ڪرڻ ۽ هڪڙي عورت جو گهڻن مردن سان شادي ڪرڻ،
قماربازين ۽ خانه جنگين جو عام منظر اچي ٿو.
هندستان ناانصافي، بدديانتي ۽ باهمي خونريز جنگين
جي دؤر مان لنگهي رهيو هو. ان ڪري گجرات جي راجا
ڪرشن ’مهاڀارت‘ جي سورمي، ڀاڳوت گيتا تصنيف ڪري
هندن کي فرض ادائگيءَ ڏانهن رجوع ڪيو. اڳ ذاتيون
بدلائڻ آسان ڪم نه هو. منو شاستر ۽ برهمڻن جي تنگ
نظري ۽ سازشن جي ڪري ذاتي اختلاف وڌندا ويا.
هڪڙيءَ ذات وارا ٻين کي پاڻ کان گهٽ سمجهڻ لڳا ۽
منجهن باهمي شادين ڪرڻ جو رواج نه رهيو. ذاتين،
رنگ ۽ رسمن جي مت ڀيد ڪري هندن ۾ اهڙو انتشار پئجي
ويو، جنهن جهڙو ٻئي ڪنهن به ملڪ يا ملت ۾ ڪونه
پيو. اڳ ذاتين جي ميل جول ڪري اتفاق هو. بعد ۾
هڪڙيءَ ذات وارا پاڻ کي ٻيءَ ذات کان علحدو سمجهڻ
لڳا.
مٿئين ورهاڱي ڪري هندو سوسائٽيءَ ۾ حسد ۽ بيگانگي
وڌڻ لڳي. هرڪو پنهنجي ذات جو فائدو ڳولڻ لڳو ۽
ملڪي فائدي کان بينياز رهجي ويا. اڳ هرڪو فرد سڀ
ڪنهن ڪاروبار ۾ حصو وٺي سگهندو هو، پوءِ بيگانگيءَ
۽ تعصب ڪري گهڻا قابل انسان ترقي ڪرڻ کان محروم
رهجي ويا. ذاتين جي بندش ڪري ملڪ ۾ تجارت ڪرڻ ۽
مسافري ڪرڻ ۾ دشواريون پيش اچڻ لڳيون. باهمي اتحاد
باشندن کي نصيب ڪونه ٿيو. شودر، جن جو تعداد وڌيڪ
هو، تن کي تعليم کان ۽ تمدن کان محروم رکيو ويو.
’مهاڀارت‘ ۽ ’رامائڻ‘ ۾ سنڌ جو ذڪر:
مهاڀارت جي زماني ۾ سنڌ ساگرد دوآبه کان وٺي قلات
تائين آونا يا آنو آرين جا راڄ هئا، جن جون مختلف
شاخون هيون: جهڙوڪ: شوري سبوئي خاندان وارن جي
حڪومت دوآبه سنڌ ساگر تي هئي، قلات جا راجائون به
سيوا خاندان مان هئا. سندن تختگاهه قلات، ’قلات
سيوا‘ سڏبو هو، آونا آرين جي ٻيءَ هڪڙيءَ شاخ
درهيو وارن جي پشاور کان قنڌار تائين حڪومت هئي،
سندن تختگاهه گنڌارا يا پروشاپورا (هاڻوڪو پشاور)
هو، ستلج ۽ راويءَ کان وٺي جوڌپور تائين ۽ ديره
جات تائين ياونامالي قوم جي حڪومت هئي. (مٿئين
علائقي کي ڪيڪيه ديس به سڏيندا هئا؛ آيوڌيا جي
راجا دسرٿ جي راڻي ڪيڪئي ڪيڪيه ديس- سن جي
راجڪماري هئي، هن راڻيءَ جي بطن مان راجا کي ڀرت
نالي پٽ ڄائو، جنهن جي ڪيڪيه ديس تي حڪومت هئي).
ڪڇ تي اڀيرا وارن جي حڪومت هئي، ڪاٺياواڙ تي به
ياونا آرين جي حڪومت هئي، سندن تختگاه ياوانگرا
(جهونا ڳڙهه) هو، سنڌ تي سورانا ۽ پنچالين جي
حڪومت هئي. سنڌ جي پنچال راجا جئد رٿ ڪورون جي مدد
ڪئي هئي. راجا ڌرنراشٽر جي راڻي گنڌاري، جا ڪورون
جي ماءُ هئي، سا گنڌارا پرڳڻي جي راجڪماري هئي.
مٿيون حڪومتون ويدڪ زماني کان پوءِ جي زماني ۾ ٿي
گذريون. ’ڪڇيءَ‘ تي نالو رامچندر جي پٽ ’ڪس‘ ڪري
پيو. مهاڀارت ۽ رامائڻ جي زماني ۾ سنڌ تي سورج
ونسي راجائن جي حڪومت هئي.(1)
انهن راجائن جيڪي شهر تعمير ڪرايا تن مان ڪي اڄ
تائين موجود آهن، جهڙوڪ شبئي راجا سبي (سيوي)، باغ
نالي (ڀاڳناڙي)، هرناڪس راجا جو تختگاهه ڪشيپ پوري
(ملتان) وغيره. ڪرو کيشتر جي جنگ کان پوءِ چندر
ونسي راجائن جي سنڌ تي حڪومت شروع ٿي جن جو بيان
موقعي سر ڏبو. انهن راجائن جي پاڻ ۾ مائٽي هئي.
ايرانين، يهودين ۽ عربن وانگر منجهن ڪثرت ازدواج
جي رسم رائج هئي.
ڌارين قومن جون سنڌ تي ڪاهون:
ملڪ ’جنت السنڌ‘ هندستان جي ٻين صوبن کان دولتمند
هو. ازانسواءِ سنڌو ندي جي جهاز رانيءَ ۾ مغربي
ملڪن کي ويجهو هئڻ سبب سندس واپار هزارها ورهين
کان مغربي دنيا سان هلندڙ هو. ان باري ۾ پروفيسر
جي. رالنسن، مشرق ۽ مغربي دنيا جي تعلقات تي هڪڙو
ڪتاب ’انٽرڪور بٽوين ايسٽ ائنڊ ويسٽ‘ جي نالي لکيو
آهي، جنهن ۾ هڪڙو خلاصو باب سنڌ جي پيداوار ۽
صنعتي شين متعلق ڏنو اٿس. مگر يورپي مؤرخن گهڻو
ڪري يونانين ۽ ايرانين جي بيانن جا حوالا ڏنا آهن،
انهن عربي مؤرخن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
علامه ابن الفقيه همداني سنه 330هه ڌاري لکي ٿو
ته: ”الله تعاليٰ سنڌ کي هيءَ خصوصيت بخشي آهي، جو
منجهس هر قسم جون شيون جهڙوڪ: جواهرات، ياقتو،
الماس، خوشبودار مصالحا، عنبر، عاج، عمارتي ڪاٺ،
ريشمي ڪپڙو، سوٽي ململيون، ’سنڌو‘ ۽ ٻيا اهڙا
سامان ڌارين ملڪن ڏانهن وڪري لاءِ ويندا هئا.(1)
مٿيون مال ايراني نار ۽ يمن جي بندرن کان مغربي
دنيا ڏانهن ويندو هو. قريش جا قافلا انهن شين کي
شام ۽ مصر جي مارڪيٽن تائين پهچائيندا هئا.مٿين
قيمتي شين ڪري بيروني دنيا ’جنت السنڌ‘ اڳيان
محتاج هئي. ان سبب هن ملڪ جي دولت کي لٽڻ لاءِ
ڌارين قومن وقت بوقت مٿس ڪاهون ڪيون هيون ۽ اهو
سلسلو هر صدي جاري رهيو ۽ قومي يا ملڪي اتحاد ڪڏهن
به قائم نه ٿي سگهيو.(2)
مصرين جي ڪاهه:
حضرت عيسيٰ عليه السلام کان پنج هزار ورهيه اڳ مصر
دنيا ۾ تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز هو. سندس ٻه تختگاهه
– مصر اصفل ۽ ميمفس، ۽ مصر صعيد ۾ ٿيبس علوم ۽
فنون ڪري مشهور هئا، جتي فيثاغورث ۽ هيروڊوٽس
تعليم ورتي هئي(1)
سنه 5000 ق-م کان 525 ق-م تائين مصر تي ڇويهن
خاندانن حڪومت ڪئي. منجهائن ڏهن خاندانن ميمفس تي
۽ ڏهن ٿيبس تي حڪومتون ڪيون. 14 صديون ق-م ٿيبس جي
فرعونن مان راميسس ثاني جهازن جي دستي سان ايشيا
جي وڏي حصي تي، ويندي وچ ايشيا تائين ڪاهون ڪيون
هيون(2).
اسيرز به گنگا تائين حملا ڪيا هئا. هندو هن کي
ديوتا سمجهي سندس پرستش ڪرڻ لڳا. ان باري ۾ بنارس
هندو يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر پران ناٿ جو
رايو آهي ته، آريا لوڪ اصل مصر کان آيا. انسانن جي
قربانيءَ ڪرڻ جو رواج مصر ۽ هندستان ۾ رائج هو،
بلڪ قديم مذهب جو جزو هو. سنه 671 ق-م مصر جي
نجومي فراعنه جي زماني ۾ اشور وارن مصر تي ڪاهه
ڪئي. سنه 525 ق-م ايرانين مصر تي قبضو ڪيو.(1).
قديم مصري خط هيرو غليفي آهي.
ڪلدانين جي ڪاهه:
ڪلديه عراق جي ان حصي جو نالو هو جتي فرات ۽ دجله
پاڻ ۾ گڏجن ٿيون. ڪلدانين جو تمدن به مصرين وانگر
جهونو هو. سنه 2234 ق-م سڄي ايشيا تي سندن اقتدار
هو. اُر، سيپار، ارخ، پنور ۽ اغاد جا شهر ايراني
نار جي منهن وٽ واپار جا مرڪز هئا. مٿين شهرن ۾
سنڌ جي شين جا نالا رائج هئا. سنڌ جون آڳاٽيون
ململيون ۽ خوشبودار مصالحا هتي وڪامندا هئا. موهن
جي دڙي واريون نڪتل شيون ڪلديه ۽ سنڌ جي آڳاٽن
لاڳاپن تي گهڻي روشني وجهن ٿيون. گويا ڪلديه جي
تمدن جو عنصر سنڌ جي آثار قديمه ۾ منظر اچي ٿو.
بابل ۽ اشور وارن جون ڪاهون:
بابل جو شهر فرات تي هو، جنهن جو بنياد نمرود وڌو
هو ۽ سڄي ايشيا ۾ برک هو. نينوا، اشور وارن جو
تختگاه، دجله جي اوڀرندي ڪپ تي هو، جنهن جو بنياد
نينوس سنه 2182 ق-م وڌو هو. ان جي سامهون اولهندي
ڪپ تي هينئر موصل جو شهر آهي. نينوس جي عالي همت
راڻي سميراس سنڌو نديءَ وارا ملڪ اٽڪ تائين فتح
ڪيا هئا، پر پوءِ هند جي راجا بروبيٽس هٿان شڪست
کائي، ٿورن همراهن سان مڪران جي ڪناري کان موٽي
وطن پهتي هئي. اها تسليم شده ڳالهه آهي ته اشور
وارن جي مغربي سنڌ تائين حڪومت هئي. آريا کانئن
نجومت سکيا هئا. بابل ۽ نينوا وارا باقاعدي جهازن
وسيلي سنڌ سان واپار ڪندا هئا.
هندستان جي تهذيب جو اثر سنڌ رستي کان بابل، ميڊيا
۽ ايشيا ڪوچڪ تائين پهتو هو. آشوريا نيپال جي
ڪتبخاني ۾ 700 ق-م بعض بتن جا نالا آرين جي
ديوتائن جي نالن تي هئا. سنڌ جي بتخاني، هنگلاج جي
ديويءَ جي بت جي ايلم ۽ بابل وارا پرستش ڪندا هئا.
ان ديويءَ جو بت هنگلاج کان اڳ سوسا پهتو هو، جتان
بخت نصر بابل ڏانهن کڻائي ويو هو.(1)
سنه 626 ق-م ميڊيا وارن هٿان نينويٰ برباد ٿي ويو.
سنه 538 ق-م ايرانين جي ڪاهُن ڪري بابل ويران ٿي
ويو(2).
قديم بابلي خط پيڪاني سڏجي ٿو.
فنيقيا وارن جو واپار:
دنيا جي پهرين جهازران قوم جنهن کي يوناني
’فونيشن‘ ۽ عبرانين ’ڪنعاني‘ نالا ڏنا هئا، سا
قرآن پاڪ ۾ عاد ۽ ارم جي نالي سان مشهور آهي. انهن
بحرين کان نڪري، شام جي ڪناري کي وسايو هو. سندن
ٻه بندر صيدا (سيڊان) ۽ صور (ٽائري) مشرقي دنيا ۾
تجارتي مرڪز هئا(1).
يونانين هن قوم کان روشني ورتي هئي. فنيقيا جي
بادشاهن مان حيرام حضرت سليمان عليه السلام جو
همعصر هو. عيسوي سنه کان 12 صديون اڳ فنيقيا وارن
جو شام جي ڪناري تي عروج رهيو. سندن تجارتي تعلقات
جي ڪري، مهاڀارت جي زماني ۾، هندو عربي زبان کان
واقف ٿيا هئا. فنيقي خط، جو مصري خط هيرو غليفي
مان نڪتل هو، سو هندستان ۾ ’خروشتي‘ يا گنڌاري
سڏجي ٿو.
موريا خاندان جي راجائن، جن اتر اولهندي هندستان ۾
برهمڻ آباد ۽ جهالاوان تائين جي ڪتبا کڙا ڪيا هئا،
سي مٿئين خط ۾ آهن. سندن عبارتون سامي خط وانگر
ساڄي پاسي کان کاٻي طرف لکيل آهن ۽ انهيءَ خط جو
رواج فنيقيا جي ڌاڙيل واپارين رائج ڪيو هو.(1).
سرجان مارشل تڪشلا ۽ هڙاپا مان جيڪي ڪتبا هٿ ڪيا
هئا، سي خروشتي خط ۾ آهن؛ بلڪ سر اي- سٽين ساڳئي
خط ۾ ڪي ڪتبا چيني ترڪستان جي آثارن مان ڳولي لڌا.
جيئن يورپ وارن هاڻوڪي زماني ۾، مختلف ملڪن ۾
تجارتي ڪوٺيون وڌيون، تيئن قديم زماني ۾ فنيقيا
وارن جون مشرق ۽ مغرب ۾ ڪوٺيون هيون(2).
ايرانين جون ڪاهون:
ايرانين هفت اقليم تي شهنشاهي ڪئي. سنڌ به ايران
جو صوبو هو. فردوسي شاهنامه ۾ هند، سنڌ، ڪابل،
ڪشمير، ملتان، سندل ۽ چندل ايراني شهنشاهت جا
مقبوضات ڏيکاريا آهن. پيش داديان ڪسرائن مان هوشنگ
دکن تائين ڪاهون ڪيون هيون. ايراني شهنشاهن مگڌ ۽
ايوڌيا جي راجائن مان شاديون ڪيون هيون.(3).
ٿورا ورهيه اڳ، ڊاڪٽر بي- ڊي- سپونر پاٽنا جي قديم
کنڊرن کي کوٽائي بعض عمارتن جا نشان ظاهر ڪيا هئا،
جن جي ساخت جو نمونو پرسيپالس (اصطخر) جي محلاتن
جهڙو هو.
گشتاسپ جي زماني ۾ بهمن ايرانيءَ بهمن آباد ۾ نو
وهار جو آتشڪده تعمير ڪرايو هو. قديم سنڌ جي مڪران
واري حصي ۾ ٻه ڪاريزون، ڪاؤسي ۽ خسروي، ڪيڪائوس ۽
ڪيخسرو ڪياني فرمانروائن جون جوڙايل اڄ تائين
موجود آهن(1).
دارالعظم کي سنڌ جي صوبي مان 1،078،272 پائونڊ
ساليانو آمدني هئي. سندس ٻيڙي يوناني اميرالبحر
سائيڪلاس جي اڳواڻيءَ هيٺ اٽڪ کان سنڌو نديءَ جي
ڇوڙ تائين جهاز راني ڪئي هئي.
سڪندر مقدونيءَ جي ڪاهه کان اڳ اتر اولهندي
هندستان جي علائقن تي اشڪانين جي حڪومت هئي. سنه
480 ق-م ايراني شهنشاهت جون حدون سنڌو نديءَ کان
وٺي حبش تائين هيون. شمس العلماءِ جوڻيجي موڊي سنه
1904ع ۾ بمبئي جي رسالي ’ايسٽ ائنڊ ويسٽ‘ جلد-3 ۾
هڪڙو بصيرت افروز مضمون لکيو هو، جنهن مان ايرانين
جي مڪران ۽ سنڌ تي ڪاهُن جو پتو پئجي سگهي ٿو.
عربي ڪاهُن ايران ۽ هندستان جي فنون لطيفه ۾
انقلاب آڻي ڇڏيو. اسلامي دور ۾ ايرانين جي جدت
طرازين سڄي اسلامي دنيا تي اثر وڌو.
ٻڌمت:
ٻڌ ڌرم جي وسعت جي خبر اسان کي اليگزينڊر ڪننگهام
جي ’قديم جاگرافي هند‘ مان پئجي سگهي ٿي، جا سنه
1871ع ۾ لنڊن مان شايع ٿي هئي. آرين جي راڄ اندر
برهمڻن اهڙو زور ورتو هو، جو ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي
زيادتين ۽ مذهبي پيچيدگين ڪري عوام ۾ سندن خلاف
جذبو پيدا ٿيو. اهڙي پر آشوب زماني ۾، سنه 563 ق-م
نيپال جي ڪپل وستو رياست جي ساڪيا راجا سڌوڌن جي
پٽ سڌارٿ، جو پوءِ گوتم ٻڌ سڏجڻ لڳو، نئون پنٿ
جاري ڪيو. جنهن صورت ۾ عوام کي برهمڻن کان سندن
زيادتين جي ڪري نفرت هئي، تنهن ڪري گوتم جي مرڻ
کان پوءِ سنه 483 ق-م سندس پنٿ ستت هند، سيلون،
سيام، چين، ٿٻيٽ، وچ ايشيا، سنڌ ۽ بلوچستان تائين
پکڙجي ويو. سنڌ جا راءِ خاندان جا راجائون ٻڌمت جا
پيرو هئا. برهمڻ آباد، الور ۽ ديبل ۾ ٻڌ جا بتخانا
هئا.
جين مت:
ساڳئي وقت، بهار جي راجا سڌارٿ جي پٽ ورڌمان، جو
مهاوير سڏجي ٿو ۽ گوتم جو همعصر هو، جين مت کڙو
ڪيو. مگر جين مت وارن جي دعويٰ آهي ته سندن ڌرم
گهڻو قديم آهي. سندن چوڻ آهي ته مهاوير کان اڳ 23
تيرٿڪارا (پيشوا) ٿي گذريا، جن مان پهريون رشاڀا
راجا ٿي گذريو، کانئس پوءِ سندس پٽ ڀارتا چڪرورتي
ٿي گذريو. جينن جو ڪتاب ’اچارنگا سوترا‘ آهي. جين
ڌرم برهمڻن جي خواهشات ۽ ٻڌ جي اصولن جو مرڪب آهي.
هن ڌرم ۾، جاندارن جي حفاظت ڪرڻ نيڪيءَ جو عمل هو.
ويدن جي حقيقت، باهه جي پوڄا ۽ ٻليدان ناقابل
تڪريم سمجهيا ويا. برهمڻن کي خوش رکڻ لاءِ ذات پات
جي قيد ۽ اوتارن کي تسليم ڪيو ويو. جين مت بنگال،
وچ هندستان، دکن، سوراشٽر ۽ سنڌ تائين پکڙجي ويو(1).
جين مت جي قدامت متعلق مغربي مؤرخن ۾ اختلاف آهي؛
مثلا ڪولبروڪ، پرنسيپ، سٽويونسن ۽ ٻيا جين مت کي
ٻڌ جي زماني کان اڳ جو تسليم ڪن ٿا، اهڙيءَ طرح
ويبر، ولسن، ليسن وغيره ان کي ٻڌ کان پوءِ تسليم
ڪن ٿا. سنڌ ۾ پارينگر جين جو مندر هو. آبو ڏونگر
تي سندن گهڻائي مندر آهن.
يونانين جي ڪاهه:
يونان ۾ اٿينز ۽ سپارٽا وارن جي تباهيءَ کان پوءِ
سنه 332 ق-م يونانين سڪندر مقدونيءَ جي اڳواڻيءَ
هيٺ شام ۽ مصر جا علائقا فتح ڪيا. مشرقي ملڪن جي
دولت کي ڇڪڻ لاءِ يوناني فاتح شام جي ڪناري تي
سڪندرونه ۽ مصر جي ڪناري تي سڪندريه جا بندر تعمير
ڪرايا، جن صيدا ۽ صور کان پوءِ واپار ۾ گهڻي ترقي
ڪئي.
سڪندر مقدوني:
تنهن کان پوءِ سڪندر اربيلا جي خونريز معرڪي ۾،
دارا اعظم کي شڪست ڏيئي، وچ ايشيا ۽ ڪابل تي قبضي
ڪرڻ کان پوءِ، هندستان ڏانهن رخ رکيو. سندس لشڪر ۾
ايراني، يوناني ۽ وچ ايشيا جا سپاهي هئا. سنه 327
ق-م سڪندر ڪابل ۽ سوات کان پنجاب ۾ وارد ٿي، راجا
پورس کي شڪست ڏني. پنجاب ۽ ڪشمير جي گهڻن راجائن
سندس آڻ مڃي. يوناني لشڪر جنهن ۾ مقدونيا، يونان،
فنيقيا، مصر، ايران ۽ صغدانيا جا سپاهي هئا، سي
گهڻو ٿڪل هئا. کيس يونان کان ڪابه امدادي فوج ڪانه
پهتي هئي، ٻيو ته هندستان جو موريا راجا چندر گپت
طاقتور هو؛ تنهن ڪري يوناني فاتح چناب نديءَ کان
اڳتي وڌي نه سگهيو. جهلم مان جهاز ٺهرائي سنڌو
نديءَ رستي ملتان پهچي، هتي جي مالي راجا کي شڪست
ڏيئي، اُچ (سڪلنده) جو شهر تعمير ڪرائي، سنڌو
نديءَ جي رستي پاتال (نيرن ڪوٽ) پهتو.
مينانگرا (ٺٽي) جي يادو ونسي راجا سامس کي شڪست
ڏيڻ کانپوءِ، سڪندر ڪجهه لشڪر خشڪيءَ رستي، پنهنجي
هڪڙي سپهه سالار ڪرايٽرس جي اڳواڻيءَ هيٺ، هاٿين
سميت، موله لَڪ کان مڪران ڏانهن روانو ڪيو ۽ ٻيڙي
کي اميرالبحر نيرڪوس جي نگرانيءَ هيٺ، جنهن تي
يوناني، فنيقي ۽ مصري ملاح هئا، پاتال ۽ ڀنڀور کان
سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا ۽ مڪران واري ڪناري ڏانهن
روانو ڪيائين.(1)
نيرڪوس کي مڪران جي ڪناري تي رهندڙ ميڊن کان گهڻو
نقصان پهتو، خاص ڪري بلوچستان جي استوله ٻيٽ تي
سندس گهڻائي فنيقي ۽ مصري ملاح ميڊن هٿان مارجي
ويا. سڪندر مقدوني سنڌ تي پيٿان کي پنهنجو نائب
مقرر ڪري، حب نديءَ جي اوڀرندي واري علائقي، عربتي
۽ اولهندي واري علائقي، اورٽي، کان مڪران جي ويران
ڪناري تي پهتو، جتي ميڊ جنگجو دريائي ڌاڙيلن کان
سندس لشڪر کي گهڻو نقصان پهتو. آخر بابل ۾ پهچي هن
وفات ڪئي.
سنڌ متعلق يوناني جاچ ڪاميٽيءَ جي رپورٽ:
عام سنڌ جي تاريخن ۾ سڪندر مقدونيءَ جي ڪاهه هڪڙي
طوفان وانگر بيان ڪيل آهي، جو آيو ۽ هليو ويو! مگر
ائين نه آهي. سڪندر مقدوني سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا
واري علائقي ۾ سنڌو نديءَ جي قديم شاخ هاڪڙي جي
پيٽ جي جاچ ڪرڻ لاءِ ماهرن جي هڪڙي ڪاميٽي رواني
ڪئي هئي. ان ڪاميٽيءَ ڪهڙي رپورٽ پيش ڪئي، سو بيان
سلسليوار هيٺ ڏجي ٿو.
اڳ يونانين کي هندستان جي رهاڪن جي رسمن ۽ رواجن
جي پٽيءَ خبر ڪانه هئي، ڇاڪاڻ ته يونان ۽ سنڌ جي
وچ ۾ بابل ۽ اسيريا جون ٻه سيماطيقي (سامي)
حڪومتون حائل هيون. البته هومر جي ’اوڊيسي‘ جي
اشعار ۾ فقط ايترو ڏيکاريل هو ته سج جي اوڀرندي
طرف هڪڙي سياه فام قوم رهي ٿي. اها قوم شايد دراوڙ
هئي، جنهن جو واپار سمنڊ رستي مغربي دنيا سان
هلندڙ هو ۽ ايڪباتانا (همدان)، سوسا ۽ اصطخر جا
شاهي خزانا سنڌ ۽ هند جي دولت ڪري معمور هئا. ازان
سواءِ فيثاغورث جي فلسفي تي هندي اثر مائل نظر اچي
ٿو. هيروڊوٽس کي سنڌ متعلق جيڪا خبر هئي، تنهن جو
بيان اڳ لکي چڪا آهيون.
سائيلاڪس:
يونانين جي ڪاه کان اڳ، دارا اعظم پنهنجي هڪڙي
يوناني اميرالبحر، سائيلاڪس، کي سنڌو نديءَ جي
وهڪري کي معلوم ڪرڻ لاءِ جهازن جي دستي سان اٽڪ
کان روانو ڪيو هو، ليڪن ان جيڪو سياحت نامو تيار
ڪيو هو، تنهن ۾ فقط ٻڌل ڳالهيون ۽ قياسي بيان ڏنل
هئا. ايرانين ۽ يونانين کي فقط ايتري خبر هئي ته
سنڌو نديءَ جي اوڀرندي طرف کان ريگستان آهي. سڪندر
مقدوني به چناب کان اڳتي وڌي نه سگهيو هو.
هيڪتايوس:
سنه 500 ق-م هيڪتايوس نالي هڪڙي يوناني
جاگرافيدان، سنڌو نديءَ تائين ملڪن جو بيان ڏنو
آهي، پر سندس تحقيقات جو دائرو فقط سائيلاڪس جي
بيانن تي مبني آهي. هن فقط اهو ڏيکاريو آهي ته
سنڌو نديءَ پريان ريگستان آهي، البته سنڌ جي
باشندن جي رسمن ۽ رواجن متعلق به هن ٿوري روشني
وڌي آهي، ليڪن هيروڊوٽس جي بيان کان ڪا وڌيڪ نئين
ڳالهه ڪانه ڏني اٿس.
نيرڪوس:
سڪندر جو مشهور اميرالبحر، نيرڪوس، ڪريٽ ٻيٽ جو
رهاڪو هو. نينڍي هوندي مقدونيا ۾ رهڻ ڪري سڪندر
سان دوستي هئي. هن سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا جو ڪوري جي
نار کان ايراني نار جي ڪناري جو معائنو ڪيو هو.
جيڪي ڏٺائين، سو قلمبند ڪندو ويو. سندس ارادو
ڏاکڻي عربستان تي ڪاهه ڪرڻ جو هو، پر ڪامياب ٿي نه
سگهيو.
اوني سيڪرٽيوس:
اوني سيڪرٽيوس يونان جي ٻيٽ، ايجنا جو رهاڪو هو ۽
يونان فيلسوف ديوجانس جو شاگرد هو. فن جهازرانيءَ
جو ماهر هو. سنڌ ۾ وارد ٿيڻ کان اڳ، سڪندر هن کي
جهازن جي دستي سان سنڌ جا حالات معلوم ڪرڻ لاءِ
روانو ڪيو هو. استرابو کانئس روشني ورتي آهي.
ارسطوبيولس:
ارسطو بيولس جاگرافيدان هو، جنهن سڪندر جي حڪم سان
هاڪڙي جو پيٽ ڳولي لڌو هو. هن پوئينءَ عمر ۾
پنهنجا حالات قلمبند ڪيا هئا.هن اٽڪل هڪ هزار
ويران شهرن جا نشان ڳولي لڌا هئا، جي ڪو وقت هاڪڙي
تي آباد هئا.
ڪليترچوس:
ڪليتر چوس مؤرخ هو. سڪندر سان گڏ نه هو، پر سندس
ڪاهُن جو مفصل بيان ڏنو اٿس.
سڪندر پهريون مغربي فاتح هو، جنهن مغرب وارن لاءِ
مشرق جي واپار جو در پٽيو. ازان سواءِ هن سنڌو
نديءَ وارن ملڪن جا حالات گڏ ڪرايا. يوناني هماليه
کان سنڌو نديءَ جي ڇوڙ تائين ۽ راس مونزي کان راس
ڪامورن تائين ۽ راس ڪامورن کان هوگليءَ تائين
هندستان جون حدون معلوم ڪيون هيون. هو سنڌ کي
مانسوني هوائن کان ٻاهر ڏيکارين ٿا، جنهن مان
معلوم ٿي سگهي ٿو، ته مهاڀارت جي زماني کان
يونانين جي ڪاهه وقت سنڌ جي حالت گهڻي بدلجي چڪي
هئي. اڳ سنڌ ۾ گهاٽا ٻيلا هئا، جن ۾ هاٿي، گينڊا،
باندر ۽ ٻيا جهنگلي جانور رهندا هئا. انهن مان
گينڊا ته ابن بطوطه جي اچڻ وقت به موجود هئا.
يونانين جي بيان موجب سنڌ جي رهاڪن جي چمڙي ڪاري
هئي. ڊيلٽا واري علائقي تي هو ڪوهيڙن جي ڪڪرن
اڏامڻ جو ڏس ڏين ٿا.
اونهاري ۾ جوئر ۽ چانورن جي پوک ۽ سياري ۾ جوَن ۽
ڪڻڪ جي پوک جو ذڪر ڪيو اٿن. سندن چوڻ موجب، سنڌين
کي ڪمند جي رس مان ڳڙ ٺاهڻ، ڪپهه مان پڙي اُڻڻ ۽
مختلف قسمن جي دوائن ٺاهڻ ۽ زهرن مارڻ جي واقفيت
هئي، ليڪن اهڙو دوائن ۽ زهرن جو علم ڌارين کان
مخفي رکندا هئا. سنڌين جي بدني ساخت متعلق لکن ٿا
ته اهي قداور ۽ سنها آهن، سري وارا مصر جي قبطين ۽
لاڙ وارا حبشين سان مشابهت رکن ٿا. سنڌين جي
سراسري عمر 130 ورهيه بيان ڪئي اٿن. سنڌ ۾ انگور
نه هئڻ ڪري شراب جو رواج نه هو، مرد ٻه ٻه زالون
رکندا هئا ۽ راجائون گهڻيون زالون شادي ڪند اهئا.
غلامن جو به رواج هو. سنڌ جا رهاڪو پنهنجن راجائن
کي ٻانهون مٿي کڻي سلام ڪندا هئا، جيئن ايران جي
ڪسرائن کي سلام ڪرڻ جو رواج هو.
راجائن جي سواريءَ نڪرڻ وقت، عورتون رٿن تي چڙهي
سندن حفاظت (؟) ڪنديون هيون ۽ پٺيان ماڻهو دهل،
شرنايون ۽ گهنڊ وڄائيندا هلندا هئا. نابالغ ڇوڪرين
کي به شادين ڪرائڻ جو رواج هو. بيوه زالن لاءِ
جيئري مڙس جي لاش سان گڏ چکيا تي چڙهڻ عزت جي
نشاني هئي. بعض مُڙدن کي ڳجهن اڳيان ڦٽو ڪندا هئا(1).
ان ۾ شڪ نه آهي ته سڄي هندستان، خراسان، بلخ، سنڌ،
چيني ترڪستان ۽ وچ ايشيا وارن ملڪن ۾ ٻڌ جي بتن جي
پوڄا ٿيندي هئي، مگر ان سان گڏ مجوسيت جو به چؤٻول
هو. مثلا هوئن ٽسانگ، جو سنه 23هه (سنه 635ع) ڌاري
قنڌار جي رستي کان هندستان ۾ وارد ٿيو هو، تنهن جي
بيان موجب قنڌار، بلوچستان توڻي سنڌ تي مجوسيت جو
اثر پيل هو.(1)
سيليوڪس نڪٽر:
سڪندر مقدوني هندستان ۾ سنه 327 ق-م کان سنه 324
ق-م تائين جملي 3 ورهيه رهيو هو. ڪابل ۽ هندوڪش
وارو حصو، جو پشڪلاوتي سڏبو هو، تنهن مٿان
اوڪسياريٽس گورنر هو. سندس تختگاه چارسده، پشاور
وٽ هو. سنڌ مٿان، پيٿان گورنر هو. سڪندر جيڪا عظيم
الشان شهنشاهت قائم ڪري ويو هو، سا سندس مرڻ کان
پوءِ ٽن حصن ۾ ورهائجي ويئي، جن مٿان سندس ٽي
جرنيل حڪومت ڪرڻ لڳا. مشرقي حصو، شام کان وٺي سنڌ
سميت، سيليوڪس نڪٽر جي هٿ چڙهي ويو. يونان،
مقدونيا، ٿريس ۽ ايشيا ڪوچڪ تي ائنٽي گونس حڪومت
ڪرڻ لڳو. فلسطين ۽ مصر بطليموس جي قبضي هيٺ اچي
ويا. سيلويڪس جي ڏينهن ۾، سنڌ جي واپار گهڻي ترقي
ڪئي هئي. پلينيءَ جي بيان موجب، سنه 79ع ۾ رومت
الڪبريٰ ڏانهن ويندڙ مال جي رقم 2،000،000 پائونڊ
هئي. تجارت جي هيءَ صورتحال، روم جي قيصر آگسطوس
کان وٺي قيصر هيدران جي ڏينهن تائين موجود رهي.
مٿيون مال خشڪيءَ رستي تدمر تائين ۽ سمنڊ رستي
بحيره قلزم جي بندر برنائيس تائين پهچندو هو.(1)
موريا خاندان:
موريا خاندان جو پايو وهندڙ چندگپت موريا هو، جنهن
تشڪلا ۾ تعليم ورتي هئي. سندس ماءُ مورن پالڻ ڪري
’مورا‘ سڏبي هئي، تنهن ڪري هن خاندان جا راجائون،
جن سنه 322 ق-م کان سنه 183 ق-م تائين مگڌ تي
حڪومت ڪئي هئي. موريا سڏبا هئا. منجهائن چندر گپت
322 ق-م اتر هندستان ۾ يونانين خلاف بغاوت ڪري
سندن فوجن کي جمنا جي اوڀرندي ۾ شڪست ڏيئي، مگڌ جي
نندا خاندان جي راجا کان پتاليپترا (پاٽنا) جو تخت
هٿ ڪري، موريا حڪومت جو پايو وڌو. هن چاليهن لکن
فوجن سان سيليوڪس نڪٽر کي شڪست ڏيئي سنڌ ۽
بلوچستان جي صوبن تي قنڌار تائين قبضو ڪري ورتو.
سيليوڪس کي ساڻس صلح ڪرڻو پيو ۽ پنهنجي طرفان
ميگسٿنيز کي سفير مقرر ڪري پاٽنا ڏانهن روانو ڪيو.(1)
چندر گپت کان پوءِ سندس پٽ بندوسار 298 ق-م کان
237 ق-م تائين حڪومت ڪئي. بندوسار کانپوءِ سندس پٽ
آسوڪا 237 ق-م مگڌ جي تخت تي ويٺو. هن ٻڌ ڌرم کي
زور وٺائڻ لاءِ افغانستان، بلوچستان، سوات، ڪشمير،
سنڌ ۽ نيپال تائين جابجا ڪتبا کڙا ڪرايا، جن مان
ڪي اڄ سوڌو موجود آهن(1).
بلڪ هن يونان ۽ مصر تائين تعلقات قائم ڪيا هئا.
جيڪي مٿين تعلقات جي ڪري هندي فن سنگتراشيءَ کان
واقف ٿيا(2).
آسوڪا جا ڪتبا خروشتي خط ۾ آهن. سندس حڪومت جون
حدون هرات تائين هيون.
يوناني باختري حڪومت:
سن 184 ق-م موريا خاندان وارن جي ڪمزوريءَ ڪري،
يوناني باختري حڪومت زور ورتو. سنه 185 ق-م ڌاري
براد رٿ، موريا خاندان جي پوئين حاڪم پشيامترا کي
قتل ڪري، مگڌ ۾ سنگا خاندان جي حڪومت جو پايو وڌو.
مٿئين انقلاب ڪري، يوناني باختري حڪومت کي جنم وٺڻ
لاءِ موقعو مليو، جا هڪ صديءَ تائين قائم رهي. سنه
190 ق-م يوناني حاڪم ڊيمي ٽريوس بلوچستان، سنڌ ۽
گجرات جا پرڳڻا فتح ڪري، سگالا (سيالڪوٽ) کي
تختگاه مقرر ڪيو. هن سنڌ ۾ ڪي شهر تعمير ڪرايا
هئا. يوناني حاڪم اڪثر هڪٻئي سان لڙندا رهيا. سنه
155 ق-م مينڊر (ملنڊا) سنگا راجائن کي شڪست ڏيڻ ۾
ڪامياب ٿيو، پر پاڻ ٻڌ جو پيرو بڻجي ويو. تنهن کان
پوءِ ستت، يوناني حڪومت چاليهن حصن ۾ ورهائجي
ويئي، جن تي جدا جدا امير حڪومتون ڪرڻ لڳا. سندن
هندستان جي راجائن سان مائٽي هئي. مينڊر جي مئي
کان پوءِ يوناني هندي حڪومت جو هميشه لاءِ خاتمو
ٿي ويو.
پارٿي:
پارٿين جو وطن پارٿيا (خراسان) هو. جيئن هندو
يوناني کي ياونا سڏيندا هئا، تيئن پارٿين کي پهلوا
سڏڻ لڳا. اهي ڊگهين ڏاڙهين ۽ ڊگهن وارن وارا هئا.
پهريائين هن قوم هيلمند تي قبضو ڪري، سيستان ۽
نيمروز تي حڪومت کڙي ڪئي. ساڻن سٿين (ساڪ) به شامل
هئا، جن جي نالي ڪري سيستان ’ساڪستان‘ سڏجڻ لڳو.
عيسوي پهرين صديءَ ڌاري سٿين دري بولان کان نڪري،
سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي بيٺڪون جوڙي، پاڻ کي
ايران جي ڪسرائن وانگر شهنشاه ڪوٺائڻ لڳا.(1).
منجهائن راجا گنڊوفيرس حضرت عيسيٰ عليه السلام جي
حواري سينٽ ٿامس جي تبليغ ڪري عيسائي ٿيو هو.
يوچي:
يورپ وارا سٿين ۽ يوچي قومن کي ’هُن‘ سڏين ٿا. سنه
165 ق-م يوچي قوم چين جي علائقي ڪانسوا مان نڪرڻ
کان پوء، ترڪستان جي رستي کان بلخ، ڪابل ۽
بلوچستان تي قبضو ڪيو. هنن ستت ئي ٻڌ ڌرم اختيار
ڪيو. سنه 73 ق-م مگڌ جي سنگا خاندان وارن جي پڄاڻي
ٿي. سنه 28 ق-م انڌرا خاندان وارن مهاندي، گوداوري
۽ مگڌ وارن علائقن تي قبضو ڪيو. سنه 78ع ۾ يوچي
راجا ڪنشڪا ڪشمير، يارقند، ڪاشغر، ختن، قنڌار، سنڌ
۽ نربدا نديءَ تائين قبضو ڄمايو. شڪست سنبت اتر
هندستان ۾ سنه 78ع کان شروع ٿيو. سنه 220ع ۾ يوچي
۽ انڌرا خاندانن جو خاتمو ٿي ويو. هندستان رياستن
۾ ورهائجي ويو، جن مان پاٽنا جي گپت خاندان زور
ورتو.
سنڌ تي مجوسيت جو اثر:
اسلام جي ڪاهه وقت، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ بتخانن کان
سواءِ آتشڪده به موجود هئا. ايران جي ڪسرائن آتش
پرستيءَ کي زور وٺايو هو. سنڌ جي علائقي سيستان ۾،
گستاشپ جي يادگار لاءِ، ڪيخسرو ڪرڪوياه آتشڪده
تعمير ڪرايو هو، جو ’هوس- گرشاسپ‘ جي نالي سان
مشهور هو(1).
ساساني دؤر ۾، قباد جي زماني ۾، مزدڪ ’مزدڪيه
مذهب‘ جو بنياد وڌو هو. سندس اصول مانويه مذهب جا
هئا. جيتوڻيڪ قباد، مزدڪ کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو، پر
مزدڪيه مذهب جا فرقا- جهڙوڪ: ڪوزڪيه، ماهانيا ۽
اسبد جامڪيه- اهواز، فارس، شهر زور، سنڌ، سمرقند ۽
شاش تائين پکڙجي ويا هئا.(2)
غرض ته زردشت کان اڳ اقصيٰ چين تائين آتشڪدن جو
رواج پئجي ويو هو. ساساني دؤر ۾، سنڌ جي سرحد
ڪرمان ۾، نوشيروان هڪڙو آتشڪده جوڙايو هو؛ منجهس
اها متبرڪ باهه ٻرندي هئي، جنهن کي زردشت جي حڪم
سان گشتاسپ خوارزم جي آتشڪدي مان کڻائي، نساءِ جي
آتشڪدي ۾ رکايو هو.
ايراني ڪسرائن سنڌ ۾ ملتان وارو آتشڪدو تعمير
ڪرايو هو جتي سج ۽ ستارن جي پرستش ٿيندي هئي.
شاپور بن اردشير قسطنطنيه ڀرسان هڪڙو آتشڪدو
جوڙايو هو، جو خليفي مهديءَ جي زماني تائين موجود
هو. سنڌ ۾ سيستان، ملتان ۽ ڪرمان مجوسيت جا مرڪز
هئا. خاران جا ڪياني ملڪ، جي منوچهر جي نسل مان
هئا، اسلامي فتوحات کان پوءِ به، قديم مذهب تي
قائم رهيا. آخر خليفي عمر بن عبدالعزيز رضه جي
دعوت تي اسلام قبول ڪيائون.(1)
سلطان محمود غزنوي جي ڪاهُن کان پوءِ به سنڌ ۾
مجوسيت جو اثر باقي هو.
سنڌ تي عيسائيت جو اثر:
سينٽ ٿامس پهريون حواري هو، جنهن جي تبليغ ڪري
سيستان جي پارٿي راجا گنڊوفيرس عيسائي مذهب اختيار
ڪيو. ازان سواءِ شيراز، مرو ۽ فرغانه ۾ ديوليون
قائم ٿيون. تثليث جو اثر فقط ايران، ترڪستان ۽ سنڌ
تائين محدود نه رهيو، بلڪ پري دکن تائين به پهتو.
سنه 68ع ۾ سينٽ ٿامس مدراس ۾ وفات ڪئي ۽ اتي
دفنايو ويو. ڪن مؤرخن جو بيان آهي ته سينٽ ٿامس
بلوچن هٿان مڪران جي بندر ڪلما (ڪلمت) وٽ مارجي
ويو، سندس لاش عيسائي عراق جي شهر ايڊيسا (رقه)
ڏانهن کڻي ويا ۽ مدراس واروسندس مقبرو جُڙتو آهي(1).
خراسان جي شهر جنديساپور جي شفاخاني جو ڊاڪٽر
جارجس نالي عيسائي هو(2).
جنهن عمدي قرابادين تيار ڪئي هئي.
سنه 190ع ۾ سڪندريه (مصر) جي بشپ، هڪڙي عيسائي
فيلسوف پاتانيوز کي، نصرانيت جي تبليغ ڪرڻ لاءِ
بحيره قلزم، ايراني نار ۽ سنڌ جي ڪناري واري رستي
کان ملبار ڏانهن مُڪو هو. سندس معرفت پهريون دفعو
عبراني زبان ۾ انجيل، هندستان جي اولهندي ڪناري تي
ٽراونڪور پهتو، جتي اڳي ئي يهودين جي بيٺڪ هئي.(3).
يونان ۽ روم جا علوم، گهڻي عرصي کان مصر، شام،
ايران ۽ سنڌ تائين پهچي چڪا هئا. بيزانطوم شهنشاهت
مان نسطوري پادرين تڙجي نڪري وڃڻ کان پوءِ عراق جي
شهر ايڊيسا ۾ وڃي هڪڙو مدرسو کوليو هو، جنهن جي
ذريعي يوناني علوم جي ايشيائي ملڪن ۾ اشاعت ٿيڻ
لڳي هئي.
وري جڏهن رومن قيصر، زينوايساري، ايڊيسا کي برباد
ڪري ڇڏيو، تڏهن نسطوري پادرين کي ساساني ڪسرائن
پنهنجي درٻار ۾ رکيو هو. تنهن کانپوءِ قيصر
جوسطنين، اٿينز ۽ سڪندريه جي مدرسن کي بند ڪرائي
ڇڏيو. اتي جي عيسائي علمائن به ايران ۾ اچي پناه
ورتي هئي؛ جن ارسطو، جالينوس ۽ علم نباتات جي ماهر
اورڊياگريڊس جي ڪتابن کي ان زماني جي مروج زبانن،
سرياني ۽ ڪلدانيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. فاتح عربن کي
شام ۽ ايران مان سرياني زبان جا ذخيرا هٿ لڳا هئا،
جن کي انهن عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايو هو،بلڪ لاطيني،
يوناني، قسطلي (سپئنش) زبانن جون لغتون به تصنيف
ڪيون هئائون، جي اڄ سوڌو يورپ جي ڪتبخانن ۾ موجود
آهن.(1)
سنه 486ع ۾ بابل جي پادريءَ ڪي نسطوري پادري
عيسائيت جي تبليغ ڪرڻ لاءِ ملبار ڏانهن روانا ڪيا
هئا.(1).
اسلام جي ظهور وقت ايران، فرغانه، بلوچستان ۽ سنڌ
۾ ديوليون قائم ڪيون ويون هيون. حضرت عثمان
ذوالنورين رضه جي زماني ۾، فرغانه فتح ٿيڻ وقت،
مرو جي پادريءَ شراز جي پادريءَ سائمن ڏانهن، جيڪو
خط لکيو هو، تنهن ۾ هن ڏيکاريو هو ته:
”زمين جي بادشاهي خدا عربن کي ڏني آهي؛ هو اسان جي
مذهب جي حفاظت ڪن ٿا ۽ اسان جي ديولين جي پاسباني
ڪرڻ کان سميت، عبادتخانن جو خرچ به ڏين ٿا.“(2)
عيسوي ڏهين صديءَ ڌاري، ابن حوقل پنهنجي سفرنامي ۾
ديولين جو ذڪر ڏنو آهي؛ ازان سواءِ سلطان محمود
غزنويءَ جي زماني ۾ ’فردوسيءَ جي هڪڙي شعر مان سنڌ
۾ ديولين جو ڏس ملي ٿو:
”چون در ملک سلطان که چرخش ستود،
بسي هست ترسا و گبر و يهود“.(3)
گپت خاندان:
گپت خاندان وارن، سنه 320ع کان 525ع تائين، حڪومت
ڪئي. هن خاندان جي بانيءَ چندر گپت پهرئين سنه
320ع کان سنه 335ع تائين حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ
سندس پٽ سمندر گپت اوڙيسا ۽ نيپال تائين خراج وصول
ڪيو. سنه 375ع ۾ سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ چندر
گپت ثاني گاديءَ تي ويٺو، جو عام طور ’وڪرماجيت‘
جي لقب سان مشهور آهي. سندس تختگاهه اُجين هو.
مالوه، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ تي سندس سڪو هلڻ لڳو. سندس
درٻار ۾ سنسڪرت جا پنڊت، جوتشي ۽ شاعر رهندا هئا،
جن مان ڪاليداس سنسڪرت جو وڏو عالم ۽ شاعر ٿي
گذريو. مهاڪوي ڪاليداس جا ناٽڪ – شڪنتلا، ميگهه
دوت، ڪمارسنڀور ۽ رگهو ونس، مشهور آهن.
وڪرماجيت جي درٻار جي نون رتنن مان ڌنوتري طب جو
ماهر هو، جوتشين مان براهمير شهرت حاصل ڪئي؛ شاعر
امر سنگهه ڪتاب ’امرڪوس‘ تصنيف ڪيو ۽ آريا ڀٽ
مشهور نجومي ٿي گذريو آهي. وڪرمي دؤر ۾، چيني سياح
فاهيان، سنه 405ع کان سنه 411ع تائين هندستان جي
سياحت ڪرڻ آيو هو. سندس سفرنامي مان گپتا خاندان
جو مفصل احوال ملي سگهي ٿو. گپت راجائون وشنومت جا
پوڄاري هئا. سندن حڪومت جي زماني ۾ برهمڻ زور وٺڻ
لڳا ۽ ٻڌمت ڪمزور ٿيڻ لڳو. ويدڪ ديوتائن جهڙوڪ:
آڪاس، اندر، ورنا، اما، اگني ۽ سورج بدران درگا ۽
گنيش ديوي ۽ ديوتا جي پرستش ٿيڻ لڳي. ويدڪ يگيه
بدران سمرتين جي پوڄا جون ترڪيبون ڄاري ٿيون.
ارڙهن پراڻن جي نئين سر ترتيب ٿي. عمارت سازي، بت
تراشي ۽ مصوريءَ جي فنن ترقي ڪئي. اجنتا جا مشهور
غار ان زماني جي مصوريءَ جا يادگار آهن. اتر
هندستان ۾ وڪرمي سنبت ۽ دکن ۾ ساليواهن سنبت ان
زماني ۾ جاري ٿيا. اجين علوم ۽ فنون توڙي تجارت ۾
گهڻي ترقي ڪئي. سندس واپار گجرات جي بندر چيمور
رستي ڏيساورن سان جاري هو.عرب فاتحن کي اجين مان
بيحد خزانو هٿ لڳو هو.
سٿين جون ڪاهون:
سفيد فام سٿين کي يورپ وارا ’هُن‘ ساڪ يا سائدين
به ڪوٺين ٿا. هن قوم مغلستان کان نڪري شام جي شهر
عسقلان ۽ يورپ تائين ڪاهون ڪيون(1).
سنه 455ع ۾ پهريائين سڪنده گپت کان شڪست کائي
موٽيا، پر پوءِ سنه 465ع ڌاري گپت راجا کي شڪست
ڏيئي، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ مالوه تي قبضي ڪرڻ
کان پوءِ، هندن سان رلي ملي ويا(2).
سندن راجائن مان مهر گل، جنهن سيالڪوٽ کي تختگاه
مقرر ڪيو هو، سو وڏو ظالم هو، تنهن ڪري مالوه جي
راجا يشوڌرمن ۽ مگڌ جي گپت راجا نرسنگهه گڏجي ان
کي ملتان جي جنگ ۾ شڪست ڏيئي، ڪشمير ڏانهن ڀڄائي
ڪڍيو. سنه 540ع ڌاري سٿين جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.
هرش جي حڪومت:
گپت خاندان جي زوال کان پوءِ اتر اولهندي هندستان
۾ گهڻيون ننڍيون رياستون قائم ٿيون. منجهانئن هرش،
سنه 620ع ۾ قنوج تي راڄ ڪرڻ لڳو. سندس زمانو سنڌ
جي اتهاس ۾ هڪ انقلابي عهد هو. انهيءَ زماني ۾
چندر ونسي خاندان جو يادو قبيلو دکن، راجپوتانا،
سنڌ، گجرات، ڪاٺياواڙ، بلوچستان، بلڪ قنڌار، ڪابل
۽ خراسان تائين ڇانئجي ويو. هرش ٻڌ جو پيرو هو ۽
وڏو عالم ۽ هنر پرور ٿي گذريو آهي. سندس تصنيفات
مان ’ناگانند‘، ’رتناولي‘ ۽ ’پريه درشڪا‘ جا ناٽڪ
مشهور آهن. سندس درٻار جي شاعرن مان ’بان‘ جا ڪتاب
’هرش‘ ۽ ’ڪادمبري‘ يادگار آهن. سندس ڏينهن ۾ مشهور
چيني سياح هوئن ٽسانگ، سنه 629ع کان سنه 634ع
تائين هندستان جي ٻڌ جي يادگارن جي ياترا ڪرڻ لاءِ
آيو هو. هرش سنه 647ع ۾ انتقال ڪيو.
ٻڌ ڌرم جو زوال:
راجا هرش، ٻڌمت جي ترقيءَ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي هئي،
مگر ٻڌ جا ڀڪشو، جي اڳ تارڪ الدنيا هئا، سي هينئر
عياش بنجي ويا هئا، سندن ڇڙواڳ روش ۽ آدرش کان
غفلت ڪرڻ ڪري ماڻهن جو منجهانئن اعتقاد گهٽجڻ لڳو
هو. ايتري قدر جو بنگال جي راجا ششانگ، ٻڌ جي گيا
واري متبرڪ وڻ کي پاڙئون پٽائي ڇڏيو. هرش کانپوءِ
راجپوتن زور ورتو، جي فطري جنگجو ۽ ڪالي ديويءَ
جا پوڄاري هئا ۽ ٻڌمت جا دشمن ثابت ٿيا.
راجپوت پاڻ کي راجائن جو اولاد سڏائين ٿا. برهمڻن
کين ’راجپتر‘ يعني راجائن جو اولاد سڏيو. اوائل ۾
راڄپوتن جا ٻه نسل هئا: پهريون، سورج ونسي ۽ ٻيو
چندر ونسي. وري جن کي پنهنجي حسب ۽ نسب جي خبر
ڪانه هئي، سي پاڻ کي آسمان، پاڻيءَ ۽ نانگ جي نسل
مان فخر سان سڏائڻ لڳا. سندن چار ٻيون ذاتيون هن
ريت هيون: (3) پرمار، (4) پرهار، (5) سولنڪي، (6)
چوهاڻ، جي پاڻ کي اگني ڪُل يعني باهه جي نسل مان
سڏائين ٿا. سورج ونسي ڪل مان چار شاخون آهن: 1-
گهلوت، 2- سيبويه، 3- ڪڇوا ۽ 4- راٺوڙ. چندر ونسي
نسل مان، يادو ڪل وارا اٺن شاخن ۾ آهن: 1- يادو،
2- ڀاٽي، 3- جاڙيجا، 4- سمتيجا، 5- مديجا، 6-
بدمن، 7- بدا ۽ 8- سوها. سندن وطن ’ماروسٿل‘
راجپوتانا آهي(1).
يادو دوارڪا جي راجا ڪرشن جو اولاد هئا. سنڌ جا
سما ۽ جاڙيجا ان نسل مان آهن. ابن خرداذبه، سنه
250هه ڌاري، هندن جي ستن ذاتين جو هن ريت بيان ڏنو
آهي: 1- شاکشتري (ڇتري)، جيڪي راجائون آهن ۽ ماڻهو
کين سجدو ڪن ٿا. 2- براهمه (برهمڻ)، جيڪي شراب پئڻ
کان پرهيز ڪن ٿا. 3- کستري (کتري)، جن مان برهمڻ
شاديون ڪن ٿا، 4- شودر (ڪڙمي)، 5- بيش (ويش) (ڪرت
وارا پورهيت)، 6- شندال (چنڊال) ۽ 7- ذنب (ڊوم)،
جيڪي ڳائين وڄائين ٿا ۽ سندن زالون خوبصورت آهن.
سندس بيان موجب، هندستان اندر 42 مذهبي فرقا رائج
هئا.(1)
راجپوت رياستون:
قنوج:
هرش کان پوءِ بنگال جي راجا ڌرمپال قنوج فتح ڪيو.
سنه 816ع ۾ گوجر قوم جي راجا، ناگ ڀٽ، قنوج فتح
ڪيو. گوجرن ٻن صدين تائين حڪومت ڪئي. سندن راجا
ڀوڄ مشهور ٿي گذريو، جنهن مگڌ فتح ڪيو هو. سندس
پوين مان راجا راجپا، جنهن غزنوي سلاطين جي سيادت
قبول ڪئي هئي، تنهن جي پنجاب تي حڪومت هئي. تنهن
کان پوءِ قنوج تي راٺوڙ ڪمبوجن قبضو ڪيو، جن مان
راجا جئچند پويون حاڪم هو، جنهن کي شهاب الدين
غوريءَ شڪست ڏني هئي(2).
دهلي:
گوجرن جي هڪڙي شاخ تنور هئي، جنهن دهليءَ تي حڪومت
ڪئي هئي؛ پوءِ اجمير جي چوهاڻ راجا بسلديو دهليءَ
تي قبضو ڪيو. عيسوي 12 صديءَ ڌاري پرٿوي راج مشهور
ٿي گذريو، جنهن جي درٻار ۾ چند بردائي هندي زبان
جو شاعر ٿي گذريو آهي. پٿوراءِ سلطان شهاب الدين
غوريءَ کان شڪست کاڌي ۽ پوءِ دهليءَ ۽ اجمير تي
مستقل طور مسلمانن جي حڪومت جو بنياد پيو.
مالوه:
مالوه تي پرمار راجپوتن جي حڪومت هئي، اجين ۽
ڌارنگري سندن تختگاه هئا. منجهانئن منج ۽ ڀوڄ
راجائون ٿي گذريا آهن. عيسوي 12 صديءَ ڌاري، چوهاڻ
راجائن هٿان سندن خاتمو ٿيو. سنڌ جا سومرا به
پرمار نسل مان آهن.
گجرات:
گپت کان پوءِ هرش گجرات تي قبضو ڪيو. عيسوي ڏهين
صديءَ ۾ مولراج سولنڪيءَ گجرات تي قبضو ڪيو. ڪمار
پال سولنڪيءَ جي زماني ۾ جين پنڊت، هيم چند جديد
هندي زبان جو بنياد رکيو. محمود غزنويءَ جي زماني
تائين سولنڪين جي حڪومت رهي. سنه 1243ع ڌاري
واگهيلن گجرات تي قبضو ڪيو، جن جو علاءُ الدين
خلجيءَ هٿان خاتمو ٿيو.
سنڌ:
سنڌ تي يادو ونسي راجا سامبس جي حڪومت هئي،
مينانگر سندس تختگاه هو. تنهن کان پوءِ سنه 450ع ۾
راءِ گهراڻي جي راجائن جي حڪومت سنڌ تي قائم ٿي؛
الور سندن تختگاه هو ۽ اروڙ ونسي به سڏبا هئا؛
تنهن کان پوءِ برهمڻ خاندان جي حڪومت قائم ٿي، جن
کان سنه 712ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي.
جوهر رسم:
راجپوتن ۾ ادنيٰ خاندانن ۽ اعليٰ خاندانن جي تفاوت
ڪري ۽ پڻ ٻڌن ۽ برهمڻن جي مخالفت ڪري پاڻ ۾
نااتفاقي پيل هئي. هندستان کان سواءِ کين ٻاهرينءَ
دنيا جي ڪا خبر ڪانه هئي. سندن جنگ جو طريقو پراڻي
زماني جو هو. هو جنگجو بهادر هئا ۽ هار کائڻ وقت
سمورا زالن ۽ ٻارن ٻچن سميت ’جوهر‘ رسم موجب جيئري
چکيا تي چڙهي پاڻ کي ساڙي ڀسم ڪندا هئا. راجپوتن
کان سواءِ، ٻين هندن کي ٻڌ ۽ جين جي آهنسا جي
اصولن سلامتي پسند بنائي ڇڏيو هو. جنگ جو ڪاروبار
فقط کترين جي ڪلهن تي هو، باقي عوام کي جنگين سان
ڪو تعلق ڪونه هو. ذات پات جي مت ڀيد ڪري منجهانئن
حب الوطني ۽ اتحاد جا خيال ميٽجي چڪا هئا. نجومين
۽ جوتشين جي فالن تي اعتبار ڪري انهن تي سختيءَ
سان عمل ڪندا هئا.
ساساني دؤر:
سنه 330 ق-م اربيلا جي جنگ ۾، دارا ثالث، سڪندر
يونانيءَ کان شڪست کاڌي ۽ ايران ۾ اشڪاني خاندان
جي شهنشاهت جو خاتمو ٿي ويو. سڪندر کان پوءِ اٽڪل
240 جماعتن ايران تي حڪومت ڪئي ۽ چئني طرف طوائف
الملوڪيءَ جو دؤر هو. اردشير بابڪ، سنه 226ع ۾
اردوان، اصفهان ۽ فارس تي قبضو ڪيو. هو اصطخر جي
آتشڪدي جو محافظ هو. ساسان، جو بهمن ۽ دارا ابن
دارا جي پيڙهيءَ مان هو، تنهن کي بابڪ ڌيءَ ڏني،
جنهن مان اردشير ڄائو. هن 14 ورهيه حڪومت ڪئي.
مٿئين قليل عرصي اندر هن سڄو ايران فتح ڪيو.(1).
سندس پٽ شاپور، جنهن کي عرب مفرخ ’ذوالاڪتاف‘ جي
لقب سان لکن ٿا، تنهن عرب جي قبيلن مان تميم، بڪر،
عبد قيس قبيلن کي جلاوطن ڪري، منجهانئن ڪيترن کي
ڪلهن ۾ سوراخ ڪرائي نوڙين سان ٻڌرايو هو. کانئس
پوءِ روم، صغد ۽ سنڌ تي بهرام گورڪاهون ڪيون.
ساسانين مان نوشيروان بن قباد سنه 531ع کان سنه
579ع تائين حڪومت ڪئي. هن مدائن (طيسفون) جو نئون
تختگاه هاڻوڪي بغداد ويجهو تعمير ڪرايو. يوناني ۽
پارٿين جي ڪاهُن ڪري، جن جي آتشڪدن جي رک اڏامي
ويئي هئي ۽ سرد پئجي ويا هئا، تن کي هن نئين سر
تعمير ڪرايو. زند ۽ پازند جا ورق جيڪي چئن سؤ سالن
جي غارتگريءَ ڪري پريشان ٿي چڪا هئا، سي هن گڏ
ڪرايا(1).
جاٽ ۽ بلوچ جيڪي گهڻي عرصي کان ايراني لشڪر ۾ نوڪر
هئا ۽ يونان تائين ايران پاران لڙيا هئا، تن ايلم
وارن سان گڏجي بغاوت ڪئي(2).
سنڌ به نوشيروان جي سلطنت جو حصو هو.
حضور سرور ڪونين جن جي ولادت مبارڪ:
20 اپريل سنه 571ع، وڪرمي سنبت پهرين ڄيٺ 628 ۾
پيغمبر آخرالزمان رحمت للعالمين حضرت محمد بن
عبدالله ﷺ جن مڪي معظمه ۾ عالم دنيا ۾ جلوه گر
ٿيا. ڪسريٰ جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڪري پيا ۽ ظهور قدسيءَ
ڪري آتشڪدا سرد پئجي ويا. دنيا کي ان معجزي ڪري
خبر پئجي ويئي ته پيغمبر آخرالزمان شهنشاه عرب ۽
عجم پيدا ٿيو آهي.(3)
نوشيروان جي شهنشاهت چئن حصن ۾ ورهايل هئي،
اولهندي ۾ مصر جو بندر سڪندريه شام ۾ حلب، انطاڪيه
۽ قبرس ٻيٽ درفش ڪيانيءَ هيٺ هئا؛ اوڀرندي ۾ سنڌ ۽
گجرات آمو درياءَ تائين سندس حدون هيون. نوشيروان
يمن کي ديلمي لشڪر سان آزاد ڪرائي، اتي جي تبابعه
حاڪمن مان سيف ابن ذي يزن کي پنهنجي طرفان حاڪم
مقرر ڪيو هو. حضور ﷺ جن جي بعثت وقت مشرقي
بيزانطوم شهنشاهت هيٺ شام جو حصو، فلسطين، مصر ۽
آفريقا جو اتر وارو ڪنارو هو. ٻنهي شهنشاهتن جي وچ
۾ جنگين جو سلسلو جاري هو.
|