باب ٻيو
راءِ گهراڻو:
ايوڌيا جي سورج ونسي خاندان جي راجائن جي راجائن
مان، رامچندر جي اولاد مان، راجا بليڪا جي پٽن
يارهن سؤ ورهيه ق-م الور تي حڪومت قائم ڪئي هئي(1).
تنهن کان پوءِ چندر ونسي راجائن دکن کان وٺي
گجرات، سنڌ، بلوچستان، زابلستان ۽ ڪابل تائين
حڪومتون کڙيون ڪيون. هستناپور کان وڍي اولهندي
هندستان تائين جن راجائن حڪومتون قائم ڪيون تن جي
خاندانن جو تفصيل هن ريت آهي:
1- آنو، جن جي پنجاب تي حڪومت هئي، 2- پارواز، جن
جي اتر اولهه هندستان تي حڪومت هئي، 3- دروهي،
جيڪي اتر اولهندي هندستان واريءَ ڪنڊ تي حڪومت
ڪندا هئا، 4- يادو، جن جي گجرات، سنڌ ۽ اولهندي
هندستان ۾ مڪران تائين حڪومت هئي ۽ 5- ترواسو، جن
جي هستناپور تي حڪومت هئي.
(2)
يادو جيڪي سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا، تن جو لقب
’راءِ‘ هو، جيڪي ڪابل ۽ زابلستان تي حڪومت ڪندا
هئا، تن جو لقب ’راءِ‘ هو، جيڪي ڪابل ۽ زابلستان
تي حڪومت ڪندا هئا، تن جو لقب ’رتبيل‘ هو؛ وري
جيڪي مڪران تي حڪومت ڪندا هئا، تن جو لقب ’راسل‘
هو.(1)
منجهانئن رتبيلن سنه 860ع تائين عربن سان جنگيون
جوٽيون هيون(2)،
سنڌ جي يادو حڪومت جو پايو وجهندڙ ’سمابا‘ هو، جو
دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻيءَ جامبوتيءَ جو
وڏو پٽ هو. هيءَ سلطنت، جنهن جون حدون زابلستان
پريان هيلمند تائين هيون، سنڌ سمه‘ سڏبي هئي. سندس
تختگاه مينانگر يا سمانگر به سڏبو هو. سامبس سندس
اولاد مان هو، جو فاتح سڪندر سان لڙيو هو(3).
يادو حڪمراني ڪرڻ کان سواءِ، مذهبي پيشوا به هئا،
ان ڪري سندن گهڻي مڃتا ٿيندي هئي. راءِ گهراڻي جي
ڪل پنجن راجائن، سنه 450ع کان سنه 662ع تائين الور
۽ سنڌ تي حڪومت ڪئي:
1- راءِ ديواجي، 2- راءِ سهارس پهريون، 3- راءِ
سهاسي پهريون، 4- راءِ سهارس ٻيون ۽ 5- راءِ سهاسي
ٻيون. سندن مائٽي قلات جي سيوا راجائن ۽ راجپوتانا
جي راجائن سان هئي ۽ ٻڌَ جا پوڄاري هئا. سندن
حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار ۽ هيلمند
تائين، اولهندي ۾ ڪرمان جي وادي نورمنشور تائين،
ڏکڻ ۾ سورت ۽ اوڀر ۾ چتور ڳڙه به سندن ماتحت هو.
هن سلطنت اندر اُچ، ماٿيلو، سيوراءِ، مائو،
سيوستان، نيرن ڪوٽ، الور، برهمڻ آباد ۽ ديوَل
مشهور قلعا هئا. سندن پاران چار نائب ’ملڪ‘ جي لقب
سان حڪومت جي صوبن تي مامور هئا.(1)
سنڌ جا شهر:
سنڌ جو پهريون نقشو نه 340هه ڌاري ابوا سحاق
ابراهيم بن محمد اصطخريءَ پنهنجي ڪتاب: ’المسالڪ و
الممالڪ‘ ۾ ڏنو آهي، جو سنه 1870ع ۾ ليڊن مان شايع
ٿيو. کانئس پوءِ سنڌ ۽ گجرات جو نقشو ابن حوقل
بغداديءَ سنه 343هه (سنه 942ع) ۾ تيار ڪيو هو.
مٿيان نقشا جيتوڻيڪ غلط سلط آهن، پر سنڌ جا پهرينا
نقشا آهن. مٿين نقشن کان سواءِ ابن خردازبه سنه
250هه مطابق عيسوي 9 صديءَ ۾ بلوچستان کان وٺي
گجرات تائين شهرن جا نالا ڪجهه بطليموس جي نقشي
تان ۽ ڪجهه پنهنجي ذاتي تجربي جي بنا تي ڏنا آهن،
جيڪي نالا هيٺ ڏجن ٿا:
قيقان، بنه، مڪران، ميد، قنڌار، قصدار (خضدار)،
بوقان (مڪران)، قندابيل، قنزپور (پنجگور)،
ارمابيل، (لس ٻيلو)، ديبل، قنبلي، کنباياد، کمڀايت
(کنڀات)، سهبان، سدوسان، راسڪ، رور (الور)،
ساوندي، ملتان، منڊل، بيلمان، شرشت، ڪيرج، مرمد،
ڪالي، دهنج ۽ بروص (ڀڙوچ). انهن شهرن مان ڪيترا هن
وقت به موجود آهن ۽ ڪي زمانن جي انقلابن ڪري معدوم
ٿي ويا آهن، ايتري در جو سندن جاءِ وقوع جي به خبر
ڪانه ٿي پوي. ابن خردازبه مٿين شهرن جي مفاصلن تي
به روشني وڌي آهي.(1)
تختگاه الور:
الور، سنڌ جي قديم تختگاه، روهڙيءَ کان ستن ميلن
جي مفاصلي تي، مهراڻ جي هڪڙيءَ شاخ جي اولهندي ڪپ
تي، هڪ وسيع شهر هو، جو قدامت جي لحاظ کان آرياورت
جي قديم شهرن هستناپور، اندر پرسا (دهلي) ۽
پتاليپترا (پاٽنا) جو ثاني هو. يوناني جاگرافي
دانن مٿس ’موسيڪانوس‘ نالو رکيو هو. سندس ڀروارين
ٽڪرين ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. هوئن
ٽسانگ شهر کي ’پيشان پوپولو‘ ۽ جنرل اليگزينڊر
ڪننگهام ’رور پورا‘ (رورانگر) جي نالن سان لکن ٿا.(2).
هن شهر کي چؤطرف مضبوط عالم پناه ڏنل هئي ۽ باغات
۽ محلاتن ڪري مشهور هو. شهر جي وچ ۾ ٻڌ جو مشهور
مندر هو. عرب سياح ۽ جاگرافي دان پنهنجي پنهنجي
لهجي ۾ هن شهر جا جدا جدا نالا لکن ٿا؛ مثلا:
مسعودي، جنهن هن شهر کي 942ع ۾ مهراڻ جي اوڀرندي
واريءَ شاخ تي ڏٺو هو، سو ’الرور‘ لکي ٿو. ابن
خردازبه سنه 250هه ڌاري ’رور‘ سڏيس ٿو؛ ابن حوقل
واري نقشي ۾ سندس نالو ’الرور‘ ڏنل آهي، سيوطي
پنهنجي ڪتاب ’مراصدالاطلاع‘ ۾ هن کي اهو ساڳيو
نالو ڏنو آهي، شريف ادريسي، مشهور جاگرافي دان،
سنه 560هه (1165ع) ۾ الور کي ’رور‘ لکي ٿو. هن شهر
جو هندي نالو ’اروڙ‘ آهي. ڇاڪاڻ جو هتي جا راجائون
اروڙ ونسي خاندان مان هئا. مهراڻ جي شاخ جي مٽجڻ
کان پوءِ، هي شهر، جو ڪنهن وقت واپار ڪري ديسان
ديس مشهور هو، تنهن جو اقبال مٽجي ويو، سندس کنڊر
اڄ خاموسيءَ سان عبرت وٺڻ لاءِ اشارو ڪري رهيا
آهن.
راءِ سهارس ثاني:
اسلام جي ڪاهه وقت ٻڌ وارن جو زور ٽٽي ويو هو.
مالوه، اُجين، چتور، گجرات، ڪڇ ۽ سنڌ جا راجائون،
جن مان ڪي کتري ۽ ڪي برهمڻ هئا، تن جي ٻڌ وارن سان
دشمني هئي. سنڌ جي راءِ گهراڻي جي راجائن جي،
مسئلي نيمروز متعلق، ايران جي ساساني ڪسرائن سان
سياسي ڇڪتاڻ لڳل هئي. راءِ سهارس ثانيءَ جي ڏينهن
۾ نيمروز جي ايراني عامل امڪران تي ڪاهه ڪئي هئي،
جنهن ڪري راءِ سهارس ثانيءَ قسطنطنيه جي قيصر سان
ايرانين خلاف دوستانو ناتو ڳنڍيو هو.
سنه 628ع ۾ قيصر هرقل، ايرانين کي نينويٰ جي معرڪي
۾ شڪست ڏيئي، مدائن جي ديوارين هيٺان پهتو هو.
ايرانين جي شڪست جي خوشي ملهائڻ لاءِ قسطنطنيه جي
درٻار ۾ وڏو جشن برپا ٿيو هو؛ ان موقعي تي راءِ
سهارس جي سفير قيصر کي مبارڪباد پيش ڪئي هئي(1).
نيمروز ۾ جنگين جو سلسلو جاري رهيو، جن ۾ راءِ
سهارس ثاني وڙهندي مارجي ويو.
سهاسي ثاني:
سهارس ثانيءَ کان پوءِ سهاسي ثاني الور جي گاديءَ
تي ويٺو. حڪومت جو مذهب ٻڌ ڌرم هو، پر ڪمزوريءَ
ڪري ڇڄي ان جا پوئلڳ گهڻن ئي فرقن ۾ ورهائجي ويا
هئا. برهمڻ سڄي هندستان اندر ٻڌ وارن جي مخالفت
ڪرڻ ۾ رڌل هئا. سنڌ جي حڪومت جي گهڻن ئي کاتن تي
برهمڻ مامور هئا، جن جي اندروني پاڻ ۾ ٻڌي هئي.
راءِ سهاسي ثاني جبرو حاڪم ٿي گذريو آهي. جهالاوان
تي قبضي ڪرڻ کان سواءِ، لوهاڻن، لاکن، سمن، جاٽن،
ڪردن ۽ ميڊ قومن سندس آڻ مڃي هئي(2).
سندس وزير، رام، چچ بن سيلائج نالي هڪڙي برهمڻ
نوجوان کي پاڻ وٽ محرر ڪري رکيو هو. سيلائج وڏو
پنڊت هو ۽ سندس پٽ چچ کي چارئي ويد برزبان ياد
هئا. رفتي رفتي وزير رام جي غير حاضريءَ ۾ چچ
سرڪاري ڪاغذ شاهي محلات تائين راجا اڳيان پيش ڪرڻ
لڳو. سهاسيءَ جي راڻي، شوڀاديوي (سهندي)، هڪڙي
دفعي نوجوان برهمڻ منشيءَ جي جادوبيانيءَ ۽ حسن کي
ڏسي دل جو دل ۾ مٿس موهت ٿي پئي. راز و نياز جون
ڳالهيون وڃي دوستيءَ ۽ شاديءَ ڪرڻ جي وعدي جي منزل
کي پهتيون. ٻين کاتن جا برهمڻ عملدار به هن راز ۾
چچ سان شريڪ حال هئا. سهاسي ثانيءَ جو موت به هن
خفيه يارانيءَ جو نتيجو هو. سنه 632ع ۾ راجا جي
مئي کان پوءِ راڻيءَ جي مدد سان چچ گاديءَ تي ويٺو
۽ بيوه راڻيءَ سان شادي ڪيائين(1).
راءِ گهراڻي جي حڪومت جو سنڌ ۾ خاتمو ٿيو ۽ برهمڻ
گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو.
برهمڻ گهراڻو:
برهمڻ گهراڻي جي راجائن سنه 632ع کان سنه 712ع
تائين اٽڪل اسي ورهيه حڪومت ڪئي. جملي ڇهن راجائن
حڪومت ڪئي، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1- چچ سنه 632ع کان سنه
666ع تائين
2- چندر سنه 666ع کان
سنه 669ع تائين
3- ڏاهر ۽ ڌارج سنه 669ع کان
سنه 670ع تائين
4- ڏهر سنه 670ع کان
سنه 700ع تائين
5- ڏهر سياه
۽ سنه 700ع کان سنه
712ع تائين
6- ڏاهر
چچ بن سيلائج:
چچ، جنهن حرفت سان تخت هٿ ڪيو هو، سا ڳالهه راءِ
گهراڻي جي مائٽن کي نه وڻي. چتور جو راڻو مهرت
انتقام وٺڻ لاءِ وڏي لشڪر سان الور تي ڪاهي آيو،
پر چچ هٿان مارجي ويو. جنگ کان فارغ ٿيڻ بعد، چچ
پنهنجي ڀاءُ چندر کي الور مٿان نائب مقرر ڪري،
پنهنجي وزير ٻڌيمن کي حڪومت جي ڪاروبار متعلق
ضروري هدايتون ڏيئي، پاڻ سلطنت جي اتر واري حصي جي
دؤري ڪرڻ لاءِ نڪتو.
پنجاب تي راءِ سهاسيءَ جا مائٽ حڪومت ڪندا هئا، جن
کي چچ هڪ ٻئي پٺيان ماري مڃايو. بياس نديءَ واري
قلعي ببيا کي فتح ڪري، اتي جي راجا چتيسر کي
مارائي، هن اسڪلنده (اُچ) جو قلعو فتح ڪيو. اچ مان
فارغ ٿيڻ کان پوءِ چچ سڪه جي راجا سوهيول کي شڪست
ڏئي ملتان ڏانهن وڌيو. هتي جو راجا بجهيراءِ هاٿين
جي دستي سان مقابلو ڪريڻ لاءِ نڪتو، پر پوءِ امان
گهري ملتان ڇڏي ڀڄي ويو. ملتان فتح ڪرڻ کان پوءِ
برهماپور، ڪروڙ، اشهار ۽ شاهڪلا جي راجائن کي ڪابل
تائين مات ڪري، ڪشمير جي سرحد تي ديار جا وڻ
پوکرائي، چچ الور ڏانهن موٽيو.
ڪجهه وقت الور ۾ آرام وٺڻ کان پوءِ لشڪر ۽ سامان
گڏ ڪري، هي اورچ ۽ سمجهدار راجا ڏکڻ اولهندي طرف
ڪاهي ويو. اتي سيوستان جي راجا متو ۽ ٻڌيا
(ٻڌاپور) جي حاڪمن سندن آڻ مڃي. فقط برهمڻ آباد جي
راجا اگهم لوهاڻي مقابلي لاءِ تياري ڪئي، پر هو ان
وچ ۾ مري ويو. هتي جي ٻڌنوڌار جي مندر جي وڏي پنڊت
ٻڌرڪوءَ، چچ کي بشارت ڏني ته هو سڄو ملڪ فتح ڪندو.
ستت ئي اگهم جو پٽ سريند اچي سندس پيش پيو. چچ
سريند جي بيوه ماءُ کي نڪاح ۾ آڻي، پنهنجي ڀائٽي
جي ڌيءُ ڌرسيا، سريند کي شادي ڪرائي. فارغ ٿيڻ کان
پوءِ، جاٽن ۽ لوهاڻن تي سخت پابنديون وجهي
مڪرانپهتو. ارمن بيل کي زير ڪرڻ کان پوءِ قنزپور
(پنجگور) جي قلعي کي نئين سر تعمير ڪرائي، مڪران
جي سرحد ڪرمان وٽ کجور جا وڻ پوکرائي پوءِ
جهالاوان ۽ سراوان کان ٿيندو، ڪڇيءَ پهتو. اتي جي
ڪردن سندس آڻ مڃي، چچ مٿن هڪ لک درهم ۽ هڪ سؤ
گهوڙا ساليانو خراج مقرر ڪري، الور ڏانهن موٽيو،
جتي آخري دم تائين وڏي دٻدٻي ۽ شان سان حڪومت ڪندو
رهيو. سندس حڪومت جملي چاليهه ورهيه قائم رهي.
چندر:
چچ کان پوءِ سيلائج جو ٻيو پٽ، چندر گاديءَ تي
ويٺو، جو وڏ تپسوي هو. هن ٻڌ ڌرم کي زور وٺايو.
سيوهڻ جو راجا متو سندس خلاف قنوج جي راجا سيهرس
کان مدد گهرڻ ويو. ڪشمير جو راجا رمل چچ جو ڏوهٽو
به، دشمن سان مددگار ٿي بيٺو، مگر چندر پنهنجي
سلطنت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. حڪومت جي اٺين سال
چندر مري ويو. الور جي گاديءَ تي پوءِ چچ جو ننڍو
پٽ ڏاهر ويٺو ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏهرسين کي برهمڻ
آباد تي مقرر ڪيائين.
ساساني شهنشاهت جي ڪمزوري:
حضور ﷺ جن ايران جي ڪسريٰ خسرو پرويز کي اسلام جو
دعوت نامو موڪليو هو، پر هن مغروريءَ سان ڦاڙي ڦٽو
ڪيو. اڳتي هلي هو پنهنجي پٽ هٿان مارجي ويو ۽ سندس
اهڙيءَ ريت قتل ٿيڻ کان پوءِ عظيم الشان سلطنت
اندر بادشاهه گردي پيدا ٿي ۽ ان جي ابتريءَ جو دؤر
شروع ٿيو. خسرو جي پٽ شيرويه فقط اٺ مهينا حڪومت
ڪئي، هن پنهنجي خاندان جي 15 شهزادن کي مارائي
ڇڏيو. کانئس پوءِ سندس پٽ اردشير ستن ورهين جي عمر
۾ تخت تي ويٺو، پر ڏيڍ سال گذرڻ بعد، حڪومت جي
اراڪين جوان شير کي تخت تي ورهايو. جو قضا الاهي
هڪ سال اندر مري ويو. درٻارين پرويز جي ڌيءُ بوران
دخت کي تخت تي ٿاڦيو(1)
جنهن تي شاهي خاندنا ۾ ڏڦيڙ پوڻ ڪري درٻارين وري
يزدگرد کي تخت تي آندو، جو ان وقت فقط 16 ورهين جو
هو. يزدگرد جي تخت تي ويهڻ وقت، خلافت صديقيءَ جو
زمانو هو، جڏهن سنه 11 هجري (سنه 632ع) ۾ اسلامي
لشڪر ايران کي شڪست ڏيئي، حيراه ۽ عراق جي ڪن حصن
تي قبضو ڪيو هو. تڏهن مٿينءَ ابتريءَ مان چچ بن
سيلائج به فائدو وٺي، دشت ندي ٽپي، سنه 635ع ۾
ڪرمان تي ڪاهه ڪئي هئي، مگر ايراني سلطنت اڃا
مضبوط هئي، وٽس لشڪر ۽ خزانن جي ڪابه ڪمي ڪانه
هئي، فقط قوم مان اخلاق محاسن فنا ٿي ويا هئا ۽ چچ
ڪرمان تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو هو.
ڏاهر:
ڏاهر گاديءَ تي ويهڻ کانپوءِ ڪجهه وقت سلطنت جو
دؤرو ڪري، مڪران جي سرحد کي مضبوط بنائي، الور
ڏانهن موٽيو. ان وچ ۾ نجومين کيس خبر ڏني ته جيڪو
سند ڀيڻ ٻائيءَ سان شادي ڪندو، سو سڄيءَ سنڌ جو
مالڪ ٿيندو. مٿين خبر ٻڌي، هو شش و پنج ۾ پئجي
ويو، آخر پنڊتن کي گهرائي ساڻن صلاح ۽ مشوري بعد
هن رسمي طور ڀيڻ سان شادي ڪئي. ڏهرسين ڀيڻ جو سڱ
رامل راجا جي پٽ سوهن کي ڏيڻو ڪيو هو، سو مٿين خبر
ٻڌي ڏاهر تي غصي ٿيو.
يوم قادسيه:
سنه 13 هجريءَ ڌاري حضرت ابوبڪر صديق رضه جي وفات
کان پوءِ حضرت عمر الفاروق رضه خلافت تي ويٺو.
ايران سان جنگ جو جيڪو سلسلو جاري هو، سو قائم
رهيو. سنه 14هه (635ع) ۾ حضرت سعد بن ابي وقاص رضه
ڪسريٰ يزدگرد بن پرويز جي فوجن کي قادسيه جي معرڪي
۾ شڪست ڏيئي، مدائن فتح ڪيو. صدين جا گڏ ٿيل خزانا
عرب لشڪر کي هٿ لڳا.
جنگ جلولا ۽ بلوچن جي بغاوت:
جنگ قادسيه کان پوءِ، بلوچن جي سپهه سالار ’سياهه
سوار‘ کي، جيڪو يزدگرد جي محافظ فوج مٿان هو، پڪ
ٿي ته ايراني هرگز عربن کان کٽي ڪين سگهندا، تنهن
ڪري هو بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري اسلامي لشڪر سان
وڃي شامل ٿيو. ورهين کان بلوچن ۽ زط (جاٽ) قبيلن
ايراني لشڪر ۾ ڀرتي ٿي، يونان تائين، درفش
ڪايانيءَ هيٺ جنگيون جوٽيون هيون، سي هينئر ايراني
فوجن کان ڇڄي عربن جا طرفدار ٿي بيٺا(1).
سنه 16هه (637ع) ۾ هشام بن عتبه، جلولا جي جنگ ۾
ايرانين کي شڪست فاش ڏيئي، آرمينيا، آذربائيجان،
خراسان، سيستان، ڪرمان ۽ مڪران تي قبضو ڪيو. زط
(جاٽ)، بلوچ، اسواره، سيايحته، اندغار قومن اسلام
اختيار ڪيو. مٿينءَ شڪست کان پوءِ يزدگرد سانده
اَٺن سالن تائين خاقان چين کان مدد وٺڻ جي اميد ۾
خراسان ۾ دربدر ڀٽڪندو رهيو. آخر 23 آگسٽ سنه 651ع
۾ حضرت عثمان رضه جي زماني ۾ مرو جي هڪڙي جانڊاهي
سندس قيمتي پوشاڪ هٿ ڪرڻ جي ارادي سان کيس قتل ڪري
سندس لاش درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. ساساني شهنشاهت جو
صفحهءِ هستي تان نالو ۽ نشان مٽجي ويو(2).
قومن جي ترقيءَ ۽ زوال جو هيءُ هڪ عجيب مثال آهي.
پارسين جو سنڌ ۽ گجرات پهچڻ:
ايران تي اسلام جي قبضي کان پوءِ پارسين جا پنج
ڪٽنب، ميد جهازرانن جي مدد سان مڪران جي بندر جسڪ
کان ڪي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وارد ٿيا؛ جتي پوءِ سندن
آتشڪدا، عيسوي 12 صدي تائين قائم رهيا؛ باقي گجرات
پهچي اتي جي نوساري نديءَ تي بيٺڪ جوڙي ويٺا. سندن
پهريون آتشڪدو گجرات ۾ سنه 721ع ۾ تعمير ٿيو.
هندستان جي پارسين جي تاريخ ’قصهءِ سنجان‘ هڪڙي
پارسي ملا ڪيقباد سنجانا سنه 1600ع ۾ تصنيف ڪئي
هئي، جنهن جو انگريزي ترجمو بعد ۾ رايل ايشياٽڪ
سوسائٽي، بمبئي، شايع ڪرايو هو(3).
عربن جون هندستان تي ڪاهون:
حضور پاڪ ﷺ جن جي معجزي ’شق القمر‘ کي، ڪئليڪٽ جي
راجا سامري (زئمورن) ۽ قنوج جي راجا ڀوڄ ڏٺو هو.
سامري، پيغمبر آخرالزمان ﷺ جن جي زيارت ڪرڻ جي
ارادي سان تخت ۽ تاج پنهنجي وليعهد کي سپرد ڪري
حجاز ڏانهن روانو ٿيو، پر واٽ تي يمن وت وفات
ڪيائين. راجا ڀوڄ نجومين کان معجزي جو حال پڇيو،
جن ان کي شهنشاه عرب و عجم جي ظهور جي خبر ڏني
هئي. اسلام جي ڪاهُن کان اڳ ظهور قدسيءَ جي نور جا
ڪرڻا سرزمين هند تائين پهتا.(1)
اهڙيءَ طرح سرانديپ جي رهاڪن پيغمبر اسلام جي بعثت
جو احوال ٻڌي هڪڙو وفد مديني منوره ڏانهن روانو
ڪيو هو؛ ان وقت حضرت عمر رضه جي خلافت جو زمانو
هو. وفد اميرالمومنين سان ملاقات ڪري، حضور رسالت
مآب ﷺ جا حالات دريافت ڪيا. حضرت عمر رضه کين
تفصيلوار بيان ڏنو . حجاز کان موٽندي، وفد جي
اڳواڻ مڪران جي ڪناري تان لنگهندي، وفات ڪئي؛ سندس
نوڪرن ۽ ساٿين سرانديپ وارن وٽ حالات بيان ڪيا. ان
واقعي کان پوءِ سرانديپ جا رهواسي مسلمانن سان
محبت سان پيش اچڻ لڳا.(2)
پهرين ڪاهه:
حضرت عمر رضه سامونڊي ڪاهُن جي خلاف هو، مگر جنهن
صورت ۾ عربن جو واپار هندستان سان هزارين ورهين
کان جاري هو، ان ڪري واپار جي حفاظت لاءِ بحرين جي
عامل عثمان بن ابي عاصي ثقفيءَ پنهنجي ڀاءُ حڪم کي
جهازن جي دستي سان سنڌ جي بندر ٿاڻي ڏانهن موڪليو.
جيتوڻيڪ ان ۾ مسلمان ڪامياب ٿيا، مگر حضرت عمر رضه
عثمان کي لکيو: ”قسم آهي خداي لايزال جو، جيڪڏهن
هي مسلمان ڪنهن آفت جو شڪار ٿين ها، ته هنن جو
عيوضو آءٌ تنهنجي قوم کان وٺان ها!“
ٻيو حملو:
خليفة المسلمين جي سختيءَ هوندي به عثمان ثقفي
پنهنجي ارادي کان باز نه آيو. هن پنهنجي ڀاءُ
مغيره کي جهازن جي دستي سان ديبل ڏانهن مُڪو. ’چچ
نامه‘ جي بيان موجب، مغيره ديبل جي حاڪم ساميا بن
ديوائج سان وڙهندي شهيد ٿيو.
ٽيون حملو:
عثمان ثقفيءَ جي ڀاءُ حڪم ٻيو گهمرو گجرات جي بندر
ڀڙوج (بروص) تي ڪاهه ڪئي هئي(1).
چوٿون حملو:
سنه 38هه ڌاري خلافت حيدريءَ جي زماني ۾ حارث بن
مره عبدي ڪوڪن جي ڪناري تي، ٿاڻي تي سامونڊي حملو
ڪيو ۽ لاتعداد قيدي هٿ ڪري سلامتيءَ سان موٽيو.
بلاذريءَ جو بيان آهي ته هرهڪ مجاهد کي مال غنيمت
جي حصي ۾ سؤ سؤ غلام هٿ آيا هئا(2).
سامونڊي حملن کان سواءِ عربن خشڪيءَ جي رستي به
سنڌ تي حملا ڪيا.
سنڌ جي راجا جي اسلامي سلطنت سان ڇيڙڇاڙ:
حضرت عثمان رضه جي ڏينهن ۾، چچ اسلامي سلطنت سان
ڇيڙڇاڙ ڪرڻ لڳو. اميرالمومنين عثمان رضه مڪران جي
والي عبدالرحمان بن ثمره کي فسادن روڪڻ لاءِ حڪم
جاري ڪيو. ٻيو گهمرو وري چچ جي چرچ تي مڪران جي
سرحد تي وڏو فساد ٿيو، مگر ڪرمان جي حاڪم حارث بن
عامر، سنه 38هه ۾ ويهن هزارن فسادين کي روڪڻ ۽
دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
راشد بن عمر جو شهيد ٿيڻ:
سنه 42هه ۾، راشد بن عمر چئن هزارن فوجين سان
مڪران جي سرحد تي نگراني ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو. چچ
هڪڙي ڀيري هڪ پهاڙي دري (لڪ) کان ڏهن هزارن فوجن
سان اوچتو اسلامي ڇانوڻيءَ تي ڪاهه ڪئي؛ مٿين مهم
۾ هو ڪامياب ٿي نه سگهيو ۽ سندس اٺ هزار فوجي،
مجاهدن هٿان شهيد ٿيا، مگر راشد بن عمر وڙهندي
شهيد ٿيو. سنه 52هه ۾ چچ جي مئي کان پوءِ، سندس
ڀاءُ ندر سنه 60هه تائين حڪومت ڪئي. مٿين اَٺن
سالن اندر، هن اسلامي سلطنت سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪانه
ڪئي، مگر چندر جي مرڻ کان پوءِ ڏاهر سنڌ جو حاڪم
ٿيو، جو هٺيلو، متعصب ۽ لالچي هو. هو چچ جي پاليسي
اختيار ڪري مڪران ۾ فسادن جي باه ڀڙڪائڻ لڳو،
حالانڪ مڪران کان سواءِ سنه 38هه ۾، خلافت حيدريءَ
جي زماني ۾ تغار بن صغير ۽ حارث بن مره عبديءَ،
ويهه هزار باغين کي سڪست ڏيئي، قيقان (جهالاوان)
تي اسلامي جهنڊي کي کوڙيو هو، جنهن جون حدون سنڌ
سان لاڳو هيون.
فتح قيقان:
سنه 39هه (سنه 659ع) تائين حارث بن عبديءَ حضرت
علي المرتضيٰ رضه جي حڪم سان، سرحد جو ڪاميابيءَ
سان انتظام رکيو. سنه 44هه (سنه 664ع) ۾ امير
معاويه بن ابوسفيان جي دمشق جي تخت تي ويهڻ وقت،
سيستان، ڪرمان ۽ قيقان ۾ فساد ٿيا. سنه 42هه ۾
حارث عبدي قيقان جي باغين سان وڙهندي شهيد ٿيو.
خليفي معاويه بصري جي ولايت جون واڳون عبدالله بن
عامر جي حوالي ڪيون، جنهن مهلب کي سرحد جي
نگرانيءَ تي مقرر ڪيو. هن سنڌ جي اتر وارن ضلعن تي
حملا ڪرڻ شروع ڪيا.
عبدالله بن سوار جو شهيد ٿيڻ:
عبدالله بن عامر، عبدالله بن سوار عبديءَ کي قيقان
ڏانهن مڪو، جنهن قيقان ۾ اچڻ سان زلزلو مچائي ڏنو.
هو فسادين کي مات ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيوپر پنهنجن
جانباز رفيقن سان جهاد ڪندي شهيد ٿي ويو. هي شخص
وڏو فياض هو. هڪڙو شاعر هيٺين لفظن ۾ سندس تعريف
ڪري ٿو:
و اب سوار عليٰ عدانة
موقدالنار و قتال السغب.(1)
(ابن شوار، جو فوج ڪشيءَ جي وقت هميشه پنهنجو
باورچيخانو گرم رکندو هو ۽ بکين کي ترار جي منهن ۾
ڏيندو هو. يعني فوج کي ڍاول رکندو هو ۽ دشمن بکيا
هوندا هئا.)
مهلب جا ڪارناما:
مهلب ڪابل ۽ پشاور جي درن کان نڪري، سرهند ۽ لاهور
تي سخت حملو ڪيو يا ائين چوڻ درست ٿيندو ته ڪابل ۽
ملتان جي وچ واري علائقي تي هو حملا ڪندو رهيو.
دشمنن وجهه وٺي ساڻس قندابيل جي شهر وٽ مقابلو
ڪيو، پر مهلب نهايت جانبازيءَ سان کين شڪست ڏئي،
مال غنيمت هٿ ڪيو.
گهوڙن جا پڇ ڪترائڻ:
ان زماني ۾ هڪڙي ڀيري سندس ارڙهن ترڪي سوارن سان
قيقان ۾ مقبالو ٿيو، ترڪن کي مهلب جي جانبازن ترار
جو لقمو بنائي ڇڏيو، جن جي گهوڙن جا پڇ ڪتريل هئا.
مهلب کي مٿين وضع پسند آئي ۽ پنهنجي فوج جي سڀني
گهوڙن جا پڇ ڪترائي ڇڏيائين.(1).
قيقان جي هڪڙي نبته جي معرڪي جي منظر کي شاعر ازدي
هن ريت پيش ڪري ٿو:
الم تر ان الازد ليلة نبتوا
بہ بد نبة کانؤا خير جيش المهلب
(توهان ازد جي قبيلي جي جوانن کي ان ريت نه ڏٺو،
جڏهن شهر نبته ۾ هنن ڪئمپ هنئي هئي ۽ مهلب جي فوج
۾ اهي سڀ کان چڱا نظر پئي آيا.)
سنان بن سلمه بزلي:
سيستان جو والي، زياد بن ابي سفيان، بيحد تجربيڪار
۽ سياستدان شخص هو. امير معاويه رضه مٿس عمرو بن
العاص رضه وانگر اعتبار ڪندو هو، بلڪ امير معاويه
رضه جو ساڄو هٿ هو. عبدالله بن سوار جي قتل ٿيڻ
کان پوءِ زياد، سنڌ جي سرحد جي نگراني ڪرڻ تي،
سنان بن سلمه بن مجيق بزلي کي مقرر ڪيو. هي شخص
عالم و فاضل ۽ خدا پرست هو. هي پهريون شخص هو،
جنهن فوجين کي طلاق جو قسم ڏياريو هو.هن مڪران
بهادريءَ سان فتح ڪري، اتي جي آباديءَ کي رونق ۽
ترقي ڏياري ۽ شهرن جي سربسزيءَ جو چڱو انتظام ڪيو.
شاعرن سندس شان ۾ قصيدا جوڙيا، جن مان هڪڙو شعر هن
ريت آهي:
رايت هذيلا احدثت في يمينها، طلاق نساءِ ماسيوق
لها مهرا
لهان علي حلفته ابن مجيق، اذا رفعت اعناقها حلفاءِ
صفهرا
(مون هذيل وارن کي ڏٺو ته انهن پنهنجي قسم ۾ بي
مهر ادا ڪيل بيبين کي طلاق ڏيڻ جو قسم جي نئين
بدعت ايجاد ڪئي، مگر مون کي ابن مجيق جو قسم آسان
آهي، جڏهن زالن گردنون مٿي کڻي سون جون واليون
ڏيکاريون.)
ابن ڪلبيءَ جو بيان آهي ته، هن کان اڳ مڪران حڪيم
جبله عبديءَ فتح ڪيو هو. اهو بلاذريءَ جو حوالو
آهي. حقيقت هن ريت آهي ته مڪران ۾ اڪثر فساد ٿيندا
رهيا، ممڪن آهي ته هن دفعي سنان بن سلمه ان کي
ٻيهر فتح ڪيو. اسلام جو سنڌ تي هي يارهون حملو هو.
راشد بن عمرو:
سنه 45هه ۾ زياد، راشد بن عمرو جديدي ازديءَ کي
مڪران جو حاڪم مقرر ڪيو. راشد عرب جي شريف خاندان
مان هو ۽ نسلي شرافت سان گڏ لياقتن ۽ خوبين سان
آراسته هو. ننڍيءَ عمر ۾ هن بهادريءَ جا ڪارناما
ڏيکاريا هئا. امير معاويه رضه به کليءَ درٻار ۾
سندس تعريف ڪرڻ کان پوءِ فوجي عملدارن کي سندس
اطاعت ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي. راشد جي مڪران پهچڻ
وقت، خليفي جي حڪم موجب، سنان بن سلمه سندس
استقبال پرجوش نموني ڪري، کيس ملڪي معاملات کان
واقف ڪيو.
راشد، قيقان تي حملو ڪري، اتي جي باشندن کان ٻن
سالن جو رهيل خراج وصول ڪيو ۽ مال غنيمت سان گڏ
غلام ۽ ٻانهيون هٿ ڪري سلامتيءَ سان موٽيو. هڪ سال
قيام ڪرڻ کان پوءِ هن ٻيو دفعو قيقان ۽ ٻڌا (ڪڇي)
تي ڪاهه ڪئي، ليڪن مندر ۽ ڀکرج جي جبلن وٽ پهچڻ
وقت، پنجاه هزار ميدن ساڻس مقابلو ڪيو. صبح کان
شام تائين جنگ جو ميدان گرم هو. راشد پامرديءَ سان
مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو. سندس شهادت کان پوءِ
زياد بن ابي سفيان، سنان بن سلمه کي مڪران ۽ ڪناري
واري علائقن مٿان حاڪم مقرر ڪيو. سنان ٻن سالن
تائين مقيم رهيو، ان زماني ۾ اعشي همدانيءَ مڪران
جي شان ۾ جيڪو قصيدو چيو، تنهن مان هن باغي علائقي
جي پوري خبر پئجي سگهي ٿي:
و انت تسير الي مکران، فقد شحطه الورود المصدر
والم تک حاجتي مکران، ولاالغزو فيها والمتجر
(اعشي تون ڪران وڃين ٿو، فرودگاه ۽ وطن ۾ وڏو
مفاصلو پئجي ويو. او مڪران! مون کي تنهنجي گهرج
ڪانه هئي، جنهن ۾ نه جهاد آهي نه واپار).
وحدثت عنها ولم آتها، ومازلت من ذکرها اوفر
بان اکثير بها جائع، وان القليل به سعور(1).
(۽ مون ان جو حال ٻڌو هو، اتي آيو نه هوس ۽ هميشه
سندس ذڪر کان ڀڄندو هوس؛ انڪري جو اتي جا رهاڪو
بکيا آهن ۽ بض اتي جا هنڌ خوفناڪ آهن.)
سنان بن سلمه جي شهادت:
ٻن سالن جي عرصي ۾ سنان بن سلمه پوري مضبوطيءَ سان
مڪران ۽ سنڌ جي سرحد تي حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي
ڪارگذارين ۽ تجربيڪاريءَ جا عمدا نمونا ڏيکاريا.
قيقان تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ هن ڪڇيءَ (ٻڌا) جي ڪن
وڌيڪ ضلعن تي قبضو ڪيو، پر پوءِ دشمنن سان مقابلو
ڪندي شهيد ٿيو. اسلام جو سنڌ تي هي ٻارهون حملو
هو.
عبيدالله بن زياد:
سن 45هه ۾، زياد بن ابي سفيان وفات ڪئي. هن دماغي
قابليت ۽ دليرانه شجاعت سان حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ
سندس پٽ عبيدالله سيستان جو والي مقرر ٿيو. ان ۾
شڪ ڪونهي ته هو بهادر هو، مگر بهادريءَ جي جوهر
رکڻ سان گڏ، سنگدل ۽ ظالم به هو. هو سيستان کان
جهاد ڪندو، سناروز پهتو؛ اتان سيستان جي قلعي
رودبار کان ٿيندو، قنڌار تي ڪاهي ويو. قنڌار وارن
جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو، پر عبيد جي ترار
خاراشگاف سندن خاتمو ڪري ڇڏيو. اسلامي لشڪر قنڌار
تي سنه 59هه ۾ قبضو ڪيو. هن معرڪي ۾ گهڻائي اصحاب
شهيد ٿيا.
منذر بن جارود:
سنان بن سلمه کان پوءِ، منذر بن جارود مڪران تي
حاڪم مقرر ٿيو، جنهن جي ڪنيت ’ابو الاشعت‘ هئي، هو
بهادر ۽ اول العزم شخص هو. هن اچڻ شرط توقان
(بوقان) ۽ يقان تي ڪاهي بيشمار غلام ۽ ٻانهيون هٿ
ڪيون. سنه 58هه ۾ هن قصدار فتح ڪيو. مٿيون شهر
سنان بن سلمه فتح ڪيو هو، پر سندس شهادت کان پوءِ
شهر وارن شامت اعمال کان وري بغاوت ڪئي هئي. قصدار
فتح ڪرڻ کان پوءِ، ابوالاشعت اتي رهي پيو، تان جو
اتي جي خاڪ ۾ اجل کيس پيوند ڪري ڇڏيو. شاعرن مٿس
مرثيا چيا. هڪڙي شاعر جو مرثيو هت بلاذريءَ کان
نقل ڪريون ٿا:
حل بقصدار فاضحيٰ بها، في القبر لم يقفل مع
القاتلين
للة قصدار و اعنا بها، اي فتيٰ دنيا اجنت و دين.
(قصدار ۾ داخل ٿيو، پوءِ جو ڏٺم ته قبر ۾ هو؛
مجاهدين سان گڏ واپس نه آيو. الله الله! قصدار ۽
هن جي وادي! ڪهڙي جوان ۽ دين قبر جي حوالي ڪيو!)
اسلام جو سنڌ تي هي تيرهون حملو هو.
منذر بن حارث:
منذر بن جارود کان پوءِ، بصري جي واليءَ عبيدالله
بن زياد، منذر بن حارث بن بشر کي مڪران ۽ سنڌ جي
سرحد جو والي مقرر ڪيو هو. هن توران جي حد تائين
مس پهتو ته بيماريءَ جي وگهي اجل جو شڪر ٿي ويو.
سندس مرڻ کان پوءِ عبيدالله، منذر جي پٽ حڪم کي،
جو ان وقت ڪرمان ۾ هو، پڻس مرحوم جي جاءِ تي مڪران
جو والي مقرر ڪيو. حڪم ڇهن مهينن اندر پنهنجي
لياقت جو ثبوت ڏنو.
ابن حري:
حڪم کانپوءِ ابن زياد، ابن حري باهليءَ کي سنڌ جي
سرحد تي مقرر ڪيو، جو لائق سردار هو. هن اچڻ شرط
سوڀون حاصل ڪيون. سندس شان ۾ هڪڙو شاعر هن ريت چوي
ٿو:
لولا طعاني بالبوقان مارجعت منه سرايا ابن حري
باسلاب (بلاذري)
(جيڪڏهن بوقان ۾ آءٌ پنهنجي نيزي بازيءَ جو جوهر
نه ڏيکاريان ها، ته ابن حريءَ جون فوجون مقتولن جا
هٿيار ۽ سامان کني واپس نه اچن ها.)
اسلام جو سنڌ تي هي چوڏهون حملو هو.
عربن جون هندستان ۾ بيٺڪون:
سنه 86هه (سنه 705ع) ۾ وليد بن عبدالملڪ دمشق جي
تخت تي ويٺو. سندس پاران حجاج بن يوسف ثقفي بصري
جو والي مقرر ٿيو ۽ مڪران، بلوچستان، خراسان سمورا
علائقا، سنڌ جي سرحد سميت سندس ماتحت هئا. بحري
توڙي بري لحاظ کان اسلامي سلطنت جي قوت مضبوط هئي.
امير معاويه جي ڏينهن ۾ اسلامي ٻيڙي سقليه ٻيٽ تي
ڪاهه ڪرڻ کان پوءِ ٻارهن سَون جهازن جي وسيلي
برابر ستن سالن تائين مشرقي شهنشاهت جي تختگاه
قسطنطنيه تي گهيرو ڪيو هو. وليد جي ڏينهن ۾ اُموي
سلطنت جون حدون مغرب ۾ اندلس تائين هيون ۽ مشرق ۾
مجاهدن جي گهوڙن آمو درياءَ تان وڃي پاڻي پيتو هو.
حجاج بن يوسف وڏو سياستدان ۽ ظالم هو. اتڪل 3 لک
مسلمان سندس ظلم جو شڪار بنجي ويا. سندس سختگير
پاليسيءَ کان تنگ ٿي، گهڻا ئي مسلمان عراق مان
نڪري هندستان جي اولهندي ۽ اوڀرندي ڪنارن وارن
شهرن ۽ ٻيٽن ۾ بيٺڪون جوڙي واپار تي گذران ڪرڻ
لڳا.
نوائط ۽ لبي:
جن عربن ڪوڪن کي وسايو، تن نؤ واردن کي نوائط
سڏيو ويو، وري جن راس ڪماريءَ جي اوڀرندي ۾ بيٺڪون
وڌيون، تن کي لبي سڏيو ويو. سندن پيشو جهازراني ۽
واپار هو. اهي شافعي مذهب جا هئا ۽ اتي جي ديسي
عورتن کي مسلمان ڪري ساڻن شاديون ڪيائون. سندن
علمائن مان مخدوم علي مهائميءَ جي مزار بمبئي جي
ويجهو مهائم ڳوٺ ۾ آهي. هي پهريون مسلمان عالم هو،
جو خاڪ هند ۾ پيوند ٿيو. وري جن مهاجرن ملبار کي
وسايو، سي هن وقت موپلا سڏجن ٿا. ڪدنگانور جي راجا
سامريءَ سندن آدرڀاءُ ڪيو. موپلا سوداگري ڪرڻ لڳا؛
بصري جي کجور جو هندستان جي بندرن تي وڪرو ڪرڻ
لڳا.(1).
مالديپ:
ڪن عربن مالديپ ٻيٽ تي مرڪز قائم ڪيو. هتي هر سال
سمنڊ مان هڪڙي بلا نڪرندي هئي، جنهن کي ٻيٽ جا
هندو رهاڪو هڪڙي ڪنواري ڇوڪري سال بسال ٻليدان طور
ڀيٽا ڪندا هئا، جيئن مصر جا قبطي نيل جي طغيانيءَ
وقت هڪڙي ڪنواري ڇوڪري درياءَ جي حوالي ڪري ٻليدان
ڪندا هئا. مٿين بلا مالديپ وارن تان شيخ
ابوالبرڪات بربريءَ جي دعا سان ٽري ويئي ۽ هن بزرگ
جي تبليغ ڪري اتي جا رهاڪو مسلمان ٿيا! ابن بطوطه
جڏهن ان ٻيٽ تي آيو هو، تڏهن سندس وقت ۾ سلطان
خديجه مالديپ تي حڪمراني ڪندي هئي. ابن بطوطه ان
مسجد جي زيارت به ڪئي هئي، جا شيخ ابوالبرڪات
بربريءَ تعمير ڪرائي هئي. مسجد جي ڪتبي تي ان راجا
جو نالو به لکيل هو، جو شيخ موصوف جي هٿن تي
مسلمان ٿيو هو.(1).
معبر ۾ بيٺڪون:
حجاج بن يوسف جي خوف ڪري جن عربن عراق کان نڪري،
معبر (ڪاري منڊل) جو رخ ورتو هو، تن مهاجرن کي اتي
جي پانڊيا راجا بيٺڪ وجهڻ جي اجازت ڏني. انهن
مدراس صوبي جي ٽئين وڏي ضلعي جي شهر ڪيالاپٽم ۾
بيٺڪ وڌي. سيلون ۽ ملايا سان واپار ڪرڻ ڪري، مهاجر
شاهوڪار بنجي پيا. سيد سلطان مظهر ولي (المتوفي
سنه 622هه) ۽ سندس جانشين سيد ابراهيم شهيد ۽ مظهر
وليءَ جي مريد بابا فخرالدين جي تبليغ ڪري، معبر ۾
اسلام زور ورتو.(2).
معبر وارا عرب گهڻو ڪري حضرت موت جا رهاڪو هئا،
سندن تجارتي تعلقات جي ڪري اسلام جو قدم سوماترا ۽
جاوا جي ٻيٽن تي پيو(3).
معبر وارا عرب تامل زبان کي عربي خط ۾ لکڻ لڳا.
سلطان علاءُ الدين خلجيءَ جي زماني ۾ معبر جي
پانڊيا راجا جو وزير مشيرالملڪ تقي الدين بن
عبدالرحمان هو. سلطان علاءُ الدين جي ڏينهن ۾ ملڪ
ڪافور، معبر فتح ڪري دهليءَ جي تابع ڪيو. سلطان
محمد تغلق، سيد حسن ڪيٿليءَ کي معبر تي پنهنجو
نائب مقرر ڪيو هو، جنهن پنهنجي خودمختياريءَ جو
اعلان ڪيو هو. سنه 780هه (سنه 1378ع) تائين معبر
جي اسلامي رياست قائم رهي، جنهن تي پوءِ وجيه نگر
جي راجا قبضو ڪيو. هن حڪومت اندر ٽرچناپلي، مدورا،
آرڪاٽ ۽ ٽني ولي ضلعا هئا. ڊاڪٽر ڪاڊويل هتان
اسلامي سڪا ڳولي هٿ ڪيا هئا.
مڪران ۾ بلوچي رياست:
خلافت راشده توڙي بني اُميه دؤر ۾ فاتح عربن کي
حڪومت هلائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون. سنه 23هه
(سنه 644ع)، مڪران فتح ٿيڻ وقت، حضرت عمر رضه صحار
عبديءَ کان مڪران جو احوال پڇيو، ته هن مڪران جي
ڪيفيت قافيه بنديءَ سان هن ريت بيان ڪئي هئي:
ارض سهلها جبل ماءَ هاوشل و ثمرها دخل و عدوها
باطل و خيرها قليل و شرطا طويل والکثر بها قليل“(1).
بني اُميه دؤر ۾، مڪران ۾ بعض باغين جو تعداد
پنجاه هزارن کي پهچندو هو. اهڙين مشڪلاتن کي حل
ڪرڻ لاءِ حجاج بن يوسف، محمد بن هارون کي، جو وڏو
ديندار ۽ تجربيڪار بلوچ هو، مڪران مٿان نائب مقرر
ڪيو. محمد بن هارون مڪران جي چپي چپي کان واقف هو.
هو اندروني امن امان کي قائم رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ محمد بن حارث علافي
پنهنجي ڀاءُ معاويه بن حارث ۽ پنهنجي قبيلي آسار
جي پنجن سوَن ماڻهن سان واپار سانگي عمان کان
نڪري، مڪران ۾ رهڻ لڳو. اتفاق سان سندس ماڻهن مان
صفوي بنالحاميءَ ڪنهن ڳالهه تان اتي جي هڪڙي ذميءَ
کي ماري وڌو، جنهن تي هن جي وارثن مڪران جي حاڪم
سعيد بن اسلم کي فرياد پيش ڪيو، مگر علافين دغا
سان سعيد کي قتل ڪري سڄي مڪران تي پنهنجي
خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو.
حجاج علافين تي سخت ڏمريو ۽ علافين جي سردار
سليمان علافيءَ جو سر وڍرائي سعيد جي عزيزن ڏانهن
روانو ڪيو. ان واقعي کان پوءِ حجاج، عبدالرحمان بن
اشعت ۽ مجاعه بن سعر تميميءَ کي مڪران جي انتظام
کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڏياري مڪو. جيسين مجاعه پهچي
تنهن کان اڳ علافين عبدالرحمان کي ماري وڌو. مجاعه
تجربيڪار عملدار هو، سندس اچڻ جو ٻڌي باغي وڃي
جبلن جي غارن ۾ لڪا. مجاعه قندابيل تائين سندن
پٺيان پيو، پر اوچتو اجل جي سڏ ڪري وفات ڪري ويو.
حجاج ڏٺو ته عرب عاملن لاءِ مڪران جو صحرائي ۽
جابلو ملڪ اڻ ڏٺو ڏيهه آهي، ان ڪري هن مڪران جي
حڪومت محمد بن هارون بلوچ جي سپرد ڪئي، جو ملڪ جي
اندروني حالتن کان پوريءَ طرح واقف هو. محمد بن
هارون باغين جو پيڇو ڪري، معاويه بن حارث کي هڪڙي
غار مان گرفتار ڪري، سندس سر وڍرائي حجاج ڏانهن
مڪو.
هن واقعي کان پوءِ محمد بن حارث علافيءَ پنهنجي
ماڻهن سان سرحد ٽپي، سنڌ جي راجا ڏاهر وٽ وڃي پناه
ورتي. راجا رامل، جنهن کي ڏهرسين ٻائيءَ جو سڱ
ڏيڻو ڪيو هو، سو ٻائيءَ سان ڏاهر جي شاديءَ جي
ڳالهه ٻڌي، غصي ۾ اچي ويو ۽ پنهنجي وڏي لشڪر سان
الور تي ڪاهي آيو. محمد علافيءَ موقعو ڏسي هڪڙيءَ
رات جو اوچتو رامل تي ڪاهي، سندس لشڪر جو وڏو حصو
ماري وڌو، جنهن تي ڏاهر خوش ٿي کيس پنهنجو مکيه
صلاحڪار مقرر ڪيو. ڏاهر جي دمشق جهڙيءَ باجبروت
شهنشاهت سان هيءَ پهرين کونس هئي.
سرانديپ ۽ ديبل جا تعلقات:
ديبل جو هندي نالو ’ديول‘ هو، مٿس اهو نالو هتي جي
وڏي بت ڪري پيو، جو هتي جي مندر ۾ رکيل هو. سيلون
جي سنهالي ڏندڪٿائن ۾ لکيل آهي ته، ديبل جي برهمڻن
ديول ديوتا جي پرستش ڪرڻ جو رواج سپورا بندر رستي
سيلون تائين رائج ڪيو هو، ڇاڪاڻ جو سيلون وارا به
ٻڌ جا پوڄاري هئا(1).
غرض ته سيلون ۽ ديبل جا هڪٻئي سان مذهبي تعلقات
هئا.
سرانديپ ۽ بصري جا تعلقات:
سيلون عربن لاءِ هڪڙي زيارتگاه هو، هتي جي جبل تي
نه رڳو حضرت آدم عليه السلام جي پيرن جا نشان هئا،
بلڪ جبل جي ڀر ۾ هڪڙو غار خواجا خضر جو غار سڏبو
هو. ٻئي هڪڙي هنڌ تي هڪڙي مسلمان بزرگ، بابا طاهر
جو غار آهي. ان کان سواءِ چيلاءُ، (سالايم) ۾،
ايترا گهڻا هاٿي هئا، جو ماڻهو خوف کان ٻاهر نڪري
نه سگهندا هئا، آخر هڪڙي شيراز جي بزرگ شيخ
عبدالله خفيف (المتوفي 331هه) جي دعا سان ڪوبه
هاٿي ماڻهن کي ستائڻ نه لڳو بزرگ جي برڪت کي ڏسي،
اُتي جا هندو مسلمانن سان محبت سان پيش اچڻ لڳا.
تعلقات جو ٻيو سبب هن ريت هو ته وليد بن عبدالملڪ
جي ڏينهن ۾ اسلامي سلطنت ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ
تائين پکڙيل هئي، ان ڪري خلافت جي درٻار دمشق ۾ هر
هڪ ملڪ جا حاڪم تحفا ۽ سفير روانا ڪندا هئا. جيئن
اڄ لنڊن ۽ واشنگٽن دنيا جي سياسيات ۽ اقتصاديات جا
مرڪز آهن، تيئن انهن ڏينهن ۾ دمشق جي درٻار جو
ڏونڪو وڄي رهيو هو. حجاج بصري جي حڪومت جون واڳون
هٿ ڪرڻ کان پوءِ هندستان جي ٻيٽن سان تجارتي
تعلقات قائم ڪيا هئا. خاص ڪري سرانديپ ۾ هجري
پهرين صديءَ ۾ عرب واپارين بيٺڪ قائم ڪئي هئي(1)\.
جهازن جو ديبل وٽ لٽجڻ:
وليد بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ ڪن عرب واپارين
سرانديپ ۾ وفات ڪئي هئي، جن جي زالن ۽ ٻارن کي
سيلون وارن اَٺن جهازن ۾ چاڙهي، خليفي لاءِ تحفن
سميت، جهازن کي بصري ڏانهن روانو ڪيو. مٿين جهازن
کي مخالف هوا ديبل جي ڪناري تي ڌڪي آندو، جن کي
ديبل جي دريائي ڌاڙيلن لٽي، زالن ۽ ٻارن کي قيد
ڪيو(1).
مٿئين حادثي متعلق، حجاج بن يوسف، ڏاهر کي احتجاجي
نوٽ موڪليو، جنهن جو جواب ڏاهر نهايت مغروريءَ سان
ڏنو، ته ”ديبل جا ڌاڙيل سندس حڪم کان ٻاهر آهن.“
حقيقت ۾ سندس جواب عذر لنگ هو، جنهن حجاج جهڙي
ڪهنه مشق گرگ کي اهڙو مشتعل ڪيو، جو هن دمشق جي
درٻار کان سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اجازت گهري.(2)
ديبل جا بحري قزاق ڪير هئا؟
سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخن ۾ ڪنهن به مؤرخ ڪين
ڏيکاريو آهي ته ديبل جا بحري قزاق ڪير آهن. عرب
انهن ڊاڪن کي ’بوراج‘ سڏيندا هئا. اوهين پڙهي چڪا
آهيو ته اسلام کان اڳ به اهي دريائي ڌاڙيل تجارتي
جهازن کي لٽيندا هئا. سندن خوف ڪري، حيره جي آل
منذر اميرن حيره کي ۽ ساساني فرمان روائن اُبله جي
بندر کي مضبوط قلعا ڏياريا هئا. ان کان سواءِ وڏن
جهازن تي پنج پنج سؤ ملاح رهندا هئا، جي پاڻ سان
آتشي مادا به ساڻ کڻندا هئا. مڪران جو ڪنارو، ديبل
۽ سومناٿ گجرات ۾ ڌاڙيلن جا مکيه اڏا هئا.
بزرگ بن شهريار ڪتاب ’عجائب الهند‘ ۾، علامه
البيروني ’ڪتاب الهند‘ ۾ سندن ذڪر ڏنو آهي. سون
مياڻيءَ کان وٺي گوادر جي بندر تائين ميڊ ۽ ڪورا
ٻه قومون رهن ٿيون، جن جو گذران جهازرانيءَ ۽ مڇي
جي شڪار تي آهي. گوادر جي هڪڙي ڪتبي مان پتو پوي
ٿو ته سندن اصل وطن ڪڇي هو ۽ ايليٽ جي بيان موجب
سندن اپر سنڌ جي مهاڻن سان مائٽي هئي. اتان نڪرڻ
کان پوءِ هنن مڪران جي ڪناري کي وسايو. اهي مانگر
مڇن جي هڏن مان جڙيل جهوپڙين ۾ رهندا هئا. سندن
خوراڪ مڇي هئي ۽ گهوڙن کي سڪل مڇيءَ جو گوشت
کارائيندا هئا.
اشور جي راڻي سميراس ۽ سڪندر مقدوني کي، مڪران جي
ڪناري کان لنگهندي انهن گهڻو تنگ ڪيو هو. ايراني
نار کان وٺي ملبار تائين جهازراني ڪندا هئا. سنڌ،
گجرات ۽ ڪوڪن جي راجائن جي بحري ٻيڙن تي نوڪر هئا.
محقق ڊي گوئجي ٻنهي قومن کي ايشيا جي بهترين ملاحن
جو نمونو لکي ٿو. ڪرنل جيمس ٽاڊ، ميدن کي چندر
ونسي اسوا خاندان مان شمار ڪري ٿو ۽ سندن ٽي فرقا
هن ريت ڏيکار يٿو: 1- پورا ميد، 2- اُجا ميد ۽ 3-
ديو ميد. ڪرنل جيمس ٽاڊ، تاريخ راجسٿان لکندي،
جيڪي ڏسي ٿو، سو آريائي عينڪ جي ذريعي ڏسي ٿو.
حالانڪ جديد تحقيقات ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اُهي
عرب آهن. البت منجهن افغاني ۽ راجپوتي خون گڏيل
آهي. جديد تحقيقات موجب سندن چار شاخون هن ريت
آهن: 1- جالارزئي، 2- گزير، 3- اُرماڙي ۽ 4- چل
مارزئي. منجهانئن گزير پاڻ کي بلوچ سڏين ٿا،
اوماڙي افغان ۽ چل مارزئي لاسي سڏائين ٿا. علامه
البيرونيءَ جي زماني تائين، هو پنهنجي منهن ڌاڙا
هڻندا هئا، تنهن کان پوءِ عربن سان گڏجي 19 صديءَ
تائين سمنڊ تي ڌاڙا هڻندا هئا. آخر انگريزي ٻيڙي
کان شڪست کاڌائون، اهي رفائي مذهب جا پيروڪار آهن.(1)
بذيل جي ديبل تي ڪاهه:
اسلامي سلطنت جون حدون سنڌ تائين پهتيون هيون،
ڪابل، قنڌار، سيستان، جهالاوان ۽ مڪران اسلامي
جهنڊي هيٺ اچي ويا هئا. ملتان، پنجاب ۽ ڪڇيءَ جا
ميدان فاتح عربن جي گهوڙن لاءِ جولانگاه بنجي چڪا
هئا، پر عربي حڪومت جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي هرگز
مرضي نه هئي. ڏاهر عربن کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ
مجبور ڪيو. جنگ قادسيه ۾ شڪست کائڻ کانپوءِ ڪيترن
مجوسين سنڌ ۾ پناه ورتي هئي، جي ڏاهر کي اسلامي
سلطنت خلاف ڀڙڪائي رهيا هئا. علافي ڀائرن جي سازش
۽ ديبل تي سرانديپ جي جهازن جي لٽجي وڃڻ ڪري دمشق
۽ الور جا تعلقات ٽٽي پيا.
وليد بن عبدالملڪ وڏي دٻدٻي وارو شهنشاه هو. سندس
ڏينهن ۾ ام البلاد دمشق، اسلامي سلطنت جو
دارالخلافه ۽ واپار، صنعت ۽ حرفت جو مرڪز هو. قيصر
جوستنين هن شهر کي مشرق جو آفتاب سڏيندو هو(1).
عظيم الشان اسلامي سلطنت اڳيان دولت ۽ فوجي لحاظ
سان سنڌ جي ننڍڙي حڪومت هڪڙي صوبي جي برابر مس
هئي. محمد بن هارون بلوچ تجربيڪار سياستدان هو ۽
جيڪي واپاري مڪران ۽ سنڌ ۾ ٻانهن جو واپار ڪندا
هئا، هو تن معرفت سنڌ جا اندروني حالات معلوم ڪرڻ
لڳو. نيرن ڪوٽ جي سمنين کي الور ۽ دمشق جي سياسي
ڪشيدگيءَ جي خبر هئي؛ کين پڪ هئي ته سنڌ جي برهمڻ
حڪومت هر حال ۾ اسلامي طاقت سان مقابلو ڪري نه
سگهندي، ان سبب ڪري هتي جي سمنيه حاڪم، ڀنڊرڪر،
اڳواٽ حجاج بن يوسف کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت
نامو لکي مڪو. دعوت ملڻ کان پوءِ حجاج پنهنجي هڪڙي
جرنيل، بذيل جماليءَ کي چئن هزارن جي لشڪر سان،
ديبل ڏانهن روانو ڪيو؛ مگر بذيل ڏاهر جي پٽ جئسيه
سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ
حجاج بن يوسف جي خليفي وليد بن عبدالملڪ سان خط و
ڪتابت جاري هئي، ويتر جو بذيل جماليءَ جي شڪست ۽
شهادت جون خبرون دمشق جي درٻار ۾ پهتيون، تنهن تي
خليفي حجاج کي سنڌ تي مهم رواني ڪرڻ لاءِ اجازت
ڏني. اڳ خليفو جنگ جي خرچ کان البت ڪيٻائڻ لڳو هو،
مگر هينئر حجاج خرچ جو ذمو پاڻ تي کنيو هو.
محمد بن قاسم:
عمادالدين محمد بن قاسم بن محمد بن حڪم بن ابي
عقيل ثقفي 17 شعبان سنه 24هه ۾ دمشق تي ڄائو، سندس
پيءُ قاسم بن محمد اُموي شاهي خاندان جو ممتاز
امير هو. محمد بن قاسم اڃا صغير هو ته سندس پيءُ
وفات ڪئي ۽ هو والده جي سائي هيٺ تربيت وٺڻ لڳو.
پنجن سالن جي عمر ۾ سندس ذهانت جو نمونو پکڙجڻ
لڳو. سندس ڪٽنب وٽ اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ ايتري
دولت ڪانه هئي، تنهن ڪري دمشق جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽
اعليٰ فوجي عملدارن جي نگراني هيٺ فاتح سنڌ جنگ جا
هنر سکڻ لڳو. سندس ذهانت جي فوجي عملدار تعريف ڪرڻ
لڳا.
وليد بن عبدالملڪ جڏهن فوجي ڇانوڻيءَ ۾ فوجن جو
معائنو ڪرڻ ايندو هو، تڏهن محمد بن قاسم کي پاڻ
سان ويهاري ساڻس محبت ڀريون ڳالهيون ڪندو هو. 14
ورهين جي عمر فوجي قابليت ڪري کيس اعليٰ عهدو
مليو. هو خوبصورت نوجوان هو. سندس اکيون وڏيون،
پيشاني ڪشادي، بازو گول، ڪارايون ويڪريون، گلابي
رنگ، هيبتناڪ آواز ۽ بدن پورو پنو هوس. سڀ کان اهم
ڳالهه ته قدرت کيس جيڪا دل ۽ جگر عطا ڪيو هو، سو
فولاد هو. سندس بلند خيالن ۽ مستحڪم ارادن مان
سندس لياقت ۽ بهادريءَ جو جوهر ٽپڪندو هو. جيتوڻيڪ
فوجي سپاهي هو، مگر نهايت خليق، حليم الطبع، شيرين
زبان ۽ ٻاجهارو هو. ننڍي وڏي سان ميٺاج ۽ محبت سان
ڳالهائيندو هو. ننڍا وڏا سندس اوصاف حميده جي
تعريف ڪندا هئا. فوج ۾ وڏيءَ عمر وارا عملدار،
جيڪي سندس ماتحت ڪم ڪندا هئا، تن سان عزت ۽ مروت
سان پيش ايندو هو، مٿين خوبين ڪري هر دلعزيز هو.
محمد بن قاسم، سترهين ورهين جي عمر ۾ فارس جي
تختگاه شيراز جو گورنر مقرر ٿيو. نهايت برجستائي،
عدل ۽ انصاف سان حڪومت جو ڪاروبار هلائڻ لڳو.
پگهار مان جيڪي بچندو هوس، سو اسلامي تبليغ تي خرچ
ڪندو هو. فرصت جي وقت عوام اڳيان تقريرون ڪندو هو،
جن کي ماڻهو شوق سان ٻڌندا هئا. سندس اخلاص مندي ۽
ايماني، قوت کي ڏسي وڏا وڏا علماءَ ڪرام، مشائخ
عظام ۽ مجتهد سندس تعريف ڪندا هئا. بقول عارف
سنائي:
”صدق و اخلاص درستي بايد و عمر دراز،
تا قرين حق شود صاحبقراني در قرن!“
دمشق جي درٻار مان اجازت وٺڻ کان پوءِ حجاج بن
يوسف پنهنجي جليل القدر سؤٽ ۽ ناٺيءَ محمد بن قاسم
کي روبرو گهرائي، ضروري هدايتون ڪيون، اُموين کي
عراقي لشڪر جي باري ۾ شامي لشڪر تي گهڻو اعتبار
هو. حجاج ابوالاسود جهم بن ظهر جي اڳواڻيءَ هيٺ
ڇهه هزار شامي، سوار فوج جا جانباز سپاهي، چونڊي
(جي شريف خاندان جا فرد هئا ۽ مختلف جنگين جي
ميدانن ۾ تجربو حاصل ڪيل هئا) شيراز ڏانهن روانا
ڪيا. ان فوجي دستي تي حجاج کي پورو ڀروسو هو. محمد
بن قاسم شيراز پهچڻ کان پوءِ مزيد فوجن ۽ حڪم جو
انتظار ڪرڻ لڳو.ان وچ ۾ ڇهه هزار وڌيڪ عراقي شتر
سوار فوج، حزيمه بن مغيره جي اڳواڻيءَ هيٺ، شيراز
پهتي. اسلامي لشڪر جو تعداد ٻارهن هزار هو، جنهن
سان 3 هزار باربرداريءَ جا اٺ هئا. سپاهين جي
خوراڪ لاءِ کجور ۽ سرڪي ۾ ٻڏل ڪپهه کان سواءِ سوئي
ڌاڳي تائين سامان ساڻ هو. رواني ٿيڻ کان اڳ، حجاج،
نوجوان محمد بن قاسم کي تاڪيد ڪيو ته روزانو
پنهنجي نقل ۽ حرڪت کان کيس واقف ڪندو رهي ۽ سندس
احڪامن جي پوري پوري تڪميل ڪندو رهي.
سنه 89هه (سنه 708ع) ۾ محمد بن قاسم شيراز مان
لشڪر وٺي روانو ٿيو. اسلامي لشڪر اهو ساڳيو رستو
اختيار ڪيو، جنهن تان سڪندر مقدوني لنگهيو هو.
مڪران پهچڻ شرط محمد بن هارون ٽن هزارن جانباز
بلوچن جي دستي سان نوجوان فاتح سان شامل ٿيو، مگر
قضا سان ارمن بيل پهچڻ وقت، محمد بن هارون وفات
ڪري ويو. سندس قبر لس ٻيلي شهر ٻاهران عام
زيارتگاه آهي. ارمن بيل وٽ، ڏاهر جي فوج سان
اسلامي لشڪر جو پهريون مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌي
لشڪر شڪست کاڌي. محمد بن قاسم جي شيراز مان رواني
ٿيڻ وقت، حجاج بن يوسف بصري کان جهازن جو هڪ مضبوط
دستو خوراڪ ۽ جنگي اسباب سان ڀريل، جعوبه نالي
شامي اميرالبحر جي نگرانيءَ هيٺ، ڪمڪ طور روانو
ڪيو. جهازن تي قلعه شڪن منجنيقون به هيون، جن مان
وڏيءَ منجنيق جو نالو ’عروسڪ‘ هو، جنهن کي پنج سؤ
خلاصي هلائي سگهندا هئا. جمعي ڏينهن محمد بن قاسم
ديبل تي گهيرو ڪيو. ٺيڪ ساڳئي ڏينهن، اسلامي ٻيڙو
به ديبل جي ديوارين هيٺان پهتو(1).
سنڌي ۽ اسلامي لشڪر جي ڀيٽ:
سنڌي لشڪر وٽ تير ڪمان ۽ تراريون مکيه هٿيار هئا،
ساڻن علافي عرب نيزي بازن جو دستو به شامل هو.
سندن لشڪر وٽ هاٿين جا مضبوط رٿ هئا. جڏهن راجا
لشڪر وٺي جنگ لاءِ نڪرندو هو، تڏهن دهلن، شرنائين
۽ گهنڊن جي آوازن ڪري آسمان گونججي ويندو هو.
هاٿين جو غول پريان ڪارن ڪڪرن وانگر نظر ايندو هو،
جن کي ڏسي گهوڙا ٽهندا هئا، بلڪ بهادرن جا جگر به
ڪنبي ويندا هئا، مگر اهي هاٿي نقل ۽ حرڪت ڪرڻ وقت
سستي به ڪندا هئا. هندي تلوارون مشهور هيون،عرب ۽
عجم جا واپاري خريد ڪري سندن عرب ۾ وڪرو ڪندا هئا.
ايام جاهليت جي شاعريءَ مان هندي تلوارن جي تعريف
جو پتو پئجي سگهي ٿو.
حضرت ڪعب ابن زبير رضه جو عرب جي مشهور شعراءِ ۾
شمار ٿئي ٿو، تنهن اسلام قبول ڪرڻ وقت، حضور پاڪ ﷺ
جن جي شان ۾ ’بانت سعاد‘ قصيدو چيو هو، تنهن مان
هندي ترارين جي تعريف معلوم ٿي سگهي ٿي:
”ان الرسول سيف يستضاءِ به مهند من سيوف الله
مسلول.(1)
(رسول الله ﷺ جن دست خدا جي نڪتل هندي تلوار آهي،
جنهن مان روشني نڪري ٿي!)
جيئن روم ۽ ايران جي باهمي جنگين ساساني شهنشاهت ۽
مشرقي بيزانطوم سلطنت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو، تيئن
سنڌ ۾ سمنيه ۽ برهمڻن جي باهمي دسمنيءَ نه رڳو
ڏاهر جي حڪومت کي اڏوهيءَ وانگر ڪمزور ڪري ڇڏيو
هو، پر مروج مذهب جي اعتقادن کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو
هو، عوام الناس کي حڪومت سان ڪا همدردي ڪانه هئي.
پراڻن ديوتائن جي پرستش جو ڪوبه اثر باقي نه رهيو
هو.
مسلمانن جي فوجي قوت مضبوط هئي. رومن ۽ ايرانين کي
شڪست ڏيئي، کانئن صف آرائي، فوجي قواعد ۽ حمله
آوريءَ جي فن کان واقف ٿيا هئا. جنگ جي ميدان ۾
خندقون کوٽي، سلامتيءَ سان لڙندا هئا. سندن عربي
گهوڙا چست ۽ چالاڪ هئا، جي جلد نقل و حرڪت ڪندا
هئا. عربن وٽ منجنيقون هيون، وٽن ٻرندڙ تير هئا.
انهن تيرن جي منهن تي گندرف لڳل هو. اهڙا تير
استعمال ڪرڻ، اهي قسطنطنيه تي گهيرو ڪرڻ وقت،
يوناني کان سکيا هئا. اسلام عربن کي اخوت ۽ اتحاد
جو سبق سيکاريو هو. سندن مذهبي اعتقاد مضبوط هئا،
سندن ارادا محڪم ۽ مذهب کي پنهنجي جان کان پيارو
سمجهندا هئا. دنيا جي ڪابه نعمت سندن نظر ۾ ايترو
قيمتي ڪانه هئي، جيترو هو عقبيٰ جي نعمتن کي بيش
بها سمجهندا هئا. اِهي ئي سبب هئا، جو هو هن ملڪ
مٿان غالب پئجي ويا. سنڌ جي تاريخن ۾ فقط خشڪ بيان
جنگين متعلق ڏنل آهن، مگر انهن اسبابن تي ڪا روشني
ڏنل ڪانهي، جن جي ذريعي عرب فتحمند ٿيا هئا.
تحفة الڪرام جي غلطي:
”تحفة الڪرام“ سنڌ جي بي نظير تاريخ آهي، مگر
منجهس بعض بيان محض قياسي آهن، جن کي تحقيقات ڪرڻ
کان سواءِ پوءِ جي مؤرخن پنهنجي تاريخن ۾ نقل ڪيو
آهي ۽ ان قسم جو سلسلو اڃا سوڌو جاري آهي. ضرورت
آهي ته اهڙن بيانن جو سدباب ڪيو وڃي. مير علي شير
قانع ٺٽوي ”تحفة الڪرام“ جلد-3، صفحي 38، ۾ لکي
ٿو:
”هڪڙي ڏينهن امير حمزو رضه بن عبدالمطلب شڪار جي
سانگي صحرا ۾ ويو، اتي خدا تعاليٰ جي قدرت سان
هڪڙي پري نازل ٿي، جنهن سان امير حمزي رضه نڪاح
وڌو، سندن بطن مان ’جت‘ ۽ ’بلوچ‘ ڄاوا، جي محمد بن
هارون مڪرانيءَ جو اولاد آهن“(1).
اسين خداءِ قادر مطلق جي قدرت جا منڪر ڪين آهيون،
مگر مٿئين قسم جو بيان محض افسانو آهي. سيد
الشهداءِ امير حمزي رضه کي حرم ۾ ٽي بيبيون هيون:
1- بنت المله، 2- خوله بنت قيس ۽ 3- سلمه بنت
عميس. جن مان ٽي پٽ ابويعلي، عمار ۽ عماره نالي
هئا. انهن مان ابويعليءَ کي اولاد ٿيو هو، مگر
سمورا ٻار ايام طفلگي ۾ فوت ٿي ويا هئا. باقي
پويان ٻه پٽ بي اولاد وفات ڪري ويا. البته سلمه
بنت عميس جي بطن مان هڪڙي دختر امامه نالي هئي،
جنهن جي پرورش جو ڪم آنحضرت صلعم، حضرت جعفر طيار
رضه جي اهليه جي سپرد ڪيو هو، جا امامه جي چاچي
هئي.
مٿئين بيان مان صاف ظاهر آهي ته سيد الشهداءِ حضرت
حمزي رضه جي اولاد جو سلسلو شروعات ۾ منقطع ٿي ويو
هو، جيئن ’صحيح بخاري‘، ’اسدالغابه‘ ۽ ’طبقات ابن
سعد‘ جا بيان آهن. مٿين بيانن جي مقابلي ۾ ڪوبه
تعليم يافته ’تحفة الڪرام‘ جي بيان کي ترجيح ڏيئي
نه سگهندو.
بلوچن جو وجود قديم زماني کان بلوچستان ۾ هلندو
اچي ٿو. ابوالتاريخ هيروڊوٽس سندن قبيلن جا نالا
ڏنا آهن.(1).
فردوسيءَ جي شاهنامي مان بلوچن جي نوشيروان خلاف
بعاوت جو بيان گذريل باب ۾ ڏيئي چڪا آهيون. اهڙي
طرح جت (جاٽ) وچ ايشيا جي رهندڙ قوم آهي، جا 1400
سؤ ورهيه ق-م وچ ايشيا کان نڪري گنگا جي واديءَ
کان وٺي يورپ تائين پکڙجي ويئي. عرب مؤرخن ان قوم
کي ’زط‘ جي نالي سان لکيو آهي. ترمذيءَ جي ’باب
الامثال‘ ۾ بيان آهي ته عبدالله بن مسعود رضه هڪڙي
خاص شڪل واري جماعت حضور پاڪ ﷺ جن جي صحبت ۾ ڏٺي
هئي، جا جاٽن وانگر هئي. جنگ قادسيه ۾ ايرانين جي
شڪست کائڻ کان پوءِ، فضا جو رنگ اسلام جي فائدي ۾
بدليل ڏسي، انهن بلوچن سان گڏ، اسلام قبول ڪيو هو.
اسلام جاٽن جي عزت ڪئي ۽ اهي اسلام سان وفادار ٿي
رهيا هئا.
طبريءَ جي بيان موجب جنگ جمل وقت جناب علي رضه
بصري جو خزانو جاٽن جي نگرانيءَ هيٺ رکيو هو.
بلاذري لکي ٿو ته رومين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ امير
معاويه رضه ۽ وليد بن عبدالملڪ سندن بعض قبيلن کي
شام جي ڪناري تي اناطاڪيه ۾ آباد ڪرايو هو(2).
هندستان ۾ ڀرتپور رياست جاٽن جي آهي؛ سکن ۽
راجپوتن ۾ سندن گهڻو تعداد شامل آهي.
فتح ديبل:
ديبل سنڌ جو مکيه بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. سمنڊ
شهر جي ڀتين سان موجون هڻندو هو.هي شهر مهراڻ جي
اولهندي واريءَ شاخ تي هو. مسعوديءَ جي بيان موجب
سمنڊ کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. ’تاريخ طاهريءَ‘
جو مصنف جو سنه 1606ع ۾ ٺٽي ۾ آيو، تنهن جي بيان
موجب ٺٽي کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو. بشاري سنه
375هه ۾ ديبل جي چؤگرد هڪ سؤ ڳوٺ بيان ڪري ٿو، جن
۾ هندو واپاري رهندا هئا.(1).
ابن بطوطه ديبل جي کنڊرن جو معانو ڪيو هو ۽
لاهريءَ کان ستن ڪوهن جي مفاصلي تي بيان ڪري ٿو(1).
ڏاهر جي پٽن ڪيشب ۽ جئسيه قلعي اندران مقابلو ڪيو.
عرب فاتحن اَٺن ڏينهن تائين شهر جو مقابلو ڪيو(2).
شهر وارن جو اعتقاد مندر جي گنبذ ۾ هو، جنهن تي
پتل جو سوار جو مجسمو جهنڊي سميت هو، جنهن کي
اميرالبحر جعوبه منجنيق جي پهرئين ڌڪ سان ڪيرائي
وڌو. بت جي ڪرڻ سان شهر وارن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي،
جئسيه راتورات چئن هزارن فوجن سان شهر ڇڏي ڀڄي
ويو. قلعي اندر رهيل فوج مقابلو ڪرڻ لڳي. حزيمه
ڪوفي پهريون مجاهد هو، جنهن قلعي جي ديوار تي چڙهي
اسلامي جهنڊي کي کوڙيو. مٿئين واقعي کان پوءِ شهر
وارن هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي.
شهر جي جيلخاني مان بذيل جماليءَ جي لشڪر جا ڪي
سپاهي هٿ لڳا، جن جيلخاني جي محافظ وڏي پنڊت جي
تعريف ڪئي. غازي محمد بن قاسم شهر وارن لاءِ عام
معافيءَ جو اعلان ڪيو. سندس فياضيءَ کي ڏسي وڏو
پنڊت مسلمان ٿيو. محمد بن قاسم ان کي شهر مٿان
حاڪم مقرر ڪيو. بتخاني جو فقط گنبذ منجنيق ڪري ڊهي
ويو هو، باقي عمارت کي مسلمانن ڪوبه نقصان ڪين
رسايو هو. مندر جي عمارت هجري 3 صديءَ تائين قائم
رهي. غازيءِ اعظم مسلمانن لاءِ جدا مسجد تعمير
ڪرائي ۽ حميد بن ذراع کي شهر مٿان نائب مقرر ڪيو.
اٽڪل 4 هزار بلوچ مڪران کان اچي شهر ۾ رهڻ لڳا، جن
جي مڪراني بيٺڪ اڃا تائين ڪراچيءَ ۾ موجود آهي.
قلعي مان جيڪي به هٿيار ۽ خزانو هٿ لڳو، تن جو
پنجون حصو حجاج ڏانهن روانو ڪيو ويو، باقي لشڪر ۾
ورهايو ويو(1).
فتح نيرن ڪوٽ:
نيرن ڪوٽ وارن اڳيئي حجاج کي ڪاهه ڪرڻ لاءِ دعوت
نامو مڪو هو. محمد بن قاسم جڏهن شهر کي ويجهو
پهتو، تڏهن شهر وارا تحفا ساڻ کڻي، سندس استقبال
ڪرڻ آيا. مسلمانن هتي جي بتخاني سان ڪابه ڇيڙڇاڙ
ڪانه ڪئي، بلڪ مندر جي سامهون جدا مسجد تعمير
ڪيائون. نيرن ڪوٽ مٿان ڀنڊرڪن سمنيه کي حاڪم مقرر
ڪري، محمد بن قاسم شهر ’موج‘ ڏانهن وڌيو(2).
هت چندر جو پٽ بجيراءِ، ڏاهر جو سؤٽ، قلعي ۾
حڪومت ڪندو هو. بجيراءِ ستن ڏينهن تائين مقابلي
ڪرڻ کان پوءِ ڀڄي ويو. سندس لشڪر جا ڪي جاٽ سپاهي
گرفتار ٿيا، جن کي محمد بن قاسم نصيحت ڪري ڇڏي
ڏنو. مسلمانن جي حسن اخلاق مٿن اهڙو اثر ڪيو، جو
هنن خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو.
فتح سيوستان:
سيوستان سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ تي مشهور قلعو ۽
ڏاهر جي حڪومت اندر صوبي جو صدر شهر هو. هت چنا
مالدار قوم رهندي هئي، جن کي عربن سندن دولت موجب
’المرزوق‘ جي لقب سان سڏيو. بجيراءِ ’موج‘ کان
نڪري، هتي جي قلعي ۾ پناه ورتي هئي. اسلامي لشڪر
جي ڪاهه جو ٻڌي سمنيه پنڊتن فيصلو ڪيو ته جنهن
صورت ۾ فاتح مسلمان آڻ مڃيندڙن کي هر طرح جي آزادي
ڏين ٿا، ان صورت ۾ ساڻن مقابلو ڪرڻ اجايو آهي؛
تنهن ڪري سڀني متفق ٿي بجيراءِ تي صلح ڪرڻ لاءِ
زور وڌو. رعايا جي طبيعتن جو ميلان ڏسي، هو شهر
ڇڏي ڀڄي ويو. هتي جي سمنيه پنڊتن سان محمد بن قاسم
مروت سان گڏيو ۽ کين عهدا موٽائي ڏنائين. سيوستان
مان مسلمانن کي گهڻو مال غنيمت هٿ لڳو.
فتح ٻڌيا ۽ جاٽن جو اسلام قبول ڪرڻ:
ٻڌيا جو حاڪم، ڪاڪا پٽ ڪوتڪ، وڏو سياستدان هو، وٽس
زبردست فوج هئي، بجيراءِ جي مرضي هئي ته ڪاڪا
راتورات جاٽن جو لشڪر تيار ڪري، اسلامي لشڪر سان
مقابلو ڪري، مگر جنهن صورت ۾ پنڊتن اڳواٽ پيشن
گوئي ڪئي هئي ته مسلمان سڄو هندستان فتح ڪندا، ان
حالت ۾ ڪاڪا فاتح سنڌ سان صلح ڪرڻ تي آماده ٿيو.
هن بنانه بن حنضله معرفت غازي محمد بن قاسم سان
صلح جون ڳالهيون چوريون. غازي موصوف ساڻس عزت سان
گڏجي، کيس خلعت فاخره عنايت ڪئي ۽ کيس ’امير
الهند‘ جو خطاب ڏنو.
غازي موصوف ٻڌيا تي عبدالملڪ بن قيس دقيقيءَ کي
نائب مقرر ڪيو. حجاج بن يوسف وٽان وقت بوقت جيڪي
به احڪام پهچندا هئا، تن مطابق قدم کڻندو هو. نيرن
ڪوٽ جي گهڻن جاٽن اسلامي تبليغ ڪري اسلام قبول
ڪيو. ڪاڪا کي غازي اعظم پنهنجو سپه سالار ۽
صلاحڪار مقرر ڪري، سندس صلاح ۽ مشوري سان سنڌو
نديءَ جي اولهندي ڪپ وارن حاڪمن تي خراج مقرر ڪري،
اڳتي وڌڻ جو ارادو ڪيو. ٻڌيا فتح ٿيڻ کان پوءِ
ڀلور جي رهاڪن جيڪي ڏاهر جي حڪومت کان تنگ هئا، تن
اسلامي حڪومت کي تسليم ڪري هڪ هزار درهم ساليانو
خراج ڏيڻ منظور ڪيو.
ان وچ ۾ غازي محمدبن قاسم کي حجاج وٽان درياءَ کي
ٽپڻ لاءِ حڪم مليو. درياءَ جي ڪپ تي ڏاهر جا ٻه
سپه سالار راسل ۽ موڪه بن بسايا، مقابلي ڪرڻ لاءِ
تياريون ڪري رهيا هئا. راسل ته ڏاهر ڏانهن ڀڄي
ويو، باقي موڪه ويهن ٺڪرن سان قيد ٿي ويو. محمد بن
قاسم قيدين سان مروت سان گڏيو. موڪه بن بسايا کي
هڪ لک درهم ۽ ٺڪرن کي خلعتون پهرائي، سندن علائقو
کين موٽائي ڏنائين. موڪه غازي اعظم جي مروت کي ڏسي
اسلامي لشڪر کي ٻيڙين ڏيڻ لاءِ وعدو ڪيو.
محمد بن قاسم درياءَ ٽپڻ کان اڳ ديبل جي هڪڙي پنڊت
کي جو مسلمان ٿيو هو ۽ ’مولانا اسلامي‘ جي لقب سان
ممتاز هو، هڪڙي شامي امير سان گڏ ڏاهر جي درٻار
ڏانهن روانو ڪيو. ڏاهر پنهنجي وزير، سيساگر ۽ مکيه
صلاحڪار محمد علافيءَ سان صلاح مشوري ڪرڻ بعد
اسلامي سفارت کي جواب ڏنو ته جنگ ڪنداسون. جواب
ملڻ بعد حجاج جي حڪم موجب،غازي اعظم اسلامي لشڪر
سميت ٻيڙين جي وسيلي جتور جي پتڻ تان درياءُ ٽپي
هن ڀر پهتو(1)،
جت ڏاهر جو پٽ جئسيه قلعن کي مضبوط ڪري رهيو هو.
ان وچ ۾ محمد بن قاسم کي سيوستان جي راجا چندرام
هالا جي سازش جي خبر پهتي، جو ڪن ٺڪرن سان گڏجي
بغاوت ڪرڻ لاءِ تياريون ڪري رهيو هو. غازي موصوف
معصب بن عبدالرحمان کي به سؤ پيادن ۽ هڪ هزار
سوارن جي دستي سان سيوستان ڏانهن روانو ڪيو.
چندرام مقابلو ڪيو، پر هار کائي ڀڳو. شهر وارن هن
لاءِ قلعي جا در بند ڪري عرب جرنيل کان معافي
گهري. عبدالرحمان واپارين ۽ شهرين کي معافي ڏيئي،
چئن هزار فوجن سان محمد بن قاسم کي بيت جي قلعي ۾
گڏيو، جو ماڪا جو قلعو هو. درياءُ ٽپڻ کان پوءِ
اسلامي لشڪر جي گهوڙن ۾ اچي بيماري پيئي، گهڻائي
گهوڙا مري ويا، مگر ان وچ ۾ حجاج بن يوسف وٽان ٻه
هزار گهوڙا پهتا.(2).
گهوڙن ملڻ کان پوءِ محمد بن قاسم جئسيه جو مقابلو
ڪيو، هو جان بچائي ڀڄي ويو. اسلامي لشڪر دار جي
قلعي تي قبضو ڪيو. ڏاهر، جئپور جي ٺڪرن ۽ راجپوتن
سان حارث علافيءَ کي مقابلو ڪرڻ لاءِ مڪو، پر حارث
انڪار ڪيو. تنهن کان پوءِ ڏاهر محمد علافيءَ کي
مقابلي ڪرڻ لاءِ مڪو، پر هو به بهانو ڪري موٽي
آيو. هوڏانهن راسل بن بسايا به محمد بن قاسم جي آڻ
مڃي اسلامي لشڪر جو مددگار ٿي بيٺو.
ڏاهر سان جنگ:
راسل جي مدد سان اسلامي لشڪر گجري جي ڍنڍ عبور
ڪئي، جنهن جي پرئين ڪپ تي ڏاهر لشڪر سان موجود هو.
سندس وزير، سيساگر، جو ان وقت وزير ٻڌيمان جي
عهدي تي مامور هو، تنهن ڏاهر کي پڪ ڏني ته جتور وٽ
جنگ لڳڻ سان فتح اسان جي آهي. گجري ڍنڍ وٽ دشمن کي
شڪست ڏيڻ کان پوءِعرب سپه سالار لاءِ الور جو رستو
صاف ٿي ويو. ڏهن ڏينهن تائين قلعي جي باهران جنگ
لڳندي رهي، هر هڪ مقابلي ۾ دشمن شڪست کائيندا
رهيا. يارهين ڏينهن ڏاهر پنهنجي پٽ جئسيه ۽ محمد
علافيءَ کي جاٽن ۽ راجپوت راجائن جي لشڪر سان،
جنهن جو تعداد ٽيهه هزار هو، جنهن ۾ ڏهه هزار زره
پوش سوار لشڪر هو ۽ بيشمار هاٿي به هئا، مقابلي
لاءِ ميدان ۾ آندو.
اسلامي لشڪر جو تعداد فقط 900 هو، جن کي فاتح سنڌ
ٽن حصن ۾ ورهايو هو. اهي مجاهد بني تميم، بني ازد،
بڪر ۽ قيس جي قبيلن جا جوان هئا، جي قسطنطنيه جي
ديوارن هيٺان به پهتا هئا، جن جي وڏن مدائن ۽
اصطخر جي ديوارين کي ڪنبايو هو. ڏهين رمضان
المبارڪ سنه 93هه (16 جون سنه 711ع) ۾ جنگ جو آخري
طبل وڳو. محمد بن قاسم لشڪر اڳيان هڪ مختصر ۽
پرجوش تقرير ڪئي ۽ لشڪر کي وصيت ڪئي ته سندس شهيد
ٿيڻ کان پوءِ محزز بن ثابت کي لشڪر مٿان امير ڪن ۽
جيڪڏهن محزز به شهيد ٿي وڃي ته سعيد اڳواڻ ٿي رهي.
راجا ڏاهر هڪڙي سفيد هاٿيءَ تي سوار هو، هودي اندر
سندس ٻه ٻانهيون ٻنهي پاسن کان هيون، جن مان
هڪڙيءَ کيس پان جا ٻيڙا ٺاهي پئي ڏنا ۽ ٻيءَ تير
کڻي پئي ڏنا.
اسلامي لشڪر جا گهوڙا هاٿين کي ڏسي ٽهڻ لڳا. محمد
بن قاسم ٻرندڙ تيرن اڇلائڻ لاءِ حڪم ڏنو. جن کي
ڏسي دشمن جي هاٿين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ سوارن کي
ڪيرائي بدحواسيءَ جي عالم ۾ ميدان ڇڏي ڀڳا، جنهن
ڪري ڪيترا سنڌي سپاهي هاٿين جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي
مري ويا. هڪڙو ٻرندڙ تير ڏاهر جي هودي کي لڳو،
جنهن ڪري سندس هاٿي بدمستيءَ جي حالت ۾ ويجهي
تلاءَ ڏانهن ڀڳو. ڏاهر هيٺ لهي گهوڙي تي چڙهڻ لڳو،
ته شجاع اعرابيءَ ترار جي هڪڙي ڌڪ سان کيس ماري
وڌو.(1).
ڏاهر جي لشڪر ميدان ڇڏي وڃي الور جي قلعي ۾ پناهه
ورتي. عرب فاتحن ڏاهر جي سسي وڍي نيزي تي چاڙهي
گهمائي. ڏاهر جي ماڻهن کي سندس مارجي وڃڻ جي پڪ
ٿي. محمد بن قاسم اعلان ڪيو ته جيڪو مسلمان ٿيندو
يا جزيه ادا ڪندو، تنهن کي آزاد ڪيو ويندو. الور
کي مضبوط عالم پناه ڏنل هئي، جنهن جي اندران شهر
وارن ڪيترن مهينن تائين فاتحن سان مقابلو ڪيو. آخر
تنگ ٿي هنن ٻه شرط پيش ڪيا: (1) شهر وارن مان ڪنهن
کي به قتل ڪيو نه وڃي ۽ (2) مسلمان بتخاني سان
ڪابه ڇيڙڇاڙ نه ڪن. محمد بن قاسم سندن ٻئي شرط
منظور ڪيا ۽ هيٺيان لفظ چيا:
”المعبدالا ککنائس النصاري واليهود و بيوت نيران
المجوس“
(هندستان جا بتخانا به عيسائين ۽ يهودين جي
عبادتگاهُن ۽ مجوسين جو آتشڪدن جهڙا آهن.)
قلعي ۾ داخل ٿيڻ وقت، ٻائيءَ پاڻ کي قلعي جي ديوار
تان هيٺ ڪيرائي خودڪشي ڪئي(1).
’چچنامي‘ ۾ لکيل آهي ته فاتح عربن کي الور جي قلعي
مان سٺ هزار قيدي هٿ لڳا، جن ۾ ڏاهر جي راڻي لاڏي
۽ ڏاهر جي ڀائٽي سندريءَ کان سواءِ ٽيهه ٻيون شهزاديون
هيون. ان کان سواءِ بيشمار خزانو هو. مٿيان سمورا
قيدي خزانن ۽ ڏاهر جي سسيءَ سميت ڪيچ مڪران جي
رستي کان بصري ڏانهن روانا ڪيا ويا.
|