ڪلمتين جو شجرو(1)
دهلي درٻار پاران نومڙين سان رعايتون:
ڪلمتين وانگر دهلي درٻار نومڙين سان به رعايتون
ڪيون. نومڙيا اصل راجپوت آهن. مسٽر ايلس جو بيان
آهي ته نومڙيا (نومردي) پاڻ ۾ 9 ڀائر هئا، جي
پنهنجي وڏي ڀاءُ ايسب خان سان راجپوتانا کان نڪري
مڪران جي هڪڙي بلوچ سردار وٽ اچي مهمان ٿيا. هڪڙي
ڏينهن ڪنهن ڳالهه تان بلوچ سردار ايسب خان جي بي
عزتي ڪئي، جنهن تي ڀائر غصي ٿي، سردار کي قتل ڪري،
حب، ملير ۽ باران وارين زمينن تي قبضو ڄمائي، سنڌي
زالن سان شاديون ڪري، اُتي بيٺڪون جوڙي ويٺا.
پهريان مغل شهنشاهَن کي ڍل ڀريندا هئا، پوءِ ٺٽي
کان ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ ڏانهن ويندڙ قافلن کان محصول
اڳاڙڻ لڳا. لس ٻيلي ۾ گهنگها سردار ڄام ابراهيم
کان پوءِ، لس ٻيلي ۾ اندروني فساد پئجي ويا. اهڙي
موقعي مان فائدو وٺي ملڪ پهڙ خان حملاڻي نومڙئي
ڪوهستان مان ڏهه هزار لشڪر ساڻ ڪري لس ٻيلي تي
قبضو ڪيو. کانئس پوءِ ملڪ عزت خان گاديءَ تي ويٺو.
هو صغير هو، تنهن ڪري سندس والده چاڳلي خاتون
حڪومت جو ڪاروبار هلائڻ لڳي. مگر حڪومت جا سمورا
اهلڪار رونجها هئا، جن ڪنراچ جي ڄاموٽ سردار ڄام
عالي کٿوريه بن ڄام ربنا عالياڻي جي ڀاءُ ڄام ڊگار
کي لس ٻيلي جي ويجهو نانگ ڊيهه ڳوٺ وٽ بيگناهه
شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن تي ڄام عالي کٿوريه غصي ٿي
نومڙين کي لس ٻيلي مان تڙي ڪڍيو. سنه 1242ع ۾
چاڳلي خاتون پنهنجي پٽ ملڪ عزت خان سميت موٽي اچي
ڪوهستان ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سندن قبرون ڪوٽڙي
اسٽيشن جي ويجهو ملڪن جي قبرستان ۾ آهن. نومڙيا
سردار ’ملڪ‘ جي لقب سان سڏجن ٿا. سندن شجرو هيٺ
ڏجي ٿو:
ملڪ پهڙ خان(1)
کوسن کي جاگيرون ملڻ:
جنت آشياني همايون کوسن کي سون مياڻي جاگير طور
ڏني هئي. ديره جات ۾ به سندن سرداري قائم هئي. اپر
سنڌ ۾ بکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين ڦريون ڪندا
هئا. سندن قبيلا سمن جي ڏينهن کان ٿر ۾ رهندا هئا.
احمد آباد کان مصطفيٰ آباد ڏانهن ويندڙ قافلن کي
ڦريندا هئا. ڪلهوڙن سرائين جيئن ٻين بلوچن کي
جاگيرون ڏنيون، تيئن انهن کوسن سان به رعايتون
ڪيون. پهريائين ميان الياس کوسن جي سردار روهيل
خان کي پنهنجو طرفدار ڪيو هو، پوءِ ميان نور محمد
خان روهيل خان کي جاگير ڏيئي، چانڊين جي مقابلي
۾ڏهه هزار کوسا لاڙڪاڻي جي قلعي ۾ پنهنجي سپه
سالار شاه بهارا جنجڻ جي اڳواڻيءَ هيٺ مقرر ڪيا
هئا. کوسن جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو:
نظاماڻين کي جاگيرون:
ميان يار محمد ڪلهوڙي سنڌ جي غير بلوچي قومن کي
زير ڪرڻ لاءِ بلوچي قبيلن سان چڱا پير کنيا هئا.
نظاماڻي، جي رندن جي ممتاز قبيلي مان ٽالپرن جا
ويجها عزيز هئا، سي مرين، جمالين ۽ لغارين کان
وڌيڪ محنتي هئا. ٽالپرن سان مائٽي هئڻ کان سواءِ
ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ کين وڏا عهدا مليل هئا. تلاه
خان نظاماڻي، سرائي نور محمد جو خاص نديم ۽
صلاحڪار هو. انهن ڏينهن ۾ ’نديم‘ وزير اعظم کان به
وڌيڪ رتبو رکندو هو. غلام علي خان نظاماڻي، ميان
نور محمد جي فوجن ۾ چئن هزارن جي دستي مٿان عملدار
هو. غلام حسين خان نظاماڻي، ميان نور محمد وٽ
ڪاردار هو. نظاماڻين جي مورث اعليٰ نظام خان کي
گوني، ديره محبت، بدين، گهوڙاٻاڙي، شهدادپور، موري
۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾ جاگيرون هيون. نظاماڻين جا سنڌ ۾
ست پاڙا مشهور هئا: 1_ اسماعيلاڻي، 2_ مبارڪاڻي،
3_ بهليلاڻي، 4_ ڪرماڻي، 5_ عالوداڻي ۽ 6_
ڦٿوناڻي، 8_ لشڪراڻي. نظام خان ۽ مير گاگن پاڻ ۾
ڀائر هئا، گاگن جو اولاد بهليلاڻي سڏجي ٿو.
سندن شجره هيٺ ڏجي ٿو:
ڪلمتين جي جنگ:
شهزادي معزالدين سنڌ کان سواءِ سيوي (سبي) تائين
ڪڇيءَ جو ميدان سرائي يار محمد خان جي حوالي ڪيو
هو. ان قسم جو ورهاڱو قلات جي احمد زئي حاڪمن کي
منظور نه هو. ڪڇي، سراوان جي براهوئي سردارن لاءِ
سياري جو قيام گاه هو، جتي سردار قبيلن سميت اچي
رهندا هئا. قلات جي حاڪمن ڪڇيءَ تي قبضي ڪرڻ لاءِ
سيوي ۽ ڍاڍر جي بارو زئي ملڪن سان بارها جنگيون
جوٽيون هيون. اورنگزيب جي وفات کان پوءِ بهادر شاه
پهرئين کي سکن سان سرهند جي جنگ ۾ رڌل ڏسي، قلات
جي خان، مير سمندر خان دوب، بوري ٿل ۽ چوٽيالي جا
پرڳڻا افغانن کان فتح ڪيا هئا. مٿين فتوحات کان
پوءِ، سيويءَ کي خطري ۾ ڏسي ڪلهوڙن حاڪمن ڪڇيءَ جي
بچاءُ لاءِ قلات جي درٻار کي چاليهه هزار رپيا
ساليانو ڏيڻا ڪيا هئا.
سنه 1715ع ۾ مير عبدالله خان ’شهباز ڪوهستان‘ ديره
جات جي مرراڻين کان هرند، داجل۽ ڄامپور جا شهر فتح
ڪري قلات جي جهنڊي هيٺ آندا. تنهن کان پوءِ هن
امير محمود غلزئيءَ کي بلوچي لشڪر جي مدد ڏني. سنه
1732ع ۾ غزلئي امير، صفوين کي شڪست ڏيئي ڪرمان،
يزد ۽ اصفهان فتح ڪيا. پوئين صفوي فرمانروا شاه
حسين، تختگاه اصفهان کي بچائڻ لاءِ پنجاه هزار
لشڪر سان افغانن ۽ بلوچن جو مقابلو ڪيو، پر شڪست
کاڌائين. هن جنگ کان پوءِ صفوين جي حڪومت جو ايران
۾ خاتمو ٿي ويو. مٿينءَ فوجي امداد جي عيوض امير
محمود غلزئيءَ پشين ۽ شوراوڪ جا پرڳڻا مير عبدالله
خان جي حوالي ڪيا. امير محمود سنه 1725ع ۾ وفات
ڪئي. کانئس پوءِ سندن سؤٽ سلطان اشرف قنڌار جي تخت
تي ويٺو، جنهن کان نادر شاه سنه 1736ع ۾ ايران کي
آزاد ڪرايو.(1)
مير عبدالله خان کي به نادر شاه جي آڻ مڃڻي پئي.
نادر شاه سندس ٻن پٽن مير محبت خان ۽ التاز خان کي
پاڻ وٽ بطور ضمانت نظربند رکيو.
مٿئين انقلاب مان فائدو وٺي، ميان نور محمد ڪڇيءَ
جي سردارن قيصر خان مگسيءَ، ميرو خان، شوران جي
رند سردار ۽ ڀاڳناڙيءَ جي زميندارن کي، جي سندس
مريد هئا، پنهنجو ڪري، مراد ڪليري عرف مراد گٽجي
کي ڪڇيءَ مٿان نائب مقرر ڪيو. ميان جي ٻن سپه
سالارن مير بهرام خان ٽالپر ۽ راڄي ليکيءَ اَٺن
هزارن جي لشڪر سان ميان جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪڇيءَ تي
ڪاهه ڪئي. ڍاڍر جي ويجهو سنيءَ جي ڳوٺ وٽ ڪلهوڙن ۽
براهوئين جو مقابلو ٿيو. مير عبدالله خان ’شهباز
ڪوهستان‘ وٽ ان وقت ٻه ٽي سؤ سوارن جو دستو هو، جن
سان غنيم جو مقابلو ڪندي، هو شهيد ٿي ويو. ميان
نور محمد فتح جا شاديانا وڄائيندو، پنهنجي تختگاه
لاڙڪاڻي ۾ پهتو. ميان نور محمد جي قلات جي حاڪمن
سان به مائٽي هئي. سندس پٽ، مير عبدالله خان جي
ڀائٽي سان شادي ڪئي هئي. مير عبدالله خان جي شهادت
کان پوءِ نادر شاه سندس وليعهد پٽ مير محبت خان کي
خلعت فاخره پهرائي قلات جي گاديءَ تي ويهاريو.
نادر شاه افشار:
نادر شاهه جو اصلي نالو نادر قلي هو. سندس پيءُ
امام قلي افشار پوستين ساز هو. نادر قلي سترهن
ورهين جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ سميت اُزبڪن هٿان
گرفتار ٿي ويو ۽ قيد ۾ رهيو. پوءِ اتان ڀڄي بابل
بيگ نالي هڪڙي امير وٽ نوڪر بيٺو. ڪجهه عرصي کان
پوءِ امير کي قتل ڪري، سندس ڌيءَ ڀڄائي ويو. پوءِ
ڌاڙيلن جي ٽولي ٺاهي وڏا ڌاڙا هڻڻ لڳو، ايتري قدر
جو ايران ۾ سندس نالو مشهور ٿي ويو. سنه 1735ع ۾ ،
نادر شاه، سلطان اشرف غلزئيءَ کان ايران کي آزاد
ڪرائي، ٿورو وقت پوئين صفوي حاڪم طهماسپ بن شاه
حسين پاران مدارالمهام جي حيثيت ۾ حڪومت هلائڻ
لڳو. طهماسپ جي مرڻ کان پوءِ سنه 1736ع ۾ هڪ لک
ايراني سردارن ۽ اميرن مغان جي ڳوٺ وٽ کليءَ طرح
نادر شاه جي مٿي تي تاج رکي، کيس شهنشاه تسليم
ڪيو.(1)
چنگيز ۽ تيمور کان پوءِ هو ايشيا جو ٽيون نمبر
فاتح ٿي گذريو. سندس سڪي تي هيءَ عبارت لکيل هئي:
”نادرم در ملک ايران قادرم بر هر ديار
لافتا الا علي لا سيف الا ذوالفقار.“(1)
سنه 1738ع ۾ هن ڪابل فتح ڪيو، جو انهن ڏينهن ۾
دهليءَ جي مغل شهنشاهت جو سرحدي صوبو هو.
نادر شاه جي دهليءَ تي ڪاهه:
سيد حسين ۽ سيد عبدالله کان پوءِ دهليءَ جي درٻار
۾ ٻه جماعتون پاڻ ۾ جنگ ۾ رڌل هيون، شيعه جماعت جو
اڳواڻ نواب سعادت علي خان جو ناٺي برهان الملڪ هو
۽ سني جماعت جو اڳواڻ انتظام الدوله خان خانان هو.
ٻنهي جماعتن جي سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري مغل شهنشاهت
وڌيڪ ڪمزور ٿي پئي هئي. شيعه جماعت ۾ سمورا ايراني
امير هئا ۽ سني جماعت ۾ توراني مغل شامل هئا. سنه
1707ع کان وٺي سنه 1719ع تائين، اورنگزيب جي وفات
کان پوءِ 12 سالن اندر، تخت ۽ تاج هٿ ڪرڻ لاءِ مغل
شهزادن ۾ ست گهمرا خونريز جنگيون لڳيون، جن ۾
گهڻائي شهزادا ۽ امير مارجي ويا.
نظام الملڪ 1724ع ۾ دکن ۾ آصف جاهي خاندان جي
حڪومت جو بنياد وڌو. سعادت علي خان ائوڌ ۾ پنهنجي
خاندان لاءِ حڪومت قائم ڪئي. روهيل کنڊ ۾ روهيلن ۽
باقي هندستان اندر افغانن، جاٽن، راجپوتن، مرهٽن ۽
سکن ڪاهون شروع ڪيون. دهلي ۽ آگرو جاٽن جي ڪاهُن
جي خطري ۾ هئا. گجرات، مالوه، بنديل کنڊ کان پوءِ
سنه 1742ع ۾ اولهندو بنگال، بهار ۽ اوڙيسا پيشوا
باجي راءِ جي قبضي هيٺ اچي ويا. ڪابل جو حاڪم ناصر
خان بيوس هو، سندس فوجن کي 1733ع کان 1738ع تائين
پنجن سالن جو پگهار ڪونه مليو هو. مرڪزي حڪومت
اندروني سازشن سبب کيس مدد ڏيڻ کان قاصر هئي.
نومبر سنه 1738ع ۾ نادر شاه ڪابل تي قبضو ڪيو. 21
جنوري 1739ع ۾ زڪريا خان پنجاب جي مغل صوبيدار
راويءَ جي ڪپ تي ويهه هزار ايراني لشڪر ۽ ڇهه هزار
بلوچي لشڪر کان شڪست کاڌي.(1)
زڪريا خان کي ويهه لک رپيا تاوان ڀرڻو پيو.
نادري لشڪر اڳتي وڌيو. دهليءَ کان 75 ميلن جي
مفاصلي تي اُتر ۾ ڪرنال جي جنگ ۾ نون ڪلاڪن اندر
ويهه هزار مغل لشڪر مارجي ويو. ايرانين ۽ بلوچن
شهر کي لٽيو.(2)
تنهن کان پوءِ دهليءَ جو وارو آيو. ايرانين شهر کي
لٽي ناس ڪيو. اٽڪل ويهه ڪروڙ نقد، شاهجهان جو
طاؤسي تخت، زر ۽ جواهر جن ۾ مشهور ڪوه نور هيرو به
هو، سمورو اسباب ايراني فاتح هٿ ڪيو.
فريزر صاحب لکي ٿو ته، جملي اسي ڪروڙن جو مال نادر
شاه ساڻ کڻي موٽيو. مهراڻ جي اولهندي ڪناري وارا
علائقا ٺٽي سميت پنهنجي قبضي ۾ رکيائين.(3)
ميان نور محمد کي پيرن ۾ زنجير ٻڌرائي کيس مير
محبت خان جي حوالي ڪيائين، جنهن بلوچي رواداريءَ
موجب ميان کان ڪڇيءَ جو علائقو کسي، کيس احترام
سان آزاد ڪيو.(1)
ميان نور محمد جو نادر شاه سان عهدنامو ڪرڻ:
سنڌ مان موٽي وڃڻ کان پوءِ ميان نور محمد نادر شاه
سان ڪيلن وعدن جي انحرافي ڪرڻ لڳو، جنهن تي نادر
شاه غصي ٿي 27 ڊسمبر سنه 1739ع ۾ ڪابل کان سنڌ تي
ڪاهي آيو ۽ فيبروريءَ ۾ لاڙڪاڻي پهتو. ميان نور
محمد خوف کان عمرڪوٽ ڏانهن ڀڄي ويو، مگر 14
فيبروريءَ تي نادري گهوڙا عمرڪوٽ جي ديوارين هيٺان
پهتا. هڪ ڪروڙ رپيا جيڪي سرائيءَ ڪوٽ ۾ پوريا هئا،
سي ايراني فاتح هٿ ڪيا. پوءِ ميان کي گرفتار ڪري
لاڙڪاڻي آندائين، جتي سرائيءَ نادر شاه سان نئون
عهدنامو ڪيو، جنهن موجب هن لاڙ ۽ وچولي جا پرڳڻا
نادر شاه جي حوالي ڪيا. ازانسواءِ ويهه لک رپيا
ساليانو خراج ڏيڻ منظور ڪيائين.
نادر شاهه مٿيان پرڳڻا ميان کي موٽائي ڏنا ۽ کيس
’نواب شاه قلي خان‘ جو خطاب ڏنائين. پوءِ ميان کان
ڪي قيمتي ڪتاب کسي، سندس ٻن پٽن محمد مرادياب خان
۽ غلام شاه کي ضمانت طور پاڻ سان خراسان وٺي ويو.
شيخ غلام محمد کي ميان شهزادن سان همراه روانو
ڪيو. نادر شاه جي سپه سالار طهماسپ قلي خان جلائر،
دائودپوٽن کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو. سنه 1150هه
(1739ع) ۾ ميان نور محمد ڪڪرالي ۾ ڌاريجن جي ڄام ۽
راڻي کي توبخاني سان شڪست ڏيئي، نصرپور تائين ملڪ
فتح ڪيو. پوءِ فاتحانه انداز سان ميان صاحب پنهنجن
رفيقن، صالح خان بيات، شيخ شڪرالله ۽ مستي خان
جويه سان اگهم ڳوٺ کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو. آقا محمد
ڪريم اصفهانيءَ کي شهر مٿان پنهنجو نائب ۽ سلطان
سامٽيه کي شهر جو ناظم مقرر ڪري، بلوچن جي فساد کي
مٽائڻ لاءِ روانو ٿيو. شورن بلوچن نادر شاه جي
ڪاهه وقت چڪر هالا پرڳڻي ۾ رڻ مچائي ڏنو هو.
ازانسواءِ ونگي ۽ حاجڪان جي تماچي ۽ توغاچي ڄامن،
آسو سومري سميت ڍلن ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
سنه 1154هه (1743ع) ۾ شورن ۽ مٿئين زميندار کي
ميان نور محمد شڪست ڏيئي زير ڪيو. سنه 1157هه ۾
شيخ شڪرالله، ڪڪرالي جي حاڪم ڄام هوتيءَ کي گاديءَ
تان لاهي، سندس پٽ ڄام مهر کي گاديءَ تي ويهاريو.
تنهن کان پوءِ ميان نور محمد بدين پرڳڻي جي قلعي
ڪانجيءَ کي بهادر شاهه فقير جي مدد سان فتح ڪيو.
ساڳئي وقت ميان جي اميرن مان سلطان فقير وفات ڪئي،
جنهن کي ڪوه مڪليءَ تي دفنايو ويو ۽ سندس پٽ مسو
فقير کي ميان سندس پيءُ جو عهدو ڏنو. ميان نور
محمد ٺٽي جون واڳون فقير بلاول نائچ جي حوالي ڪري،
لاڙ جي سمورن زميندارن کي زير ڪرڻ کان پوءِ اتر
سنڌ جي شهر شڪارپور تي قبضو ڪيو. غرض ته نادر شاه
جي ايران ڏانهن موٽي وڃڻ کان پوءِ ميان نور محمد
سڄيءَ سنڌ تي قبضو ڪيو.(1)
احمد شاهه ابدالي:
سنه 1160هه (1747ع) ۾ نادري فوج جي قزلباش اميرن
صالح بيگ ترڪمان سان گڏجي سازش ڪري نادر شاه کي
قتل ڪيو. افغانستان، خراسان ۽ مهراڻ جي الهندي
وارا علائقا نادري خزانن سميت نادر شاه جي سپه
سالارن مان احمد خان ابداليءَ جي قبضي هيٺ اچي
ويا، جو ايشيا جو چوٿون نمبر فاتح ٿي گذريو آهي.
سنه 1728ع ۾ نادر شاه آقا محمد حسين قاچار جي پيءُ
کي مارائي ڇڏيو هو. نادر شاهه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ
محمد حسين قاچار ايران تي قبضو ڪيو.(2)
جن ڏينهن ۾ قنڌار جي هوتڪي اميرن ايران جي صفوين
جي خلاف استقلال جو جهنڊو بلند ڪيو هو، انهن ڏينهن
۾ هرات جي ابدالي سردار آزاد خان، خراسان تي
ڪاهون ڪرڻ شروع ڪيون هيون. کانئس پوءِ عبدالله خان
بن حيات خان ابداليءَ سنه 1229هه ۾ هرات جي ايراني
نائب جعفر قليءَ کي قتل ڪري، هرات ۾ ابدالين جي
رياست جو بنياد وڌو هو. ابدالي ۽ هوتڪي سردارن جي
پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. امير محمود جي ايران تي ڪاهه ڪرڻ
وقت ابدالين مشهد تي قبضو ڪيو هو.
سنه 1144هه ۾ نادر شاه هرات تي قبضي ڪرڻ وقت، زمان
خان بن دولت خان ابداليءَ جي ٻن پٽن ذوالفقار خان
۽ احمد خان کي پاڻ وٽ گهرائي، زمان خان کي هرات
مٿان حاڪم مقرر ڪيو. سندس مئي کان پوءِ هرات جي
حڪومت نادر شاه، احمد خان جي حوالي ڪئي. احمد خان
هندستان تي نادر شاه جي حملي ڪرڻ وقت نادر شاه سان
همراه هو. نادر شاه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ افغان
سردارن گڏجي قنڌار جي وڏي اولياءَ شير سرخ بابا جي
تربت تي مجلس شوريٰ برپا ڪري، يڪراءِ احمد خان
ابداليءَ کي ’احمد شاه بابا‘ جي لقب سان پنهنجو
امير تسليم ڪيو.(1)
احمد شاه ابدالي پهريون افغان حاڪم هو، جيڪو
افغانستان ۾ افغاني حڪومت جو پايو وجهي، پاڻ کي
’در دوران‘ جي لقب سان سڏائڻ لڳو ۽ افغان قوم تي
دراني نالو رکيائين. سندس حڪومت جون حدون اتر ۾
جيحون درياءَ کان وٺي، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ تائين
اوڀرندي ۾ سنڌو نديءَ کان وٺي عمان جي نار تائين
هيون.(2)
سدو زئي فرمانروائن جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو:
|