سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 9

بادشاهه والا جاه سلطان حسين مرزا جي بديع الزمان مرزا سان صلاح ڪرڻ جو احوال

جنهن وقت بديع الزمان مرزا، شاهه بيگ سان گڏجي قنڌار کان الڳنگ نشين ڏانهن يلغار ڪئي هئي، تڏهن مير ذوالنون غور ملڪ ۾ هو، تنهن ڪري بديع الزمان مرزا شهي لشڪر گاهه کان ناڪام ٿي مير ذوالنون جي ڇانوڻيءَ ڏانهن موٽي ويو هو. هن شهزادي جي استقبال ڪري سندس ذات مبارڪ صفات جي سلامتيءَ تي شڪرانا بجا آندا ۽ انهيءَ نقصان جي تدارڪ لاءِ قنڌار، داور ۽ غور جي لشڪرن گڏ ٿيڻ لاءِ چؤطرف تڪڙا ماڻهو مڪليائين. جنهن ڪري ٿوري وقت ۾ ارغون هزاره، تڪداري، قبچاق وغيره قبيلن جو گهڻو لشڪر مرزا بديع الزمان ۽ مير ذاولنون جي جهندي هيٺ گڏ ٿي، لڙائي ۽ مقابلي لاءِ تيار ٿيو. هيءَ خبر جڏهن خاقان فريدون جاه کي پهتي، تڏهن مرزا کي ٻيو ڀيرو گوشمالي ڏيڻ جي ارادي سان هو النگ نشين کان هرات ڏانهن روانو ٿيو.انهن ڏينهن ۾ بديع الزمان مرزا ۽ مير ذوالنون جي طرفان شيخ جلال الدين ابو سعيد پوراني ۽ مولانا محمود سرخ، شاهي ڪئمپ ۾ آيا، ۽ اچي ٺهراءَ جون ڳالهيون شروع ڪيائون، فتحمند خاقان صلح ڏانهن مائل ٿي، شهزادي جي دلداريءَ لاءِ آماده ٿيو. [91]

هن اجمال جو تفصيل هن طرح آهي ته هن واقعي کان ڪجهه ڏينهن اڳ سعادتمند خاقان جناب شيخ الاسلام سيف الملته والدين احمر تفتازاني ۽ شيخ جلال الدين ابو سعيد پوراني ۽ سيد غياث الدين محمد صدر کي گرمسير ڏانهن موڪليو هو ته جيئن بديع الزمان کي نصيحت ڪري، مخالفت جي واٽ کان موافقت جي راهه تي آڻين. هو جڏهن فراه جي حد ۾ پهتا، تڏهن ٻڌائون ته بديع الزمان مرزا پيءُ بزرگوار تي يلغار ڪري لشڪر وٺي ويو آهي. شيخ جلال الدين، ابو سعيد پوراني ۽ سيد غياث الدين محمد وڃيمرزا ۽ مير ذوالنون سان مليا، ۽ شيخ ابو سعيد صلح متعلق شهزادي سان گفتگو ڪئي. جنهن جواب ڏنو ته جيڪڏهن حضرت خاقان مهرباني فرمائي، ۽ پنهنجي ملڪ مان ايترو ٽڪرو عنايت فرمائي جنهن سان انهيءَ جماعت جو جيڪي اسان جي ملازمت ۾ آهن، گذاران سهوليت سان ٿي سگهي ته اسان پڻ اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو رستو وٺي، خدمتگاري ڪنداسون. ٻي صورت ۾ نه. شيخ ۽ سيد اجازت وٺي درٻار حشمت مدار ۾ پهتا، مرزا بديع الزمان جون ڳالهيون عرض رکيائون، ۽ صلح پڪي ڪرڻ لاءِ ٻيو دفعو امير شيخ طغائيءَ سان، جو انهيءَ وقت درٻار اعلى ۾ ملازم هو، گڏ بديع الزمان جي ڪئمپ ۾ ويا، جتان اهي هدايت وارا بادشاهه جي خدمت ۾ موٽي آيا ۽ اچي عرض ڪيائون ته مرزا بديع الزمان کي لالچ آهي ته اڳئين دستور موجب سيستان ملڪ ۽ آسپاس جي حڪومت سندس حوالي ڪئي وڃي ته هو وري مخالفت نه ڪندو. حضور هيءَ عرض قبول ڪري النگ نشين کان منزل پٽي هرات ڏانهن چڙهي ويو، جڏهن پڪ ٿي ته بادشاهه، مير ذوالنون ۽ بديع الزمان جي جنگ لاءِ ٻيو دفعو تيار ٿيو آهي، تڏهن امير علي شير هرات جي تختگاهه کان شاهي ڪئمپ ۾ پهچي خاقان جي ملازمت جو شرف حاصل ڪيو، ۽ حضور بادشاهه سلامت کي بديع الزمان جي راضي ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيئي [92] ”الصلح خير“ جو ڪلمو گوش گذار ڪيائين، جنهن تي سيستان ۽ فراه جي حڪومت جو فرمان بديع الدين نالي جاري ٿيو. هيءُ خوشيءَ جهڙو فرمان امير شيخ علي دغائيءَ مرزا وٽ پهچايو ۽ مرزا بديع الزمان غور کان سيستان ڏانهن روانو ٿيو. هيءُ واقعو مهيني صفر سن 906هه جي آخر ۾ ٿيو.

بديع الزمان مرزا جي هرات جي تختگاهه تي ڪاهڻ جو احوال

جنهن وقت فتحمند خاقان پنهنجي بينظير گهوڙي جي واڳ استر آباد ڏانهن ورائي، تنهن وقت بديع الزمان مرزا سيستان کان ۽ مير ذوالنون ارغون داور جي سر زمين کان غور جي ييلاق ۾ آيا جتي خراسان ولايت جي فتح ڪرڻ جي ارادي سان هزاره، تڪدري ۽ قبچاق جا لشڪر گڏ ڪيائون، صلاح ۽ مشوري کانپوءِ بي انداز لشڪر ساڻ ڪري هرات ولايت ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي خاقاني اميرن ۽ وزيرن جا جيڪي به چراگاهه هٿ لڳن، سي قبضي ۾ ڪندا، سڌو هرات ڏانهن روانا ٿيا. هنن خبرن مشهور ٿيڻ تي امير نظام الدين علي شير ۽ ٻيا امير جيڪي انهيءَ رونقدار شهر ۾ موجود هئا ڏاڍا پريشان ٿيا، ۽ شهر جي قلعي کي مضبوط ڪري آسپاس جي ماڻهن کي قلعي ۾ آڻي، قلعي بند ڪري ويهي رهڻ جو فيصلو ڪيائون. بديع الزمان مرزا جڏهن ادسيه ڳوٺ ۾ پهتو، تڏهن مير ذوالنون ارغون فوج جي مقدمي طور اڳڀرو وڌيو. آسپاس جا ڪي ماڻهو جيڪي اڃا پنهنجن باغن ۾ رهيل هئا،تن جڏهن مير ذوالنون کي گهڻو لشڪر ساڻ ڏٺو، تڏهن ڏاڍو آڌر ڀاءُ ڪري، پنهنجي حال آهر تحفا ۽ نذرانا پيش ڪيائون، ۽ ٻڌايائون ته توهان جو هن طرح اڳتي وڌڻ مناسب نٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته محمد معصوم مرزا ججڪتوءَ کان محمد ولي بيگ اندخود کان [پهچي چڪا آهن] ۽ سيد عبدا: مرزا داماد، عبدالباقي مرزا، امير بابا علي ۽ خواجا افضل جا پٽ ڪن هزار مڪمل سوارن سان شزادي محمد معصوم مرزا جي معيت ۾ [93] باغات جي آسپاس منزل انداز ٿي انتظار ڪري رهيا آهن. مير ذوالنون مرزا بديع الزمان جي خدمت ۾ قاصد موڪلي کيس صورتحال کان واقف ڪيو، جنهن تي بديع الزمان مرزا لڪلڪاخاه جي گرد نواح ۾ وڃي مير ذوالنون سان مليو. عين انهيءَ وقت جڏهن مير ذوالنون جي تنبوءَ ۾ شاهزاده تشريف آور هو. جاسوسن خبر آندي ته باغن جي آسپاس مان وڏو لشڪر ظاهر ٿيو آهي، انهيءَ گهڙيءَ مير ذوالنون ارغوني لشڪر ساڻ ڪري لڙائي تي روانو ٿيو. النگ نشين جي آسپاس ٻنهي ڌرين جو مقابلو ٿيو، ۽ ٻنهي طرفن کان جنگي جوڌا تراريون اگهاڙيون ڪري هڪٻئي تي ڪاهي پيا، ۽ جنگ جي ميدان ۾ ڌوڙ رکي ڦرندڙ آسمان تي پهتي. ايتري ۾ مرزا بديع الزمان جو جهنڊو به چنڊ وانگيان اچي جنگ جي ميدان تي ظاهر ٿيو. هيءُ حالت ڏسي هرات وارن جي دل ٽٽي پيئي، ۽ سندن هٿن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏنو. پهريائين مرزا سيد عبدالله ۽ امير بابا علي ڀڳا، کانئن پوءِ محمد معصوم ۽ مرزا ولي بيگ پڻ پڄڻ جو رستو اختيار ڪيو. مرزا شهر ۾ گهڙڻ مناسب نه سمجهي فتحمند خاقان جي ڪئمپ ڏانهن رخ رکيو، باقي ٻيا ڀڳل ماڻهو قلعي ۾ داخل ٿي، دروازا بند ڪري ويهي رهيا، ۽ قلعي جون ڀتيون ۽ ٺلهه اعتبار جوڳن ماڻهن جي حوالي ڪيائون. بديع الزمان مرزا ۽ مير ذوالنون ڪامياب ۽ فتحمند ٿي اچي النگ نشين ۾ لٿا. ٿورن ڏينهن کانپوءِ اتان پل مالان ڏانهن روانا ٿيا، کين لالچ هئي ته هرات شهر جا ماڻهو جنگ کانسواءِ شهر سندن حوالي ڪندا. هوڏانهن امير علي شير صلح ۽ دلاسي ۾ وقت گذاريندو رهيو، ۽ لشڪر کي وڙهڻ جي اجازت نه ڏنائين. هن حالت کي جڏهن چاليهه ڏينهن گذري ويا، ۽ فتحمند خاقان جي موٽڻ جي خبر مشهور ٿي، تڏهن امير نظام الدين علي شير مرزا بديع الزمان سان خط و ڪتابت شروع ڪري کيس پيءُ سان لڙائي ۽ مقابلي ڪرڻ کان باز آندو، ۽ عرض ڪيائينس ته هرات جي ٻاهران منزل پٽي ڪنهن ٻئي طرف هليو وڃي، جيئن سندس ۽ فتحمند خاقان جي وچ ۾ ڪو ٽڪرنه ٿئي، متان فتني فساد جي باهه ٻيهر ڀڙڪي پوي. شهزادي هن التماس پوري ڪرڻ ۾ مصلحت ڏسي پل مالان کان پل سالار ڏانهن روانو ٿيو، ۽ اتان وري مرغاب نديءَ ڏينهن هليو ويو. [1]

 

بلخ حڪومت مرزا بديع الزمان جي حوالي ٿيڻ ۽ مير ذوالنون ۽ سندس هدايت واري فرزند شاهه بيگ جي موٽي وڃڻ جو احوال

جڏهن بدين الزمان هرات شهر جي ٻاهران منزل پٽي مرغاب نديءَ جي ڪناري ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن بادغيس ۽ ججڪتو جو سارو لشڪر اچي سندس جهنڊي هيٺ گڏ ٿي، ۽ شاهه بيگ پڻ قنڌار کان اچي خدمت ۾ رسيو، جنهن ڪري لشڪر گاهه ۾ وڏو لشڪر موجود ٿي ويو، پرنده بيگ بخشي جو فتحمند خاقان جي طرفان مرو جي قلعي جو حاڪم هو،تنهن قلعي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. شاهه بيگ قلعي فتح ڏانهن رخ رکيو، تڪدر ۽ هزاري جي لشڪر ۽ ٻيئي ساري سپاهه عام حملي جي صورت ۾ تير و ڪمال هٿ ۾ کڻي بهادريءَ ۽ همت سان انهيءَ قلعي ڏانهن توجهه ڪيو. امير پرندهه بخشي صبح کان منجهند تائين بچاءُ ڪندو رهيو، پر نيٺ مقابلي کان عاجز ٿي پيو. شاهه بيگ مرو جو قلعو فتح ڪري، امير پرنده جي گردن ٻڌي، کيس بديع الزمان مرزا ڏانهن موڪليو، جنهن سندس گناهه معاف فرمائي کيس ڇوڙي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن هرات جي شهر ۾ فتحمند خاقان پنهنجي پٽ جي گهڻي لشڪر ۽ وريءَ تياريءَ جون خبرون ٻڌي، نهايت پريشان ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت سندس لشڪر استر آباد جي حملي کان تازو موٽيو هو. سندس گهوڙا نهايت ڏٻرا ۽ ضعيف هئا، ۽ ڪي ڏينهن آرام وٺڻ کان سواءِ، ٻيو سفر ڪري بديع الزما مرزا ۽ مير ذوالنون سان لڙائي جو دروازو کولي نٿي سگهيا. لاچار فتحمند خاقان [95] شاهي درٻار جي مقبرن سان صلاح مشورو ڪري، صلح جو ارادو ڪيو ۽ مولانا فصيح الدين استر آباديءَ کي ه مشڪل حل ڪرڻ لاءِ مرغاب نديءَ جي ڪناري ڏانهن موڪليائين. مولانا صاحب، بديع الزمان مرزا ۽ مير ذوالنون جي خدمت ۾ پهچي پيغام رسايو، ۽ شهزادي کي پيءَ جي مهرباني حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، هو سڳورو پڻ پيءُ جي حقن جي مد نظر تي صلح ۽ صفائيءَ ڏانهن مائل ٿيو. ماڻهن جي بار بار آمد و رفت کان پوءِ فيصلو اهو ٿيو ته بلخ ۽ ان جي پسگردائيءَ جي بادشاهي بديع الزمان مرزا سان تعلق رکندي، ۽ انهيءَ ولايت ۾ شهزادي جو سڳورو نالو خاقان جي مبارڪ نالي سان گڏ خطبي ۾ پڙهيو ويندو. رستي ۾ خواجا شهاب الدين عبدا: مرواريد، شهزادي ۽ مير ذوالنون سان ملاقات ڪري بلغ جي بادشاهيءَ جو فرمان پهچايو، ۽ بديع الزمان بلخ ۾ تشريف فرما ٿي مير ذوالنون ۽ شاهه بيگ کي عزت ۽ احترام سان واپس موٽڻ جي اجازت ڏني، ۽ سيستان جي حڪومت مير ذوالنون جي ڀاءُ امير سلطان علي ارغون کي عنايت ڪئي. مير ذوالنون ۽ شاه بيگ بادشاهي جو جهنڊو لهرائيندا قنڌار آيا.

ابن حسين مرزا جو سيستان ڏانهن روانو ٿيڻ ۽ امير سلطان علي ارغون سان لڙائي ڪرڻ جو احوال

سن 908هه ۾ جاجم بڙدي ۽ لاش جي قلعي جي فوجدار خدا قلعيءَ، فتحمند خاقان جي خير خواهي ڪري، سيستان جي حاڪم امير سلطان علي اغورن کان باغي ٿي، شاهي حضور ۾ هيٺئين مضمون جو هڪ عريضو موڪليو ته جيڪڏهن شهزادن مان ڪوبه هن ملڪ ۾ تشريف فرما ٿيندو ته سيستان آسانيءَ سان فتح ٿي سگهندو، جنهن تي خاقان عاليشان، ابن حسين مرزا کي ٻه سئو سوار ساڻ ڏيئي، سيستان ولايت کي مطيع ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. ابن حسين مرزا انهيءَ ملڪ ڏانهن روانو ٿيو [96] ۽ سيستان جي حدن تي حملو ڪري، اوق نالي هڪ جڳهه تي وڃي لٿو. ذوالنون هيءَ خبر ٻڌڻ شرط پنهنجي هدايت واري پٽ شاهه بيگ سان گڏجي، مرزا ابن حسين جي لشڪر گاهه ڏانهن رخ رکيو ۽ جلدي جلدي پنڌ پورو ڪري، صبح جو سوير اڃا مرزا ابن حسين ننڊ ۾ پيو هو، ۽ سندس سپاهي ٽڙيل پکڙيل هئا، تڏهن مير ذوالنون وڃي اوق جي ٻاهران پهتو، مرزا خبر معلوم ڪري، اٽڪل ٽيهه هزار لشڪر جو انهيءَ وقت سندس دروازي تي موجود هو، ساڻ ڪري مير ذوالنون کي سامهون ٿيو، ٻئي طرف کان مير فاضل ڪوڪلتاش پنهنجي حامي عاقل اتڪ سان، جو ارغونن جي لشڪر جي مقدمي تي هو گڏجي ابن حسين مرزا جي مقابلي ۾ لڙائيءَ لاءِ صفون سينگاري اچي بيٺو. ٻنهي طرفن جي بهادرن تير ڪمانون، تلوارون ۽ نيزا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، ته ايتري ۾ هڪ طرف کان مير ذوالنون ترخانن ۽ ارغونن جي وڏي لشڪر سان ٻئي طرف کان شاهه بيگ، يڪ، تڪدر ۽ هزاري جي ماڻهن جي ٽولي سان ۽ پٺ جي طرف کان وري باقر ارغون، ملڪ علي ولد سلطان علي ارغون ۽ سلطان بيگ سيستان جو لشڪر ساڻ ڪري اوچتو ئي اوچتو اچي لڙائي جي ميدان ۾ پهتا ۽ ابن حسين مرزا کي وڪوڙي ويا. مرزا گهوڙي ساعت مقابلو ڪيو، پر مير فاضل بيگ ڪوڪلتاش جي هٿان نيزي جو زخم کائي ڦٽجي پيو، تنهن ڪري وٺي هرات ڏانهن ڀڳو، مير ذوالنون مرزا جي تعاقب کان منع ڪئي ۽ ڪنهن کي به شاهي ڪئمپ يا ٻئي لشڪر جي پويان پوڻ نه ڇڏيائين. مير ذوالنون فتح کان پوءِ سيستان موٽي ويو، ۽ پنهنجي ڀاءُ مير سلطان عليءَ سان ملاقات ڪري قنڌار واپس ويو.

مرزا محمد مقيم وليد مير ذوالنون جي ڪابل فتح ڪرڻ، ۽ اتي جي ڪن حادثن جو احوال

جيئن ته بقا ۽ هميشگي ڪُن فَيَڪُون جي مالڪ جي ذات بيمثال لاءِ خاص آهي، [97]  ۽ هن دنيا ڪمينيءَ کان انتقال ۽ لاڏاڻو زمين جي رهاڪن جي وجود لاءِ لازمي آهي، تنهن ڪري سن 907هه ۾ مرزا الغ بيگ ابن سعيد مرزا، ڪابل ولايت ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ۽ سندس پٽ مرزا عبدالرزاق انهيءَ ملڪ جو حاڪم ٿي، پيءُ جي جاءِ تي بادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويٺو، شهزادي جي ننڍيءَ عمر هجڻ سبب، اميرن ۽ وزيرن ۾ اختلاف پيدا ٿيو، ۽ شيرم زڪه سڀني ننڍن خواه وڏن معاملات جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي. امير يوسف، محمد قاسم بيگ، امير يونس علي ۽ ڪي ٻيا شاهي امير ۽ وزير شهر کان ٻاهر وڃي موقعي جي تاڙ ۾ رهيا. عيد الضحى جي صبح جو جڏهن شيرم زڪه بادشاهه جي ديوانخاني ۾ ويهي آش (رٻ) پي رهيو هو، تڏهن پورا ٽي سئو ماڻهو اوچتو ڪابل ۾ داخل ٿي مٿس ڪاهي آيا، ۽ تلوارون مياڻ مان ڪڍي هڪدم سندس حياتيءَ جو بنياد ڪڍي ڇڏيائون. هن ڪري ڪابلين ۾ سخت پريشاني پيدا ٿي.

هيءُ خبر گرمسير ۽ مير ذوالنون جي ننڍي پٽ مرزا محمد مقيم جي ڪن پيئي، ۽ هو سن 908هه جي آخر ۾ هزاي ۽ تڪدر جو لشڪر گڏ ڪري، ڪابل جي فتح ڪرڻ جي ارادي سان اوڏانهن کڙو ٿيو. مرزا عبدالرزاق مقابلي جي عيوض ڀڄڻ پسند ڪيو. محمد مقيم انهيءَ ملڪ جو حاڪم ٿي الخ بيگ مرزا جي نياڻيءَ نڪاح ۾ آندي. مرزا بديع الزمان ۽ مير ذوالنون آمويه نديءَ جي ڪناري تي منزل انداز هئا ته هي خبرون کين پهتيون ۽ سندن خوشيءَ جو باعث ٿيون. ليڪن امير ذوالنون کي دل ۾ ڏاڍي پريشاني ٿي، سو هڪ دڙڪن ڀريو خط پٽ ڏانهن لکيائين ته سندس هيءُ دليري چڱي ڳالهه نه هئي، هاڻي کيس گهرجي ته ڪابل جي اميرن کي پاڻ وٽ نه ڇڏي، ۽ پاڻ کي بي پرواهه نه رهي، جنهن تي مرزا محمد مقيم ڪابل جي قديم باشندن مان گهڻن کي رخت ڏيئي، ڪابل جي نگراني ۽ حڪومت پنهنجي ماڻهن سان ڪندو رهيو. [98] سن 910هه جي اوائل ۾، حضرت ظهير السلطنت والخلافت محمد بابر بادشاهه سمرقند کان موٽڻ بعد اندخود کان ڪابل جي واٽ ورتي ۽ جلدي جلدي پنڌ پورو ڪري انهيءَ شهر پسگردائيءَ کي پنهنجي مبارڪ اچڻ جي برڪت سان تازگي بخشيائين، امير محمد مقيم ولد مير ذوالنون ارغون مقابلي جي طاقت نه ڏسي شهر ۾ قلعي بند ٿي ويٺو. محاصري کان وٺي ٿورا ڏينهن پوءِ سندس خير خواهه توڙي قوم جا ماڻهو فتح بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو خيال ڪرڻ لڳا، ۽ شهر ۾ اندر رهندڙ ماڻهو پڻ خلافت پناهه شهنشاهه جي خير خواهيءَ جو دم ڀرڻ لڳا. آخر محمد قديم جو معاملو صبر ۽ تحمل کان چڙهي ويو ۽ بابر بادشاهه جي درگاه عاليءَ ۾ درخواست موڪلي معافي ۽ امن گهريائين ته جيئن هو خدمت ۾ حاضر ٿي قلعي جي ڪنجي حوالي ڪري سگهي. حضرت بابر بادشاهه محمد مقيم جو عرض اگهائي قسم کنيو ته جڏهن محمد مقيم شهر جو دروازو کوليندو تڏهن ساڻس جڳائيندي مهرباني ڪئي ويندي، محمد مقيم بادشاهي مهربانين ۾ اميدوار ٿي ڪابل کان ٻاهر نڪتو، ۽ قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري، لائق تحفا پيش ڪيائين. حضرت بادشاهه وعدي موجب کيس شاهاڻي نوازش ۽ خسرواڻي عنايت سان سرفراز ڪري اصلوڪي وطن وڃڻ جي اجازت ڏني.

قادر بيمثال جي تقدير موجب مير ذاولنون جي شهادت جو احوال

جڏهن سن 913هه جي محرم جو چنڊ ڏٺو ته محمد خان شيباني اوزبڪ، ماڪڙ ۽ ماڪوڙين وانگيان بي انداز لشڪر ۽ اڻ ڳڻيا ماڻهو ساڻ ڪري ڪزڪ جو پتڻ ٽپي، خراسان تي ڪاهه ڪئي، محمد خان جي اچڻ کان فتحمند خاقان جا سڳورا پٽ ڏاڍا ڊنا، بديع الزمان مرزا هڪ تڪڙو قاصد مير ذوالنون ڏانهن موڪلي، کيس واقعي جي حقيقت کان واقف ڪيو. مير ذوالنون پنهنجي اولاد [99] ۽ مقربن سان صلاح ڪئي، هر هڪ جي راءِ نراليء مقرر ٿي. مير ذوالنون فرمايو ته اسان کي وڃن واجب آهي، هن وقت سستي ڪرڻ مروت ۽ انسانيت کان ٻاهر آهي، پر موٽي اچڻ محال آهي، ڇاڪاڻ ته اوزبڪ جو لشڪر نهايت وڏي دٻدٻي سان ۽ تمام طاقت ۽ قوت وارو آهي، ۽ فتحمند خاقان جي خاندان جو بخت ڊس ۽ زوال ڏانهن مائل آهي.

قصو ڪوتاهه، مير ذوالنون ارغونن جي لشڪر جي هڪ جماعت وٺي شهزادي بديع الزمان مرزا جي ڪئمپ ڏانهن روانو ٿيو. ٻه ٽي منزلون مس ڪيون هئائين ته خبر پهتيس ته سندس نياڻي چوچڪ بيگم هرات جي تختگاهه ۾ هن آفتن ڀريل دنيا مان آخرت ڏانهن رحلت ڪري ويئي. هن خبر ٻڌڻ تي اگرچ ڏک گهڻو ٿيس، پر زبان سان الله حميد مجيد جو شڪر ۽ بزرگي ڳايائين، ڇاڪاڻ ته هن مصيبت جي نازل ٿيڻ وقت انهيءَ هڪڙي طرف کان ئي دل کي تسلي ملڻي آهي، هڪ تڪڙو قاصد شاهه بيگ ڏانهن موڪليائين ته ”هو مستورات مان ڪن کي پاڻ سان وٺي وڃي ۽ ڪجهه پڇ پاڻي ڏيئي، سوءَ (غم) جا ڪپڙا لهرائي جلدي قنڌار موٽي اچي، ۽ محمد مقيم داور جي سر زمين ۾، امير سلطان علي سيستان ۾، امير جعفر ارغون، عبدالعلي زينڪ ترخان، عاقل اتڪه ۽ فاضل ڪوڪلتاش قنڌار ۾ رهي، دور انديشيءَ، هوشياريءَ، حفاظت ۽ سجاڳي کان ڪم وٺن، ۽ ڪڏهن به غافل ۽ بي خبر نه رهن.“

مير ذوالنون اتان تڪڙو روانو ٿيو، ٿوري وقت ۾ شهزادي بديع الزمان مرزا جي ڪئمپ ۾ پهچي دستبوسيءَ جو شرف حاصل ڪري، عزت اڪرام، تعظيم ۽ احترام لڌائين. شهزادي، مير ذوالنون ۽ ٻين وڏن اميرن سان صلاح ڪئي، ڄاتائون ته تقدير جو تير تدبير جي ڍال سان روڪي ڪونه سگهندا، ۽ جيئن ته [100] خود مالڪ الملڪ مطلق جوئي اهو ارادو هو ته خراسان جو ملڪ محمد شيباني ۽ اوزبڪ لشڪر جي قبضي ۾ اچي، ۽ فتحمند خاقان جي اولاد جي بادشاهي پوري ٿئي تنهن ڪري بي انتها لشڪر گڏ ٿيڻ ۽ صحيح مصلحت مان به ڪو فائدو ڪونه ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ اوزبڪ ۽ ماوراءُ النهر جو لشڪر آمويه ندي ٽپي آيو، جنهن ڪري خراسان جا بادشاهه ۽ امير حيرت ۽ ڳنتيءَ ۾ پئجي ويا ۽ دوباره صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا. مير ذوالنون پنهنجي طبعي بهادريءَ سبب جنگ ڪرڻ بهتر سمجهي، ۽ امير محمد برندق برلاس جي صلاح ٿي ته هرات جي شهر ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهجي. هنن ٻنهي صلاحن مان ڪا به هڪ مقرر ٿئي. تنهن کانپوءِ اڳ محمد خان شيباني جو قيامت خيز لشڪر جنهن ۾ آسماني حادثن کان به گهڻا سپاهي هئا، اچي ويجهو پيو. خاقاني لشڪر به ميمنو، ميسرو سينگاري  لڙائي جي ميدان ۾ پهتو. شاهزادن پڻ لشڪر تيار ڪري لڙائيءَ جون صفون سينگاريون. ٻنهي طرفن کان بهادرن جون گوڙيون، وٺ پڪڙ، نقارن ۽ شرنانين جا آواز آسمان تي پهچڻ لڳا. مير ذوالنون جنگي شيرن جي هڪ جماعت ساڻ ڪري واڳن جهڙن تلوارن جي وار سان ڪيئي هلوان فنا ڪري ڇڏيا، ۽ دشمنن جي لشڪر تي بار بار حملا ڪندو رهيو، پر جيئن ته اوزبڪ لشڪر خراسانين کان ڪيئي دفعا ٻيڻو ٽيڻو هو، ۽ درياءَ جي موجب وانگر فوجن پٺيان فوجون مدد لاءِ پهچي رهيون هيون، تنهن ڪري شاهزادن جو لشڪر مقابلي کان عاجز ٿي ڀڄڻ لڳو، ۽ پريشانيءَ ۽ بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ ٽوليون ٽوليون ٿي خراسان جي ڪنڊن پاسن ڏانهن ڊوڙيو. مير ذوالنون ڪڏهن ساڄي پاسي ته ڪڏهن کاٻي پاسي تي حملا ڪري تلوار ۽ خنجر جي زخمن سان بهادرن جون خون وهائي جنگ جي ميدان جي زمين رت سان رڱي نهايت بهادري ۽ جاونمردي  ڏيکاري رهيو هو. آخر اوزبڪ چئني طرفن کان وڪوڙي انهيءُ [101] لڙائيءَ جي ميدان جي شهسوار کي ڪيئي زخم رسائي گهوڙي تان ڪيرائي وڌو، ۽ کيس گرفتار ڪري محمد خان وٽ وٺي وڃڻ چاهيائون، پر مير ذوالنون هيڻي نه ٻولي ۽ قتل ٿي وڃڻ تائين بدستور جنگ ڪندو رهيو. [2]

 

شاهه بيگ ۽ محمد مقيم ارغون جي ڪجهه احوال جو احول

مير ذوالنون جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڀائر شاهه بيگ ۽ محمد مقيم قنڌار ۾ گڏ ٿيا، ۽ عزيت جون رسمون بجا آندائون، تعزيت کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ انهيءَ ئي مجلس ۾ محمد مقيم توڙي ٻين ارغون، ترخان ۽ يڪه جي سڀني اميرن ۽ ٻين سپاهين شاهه بيگ جي سرداري تسليم ڪئي. انهيءَ ڏينهن ٽپهريءَ جي نماز کان پوءِ شاه بيگ حڪم ڪيو ته نغارن جي نوبت دستور موجب وڄائيندي رهجي ۽ مير ذوالنون جي وقت ۾ جنهن ماڻهوءَ کي جيڪو عهدو هو، انهيءَ کي پنهنجي عهدي تي قائم رکيائين، جنهن ڪري سڀ ماڻهو دل و جان سان شاه بيگ جي خدمت ڪرڻ ڏانهن راغب ۽ مائل ٿيا. شاه بيگ ڦوه جوانيءَ جي زماني ۾ علم و ادب جي زيور سان سينگارجي سڀني علمن مان بخرو حاصل ڪري هميشه عالمن ۽ طالبن جي صحبت ۾ گذاريندو هو.

محمد خان شيباني جڏهن خراسان ملڪ فتح ڪري فراه جي آسپاس پهتو، ۽ قنڌار جي تابع ڪرڻ جو خيال رکي اوڏانهن گهوڙي جي واڳ ڦيريائين تڏهن گرمسير جي حد ۾ پهچڻ کان پوءِ شاهه بيگ ۽ امير محمد مقيم، محمد خان شيباني ڏانهن ايلچي موڪلي ڏانهنس پنهنجي تابعدي ۽ اطاعت ظاهر ڪئي، ۽ خطبو ۽ سڪو محمد خان جي نالي ۽ لقبن سان سينگارڻ کان پوءِ خدمت ۾ حاضريءَ جي شرف حاصل ڪرڻ جو وعدو ڪيو. انهيءَ ڪري محمد خان کانئن راضي ٿي خراسان ڏانهن موٽي ويو، ۽ ٽي گهوڙا، قيمتي سروپا ۽ تنبو عبدالهادي خواجا ۽ تيمور تاش جي هٿان موڪليائين، انهن جي اچڻ جي خبر ٻڌي، شاهه بيگ مطلب ڪڍيو ته ٿي سگهي ٿو ته هي ماڻهو ٻن ڪمن سان ايندا هجن، هڪ عهد نامي جو بنياد مضبوط ڪرڻ، [102] ٻيو منهنجي حالت ۽ لشڪر جو انداز معلوم ڪرڻ، انهيءَ خيال کان هڪدم چؤطرف ماڻهو موڪلي، پنهنجا آدمي گهرائي نهايت گهڻي لشڪر سان استقبال لاءِ نڪتو، ۽ قنڌار جي ٻاهران ٽي ڏينهن ٽڪي، ايلچين کي راضي ڪري ٻاهران ئي روانو ڪيائين.

سن 913هه ۾ ظهير السلطنت و الخلافت محمد بابر بادشاهه ڪابل ۽ غزنيءَ کان ڪامياب لشڪر ساڻ ڪري قنڌار ۽ داور جي سر زمين فتح ڪرڻ جو ارادو ڪري جهنڊو بلند ڪيو. شاهه بيگ ۽ محمد مقيم گهڻو لشڪر وٺي جنگ جي نيت سان اڳتي وڌي لڙائي ڪئي، مگر بابر بادشاهه جي فتح ٿي ۽ شاهه بيگ ۽ محمد مقيم شڪست کائي ڀڄي ويا، ۽ ساري قنڌار ۽ داور جي حڪومت بادشاهي تصرف هيٺ آئي. فاتح بادشاهه مير ذوالنون جا خزانا جيڪي گهڻي وقت کان وٺي گڏ ٿيل هئا، سي لشڪر جي اميرن ۽ سردارن ۾ تقسيم ڪري، قنڌار جي حڪومت جي واڳ پنهنجي ڀاءُ سلطان ناصر الدين جي حوالي ڪري، پاڻ ڪابل موٽي ويو ۽ محمد مقيم جي نياڻي ماهه بيگم پڻ قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويو، پر ٿورن مهينن کان پوءِ شاهه بيگ ۽ محمد مقيم همت وارو لشڪر ساڻ ڪري قنڌار موٽيار، ۽ اهو ملڪ سلطان ناصر الدين مرزا کان کسي ورتائون. مرزا ڪابل هليو ويو، ۽ شاهه بيگ ۽ محمد مقيم ولايت جي ڪاروبار اسرنجام ڪرڻ کي لڳي ويا. انهيءَ وقت محمد مقيم وٽ اجل جو قاصد اچي پهتو، جنهن ڪري فاني دنيا کان جاوداني جهان ڏانهن لڏي ويو. هوڏانهن حضرت ظهير السلطنت والخلافت شرعي قانون موجب ماه بيگم جو نڪاح محمد قاسم ڪوڪي سان ڪرائي ڇڏيو. ٿوري وقت کان پوءِ انهيءَ مان نياڻي پيدا ٿي، جنهن جو نالو ناهيد بيگم رکيائون. قاسم ڪوڪو اوزبڪن جي جنگ ۾ قتل ٿي ويو. [103]

شاهه بيگ جي سيوي ملڪ فتح ڪرڻ لاءِ رواني ٿيڻ، ۽ سلطان پير ولي برلاس جي اولاد جي ڀڄي وڃڻ جو احوال

امير شاهه بيگ جڏهن قنڌار کان اچي شال ۾ منزل انداز ٿيو، تڏهن مي فاصل ڪوڪلتاش ۽ عبدالعلي ترخان استقبال تي آيا، ۽ شال جي پسگردائيءَ وارن ماڻهن کي پڻ خدمت ۾ حاضر ڪيائون. شاهه بيگ راڄن جي سردارن کي دلاسو ۽ دلداري ڏيئي عنايتن جي اميد ڏياري، پر ماڻهو لشڪر جي ڊپ کان ڊڄي رهيا هئا، ۽ کين پتو نٿي پيو ته لشڪر ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. نيٺ معلوم ٿين ته سيويءَ وڃي رهيا آهن. هيءَ خبر سلطان پير ولي جي اولاد کي، جي سيويءَ جا حاڪم هئا، پهتي ته ڪي معتبر ماڻهو تحفن سان شاهه بيگ ڏانهن موڪلي پنهنجي سچائي ۽ خير خواهي ظاهر ڪيائون. شاهه بيگ انهن قاصدن کي موٽي وڃڻ جي موڪل ڏني، ۽ ڪي ڏينهن شال ۾ ٽڪي پنهنجن اميرن سان صلاح ڪيائين. سڀني جي راءِ اها مقرر ٿي ته اها ولايت فتح ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سن 915هه ۾ خاقان عاليشان شاهه اسماعيل، خراسان جي ولايت پنهنجي قبضي هيٺ آندي آهي ۽ حضرت بابر بادشاهه ڪابل ۾ تشريف فرما آهي. ٻنهي طرفن کان لڙائيءَ جا دروازا کلي چڪا آهن، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي عاقبت جو فڪر ڪرڻ گهرجي ته متان ڪنهن ڏينهن قنڌار کان ڌار ٿيون، ته ٻٽي ڏينهن اتي گذاري سگهون. آخر شال کان منزل پٽي، ڪجهه سپاهي اڳ ۾ روانا ڪري، ساهه بيگ، پٺيان منزلون ڪندي سيويءَ جي آسپاس پهچي قلعو فتح ڪيو، جيڪي ماڻهو قلعي ۾ هئا، تن مان ڪي اچي حاضر ٿيا ۽ ڪي وڃي فتح پور پهتا، جتي سندن رهڻ جي ۽ گڏ ٿيڻ جي جاءِ هئي. شاهه بيگ، فريد ارغون، مير فاضل ڪوڪلتاش، زينڪ ترخان ۽ عاقل اتڪ کي سيويءَ کان قنڌار موڪلي پاڻ فتح پور ڏانهن رخ رکيو. [104] فتح پور، سيويءَ کان سنڌ ڏانهن پنجاهه ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ قلعو هو. هاڻي فتح پور ويران آهي، پر سندس قلعو ۽ عمارتون اڃا تائين موجود آهن. سلطان پير وليءَ جو اولاد، دولت شاهي، برغدائي، ڪوريائي ۽ نورگائي ماڻهن مان اندازن هڪ هزار سوار ۽ بلوچن ۽ ٻين راڄن جا ٻه هزار سوار گڏ ڪري اچي جنگ لاءِ سامهون ٿيا. نيٺ شاهه بيگ جي فتح ٿي، ۽ هنن مان ڪي ڪسي ويا، ۽ ڪي سنڌ ڏانن ڀڄي ويا. شاهه بيگ موٽي سيويءَ ۾ اچي ڪي ڏينهن ٽڪي، باغات ۽ عمارتن جو بنياد رکي، قلعو ٺهرائي، ڪي ڪارگر ماڻهو مقرر ڪري قنڌار موٽي ويو.

ماهه بيگم کي ڪابل مان آڻڻ جو احوال

شاهه بيگ سيويءَ کان موٽي قنڌار آيو، ۽ سير ڪندي داور ۽ گرمسير جي سر زمين تي پهتو. اڃا پهرئين منزل تي مس پهتو هو، ۽ ماڻهن کي دلداري ڏيئي ڏاڍي نوازش فرمايائين ته ايتري ۾ ماه بيگم جي والده بيبي ظريف خاتون ڪاري کٿي ڳچيءَ ۾ وجهي، اچي گهر جي دروازي تي بيٺي. شاهه بيگ جي دروازي کان ٻاهر نڪرڻ تي سندس دامن ۾ چنبڙي عرض ڪيائين ته ڪنهن به صورت ۾ ماه بيگم جا تنهنجي ڀاءُ جي نشاني رهيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ گهرجي. هن حالت کان شاهه بيگ جي دل تي ڀاءُ جي جدائي جو داغ نئون ٿيو، ۽ ماه بيگم جي آڻڻ جي فڪر ۾ خلوت گاه وارن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪرڻ لڳو، شاهه بيگ جي حرمن، هر هڪ عصمت پناهه فاطمه سلطان بيگم ۽ خانزادي بيگم جي صلاح ٿي ته محمد مقيم جي حرمسراءِ جي ٻانهي دولت ڪته کي پهريائين ڪابل موڪلجي ته هوءَ ڪنهن نه ڪنهن اٽڪل سان ماه بيگم سان واقفيت پيدا ڪري، ڳالهه مقرر ڪري خبر موڪلي. تنهن کانپوءِ خاص محرم شخصن جي هڪ جماعت وڃي بيگم کي مخفي طور ڪابل مان ڪڍي هزاري جي رستي کان قنڌار ۾ آڻي [105] شاهه بيگ کي هيءُ صلاح پسند آئي ۽ بيبي دولت ڪته جو نڪاح دولت خان سان ڪري، سندس حوالي ڪيائين، پوءِ دولت ڪته کي ڪابل موڪليائون، جا ڪڏهن ڪڏهن ڌارين وانگيان ماه بيگم جي گهر ۾ ويندي هئي. آخر ساڻس دل جو حال ظاهر ڪيائين. ماه بيگم جنهن صورت ۾ ننڍي لاڪر بابر بادشاهه جي قيد ۾ رهي هئي، تنهن ڪري شاهه جي خوف ۽ ملاحظي کان انڪار ڪرڻ لڳي، اهو به ڊپ هوس ته متان قنڌار پهچڻ کانپوءِ سندس مائٽ عزت جي حفاظت خاطر کيس قبر جي آرام واريءَ جاءِ ڏانهن روانو ڪري ڇڏين. دولت ڪته ڳرن قسمن سان سندس شبها دور ڪندي رهي. نيٺ پڪو ارادو ڪري ڳجهيءَ طرح نڪرڻ جو فيصلو ڪيائين.

شاهه بيگ هن خبر پهچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ مير محمود ساربان جو پيءُ بابا ميرڪي ساربان، مير فاضل جو چاچو مير عاقل اتڪ، ابو مسلم ڪوڪلتاش، عبدالصمد ترخان، دولت خان ۽ ڪي ٻيا هن مشڪل ڪم تي مقرر ڪري موڪليائون. هيءَ جماعت هزاره جي ماڻهن وٽ پهچي اتان ٻي جماعت پڻ تيار ڪري ڪابل پهتي. ڪابل جي ٻاهران لهي ٻه ٽي ڏينهن گهوڙن کي تازو ڪري نعل ابتا هڻي تيار ٿيا. هوڏانهن ماه بيگم حمام ۾ وڃي ٽپهري جي نماز وقت جڏهن گوڙ ۽ گمسان ٿي رهيو هو. حمام کان باهر نڪتي ۽ گهوڙي تي سوار ٿي دولت ڪته سان گڏ هنن ماڻهن وٽ پهتي. ماه بيگم جي ڌيءُ اهيد بيگم انهيءَ وقت ڏيڍ سال جي هئي، جنهن کي پاڻ سان ڪڍي نه سگهي. هي ماڻهو ماه بيگم جي پهچڻ کي غمينت سمجهي، هڪدم سوار ٿيا. پوري رات ۽ ڏينهن هڪلڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن منزل تي پهچي ڪجهه آرام ورائون، ۽ سيڌو ۽ سمر ساڻ ڪري ورتي به هڪ رات ۽ ڏينهن هڪلي خطرناڪ منزلن کان نڪري آيا، ۽ هزاره قوم ۾ ٻه ٽي ڏينهن آرام ڪري قنڌار پهتا. [106] شاهه بيگ ڀائٽيءَ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو، ۽ قسمين قسمين دلدارين، نوازشن ۽ مهربانين سان پيش اچي ڀاڪر ۾ وٺي کيس گهر آندائين، جيڪي ماڻهو ساڻ هئا، تن مان هرهڪ کي گهوڙي ۽ قيمتي سروپاءِ سان سرفراز ڪيائين، ماه بيگم جو هٿ وٺي عاقل اتڪه کي سپاريائين، جيئن ته قاسم ڪوڪه هڪ سال کان پوءِ جنگ ۾ قتل ٿي ويو هو، تنهن ڪري نڪاح ڪري (ماهه بيگم) شاهه حسين جي حوالي ڪيائين.

شاهه بيگ جو ڪجهه احوال ۽ واقعن جو احوال

جڏهن خاقان ذيجاه شاهه اسماعيل، ماهه شعبان سن 917هه ڌاري، خراسان ولايت تي قبضو ڪري عظمت ۽ شوڪت حاصل ڪئي ۽ محمد خان شيباني ۽ اوزبڪن جي شڪست ۽ قتل کان پوءِ عجيب غلبو ۽ رعب پيدا ڪيائين، تڏهن ويجها خواهه ڏورانهان ماڻهو سندس حشمت ۽ غرور کان ڪن هڻڻ لڳا. ايتري ۾ درمش خان، فراه ۽ سيستان جي آسپاس پهچي حڪومت جو جهنڊو بلند ڪيو. شاهه بيگ کي ڳڻتي ٿي، ۽ پنهنجن دوستن سان مشورو ڪيائين ته اسان پاڻيءَ ۽ باهه جهڙن ٻن خودمختيار بادشاهن جي وچ م رهيل آهيون. هڪ طرف کان شاهه اسماعيل ۽ ٻئي طرف کان بابر بادشاهه، سڀني جي صلاح ٿي ته درمش خان جي معرفت خاقان ذيشان شاهه اسماعيل جي خدمت ڪجي. قصو ڪوتاهه، قاضي ابوالحسن ۽ مولانا يار عليءَ کي ڪابل ڏانهن روانو ڪري، سوکڙيون ۽ نذرانا موڪلي، خلافت پناهه جي تخت سان نياز ۽ سچائيءَ جو اظهار ڪيائين، ۽ پاڻ خدمت ۾ حاضر ٿي قسمين قسمين مهربانين سان سرفراز ٿيو، جنهن سبب شاهه بيگ تي سجدو معاف ڪري حڪم ڪيائون ته چغتي قانون موجب گوڏو کوڙيندو رهيو. [107]

شاهه بيگ ڪجهه وقت خدمت ۾ گذاريو، فيصلو ٿيو هو ته نوروز جي ڏينهن شاهه بيگ کي مراد مند بنائي قنڌار موٽي وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي. ايتري ۾ نواب اعلى شاهه، درمش خا کي اختيار دين جي قلعي ڏانهن موڪليو. اهو وجهه وٺي ڪن حاسدن شاهه بيگ بنسبت سندن مزاج ڦيرائي ڇڏيو. نوروز جي موقعي ويجهي اچڻ تي نواب عاليشان ڪنهن محفل ۾ ناراض ٿي، شاهه بيگ کي ظفر جي قلعي ۾ قيد ڪيو. ساڻس جيڪا جماعت ساڻ هئي، تن مان ڪي نا اميد ٿي قنڌار هليا ويا ۽ ڪي آسپاس ڦرڻ لڳا، جڏهن جواب ذيشان عراق ڏانهن روانو ٿي ويو، تڏهن شاهه بيگ جي غلام مهتر سنبل، ظفر جي قلعي ۾ پهچي، جنهن برج ۾ شاهه بيگ قيد هو تنهن جي آڏو حلوائيءَ جي دڪان کوليو. حلوي جي وسيلي جيلرن سان واقفيت پيدا ڪري، مقصد جو پتو ڪڍي، پنهنجي مقصود ۽ مطلب کان واقف ٿيو، ڪڏهن ڪڏهن مهتر سنبل اندر وڃي واقعي جي صورت اشارن سان معلوم ڪندو هو. نيٺ ٻارنهن تجربيڪار ماڻهن فيصلو ڪيو ته هر ممڪن حيلي سان شاهه بيگ کي قنڌار موڪليندا. مٿين جماعت جڏهن قلعي ۾ پهتي تڏهن منجهانئن هڪڙو هڪڙو ٿي مهتر سنبل جي دڪان ۾ گهڙيو. شاهه بيگ جي غم جا ڏينهن پورا ٿيا، اقبال رهبري ۽ بخت بلند مدد ڪئي. مهتر سنبل هڪ رات حلوو پچائي ان ۾ بيهوشيءَ جي دوا ملائي دستور موجب جيلرن کي ڏنو. حلوي کائڻ سان جيلرن جو هوش و حواس هٿان ويندو رهيو. مهتر سنبل ٻين ٻن ماڻهن سان قلعي جي ڀت تي چڙهي اچي هن بختاور کي ٻاهر ڪڍيو. اتفاقاً جيئن طناب کي جهلي هيٺ لهي رهيو هو ته طناب ڇوٽي ٿي پيئي، ۽ جنهن صورت ۾ پيرن ۾ ٻيڙيون هئس، تنهن ڪري ڪري پيو ۽ شاهه بيگ جي هڪ ڏند ڀڄي پيو. قصو ڪوتاهه، هوا جهڙن تيز گهوڙن تي جن کي ابتا نعل هنيا هئائون، سوار ٿي، ٻه راتيون ۽ ڏينهن يلغار ڪيائون، ۽ انهن گهوڙن [108]کي ڇڏي ٻيا گهوڙا هٿ ڪري اتان پڻ يلغار ڪري ٻاهر نڪري منزل مقصود تي پهتا. هوڏانهن هو ماڻهو پڻ هوش ۾ اچي ڊوڙيا پر هنن جي دز کي به نه پهتا ۽ ناڪام ٿي موٽي ويا.


[1]   ييلاق _ اونهاري ۾ وڃي رهڻ لاءِ ٿڌي جاءِ (مترجم)

[2]   ميمنو = لشڪر جو ساڄي طرف وارو حصو، ميسرو = لشڪر جي کاٻي طرف وارو حصو، ميمنو ميسرو سينگارڻ معنى لڙائي لاءِ لشڪر ٺاهي تيار ڪري بيهارڻ. (مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org