سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ معصُومي

باب؛ --

صفحو ؛ 4

قصو ڪوتاهه، ڪجهه وقت ائين گذريو. آخر راءِ ساهسيءَ جو اجل قريب ٿيو ۽ راءِ ساهسي بيمار ٿي پيو، حڪيمن ۽ طبيبن سندس نهايت [12] ڪوشش ڪئي پر ڪو فائدو ظاهر نه ٿيو، جڏهن ته راڻيءَ راءِ ساهسيءَ جي پيشانيءَ جي آئيني ۾ موت جا نشان ڏٺا ۽ سندس حياتيءَ کان اميد آهي. تڏهن چچ کي گهرائي کيس ساهسيءَ جو احوال کولي ٻڌائيائين، ۽ هن جي جاءِ نشينيءَ لاءِ حيلو پٿري، دربانن کي چيائين ته راءِ ساهسي ٿو چوي ته ماڻهن کي ٻڌايو ته سڀاڻي عام دربار آهي، خاص ۽ عام ماڻهو سلام لاءِ حاضر ٿيڻ گهرجن. صبح جو راڻيءَ جي فرمودي موجب راءِ ساهسيءَ جو تخت ديوان خاني عام ۾ رکيو ويو ۽ دربانن ٻاهر نڪري چيو ته : راءِ فرمائي ٿو ته آءُ هيڻائيءَ سبب ٻاهر نڪري نٿو سگهان، تنهن ڪري چچ کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيان ٿو. پوءِ راءِ جي مُهر چچ جي حوالي ڪري کيس تخت تي ويهاريائون. ماڻهن جڏهن هيءَ حالت ڏٺي، تڏهن لاچار سڀئي تابع ۽ فرمانبردار ٿيا. هن کان ٿورا ڏينهن پوءِ راءِ ساهسي سڪرات ۾ مبتلا ٿي مرڻ کي قريب ٿيو، تڏهن راڻيءَ چچ کي گهرائي چيو ته : هاڻي پنهنجيءَ مراد پوري ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، (اچ ته) ڪا صلاح ڪري سرڪشن کي دفع ڪري ڇڏيون، چچ وراڻيو ته جيئن راڻيءَ جي مرضي هوندي تيئن ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. راڻيءَ چيو ته : راءِ ساهسيءَ کي ڪو پٽ ڪونه آهي، سندس مائٽ ضرور ملڪ ۽ مال جي وارث هئڻ جي دعوى ڪندا. [هميشه] حادثي جو علاج انهيءَ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪرڻ گهرجي، پوءِ هڪدم پنجاهه زنجير تيار ڪري حرامسراءِ جي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون، تنهن کانپوءِ راءِ ساهسيءَ جي مائٽن مان هڪڙي هڪڙي کي چيائون ته توهان کي راءِ ملڪ بابت وصيت ڪرڻ لاءِ گهرايو آهي، جيڪو به اندر ٿي ويو ته انهيءَ کي هٿ کان وٺي ڪوٺيءَ ۾ اندر وٺي ٿي ويا ۽ کيس زنجيرن سان جڪڙيائون ٿي، جڏهن راڻيانهن جي ڳڻتيءَ کان فارغ ٿي تڏهن راءِ جي مسڪين مائٽن کي، جن کي ڪنهن به ماڻهوءَ ليکي ۾ [13] نه ٿي آندو ۽ تنگدستيءَ ۽ سڃائيءَ کان تنگ ٿي موت کي حياتي تي ترجيح ٿي ڏنائون، گهرائي چيائين ته توهان جي دشمنن کي قيد ڪيو اٿم. هنن جو سر ۽ مال توهان جي حوالي آهي. توهان مان هر هڪ انهن مان هڪڙي هڪڙي کي قتل ڪري انهيءَ جي مڏيءَ ۽ مال تي متصرف ٿئي. اهو ٻڌي مفلسن، سرڪشن کي قتل ڪري پنهنجا مطلب حاصل ڪيا. ٻئي ڏينهن راڻي سوهنديو (يءَ) راءِ ساهسيءَ جو لاش ڪڍي پنهنجي طريقي موجب ساڙايو، ۽ پوءِ سندس حڪم سان چچ کي تخت تي ويهاري سندس سر تي تاج رکيائون.

چچ جو حڪومت جي تخت تي ويهڻ ۽ شادي ڪرڻ جو احوال

جڏهن اميرن جي اتفاق سان چچ حڪومت جي تخت تي ويٺو ته خزاني جا دروازا کولي عام سخا جو اعلان ڪيائين، ۽ خاص ماڻهن کي بهره ياب ڪري پنهنجي احسان جي دام ۾ ڦاسائين، سپاهين جي پگهار وڌايائين ۽ رعيت جي ڍل گهٽايائين، جنهن ڪري ملڪ ۾ نئين قسم جي آبادي ۽ سهن ٿي. پوءِ راڻيءَ کي پنهنجي دستور موجب نڪاح ۾ آندائين، جڏهن ملڪ ۾ هيءَ خبر چوڌاري پکڙي ويئي، تڏهن جوڌپور ۽ چتور جي طرف کان راءِ ساهسيءَ جا مائٽ ملڪ ۽ ميراث وٺڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا، ۽ وڏو لشڪر گڏ ڪري لڙائي جو ارادو ڪيائون. هن لشڪر جو اڳوڻ راڻو مرت چتوري هو. هو جڏهن جيسلمير جي پسگردائيءَ ۾ پهتو، تڏهن چچ ڏانهن خط لکيائين ته تون برهمڻ ماڻهو آهين، حڪومت جو ڪاروبار توکان نه هلي سگهندو، لڙائي جي مهم [14] کي تون ڀڄي ڪونه سگهندين، تنهن ڪري بهتر آهي ته پاسو ڪري وڃ، ۽ هروڀرو پاڻ کي موت جي اوڙاهه ۾ نه اڇل، چچ هيءُ خط راڻيءَ وٽ کڻي ويو ۽ ان جو مضمون کيس ٻڌائي چيائين ته ”قوي دشمن اچي سهڙيو آهي، ڪهڙي صلاح آهي؟“ راڻيءَ جواب ڏنو ته : جنگ جي رٿن کي مرد چڱيءَ طرح ڄاڻندا آهن، جيڪڏهن تون ڊڄين ٿو ته پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي، ۽ منهنجا ڪپڙا تون پاءِ ته آءُ ٿي وڃي دشمنن سان پوري پوان، چچ شرمندو ٿي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، تڏهن راڻي چيس ته: بيشمار خزانا ۽ پوريل مال تنهنجي هٿ چڙهيا آهن، ماڻهن کي گهڻو سون عطا ڪر ته هو تنهنجا خواهان ٿي تنهن ڇٽ هيٺ اچي جمع ٿين، چچ ٻيو دفعو خزاني جا دروازا کولي تمام گهڻو مال لشڪر ۾ تقسيم ڪيو، جنگ جي تياري ڪري مقابلي ۽ لڙائيءَ جو ميدان سينگاريائين. ايتري ۾ راڻو مرت به اچي الور جي ٻاهران پهتو. هن خبر ٻڌڻ تي چچ پڻ لشڪر سينگاري ٻاهر نڪتو، جڏهن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي دوبدو ٿيا، تڏهن راڻي مهرت هڪل ڪري چيو ته: اي چچ! هيءَ لشڪر تباهيءَ ۽ برباديءَ جي منهن ۾ ڇو ٿو اچي، جڏهن لڙائيءَ جون ڌريون تون ۽ مان آهيون؟ اچ ته جنگ جي ميدان ۾ نڪري لڙائي ڪريون، جيڪڏهن تون مون کي ڪهندين ته تنهنجو مقصد از خود حاصل ٿي ويندون ۽ منهنجو لشڪر ۽ نوڪر تنهنجي ملڪيت ٿي پوندا، ۽ جيڪڏهن مان غالب ٿيندس، ته ملڪ ۽ مال منهنجي ملڪيت ٿيندو. چچ هيءَ ڳالهه قبول ڪري بهادريءَ سان اڳتي وڌيو. هوڏانهن راڻو مهرت به پنهنجيءَ صف مان نڪري پيادو ٿيو. چچ پڻ گهوڙي تان لهي پنهنجي ڪنجڪيءَ کي حڪم ڪيو ته گهوڙو آهستي آهستي هن جي پويان ڪاهي اچي. جڏهن ٻئي هڪٻئي کي ويجهو آيا ۽ هڪ ٻئي تي تلوارن ۽ نيزن جو حملو ڪرڻ چاهيائون، ته چچ جي ڪنجڪي هڪدم سندس گهوڙو آڻي اڳيانئس بيهاريو، ۽ هن ڦڙتائيءَ سان گهوڙي تي چڙهي تلوار ڪڍي راڻي مهرت جي سر تي اهڙيءَ طرح هنئين، جو هڪ ئي ڌڪ سان سندس ڪم پورو ڪري ڇڏيائين. راڻي مهرت جو لشڪر هي حال ڏسي [15] ڀڄي ويو. چچ انهن جي پٺيان پئي، گهڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، باقي ڪي ٿورا نڪري ويا. (چچ) اهو ڏينهن جنگ جي ميدان ۾ رهي، ٻئي ڏينهن اروڙ موٽي آيو. شهر جي سڀني ماڻهن بازارين کي سينگاريو ۽ چچ نهايت دٻدٻي سان ارڙو ۾ اچي ملڪ ۽ مال جو مالڪ ٿي ويٺو. انهيءَ ئي سال وڏو لشڪر گڏ ڪري پنهنجي ملڪ جي حدن جو سير ڪيائين ۽ سرحدن بابت دلجاءِ ڪري اچي پنهنجي تختاهه ۾ آرامي ٿيو. راڻي سوهنديو (يءَ) مان کيس ٻه پٽ : ڏاهر ۽ ڏهرسين ۽ هڪ نياڻي ٻائي نالي پيدا ٿي. ٿورن سالن کانپوءِ چچ پڻ حياتيءَ جو سفر پورو ڪري، ساهه روحن جي مالڪ جي حوالي ڪيو، ۽ کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ ڏاهر سندس جاءِ نشين ٿيو.

ڏاهر بن چچ جو پنهنجي پيءُ جي تخت تي ويهڻ جو احوال

جملي ماڻهن جي اتفاق سان ڏاهر بن چچ پيءُ جي موروثي تخت تي ويٺو، ۽ عدل ۽ انصاف جو طريقو اختيار ڪري، سپاهين کي سون سان ۽ رعيت کي رعايت سان خوش رکيائين. ملڪ جا سڀ ماڻهو سندس فرمانبردار ٿيا. ڏاهر بادشاهيءَ کان هڪ سال پوءِ اڀرندي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ انهيءَ سرحد تي ڀروسي جوڳو ماڻهو مقرر ڪيائين، انهيءَ پاسي کان دلجاءِ ڪرڻ کانپوءِ چتور ڏانهن متوجهه ٿيو، جتان الهندي طرف وڃي اتاهون جا ضروري ڪم پورا ڪري، اتان وري برهمڻ آباد ۾ پهتو، جتي ڪجهه ڏينهن ترسي، اتي جي حڪومت پنهنجي ڀاءُ ڏهرسين جي حوالي ڪري ڪيچ ۽ مڪران ڏانهن يلغار ڪيائين، ۽ اتي ڇهه مهينا گذاري [16] ڪرمان جي حاڪم سان محبت جو بنياد پڪو ڪري، پنهنجي تختگاهه ڏانهن واڳ واريائين، جڏهن الور کي قريب پهتو ته شهر جا ننڍا خواهه وڏا ماڻهو راءِ ڏاهر کي موٽي اچڻ جي مبارڪ ڏيڻ ۽ استقبال ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ مهربانيون ۽ انعام لڌائون. برهمڻن ۽ نجومين حاضر ٿي شهر ۾ اندر اچڻ جي ساعت بابت ويچار ڪري چيو ته: ”اسان تنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو طالع معلوم ڪرڻ تي چئون ٿا ته بالفعل تنهنجي يا تنهنجي ڀاءُ جي ستاري ۾ ڪا نحوست ڪانه ٿاڏسون. ليڪن تنهنجي ڀيڻ راڻيء ٻائيءَ جي ستاري جي تقاضا آهي، ته هوءَ اهڙيءَ ماڻهوءَ جي نڪاح ۾ انيدي، جو هن بادشاهي ۽ تخت جو مالڪ هوندو، ۽ راڻي ٻائي هن شهر کان ٻاهر ڪونه ويندي“ راءِ ڏاهر هن خبر کان غمناڪ ۽ متفڪر ٿيو. آخر شهر ۾ اچي ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتا عام دربار ڪيائين، ۽ تخت جي ضروري ڪمن ڏانهن توجهه ڪري انهن کان واندو ٿيو، پر نجومين جي سخن جو خطر سندس دل ۾ پئي چڀيو، ۽ هن فڪر کان هڪ گهڙي به آرام نه ٿي آيس، نيٺ نجمومين کي ٻيو ڀيرو سڏي سعد ۽ نحس ستارن جي بيهڪ ۽ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي ستاري بابت پچيائين. نجومين کيس حال جي حقيقت کوکي ٻڌائي، جنهن تي ڏاهر پيءُ جي وزيرن ۽ معتبر ماڻهن کي نجومين جي روبرو سڏي ساڻن مشوره ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ چيائين ته ”ملڪ ۽ بادشاهي ڇڏڻ ڏکيو آهي، تنهن ڪري منهنجي مرضي آهي ته مان پنهنجي ڀيڻ نڪاح ۾ آڻيان، ته جيئن منهنجي حڪومت دائم ۽ قائم رهي، ۽ ملڪ ۾ ڪوبه قصور ۽ سستي پيدا نه ٿئي!“ هيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان سندس مائٽن توبهه توبهه ڪئي، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳا ته ”متان اهڙي خواهش ڪئي اٿيئي، ڇاڪاڻ ته هن ڪم جي ڪري اسان کي وڏو ٽڪو لڳندو، ۽ ساري خلق اسان کي لعنت ملامت ڪندي، طعنا هڻندي، ماڻهو اسان کي پنهنجي دين ۽ برادريءَ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا ۽ انهيءَ ڪري بادشاهيءَ ۾ چؤطرف اهرا فتنا ۽ فساد ظاهر ٿيندا، جو اسان سڀ انهن کي دفع ڪرڻ کان عاجز ٿي پونداسين“ هن سڄيءَ ڳالهه ٻولهه ڏاهر تي ڪوبه اثر [17] نه ڪيو. نيٺ ٿورن ڏينهن کان پوءِ، ملڪ جي مکيه ماڻهن کي حاضر ڪرائي، پنهنجي ڀيڻ راءِ ٻائيءَ کي پنهنجي نڪاح ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيائين، پوءِ هڪ رات ڳجهه ڳوهه ۾ برهمڻ گڏ ڪري، پنهنجي طريقي موجب پنهنجي چادر جو پلاند پنهنجيءَ ڀيڻ جي چادر سان ٻڌي باهه جي چوڌاري پيرا ڏئي وڃي تخت تي ويٺا، ۽ ساري رات گڏ گهاريائون، پر مباشرت کان پاسو ڪيائون. ڏينهن ٿيڻ تي ٻائي راڻي جنهن گهر ۾ رهندي هئي، کيس اتي وٺي ويا. قصو ڪوتاهه جڏهن هيءَ خبر مشهور ٿي ته ماڻهو گلا ۽ خواري ڪرڻ لڳا، ۽ جڏهن اها خبر سندس ڀاءُ جي ڪن پيئي، جو برهمڻ آباد ۾ رهندو هو، تڏهن هڪڙو لعنت ملامت سان ڀريل خط ڀاءُ ڏانهن لکيو ته ”مون کي خبر پيئي آهي، ته تو ههڙو قبيح ڪم ڪري اسان جي خاندان جي عزت برباد ڪئي آهي!“ ڏاهر جواب ۾ لکيو ته ”هي سڀ ڪجهه نجومين جي ڳالهين ڪري ٿيو آهي، نه ته مان اهڙو برو ڪم ڪڏهن به نه ڪريان ها!“ تنهن تي ڀاڻس دوباره لکيو ته ”تون هن ڪم کان باز اچ، ۽ اگر تون تدبير سان تقدير کي روڪڻ گهرين ٿو، ته اها ڳالهه خود ناممڪن آهي.“ قصو مختصر، ڳالهه لکپڙهه کان وڌي وڃي جهڳڙي تائين پهتي، ۽ سندن وچ ۾ لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪي ويئي. ڏهرسين ڀاءُ سان لڙائي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري، سٽيل لشڪر ساڻ وڃي، برهمڻ آباد کان الور جي تختگاهه ڏانهن روانو ٿيو، جڏهن هيءَ خبر راءِ ڏاهر کي پهتي، تڏهن سندس غيرت ۽ غصو به جوش ۾ آيو. هو پڻ هڪ وڏو لشڪر تياري ڪري لڙائيءَ جو ميدان سينگاري، ڀاءُ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن گهڻو وقت انتظار ڪري ٿڪو، تڏهن ملامت کي ٽارڻ لاءِ شڪار جي ارادي سان جهنگل ۾ نڪتو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڏهرسين الور جي پسگردائيءَ ۾ پهچي [18] هڪدم قلعي ۾ اندر وڃڻ چاهيو، پر شهر جا ماڻهو قلعي جا دروازا بند ڪري لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺا. آخر شهر جي ماڻهن وچ ۾ پيئي ڏهرسين کي وٺي وڃي شهر جي الهندي پاسي لاٿو، ۽ ڏاهر ڏانهن هڪ تڪڙو ماڻهو موڪلي ان کي خبردار ڪيائون، جنهن ڪري هو شڪار ڦٽو ڪري تمام تڪڙو قلعي ڏانهن موٽي آيو، ۽ صبح جو مهماني ۽ رهائش جو سامان تيار ڪري اعتماد  جوڳن ماڻهن هٿان ڀاءُ ڏانهن موڪليائين، پر ڏهرسين مهماني قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ شام جو سندس ماءُ شهر جي مکيه ماڻهن سان گڏجي ڏهرسين وٽ ويئي، ۽ وڃي نصيحتن ۽ هدايتن سان کيس تسلي ڏيئي چيائون ته: ”ڏاهر، هيءُ ڪم نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ نه ڪيو آهي، بلڪ نجومين جيڪي منحوس ڳالهيون راڻي ٻائيءَ جي ستاري ۾ معلوم ڪيون هيون، تن جي وهم دفعي ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو اٿس. عام ماڻهن وٽ هيءُ عذر مقبول آهي، تون پڻ ڀاءُ جي مخالفت کان باز اچ، ۽ گذريل دستور مطابق اطاعت ۽ مواقفت ڪندو رهه.“ ڏهرسين ماءُ ۽ قريبن جو عرض اگهايو، ٻئي ڏينهن هاٿيءَ تي سوار ٿي. قلعي جي هيٺيان اچي ڏاهر جي محلات جي برابر بيٺو، ۽ سلام ڪري ڀاءُ جي تعظيم جا آداب بجا آندائين. راءِ ڏاهر اندر اچڻ جي استدعا ڪئي، پر ڏهرسين چيو ته ”مون تنهنجي گهر اچڻ ۽ ويهڻ کان قسام کنيو آهي، باقي جيڪڏهن تون ٻاهر مڪري مون وٽ تشريف فرما ٿيندين ته مهربانيءَ کان بعيد نه ٿيندو.“ راءِ ڏاهر انهيءَ ئي گهڙيءَ ڀاءُ جي ملاقات لاءِ ٻاهر نڪرڻ چاهيو، مگر جنه صورت ۾ بي گاهه ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ٻئي ڏينهن ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. ٻئي ڏينهن صبح جو ڏاهر گهڻيءَ جماعت سان ڀاءُ جي ملاقات لاءِ نڪتو، ۽ جڏهن هيءَ خبر ڏهرسين جي ڪن پيئي، تڏهن ڀاءُ جي استقبال لاءِ روانو ٿيو. انداز هڪ گز جي مفاصلي تي گهوڙي تان لهي ڀاءُ جا پير چميائين. ڏاهر پڻ ڀائپيءَ واري مهرباني ۽ نوازش ڪم آڻي گهوڙي تان لهي ڀاءُ کي [19] ڀاڪر ۾ وٺي سندس مٿو ۽ منهن چميائين ۽ ساڻس هٿ هٿ ۾ ڏيئي تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ گهڻو وقت هڪ ٻئي سان ويهي مخصوص احوال اوريائون. شام جو راءِ ڏاهر پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن روانو ٿيو. ڀاءُ جي موٽي وڃڻ کان ڏهرسين جي بدن تي تپ جو اثر ظاهر ٿيو، جنهن جي گرميءَ ۽ شدر کلان سڄي بدن تي ڦوڪڻا ٿي پيا. آخر چوٿين ڏينهن ٻئي جهان ڏانهن راهي ٿيو.

جڏهن ڏهرسين جي موت جي خبر راءِ ڏاهر کي پهتي، تڏهن ڏاڍو غمگين ٿي ڀاءُ جي منزل ڏانهن ڊوڙيو. ۽ هن خبر جي تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪي خاص ۽ راز محرم ماڻهو اڳ ۾ ئي موڪليائين. هو جڏهن ڏهرسين جي تنبوءَ وٽ پهتا ته ٻارن کي مٿي اگهاڙو ڏٺائون. تنهن کان پوءِ ڏاهر جي ماڻهن کي اندر نيئي ڏهرسين جي منهن تان پردو کنيائون، جنهن تي کين ڏهرسين جي مري وڃڻ جي پڪ ٿي. ۽ هو رئندا رڙندا ڏاهر وٽ آيا. هو مٿي ۽ پيرن اگهاڙن ڀاءُ جي جاءِ تي آيو. سندس لاش کڻي وڃي انهيءَ غار ۾ ساڙيائين جا ساڙڻ لاءِ مقرر هئي، ۽ ماتم جون رسمون بجا آندائين. ماتمداريءَ کان فارغ ٿي برهمڻ آباد جي قلعي ۾ ويو جو ڏهرسين جي رهڻ جي جاءِ هو، ۽ برهمڻ آباد ۾ پنهنجا اعتماد جوڳا ماڻهو مقرر ڪري، هن جا ماڻهو پاڻ سان وٺي، الور تختگاهه ڏانهن موٽيو، ڪيترا سال حڪومت ۽ بادشاهيءَ جون واڳون مضبوطيءَ سان قبضي ۾ رهيون.

محمد بن قاسم جي هٿان سنڌ جي فتح ٿيڻ ۽ ڏاهر جي ڪسڻ جو بيان

قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسى بن طائي سنڌ جي فتح جي تاريخ ۾ هن طرح روايت ڪئي آهي، ته ”وليد بن عبدالملڪ جي خلافت واري زماني ۾ حجاج بن يوسف ثقفيءَ محمد بن هارون ۽ هڪ جماعت کي داراسلام بغداد کان ڪيچ ۽ مڪران ڏانهن موڪليو. هنن [20] مڪران جي پسگردائيءَ ۽ بحر قلزم جو ڪنارو تابعدار ڪيو. تنهن کان پوءِ سنڌ جي فتح ڏانهن متوجهه ٿي، سنڌ جي ماڻهن جي حالت جي پڇا ڳاڇا ڪندا رهيا. جيڪو ٽولو سامان ۽ ٻانهن خريد ڪرڻ لاءِ دارالخرافت کان سنڌ جي ڪناري ڏانهن آيو هو، جن جو ٿورو ذڪر مٿي گذريو آهي، سي هنن جا همراهه ۽ رهبر ٿيا، قصو ڪوتاهه سن 92 هه ۾ حجاج بن يوسف جو سؤٽ ‌‌‌‎۽ بياڻو محمد بن قاسم اسلام جو لشڪر وٺي بدلي و‏ٺڻ لاءِ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ڪجهه وقت ڪرمان ۾ رهي لشڪر جو بندوبست، جنگ ۽ قلعي ڀڃڻ جا اوزار ۽ هٿيار تيار ڪري ڪيچ ۽ مڪران جي سرحد وٽ اسلامي لشڪر جو مقابلو ڪري، پر ملڪ جي مکيه ماڻهن کيس چيو ته ”هيءُ عربن جو لشڪر آهي جو غصي، ڪاوڙ، تعصب ۽ ديبي دشمنيءَ جي ڪري آيل آهي تنهن ڪري صبر ۽ تحمل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هيءُ لشڪر رڳو ڦرلٽ ڪري اسان کان ٽري وڃي ته بهتر، نه ته ٻئيءَ صورت ۾ ڪا تدبير ڪرڻ گهرجي ۽ خزاني جو ڳپل مال هن لشڪر تان گهوري پنهنجي ملڪ کي هن فتني کان بچائي وٺجي. ڏاهر کي هيءَ ڳالهه پسند آئي، ۽ وڃڻ بند ڪيائين. نيٺ اسلام جي لشڪر گهوڙا هڪلي نيرون ڪوٽ جي قلعي جي ٻاهران پهچي اڇي لڙائيءَ جي باهه ڀڙڪائي، ۽ انهيءَ قلعي جو محاصرو ڪري لڙائي جهڳڙي کان پوءِ انهيءَ کي فتح ڪري، ڪافرن جو وڏو حصو قتل ڪيائون، ۽ منجهائن باقي رهيل، ملڪ جي تختگاهه اروڙ ڏانهن، ڀڄي ويا. سلام جي لشڪر فتحمند ٿي ٺٽي جي فتح ڪرڻ ڏانهن واڳ ڦيري ۽ ٿوري وقت ۾ ٺٽي کي پڻ مطيع ڪيائون، ۽ مسلمان قيدين کي ڇڏائي، حجاز ڏانهن روانو ڪيائون. اتان الور جي تختگاهه جو ارادو رکي [21] سيوستان جي ٻاهران پهتا، ۽ انهيءَ سرم زمين تي اهڙي لڙائي ٿي، جنهن جي شدت جي بيان کان قلم ۽ ازبان قاصر آهن. قصو مختصر، ٻن جنگين ۾ ڪافر غالب ٿيا، ۽ ٽينءَ جنگ ۾ فتح جا سهرا مسلمانن جي سر تي ٻڌا ۽ ڪافر هارائي ڀڳا. محمد بن قاسم سيوستان ج قلعو فتح ڪري سيوستان جي پسگردائيءَ جي انتظام جو بندوبست ڪيو. جيڪو برهمڻ وزير مسلمانن جي امان هيٺ آيو هو، تنهن کي پنهنجي ماڻهن سان ٺٽي ۽ نيرون ڪوٽ ڏانهن روانو ڪري اتي جو ڪاروبار سندس عقل ۽ سمجهه تي ڇڏيائين. چنا ماڻهو اسلان جي لشڪر جو خبر ٻڌي لائق تحفا ساڻ ڪري اچي محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ فرمانبرداري ۽ ڍل قبول ڪري موٽي ويا. اهو ئي سبب آهي جو اسلام جا فقيه پاريچي زمين کي، جيڪا چنن جي هٿ ۾ هئي، عشري چون ٿا.

نقل آهي ته جڏهن محمد بن قاسم سيوستان جي ويجهو اچي لٿو هو، اسلامي لشڪر ۾ حاضر ٿي لشڪر جي حالت جي جاچ ٿي ڪئي، ۽ انهيءَ وقت نماز ادا ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌجي ويون هيون. محمد بن قاسم جماعت جي امامت ڪري رهيو هو ۽ جماعت سڀني رڪنن ۾ امام جي تابعداري ٿي ڪئي. جاسوس هيءَ حالت ڏسي موٽي ويو ۽ چنن کي وڃي ٻڌايائين ۽ چيائين: ”خدا جو قسم مان هن قومن کي اهڙو متفق ڏٺو آهي جو جنهن به ڪم ڏانهن رخ ڪندا ته اهو ضرور پورو ڪندا“، قوم جئين نماز ۾ پنهنجي امام جي تابعداري ڪري رهي هئي سا هنن سان بيان ڪيائين. ٻڌڻ سان چنن ماڻهن جي دلين ۾ رعب پيدا ٿيو ۽ سڀني اچي مسلمانن جي تابعداري ڪئي، ۽ چنن جي قومڪ پهرين قوم آهي جن سنڌي راڄن مان پنهنجي خوشيءَ سان ايمان آندو. چون ٿا ته جنهن وقت چنا ماڻهو محمد بن قاسم جي خدمت ۾ آيا انهيءَ وقت امير جي مجلس ۾ کاڌي لاءِ دسترخوان وڇايو هئائون، (جنهن تي) امير فرمايو ته هيءَ جماعت مرزروق (نصيب وارا) آهن. چنن کي مرزوق انهيءَ ڪري چوندا آهن.[1]

 جڏهن محمد بن قاسم سيوستان جي آسپاس کان دلجاءِ ڪئي تڏهن ڪن ماڻهن چيو ته پهريائين برهمڻ آباد پهچڻ گهرجي ۽ اهو قلعو فتح ڪري پوءِ اروڙ ڏانهن متوجهه ٿجي، پر محمد بن قاسم چيو ته [نه، بلڪ] پهريائين ملڪ جي تختگاهه اروڙ ڏانهن توجهه ڪري ڏاهر کي دفعي ڪرڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ ٻين ملڪن ڏانهن رخ رکجي. نيٺ سڀني انهيءَ راءِ سان اتفاق ڪيو، ۽ ٽلٽيءَ جي سامهون درياءَ ٽپي تختگاهه ڏانهن روانا ٿيا. ڏاهر هيءَ خبر ٻڌي ٻاهر نڪرڻ جو ارادو ڪيو. نجومين ۽ ڪاهنن (ڀوپن) گڏ ٿي کيس ٻڌايو ته تنهنجي ستارن جي احوال مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته تنهنجو ستارو نهايت ضعيف آهي، ۽ اسلام جو نهايت بالا تنهن ڪري هن وقت ٻاهر نڪرڻ تولاءِ مناسب نه آهي. لاچار گهڻو لشڪر تيار ڪري مسلماني لشڪر جي سامهون ٿيڻ لاءِ موڪليائين، جيڪي گچيري ڍنڍ جي ڪناري تي اچي لٿا. ٻئي ڏينهن محمد بن قاسم، عبدالله بن علي ثقفي رفيان وٽ ڪافرن سان وڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو جنهن تي هو ڪافرن جي لشڪر ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي گچيري ڍنڍ وٽ پهتو. ڍنڍ جي ڪناري تي ٻنهي ڌرين جو مقابلو ۽ زبردست لڙائي جي باه ڀڙڪو کاڌو. نيٺ ڪافر وٺي ڀڳا ۽ منجهائن گهڻا ته انهيءَ پاڻي ۾ غرق ٿي فنا ٿيا ۽ ڪن تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته ڪافرن جي هن جنگ جي ميدان مان ڀڄڻ جو سبب هي هو [23] ته جنگ هلندي سردار جو گهوڙو وٺي ٽٽو ۽ سندس قبضي مان نڪري ويو ۽ کيس زمين تي اڇلي صفن جي وچ ۾ چڪر لڳائڻ لڳو، سندس لشڪر گهوڙي کي خالي ڏسي ڀانيو ته هو ڪُسي ويو آهي جنهن ڪري لاچار ٿي لڙائي ڇڏي ڀڄڻ اختيار ڪيائون.

قصو ڪوتاهه، عبدالله فتح ۽ ڪاميابي حاصل ڪري وڃي محمد بن قاسم سان مليو ۽ محمد بن قاسم منزلون ڪندو اچي اروڙ جي آس پاس ۾ پهتو. ڏاهر اروڙ شهر ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو ۽ محمدبن قاسم وري محاصري (گهري) جو انتظار ڪيو ۽ منجنيف ۽ آتشبازي، جا روم ۽ ايران کان ڏٺي هئائون، سا ڪم آندائون ۽ هر روز ٻنهي طرفن جي وچ ۾ لڙائي ٿيندي رهي. ڏهن ڏينهن جي عرصي ۾ ست جنگيون ٿيون ۽ سڀني لڙاين ۾ مسلمانن کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڪافر شڪست کائيندا ۽ڀڄندا رهيا. آخر سن 93 هجري ۾ رمضان شريف جي ڏهين تاريخ خميس جي ڏينهن راءِ ڏاهر غصي ۽ جوش ۾ اچي، هاٿي سينگاري، پنهنجو لشڪر ۽ نوڪر چاڪر تيار ڪري، مسلمانن سان لڙڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. چون ٿا ته ڏهه هزار زرهه بند سوار ساڻس گڏ هئا، ۽ ٽيهه هزار پيا اڳيان صفون سينگاري لڙائي ‎ءَ جي ميدان ۾ ٿي بيٺا، ۽ ڏاهر پاڻ هاٿيءَ جي عمادي (پالڪيءَ) ۾ ويهي، جڙادار ڇٽي مٿانئس لڳائي، ساڄي ۽ کاٻي زبردست لشڪر تيار ڪري مردن وانگر ميدان ۾ آيو. انهيءَ ڏينهن عماديءَ (پالڪيءَ)  ۾ ٻه خوبصورت، پريزدا (حسين ڇوڪرا) ۽ حور پيڪر ٻانهيون ساڻس گڏ هيون: هڪڙي کيس شراب جو پيالو ۽ ٻيو پان ڏيئي رهي هئي. صبح کان شام تائين ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ لڙائيءَ جي باهه ٻرندي رهي. اسلام جي لشڪر بدلي جي جوش ۾ خونوخوار تراريون ڪڍي، تحمل ۽ بهادري تي ثابت قدم رکي ڪافرن جي گهڻي لشڪر کي قتل ڪري ڇڏيو. محمد بن قاسم پڻ هڪ دستو ساڻ ڪري ميدان ۾ ٽپي پيو ۽ هاٿين جي اڳيان بيٺل لشڪر [24] کي کڻي ڇڏيائين. ايتري ۾ اسلامي لشڪر جي ڪن ماڻهن آتشبازيءَ جون دٻيون هاٿيءَ جي عمادي (پالڪيءَ) ڏانهن اڇليون. باهه جي ڀڙڪڻ تي هاٿيءَ (ٽهي) ڪافرن جي لشڪر جون صفون هيٺ مٿي ڪري ڇڏيون، جنهن تي انهن ذليلن پاڻ کي کڻي پاڻي ۾ اڇلايو. پاڻيءَ جي ڪناري تي گپ هئڻ سبب ڏاهر جو هاٿي ويهي رهيو. اتي اسلامي لشڪر تير وسائڻ شروع ڪيا. جن مان هڪ تير وڃي ڏاهر جي نڙيءَ ۾ لڳو ۽ سندس روح جو پکي دماغ جي پڃري مان اڏامي ويو. (ساهه ڏنائين) هيءُ واقعو انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن سج مغربت جي خلوت گاهه ۾ وڃي  چڪو هو (لهي ويو) تنهن ڪري جيڪي برهمڻ عمادي (پالڪيءَ) جي پويان هاٿيءَ تي سوار هئا، تن ڏاهر کي عماديءَ مان ڪڍي گپ جي هيٺان لڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ شهر ڏانهن ڊوڙيا، پر مسلمانن جي لشڪر دروازن جا گهٽ اهڙا ته مضبوط جهليا هئا جو جيڪڏهن پکي به اندر وڃڻ چاهي ها ته نه وڃي سگهي ها، تنهن ڪري برهمڻ قيس جي هٿ چڙهيا ۽ قيس کين قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو، (پر) برهمڻن امان گهري ۽ ڏاهر جي ڪسي وڃڻ جي خوشخبري ٻڌائي، انهيءَ وچ ۾ ڪن سپاهين اهي ٻانهيون جيڪي عماديءَ (پالڪيءَ) ۾ ڏاهر سان گڏ هيون، گرفتار ڪري محمد بن قاسم جي اڳيان حاضر ڪيون. محمد بن قاسم حڪم ڪيو ته لشڪر ۾ منادي ڪئي وڃي ته ڏاهر ملعون گم ٿي ويو آهي ۽ انهيءَ تڙيل جي موت جو اڃا يقين نه ٿيو آهي، مٿان اوهان لٽ ۾ مشغول ٿيو ۽ هو کسڪي ڪا چالبازي ۽ دست درازي ڪري. هن هيءَ خبر ٻڌڻ تي قيس، برهمڻن کي وٺي محمد بن قاسم جي روبرو حاضر ڪيو. هن هيءَ خبر ٻڌڻ شرط تڪبير چئي ۽ مسلمان غازين جي تڪبير ۽ تهليل جو شور آسمان ۽ ملائڪن تائي پهتو. محمد بن قاسم ڪي جنگي جوڌا ساڻ ڪري، برهمڻن سميت پاڻيءَ جي ڪناري تي پهچي ڏاهر کي گپ مان ڪڍڻ جو حڪم ڪيو. سندس سر وڍي نيزي تي چاڙهي پهريائين ٻانهين [25] کي ڏيکاريائون، جن ڏاهر جي سر سڃاڻي تصديق ڪئي. محمد بن قاسم حڪم ڪيو، جنهن تي اسلامي لشڪر لهي جا بجا قلعي جي چوڌاري حلقه هڻي، ذڪر، صلوات ۽ تسبيح ۾ مشغول ٿيا. اها جمع جي رات هئي، ۽ هو صبح تائين خدا جي ياد ۾ مشغول رهيا.

جڏهن ڏينهن ٿيو ڏاهر جو سر ٻانهين سميت قلعه جي دروازي جي سامهون موڪلي قلعي وارن کي ڏاهر جي ڪسي وڃڻ کان واقف ڪيائون، مگر قلعي وارن ڪين مڃيو. هيءَ خبر ڏاهر جي زال لاڏيءَ جي ڪن پيئي ته بي اختيار ٿي دروازي وٽ پهتي، ۽ ٻانهين کان ڏاهر جو احوال پڇيائين. ٻانهين روئندي کيس ڏاهر جو سر ڏيکاريو. ڏسڻ شرط پاڻ کي قلعي کان هيٺ سٽائين، ۽ قلعي ۾ وڏو گوڙ پيدا ٿيويو. ڪافرن لاچار ٿي قلعي جا دروازا کوليا. يارهين رمضان سن 93 هجري، جمع ڏينهن مسلمانن جو لشڪر قلعي ۾ داخل ٿيو. خزانن، دفينن، نوڪرن چاڪرن جو حساب ڪري قيس جي حوالي ڪيائون، ۽ بتخاني جي صحن ۾ ممبر رکي خطبو ۽ جمعي جي نماز پڙهيائون، تنهن کان پوءِ محمد بن قاسم شوال مهيني جي ابتدا ۾ خزانن، مال، شين ۽ قيدين جي لکپڙهه ڪري، اهي ٻن سون سوارن جي نظرداريءَ ۾، قيس جي هٿان، ڪيچ مڪران جي رستي دارالسلام بغداد ڏانهن موڪليا. حجاج حقيقت کان واقف ٿي ڏاڍي خوشي ڪئي، ۽ سڀ شيون شام، خليفي ڏانهن ڏياري موڪليائين، خليفي جي خدمت ۾ حاضر ٿي جڏهن قيس ڏاهر جو ڇٽ ۽ جهنڊا پيش ڪري، فتح، لڙائين ۽ ٻين واقعات جو مفصل ۽ چٽو احوال عرض رکيو، تڏهن خليفي خوش ٿي محمد بن قاسم کي قيمتي خلعت ۽ ٻين انعامن سان نوازيو ۽ هڪ فرمان جاري ڪيو ته سنڌ جي فتح تي اڪتفا ڪري اڀرندي طرف ڏانهن توجهه نه ڪرڻ اسلامي لشڪر [جي همت] کان بعيد ٿو ڏسجي، بالفعل ڏاهر جي سموري بادشاهيءَ تي قبضو ڪرڻ گهرجي. هن فرمان پهچڻ تي محمد بن قاسم برهمڻ آباد [26] فتح ڪري سنڌ ملڪ تي مال ۽ ڍل مقرر ڪئي، ۽ اڳوڻي دستور موجب ڍل جي وصولي ۽ معاملات جي فيصل ڪرڻ لاءِ برهمڻ مقرر ڪيائين. ٿريءَ جي آسپاس ۾ رهندڙ سما ماڻهو گڏجي گهڻن دهلن ۽ شرناين سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ آيا. پڇيائين ته هي ڪير آهن؟ برهمڻن ٻڌايو ته هي گهٽ ذات وارا آهن ۽ حاڪمن جي ڏسڻ لاءِ هن نموني سان ايندا آهن، انهنکي پڻ جاگير جو ٽڪر ڏيئي روانو ڪيائين. ساڳيءَ طرح علي بن محمد بن عبدالرحمان سليطيءَ جي صلاح تي لوهاڻا، سهتا، چنڊ ماڇي، هالا ۽ ڪوريچا پڻ آيا. هي سڀ مٿن ۽ پيرن اگهاڙا پناهه وٺڻ آيا هئا. انهن کي پناهه ڏيئي حڪم ڪيائين ته جڏهن به مسلمان هتان کان دارالخلافت کان الور ڏانهن ايندا، تڏهن انهن جو رهبر ۽ سونهون ٿيڻ هنن ماڻهون جو ڪم ٿيندو.


[1]   اصل ۾ لفظ ”تمان“ آهي جنهن تي فاضل ايڊيٽر پڻ سوال جي نشاني ڏيئي ڇڏي آهي. اسان هن لفظ جو ترجمو ”راڄ“ ڇاڪاڻ ته پارسي ڊڪشنرين ۾ تمن لفظ جي معنى آهي ڏهه هزار ۽ تمندار معنى آهي ڏهن هزارن ماڻهن جو سردار ۽ تومن لفظ جي معنى آهي حڪومت جو اهڙو ضلعو جنهن مان ڏهه هزار سپاهي ملي سگهن. (مترجم)

[2]   فتحنامه (چچنامه) ۾ ”سارندڙي“ آهي، جو بتحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تعلقي نوابشاهه ۾ هڪ قديم ڳوٺ آهي ۽ هينئر ”ساوڙي“ جي نالي سان مشهور آهي. (مترجم)

[3]   اصل ۾ ”جندر“، نسخي ”ف“ ۾ ”چندر“ ۽ نسخي ”م“ ۾ ”جدر“ آهي، اسان جي خيال ۾ اهو لفظ سنڌي چنڊ جي برابر آهي ۽ جنهن صورت ۾ چنڊا ذات جا ماڻهو سنڌ ۾ موجود آهن، تنهن ڪري اسان سنڌي ترجمي ۾ چنڊ لکيو آهي. (مترجم)

[4]   اصل ۾ ”هالير“  آهي ۽ نسخي ”م“ ۾ هاله، جيئن ته اسان جي خيال ۾ ”هاله“ وڌيڪ صحيح آهن، تنهن ڪري اسان سنڌي ترجمي ۾ ”هاله“ قائم رکيو آهي. (مترجم)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org