ٻيو سيد حسين زنجيرپا:
پاڻ پڻ سبزوار جي بختاور سيدن مان آهن، اوڻيهن
واسطن سان سندس نسب جو سلسلو امام امام عالي مقام
موسى ڪاظم سان ملي ٿو. سندن والده بابا حسن ابدال
جي همشيره آهي. جڏهن بابا حسن حجاز جي سفر کان
سبزوار موٽي آيو، تڏهن پنهنجي ڀيڻ بيبي فاطمه
سبزوار جي هڪ بزرگ سيد عين الدين جي نڪاح ۾
آندائين، شاديءَ کان اوڻيهه سال پوءِ مير سيد حسين
زنجيريا پيدا ٿيو. ستن سالن کانپوءِ پاڻي پيءُ _
ماءُ جي نظر کان غائب ٿي ويو. خدام ۽ درويش هر طرف
ڊوڙيا پر ڪوبه پتو ڪونه پين، جنهن ڪري سيد عين
الدين کي نهايت سخت صدمو پهتو. هن حال کي ستن سالن
گذرڻ کانپوءِ سيد حسين اوچتو والدين جي دروازي تي
حاضر ٿي سڏ ڪيو، جڏهن سندس فرحت ڏيندڙ آواز پيءُ _
ماءُ جي ڪن تي پيو، ته هڪدم خوشيءِ مان ٻاهر نڪري،
پنهنجي بُکايل اکين کي انهيءَ پياري جي ديدار سان
ڍاري، کانئس غائب ٿيڻ جي ڪيفيت پڇڻ لڳا. جواب
ڏنائين ته مون کي ايمان وارن جنن جو هڪ ٽولو
پنهنجي مامي حسن ابدال وٽ هندستان ۾ سندس اشاري
سان کڻي ويو هو، ۽ اٽڪل هڪ سوال اتي رهڻ کانپوءِ
موڪل ورتم، پاڻ مون کي وري به انهيءَ جماعت جي
حوالي ڪيائون، جي سندن هدايت موجب مون کي درويشن
جي خانقاهن تي وٺي ويا. ڇهن سالن جو عرصو انهيءَ
مبارڪ جڳهه تي گذاريم، انهيءَ وچ ۾ اها جماعت مون
کي اسلام جي سنتن ۽ فرضن جي ترغيب ۽ شوق ڏياريندي
رهي. [135]
ٿوري وقت کان پوءِ سلوڪ جي شوق ۾ اچي سير و سفر
اختيار ڪري سڀ ڪنهن ٻار مان سنگ ۾ سڀ ڪنهن مجلس
مان ترشو حاصل ڪندو رهندو، نيٺ جڏهن مرشد ڪامل جو
ڳولا ٿيو، ۽ کيس الهام ٿيو ته پنهنجي مامي بابا
حسن ابدال جي خدمت ۾ پهچي انهيءَ کان ڪمالات حاصل
ڪري. روايت ڪن ٿا ته جنهن ڏينهن جي منجهند جو مير
سيد حسين، بابا حسن ابدال جي ملاقات لاءِ لنگ جي
ڳوٺ ۾ پهچڻو هو، انهيءَ ڏينهن جي صبح تي بابا حسن
کي وجد جي حالت پيدا ٿي، پنهنجن مريدن کي
فرمايائون ته منهنجي دماغ ۾ ڪنهن مرد جي بوءِ ٿي
اچي، جنهن جي ملاقات کان دل جي اکين کي روشني حاصل
ٿيندي، انهيءَ جي استقبال لاءِ جلدي روانو ٿيو.
درويش اڃا ٿورو اڳتي ويا هئا ته ايتري ۾ مير سيد
حسين ساڻن ملاقات ٿي، بابا حسن ابدال جي ملاقات جي
ملاقات جي سعادت سان مشرف ٿيو، حسن بابا کين
مهربانيءَ جي ڀاڪر ۾ وٺي سندن مٿي ۽ پيشانيءَ تي
چمي ڏيئي، پنهنجيءَ گاديءَ تي ويهاريو. مير سيد
حسين جي اچڻ جي خبر ٻڌي قنڌار جا مشائخ ۽ ولي سندس
ملاقات لاءِ اچي حاضر ٿيا، جيئن ته انهيءَ ڏينهن
گهڻا ماڻهو گڏ ٿيا، تنهن ڪري بابا حسن ابدال
فرمايو ته پٽ سيد حسين! عزت وارن ۽ بزرگن جي وڏي
جماعت گڏ ٿي آهي، انهن جي خبر چار لهي ۽ سندن
واسطي ”بغراخاني“ کاڌو تيار ڪر. سيد حسين اٿي، ديڳ
چلهي تي رکي، پنج سير گوشت ۽ ڏهه سير قنڌاري اٽو
هٿ ڪري پچائڻ کي لڳي ويو، جڏهن تيار ٿيو، تڏهن
بابا حسن فرمايو ته طعام مان سڀني درويشن کي ڍؤ
ڪرائي سگهين ٿو؟ سيد حسين هيءَ خدمت قبول ڪري اٿيو
۽ معتبر ماڻهن کان روايت آهي ته انهيءَ ننڍڙيءَ
ديڳ مان هڪ سئو پنجاهه ٿالهه ڀت جا ڪڍي درويشن جي
آڏو رکيائي، ۽ سڀني کي ڍؤ ٿي ويو، پر ديڳ ائين جو
ائين ڀريل رهي. [136]
نقل آهي ته هڪ ڏينهن سيد حسين لنگر واريءَ جي جاءِ
لنگهه تي ويٺو هو، ته اوچتو هڪ ماڻهو پنير (مائو)
جو اُٺ ڀري شهر ڏانهن ٿي ويو. مير سيد حسين پڇيو
ته هن اُٺ تي ڇا آهي؟ هن انهيءَ خيال کان ته متان
درويش ڪجهه گهري، چيو، هن اُٺ تي پٿر آهن. پاڻ
فرمايائون ته ائين ئي هوندو. انهيءَ ماڻهوءَ جڏهن
منزل تي پهچي پنهنجي بار کي کوليو ته اهي پنير پٿر
ڏٺائين، نهايت پشيمان ٿي، انهن پٿر ٿيل پنير کي
کڻي آيو ۽ اچي معافي گهريائين ۽ اهي پٿر آستاني جي
در تي رکيائين، خادمن هنيئر اهي پٿر سندن مرق منور
جي مٿان رکي ڇڏيا آهن، ۽ اڄ تائين موجود آهن، جيئن
ته سندن ڪرامتون ۽ خوارق هن مختصر ڪتاب ۾ ذڪر ڪرڻ
کان ٻاهر آهن، تنهن ڪري ٿوري تي اختصار ڪيو ويو
آهي.
سير ۽ اڏرڻ جي صاحب سيد محمد عرف سيد شير قلندر جو احوال
پاڻ مير سيد حسين زنجيرپا جا فرزند آهن، ۽ ننڍپڻ ۾
سير سلوڪ ۽ رياضت ۾ مشغول ٿي، پاڻ کي بلند درجن تي
پهچايو اٿن. هدايت ۽ ارشاد جو دروازو کولي طلب جي
واديءَ جي اڃايلن جي خشڪ چپن کي معرفت جي پاڻيءَ
سان تازو ڪندا رهيا. سندن ڪشف ۽ ڪرامتون ڳڻڻ کان
ٻاهر آهن، ۽ انهن مان ڪي ٿوريون هت بيان ڪريون ٿا:
مخفي نه رهي، ته سندن نالو سيد محمد آهي ۽ کين سيد
شير هن ڪري چوندا آهن، جو پنهنجي اصلوڪي صورت
مٽائي شينهن جي شڪل ڪئي هئائون، قصو هن طرح هو ته
جڏهن ابتدا ۾ سيد محمد ڪرامتن ۽ مناقبن ۾ مشهور
ٿيو، ۽ قنڌار ۽ هزاري جي ضلعن جا ماڻهو مريد ۽
معتقد ٿي نذر ۽ نياز آڻڻ لڳا، تڏهن سيد قشغه نالي
هڪ شخص مير ذوالنون کي نامناسب ڳالهيون ٻڌائي
آمدهه ڪيو ته هو ماڻهو موڪلي، مير سيد کي پاڻ وٽ
گهرائي وٺي، چناچه [137] مير سيد محمد جمعي ڏينهن
(شڪلچه مان اچي جامع مسجد ۾ مير ذوالنون سان
ملاقات ڪئي. مير ذوالنون جڏهن مجلس مان اٿيو، تڏهن
چيائين ته هن سيد کي نگاهه ۾ رکو. چوڪيدارن مير
سيد کي هڪ گهر ۾ جاءِ ڏيئي، ۽ هڪ ٽولو مٿس پهرو
ڏيندو رهيو. ليڪن مير ذوالنون جڏهن گهر پهتو، تڏهن
جيڪا بي ادبي کانئس مير جي حق ۾ صادر ٿي هئي، تنهن
کان پشيمان ٿي، طعام جون ڪي ٿالهيون معتبر ماڻهن
جي هٿان مير سيد شير ڏانهن موڪليائين. انهن تي
پهچي جڏهن اهيءَ جاءِ جو دروازو کوليو جنهن ۾ مير
اندر هو، ته کين هڪ وڏي شينهن کان سواءِ، جو نمدي
تي ليٽي رهيو هو، ٻيو ڪوبه ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
هنن جيڪي ڏٺو سو وڃي مير ذوالنون کي ٻڌايو، جنهن
چيو ته هي ڊنا آهن، سو پنهنجن مقربن مان ٻن ٻين کي
وڃڻ جو حڪم ڏنائين، جن پڻ اچي اها ساڳي حالت ڏٺي،
۽ اچي عرض ڪيائون، پوءِ ته مير ذوالنون پٽن ۽ ٻارن
سان انهي گهر جي دروازي تي پهچي، ڏسي عين اليقين
حاصل ڪيو ته برابر هڪ وڏو شينهن نمدي تي ويٺو آهي.
مير ذوالنون پنهنجي تقصير جو قبولدار ٿي عذر ۽
استغفار جي زبان کولي معافي ورتي، جنهن کانپوءِ
مير سيد شير پنهنجيءَ اصلوڪيءَ صورت ۾ موٽي آيو، ۽
مير ذوالنون، مير سيد جا هٿ ۽ پير چمي کين اجازت
ڏني.
نقل آهي ته سلطان علي قورچي جو ”لق و دق“ جي نالي
سان مشهور آهي، ابتدا ۾ مير سيد شير جو وڏو منڪر
هو. نيٺ هڪ ڏينهن امتحان جو خيال دل ۾ رکي، مير
سيد شير جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ بي ادبي جي نموني
سان ويٺو. حضرت سيد مير شير قلندر جذبي ۽ جلالت
سان ڏانهس نهاريو، ڏسڻ شرط ڪري پيو ۽ پنهنجا ڪپڙا
پرزا پرزا ڪيائين، ۽ مٿو ۽ ڏاڙهي ڪوڙي ڪيترو وقت
اگهاڙو ڦرندو رهيو، آخر سندس همشيره بيچه حبيب ۽
سندس ڀيڻيويو ابو مسلم ڪوڪلتاش، مير سيد شير قلندر
جي خدمت شريف ۾ اچي گناهن جي معافي ورتي. مير سيد
شير پنهنجي وضوءَ جو پاڻي کيس پيئڻ لاءِ ڏنو.
[138] هو پاڻي پيئڻ سان پنهنجي اصلوڪيءَ حالت ۾
آيو ۽ مريدن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو، ۽ حياتيءَ تائين
مير جي بورچيخاني لاءِ ڪاٺيون مٿي تي ڍوئيندو هو.
مٿئين سلطان عليءَ کان نقل آهي ته هڪ نهايت ٿڌي
رات جو مير سيد شير درويشن جي هڪ جماعت سان سير تي
نڪتو. گهڙي کن ننڊ ڪيائون ته کين تڙ ڪرڻ جي ضرورت
ٿي. هڪدم سجاڳ ٿي فرمايائون ته ”مون کي غسل ڪرڻ جي
ضرورت آهي، اي سلطان علي! منهنجا ڪپڙا سنڀالج،
پوءِ مير گو ٻڌي هڪ نهر جي مٿان برف ڀڃي پاڻيءَ ۾
گهريو، هوڏانهن ٿڌيءَ هوا ڪري منهنجا عضوا ٿي
ڏڪيا. مون کي جڏهن انهيءَ حال ۾ ڏٺائون تڏهن
فرمايائون ته اي سلطان علي! ٿڌ ٿي لڳي ئي؟ هيڏانهن
اچ، پر مردن جا راز ڳجها رکج، آءُ اٿي وٽن ويس ڇا
ڏٺم ته پاڻي نهايت گرم هو ۽ منهنجي بدن کي آرام
اچي ويو، پوءِ ساڻس گڏ نڪتس ۽ سرديءَ جو ڪوبه اثر
ڏسڻ ۾ نه آيم.“
نقل آهي ته مير سيد شير هڪ ڏينهن سفيد روان جڳهه
تي پهتا، هوا گرم هئي. خواجا شهاب الدين سفيد
رواني، جو هڪ معتقد هو، سو چوي ٿو ته مون اڳتي وڌي
عرض ڪيو ته ڪا گهڙي منهنجي باغ ۾ قدم رنج فرمايو،
پاڻ منهنجو عرض قبول فرمايائون، مون باغ ۾ اڳ وڃي
حوض جي ڪناري تي جاءِ تيار ڪئي. باغ جو دروازو
ننڍو ۽ سوڙهو هو تنهن ڪري مير جي گهوڙي کي باغ جي
ٻاهران وڻ جي پاڇي ۾ جهلڻ جو ارادو هوم، مگر اوچتو
ڏ۾ ته مير سواريءَ جي حالت ۾ باغ ۾ گهڙي آيو. آءُ
حيرت ۾ غرق ٿي ويس ته هن سوڙهي در مان ڪيئن لنگهيا
هوندا، پاڻ فرمايائون ته شهاب الدين هي ڳالهيون
آسان آهن، عرض ڪيم ته جيڪو ميوو پسند هجي سو حاضر
ڪريان، ۽ مون ڪنهن ڪاموري ڏانهن موڪلڻ لاءِ ٻه
کارا ميوي جا ڀري رکيا هئا جي مير جي اچڻ کان اڳ
کڻي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا هيم. پاڻ فرمايائون ته شهاب
الدين جيڪي ٻه کاريون [139] ميوي جون صبح پٽي
رکيون اٿيئي سي کڻي اچ ۽ جنهن ڏانهن موڪلڻيون
اٿيئي انهيءَ ڏانهن وري ڀري موڪلج. مون کي ڏاڍي
حيرت لڳي، ۽ سچي عقيدي سان اڳتي وڌي سندن هٿ چميم
۽ سندن پيرن تي ڪريس.“
نقل آهي ته مير شير داور کان سربان قلعي ۾ پهتا،
فورن درويش مانجهاندي ڪرڻ لاءِ هڪ ڪڙميءَ جي گهر
آيا، مگر انهيءَ کين ٽڪڻ نه ڏنو، درويش مير سيد
شير وٽ دانهن کڻي آيا، پاڻ فرمايائون ته هتان ڀڄو
ڇاڪاڻ ته ته وڏي باهه لڳندي، ٻه ٽي قدم اڳتي مس
وڌيا ته اوچتو زبردست باهه لڳي ۽ اها جاءِ سڙي
ويئي نقل آهي ته مير سيد شير جي وفات سن 933هه ۾
عاشوري ڏينهن ٿي هئي. سندن مزار پر فيض اشڪلچه جي
ڳوٺ ۾ آهي، جو قنڌار کان ڏهه ڪوهه الهندي طرف آهي،
اتي قنڌار ۽ داور جي گرد و نواح جا ماڻهو مقصدن ۽
مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، ۽ حضرت جي فرزند
کي نذر، نياز ۽ سوکڙيون ڏيئي سندن روح پر فتوح جي
نيت فقيرن، مسڪينن ۽ آئي وئي کي ڏيندا آهن. قنڌار،
هزاري ۽ ٻين ضلعن جا سڀ ماڻهو سندن مريد آهن، ۽
اهو متبرڪ آستان ڪنهن ڏينهن به انبوهه ۽ مجمع کان
خالي نه آهي، ۽ مقرر لنگر هميشه جاري آهي.
[قدوت الواصلين] خواجا ملڪ جو احوال
سندن مزار ارغنداب نهر جي ڪناري تي آهي. عجيب فيض
واري جاءِ آهي. قنڌار جا باشندا کين ”پير ولايت“
سڏيندا آهن، پوکڻ وقت پنهنجن پوکن ۾ سندن فرزندن
لاءِ حصور مقرر ڪندا آهن ۽ انهيءَ جي پيدائش سندن
بزرگ اولاد کي ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن حصو مقرر نه
ڪندا آهن ته گهڻو ڪري انهيءَ پوک تي ڪانه ڪا آفت
ايندي آهي. [140]
خواجه علي ني تاز جو احوال
ڪرامتن جي صاحب هو ۽ ڪندڪان ۾ آراميل آهي، کيس ني
تاز انهيءَ ڪري چوندا آهن، جو هڪ ڏينهن ڪاني تي
سوار ٿي ڪنهن جاءِ تي وڃي مهمان ٿيو ۽ گهر جي مالڪ
کي چيائين ته هن گهوڙي کي داڻو ڏي. گهرجي مالڪ
چرچي طور اهو ان جي ڀانڊي ۾ کڻي ڦٽو ڪيو. صبح جو
ڏٺائين ته ڀانڊو خالي پيو آهي ۽ انهيءَ ۾ گهڻي لڏ
پيئي آهي.
خواجه علي نيشا پوريءَ جو احوال
وڏن اوليائن مان آهي ۽ گهڻين ڪرامتن جو مالڪ هو.
هڪ ڏينهن قنڌار جا بزرگ ڪي سوار ۽ ڪي پيادا سندن
ديدار لاءِ ويا ته پاڻ ڀت تي سوار ٿي انهن بزرگن
جي استقبال لاءِ آيا، ۽ اچي سانن ملاقات ڪيائون،
اها ڀت اڄ تائين بيٺي آهي.
خواجه ايوب انصاريءَ جو احوال
چون ٿا ته خواجه عبدالله انصاري جو ڀاءُ آهي، سومر
ڏينهن سندن آستاني تي گهنا ماڻهو جمع ٿيندا آهن.
پير يڪشنبهي
سندن قبر لڪ جبل جي دامن ۾ آهي، قنڌار جا گهڻا
ماڻهو آچر رات پابنديءَ سان سندن مزار تي ڏيا
ٻاريندا آهن ۽ انهيءَ موقعي تي هر آچر رات 120 ڏيا
هن بزرگ جي قبر تي ٻرندا آهن.
مرزا شاهه حسن جي ٺٽي ۾ حڪومت ڪرڻ جي شروعات ۽ ڄام فيروز جي ڀڄي وڃڻ جو
احوال
جڏهن مرزا شاهه حسن نصرپور ۾ پيءُ جي بجاءِ حڪومت
جي گاديءَ تي ويٺو [141] تڏهن سيد قاضي، شريف ۽
ٻيا مکيه ماڻهو سڀ تعريف ۽ مبارڪباديءَ جي رسمن
ادا ڪرڻ لاءِ آيل هئا، سڀني کي انعام اڪرام سان
نوازيائين، جيئن ته هيءَ ڳالهه شوال مهيني جي
پهرين تاريخ ٿي هئي، جنهن ڏينهن عيد سعيد جي اچڻ
جي پڻ بشارت ملي رهي هئي، تنهن ڪري سڀني اميرن ۽
وزيرن عرض گذاريو ته توهان جي سڳوري نالي سان خطبو
پڙهڻ زياده مناسب ڏسڻ ۾ ٿو اچي، هيءَ ڳالهه ٻڌڻ
سان ڏکي سمجهي زبان سان استغفار پڙهائين ۽ چيائين
ته جيستائين صاحبقرآن جي اولاد مان ڪوبه ماڻهو
موجود هوندو تيستائين اسان کي اهو حق نه آهي، تنهن
تي خطبو حضرت ظهير السلطنت و الخلافت محمد بابر
بادشاهه جي نالي تي پڙهيائون، پاڻ عيد جا ڏينهن
اتي گذاري ٺٽي روانو ٿيو، ڄام فيروز حافظ رشيد
خوشنويس ۽ قاضي حاجي مفتيءَ کي هديا ۽ سوکڙيون
ڏيئي خدمت ۾ موڪلي افسوس ظاهر ڪيو ۽ عاجزي ۽ نياز
سان تقصير جي معافي گهريائين. ليڪن ايلچين خلوت ۾
ظاهر ڪيو ته ڄام فيروز ظاهر ۾ ته اهڙي قسم جو عرض
ڪيو آهي، ليڪن باطن ۾ سندس مقصد ٻيو آهي، ۽
لڙائيءَ جا اواز ۽ جنگ جا هٿيار جمع ڪري جنگ ڪرڻ
جو ارادو اٿس.
مرزا شاهه حسن قاصدن کي موٽڻ جي اجازت ڏيئي پاڻ
منزل به منزل پنڌ ڪندو رهيو. ڄام فيروز جڏهن لشڪر
کان واقف ٿيو، تڏهن مقابلي جي طاقت ۽ لڙائيءَ جو
تاب نه ساري، ڀڄي وڃڻ کي ترجيح ڏيئي ٿوري وقت ۾
ٺٽي جو شهر خالي ڪري درياهه جي هن ڀر لنگهي ويو.
مرزا شاهه حسن لشڪر کي درياهه ٽپي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ
جو حڪم فرمايو. لشڪر جي درياهه ٽپڻ وقت ماڻڪ وزير
۽ ڄام فيروز جي ناٺي شيخ ابراهيم ڪجهه لشڪر جي
درياهه ٽپڻ وقت ماڻڪ وزير ۽ ڄار فيروز جي ناٺي شيخ
ابراهيم ڪجهه لشڪر ساڻ وٺي، سامهون اچي دنگيون
(دارون جون) کوليون ۽ توبچين ۽ تير اندازن سانڀريل
ڪي ٻيڙيون رستي جي منهن تي آڻي روڪڻ لڳا. ايتري ۾
بهادرن ۽ جنگي تجربي رکندڙن جوانن جي هڪ ٽولي
دشمنن کي سامهون ٿي کين درياهه جي رستي عدم ڏانهن
[142] اماڻي ڇڏيو. ڄام فيروز نااميد ۽ ناڪام ٿي ڪڇ
ولايت ڏانهن هليو ويو، جتي ڪجهه وقت رهي، ڪڇي
ماڻهن جو لشڪر تيار ڪندو رهيو.
مرزا شاهه حسن جي متوجهه ٿيڻ ۽ ڄام فيروز جي شڪست جو احوال
ڄام فيروز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ ۾ پهچي اٽڪل
پنجاهه هزار ماڻهو سوار ۽ پيادا گڏ ڪري لڙائيءَ
لاءِ تيار ٿيو ۽ ٺٽي جي ولايت ۾ شور ۽ زلزلو پيو.
امير محمد مسڪين ترخان، مير فرخ، سلطان قلي بيگ ۽
ٻين اميرن انهيءَ ئي وقت مرزا شاهه حسن جي خدمت ۾
حاضر ٿي واقعي جي صورت بيان ڪئي. مرزا شاهه حسن جي
خدمت ۾ حاضر ٿي واقعي جي صورت بيان ڪئي. مرزا شاهه
حسن ڪجهه لشڪر ٺٽي موڪلي، شهر کي مضبوط ڪري، پاڻ
دشمن دفع ڪرڻ لاءِ متوجهه ٿيو ۽ درياهه ٽپي،
منزلون ڪندو ڄام فيروز ڏانهن ويو. انهن حدن کي
ويجهو ٿيو ته لشڪر کي ترتيب ڏيئي اڳتي وڌيو، اوچتو
اڳيان مخالفن جو لشڪر ظاهر ٿيو. انهن ماڻهن جڏهن
مغلن جو لشڪر ڏٺو ته سڀني هڪدم گهوڙن تان لهي، مٿن
تان پڳون لاهي، چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان ٻڌي،
جنگ شروع ڪئي. سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جو اهو قاعدو
آهي ته جڏهن پاڻ ڪسڻ جو فيصلو ڪندا آهن تڏهن گهوڙن
تان لهي، مٿا اگهاڙا ڪري، چادرون ۽ ڪمربند هڪٻئي
سان ٻڌندا آهن. مرزا شاهه حسن اها حالت ڏسي اميرن
کي فتح جي مبارڪ ڏني، ۽ سپاهين کي تير و ڪمان هٿ ۾
کڻڻ جو ارشاد ڪري پاڻ گهوڙي تان لهي، وضو ساري ٻه
رڪعتون نماز پڙهي دعا لاءِ هٿ کڻي فتح ۽ ڪاميابيءَ
واسطي التجا ڪئي. بس گويا ڪ دعا جو تير وڃي قبوليت
جي نشان کي لڳو. پاڻ هڪدم گهوڙي تي سوار ٿيو ۽
اميرن ۽ سپاهين، تراريون ڪڍي، تيزيءَ سان حملو ڪري
ٻئي طرف جي لشڪر ۾ زلزلو وڌو. قصو مختصر ته صبح
کان شام تائين لڙائي جاري رهي، ۽ اٽڪل [43] ويهه
هزار ماڻهو ميدان ۾ ڪم آيا. ڄام فيروز ناڪام ۽
ذليل ٿي گجرات هليو ويو ۽ ملڪ الموت سان ملاقات
ڪرڻ تائين گجرات ۾ ئي رهيو.
مرزا شاهه حسن ٽي ڏينهن اتي منزل ڪري غنيمت جو
مال، گهوڙا ۽ سامان جيڪو هٿ آيو هوس سو پنهنجي
ماڻهن کي ورهائي ڏنو ۽ وڏن اميرن کي قسمين قسمين
انعام اڪرام سان نوازيو. اتان موٽي ٺٽي ۾ منزل ڪري
فتح ۽ ڪاميابيءَ سان تغلق آباد ۾ ساڪن ٿيو. ڇهن
مهينن کان پوءِ هالا ڪنڊي (هالن) جي رستي کان
منزلون ڪندو بکر روانو ٿيو. جڏهن سيوستان جي
سامهون پهتو ته سيوستان جا امير فتح جي مبارڪ ڏيڻ
آيا ۽ تحفا پيش ڪيائون. آخر سيوستان جا امير ۽
سرڪاري ڪامورا اجازت حاصل ڪري موٽي ويا. سهتا ۽
درٻيلي جا ماڻهو پڻ استقبال ڪري سيوستان ۾ خدمت ۾
حاضر ٿيا. انهيءَ ڏينهن درٻيلو مير فرخ کي عطا ڪري
پاڻ شڪار ڪندو بکر کان ٽن ڪوهن پنڌ تي ٻٻرلوءِ ۾
اچي لٿو. اميرن وزيرن ۽ مکيه ماڻهن استقبال تي اچي
مرزا شاهه حسن جي حاضري ڏني. مرزا بکر جي ماڻهن تي
ڏاڍو توجهه فرمائي کين انعام، اڪرام سان نوازيو.
انهيءَ ئي سال شيخ ميرڪ پوراني قنڌار کان سنڌ
تشريف فرما ٿيو ۽ ٻئي سال شاهه قطب الدين ولد شاهه
طيب هرات کان بکر ۾ اچي مرزا شاهه حسن سان ملاقات
ڪئي.
مرزا شاهه حسن جي حڪومت ۽ ڏهر ماڻهن جي قيد ٿيڻ جو
احوال
سن 928هه جي شروعات ۾ مرزا شاهه حسن کي خبر پهتي
ته اٻاوڙي ۽ ڀٽي واهڻ جا ڏهر، ماڇي وغيره هميشه
ماٿيلي پرڳڻي هي رهاڪن ۽ مهر رعيت سان ايذاءُ ڪندا
ٿا رهن تنهن ڪري مير فاضل ڪوڪلتاش جي فرزندا ارشد
بابا احمد کي فوج ساڻ ڏيئي انهيءَ جماعت جي سيکت
ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيائين. هو پڻ سپاهي تيار ڪري، ڀٽي
واهڻ ۽ اوٻاوڙي جي آسپاس تي حملو ڪري، [144] موٽي
ماٿيلي جي قلعي ۾ آيو. ڏهرن، سيورائي، جي رهاڪو
بلوچن کي کڙو ڪيو ته مغل دست درازي ڪري مال ۽
جانور ڪاهي ويا آهن، جيستائين توهان اڳرائي نه
ڪندا تيستائين هو هميشه ائين ڪندا رهندا. سيورائي
جي بلوچن ماڻهو گڏ ڪري مهرن تي ڪاهيو، بابا احمد
کي خبر معلوم ٿي ته سندن پٺيان پيو. اٻاوڙي جي
سامهون مقابلو ٿيو ۽ جنگ لڳي نيٺ بلوچن شڪست کاڌي
۽ گهڻا ماڻهو قتل ٿي ويا. ڏهرن مان ڪي هٿ ڪري قيد
ڪيائون. مرزا شاهه حسن پڻ هڪ فوج بلوچن تي حملي
ڪرڻ لاءِ، ڪندي ۽ وتر تائين موڪلي هئي، تن پڻ
بلوچن کي سيکت ڏئين موٽن قوت اٻاوڙي سان تعلق
رکندڙن ماڇين مان ڪن کي قتل ۽ گهڻن کي قيد ڪري چڱي
گوشمالي ڏني.
[آخر هنن] ماڻهن نذراني طور ڏنا ۽ بابا احمد کي سک پڻ ڏنائون.
بابا احمد اٻاوڙو پنهنجي قبضي هيٺ آندو.
اتان دلجاءِ ڪري ٿورو لشڪر اتي ڇڏي بکر موٽڙي آيو.
پاڻيءَ جي اٿل جي موسم ۾ مرزا جي سرڪار جا اٺ جيڪي
ڏهرن ۽ محمد فراش مهر جي نگرانيءَ هيٺ ماٿيلي جي
ويجهو چرندا هئا، تن جي خبر سيورائيءَ جي بلوچن ۽
ديراور. فتحپور ۽ آسپاس جي رهندڙ جتن کي پيئي ته
لشڪر گڏ ڪري، اچي مرزا جا اٺ ڪاهيائون. هيءَ خبر
بکر ۾ پهتي ته بابا احمد ٽي سؤ سوار وٺي يلغار ڪري
وڃي ديراور پهتو ۽ انهن مان گهڻن کي قتل ڪري اُٺ
موٽايو ٿي آيو، جڏهن ڀٽي واهڻ وٽ پهتو ته سيورائي
جي بلوچن ۽ مهرن گڏ ٿي اچي رستو جهليو. سخت لڙائي
ٿي، نيٺ بابا احمد سخت گهاءَ کائي انهيءَ لڙائي
مان بچي نڪت پر جڏهن ماٿيلي جي حد ۾ پهتو تڏهن
گهوڙي تان ڪري پيو ۽ سندن ساهه جو پکي پرواز ڪري
ويو. [145]
مير فاضل جو پٽ مير عبدالفتاح ڀاءُ جي فوت ٿيڻ جي
خبر ٻڌي بيتاب ٿي ويو ۽ مرزا شاهه حس کان اجازت
ورتائين، جنهن صورت ۾ مير قاسم ڪپنڪ پوش سان سندس
داماديءَ جي نسبت هئي، تنهن ڪري مرزا شاهه حسن مير
قاسم کي به حڪم ڪيو ته هو پڻ پنهنجي ماڻهن سميت
وڃي، متان مير عبدالفتاح ڇوڪراڻي ڪري، مير
عبدالفتاح مير قاسم سان اتي پهچي ڀاءَ جو لاش بکر
موڪليو ۽ پاڻ مير قاسم جي صلاح سان ٿورو وقت ررسي
وجهه ڳوليندو رهيو. هڪ ڏينهن رحمو ڏهر جي گهوڙنت ي
سوار ٿي بلوچن ۽ ٻين ماڻهن جي هڪ وڏي جماعت قتل
ڪري مئو جي حد تائين پهچي عجيب لڙائي ڪيائين، جنهن
۾ ٻروچن شڪست کاڌي، آخر ڏهرن کي وچ ۾ آڻي صلح
ڪيائون ۽ فيصلو ٿيو ته ڀٽي واهڻ کان سنڌ جي حد
مقرر ٿيندي. مير عبدالفتاح ڪجهه وقت ڀٽي واهڻ ۾
ترسي پيو ۽ پنهنجي ڀائٽي مير محمد عليءَ کي به پاڻ
سان اتي رکيائين. آخر هڪ رات خبر آئي ته بلوچ
اوٻاوڙي جو چوپايو مال ڪاهي ويا. مير عبدالفتاح
گهر مان هٿيار پهري نڪتو جيئن ته هوا نهايت گرم
هئي، تنهن ڪري ٿورو رستو هليو ئي ڪين ته سندس
طبيعت تي گرميءَ عجيب قسم جو غلبو ڪيو. اهڙو جو
گهر آڻڻ تائين وس کان نڪري ويو.
هنن ٻن حادثن کانپوءِ سن 930هه ۾ مرزا شاهه حسن
ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو ڪري سڀني اميرن ۽ سپاهين
کي ٻه سالي لشڪر تيار ڪرڻ جو حڪم ڪيو.
هن ارادي جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪن واقعن جو احوال
جڏهن مرزا شاهه حسن ولايت ملتان جو پڪو ارادو
پنهنجي سامهون رکيو، تڏهن پهريائين ارغون، تڪدر ۽
هزاري جي انهن ماڻهن جي دغذغي کان فارغ ٿيڻ
چاهيائين، جيڪي سيوي جي ملڪ ۾ ٻارن ٻچن سان رهندا
هئا، تنهن ڪري هڪ هزار سوار ساڻ ڪري يلغارون ڪندو.
هڪ هفتي جي عرصي ۾ سيويءَ ۾ پهچي، سيويءَ جي قلعي
جي مرمت فرمائي، [146] پنهنجن ڀروسي جوڳن ماڻهن جي
حوالي ڪري اتي جي دلجاءِ ڪيائين. موٽندي لهري ۽
چترجي رستي کان روانو ٿي رندن ۽ بگٽي ٻروچن تي
ڪاهي انهن کي قيد ڪري تابعدار ڪيائين. نيٺ قيد ٿيل
ٽوليءَ کي انجامن ۽ شرطن تي انهن جي حوالي ڪري
وڏيرن ۽ سردارن کي پاڻ سان بکر وٺي آيو.
جڏهن عاليجاهه ظهير السلطنت والخلافت محمد بابر
بادشاهه جي هندستان تي چڙهائي ڪرڻ جي خبر مشهور
ٿي، تڏهن مرزا شاهه حسن ايلچين هٿان لائق تحفا
بادشاهه جي درگاهه ۾ عرض رکيا، جيئن ته جنهن وقت
مرزا شاهه حسن بادشاهه جي خدمت ۾ رهندو هو، تن
ڏينهن ۾ شاهي سرڪار جي وڪيل ۽ بيگي ديوان مير خليفي
سان خصوصي ۽ داماديءَ جي تعلق جو سلسلو چوريون
هئائين ۽ اهو عرض قبول جو شرف حاصل ڪري چڪو هو.
تنهن ڪري انهيءَ تعلق جي نئين ۽ مضبوط ڪرڻ خاطر
عبدالباقيءَ جي ڏاڏي مسمات شاهه سلطاني، جا سيد
جعفر جي اولاد مان هئي، کي پڻ فردوس مڪاني ظهير
السلطنت جي خدمت ۾ موڪلي انهيءَ مقصد جو عرض
ڪيائين،حضرت جنت آشياني وسيلو بنجي مير خليفي جي
نياڻي گلبرگ بيگم مرزا شاهه حسن جي نڪاح ۾ آڻي،
مير خليفي جي ننڍي پٽ حسام الدين ميرڪ سان گڏي بکر
موڪلي، مرزا شاهه حسن شادي ڪري بيگم گهر ۾ آندي ۽
پاٽ ۽ باغبان جو پرڳڻو مهمانيءَ طور مير حسام
الدين ميرڪ جي حوالي ڪري پاڻ ملتان فتح ڪرڻ لاءِ
روانو ٿيو. حضرت بابر بادشاهه انهيءَ نسبت جو خيال
رکي، جو خيال رکي، ماهه بيگم جي نياڻي ناهيد بيگم
جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي آيو آهي، ته کيس ڪابل ۾ ننڍڙي
ڇڏي ماهه بيگم قنڌار آئي هئي، تنهنجو ميلاپ مير
خليفي جي پٽ محب علي خان سان ڪيو، جيئن ٻنهي طرفن
کان لاڳاپا مضبوط ٿين.
مخفي نه رهي ته ملتان جو احوال ابتداءِ اسلام جي
زماني کان جيئن محمد بن قاسم ثقفي، حجاج بن يوسف
ثقفيءَ جي زماني ۾ فتح ڪيو هو، مٿي گذري آيو آهي.
[147] جڏهن کان سلطان محمود غازي ملحدن جي هٿ مان
کسي پنهنجي هٿ ۾ آندو تنهن کانپوءِ ڪيتري مدت
تائين سندن اولاد جي تصرف هيٺ رهيو. غزنوين جي
حڪومت ختم ٿيڻ تي ملتان وري قرمين جي قبضي ۾ آيو
جن کان سلطان معزالدين محمد سام وٺي پنهنجي قبضي
ڪيو ۽ سن 847هه تائين دهليءَ جي بادشاهن جي قبضي ۾
رهيو. مٿئين سال کان هندستان ۾ طوائف الملوڪي پيدا
ٿي ته ملتان جو حاڪم خود مختيار ٿي ويو. ملتان
دهليءَ جي سلطان جي قبصي مان نڪري ويو ۽ هڪ ٻئي جي
پٺيان ڪيترن ماڻهن مٿس حڪومت ڪئي. شيخ يوسف قريب
ٻه سال، سلطان قطب الدين پنڌرنهن سال، سلطان حسين
ولد سلطان قطب الدين 34 سال، سلطان محمود 27 سال،
سلطان فيروز بن سلطان محمود ٿورن مهينن کان زياده
حڪومت ڪانه ڪئي ۽ انهيءَ کان پوءِ سلطان هسين تخت
تي ويٺو.
سن 847هه ۾ جڏهن دهلي جي بادشاهيءَ ۽ حڪومت جي
نوبت سلطان علاؤالدين بن محمد شاهه بن فريد شاهه
بن مبارڪ شاهه بن خضر خان تائين پهتي، تڏهن حڪومت
جو انتظام هيٺ مٿي ويو، ۽ هندستان ۾ طوائف الملوڪي
شروع ٿي، انهيءَ عرصي ۾ مغلن جي لاڳيتن حملن جي
صدمي ڪري ملتان جي ولايت حاڪم کان خالي رهجي ويئي،
۽ جيئن ته شيخ الطريقت حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا
ملتاني قدس سرهه جي بزرگي، ملتان ۽ آسپاس جي اڪثر
زميندارن جي دلين ۾ ويٺل هئي، تنهن ڪري اتي جي
اڪثر عام خاص رهاڪن ۽ مکيه ماڻهن، خانقاه جي
سنڀاليندڙ شيخ يوسف قريشيءَ کي بادشاهه تسليم ڪري،
ملتان، اُچ ۽ ڪن ٻين ڳوٺن جي منبرن تي سندس نالي
خطبو پڙهيو ۽ مٿيون بزرگ پاڻ به حڪومت جون واڳون
سنڀالي لشڪر ۽ ماڻهو وڌائڻ کي لڳي ويو ۽ زميندارن
جون دليون هٿ ڪري ملڪ جي ڪاروبار جي رونق
وڌايائين.
اتفاقن هڪ ڏينهن لانگاهن جي سردار رائي سهره، جنهن
جي هٿ ۾ رپڙيءَ تائين ۽ ان جي آسپاس جا ڳوٺ هئا،
شيخ يوسف ڏانهن پيغام موڪليو ته ”جنهن صورت ۾ اسان
ابي ڏاڏي کان [148] توهان جي سلسلي جا معتقد ۽
مريد آهيون، ۽ دهليءَ جي حڪومت فتني فساد کان خالي
نه آهي، ۽ چون ٿا ته ملڪ بهلول دهليءَ تي متصرف ٿي
خطبو پنهنجي نالي پڙهڻ لڳو آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن
توهان لانگاهن ڏانهن اڳي کان گهڻو توجهه ڪندا ۽
اسان کي پنهنجي لشڪر مان ڪري ڳڻيندا ته جڏهن ڪابه
مشڪل يا ضرورت پيش ايندي ته اسان ساهه قربان ڪرڻ ۾
دير نه ڪنداسون، ۽ بالفعل پنهنجي جان نثاري جي
ارادي کي مضبوط ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسون. ۽ بالفعل
پنهنجي جان نثاري جي اراادي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ،
پنهنجي نياڻي توهان جي حوالي ڪريان ٿو ۽ توهان کي
ناٺي ڪري قبول ڪريان ٿو. شيخ هيءَ خبر ٻڌي خوش ٿيو
۽ رائي سهره جي نياڻي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين. هو
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي نياڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ رپڙيءَ کان
ملتان ايندو هو ۽ لائق تحفا شيخ جي خدمت ۾ پيش
ڪندو هو، شيخ احتياد خاطر راءِ سهره کي ملتان شهر
۾ منزل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. ۽ هو پڻ ملتان
کان ٻاهر منزل ڪري اڪيلو نياڻيءَ کي ڏسڻ ويندو هو.
هڪ دفعي پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري ملتان روانو ٿيو ۽
مڪر ۽ حيلي سان شيخ يوسف کي قيد ڪري ملتان جو حڪم
ٿيڻ گهريائين. ملتان جي آسپاس پهچڻ سان شيخ يوسف
ڏانهن پيغام موڪليائين، ته هن دفعي سڀ لانگاهه پاڻ
سان آندا اٿم انهيءَ لاءِ ته منهنجي جمعيت ڏسي
انهيءَ لائق خدمت منهنجي حوالي ڪريو. ٻالي ڀولي
شيخ يوسف زماني جي مڪاريءَ کان غافل ٿي، مهرباني
سان سندس استقبال ڪيو. راءِ سهره سپاهين ۽ اسباب
ڏيکارڻ کان پوءِ هڪ رات نوڪر ساڻ ڪري پنهنجي
نياڻيءَ جي ملاقات لاءِ آيو ۽ نوڪر کي سمجهائي
ڇڏيو هئائين ته گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڇيلو ڪهي گرم رت
پيالي ۾ وجهي، کڻي اچج، خدمتگار هي حڪم بجاءِ آندو
ته راءِ سهره رت جو پيالو پي ڇڏيو ۽ ٿوري وقت کان
پوءِ پيٽ ۾ سور جون دانهون ڪرڻ لڳو. سندس دانهون ۽
ڪوڪون هر گهڙيءَ زياده ٿيڻ لڳيون. اڌ رات جي قريب
شيخ يوسف جي وڪلين کي وصيت جي ارادي حاضر ڪرائي
سندن، سامهون رت جي قيءَ ڪيائين ۽ وصيت هلندي جنهن
سان گڏ، [149] دانهون ۽ ڪوڪون به ڪندو ٿي رهيو.
پنهنجي شهر کان ٻاهر رهيلن مٽن مائٽن کي موڪلائيءَ
لاءِ گهرايائين. شيخ يوسف جي وڪلين راءِ سهره جي
حالت خراب ڏٺي تنهن ڪري سندس مائٽن ۽ نوڪري جي
اندر اچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي روڪ ڪا نه ڪيائون. جڏهن
سندس اڪثر ماڻهو قلعي ۾ پهچي چڪا، تڏهن حڪومت هٿ
ڪرڻ جو اردو دل ۾ رکي، بيماريءَ جي بستري تان مٿو
مٿي کڻي پنهنجن اعتماد جوڳن نوڪرن کي قلعي جي چئني
دروازن جي نگراني تي مقرر ڪيائين، جيئن شيخ يوسف
جي نڪرن کي قلعي مان وچ واري محل ڏانهن وڃڻ نه
ڇڏين. پوءِ شيخ جي خلور گاهه ۾ اچي شيخ کي هٿ ڪري
نيڪالي ڏنائين، شيخ دهليءَ هليو ويو ۽ راءِ سهره
پاڻ کي ”سلطان قطب الدين“ جو لقب ڏئيي پنهنجي نالي
خطبو پڙهيو.
مرزا شاهه حسن جي لانگاهن کي دفع ڪرڻ ڏانهن توجهه ڪرڻ جو احوال
سن 931هه ۾ مرزا شاهه حسن ملتان فتح ڪرڻ لاءِ
روانو ٿيو. سيورائي جي قلعي کي قريب پهچي ڦرلٽ شرع
ڪيائون ۽ مخالفن مان جنهن کي به ڏٺائون ٿي تنهن کي
قتل ڪيائون ٿي. سيورائي قلعي ۾ رهندڙ بلوچ هيءَ
خبر ٻڌي گهڻا اُچ ڀڄي ويا ۽ ڪن ٿورن قلعي اندر
قلعي بند ٿي ويهڻ ڏپسند ڪيو. اهو قلعٿو سڀني قلعن
کان وڌيڪ مضبوط ۽ بلند هو. مرزا شاهه حسن هڪ ڍنڍ
تي اچي لٿو ۽ سلطان محمود بکري قلعي ڏانهن يلغار
ڪري قلعي جي آسپاس رهندڙ بلوچن جي فوج پهتو ۽
لڙائي ڳنڍيائين. انهيءَ ڏينهن سلطان محمود خان سان
فقط اسي سوار ساڻ هئا، راقم الحروف سلطان محمود
خان کان ٻڌو ته سيورائي جي لڙائي واري ڏينهن، سندس
ترار جي ڌڪ سان ٽيهه ماڻهو قتل ٿيا هئا، ٻين بهارن
پڻ انهيءَ لڙائي ۾ بهادريءَ [150] جا جوهر ڏيکاري
دشمنن جا ٻه سؤ ماڻهو برباد ڪيا، باقي ٻيا بلوچ
اها حالت ڏسي ميدان مان نڪري ويا. صبح جو جڏهن
هيءَ خبر مرزا شاهه حسن کي پهتي تڌهن عام مجلس ۾
سلطان محمود خان کي ڏاڍي آفرين ۽ شاباش ڏنائين. پر
خلوت ۾ گهرائي کيس پنهنجي هٿ سان ٽي لڪڻ هڻي ملامت
ڪيائين، ته ههڙي تڪڙ ۽ بي پرواهي چڱي نه آهي. ٻئي
ڏينهن منزل پٽي سيورائي جي قلعي جي لڳو لڳ وڃي لٿو
۽ قلعي کي ويران ڪرڻ جو حڪم ڪيائين، جنهن تي اهڙو
قلعو هڪ هفتي اندر زمين سان برابر ڪري ڇڏيائون،
تنهن کان پوءِ مؤ جي قلعي ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ مؤ
جي ڀرسان جيڪا ڍنڍ آهي انهيءَ تي منزل انداز ٿيو،
اتي قدوت العارفين مرشد الطالبين شيخ روح الله
فرزند ارجمند قطب المحققين غوث الواسلين، شيخ حماد
قريشي، جو مؤ جو هڪ بزرگ تين ولي هو جنهن جي مزار
پرانوار مخلوق جي زيارتگاهه آهي. مرزا جي ملاقات
جوسرف حاصل ڪري قلعي وارن جي عاجزي ۽ پريشاني بيان
فرمائي. مرزا مسڪين ترخان کي حڪم فرمايو، ته ”ڪجهه
ماڻهو ساڻ ڪري قلعي ۾ وڃي اتي جيڪو زخيرو هجي، سو
نظر مان ڪڍي. لانگاهن ۽ بلوچن مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو
اندر هجي ته انهيءَ کي ٻاهر ڪڍي اچن ۽ جنهن ماڻهو
شيخ حماد جي خانقاهه ۾ پناهه ورتي هجي، تنهن کي
تڪليف مطلقا نه ڏني وڃي“ هنن انهيءَ جماعت کي ڇڏي
باقي سپاهين جا ٽولا جيڪو قلعي ۾ هئا تن سڀني کي
پڪڙي اچي مرزا جي خدمت م حاضر ڪيو. مرزا شاهه حسن
ٻٽي ڏينهن قلعي جي ٻاهران رهي قلعي ۾ اندر ويو ۽
مشائخ ڪرام جي زيارت کان مشرف ٿي مؤ جي پيرن کان
انجام ورتو ته اسان جي جيڪي به ماڻهو ايندا ويندا،
تن سان کونئس نه ڪندا ۽ مخالفن کي پاڻ وٽ پناهه نه
ڏيندا. ان کان پوءِ شيخ روح الله رحمو ڏهر جي
گناهه معاف ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي. مرزا فرمايو ته
اهو ڄاڻي ۽ سلطان محمود خان ڄاڻي، ڇاڪاڻ ته سندس
ٻه ڀائر انهن ماڻهن ڪري نقصان ٿيا آهن. [151] آخر
هن جي حاضر ٿيڻ ۾ مصلحت سمهجي کيس گهرايائون ۽ هو
تلوار ڪنڌ ۾ وجهي حاضر ٿيو. سلطان محمود خان
بکريءَ هن جو گناهه بخشيو هن پنهنجي گناهه معاف
ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڀائٽيءَ بنسبت عرض ڪيو ته
حرمسراءِ جي نوڪريانين ۾ شامل ڪئي وڃي. اهو عرض به
قبول ٿيو، ۽ ڄام جيون ڏهر جي ڀيڻ سلطان محمود خان
جي حوالي ڪيائون. مؤ جي قلعي ۾ محب ترخان کي محافظ
دستي طور مقرر فرمائي پنجن سون سوارن سان اڳ ۾
روانو ڪري پاڻ پيٺيان منزل پٽي وڃي ”لاڙ“ جي سرحد
جي ويجهو لٿو. انهيءَ منزل تي ملتان جي هڪ بهادر
ڏهي بندهه نالي اچي، خدمت جو شرف حاصل ڪيو، کيس
سروپاءِ ۽ انعام سان نواري، سلطان محمود جي حوالي
ڪيائين ۽ اتان سڌو اُچ ڏانهن روانا ٿيا.
|